(67) آکاڻي
دائيءَ ۽ بگهڙ جي
هڪڙي ڏينهن، رات جو، هڪڙي کيٽائيءَ ٻار اچي کيٽو ٻڌو، سو رئڻ
کان ماٺ ئي ڪانه ڪري. تنهن کي پرچائڻ جي واسطي،
دائيءَ گهڻيئي مٿا هڻي بيهي رهي، ته به ٻار کي بس
ئي نه اچي. نيٺ اهو دڙڪو ڏنائيس ته ”ماٺ ڪر، نه
ته اجهو بگهڙ ٿو ٻاهران اچي، تنهن کي کڻي ٿي
ڏيانءِ!“ انهي ڏينهن، بگهڙ ڪو سچ پچ ٻاهرون آيو
هو، تنهن اها ڳالهه ڪئي آهي، سا پنهنجي قول کي
پاڻي ڏيندي؛ تنهن لاءِ بيهندي بيهندي جڙهه ئي نڪري
ويس. هو ٻار رڙي رڙي ٿڪو، تنهن کي اتي ئي ننڊ کڻي
ويئي، ۽ هن ويچاري بگهڙ کي بکيو ۽ نراس موٽي جهنگ
ڏانهن وڃڻو پيو. ائين ڪندي، واٽ تي لوڪڙ گڏيس،
تنهن پڇيس ته ”ادا اڄ ٻيو ته مڙيو ئي خير آهي، ڇو
اڄ پير ئي نٿو اڳتي کڄيو؟“ بگهڙ ورندي ڏنس ته
”يار، ڳالهه ئي ڪانه پڇ: آءُ اهڙو بيوقوف آهيان،
جو هڪڙيءَ رن جي ڳالهه تي لڳي راهه ويندو ٺڳجي
پيس!“
نصيحت:-گهڻو ڪري ماڻهن جي اهڙي عادت ٿيندي آهي، جو دل ڪري ڪو ڪم
ڪرڻو نه هوندو اٿن، ته به ٻاهرون ائين ئي وات سان
پيا چوندا آهن، تنهنڪري ڏاهن کي رڳي انهن جي چوڻ
تي ويساهه رکڻ نه کپي. ڏسجي ته ٻيلي هيءُ جو ڳالهه
ٿو ڪري، سو پنهنجي قول کي پاڻي ڏيندو، تنهن جو
ويچار ڪري پوءِ ڪو ڪنهن تي ويساهه رکي ته ڀلي رکي.
ٻيو چوڻيءَ ۾ آهي ته ”ماڻهو هن زماني جا، اندر ۾
رکن هڪڙي، ٻاهر ٻڌائن ٻي“.
(68) آکاڻي ماري ۽ چندول پکيءَ جي
ڪنهن ماريءَ، پکين ڦاسائڻ لاءِ ڄار ويٺي وڌي، اُتي، پاسي سان
هڪڙي وڻ تي ڪو چنڊول ويٺو هو، تنهن چيس: ”اڙي
ڀائي، هي تون ڇا ٿو ڪرين؟“ماري ورندي ڏنس ته ”هي
اوهان پکين جي وسئن لاءِ ڳوٺ ٿو ٻڌان. هن ۾ جيڪو
پکي اچي ٽِڪندو تنهن کي پوءِ ٻارهوئي دلجاءِ: چارو
به هتي، پاڻي به هتي، ۽ ٽڪڻ لاءِ طرحين طرحين جون
جايون به هن ۾ اَٿن، سمهڻ جي واسطي ڪُنئرا ڪُنئرا
هنڌ وهاڻا به اٿن. مطلب ته ڪنهن به ڳالهه جو اَهنج
ڪونهين.“ چنڊول ڀاني، ته هيءُ جيڪي چوي ٿو، سو سڀ
سچ آهي! تنهن نڪي ڪڇيو، نڪي پڇيو، اَڃا ماري ڄار
وجهي ڏني پٺ، ته هي منجهس گهڙي آيو. پوءِ ان ۾
ڦاسي ڏاڍو هلاک ٿيو. انهيءَ مهل اتي ٻيا گهڻا پکي
آيا، تن سڀني کي چيائين: ”يارو، سنڀالجو متان ڪو
هن کي ويجهو ويو آهي!هيءَ ڦاهي اٿو، آءُ ئي ڀلجي
هن ۾ ڦاسي ويو آهيان. هي ماري اوهان کي لالچائي،
ته به اوهين پت نه ڪجوس، ۽ اُن جي ڳالهه سچي نه
ڄاڻجو، ۽ هڪڙي هڪڙي پکيءَ کي اهو احوال ٻڌائجو.“
اڃا چار گهڙيون نه گذريون ته اجهو ماري آيو. پکيءَ
چيس: ”اڙي ٺڳ، مون کي سو ٺڳيُئي، باقي پڪ ڄاڻج ته
هن تنهنجي آرامگاهه ۾ ٻيو ڪو پکي نالي کي به وري
ڪونه ايندو.“
نصيحت:- جو ڪپتيو ۽ ٺڪ ٿيندو آهي، تنهن کي جيستائين سڃاڻبو نه
آهي، تيستائين پيو ماڻهن کي ڌتاريندو ۽ ٺڳيندو
آهي. هڪڙو ڀيرو اُن جي ڪپت پڌري ٿي، ته وري اُن جي
ڳالهه تي پت ڪونه ڪندو آهي-جيئن چيو اٿن ته
”آزمائي کي آزمائي سو ڌوڙ منهن ۾ پائي!“
(69) آکاڻي ڪتي ۽ ڏاڙهيل جي
هڪڙي ماڻهوءَ کي ڪتي ڏاڙهيو هو. تنهن کي هڪڙي ٻڍي ڏس ڏنو ته
مانيءَ جو ٽڪر کڻي، سو پنهنجي ڦٽ جي رت مان ٻوڙي،
جنهن ڪتي ڏاڙهيو اٿيئي، تنهن کي کاراءِ، ته انهيءَ
ساهت اهو زهر مري وڃئي، تنهن ويٺي ائين ڪيو، ته
ايتري ۾ هڪڙو ڏاهو ماڻهو اچي اتان لنگهيو، تنهن
پڇيس: ”اڙي هيءُ تون ڇا ٿو ڪرين؟“ تڏهن هن ڏاڙهيل
سڄو ئي حال ٻڌايس. اها ڳالهه ٻڌي ڏاهي چيس، ته
”اڙي، جي ائين آهي ته آءٌ سو توکي چوان ٿو جو اِهو
ڪم لڪائي ڪج: جيڪڏهن اهو سماءُ هن ڳوٺ جي ڪتن کي
پئجي ٿو وڃي، ته هڪڙي ماڻهوءَ کي به ڏاڙهئي ڌاران
ڪين ڇڏيندا!“
نصيحت:- ڏوهارين کي سزا ڏيڻ گهرجي، سا انهن کي نه ڏيئي، جيڪي
ماڻهو منجهن بيهي اُنهن جي اُٽلندو ئي خوشامد ڪن ،
ته اُنهن کي کپي، جو اُها ڳجهي پالهي ڪن؛ نه ته
چڱن جي عزت نه رهندي ۽ لڇن جو مان وڌندو.
