(1) آکاڻي گدڙ ۽
ڊاک جي
هڪڙو بُکايل گدڙ، گهمندي گهمندي، اوچتو ئي ڪنهن ڊاک کي مَنهه
هيٺ اَچي سهڙيو. اُتي جان کڻي مٿي نهاري، ته ڇا
ڏسي جو سَهڻا ۽ عمدا ڊاک ڇا ڇُڳا پيا لُڏن ۽
لَٽڪن! ڀانيائين ته ٽپو ڏيئي ڇِنِي کاوان؛ پر ڊاک
جو مَنهن جو تمام مٿي هو، سو هيءُ ٽپا ڏيئي ٿڪجي
پيو، پر هڪڙو
ڇُڳو به نه مليس، نيٺ چوڻ لڳو ته ”جنهن کي وڻي سو
وڃي ڇني کائي، مون کي ڪين گهرجن؛ ڇا کون ته کَٽا
آهن!“
نصيحت:- گهڻا اهڙا ماڻهو آهن، ته جڏهن ڪنهن شيءِ جي واسطي ڪوشش
گهڻي ڪندا آهن، پوءِ جي هٿ نه لڳندي اَٿن، ته
ڀائين جو ڦِڪا نه ٿيون، تنهن لاءِ چوندا آهن ته
”اسان کي هن شيءِ جي گهُرج ئي ڪانهي: ڇا ڪبِي، ڪم
جي ڪين اهي، ملي، ته به نه وٺون!“ تنهن تي سنڌيءَ
واري چيو آهي ته ”گدڙ ڊاک نه پُڄي، آکي ٿُو کٽا“.
پر، سياڻن ماڻهن جو ڪم اِهو نه آهي: اُنهن کي کپي
ته جنهن ڪم ۾ هٿ وجهن، سو جيتوڻي پورو نه ٿئي ته
به اُن جي گلا نه ڪن.
(2) آکاڻي سرڻ ۽ ڪبوترن جي
هڪڙي سِرڻ، ڪيترا ڏهاڙا ڪبوترن جي کُڏين وٽان لنگهيو، اُنهن تي
جهَٽَ پيئي هڻندي هئي، پر ڪبوتر اهڙا ڦُڙت هوندا
هئا، جو هڪڙي به وٺڻ نه ڏنس، نيٺ هڪڙي ڏينهن، وجهه
ڏسي، منهن ڪري ڪبوترن کي چوڻ لڳي ته ”ننهنجي نيت
صفا ۽ نياءَ واري اَٿَو، ۽ پڻ اوهان جي رک ۽ سنڀال
ڌاران ٻي منهنجي من جي ڪا مراد نه آهي- ۽ هاڻي هن
ڳالهه جو مون کي ڏاڍو فڪر آهي، جو اوهين ٻَهريَن
لوڪن جي ڪاهه کان ته گهڻو ڊڄ ۽ ڀرم ٿا رکو، پر
سڀني کان واڌو ڀوءُ مون کان ته اوهان کي اجايو ۽
بي سبب آهي: جي آءٌ پنهنجيءَ تي اچان، ته هٿيارن
جي زور سان، اوهان جو جيڪو جوڙجڪ آهي سو ڀڃي، ظلم
سان پنهنجو حڪم هلايان، پر اِنهيءَ بڇڙائيءَ کان
پاڻ پلڻ لاءِ، ۽ اوهان جي من جي سک خاطر، مناسب
آهي ته اوهان سان اهڙو پرچاءُ ڪريان، جو سدائين
پاڻ ۾ خوش پيا گذاريون: تنهن ۾ چڱي پَر پرچاءَ جي
هيءَ آهي، ته اوهين مون کي پنهنجو ”بادشاهه“ ڪري
مڃو، ۽ آءٌ اوهان تي حڪومت هلايان!“ ويچارن ڪبوترن
اها ڳالهه قبول ڪئي. پوءِ ”بادشاهه“ پنهنجي
راجائيءَ جو ڪوڙو قسم کنيو، ۽ ڪبوترن پنهنجي پاران
نمڪ حلاليءَ ۽ سچائي جو سُنهن کنيو. ٿورن ڏينهن
کان پوءِ، بُکيءَ سرڻ ڊوهه ڪري چين ته ”بادشاهه کي
حق آهي جو جڏهن وڻيس، تڏهن هڪڙو ڪبوتر کائي.“
پوءِ اها واٽ هلائي، پنهنجن ٻارن ٻچن کي به سکياريائين ته اوهين
به ائين ڪندا رهو!“ تڏهن ڪبوترن اها آفت ڏسي پاڻ ۾
چيو ته ”واهه واهه! اسين انهيءَ جُٺ جا جوڳا
آهيون، پر اها اسان پاڻ سان پاڻهي ڪئي، جو هن کي
پنهنجي پاٿاريءَ ۾ کڏيوسون!“
نصيحت:- انهيءَ طرح گهڻا ماڻهو به پنهنجن ويرين جي مٺين ڳالهين
تي لڳيو، هنن کي کنيو پاڻ وٽ جاءِ ڏين. پوءِ، ويري
جڏهن وجهه ڏسيو اچيو سوڙهو جهلينن، تڏهن پيا
اَفسوس کائن ته ”هاءِ هاءِ“ اسان ڇو هن کي پاڻ وٽ
آندو!“ بس، ”پنهنجي ڪئي جي نڪو ويڄ نڪو طبيب“-
جيئن فارسيءَ واري چيو آهي:
”خود گردني را علاجي نيست!“- تنهن ۾ مناسب آهي ته ويريءَ جي
دڙڪي ڀر نه ڊٻجي، ۽ نه اُن جي مٺين ڳالهين ۽ ڪوڙن
سُنهن تي ويساهه رکي، اُن کي پاڻ وٽ جاءِ ڏجي، نه
ته جي ڪنهن مهل اُهو ويري سرڻ وانگي اَچي سوڙهو
جهلنيدو، ته پوءِ ڪبوترن وانگيان پڇتائڻ منجهان ڪو
فائدو نه ٿيندو.
(3) آکاڻي لومڙ ۽ ٻڪر جي
اوچتو ئي، هڪڙو لومڙ ڪنهن کوهه ۾ ڪري پيو ۽ پنهنجي نڪرڻ ۾ ڳچ
تائين هٿ هنيائين، پر نڪري نه سگهيو، نيٺ ڪو ٻڪر
اُڃائجي پاڻي پيئڻ لاءِ اُتي آيو، ۽ لومڙ کان
پڇيائين ته ”هيءُ پاڻي چڱو آهي نه؟“ لومڙ ورندي
ڏنيس ته ”هن پاڻيءَ جي آءٌ ڪهڙي تعريف ڪريان! جهڙو
آهي سٺو، تهڙو مٺو- آءٌ ته پي پي اهڙو ڍائو آهيان،
جو ڊڄان ٿو ته ناچڱو نه ٿي پوان!“ ٻڪر جا اها
ڳالهه ٻُڌي، تنهن نڪا ڪئي هم، نڪا ڪئي تم، ٽپو
ڏيئي پيو کوهه ۾، هن جي کوهه ۾ پوڻ شرط، لومڙ،
اُنهيءَ ساعت ان جي سڱن تي چڙهي، ٽپو ڏيئي، نڪري
ٿيو ٻاهر ۽ هن ويچاري ٻڪر کي چوڻ لڳو ته ”اڙي ٻڪر!
جيڏي تنهنجي ڏاڙهي آهي، تيڏي ته تنهنجي ڏاهپ هجي
ها، ته جيڪر ٽپڻ کان اڳي ڏسين ها!“
نصيحت:- هن زماني جا ماڻهو اهڙا مطلبي آهن! جو ڀانئين ته ٻئي جو
نقصان ٿئي ته ڀلي، پر پنهنجو فائدو ڪڍي وٺون، ۽
پنهنجي نفعي لاءِ ماڻهوءَ کي اَهڙيون چَٽَون
ٻڌندا، ۽ اهڙو فائدو ڏيکاريندا، جو هو ضرور اُنهن
تي وهسي ويندو- پوءِ هو پنهنجو مطلب ڪڍي، اُن تي
بيهي کِلندا. تنهن ۾، ڏاهن ماڻهو کي کپي ته جڏهن
ڪو ماڻهو فائدو ڏيکارين، تڏهن هن جي چئي وانگر ڪرڻ
کان اَڳي، پهريائين ويچار ڪن ته ”هن ماڻهوءَ جي
پت-پرتيت ڪهڙي آهي“ ۽ جيڪي اُهو چوي ٿو سو سچ آهي
يا نه“- مگر ڏسي وائسي ڪيو وڃي کوهه ۾ پوندو، ته
پوءِ تنهن کي ڪير سهارو ڏيندو!
(4) آکاڻي بگهڙ ۽ ٻگهه پکيءَ جي
ڪنهن بگهڙ ڪنهن گهيٽي کي شڪار ڪري کاڌو هو، تنهن مان هڪڙو هڏو
نڙيءَ ۾ اَٽڪي پيو هوس. تنهن ڪري سُور جو اچي
کنيس، سو ڪُوڪڙاٽ ڪندو، جهنگن ۾ پيو گهمندو هو،
جيڪو جانور گڏبو هوس، تنهن کي نيازي ۽ نوڙت سان
چوندو هو ته ”جيڪو ڀلائي ڪري منهنجي نڙيءَ مان هڏو
ڪڍندو، تنهن کي چڱو ۽ خاصو انعام ڏيندس.“
اها ڳالهه ٻُڌي، هڪڙي ٻگهه پکيءَ انعام جي لالچ ۾ اهو ڪم
قبوليو، ۽ بگهڙ کان سُنهن کڻائي پنهنجي ڳچي ۾ ان
جي نڙيءَ ۾ لنگهائي، هڏو ڪڍي ورتائين- پوءِ انعام
گهرڻ لڳو. تڏهن هن بگهڙ اَکيون ڪڍي چيس: ”تو جهڙو
مورک ته مون دنيا ۾ ڪونه ڏٺو! اَڙي، تنهنجي ڳچي
منهنجي وات ۾ هئي، جيڪڏهن چڪ وجهي پٽي ڪڍانءِ ها،
ته جيڪر مون کي ڇا ڪرين ها؟ سو مون ائين نه ڪيو ۽
تو کي کڻي جيءَ- دان ڏنو، ته به اَڃا تون راضي نه
آهين!“.