(70) آکاڻي نم ۽ سر جي
ڪنهن درياءَ جي ڪپ تي، هڪڙو وڏو نم جو وڻ بيٺو هو، سو ڏاڍيءَ
واچ جي جهوٽي ۾ پئجي، وهڪ ۾ لڙاُهي ٿي هليو. تنهن
جا ڏار هڪڙي سر جي ڪاني وٽان اچي لنگهيا، پر ڪاني
کي ٿيو ئي ڪين هو؛ تڏهن نم اچرج ۾ پئي ڪاني کان
پڇيو ته ”اڙي، تون اهڙي طوفان مان ڪئن بچئين، جنهن
واچ مون جهڙي وڏي وڻ کي پاڙون پٽي کڻي ڇڏيو؟“ تنهن
تي سر جي ڪاني وراڻي ڏنيس ته ”ڀائي، اسان ٻنهي ۾
زمين آسمان جو تفاوت آهي: جڏهن واءُ ايندو آهي،
تڏهن آءُ نمي بيهندو آهيان، ۽ ڄاڻندو آهيان ته
ڏاڍي جي اڳيان اسان جي هلندي ڪانهي، ۽ تون پنهنجي
زور تي ڀروسو رکي بيٺو ئي رهندو آهين“
نصيحت:- جنهن سان پڄي نه سگهجي، تنهن سان نمي هلجي، اُتي هٺ ڪرڻ
سان بيوقوفي آهي. جئن چوندا آهن ته ”ڏاڍي نال
شراڪت ناهي؛ پاءِ پلو ڪر زاري“؛ جتي پڄڻ نه آهي
جاءِ، اُتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.“
(71) آکاڻي سپ ۽ روات جي
هڪڙي سَپَ، لوهر جي هٽ ۾ بيهي، کاڄ جي شين لاءِ هيٺ مٿي پئي
نهاريو. ايتري ۾، هڪڙي روات ڏٺائين، تنهن کي چوپڻ
لڳو. تڏهن رواتيءَ جهٽ پٽ ڪري چيس: ”اڙي بيوقوف،
تون مون کي ڇڏين ته چڱو، ڇاکئون ته آءٌ مڏي ۽ تکي
لوهه کي ڳهڻ واري آهيان، منهنجي چٻڻ منجهان ته
مورڳو تنهنجا ڏند ڪِري پوندا!“
نصيحت:- ويريءَ جو زور ڏسي ڀالي، پوءِ، ان جو نقصان ڪرڻو هجي،
ته ڪجي. جنهن کي سڀئي ماڻهومڃيندا هجن، ۽ اُن جي
چئي وانگر ڪندا هجن، تنهن سان وير رکڻ ته پاڻ کي
ناس ڪرڻو آهي. انهيءَ طرح ڏاهپ کي زور تي وڏن
ماڻهن جي گلا ڪرڻ، مورڳو پنهنجي بيوقوفي ڏيکارڻ
آهي- چوندا آهن ته ”اُڀ ۾ ٿڪ اُڇلائبي آهي ته وري
اچي مُنهن ۾ پوندي آهي!“
(62) آکاڻي خواجه خضر ۽ ٻيلاريءَ جي
هڪڙي ٻيلاريءَ درياءَ جي ڪپ تي وڻ بيٺي وڍيو، ته اوچتو ئي سندس
هٿ مان ڪهاڙو کسڪي وڃي پاڻيءَ ۾ پيو، تنهن انهيءَ
دم وڃي تَرُ ورتو؛ تنهنڪري انهيءَ ڏک ۾ ڏاڍو وسوڙ
جي درياءَ تي ويهي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو،
اوڏيءَ مهل ”خواجه خضر“ مَهرِ ڪري ڏيکاري ڏنيس، ۽
اُن کان احوال پڇي ٽٻي هڻي اندرون هڪڙو سونو ڪهاڙو
ڪڍي آيو. ٻيلاريءَ کان پڇيائين ته ”هيءُ ڪهاڙو
تنهن جو آهي؟“ چيائين، ”نه“ تڏهن خواجه خضر ورائي
ٻي ٽٻي هڻي روپو ڪهاڙو ڪڍي آيو، ته به هن ٻيلاريءَ
چيو ته ”اِهو منهنجو نه آهي“. پوءِ خواجه خضر ٽئي
ڀيري ٽٻي هڻي اُهو ساڳيو ڪهاڙو جنهن تَرُ وڃي ورتو
هو، سو ڪڍي آڻي ڏيکاريس، سو ڏسي ڏاڍو خوش ٿي چوڻ
لڳو ته ”هائو سائين، اهو منهنجو ڪهاڙو آهي“ خواجه
خضر هن جو ايمان ۽ سچائي ڏسي اهڙو مٿس راضي ٿيو،
جو هي ٻئي ڪهاڙا-روپو ۽ سونو- به کڻي ڏاڻ ڏنائينس.
جڏهن انهيءَ ٻيلاريءَ پنهنجن سنگتين سان وڃي اها
ڳالهه ڪئي، تڏهن اُنهن منجهان هڪڙو ڄڻو هِرکيو ته
”آءُ به وڃي ائين ڪري ڏسان، متان مهنجو به هن ڪري
نيت کلي!“ تنهن لاءِ ڪاٺين ڪرڻ جو مِکر ڪري اتي
ويو؛ پاڻهي پنهنجي هٿ منجهان ڪهاڙو کسڪائي کڻي
درياءَ ۾ وڌائني-پوءِ ڀر تي ويهي اوڇنگارون ڏيئي
ٻُڪين پاڻي روئڻ لڳو، ته اڳئين وانگر وري خواجه
خضر ان کي به ڏيکاري ڏني: ۽ ڀانيائين، ته هيءُ به
ڪهاڙي جي ئي وڃڻ کان ٿو روئي، تنهنڪري ٽٻي هڻي
هڪڙو سونو ڪهاڙو ڪڍي آيو، ۽ پڇيائين ته ”تنهنجو
ڪهاڙو ويو هو سو هيءُ آهي؟“ هن نماڻو ٿي چيو ته
”سچ اهو منهنجو آهي!“ ۽ وٺڻ لاءِ اوڏو ٿيو، پر
خواجه خضر هن جي بي ايماني ۽ ڪوڙ ڏسي ڏمريو، ۽ اُن
جي سيکت لاءِ سونو ڪهاڙو ته نه ڏنائينس، پر جيڪو
سندس هو تنهن کان به جواب ڏنائينس!
نصيحت:- جيڪو سچو ۽ ايماندار شخص آهي، تنهن کي نڪا لهر نڪو لوڏو
آهي، ۽ اُن جو مال سو ورهيه به سوايو؛ باقي جو
ڪوڙو بي ايمان آهي، تنهن جي موڙي ئي ناس آهي.
(73) آکاڻي هنس ۽ ٻگهه پکين جي
ڪي هنس ۽ ٻگهه ڪنهن ٻنيءَ ۾ چڳندا وتندا هئا، هڪڙي ڏينهن
سُجيريءَ وجهه ڏسي هارين سوڌو مٿن ڪاهه ڪئي. تڏهن
هنس پکيء، جي ڳورا ۽ ٿلها هئا، سي گهڻا جهلجي پيا،
۽ ٻگهه پکي، جي بت ۾ هلڪا هئا، سي جهٽ ڏيئي اُڏامي
ويا.
نصيحت:- جڏهن دشمن اچي پٺيان لڳندو آهي، تڏهن کٽل کان دنيادار
گهڻو هلاک ٿيندو آهي. جئن لشڪر کان سورسات ۽ سمان
منجهان رڳو مقام جي وقت سک آهي، پر لاڏاڻي جي وقت
مورڳوئي جنجال ٿيو پوي، تئن ڌڻ کان به رڳو سک سانت
۾ آرام آهي، باقي ڏک ۾ ته ان کي سنڀالڻ ئي مشڪل
آهي.
(74) آکاڻي شينهن ۽ ٻين مرن جي
هڪڙي ڀيري شينهن ۽ ٻين ڪيترن مِرن پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو ته ”اسين
هڪ- صلاح ٿي شڪار ڪريون، ۽ جيڪي ملي سو برابر
ورهائي وٺون“. هڪڙي ڏينهن گڏجي شڪار لاءِ گهمڻ
ويا، تنهن ۾ هڪڙو ڏاڍو ٿلهو متارو هرڻ مارايئون، ۽
پاڻ ۾ چار پتيون ڪيائون- ڇاکئون ته انهيءَ مهل
شينهن سان ٽي مِرون ٻيا به هئا. جڏهن چارئي واٽا
ڪري رکيائون، تڏهن شينهن اڳڀرو ٿي انهن مان هڪ
ڀاڱي ڏي اُلر ڪري فرمايو ته ”هيءُ ڀاڱو منهنجو
آهي، سو آءٌ کڻان ٿو، ۽ هاءُ ٻيو ڀاڱو به آءءٌ
کڻندس، ڇاکئون ته اوهان جو شڪار ڪيو، سو سڀ منهنجي
زور تي“. وري ٽئي ڀاڱي ڏانهن مٿو چوري چوڻ لڳو ته
”هيءَ پتي به آءٌ وٺندس، ڇاکئون ته اوهين منهنجي
رعيت ۽ آءٌ اوهان جو راجا، تنهن لاءِ اوهين
اِهومنهنجو نذر گذاريندو: هاڻي هيءَ باقي جو حصو
رهيو آهي، سو اوهان کي خبر هوندي ته هاڻي ڪهڙو
اوکو وقت آهي ۽ لشڪر جي واسطي اسان وٽ سيڌو سامان
گهڻو نه آهي؛ تنهن ۾ پوءِ ڪا حرڪت ٿئي، تنهن لاءِ
اڳيئي اضافو ڪري رکجي- ائين ڪرڻ مناسب آهي! ڪئن؟
جيڪي آءٌ چوان ٿو سو اوهان جي صلاح ۾ اچي ٿو يا
نه؟ ”نه“ چوندو، ته من هن جو اِن ۾ وڃي ڪين
ٿو؛اوهين هلاڪ ٿيندو، اها ڳالهه ياد رکجو!“ اها
ڳالهه شينهن جي ٽنهي ٻڌي ٿي؛ تنهن ۾ شينهن جو چهرو
ڪاوڙيل ڏسي هنن کي ڊپ ٿيو ۽ هن جي چنبي جو اهڙو
دهڪو پيو، جو منجهون ڪنهن ڪڇيو ئي ڪين. نيٺ پنهنجا
ڪَن پِيڙي ويندا رهيا، ۽ پاڻ ۾ هيءَ پڪ ڪيائون ته
”اڄ کان پوءِ، جي شڪار ڪيوسين ته پنهنجن هڪ جهڙن
سان گڏ ڪنداسون“.
نصيحت:- هيڻن ۽ ڏاڍن جو اتفاق گهڻن ڏينهن تائين ڪين هلندو آهي؛
۽ ڏاڍا ٻين سان اتفاق ڪرڻ مهل ٻول ڪندا آهن، پر
جڏهن سمجهه ڏيندا آهن، تڏهن ڦرندي ويرم ڪين ڪندا
آهن؛ تنهن لاءِ اهڙن ماڻهن سان پهريائين اتفاق ڪرڻ
بي عقلي آهي.
(75) آکاڻي جهيڙو ڪندڙ ٻلن جي
ٻن ٻلن ڪٿان مائو چورايو؛ سي اچي پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا ته هاڻي هن مان
هر هڪ ڪيترو کڻي. انهيءَ ڳالهه جي نبيري ڪرڻ لاءِ
هڪڙي باندر کي ميز پئنچ ڪري مقدمو ان سان رجوع
ڪيائون. باندر گهڻيءَ خوشيءَ سان پئنچات قبول ڪئي،
۽ ساهمي هٿ ۾ کڻي چوڻ لڳو ته ”پنهنجو مائو هيڏي
کڻي اچو ته آءٌ اوهان کي برابر ورهائي ڏيان“. پوءِ
ٿورو مائو هڪڙي پُڙ ۾ وڌائين ۽ ٿورو ٻئي پُڙ ۾ ، ۽
ڪانو مٿي کڻي ڏسڻ لڳو، ته هڪڙو پُڙ ڳرو ٿيو؛ تڏهن
اُن مان مائي جو ننڍيرو ٽڪر ڀڃي وات ۾ وڌائين، ته
ٻئي پاسي ڪاڻ ٿي؛ تڏهن اُهو پُڙ هلڪو ٿيو؛ پوءِ
جڏهن ائين ڪرڻ لڳو، تڏهن ٻلن کي ڊپ ٿيو، ۽ ڊوڙي
ٻئي هٿ جهليائونس ۽ چيائونس ته ”سائين، بس هاڻي
اوهان جو نياءَ اسان سمجهيو!“ باندر چيو: ”اوهان
ته سمجهيو سو چڱو، پر کرو جڏهن نياءَ پاڻ ته
سمجهي؛ اهو انصاف دل لائي گهڻيءَ باريڪ نظر سان
ڪرڻ گهرجي!“ ائين چئي، ٿورو مائو هن پُڙ منجهان ۽
ٿورو مائو هُن پُڙ مان هڪ ٻئي پٺيان ڳڙڪائيندو
ويو، تڏهن ٻلا پيرن تي ڪري چوڻ لڳس ته ”پئنچ
سائين، هاڻي بس ڪريو، باقي جيڪو مائو بچيو آهي سو
ته اسان واسطي به کڻي ڇڏيو!“ تنهن تي باندر وراڻي
ڏني ته ”ڀائي تڪڙا نه ٿيو، جيئن مون اوهان جو
انصاف ڪيو، تيئن پنهنجو به ڪرڻ گهرجيم؛ تنهن ۾
جيڪي مائو بچيو آهي، سو ته اسان جي دستوري آهي!“
ائين چئي، انهيءَ سڀ رهيل مائي جو پورو هڪڙو
گِرَههُ ڪيائين. پوءِ هنن کي سمجهائڻ لڳو ته ”هاڻي
پئنچات ٿي وئي، اوهين وڃو پنهنجي گهر!“
نصيحت:- ماڻهو ڪنهن به شيءِ لاءِ وڙهي، منصف وٽ نبيري ڪرائڻ
لاءِ ويندا آهن؛ اتي وڪيل هوندا آهن، تن کي چڱو
داءُ لڳندو آهي، هي ماڻهو وڙهي وڙهي ٿڪبا آهن، ۽
وڪيلن کي نفعو ٿيندو آهي. نياءُ جي لفط جي معنيٰ
ويچار ڪري ڏسجي ته رڳو امانت آهي- سو امانت امانت
جي ماڳ، پر اُٽلندو ماڻهن تي ملامت ٿيو پوي! هن
نياءَ جي ڀروسي تي ڪيترا ڇڪيل پنڻ جهڙا ٿي ويا، ۽
ڪيترا هوڏ ٻڌي قرض کڻي کٽجي پيا- انهن جي دل ۾
ائين آهي ته ڀل ٻيا اسان وانگي آفت ۾ پون. تڏهن،
اهڙا ماڻهو ڏاها چڱا مڙس گڏ ڪري مقدمي جو ڇو نه
نبيرو ڪرائين؟چوند آهن، تن کي دين ڌرم جي واٽ
ڏيکارڻ لاءِ ٻئي ڪنهن جو ضرور نه ٿيندو آهي. گهٽ
گرههُ کائيندڙ کي طبيب جو احتياط نه رهندو آهي.
جيڪي انصاف ۽ سپت سان هلندا آهن، ۽ پاڻ ۾ ڪو تڪرار
هوندو اٿن تو ٽياڪڙ سان رجوع ڪندا آهن، ۽ اُهو
جيئن چوندو اٿن تيئن ڪندا آهن، ته اُنهن کي منصف
وٽ وڃڻ جو ضرور ڪونه ٿيندو آهي. جڏهن اهڙي ڪا
ڳالهه هجي، جنهن جو ٽياڪڙ کان به نبيرو نه ٿئي،
تڏهن پاڻ ۾ ٺهي وڃجي ته اُن ۾ چڱائي آهي: جيئن ته
چڱن چيو آهي ته ”نُنهن سان ڇڄي، تنهن کي ڪاتي ڇو
هڻجي“.
(76) آکاڻي پريءَ زال ۽ سندس ٻانهيءَ جي
هڪڙيءَ پريءَ-زال وٽ ڪيتريون ٻانهيون هونديون هيون، تن کي ڏهاڙي
جيڏي مهل ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو هو، تيڏيءَ مهل اُٿاري ڪم
۾ رنبائيندي هئي، ڪنهن سمي انهن ٻانهين خيال ڪيو
ته ”هيءُ پليت ڪڪڙ اسان جي مٺي ننڊ ٿو ڦٽائي، تنهن
کي ماري ڇڏڻ گهرجي، ته پوءِ هيءَ پري-زال اسان کي
هلاک نه ڪندي. پوءِ ائين ڪيائون، ۽ دل ۾ ڄاتائون
ته هاڻي سج اڀرئي تائين اٿاريندي ئي ڪين؛ پر
پري-زال کي ته اها سڀ سڌ هئي، تنهن ڪري ٻانهين کي
انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڌ رات جو اٿارڻ لڳي، ته مر
سيکت ٿئين.
نصيحت:- ڪي به ڪرڻو هجي، ته پهريائين دل ۾ ويچار ڪري ڏسجي ته هن
مان ڪهڙو ڦل حاصل ٿيندو؛ نه ته سک جي واسطي جو
سعيو ڪبو آهي، تنهن مان مرڳوئي ڏک ٿي پوندو آهي.