نصيحت:- اَڄ اهڙو سمو پيو آهي، ته جيڪي لُچا لُچا ماڻهو آهن، تن
کي جڏهن اَو کي اچيو پوي، تڏهن پنهنجي مطلب لاءِ،
ٻئي کي لالچ ڏيکاريو، دلاسو ڏيو، پنهنجو ڪم ڪڍيو
وٺن؛ پوءِ ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“، وري هن کي پڇن به
ڪين! جي اُهو کڻي ڪا پنهنجي لالچ رکي، ته اُن کي
اهڙو اَچي ڳٿر کان جهلين، جو هن ويچاري کي پنهنجي
جند ڇڏائڻ مشڪل ٿيو پوي، ۽ ائين پيو چوي ته ”کَٽيو
تنهنجو گهوريو، وڇائج م مور.“
سچ آهي، ته اَڄوڪي سمي ۾ ، لُچ سان شال ڪنهن جو پَلَو نه اَڙي:
اَڙيو هجي ۽ ڇٽي پوي ته ڄاڻجي جو ”مون لک کَٽيا.“
(5) آکاڻي ٽرڙي جي
هڪڙو ڪانوءَ اهڙو ٽرڙو ۽ هٺيلو هوندو هو جو پنهنجن مائٽن کي
بڇڙو ڄاڻي، جي کنڀ مورن کان ڪِرندا هئا، سي چونڊي
پيو پنهنجن کنڀن ۾ ٽنبيندو هو. پوءِ پنهنجي دلجاءِ
ڪري، هڪڙي ڀيري مورن جي مجلس ۾ گهڙي ويو؛ تن ته
ڀلا هن کي اِنهيءَ دم سڃاتو، ۽ جيڪي مورن جا کنڀ
ٽُنبيا هئائين، سي سڀ پٽي ڪڍيائونس، ۽ پنهنجين
تکين چهنبن سان مٿس ڪاهه ڪري، جهڙيءَ جُٺ جو جوڳو
هو تهڙي ڪيائونس. پوءِ هن غمگين ۽ ڏکويل ٿي ڀانيو
ته وري وڃي پنهنجن مائٽن سان گڏ رهان، پر سندس
مائٽن کي ته سڌ هئي ته هن جي هلت هيءُ آهي: تنهن
لاءِ ڄاڻي ٻجهي هن کان منهن موڙيائون ۽ پنهنجيءَ
پنگت ۾ نه ورتائونس. انهن مان هڪڙي ڏوراپو ڏئي
ڪانو کي چيو ته ”اي ادا، جو درجو الله تو کي ڏنو
هو، تنهن ۾ جيڪڏهن خوش ٿي پنهنجن مائٽن سان گڏ
رهين ها، ته جيڪر نه مورن کان اهڙي بڇڙائي ٿئي ها،
نه اسان کان اهڙي مدائي.“
نصيحت:- هيءَ آکاڻيءَ انهن سان ٿي لڳي، جيڪي ٽرڙا ۽ هلڪا ماڻهو،
وڏن جي چلت ڏسيو،ڀائين ته ”اسين به هنن جهڙا
ٿيون“. سو پوءِ پا ڪن، جو توکان مون کان اُڌارو
قرض پکو کڻي، ڪپڙا خاصا ڪري، ٽوپي يا پڳڙي ٽِنڊ تي
رکي، وڃي اُنهن چڱن جي مجلسن ۾ ويهن؛ پر انهن وڏن
ماڻهن کان ته رتي به ڳجهي ڪانه ٿي رهي، سي انهيءَ
دم سڃاڻيو وٺنن، ۽ بيعزتو ڪري لوڌايو ڪڍنن- جئن
چيو اَٿن ته ”سهسين ڪري سينگار، ته به کودڙيءَ پُٽ
کودڙو!“ جيڪي اهڙا هلڪا ماڻهو آهن. سي انهن کي
نندي، مٿن کلندا آهن، ٻيو جن پاڻ – جهڙن شريڪن جي
سنگت ڇڏي ويندا آهن، سي پوءِ پاڻ وٽ بيهڻ به ڪين
ڏيندا اَٿن. تنهن ۾، گهرجي ته جنهن حالت ۾ ڌڻيءَ
تعاليٰ رکيو هجي، اُنهيءَ ۾ راضي رهجي.
(6) آکاڻي ماڪوڙيءَ ۽ تڏ جي
هڪڙيءَ ماڪوڙيءَ، اونهاري جي ڏينهن ۾ جو اَن گڏ ڪري رکيو هو، سو
هڪڙي ڏينهن سياري جي مند ۾، ڍِڳي ڪري، در وٽ اُس ۾
ويٺي سڪايو، ته ايتري ۾ هڪڙي تِڏ، جا بک سان ٿي
مُئي، تنهن اَچي ليلائي چيس ته ”مون کي به ٽي ڪڻا
اَن جا ڏي، ته منهنجو ساهه بچي، ۽ کائي تو کي دعا
ڪريان-اِن ۾ تو کي وڏو ثواب ٿيندو.“ ماڪوڙيءَ
ورنديءَ ۾ پڇيس ته ”اونهاري ۾ ڇا ڪندي هئينءَ!“
چيائين ته : ڪهڙيون ڳالهيون ٿي پُڇين: سڄي اونهاري
۾ اءٌ نچندي ۽ ڳائيندي ۽ خوشيون ڪندي هيس!“ تنهن
تي ماڪوڙيءَ کلي وراڻي ڏنيس ته ”جيڪي اِنهيءَ طرح
ڳائيندا ۽ موجون ماڻيندا آهن، سي نيٺ بک مرندا
آهن- تنهن ۾ ٻين جو ڇا؟“
نصيحت:- جيڪي ماڻهو جوانيءَ ۾ اَڳ-ڳڻتي ڪري پيسو ميڙي رکندا
آهن، تن کي ٻڍاپڻ ۾ ڏک نه ٿنيدو آهي: اِها ڳالهه
ظاهر آهي ته جيڪي ڪمائيندا آهن، سي انهيءَ مهل
وڃائي ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن الائجي ڇا سمجهيو
آهي؛ ڀانئين ٿا ته ”جڏهن اسان جا هٿ پير نه هلندا،
تڏهن شايد اسان جي واسطي اُڀ مان ڪا شيءِ ڪري
پوندي!“
جيڪڏهن پٽ، ڀائر يا ٻيا مٽ مائٽ ٻڍاپڻ ۾ پاليندا، ته اهو
خيراتيءَ جهڙو ڪم اهي، وري هن ڳالهه جي به پڪ نه
آهي ته ڪي هو اسان کي پنهنجا وڏا ڄاڻي دل سان ٽهل
ڪندا- تنهن لاءِ، جيڪڏهن پاڻ وٽ پيسو هوندو، ته
ٻڍاپڻ ۾ ڪم ايندو: تنهنڪري جوانيءَ ۾ پيسو ميڙڻ
سياڻي ماڻهوءَ جو ڪم آهي- جيئن ته چوندا آهن ته
”اُهو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.“
(7) آکاڻي ٽڪريءَ جي جنهن کي سور ٿيا هئا
هڪڙيءَ ٽَڪري کي اچي سور ٿيا، سا جڏهن ڪِنجهڻ لڳي، تڏهن اُن جون
ڏاڍيون ڪِيڪون ٻُڌي اوسي پاسي جا اوريان پريان
ماڻهو گهڻيئي اَچي گڏ ٿيا، ڀانيائون ته ٽَڪري
الاجي ڇا ڄڻيندي! تنهن جي واسطي ڳچ تائين ترسي
بيٺا، پر نيٺ هڪڙو ڪُئو نڪتو، ٻيو خير ئي خير!
نصيحت:- اسان کي گهُرجي ته جيڪو ڪم ڪرڻو هجيئون، تنهن جو اجايو
هُل نه وجهي ڏيون، جنهن تي ماڻهو اَچي مڙن ۽ اُن
جي ڏسڻ جا شائق ٿين، پوءِ جي نه ٿئي، ته بيهي کلن
۽ اسين آُٽلندو ئي ڦڪا لڳون. تنهنڪري، واجب آهي ته
ڪنهن به ڪم ۾ پنهنجي لياقت ڏسي هٿ نه وجهجي.
(8) آکاڻي ڪڪڙ ۽ جواهر جي
هڪڙو جوان ڪڪڙ، ٻه چار ڪڪڙيون ساڻ وٺي، ڪنهن ٻاهر جو ڍِڳ وڃي
ڦولڻ لڳو- هن لاءِ ته منجهانس ڪا عمدي شي لهي هنن
کي ڏيان. ايتري ۾ اوچتو ئي هڪڙو جواهر لڌائين: اُن
جو نه ڄاتائين ته ڪم ڪهڙو ايندو. تڏهن، پنهنجي بي
عقلي لڪائڻ لاءِ، انهيءَ جواهر سان مسخري ڪرڻ لڳو.
هئن، جو پنهنجون کنڀڙاٽيون ٽيڙي، مٿي کي ڌوڏو ڏيئي
مُنهن بڇڙو ڪري، چويس ٿو: ”اَڙي، تون شي ته چوکي
آهين، پر منهنجي ڪنهن ڪم جي نه آهين، منهنجي عقل ۾
سڄي جهان جا جواهر هڪڙي جُوار جي ڪڻي جيترو ملهه
به نٿا لهن!“
نصيحت:- نصيب ساڻ اچي ڪنهن کي علم حاصل ٿئي، ۽ اُن کي چڱي مَٺي
جي سڌ پوي، پوءِ جي اُهو اُن تي عمل نه ڪري، ته
اُن کي عِلم حاصل ٿيڻ ڪري – ڇا ڪبو؟ جئن:
”ڪُڪڙ اڳيان جواهر، ۽ رڍن اڳيان رباب“
”جوهر پر کي جوهري، ٻيو پر کي پاتشاه“،
”اَمل ۽ ماڻڪن مان شيشه-گر ڄاڻي ڇا“.
پوءِ، جيڪي اهڙا پڙهيل مورک آهن، سي پنهنجي مورکائيءَ لڪائڻ
لاءِ، اُنهيءَ علم تان کَلي، جئن وڻندو اَٿن تئن
اُن جي گلا ڪندا آهن، ۽ چوندا آهن ته ”جنهن شي مان
ستت مطلب حاصل ٿئي، تنهن کي ڇڏي، علم کي ڇاڪاڻ
وٺون!“ ائين چئي، جيتوڻيڪ هو پڙهيل آهن، ته به
هلڪا ڪم ڪندا آهن. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
”علم هرچند بيشتر خواني،
چون عمل در تو نيست، ناداني!“
يعني، ”علم گهڻو ئي کڻي پڙهين، پر جي اُن تي عمل نه ڪندين، ته
مورک آهين!“
(9) آکاڻي ڇيلي ۽ بگهڙ جي
هڪڙو ڇيلو ڪنهن وڏي گهر ۾ کُڏ تي چڙهيو بيٺو هو، ته هيٺان اچي
هڪڙو بگهڙ لنگهيو، تنهن کي ڏسي گاريون ڏيڻ لڳو.