(77) آکاڻي ماريءَ ۽ پکيءَ جي
هڪڙي ماريءَ هڪڙي پکيءَ کي ڄار ۾ ڦاسايو، سو چوڻ لڳيس ته ”اڙي،
جيڪڏهن تون مون کي هن مهل جيءَ-دان ڏيئي ڇڏين ته
آءٌ سو ٻين گهڻن پکين کي ريهي ريبي تنهنجي ڄار ۾
آڻي ڦاسائيندس. “ ماريءَ ورندي ڏنيس ته ”اي پليت،
مون اڳي ئي دل ۾ ڄاتو هو ته توکي ڇڏڻ نه گهرجي،
هاڻي تنهنجي انهيءَ ڳالهه کان مون کي يقين ٿيو آهي
ته تنهنجو ساهه ڪڍجي؛ ڇاکئون ته تون پنهنجي هڪڙي
جيءَ لاءِ مائٽن ۽ ذات وارن جو ناس ڪرڻ ٿو ڀائين،
تنهن ڪري تو کي مارڻ مناسب آهي.“
نصيحت:- اڄ جو ڊوهو پاپي ٿيندو آهي؛ هو پنهنجن مائٽن ۽ ذات وارن
جي ناس ڪرائڻ لاءِ، ويريءَ کي منٿ ڪري پاڻ سکي ٿيڻ
ڀائيندو آهي، پر اهو ئي ويري پنهنجي ڪم ٿيڻ شرط ان
کي جيئرو ڪين ڇڏيندو آهي؛ جي کڻي ڇڏيندو به آهي،
ته به دل ڪري مڙيوئي ان جي حقارت ڪندو آهي.
(78) آکاڻي ڪنڍيءَ وجهڻ واري ۽ مڇي جي
ڪنهن ماڻهوءَ درياءَ ۾ ڪُنڍي وڌي هئي، تنهن ۾ هڪڙي مڇي اچي
ڦاٿي، تنهن کي ٻاهر ڪڍي پنڊي ۾ وجهڻ لڳو، ايتري ۾
اوءَ مڇي وينتي ڪري چوڻ لڳس ته ”اي دياوان، رحم
ڪري مون کي موٽائي درياءَ ۾ وجهه!“ ڪنڍيءَ واري
پڇيس ته ”اڙي، ايتري جا ڀلائي مان توسان ڪريان سا
ڇاڪاڻ؟“ مڇيءَ چيس ته ”آءٌ اڃا ننڍي آهيان،
تنهنڪري وڏي ٿئي کان پوءِ، جهڙو ڪي آءٌ تنهنجي ڪم
اينديس، تهڙو هاڻي ڪين اينديس.“ ڪنڍيءَ واري وراڻي
ڏنيس ته ”اها سچي آهي، پر هٿ آيل شيءِ ڇڏي اڳتي جي
آس رکان، اهڙو آءٌ بيوقوف نه آهيان.“
نصيحت:- جيڪو اڳتي جي آس تي هٿ آيل شيءِ ڇڏي ڏيندو آهي، تنهن کي
وري نه ملندي آهي، ۽ نه مليل شيءِ جي سڌ رکڻ ۾ ڪو
اهم نه آهي، پر انهيءَ جي آس تي، هٿ آيل شيءِ ڇڏي
ڏبي ته گهڻو ڪري پوءِ پڇتائبو.
(79) آکاڻي ڪتي ۽ گهيٽي جي
هڪڙي ڪتي ڪنهن گهيٽي تي لهڻي جو فرياد ڪيو، تنهن جي نبيري ڪرڻ
لاءِ بگهڙ ۽ ڳجهه پئنچ مقرر ٿيا، سو ڪتي جي طرف جي
ڪابه شاهدي نه وٺي گهيٽي جي خلاف فيصلو ڪيائون.
انهيءَ فيصلي ٿيڻ شرط ڪتي گهيٽي کي ماري وڌو، ۽ ان
جو ماس پاڻ ۽ انهن پليتن پئنچن پاڻ ۾ گڏجي ورهائي
کاڌو.
نصيحت:- چورن ۽ ڪوڙن ۽ ٺڳن ۽ دغابازن جي هٿان ڏکوئجي، ماڻهو
پئنچن وٽ ويندا آهن؛ سو اُهي پئنچ، وڍيءَ جي
واسطي يا فرياديءَ جي لڄ کان، اٽلندو ئي اُنهن جي
هاڃ ڪندا آهن. جيڪي پاپي پئنچ اهڙن ظلم رسيدن سان
ناحق ڪندا آهن، تن جو ڪڏهن ڀلو ڪين ٿيندو آهي. جوف
وٺي جي ٻين جي خرابي ڪندا آهن، تن اُهو جوف نه
کاڌو، پر وِههُ کاڌو. جنهن راڄ ۾ اهڙن کي سزا نه
ملندي آهي، سو راڄ جيڪڏهن سک سانت ۾ هوندو اهي، ته
ان جو سگهو ئي زوال ٿيندو آهي. جتي عدل هوندو آهي،
اُتي خلق به قائم رهندي آهي، ۽ انهن جي جيڪو هاڃ
چاهيندو آهي، انهيءَ مورک جي پاڻ هاڃ ٿيندي آهي.
(80) آکاڻي سرڻ ۽ ڪڙميءَ جي
هڪڙي سِرڻ ڪنهن ڪبوتر جي پٺيان لڳي هئي، سا، هڪڙي ڪڙميءَ جانورن
جي ڦاسائڻ لاءِ ڄار وڌي هئي، تنهن ۾ اچي ڦاٿي.
تڏهن کنڀڙاٽيون هڻي ڦٿڪن ۽ ڇُٽڻ لاءِ مٿان هڻڻ
لڳي، ته ايتري ۾ ڪڙميءَ پاسي کان بيٺي ڪم ڪيو،
تنهن اچي جهلي ورتس ۽ سارڻ لڳس. انهيءَ مهل منٿ ۽
وينتي ڪري چيائينس ته ”مون کي جيءَ-دان ڏي، ۽ ڏس
ته منهنجي هٿان تنهنجو ڪو نقصان ڪونه ٿيو آهي، ۽
آءٌ ڪبوترن جي پٺيان پيئي هيس“. تنهن تي ڪڙميءَ
جواب ڏنس ته ”چڱو، تڏهن ڪبوترن تنهنجو ڪهڙو گناهه
ڪيو هو؟“ ائين چئي، انهيءَ دم سسي ڌڙ کان ڌار ڪري
ڇڏيائينس.
نصيحت:- بيگناهه ڪنهن سان ناحق ڪرڻ ڏاڍو بڇڙو آهي- پوءِ توڻي
اُو وڏو هجي، توڻي ننڍو هجي، ته انهن ٻنهي کي
ايذاءُ هڪ جيترو آهي. تنهنڪري اُو گهنگار ضرور ٿئي
ٿو.
(81) آکاڻي ڳيري ۽ ماڪوڙيءَ جي
هڪڙي اڃايل ماڪوڙي تلاءَ تي پاڻي پيئڻ ويئي هئي، سا انهيءَ پاڻي
۾ ڪِري وهڻ لڳي؛ سا هڪڙي ڳيري ڏٺي، تنهن کي دل ۾
ديا پيئي. تڏهن پنهنجي چهنب ساڻ هڪڙو وڻ جو پن ڇني
پاڻيءَ ۾ کڻي وڌائين، تنهن جي اوٽ تي اها ماڪوڙي
تري نڪتي. تنهن کان پوءِ هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو جو
اهوئي ساڳيو ڳيرو هڪڙي هنڌ ويٺو هو، سو مڄاڻ جو
اتي هڪڙي ماريءَ بيٺي ڄار وڌي؛ تنهن جي انهيءَ
ماڪوڙيءَ کي سڌ پئجي ويئي، تنهن ائين ئي وڃي ان
ماريءَ جي پير ۾ چڪ وڌو، تنهن جي سور کان هن جيتري
۾ هٿ پير هنيا، تيتري م ڳيرو سچيت ٿي اڏامي ويو.
نصيحت:- ڪنهن ماڻهوءَ ڪنهن ساڻ ٿورو ۽ احسان ڪيو هجي، ته ان جو
ٿورو مڃڻ انسان کي واجب آهي؛ ان ۾ گهڻي دقت نه
آهي. پڄي ته ٿوري جي بدران ورائي اهڙو ٿورو ڪري
ڇڏجي. پر جيڪو اهو گڻ ٿورو وساري، اٽلندو ئي ان جي
بدران بدي ڪرڻ ڀائيندو آهي، تنهن جهڙو پليت ٻيو
ڪونه هوند. هن ماڪوڙيءَ ۽ ڳيري جي ڳالهه مان هيءَ
نصيحت ٿي نڪري ته بدلي ملڻ جي آس نه رکي، ٿورو ۽
احسان ڪبو رهجي- جئن ڳيري ماڪوڙيءَ سان ڪيو. اهڙي
طرح جيڪو ڪندو، تنهن کي ڌرم آتما يا سچو ديندار
چئبو.