بگهڙ به وجهه ڏسي وراڻي ڏنس ته ”ڀلا گيدي! اهو تون
نٿو مون کي گاريون ڏئين، پر جنهن تي چڙهيو بيٺو
آهين، سو ٿو ڏئي!“ جئن ته چوندا آهن: ”ڊڄجي
اُنهيءَ ڀر، جو پَرينءَ ڀر بيهي ڀونڊا ڏئي.“
نصيحت:- جيڪي ماڻهو ڪنهن کي گاريون ڏيند آهن، يا ڪنهن جي گلا
ڪندا آهن، سي رڳو پنهجي هلڪائي ڄاڻائيندا آهن. ٻئي
جي زور تي جيڪو ڪنهن کي گاريون ڏيندو آهي، تنهن کي
جيڪڏهن اُنهيءَ سبب ڪري سزا نٿي ملي، ته به ائين
نه ڀانئين ته ڪا ان ۾ سندس وڏائي آهي. اها ڳالهه
سچي آهي ته اُن جي بت کي سيکت ڪانه آئي، پر اُن جي
اَبروءَ کي ٽڪو لڳو- ايتري سزا اُن لاءِ بس نه آهي
ڇا؟ تڏهن، اهڙي ماڻهوءَ کان جيڪڏهن بيمانو ٿجي، ته
ڪاوڙ ڪرڻ نه گهرجي: پاڻ کي اهو خيال ڪرڻ گهرجي ته
اُن بيعزتي ڪندڙ ۾ ايترو وت ڪونهي، پر ٻئي جي زور
تي ٿو ڪُڏي. انهيءَ طرح ، جيڪڏهن ڪنهن جي پرپٺ ڪو
کڻي گلا ڪري ته اها ٻُڌي چڙِڻ نه گهرجي، ۽ ڄاڻجي
ته هو گيدي آهن، جي سامهون ٿي نٿا سگهن، تنهن ڪري
پرپٺ ائين ڪندا آهن.
(10) آکاڻي عقاب پکيءَ ۽ لومڙيءَ جي
هڪڙي عقاب پکيءَ پنهنجن ٻچن لاءِ کاڄ پئي ڳوليو. ڳوليندي، جان
ڏسي ته هڪڙيءَ لومڙيءَ جو ٻچو آهي، سو اُس ۾ پيو
ليٽي. تڏهن عقاب پکي اُن کي جهَٽُ هڻڻ تي سنبريو،
ته ايتري ۾ لومڙي جا ٻاهران آئي، تنهن اکين ۾
پاڻي آڻي عقاب کي چيو ته ”ٻيلي، قياس ڪر مون
نماڻيءَ جي ڏکن ڏي ڏسي، هن ويچاري کي کڻي ڇڏ- وياو
جي وڇوڙي جهڙو ٻيو ڪو ڏک نه آهي.“ تڏهن عقاب
پکيءَ، جنهن جو آکيرو هڪڙي تمام وڏي وڻ تي هو،
تنهن ڀانيو ته ”هن لومڙيءَ جي ته مجال نه آهي، جو
مون کان وير وٺي سگهي!“ پوءِ هن ڇا ڪيو، جو
لومڙيءَ جي ٻچي کي کڻي، نيئي پنهنجن ٻچن وٽ
رکيائين. پر هن لومڙيءَ ڏٺو ته هن ته مون سان ڏاڍو
انڌير ڪيو، سا هن سور ۾ سڙي کامي جتي ڪن ڳوٺاڻن
هڪڙيءَ ٻڪريءَ کي ڪُٺو هو، اُتي ڊڪي ويئي؛ ۽ اُتي
باهه پئي ٻري، تنهن مان هڪڙي ٻريل اُماڙي وات ۾
کڻي، وير وٺڻ لاءِ وڻ ڏي هلي، ۽ وڻ جي ٽاريءَ تي
چڙهڻ لڳي، اُتي، عقاب ڏٺو ته هاڻي لومڙي اسان کي
ناس ڪندي، تڏهن هو ٻارن جي رلڻ جي ڊپ کان، لومڙي
کي اچي وينتي ڪرڻ لڳو ته ”هاڻي جيئن وڻيئي تيئن
بخش ڪر، آءٌ ڀُليس.“ ائين چئي، اُن جو ٻچو صحيح
سلامت، جيئرو جاڳندو، ورائي ڏنائينس.
نصيحت:- پيسن جي يا اختياريءَ جي زور تي ڪنهن جو به ڇييو ڪرڻ نه
گهرجي، ۽ ائين به دل ۾ ڪڏهن آڻڻ نه گهرجي، ته
”هاڻي اسان کي وڏن جو زور بيٺو آهي؛ تنهن ڪري اسان
کي ڇا ڪندو، ۽ اسان ساڻ پڄي ڪين سگهندو“ ڪيڏو به
ننڍو ۽ هيڻو وير وٺندو- تنهن جي خبر ئي ڪانه ٿي
پوي. هيڪر وير دکيو ، ته پوءِ اُن جو وسائڻ ڏاڍو
ڏکيو ٿو ٿئي. تمام وڏو زور آور راجا کڻي هجي، تنهن
کي مارڻو هجي، ته ماري ٿو سگهجيس. جڏهن پنهنجي مٿي
تي ٻري ٿي اچي، تڏهن هزارين طرحين، پنهنجي ويريءَ
کي ناس ڪري ٿو سگهجي: ڪابه رن زال، انهيءَ پر،
راجا جي محلات کي باهه ڏيئي ٿي سگهي، ڪو به تمام
هيٺو ۽ غريب ماڻهو، تمام ڏاڍي ۽ زور آور جي ٻار جو
ساهه وٺي سگهي ٿو. تنهنڪري جيڪي سخت دل جي ڪري،
ماڻهن کي ڏک ڏيندا آهن. تن کي اڳ- ڳڻتي ڪرڻ گهرجي.
چوندا آهن ته هڪڙي ڀيري ڪنهن ماڪوڙيءَ ڪنهن هاٿيءَ
کي ماري وڌو هو! ۽ فارسيءَ وري به چيو آهي ته
”دشمن نه توان حقير و بيچاره شمرد“، يعني ويريءَ
کي هيڻو ڪري نه ڄاڻجي.
(11) آکاڻي لومڙ ۽ شينهن جي
هڪڙي لومڙ جنهن اڳي ڪڏهن ڪو شينهن نه ڏٺو هو، تنهن پهرئين گهمري
جڏهن شينهن ڏٺو، تڏهن اهڙو ڀَؤ اچي ٿيس، جو ڀانيو
ٿي ته اجهو ٿو مري. پر ٻئي ڀيري جڏهن گڏيس، تڏهن
دل جهلي اُن جي سامهون بيهي ڳالهائڻ لڳو. ٽئي
گهمري جڏهن ڏٺائينس، تڏهن اُمالڪ وٽس برابري ڪرڻ
لڳو.
نصيحت:- اسان کان جيڪي وڏا آهن، تن سان جو هلون، سو لومڙ جي چال
بابت جيڪي به واٽون ڏيکاريون اٿم، تن وانگر هلڻ
نه کپيئون-اُن ۾ هڪڙو ته پنهنجي کِٽلائي ٿي
ڏيکارجي؛ ٻيو ساڃهه ڇڏي، برابريءَ جي دعويٰ ٿي
ڪجي. تنهن ۾، ڀَو کان موڳو نه ٿي، ۽ کٽلائيءَ کان
برابري نه ڪري، پنهنجو دم جهلي، ساڃهه رکي وڏن سان
هلڻ گهرجي.
(12) آکاڻي ٻڍي ڪتي جي
هڪڙو ڪُتو، پهريائين پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ گهڻو ئي شڪار
ڪري، پنهنجي ڌڻيءَ جي دل راضي رکندو هو، تڏهن ڏڻي
به کيس گهڻو ڀائيندو هو، ۽ چڱيون چڱيون شيون
کارائيندو هوس. جڏهن اچي پوڙهو ٿيو، تڏهن اوتري
خدمت اُن کان ٿي نه سگهندي هئي. تنهن هوندي به،
هڪڙي ڏينهن، پنهنجي ڌڻيءَ سان گڏ هرڻ جو شڪار تي
ويو. اُتي، ٻين ڪُتن کان اڳ ۾ وڃي هرڻ کي ٽنگ کان
جهليائين، پر هن جا ڏند جي ڀڄي ڀري ويا هئا، تنهن
لاءِ اُن کي سوگهو جهلي نه سگهيو، اهو هرڻ ڇڏائي
ويس. تنهن تي هن جي ڌڻيءَ کي اچي ڪاوڙ لڳي، تنهن
ڀانيو ته ماريانس تڏهن اُتي ڪتو ٿو چويس: ”اڙي
بي-گُڻا سائين، پنهنجي هٿ کي ته جهليو؛ ذرو هي
خيال ته ڪريو ته ٻيلي هيءُ ويچارو اسان جو قديمي
نوڪر آهي؛ ڀلا هن کي ڪيئن ٿا ماريو!“ ٻيلي، مون ته
هرڻ جي جهلڻ ۾ پنهنجيءَ دل ڪري ڪين گهٽايو، پر
منهنجو وس ڪونه هليو- پوءِ تڏهن آءٌ ڇا ڪريان!