(82) آکاڻي لوڀي ۽ هوَس واري جي
ڪنهن وير، هڪڙو هوَس وارو ۽ هڪڙو لوڀي ٻئي ڄڻا ديوتا مندر ۾
پوڄا ڪندا هئا، تن تي ديوتا راضي ٿي چين ته ”اڙي،
جيڪو گهرو سو ڏيانو- پر سو هن طرح ڏيندو سانوَ، ته
جيڪو پهريائين جيترو گهرندو، تيترو تنهن کي ملندو،
۽ تنهن کان ٻيڻو ٻئي کي ملندو.“ اها ڳالهه ٻڌي،
لوڀيءَ ويچار ڪيو ته آءٌ پهريائين گهران ئي نٿو،
ڇاکئون ته جهڙو مون کي لوڀ آهي، تهڙو هن کي به
هوندو، تنهنڪري جي هو گهڻو ڌن گهرندو، تڏهن مون کي
ان کان ٻيڻو پاڻ کان پاڻيهي ملندو“. اها ڳالهه ڳنڍ
ٻڌي ماٺ ڪري ويهي رهيو. اهو حال ڏسي هوَس واري
ديوتا کي وينتي ڪئي ته ”اي ديوتا، جيڪڏهن تون راضي
ٿيو آهين ته منهنجي هڪڙي اک ڪڍ!“ تڏهن ديوتا حڪم
ڪيو ته ”ائين ٿئي!“ تنهن تي هوَس واري جي هڪڙي اک
۽ لوڀيءَ جون ٻئي اکيون انڌيون ٿيون.
نصيحت؛ لوڀ ۽ هوس اِهي ٻئي اوڳڻ ڏاڍا بڇڙا آهن. اهي هن مٿيئن
ڳالهه مان صاف پڌرا ٿا ٿين. گهڻي ڌن جي آس ت
لوڀيءَ پنهنجي ديوتا وٽان گهريو به سهي پر فيض نه
ڏٺو ۽ هوس واري اک ڪڍائي ۽ پنهنجي جسي کي ڏک
پهچائي به ٻئي جو سک نه سٺو، تنهن ۾ جنهن جو جهڙو
سڀاءُ ٿيندو آهي، سو ڪڏهن ڪين ڇڏيندو اهي، پوءِ
توڙي سو کڻي انهيءَ منجهان ٽوٽا هجنس، جئين ته چيو
اٿن ته ”هٻيريءَ سندي هٻير ٽنگ ڀڳئي نه رهي“
(83) آکاڻي گهوڙي ۽ گڏهه جي
هڪڙي امير جي گهوڙِي تي سونا سنج پيا هئا، ۽ مٿا.ئنس ڪيمخاب جي
گدي پئي هئي سو لغام چٻاڙيندو ۽ ڦرڙا ٽ ڪندو واٽ
وٺيو پئي ويو، تنهن کي واٽ ۾ بار سان لڏيل آهستي
آهستي هلندڙ هڪ گڏهه گڏيو، تنهن کي ڊيڄاري چوڻ
لڳو؛ ”پوش پوش، پاسي نه ٿيندي ته آئون توکي لتاڙي
چچري ڇڏيندس!“ گڏهه ويچاري ڏٺو ته آئون هيڻو
آهيان، وڙهي مان مون کي هٿ ڪين ايندو، سو ستت وڃي
هڪڙي پاسي ٿي بيٺو ڪنهن ڏينهن ڇا ٿيو جو انهيءَ
ساڳئي گهوڙي کي جهنگ ۾ گولي لڳي، تنهن ۾ نڪمو ٿي
پيو، تڏهن انهيءَ امير هڪڙي ڀاڙي کڻڻ واري وٽ وڪڻي
ڇڏيس پوءِ پيو بار ڍوئيندو هو. هڪڙي ڀيري بار
کنيو واٽ ويٺو پئي ويو، تڏهن انهيءَ گڏهه ڏٺس ۽
هڪل ڪري چيائينس ”ميان صاحب سلام ٿئي! تنهن ڏينهن
مون کي پيرن هيٺ چچري ٿي ڇڏيو،اُهي توهين آهيو؟
مون اڳئي چيو ٿي ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اها توهان
جي ٽنڊ لهي پوندي“
نصيحت؛ جيڪي ماڻهو ٽنڊ ڪري هلندا آهن، تن کي جيستائين وڏن
ماڻهن جو وسيلو رهندو آهي تيستائين ماڻهو پيا آنهن
کي ٻاهران پيار ڪندا آهن، اندر ۾ پيا کؤنسندا آهن.
جڏهن وري اهو وسيلو کسبو اٿن ۽ ويچارا ٿي پوندا
آهن، تڏهن مٿن ديا ڪو ڪونه ڪندو آهي، پر اٽلندو ئي
انهن جي حقارت پيا ڪندا آهن، تنهن ۾ وڏائي لهڻ جي
اها واٽ نه آهي، جيڪي وڏائي جي پٺيان ڪاهي نٿا
پون، تن کي پاڻ کان پاڻهي اچي ملندي آهي ۽ جيڪي
انهيءَ جي پٺيان پوندا آهن تن کان پري ڀڄندي آهي،
جيڪا مانُ گهرندا آهن تن کي نه ملندو آهي ۽ جيڪي
ماڻهو واکاڻ جي آس رکندا آهن تن جي اٽلندي گلا
ٿيندي آهي.
(84) آکاڻي گهوڙي ۽ شينهن جي
هڪڙو تازو متارو گهوڙو ڏسي، ڪنهن شينهن جي دل سُرڪي ويئي ته
’جيڪر هن جي ماس جو سُڌ ٽڪر کائڻ لاءِ ملي وڃيم ته
واه!‘ پوءِ انهيءَ گهوڙي کي پنهنجي هٿ آڻڻ لاءِ،
طبيب جو ويس ڪيائين ۽ سڀني مِرن کي خبر ڏنائين ته
”مون ملڪ ملڪ گهمي، طرح طرح جون دوائون ۽ ٻوٽيون
جانچي جونچي انهن جو آزمودو ورتو آهي. مِرن کي
ڪهڙو به مرض هوندو ته به منهنجي هٿان ڇٽي پوندا“.
گهوڙي پنهنجا پير جانچي دل ۾ ويچار ڪيو ته پاڻ به
هن کي ٺڳ ٿي ٺڳي. پوءِ اهو گهوڙو ٻالو ڀولو ٿي
منڊڪ منڊڪ ڪندو شينهن وٽ آيو، چوڻ لڳس ته ”حڪيم
صاحب، منهنجي پوئين پير ۾ ڪنڊو لڳو آهي، تنهنڪري
پير جي سور کان آءٌ ڏاڍو بيزار آهيان؛ ڀلائي ڪري
ڪا دوا ڪريوم“. شينهن چيس ــ ”ٻچا، اوري اچ پير
ڏيکاريم“. پوءِ شينهن وٽ اچي گهوڙي پوين پيرن جي
اهڙي هڪڙي لت هنيس، جنهنڪري شينهن جون ڄاڙيون ڀڄي
پيون ۽ ”اُون، اُون“ پئي ڪيائين. گهوڙو پنهنجو
صحيح سلامت ٽپ ڏيئي نڪري ويو، تنهن کي دل ۾ ڏاڍي
خوشي ٿي ته مون کي جنهن ٺڳڻ ٿي چاهيو، تنهن کي چڱو
ڪيم جو ٺڳيم.
نصيحت؛ ٺڳ کي ڪير ٺڳيندو آهي ته ان کان خوشي ٿيندي اٿس، دغا ڪرڻ
۽ ريبڻ اهو سڀ ڪميڻن جو ڪم آهي، وڏن کي مناسب نه
آهي، پر جڏهن پاڻ کي ڪو ٺڳڻ اچي ته ان سان حڪمت
ڪري ان جو مطلب پورو ڪرڻ نه ڏجي، اهو سياڻپ جوڪم
آهي.