ٻڍاپڻ ڪري مون کان توهان جي خدمت نٿي پڄي، تنهن
لاءِ جي اوهان کي ڪاوڙ ٿي لڳي، ته منهجيءَ اڳينءَ
خدمت تي نظر رکي، اها ڪاوڙ لاهي ڇڏيو.“
نصيحت:- گهڻو ڪري ڌڻي ماڻهن جو قدر اهڙو ئي سڃاڻيندا آهن:
جيستائين ڪنهن ۾ ڪم هوندو اٿن، تيستائين ”اسان جو
اسان جو“ پيا ڪندا، پوءِ جڏهن ڪم لٿو، تڏهن چوندا
ته ”هيءُ الاجي ڪين سندي بلا آهي!“ انهيءَ طرح،
ڪيترا بي-گُڻا ماڻهو، جن سان ڪنهن گُڻ يا ٿورو ڪيو
هجي، سي پوءِ اُهو وساري، ڏسن ته هاڻي هن کان خدمت
ڪانه ٿي پڄي، تڏهن اٽلندو ئي هن سان بُرائي ڪرڻ
ڀائيندا آهن- تنهن تي فارسيءَ وارو چيو آهي ته
”نيڪي برباد، گنهه لازم!“
(13) آکاڻي ڳوٺاڻو ۽ نانگ
هڪڙي ڳوٺاڻي، سياري جي ڏينهن ۾، ٻني کيڙيندي کيڙندي، واڙ وٽ ڏٺو
ته هڪڙو نانگ پيو آهي؛ پر سيءَ اهڙو موڳو ڪري وڌو
اٿس، جو اجهو گهڙيءَ اڌ ۾ ٿو مري. اهو حال ڏسي،
ڳوٺاڻي کي ڪهل پيئي؛ تڏهن نانگ کي کڻي نيئي گهر
چُلهه وٽ رکيائين. اُتي باهه جي تَو تي، پاڻ سيڪي
سيڪي پنجين ڏهين پلٻين ۾ نانگ هوش منجهه آيو، تڏهن
ڦڻ ڪڍي ڦوڪون ڏيڻ لڳو، ۽ ڳوٺاڻي جي زال ۽ ٻارن تي
اُلري آيو. تنهن تي هنن واڪا ڪيا، سي ٻڌي ڳوٺاڻو
ڪهاڙو کڻي ڊڪندو آيو، ۽ هڪڙي ڌڪ سان نانگ کي ٻه
ٽڪر ڪري وڌائين؛ ۽ ڌڪ هڻڻ مهل چيائينس ته ”اڙي لُچ
بڇڙا، جنهن چڱائي ڪري تنهنجو ساهه بچايو، تنهن کي
اُن جا ٿو ڀاڙا ڏئين! هاڻي تنهن جو مرڻ مناسب آهي:
پر اڙي مها پاپيءَ تنهنجو ڏوهه ته اهڙو آهي، جو
اُن جي واسطي تنهنجو رڳو مرڻ بس نه آهي، پر اُن
کان سواءِ ٻي به جيڪر ڪا سزا ڏجي ته جڳائيندي
آهي.“
نصيحت:- جيڪو ڀلائي ڪندڙ سان بُرائي ڪندو آهي، يا جيڪو ڪنهن جو
نمڪ کائي اُن جو مَٺگهرو ٿيندو آهي، تنهن کي وڏو
پاپي ۽ نمڪحرام چئبو آهي. اهڙو ماڻهو مئو ڀلو آهي؛
اهڙي جو منهن ڏسڻ به ڌرم نه آهي. ظالم جي هٿ ۾
اختيار ڏيڻ، يا بري توڙي ڳُڻ-چور سان ڳُڻ ڪي ٿورو
ڪرڻ، اهڙو آهي، جهڙو ڪلر ۾ ٻج پوکڻ-جئن ته شيخ
سعديءَ ”گلستان“ ۾ چيو آهي: ”زمين-شور سنبل بر
نيارد، دور تخم، عمل ضايع مگر دان“، يعني ڪلراٺي
پَٽَ مان گل ڪونه نڪرندو آهي: مطلب ته بري سان
ڀلائي ڪرڻ مان ڪي ڪين حاصل ٿيندو آهي؛ بلڪ اُن مان
آخر ڪو نه ڪو نقصان ئي ٿيندو آهي، جنهن تي سنڌي
پهاڪو پڌرو آهي: ”نانگ کي کير پياري اَهي وههِ
حاصل ڪرڻ“.
(14) آکاڻي ڪتي ۽ سندس پاڇي جي
هڪڙو ڪتو، گوشت جو هڏي وات ۾ کنيو نديءَ جي پار ٿي ويو، تنهن
پنهنجو پاڇو پاڻيءَ ۾ ڏٺو، سو ڄاتائين ته هيءَ ڪو
ٻيو ڪتو هڏي وات ۾ کنيو پيو وڃي، تڏهن ڀانيائين ته
اِها هڏي به هن کان کسي وٺان. اِها ڳالهه ڳڻي وات
پٽي، لوڀ ڪري جهڙو اُن کان کسڻ ويو، تهڙو سندس وات
واري هڏي به پاڻيءَ ۾ ڪري پيئي، ۽ وڃي تر ورتائين،
۽ موٽي اُها به هٿ نه آيس!
نصيحت:- لوڀ، اِهو جو اُڳڻ آهي، سو سڀ ڪنهن کي ڇڏڻ گهرجي. ڌڻي
تعاليٰ جيڪي ڏنو هجي، تنهن تي قناعت نه ڪري، جيڪي
ماڻهو ٻين جا تاڪائُو ٿيندا آهن سي انهن مان
وٽيندا ته ڪين آهن، پر جيڪي وٽن هوندو آهي، سو به
وڃائيندا آهن- جئن ته چيو اَٿن: ”اَڌ کي ڇڏي جو
سڄي ڏي ڊُڪي، تنهن کي سڄي ته نه ملي، پر اَڌ کي به
سِڪي.“
(15) آکاڻي بگهڙ ۽ گهٽي جي
هڪڙي ڀيري، اُونهاري ۾، ڏينهن تتي جو هڪڙي گهٽي کي اچي ڏاڍي اُڃ
کنيو، سو ڪنهن واهه تي پاڻي پيئڻ ويو، اُتي، مٿئين
پاسي کان ڪو بيٺي بگهڙ پاڻي پيتو. تنهن کي ڏسي،
هيٺئين پاسي وري بيهي هيءُ پاڻي پيئڻ لڳو. اڃا
بگهڙ جي نگاهه مٿي پيئي، ته بگهڙ دل ۾ چيو ته
”ٻيلي، ڪو به بهانو ڪري، هن کي ماري کائجي!“ تڏهن
هن گهٽي کي چيو، ”اَڙي، هيءُ پاڻي ته تو لُٻي
ڇڏيو، هاڻي آءٌ پنهنجي اُڃ ڪيئن لاهيان! ائين تو
ڇاڪاڻ ڪيو- سگهو مون کي اُن جو سبب ڏي نه ته ساهه
ڪڍانءِ!“گهٽي ويچاري جون ٻه به ويون ڇهه به ويون،
۽ نوڙت سان چوڻ لڳس ته ”سائين، جا ڳالهه اوهين ٿا
فرمايو، سا ڳالهه ڪا ڀلا ٺهي ٿي. ڪ جڙي ٿي، اوهان
وٽان پاڻي وهيو ٿو اچي، سو آءٌ ٿو پيان، وري
اُٽلندو منهنجو لٻيل پاڻي اوهان ڏانهن ڪيئن ٿو مٿي
چڙهي اچي!“ بگهڙ چيس، ”ڀلا انهيءَ ڳالهه کي کڻي
ڇڏ- پر تون ڏاڍو لچ آهين، مون ٻڌو ته ڇهه مهينا
ٿيندا، جو تو مون کي پرپُٺ گاريون ٿي ڏنيون!“ گهٽي
اها ڳالهه ٻڌي وراڻي ڏنيس ته ”اڙي سائين، مون کي
ڄائي ئي اڃا ٽي مهينا مس ٿيا هوندا، تڏهن قياس ته
ڪريو، جو ڇهه مهينا ٿيا اوهان کي گاريون ڪٿا ڏنيون
هونديم؟“ بگهڙ ڏٺو ته ٻيلي هاڻي ڳالهين ۾ ته هن
کان کٽي نٿو سگهان، سو ڪاوڙجي، جوش ۾ اچي، اکيون
ڪڍي، هٿ پير پڇاڙيندو، گهٽي وٽ آيو، ۽ ڏند پيهي
چوڻ لڳس ته ”رن-پُٽ، جي تو نه گاريون ڏنيون
هونديون ته پڻهين ڏنيون هونديون!“ اها به هڪڙي
ڳالهه! ائين چئي، هن ويچاري غريب کي ڦاڙي چيري،
ٽڪر ٽڪر ڪري، کائي ڇڏيائين.
نصيحت:- جيڪو زور آور ۽ ظالم آهي، تنهن جي اڳيان، ڪنهن غريب کي
پنهنجي سچائيءَ جي آسري تي رهڻ نه گهرجي؛ ڇاڪاڻ
ته جي پنهنجو ڏوهه نه هوندو، ته به هو پنهنجي زور
ڪري ڏوهه ٺهرائي ٿو سگهي- تنهن ۾ ٻنهي ڳالهين ۾
”ڏاڍو“ کَٽي. جئن ته چيو اٿن ته ”ڏاڍي جي لٺ کي
آهن ٻه مٿا- جيڏانهن ڦيرائي، تيڏانهن سنئين.“
(16) آکاڻي ڪئي ۽ ڏيڏر جي
ڪنهن نڀاڳي ڏينهن، هڪڙي ڪُئي جي اچي ڪنهن ڏيڏر سان سينڌ ٿي، سي
ٻئي گڏجي اُٿي مسافري تي هليا. پوءِ ڏيڏر پنهنجي
گهري ياراڻي ڄاڻائڻ جي بهاني، ڇا ڪيو جو هن
سنگتيءَ جون اکيون پير کڻي پنهنجي پٺ سان ٻڌو- هن
لاءِ ته ان جوکي کان بچايان. ڪيتري پنڌ تائين
سُڪيءَ تان انهي طرح هليا. پوءِ ڪنهن پاڻيءَ تي
اچي سهڙيا، تڏهن ڏيڏر ڪُئي کي تسلي ڏيئي ترڻ لڳو،
پر اڃا وچ-سير تائين پهتا ئي ڪين، ته ڏيڏر پرينءَ
ڀر تائين ٽٻي هڻي، نڀاڳي ڪُئي کي به پاڻ سان ڇڪي
نيو. پر ڪُئي جي لڇ بڇ کان پاڻي اهڙو لُر ٿيو، جو
ڪنهن سِرڻ جي وڃي اک مٿس پيئي، ۽ جهٽ هڻي ڪُئي کي
مٿي کڻي ويئي. پوءِ هو ڏيڏر، جو اُن جي پير سان
ٻڌو پيو هو،سو به اُن سان لڙڪندي پئي ويو!
نصيحت:- ڪنهن سان دوستي رکجي، يا ڪنهن جي سنگت ڪجي، ته ڏسي
وائسي پاڻ جهڙي سان ڪجي، ۽ جيڪڏهن ڪو چڱو ماڻهو
ڪنهن غير جنس يا بري جي سنگت ڪندو، ته جڏهن هو
ڪنهن آهيءَ ۾ اچي وٺبو، ته هن ڪُئي وانگي، پنهنجي
سنگتيءَ کي به پاڻ ساڻ گهليندو ويندو- جئن ته
چوندا آهن ”سنگت تاري، ڪُسنگ ٻوڙي“.
(17) آکاڻي ڪتي ۽ آهر جي
هڪڙو ڪتو، ڪنهن آهر ۾ پنهنجي جاءِ جوڙائي ويٺو هو، ۽ جي گهوڙا
گاهه پٺو کائڻ ٿي آيا، تن تي ڀونڪيو ٿي، ۽ اُنهن
کي ويجهو اچڻ نٿي ڏنائين، تڏهن انهن منجهان هڪڙي
گهوڙي چيس: ”اڙي پليت ڪتا، تون پاڻ ته اهو گاهه
نٿو کائين، پر جن جو کاڄ آهي، تن کي به ٿو جهلين
ته ڀلي نه کائن!“.
نصيحت:- گهڻا ماڻهو اهڙا آهن، جو وٽن ڪا اهڙي شيءِ هوندي آهي،
جا سندن ڪم به ڪين ايندي آهي، ته به ٻيو جيڪو ان
جو طالبو هوندو آهي، سو کڻي گهرندو اٿن، ته ڪين
ڏيندا اٿس: ڀائيندا آهن ته ”اسان کي جا ڪم نٿي
اچي، سا ڀلي ٻئي جي به شيءِ نه ٿئي ته چڱو“- جئن
هن ڪتي ڪيو- پر ائين نه ڪرڻ گهرجي. انسان کي کپي،
ته ڏسي جو هن شيِءِ مان مون کي ته نڪي هڙ نڪي حاصل
ٿيندو، تڏهن هاڻي ٻيو جو گهرج وارو آهي، تنهن جو
اَرٿ ٿيندو، ته کڻي اُنکي ڏئي، جو ڀلي وڃي اُهو
پنهنجي شيءِ ڪري.
(18) آکاڻي مڇر ۽ ڍڳي جي
هڪڙو مڇر، ڪنهن ڍڳي جي مٿي وٽ ڀونڀاٽ ڪري، اُن جي سڱ تي وڃي
ويٺو، ۽ ڍڳي کي چوڻ لڳو ته ”آءٌ جو اوهان جي سڱ تي
ويٺو آهيان، تنهنڪري ڀانيان ٿو ته اوهان کي دقت
ٿيندي هوندي. پر ڀلائي ڪري مون تي ڪاوڙ نه ڪجو: جي
آءٌ ڳرو لڳندو، هجانوَ ته چئجو، جو آءٌ اُٿي
وڃان.“ ڍڳي ورندي ڏنيس ته ”اُٿي ويندين ته مون ڇا،
جي ويٺو هوندين ته مون ڇا- سچ ڪري پڇين ته مون کي
تنهنجي ويهڻ جي به سڌ ڪانهي!“
نصيحت:- ٿورو گهڻو هٺ سڀ ڪنهن کي ٿو ٿئي. ڪيترن کي ته اهڙو ٿو
ٿئي، جو پاڻ جهڙو ٻئي ڪنهن کي ڄاڻن ئي ڪين: ڀائين
ته ”جيڪي آهيون سو اسين آهيون- ٻيو ڪير اسان جي
پادر ۾ پير پائيندو؟“ پر ”وت ٿورو، ڪاوڙ گهڻي- مار
کائڻ جي نشاني“: تنهن ڪري جيترو ٿي سگهي، اوترو
ماڻهو هٺ ڇڏي پنهنجي وت سارو هلي ته چڱو آهي.
(19) آکاڻي ٽن پڙهيلن ۽ وزير جي
ڪنهن وزير ۽ ٽن پڙهيلن هڪ ڳالهه تي اچي پاڻ ۾ هوڏ ٻڌي ته ”هن
جڳ ۾ سڀني کان چڱي ڪهڙي شيءِ آهي؟“ پهرئين پڙهيل
چيو ته ”ماڻهو چڱو آهي“، ٻئي چيو ته ”گهر موچارو
آهي“، ٽئي ڳالهه ڪئي ته ”ڍڳو سڀني کان خاصو آهي“.
انهيءَ ردبدل لاهڻ لاءِ بادشاهه جي وزير کان نياءُ
گهريائون. وزير پهريائين ڍڳي مان وِيڪ ڪڍي ته
”اکيون جي اٿس سي سڱن جي هيٺان ٿس؛ تنهنڪري جڏهن
ٿونو ٿو هڻي، تڏهن ڏسيو ئي ڪين ٿو سگهي.“ پوءِ
ماڻهوءَ جي هيءُ عيب ڪڍيائين ته ”اُرهه ۾ اهڙي ڳيڙ
کي ڪانهيس،جنهن مان جيڪر اُن جي دل جي مَت ۽ ويچار
جي سڀني کي سڌ پوي!“ نيٺ گهر جي هيءُ گلا ڪيائين
ته ”ڦيٿا ڪين اٿس، جن ڪري جيڪر پنهنجي ٻچڙن پاڙي
وارن کان ڀڄي پاسو ڪري!“ جڏهن بادشاهه کي انهيءَ
نياءَ جي خبر پيئي. تڏهن وزير کي پنهنجي درٻار مان
لوڌي ڪڍيائين، ۽ چيائين ته ”ويڪر ماڻهو ڪڏهن به
ڪين راضي رهندو: جڏهن پاڻ ڪو چڱو ڪم ڪيو هجي، تڏهن
ٻين جي ڪمن مان ويڪ ڪڍي ٿي سگهجي.“
نصيحت:- ڪنهن مان به ويڪ ڪڍڻ چڱي نه آهي. بي عيب ته رڳو اُهو
پروردگار آهي، ۽ ٻيو ڪو ئي به عيبن کان آجو ڪونهي-
تڏهن پنهنجا عيب لڪائي، ٻين مان ويڪون ڪڍڻ، اهو
سياڻي ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي. پَرڻ چيو ڏونگهي کي،
چي؛ ”وڃ ٽه- ٽونگا!“- ۽ کيس خبر ئي نه آهي ته ”آءٌ
سهسين ٽونگو آهيان!“
(20) آکاڻي سج جي پرڻجڻ جي
ڪنهن وير، جڏهن اَرهڙ جا ڏينهن اچي ڏاڍا ٿيا، تڏهن هُل هي اُٿيو
ته ”سج پرڻبو!“ پوءِ سڀ پکي ۽ مرون اها ڳالهه ٻڌي
ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ سڀني کان گهڻو ڏيڏرن سانباهو ڪيو
ته اسين شادمانو ڪنداسون ته هڪڙي ٻڍي ڏيڏر هنن جي
خوشيءَ لاهڻ لاءِ چين ته هيءُ ويلو سرهائيءَ جو نه
آهي، بلڪه اَرهائيءَ جو آهي، ڇو ته هاڻي سج
ڇڙو-ڇانڊو آهي، ته به دُٻن کي اهڙو ٿو سُڪائي جو
اسين سونگهي نٿا سگهون، پر جي ڇهه ست ٻار ڄمي ويس
ته پوءِ ته الاجي اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو!“
نصيحت:- ماڻهن کي گهرجي ته ڪابه خوشيءَ جهڙي ڳالهه ٻڌي، سُتت ئي
پنهنجو من نه وڌائين: کپين ته سوچ ويچار ڪري ڏسن
ته هن منجهان نيٺ ڇا ٿيندو. ”اُن مان اسان کي
نفعو آهي، يا ڇيهو آهي؟“ جيڪي ڳڻتي نٿا ڪن ۽
پنهنجي نفعي ڇيهي کي نٿا ڏسن، سي مورک چئبا آهن.
گهڻا اهڙا آهن، جي چون ”ٽوٽ پوي ته پوڻ ڏينس، پر
مزو ته ماڻي وٺون!“ ۽ ڪنهن جي شادي ڏسندا- پوءِ
توڻي نه سندن اُن ۾ ڪو واسطو هوندو، نه پروجن- ته
به خوشيون ڪندا، ۽ فرحتون وٺندا، ۽ ڀائيندا ته ڄڻ
ابي جو وهانءُ آهي. پر اهڙو آهي،جهڙو ”پرائين
دهلين احمق نچي!“
(21) آکاڻي چور ۽ ماڻس جي
هڪڙو ڇوڪر مڪتب ۾ پڙهڻ ويندو هو، تنهن هڪڙي ڏينهن ڪنهن ڇوڪر جو
ڪپ چورايو، سو کڻي وڃي پنهنجي ماءُ کي ڏنائين،تنهن
کي کپندو هو ته پٽ کي جُٺ ڪري ها، پر اُن جُٺ ته
نه ڪيس، اُٽلندو ئي شاباس ڏنائينس. تنهن تي، پوءِ
جئن جئن اُهو ڇوڪرو وڇڏو ٿيندو ويو، تئن تئن ويون
وڏيون چوريون ڪرڻ لڳو. ڪنن سمي چوريءَ ۾ اچي
جهليو؛ پوءِ سرڪار جا سپاهي هٿ ڪڙيون وجهي ڦاهي
ڏيڻ لاءِ ٿي وٺي ويس: انهيءَ تماشي ڏسڻ لاءِ ماڻهو
اچي مڙيا هئا، اُتي اُن جي ماءُ به بيٺي سڏڪا ڀري
ڀري رنو، تنهن کي ڏسي، ڇوڪر سرڪار جي سپاهين کي
چيو: ”يارو، هن مهل هڪڙو ڀيرو مون کي هن منهنجيءَ
ماءُ سان ملايو.“ اها ڳالهه ٻڌي هنن کي ڪهل پيئي،
تن موڪل ڏنيس. جڏهن ماڻس ويجهو اچي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ
ڪن ڏنس، تڏهن چڪ پائي پاپڙي ڇني ڪڍيائينس! اهو حال
ڏسي، ماڻهو چوڻ لڳا ته ”ڪهڙو بيحس ڇوڪر آهي: ڏسو
ته هيءُ ڦاهيءَ وڃڻ وير به ههڙي اُگر پاپ کان نه
رهيو!“ اها ڳالهه ٻڌي هن ورندي ڏني ته ”اي يارو،
منهنجو هڪڙو عرض آهي سو ٻڌو! جيڪڏهن آءٌ هن مهل
ماءُ کي اُڦٽ ماري وجهان، ته به مون کي پاپ نه
آهي: ڇاکئون ته پهريائين جڏهن آءٌ ننڍو هوس، تڏهن
مڪتب منجهان هڪڙي ڇوڪر جو ڪپ چورائي، وڃي هن کي
ڏنو هوم، تڏهن جي کڻي مون کي سيکت ڏئي ها، ته جيڪر
اَڄ منهنجي ڇو اهڙي ڏسا ٿئي ها؟“
نصيحت:- ڇوڪر جو ڏڍ ٿو ٿئي، ڪِي نٺر ٿو ٿئي، سو گهڻو ڪري ماءُ
پيءُ جي لاڏ کان ٿو هٿئي. ڪچي باسڻ جو ڪَنون جيئن
موڙجي تيئن مُڙي. تيئن، ٻار جو هوش ۽ عقل به جنهن
پاسي ننڍپڻ ۾ لڳندو آهي، تنهن پاسي لڳو رهندو آهي-
۽ هينئن به چيو اٿن ته ”جنهن جا ڪچيءَ ۾ ڪَنان نه
وريا، تنهن جا پڪيءَ ڪٿان ورندا؟“، يعني جو ٻار
ننڍپڻ ۾ نه ماءُ پيءُ يا ڇوڪر جو ٻيو ڪو وڏو هجي،
تنهن کي گهرجي ته ٻار کي ننڍي هوندي کان چڱي پاسي
لائڻ ۾ آرس نه ڪري؛ ڇاکئون ته وڏي ٿئي کان پوءِ لک
روپيا خرچ ڪجن، ته به اُن جو اَوڳڻ نه ويندو آهي.