(85) آکاڻي ٻڍي شينهن جي
ڪو ٻڍو شينهن اچي مرڻينگ ٿيو، اها ڳالهه ٻڌي جن جن ميرن کي
پهريائين اُن کان ڏک پهتو هو، پنهنجو وير وٺڻ لاءِ
وٽس آيا، سوئر ته ڇا ڪيو جو پنهنجو سنگهو سنڀاهي
پيٽ ۾ گهيڙي ڏنس، سو اهڙو هو جهڙو بڙڇيءَ جو ٻندو،
ڍڳي وري سڱ هڻي رتو رت ڪري ڇڏيس، پوي جا گڏهه کي
خبر ته اڃا جيئرو آهي، سو ڦري اچي اٽون هڻڻ لڳس!
تڏهن هن ويچاري شينهن مرڻ مهل چيو؛ ”الا هي ڪهڙا
ڏک آهن! جي ڏک بهادرن ۽ پهلوانن جي هٿان به جيڪر
نه سهجن، سي هنن هيڻن ميرن جي هٿان ٿو سهان، هن
کان ته جيڪر هزارن موتن جو ڏک مون کي اچي وٺي، ته
به ههڙو ڏکيو نه لڳي “
نصيحت:اسان کي کپي ته ڪنهن انسان سان برائي نه ڪريون، جي اهڙي
خواهش ڪنداسون ته اسان کي ماڻهو گهڻو ڀائيندا، مفت
ڪو ڪنهن کي ڪين ڀائيندو آهي، تنهن لاءِ جيڪو ڀانئي
ته مون کي وڏائي ملي ۽ اها پيڙهي به پيڙهي هلندي
اچي،تنهن کي اُها چڱي رستي لائڻ گهرجي پوءِ ان کي
ڪوبه ڏک ڪونه ڏيندو ۽ اوکي ۾ڪو ويري ڏسڻ ۾ ئي ڪونه
ايندس، جنهن پاسي پيو نهاريندو، تنهن پاسي رڳا سڄڻ
۽ واهر ڏيندڙ پيا نگاه ايندس: ۽ جيڪو پنهنجي
وڏائيءَ ۾ ماڻهن کي ڏک ڏيندو آهي، سو جڏهن ڪرندو
آهي، تڏهن ننڍو وڏو جٺيون پيو ڪندو اٿس.
(86) آکاڻي ٻانڀ ۽ واٽهڙوءَ جي
هڪڙي ٻانڀ سياري جي ڏينهن ۾ جهنگ ۾ پئي گهمي، ته انهيءَ وچ ۾
ڪنهن واٽهڙوءَ تي وڃي نگاهه پيس، تنهن کي سيءَ ۾
اڌ-مئل ڏسي ٻانڀ کي ڪهل پيئ ۽ چوڻ لڳس؛ ”ادا، هن
پاسي جبل ۾ منهنجيڏر آهي، اتي هلندين ته آءٌ
تنهنجو سيءَ لاهيندس.“ پوءِ ٻئي ڄڻا انهيءَ ڏر ۾
وڃي ويٺا،“ اتي باهه پئي ٻري، تنهن جي تَوَ کان
گهڻي گرمي ٿي هئي؛ پر سيءَ کان آڱريون ٽنڊيون ٿي
پيون هيس، تن کي ڦوڪڻ لڳو. ٻانڀ پڇيس ته ”تون هيءُ
ڇا ٿو ڪرين؟“ چيائين ته ”هٿ سيٽجي ويا اٿم، تن کي
گرم ڪرڻ لاءِ ائين ٿو ڪريان“. ٻانڀ کي واٽهڙوءَ ۾
ٿڌي مان ڪوسي ڪرڻ جو گڻ ڏسي ڏاڍو اچرج لڳو. اُن کي
گُڻ-وڻ ڄاڻي ڪي ڪند مول ڦرڦل سيڪي، تئٻي، اِن جي
اڳيان کائڻ لاءِ آڻي رکيائين؛ سي تمام ڪوسا هئا،
تنهنڪري وٽهڙو انهن کي به ڦوڪڻ لڳو. تڏهن ٻانڀ وري
پڇيس: ”اڙي، هن کي وري ڇو ٿو ڦوڪين“، چيائينس،
”ڪوسا آهن، تن کي ٺارڻ لاءِ ڦوڪيان ٿو.“ اها ڳالهه
ٻڌي ٻانڀ کي چڙ لڳي، ۽ انهيءَ واٽهڙوءَ کي چيائين:
”تو جهڙو ڏڏ، جو انهيءَ وات سان ٿڌي کي ڪوسو ڪري ۽
ڪوسي کي ٿڌو ڪري، تنهن سان مون کي صحبت رکڻ نه
گهرجي“. ائين چئي، واٽهڙوءَ کي ڳٿڙ مان وٺي در کان
ٻاهر لوڌي ڪڍيائين.
نصيحت:- جيڪي ماڻهو انهيءَ سان گلا، انهيءَ وات سان نيڪي ڪندا
آهن، تن کي ڦٽڪار ڪرڻ چڱن ماڻهن کي مناسب آهي. ٻيا
ڪيترا اهڙا آهن،جو پنهنجي ڪم ڪڍڻ واسطي، ٻڌندڙن کي
جيڪي چڱو لڳي ۽ جنهن مان سڪ وڌين، سو ڳالهائيندا
آهن؛ پوءِ ڪم لٿو ته انهيءَ وات سان وري گلا ڪندي
به ويرم ڪانه ڪندا آهن- اها ڳالهه چڱي نه آهي.
اهڙي اَوگڻ ڪري وڏا وڏا ماڻهو هلڪا ٿي به ڏک
ڀوڳيندا آهن ۽ ميرءَ ۾ به حاضر، تنهنڪري جيڪي
ماڻهو تيزي ۾ به حاضر، اهڙن سان ٿوري سنگت ڪرڻ چڱي
آهي.
(87) آکاڻي توتاڙي وڄائڻ واري جي
هڪڙي توتاڙي وڄائڻ وارو جنگ ۾ ويريءَ جي ور چڙهي ويو، سو هن جو
ساهه ڪڍڻ لڳ. تنهن مهل هن گهڻيئي ليلڙاٽ ڪيا ۽
چيائين ته ”مون کي ماريونه، منهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي،
منهنجي هٿ ۾ ڪو هٿيار نه آهي! تنهن ۾ اوهين تياس
ڪري ڏسو ته مون ڪنهن کي ماريه ڪين آهين، ۽ هاڻي
مارڻ جهيڙو به ڪين آهيان- هڪڙيءَ توتاڙيءَ کان
سواءِ ٻيءِ ڪنهن شي کي مون ڪڏهن هٿ به ڪين لاتو
آهي! انهيءَ ڪندي به، يارو، مون کي ڇا لاءِ راهه
ويندي ماريو ٿا؟“ اها ڳالهه بڌي ويريءَ وراڻي
ڏنيس: ”اڙي انهيءَ سبب ڪري اسان کي توکي مارڻو
آهي: سچ آهي ته تون پاڻ نٿو مارين، پر اها پنهنجي
سڃي توتاڙي وڄايو، ماڻهن کي هشي ڏيندو آهين، جنهن
ڪري ماڻهو هڪ ٻين کي رت ڇاڻ ڪري وجهندا آهن!‘“
نصيحت:- جنهن ڪڏهن به ترار کنئي ئي نه هجي ۽ بندوق جو گهوڙو
هلايو ئي نه هجي، يا ڪو ٻيو موت رسائڻ جهڙو هٿيار
هٿ ۾ورتو ئي نه هجي، اهڙن اهڙن ماڻهن جي هٿان به
ٻين جي ساهه جو نقصان ٿيندو آهي. هڪڙي
ڇيڻا-ڀوريندڙ شي، جنهن کي ڄڀ چوندا آهن، تنهن ۾ جو
زهر آهي، سو تير کان به تکو آهي. هن جي ڌار ترار
جي ڌار کان به تيز آهي. هن جي سگهه ڀلا ڇا چئي ڇا
چئجي! رڳو هن جي هلائڻ کان ماڻهن جا ساهه نڪريو
وڃن. وڏا وڏا راجائون زير و زير ٿيو پون. ماڻهن کي
پاڻ ۾ وير وجهيو ڏئي، اهرو جو هڪ ٻئي جي ساهه ورتي
بنا هو رهن ئي ڪين. تنهنڪري، زبان هلائڻ وارو جو
فساد پيدا ڪندو آهي، ان کي جهڙو تهڙو پاپي نه
چئبو، اُن کي اهڙي ئي سيکت ڏيڻ گهرجي.