پوءِ جيڪي پاپ ڪندو، تنهن جو جواب ڌڻيءَ جي درٻار
۾ اُن جي مائٽن کي ڏيڻو پوندو.
(22) آکاڻي ٻليءَ ۽ ڪوئن جي
هڪڙي گهر ۾ ڪئا اچي گهڻا ٿيا هئا. اُتي هڪڙي ٻلي آئي، تنهن
اُنهن منجهان ڪيترن کي ته کائي کپائي ڇڏيو؛ باقي
جي بچيا، تن اهو حال ڏسي، هڪڙي ڏينهن گڏ ٿي، پاڻ ۾
پڪ ڪئي ته ”ٻيلي هاڻي مٿان هيٺ لهي ئي ڪونه“
اُنهيءَ ڏينهن کان وٺي، ٻليءَ کي ڪوئو هٿ نه لڳو،
تڏهن اچي بک مرڻ لڳي. پوءِ دل ۾ آيس ته ”ڪيئن به
هنن کي دليري سان جهليان!“ ۽ مئل جو منهن ڪري
پويان ٻئي پير هڪڙيءَ ڪِليءَ سان ٽنگي ڇڏيائين- ۽
ڀانيائين ته ”هاڻي ڪئا مون ڏي اچڻ کان ڪين ڊڄندا.“
اهو حال ڏسي، مٿان هڪڙو ڏاهو ڪئو ٿو چويس: ”اي
مکريلڻ! جيسين وڻيئي تيسين ٽنگي پيئي رهه؛ پر جي
پنهنجو پيٽ ڦاڙي بُهه سان کڻي ڀرين، ته به اسين
تنهنجي ويجهو نه اچون!“
نصيحت:-
جاني دشمن، ٺڳ ۽ دغاباز- انهن جون مٺيون ڳالهيون، يا ٻهريان ڪم، ماڻهو سچا
ٿا ڄـاڻن، ۽ اُنهن تي ڀنڀلجيو ٿا وڃن. پوءِ هيڪر
جڏهن انهن جي سانگ جي سڌ پين، ۽ انهن جي دل ۾ پڪ
ڄمي ويئي ته هي لُچ آهن، ته پوءِ وري اُنهن تي
ڪڏهين ڪين ويساهه رکندا- ۽ جو لُچ ۽ دغاباز هوندو
آهي، سو سَو کڻي سانگ ڪري، ته به ڳُجهو نه رهي.
(23) آکاڻي شينهن ۽ ٽن صلاح ڏيندڙن جي
هڪڙي شينهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سڏائي پڇيو ته ”منهنجي وات منجهان
ڪا بانس اچيئي ٿي؟“ وراڻي ڏنائينس ته ”هائو، اَچي
ٿي.“ تڏهن شينهن اُن کي بي عقل ڄاڻي، چڪ پائي،
سندس ڪاپار ڦاڙي ڇڏيو. پوءِ بگهڙ کي گهرائي
پڇيائين ته ”تون خبر ڪر، تو کي ڪا بانس اچي ٿي!“
تنهن چيس ته ”نه، مون کي ته بانس ڪانه ٿي اچي!“
تنهن کي شينهن خوشامدڙيو ڄاڻي، ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو.
تنهن کان پوءِ، لومڙ کي ڪوٺي اها ڳالهه پڇيائين،
تنهن ورندي ڏنس ته ”اڄ نڪ منهنجو ٻُٽيو پيو آهي،
تنهن ڪري آءٌ سونگهي نٿو سگهان، ۽ بانس ٻانس جي
خبر ئي ڪانه ٿي پئيم!“
نصيحت:- جڏهن ڪو حاڪم يا ڏاڍو ماڻهو ڪو سوال پڇي، تڏهن سياڻي جو
ڪم آهي جو جيڏانهن حاڪم جو رخ ٿئي، انهيءَ موجب
سوچي، ورندي ڏئي؛ ۽ جي اُن جي ٻي مرضيءَ ڪري
ڪُڇندو، ته اُهو پاڻ بگهڙ وانگر مارجي ويندو.
تڏهن، لاچار، حاڪم جي راءِ ڏسي، هُن لومڙ وانگي
ويچار ڪري وراڻي ڏجي، جنهن ۾ حاڪم مٺيان نه ڀائين-
جيئن فارسيءَ واري چيو آهي ته:
”خلاف راي سلطان راي جستن،
بخونِ خويش باشد دست شستن.“
جيتوڻيڪ، هن نصيحت موجب، سچ جي واٽ ڇڏڻي پوي ٿي، ته به دنيا جي
ماڻهوءَ کي کپي ته جڏهن ڏاڍي جي سامهون مٿي تي ٻري
اچيس، تڏهن جهڙو واءُ لڳي، تنهن کي تهڙي پٺ ڏئي.
(24) آکاڻي ٻهراڙيءَ جي ڪنواريءَ نينگر ۽ سندس
چاڏيءَ جي
هڪڙي ٻهراڙي جي ڪنواري نينگر کير جي چاڏي مٿي تي کنيو ٿي ويئي،
سا پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳي ته ”آءٌ هن کير جي وڪري
منجهان ايترا پيسا ميڙينديس، جن مان ٽي سَو ڪڪڙن
جا گڏ ڪنديس“ پوءِ سي وري جڏهن ڪڪڙن جي مهانگائي
ڏسنديس، تڏهن وڪڻي ڇڏينديس، ۽ ٻئي ورهيه تائين
ايترا پيسا گڏ ڪنديس، جن مان هڪڙو چڱو خاصو وڳو
ٺهي پوندو، پوءِ جي سائو وڳو وڻيم ته اُهو
جوڙائينديس، ۽ اُهو وڳو ڍڪي ميڙِ ۾ وينديس، تڏهن
سڀئي جوان اچي پاڻ ۾ وڙهندا- هو چوندو ”آءٌ
پرڻيان،“ هو چوندو ”آءٌ پرڻيان،“ پر آءٌ ڪنهن کي
ڪين قبولينديس، ۽ ڦٽ سان ڪنڌ لوڏي مُنهن
موڙينديس!“ انهيءَ پور ۾ سرهي ٿي پاڻ پلي نه
سگهي-، ”دل سان جو پهه پچايم، تنهن کي مٿي سان به
پورو ڪريان،“ اڃا جهڙو مٿي کي لوڏي ڏنائين، تهڙو
چاڏي ڪِري وڃي پري پئيسَ، ۽ پلڪ جو پلڪ ۾ اهي دل
جون خوشيون ٻُشيون سڀ نڪري ويس!
نصيحت:- ڪوڙا پهه پچائڻ، اجايو وقت وڃائڻ آهي. اهي اهڙا آهن،
جهڙو پاڻيءَ تي چٽ، ۽ اُنهن منجهان نيٺ ڪي ڪين ٿو
ٿئي، جئن هن نينگر جو حال ٿيو- ”آخر ڪوڙ جو مثلو
ڪوڙ.“
(25) آکاڻي هڪڙي ڪُني ۽ هڪڙي ديڳڙي جي
هڪڙو ڪُنو ۽ هڪڙو ديگڙو، ٻئي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي گڏيا رکيا هئا،
پوءِ وير جا اچي چڙهي، تنهن ۾ ٻئي وهي هليا. ڪُني
کي اهو ڊپ هو ته متان ڀڄي پوان؛ پر ديگڙي چيس ته
”متان ڊنو آهين، آءٌ توکي سنڀاليندس!“ ڪني ورندي
ڏنس ته ”جيڪڏهن منهنجو عرض قبول ڪريو، ته ڀلائي
ڪري مون کان پاسو ڪريو؛ ڇاکئون ته مون کي ڏاڍو ڀَؤ
آهي، جو متان وهڪ مون کي توهان ڏانهن يا توهان کي
مون ڏانهن اُڇلي، ته پوءِ جوکو مڙيو ئي مون کي
آهي. ٻيو توهان کي خير صلاح آهي- تنهن ۾ ڀلائي ڪري
مون ڏي نه اچجو!“
نصيحت:- ڏاڍي کان مڙيو ئي غريب کي پري رهڻ چڱو آهي، ڇاکئون ته
ٻنهي ڳالهين ڏاڍو کَٽي، ٻيو غريب جي دل اُن سان نه
ڳري- جئين ته ”ڪاتي ڪري گدري تي، ته به گدري جوکو،
جي گدرو ڪري ڪاتيءَ تي، ته به گدري لاءِ جوکو.“
دنيادار جي پاڙي ۾ ڪو غريب رهندو هجي- پوءِ اُهو
دنيادار وڙهي، يا غريب وڙهي، پر خرابي مڙيوئي غريب
جي ٿيندي آهي!