(88) آکاڻي سهي ۽ ڪڇونءَ جي
هڪڙي ڏينهن ڪنهن سهي هٺ ڪري ڪڇونءَ کي ڌتاري چيو؛ ”اڙي، منهنجي
اڳيان ڀڄڻ وارو اڄ اهڙو ڪير آهي؟“ هڪڙي ڪڇونءَ چيس
”اڙي، تنهنجي دل ۾ ائين آهي ته اچ ته پاڻ ۾ شرط
رکون؛ جي آءٌ هن جبل جي چُر وٽ توکان اڳي پهتس، ته
پنج رپيا تون مون کي ڏج، نه ته آءٌ توکي ڏيندس، ۽
اسان جي شرط جو شاهد هيءُ لوڪڙ آهي“. سهي اها
ڳالهه مڃي. پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي ڀڳا، تنهن مهل سهو
هڪڙو پاڻ اڳيئي جهانجهرو، باقي جو ڊوڙيو، تنهنڪري
ڪڇون گهڻو پٺتي رهجي ويو. اهو حال ڏسي، سهي ويچار
ڪيو ته ”ٻيلي، هاڻي آءٌ ته تکو آهيان، ذرو ساعت
هڪڙي وڻ هيٺ ويهي ٿو ساهي کڻا؛ جيڪڏهن ڪڇون اڳي به
کڻي نڪري ويو، ته به هن کي وڃي پهچڻ ۾ مون کي دير
ڪانه لڳندي.“ ائين چئي، سهو انهيءَ وڻ هيٺ ساهي
کڻڻ لاءِ ويهي رهيو. پٺيان ڪڇون آهستي آهستي، اَڻ
ساهيءَ، هڪڙي چال وٺيو هليو، سو شرط جي هنڌ وڃي
پهتو، ۽ سهو پنهنجي زور تي ويساهه رکي ستو ئي
رهيو.
نصيحت:- جيڪو ڦڙت ۽ جهانجهرو هوندو آهي، پر ڪم کي ڪين وچڙندو
آهي، تنهنجو اُهو ڪم پورو ڪين ٿيندو آه، ۽ جو ڪُند
۽ ڍرو هوندو آهي، پر ڪم کي لڳي رهندو آهي، تنهن جو
ڪم پورو ٿيندو آهي. گهڻو ڪري جئن عقل وارا ماڻهو
آهن، تئن هٺيلا ۽ السي ۽ بيفڪر رهندا آهن. اُهي
چوندا آهن ته ”پاڻ کي ڪهڙو فڪر آهي، پاڻ جنهن مهل
دل رکيسون، تنهن مهل چئن ڏينهن جو ڪم چئن گهڙين ۾
نبيري کڻي ڦٽو ڪنداسين“. انهيءُ ڀروسي تي ورهن جا
ورهيه لنگهيو پيا وڃنن، پر سندن هٿان ٿئي ڪي ڪين،
۽ جي ڪندا آهن، سي پاڻ کي عقل وارو نه ڄاڻي ڪم کي
لڳا پيا هوندا آهن، تنهنڪري جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندا
آهن، سو ٿورو ٿورو ڪري وڃي پورو ڪندا آهن-جئن ته
ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.“
(89) آکاڻي ويس مٽائيندڙ بگهڙ جي
هڪڙو بگهڙ گهيٽي جي کل ڍڪي اُنهن جي ڇانگ ۾ گهڙي ويو؛ تنهن پاڻ
کي گهيٽو چوائي ڪيترن ڏينهن تائين گهيٽا ڪهيو پئي
کاڌا. پر چيو اٿن ته ”اوڻيهه ڏينهن چور جا، ته
ويهون ڏينهن ساڌ جو به آهي“- پوءِ هڪڙي ڏينهن ڌنار
کي انهيءَ دولاب جي خبر پئجي ويئي. پوءِ اُن ڇا
ڪيو، جو ڪنهن ڍَنَو سان انهيءَ بگهڙ جي ڳچيءَ ۾
نوڙي ٻڌي، وڻ جي ٽاريءَ ۾ ٽنگي، ڦاهو ڏيئي ڇڏيندس.
ايتري ۾ انهيءَ واٽ تان ٻيا ريڍار اچي لنگهيا، تن
منجهان هڪڙي پڇيس:”اڙي، هيءُ ڇا ڪيو اٿيئي، چريو
ته ڪين ٿيو آهين!“ اها ڳالهه ٻڌي هن ريڍار بهگڙ جي
بت تان کل لاهي ان جو سنسو مٽائي ورتو؛ تڏهن هنن
وري واکاڻ ڪيس ته واهه جو ڪم ڪيو اٿيئي!
نصيحت:- رڳو ٻاهران ڏيک ڏٺي ڪنهن جي به پرکا ٿي نه سگهندي آهي.
ڪو کڻي چوي ٻِلي هيءُ ٻاهران چڱو ماڻهو ٿو ڏسجي،
تنهنڪري اندر ۾ به اهڙو ئي هوندو-ائين ڄاڻبو ته
ماڻهو ٺڳبو. تنهن ۾، جيڪي ڏاها هوندا آهن، سي
پهريائين ماڻهوءَ جو اندر جاچيندا آهن، پوءِ جو
اُو اندر ٻاهر هڪ جهڙو نه نڪرندو آهي، ته ان کي
ويساهه-گهاتي ڪندڙ ۽ کوٽو ڄاڻي ڌڪار ڪندا.
(90) آکاڻي بگهڙ ۽ گهيٽن جي
ڪنهن سمي بگهڙن ۽ گيٽن جي گهڻن ڏينهن تائين ويڙهه پئي هلي، تڏهن
ڪتن جي مدد ڪري گهيٽن بگهڙن کان جنگ ڪين هارائي،
پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ برچاءَ جي ڳالهه هلي، نيٺ هيءُ
ٺهراءُ ٿيو ته هڪڙا ٻين کي اولون ڏين. بگهڙن گهيٽن
کي چيو ته ”اسين پنهنجا ٻچا اوهان کي ڏيون، ۽
اوهين پنهنجا ڪتا اسان جي حوالي ڪريو.“ گهيٽن اها
ڳالهه مڃي ائين ڪيو. پوءِ بگهڙن جي ٻچن گهيٽن وٽ
ايندي ئي پنهنجي ماءُ واسطي هڪڙي ڪوڪ ڪئي، سا ٻڌي
انهيءَ ساعت بگهڙ ڊوڙي آيا، ۽ گهيٽن کي چيائون ته
”ڙي پليت، اوهان اسان جي ٻچن کي ماري صلح وڃايو،
تنهنڪري اسين وڙهنداسون!“ ائين چئي گهيٽن تي ڪاهي
پيا پر هاڻي جو ڪتا لهئين وٽ ڪين هئا، تنهن لاءِ
انهن جي مارڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ٿين.
نصيحت:-ويريءَ سان جو پرچاءُ ڪجي، تنهن ۾ گهڻي خبرداري رکجي،
جنهن شي تي پنهنجو ڀروسو هجي، ۽ جنهن کان سواءِ
ماڻهو بيزور هجي، سا شي اول وانگر ويريءَ جي هٿ ۾
ڏيڻ نه کپي- ڏني، ته پوءِ مارڻ لاءِ بهاني ڪرڻ ۾
هن کي حرڪت نه ٿيندي آهي.
(91) آکاڻي شينهن ۽ لوڪڙ جي
هڪڙي ڏينهن ڪو شينهن شڪار ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڏر مان ٻاهر نڪتو.