(62) آکاڻي ٻڌي ڪندڙ ڪوئن جي
ڪنهن وير ۽ ٻليءَ جي ڏکن کان، ننڍن ڪوئن پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي، پاڻ کي
ڇڏايون ته چکو. پوءِ ته گهڻيون اٽڪلون ٻڌائون، پر
وڻين ڪانه. نيٺ، هڪڙي جوان ڪوئي چيو ته ”جيڪڏهن
ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهَنڊڻي ٻڌبي، ته اڳيئي ٻليءَ جو
اچڻ جو سُر سماءَ پوندوسين، ۽ ڀڄڻ جي واٽ
ٿينديسون“. اها ڳالهه ٻڌي سڀني واهه واهه ڪئي،
انهيءَ مهل مڙيئي مڃڻ لڳيس. پوءِ هڪڙي ٻڍي ڪوئي-
جو تيسين سوڌو ماٺ ڪيو ويٺو هو- چيو ته ”اها ڏاهپ
گهڻي چڱي آهي ۽ بيشڪ مراد پوري ٿيندي؛ پر آءٌ هڪڙي
ٿوري ڳالهه ٿو پڇان ته ”ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي
ٻڌي ايندو، سو ڪوئو ته مون کي اول ڏيکاريو!“
نصيحت:- گهڻا ماڻهو چون: ”اسين ويريءَ کي هيئن ڪنداسون، هيئن
ڪنداسون. ائين چوندا گهڻو ئي آهن، پر ڪرڻ مهل هٿ
ڪڍي بيهندا آهن. اهو ”چوڻ“ گهڻو ئي سٿرو آهي، پر
ڪو ڪري ڏيکاري! جئن ته فارسيءَ ۾ مثل آهي ته ”کردن
و گفتن فرقي دارد“- يعني ”ڪرڻ“ ۽ ”چوڻ“ ۾ وڏو ڦير
آهي.
(27) آکاڻي ويڄ ۽ ناچڱي جي
هڪڙو ويڄ گهڻن ڏينهن تائين ڪنهن ناچڱي جي دوا درمل ڪندو هو.
پوءِ نيٺ جڏهن اهو اچي مئو، ۽ پُوري آيس، تڏهن
اُنهيءَ ويڄ اُن جي مائٽن ۾ گهميو پئي چيو ته
”هاءِ، هاءِ ! جي ويچارو اسان جو يار شراب کڻي ڇڏي
ها؛ ۽ پنهنجي پيٽ پارڻ جو ڪو بلو ڀيڻي ڪري ها، ۽
چڱن ۽ وڏن ماڻهن جي سنگت ۾ رهي ها، ته جيڪر اڄ موت
جي منهن ۾ نه اچي ها!“ اُتي پٿر وارن وراڻي ڏنس ته
”ٻيلي هينئر جيڪي چوين ٿو، تنهن ۾ پنهنجا اجايا
ويسوا ٿو وڃائين: باقي جيڪڏهن هو جيئرو هجي ها، ته
تڏهن تنهنجا اهو سڀوئي چوڻ واجبي ڄاڻجي ها!“
نصيحت:- ماڻهوءَ کي گهرجي ته ڪنهن جي به مئي کان پوءِ اُن جي
گلا نه ڪري، ڇاکئون ته اُن ۾ ڪو فائدو نه آهي.
جيڪڏهن اهو جيئرو هجي، ته البت اُن کي نصيحت ڪري ۽
سمجهائي ٿو سگهجي؛ پر اُن جي مئي کان پوءِ ڪو به
اهڙو ذڪر زبان تي آڻڻ عيب آهي-جئن ته چوندا آهن جو
”ويئي تٿ ٻانڀڻ به نه واچي.“
(28) آکاڻي شينهن ۽ ٻڪر جي
ڪنهن آرهڙ جي ڏينهن، جڏهن جهولن سڀ اُبت ساڙي ڇڏي هئي، تڏهن
هڪڙو شينهن ۽ هڪڙو ٻڪر، ٻئي، هڪ ٻئي جي آمهون
سامهون، ڪنهن ننڍي پاڻيءَ جي دٻي تي اُڃ لاهڻ آيا.
پوءِ اچي پاڻ هوڏيا ته ڏسون اڳ ۾ پاڻي ڪير پئي!
نيٺ، ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته مرندي گهڙيءَ توڻي هنن
جو جهيڙو ڪين لهندو؛ پوءِ هڪڙي پلڪ ساهي کڻڻ لاءِ
جهيڙو بس ڪري، جان مٿي کڻي نهارين، ته مار! مٿان
ڳجهون ميڙو ڪيون پيئون گهمن، ۽ سنڀريون بيٺيون
آهن، ته جيڪو مري، تنهن کي جهٽ هڻي کڻي وڃون. تڏهن
ٻنهي جهيڙو لاهي پرچاءُ ڪيو؛ ۽ قبول ڪيائون ته
ڪانگن ۽ ڳجهن جي کائڻ کان اسان کي پاڻ ۾ پريت رکڻ
چڱي آهي.
نصيحت:- جڏهن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ وڙهندا آهن تڏهن ويري سدائين وجهه
ڳوليندا آهن؛ ته هن منجهان ڪو هارائي يا مارجي، ته
اسين هنن کي ڦريون، يا سندن مال هٿ ڪريون؛ ڇاکئون
ته اُنهن کي ”ميان مري ته حلوو کائڻو، بي بي مري
ته به حلوو کائڻو.“ تڏهن جيڪي سياڻا ۽ عقل وارا
آهن، سي ويرين جي وس ٿيڻ کان پاڻ ۾ پريت رکڻ ۽
پرچاءُ ڪرڻ چڱو ڄاڻندا آهن.
(29) آکاڻي هنس پکيءَ جي، جو سونا آنا ڏيندو هو
هڪڙي ماڻهوءَ کي اهڙو ڀاڳ اچي لڳو، جو هڪڙو هنس پکي هٿ اچي
ويس، سو ڏهاڙي هڪڙو سونو آنو ڏيندو هوس، پر اُن
مان ڍوءَ ڪين ٿيندو هوس. ڀانيائين ته هڪدم خزانو
هٿ ڪريان، تنهن لاءِ هنس پکيءَ کي ماري ۽ اُن جو
پيٽ ڦاڙي، خزانو ڳولڻ لڳو. پر ڇا ڏسي، ته مار! هن
جو پيٽ به اهڙو آهي، جهڙو ٻين هنسن جو ٿيندو آهي.
نصيحت:- هن آکاڻي جو مطلب هيءُ آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن کي ٿورو
روزگار هجي، ۽ وڌيڪ ملڻ جي آس ڪانه هجيس، پوءِ
اجايو لوڀ ڪري گهڻي ڏي ڊوڙي، ته اُهو – هن مٿينءَ
آکاڻي ۾ لکيل ماڻهوءَ وانگي-جيڪي ملندو هوندس، سو
به وڃائيندو آهي، تڏهن واجب آهي ته جيڪي خدا ڏئي،
تنهن تي راضي ۽ شاڪر رهجي ۽ اُن تي قناعت ڪجي.
(30) آکاڻي ٻڪرار ۽ ٻڪرين جي
هڪڙي ڏينهن واچ ڏاڍي پئي لڳي، ۽ برف پئي پيئي، تڏهن هڪڙي ٻڪرار
پنهنجين ٻڪرين کي اڇو ڏسي اجهي لاءِ ڪنهن سڃيءَ
ڀُنگيءَ ڏي ڪاهيو. اُتي ڏٺائين ته منهنجي ٻڪرين جي
ڇانگ کان جهنگ جي ٻڪرين جي وڏي ڇانگ اڳيئي سوگهي
ٿي ويٺي آهي. ڀانيائين ته سڀئي آءُ هٿ ڪريان، تنهن
لاءِ پنهنجي ٻڪرين کي هن جي آس تي ڇڏي، جي ٽاريون
پنهجي ٻڪرين لاءِ آنديون هئائين، سي کڻي هنن کي
ڏنائين. پر جڏهن واچ بس ٿي، تڏهن جان ڏسي ته سندس
ٻڪريون مڙيئي بک سان ويون پيون آهن، ۽ جهنگ جون
ٻڪريون جبل ۽ پٽ تي ڀڄي ويون آهن! تڏهن ڪو ٻڪرار
پنهنجي گهر هليو ويو، ۽ پاڙي وارن جي سامهون ڏاڍو
ڦڪو ٿيو؛ ڇاکئون ته جهنگ جون ٻڪريون ته نه پڙپيس،
پر سندس ٻڪريون جيڪي هيون، سي به وڃائي ويهي رهيو.
نصيحت:- لالچ ڏاڍي بڇڙي آهي. جيڪو گهڻيءَ لالچ ۾ منهن وجهندو
آهي، سو پنهنجي اڳين پوئين کٽي ڪمائي به انهيءَ ۾
وڃائيندو آهي- جئن ته ”ويئي سڱن کي، ڪن به ڪپائي
آئي“. فارسيءَ واري به چيو آهي: ”بيچاره خري دم
آرزو کرد؛ نايافته دم دو گوش گم کرد!“
(31) آکاڻي ڏيڏرن جي جن کي بادشاهه گهرجي
سڀ ڏيڏر ڍنڍن ۽ تلائن ۾ آگوندرائيءَ ۽ پنهجي خوشيءَ سان پيا
گهمندا هئا. پوءِ هڪڙي ڏينهن مڙني گوڙ ڪري،
”جوپيٽر“ *[1]
وٽ وڃي دانهن ڪئي، ته ”اسان کي چڱن لڇڻن سيکارڻ
لاءِ هڪڙو بادشاهه ڏيو، ته اسين اڄ کان پوءِ چڱي
کانپوءِ چڱي طرح هلون.“
جوپيٽر اُنهيءَ مهل خوش ٿي ڏاڍو کليو، ۽ هڪڙو بُنڊ اُنهن جي
تلاءَ ۾ اُڇلي چيائين ته ”اِجهو، اوهان جو هيءُ
بادشاهه آهي!“ جڏهن بنڊ پاڻيءَ ۾ پيو، تڏهن ان جي
ڇنڊن کان ڏيڏرن کي اهڙو ڀؤ اچي ٿيو، جو ڊپ کان
ويجهوئي ڪونه ويس. پر ٿوريءَ ديرکان پوءِ هري هري
وک وک ۾ بنڊ ڏي ويا، ۽ ٽپو ڏيئي مٿس چڙهي ويٺا.
نيٺ جيڪا وڻين سان بنڊ سان ڪيائون. اهڙي ڦڪي
بادشاهه تي ناراض ٿي وڪيل کي ورائي جوپيٽر وٽ
موڪلي، عرض ڪيائون ته ”اسان کي جو بادشاهه ڏنو
اٿوَ، سو اسان کي پٽيءَ نٿو وڻي؛ تنهن ۾ ٻيو ڪو
ڀلائي ڪري ڏيو ته چڱو“. تڏهن جوپيٽر هڪڙو ٻگهه پکي
هنن لاءِ بادشاهه ڪري ڏياري موڪليو، سو ايندي ئي
هڪ ٻئي پٺيان ويو ڏيڏرن کي کائيندو. تڏهن هڪڙو
امير وچ ۾ آڻي، وري جوپيٽر کي عرض ڪيائون ته
”مهرباني ڪري اسان کي ٻيو ڪو بادشاهه ڏيو، نه ته
جهڙو اسان جو حال اڳي هو ته تهڙو ٿئي.“ تڏهن
جوپيٽر فرمايو ته ”نه- ڇا کئون ائين ڪيوَ؛ هاڻي
اها اوهان جي بيوقوفيءَ جي سيکت آهي!“
نصيحت:- ڌڻي تعاليٰ اسان کي جنهن حالت ۾ رکيو آهي، تنهن جو
نرادر ڪري، اسان کي نيون نيون سَڌون ڪرڻ نه گهرجن.
وري جي ڪجن، ته مٺيون ڪري ڀوڳجن؛ خدا کي موٽي
ڇاڪاڻ سندائڻ گهرجي؟ جيڪڏهن ماڻهن کي هڪڙو راجا
نه وڻندو آهي، ته ٻيو گهرندا آهن؛ ۽ وري جڏهن اهو
ملندو اٿن، تڏهن چوندا آهن ته هيءُ چڱو نه: پر
ائين نٿا سوچين ته هن ۾ ڏوهه ڪنهن جو!
(32) آکاڻي چور ۽ ڪتي جي
هڪڙي چور، کاٽ هڻڻ لاءِ، ڪنهن گهر ۾ اچي ڪتي کي مانيءَ جا ٽڪر
اُڇليا-هن لاءِ، ته هو ڀونڪي نه؛ پر ڪتي چيس ته
”نڪر هتان! هن کان اڳي رڳو منهنجو توتي ڀرم هو،
هاڻي تنهنجي انهن چَٽُسن ڪري سا دلجاءِ ٿيم، ته
تون پڪو لچ آهين!“.
نصيحت:- جنهن جي هٿ ۾ رشوت، تنهن جي من ۾ ڪپت جائي هوندي ئي
هوندي؛ تنهن ڪري ماڻهن کي کپي ته رشوت ڏيندڙ تي
ڀروسو نه رکي؛ ڇاکئون ته اهو ڪڏهن نه ڪڏهن
ڦاسئيندي دير نه ڪندو. سچ ته هيءُ آهي، ته رشوت
وٺندڙ کان به ڏيندڙ بڇڙو آهي: ڇو جو اهو وٺندڙ کي
ٿو ڀرمائي، ۽ جيڪڏهن اهو رشوت نه آڇي، ته وٺندڙ
ايمان سان ڪم ڪري؛ پر رشوت ملڻ ڪري، اُهو پيسن ۾
لوڀجي، بي ايمانيءَ جو ڪم ڪيو وجهي. جڏهن وري اها
ڳالهه اچيو ڦاٽ کائي، ۽ مٿس موچڙا ور ڪيو اچن،
تڏهن اُهو به پڇتائيندو آهي ته ”هاءِ! ڇو رشوت
ورتيم؛ جي نه وٺان ها؛ ته هن آهيءَ ۾ نه اچان ها!“
23) آکاڻي پير ۽ ماکيءَ جي مک جي
اڳئين سمي ۾، جڏهن جڳ ننڍو هوندو هو، تڏهن هڪڙيءَ ماکيءَ جي مک،
جنهن پنهنجي ماناري ۾ گهڻي ماکيِ ميڙي هئي، سا
ڪنهن پِير وٽ اُڏامي ويئي، ۽ اُن ماکيءَ مان وڃي
سُکا ڏنائينس. تنهن ڪري پير خوش ٿي چيس ته ”گهُر
جيڪي گهُرين، آءٌ تو کي ڏيان.“ تنهن عرض ڪيس ته
”اي ناليرا پير، مون نماڻيءَ جا ڌڻي، هن غريب کي
ڏنگ ڏي، ته جيڪو ماناري ڏانهن ماکي نئڻ لاءِ اچي،
ته اُن کي اُتي جو اُتي ڏنگ هڻي ماري وجهان.“ پر
هو پير ماڻهن جو سڄڻ هو، تنهن ڪري هن جي سوال تي
ڏمرجي چوڻ لڳو ته ”ڏنگ جو گهرين ٿي سو ملندءِ، ۽
جڏهن ڪوبه ماڻهو ماکيءَ نئڻ لاءِ ايندو، ۽ تون
ڏنگيندئينس، تڏهن اُنهيءَ ڦٽ ساڻ اُهو ڪين مرندو،
پر اُٽلندو ئي تون مرنديئن. ۽ پنهنجيئي ڏنگ سان
ساهه ويندءِ!“
نصيحت:- سچ آهي ته جو ٻئي جو مٺ- گهُرو ٿيندو آهي، سو پاڻ کي
خراب ڪندو آهي-جئن هن ماکيءَ جي مک جو حال ٿيو.
تڏهن تون سڀ جو خير گهر، ته تنهنجو به خير ٿئي؛
ڇاکئون ته پارسيءَ واري به چيو آهي ته ”بدخواه
کسان بهيچ مطلب نرسد“، يعني جو ٻئي جو مٺ-گهرو
ٿيندو آهي، تنهن جي ڪائي مراد پوري نه ٿيندي آهي.
(34) آکاڻي چنڊول ۽ سندس ٻچن جي
هڪڙي چنڊول پکيءَ،. پنهنجا ٻچا ڪنهن اَن جي پڪل پوک ۾ رکيا هئا.
سو ڊنو پئي، ته متان منهنجي ٻچن کي کنڀن اچڻ کان
اڳي، هاري اچي ٻنيءَ کي لڻن، پوءِ جڏهن کاڄ ڳولڻ
لاءِ ٿي ويو، تڏهن پنهنجن ٻچن کي چئي ويو ته
”جيڪڏهن منهنجي پرپٺ ڪا ڳالهه ٻولهه هلي، ته اها
پيرائتي مون کي ٻڌائجو.“ هو ته ائين چئي ويو، هيڏي
هنن ٻڌو ته اَن جي ڌڻيءَ پنهنجي پٽ کي سڏائي چيو
ته ”ابا، آءٌ ڀانيان ٿو ته هيءُ پوک هاڻي پڪي ٿي
بيٺي آهي، تنهن ۾ سڀاڻي سويرو وڃي پنهنجي يارن ۽
پاڙيوارن کي سڏي اچج، ته لڻڻ ۾ واهر ڏين.“ جڏهن
چنڊول وري آيو، تڏهن ٻچڙا چُون چُون ڪري چوڌاري
ڦري آيس، ۽ جيڪي ڳالهيون ٻڌيون هئائون سي سُڻائي،
عرض ڪيائونس ته ”سگهو اسان کي هتان ڪڍي ڪاڏي پري
وٺي هل، ورندي ڏنائين ته ”آرام ڪري ويهو، ڇاکئون
ته جيڪڏهن اَن جو ڌڻي پنهنجن يارن ۽ پاڙيوارن تي
ٿو ويساهه رکي، ته تڏهن مون کي پڪ آهي ته سڀاڻي
ٻني ڪڏهن به ڪين لُبندي“. ٻئي ڏينهن به ، اڳئين
وانگي ٻچن کي سمجهائي، هي ٻاهر نڪتو. پوءِ اَن جو
ڌڻي اچي هُنن لاءِ سيڙجي ويٺو؛ايتري ۾ ڏينهن اچي
تتو، ۽ هُنن مان مدد ڏيڻ لاءِ ڪو نه آيو، تنهن ڪري
ڪم پٽيءَ ڪونه ٿيو. تڏهن، پنهنجي پٽ کي چيائين ته
”آءٌ ڄاڻان ٿو ته يارن ۽ پاڙيوارن تي ڪم جو ويساهه
رکڻ نه کپي؛ تنهن لاءِ تون پنهنجن چاچن ۽ مائٽن
وٽ وڃي چئين ته ”اسان کي لڻڻ ۾ واهر ڪرڻ لاءِ
سڀاڻي سويرو هتي اچن“. اها ڳالهه ٻڌي ٻچن کي به
ڏاڍو ڀؤ ٿيو، تن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو. پڻهين جواب
ڏنو ته ”متان ڊنا آهيو، ڇاکئون ته هڪ ٻئي جي ڪم
لاءِ مائٽ به سِگها نٿا سڏ ڏين- تنهن ۾ ٻي جيڪا
ڳالهه ٻڌو سا مون کي چئجو“. ٻئي ڏينهن به اڳئين
وانگر ٻاهر ويو. پر ان جي ڌڻيءَ جا مائٽ به اهڙا
آرسي هئا، جهڙا سندس يار هئا؛ تنهن پنهنجي پٽ کي
چيو ته ٻڌ: ”اي پٽڙا!، ساڻي سوڌو ٻج ڏاٽا جوڙائي
رک، ته اسين سويرو پاڻ هلي هن پوک کي لڻنداسون“.
جڏهن ٻچن پيءُ کي اها ڳالهه ٻڌائي، تڏهن پيءُ
وراڻي ڏنين ته ”سچ هاڻي نڪرڻ جو ويلو آهي؛ ڇاکئون
ته جڏهن ڪو ماڻهو، پاڻ پنهنجي سر ڪم ڪرڻ جي وٽ
ڪندو آهي، تڏهن ٿيڻي نه آهي ته ڪِي جئن اُهو
چاهيندو هوندو تئن نه ٿيندو!“ ائين چئي، انهيءَ دم
ٻچن کي کڻي ٻئي هنڌ رکيائين- ۽ ٻئي ڏينهن، ان جي
ڌڻيءَ جو پٽ آيو، تنهن اچي پوک لڻي صفا ڪري رکي.
نصيحت:- جو ڪم پنهنجي سر ڪري سگهجي تنهن جو ويساهه مائٽن، يارن
۽ پاڙيوارن تي رکڻ نه گهرجي؛ ۽ جيڪو اُنهن جو
ڀروسو رکندو آهي، تنهن کي ٻيڻو ڇيهو رسندو آهي:
هڪڙو ته انهن لاءِ ترسي ڪڪ ٿيو پئجي، ٻيو وري هو
جو هائو چئي وري اچي ڪين، تنهنڪري ڏک ٿيو بيهي.
تنهن ۾، جيڪو پنهنجي ڪم جو ڀروسو پاڻ تي رکندو
آهي، تنهن جي مراد پوري ٿيندي آهي؛ ۽ ڏسو ڪڏهن نه
به کڻي ٿئي، ته اُهو پنهنجي پاران ته ڪشالي ڪرڻ ۾
آرس ڪونه ڪيو، پوءِ هاڻي ڪم نه ٿيندو ته تنهن ۾
منهنجو ڪهڙو ڏوهه- ”اپني گهوٽ ته نشا ٿيو ئي.“
جوپيٽر اڳوڻن رومن ۽ يونانين ۾ هڪڙو ديوتا
هو.
|