پوءِ صبح کان وٺي منجهند تائين مٿا هنيائين ته هن
کي شڪار هٿ ڪونه لڳو؛ تنهنڪري ڏاڍو هلاڪ ٿيو، ۽
جهنگ ۾ رلي رلي به ٿڪو، تڏهن هڪڙي تلاءَ کان سڏ
پنڌ اوري هڪڙو وڻ هو، تنهن جي هيٺان سمهي پيو-تان
جو ڏينهن ڏاڍو اچي تتو، ۽ ڪنهن هرڻ کي به اچي اڃ
کنيو، سو تلاءُ تان پاڻي پيئڻ ٿي ويو، جڏهن انهيءَ
وڻ وٽان اچي لنگهيو، تڏهن شينهن کي کڙڪ پئجي ويئي،
سو هڪڙو ئي اُڇانگ ڏيئي، وڃي هن ويچاري هرڻ تي
پيو، ۽ انهيءَ دم ماري رکيائينس، ۽ وڻ هيٺ کڻي
آيس. پر شينهن کي اُڃ اهڙي لڳي هئي، جو هن کان
شڪار کاڌوئي نه پيو ٿئي، تڏهن شڪار اُتي ئي ڇڏي
پاڻ ويو پاڻي پيڻ- ڀانيائين ته هتان کڻي ڪونه
ويندو: پر هوڏانهن شينهن ڏني پٺ، هيڏانهن اچي جا
مٿان هڪڙي ڳجهه سا وجهه ڏسي، لامارو ڏيئي، ڳپل ماه
جو کڻي ويئي. شينهن جان وري اچي ڏسي، ته مار! پتي
شڪار جي ته ٺهيئي ڪانه! تنهن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو،
ته ٻيو ته هت نڪو آيو نڪو ويو، نه ڪنهن جو پير نه
کر، ٻيلي، هن شڪار مان ڪير کڻي ويندو! ائين ڪندي
پريان هڪڙو لوڪڙ ڏٺائين، ۽ ڀانيائين ته اهو انهيءَ
جو ڪم هوندو، سوهن نڪي ڪڇيو، نڪي پڇيو، وڃي اُتي
هڻي چنبو، لوڪڙ جو اوجهه ئي ڪڍي ورتو.
نصيحت:- ڪيترا ماڻهو اهڙا ٿيندا آهن، ته جڏهن ڪو سندن زيان
ٿيندو آهي، ته ڪاوڙجي، جوش ۾، نه پڇن نه ڳاڇن ته
هيءُ زيان ڪنهن ڪيو، يا ڪيئن ٿيو، جيڪو آڏو اچين
تنهن کي کڻي ماريو رکن-پوءِ هن ويچاري جو ڏوهه ئي
ڪونه هجي ته به، تنهن ۾، سياڻي ماڻهوءَ جو ڪم آهي
ته پڇا-ڳاڇا ڪري ڏسي، ته ٻيلي هيءُ زيان ڪنهن ڪيو؛
پوءِ جنهن جو ڏوهه هجي، تنهن کي سيکت ڏئي، ۽ تمام
اُٻهر ڪري هڪڙي جا گسر ٻئي سان نه ڪڍي: ائين نه
ڪري ته ”اَٽو کاڌو ڪُئي ۽ مار پيئي گابي کي“.
(92) آکاڻي ڇوڪر ۽ ڏيڏر جي
ڪنهن وڏي تلاءُ ۾ گهڻا ڏيڏر رهندا هئا. هڪڙي ڏينهن انهيءَ تلاءَ
۾ ڪنڌيءَ تي ڪيترا ڇوڪر اچي راند ڪڏڻ لڳا، ۽ اتي
بيهي انهيءَ تلاءَ ۾ پهڻن جا وسڪارا ڪيائون، ۽
ويچارن ڏيڏرن کي گهڻو ڊيڄاري انهن کي جيءَ جي جوکي
۾ وڌائون. نيٺ هڪڙي ڏيڏر دل جهلي پاڻيءَ مان مٿو
ڪڍي، ڇوڪرن کي چيو، ”اڙي ڇوڪرو، اوهين هيڏڙيءَ
وهيءَ ۾ اها بيرحميءَ جي چال ڪٿان سکيو؟ اوهان جي
واسطي سا اِها راند آهي، پر اسان جي ڪاتر سو موت
آهي!.
نصيحت:- ”مِروان موت ملوڪان شڪار“-ٻين کي ڏک ڏيئي، يا انهن جو
نقصان ڪري، پاڻ خوش ٿيڻ، اِهو ڏاڍو گناهه آهي.
(93) آکاڻي شرابيءَ جي
هڪڙيءَ زال جو مڙس ڏاڍو شرابي هوندو هو. تنهن پنهنجي مڙس جي
انهيءَ علت ڇڏاائڻ لاءِ گهڻائي مٿا هنيا، پر ڪي
ڪين وريو. پوءِ هڪڙي ڏينهن مڙسنهس ڏهاڙيءَ کان
گهڻو شراب پي ڪنهن گهِٽيءَ ۾ بيهوش ٿي پيو هو،
تڏهن هيئن ڪيائين-جو اُن کي اتان کڻي نيئي مساڻ ۾
سمهاري ڇڏيائين، ته جيڪو ڏسي، سو ڄاڻي ته هيءُ سچ
پچ مئو آهي؛ ۽ پاڻ موٽي گهر آئي. ڳچ دير کان پوءِ
ڀانيائين ته هاڻي هو سچيت ٿيو هوندو، ۽ پڇتايو
هوندائين-ائين دل ۾ ڄاڻي وري انهيءَ مساڻ ۾ ويئي،
۽ مڙهيءَ جو در کڙڪائڻ لڳي. ايتري ۾ هن اندران
آواز ڏنو ته ”ڪير آهي؟“ هن زال چيو ته ”آءٌ هن
مساڻ ۾ رهندي آهيان، ۽ مئن جي ٽهل ڪندي آهيان،
توهان لاءِ چڱو پرشاد کڻي آئي آهيان، در پٽيو ته
اندر اچان“. هن چيس، ”هَي هَي! منهنجي پياري، هاڻي
اهو پرشاد کڻي پاس رک، ۽ اسان کي هڪڙو پٽ دارونءَ
جو آڻي پيار، ته پي آسيون ڪريونءِ!“ هن ويچاريءَ
زال اِها ڳالهه ٻڌي؛ هٿ کڻي ڪاپار تي هنيا. جي،
”اَلا، هي نصيب! هن جي علت مٽائڻ لاءِ هاڻي ڌائي
اِهو اُپاءُ وڃي رهيو هو، سو تڙ به تانگهي رهيس،
ته ڳالهه مان وريو ڪين. هاڻي مون کي پڪ ٿي ته هيءَ
علت هن جي مرندي گهڙيءَ سوڌي ڪين مِٽندي“.
نصيحت:-ڪنهن کي ڪا عادت پوندي آهي، ته اُها مرندي گهڙيءَ سوڌي
ڪين مٽندي، ۽ ڪنهن به ڳالهه جي جيستائين عادت نه
پوندي آهي، تيستائين ڇڏي به سگهبي آهي. ڇڏائي به
سگهبي آهي؛ ۽ جي هڪڙو ڀيرو پيئي، ته پوءِ ان کان
ڇٽڻ لاهي: جئن ته فارسي واري چيو آيه ته ”خوي بد
در طبيعتي که نشست، نرود جز بوقت مرگ از دست“.
”جو جانڪو پڙيو سڀاءُ نه جائيگو جيءَ مون،
نيم نه ميٺو هوءِ سيج گڙ گيهه سون.“
(94) آکاڻي ڇوڪر ۽ بادامين جي
هڪڙيءَ دکيءَ ۾ باداميون پيون هيون، تن منجهان ڪيترن بادامين
ڪڍڻ لاءِ هڪڙي ڇوڪر دکيءَ ۾ هٿ وڌو؛ ۽ جيتريون مٺ
۾ آيس، اوتريون باداميون کڻي، هٿ ٻاهر ڪڍڻ لڳو؛ پر
دکيءَ جي ڳچيءَ کان مُٺ جو وڌي پيس، سو هٿ ٻاهر
نڪريس ئي نه! تنهن مهل هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو: چي
”هاڻي ڇا ڪريان! جي مٺ ٿو پٺيان ته بداميون ٿيون
ڪرن؛جي باداميون جهلي ٿو بيهان ته هٿ نٿو نڪري!“
تنهنڪري هو روئڻ لڳو. پوءِ اُتي پاسي کان هڪڙو
ڏاهو ماڻهو بيٺو هو، تنهن چيس، ”ڇوڪر، ٿوريون
باداميون ڇڏي مٺ ننڍي ڪر، ته باقي جيڪي باداميون
بچنديون سي توکي هٿ اينديون، تنهنجو هٿ به ٻاهر
نڪرندو!“ ائين ڪيائين ته هٿ نڪري آيس.
نصحت:- اسان کي ڪنهن به شيءِ واسطي پوري، پُني سُڌ رکڻ کپي:
ائين سو اُها شي هٿ ۾ ايندي، ۽ جي هٻڇ ڪري تمام
گهڻي سَڌ رکبي، ته اها ڪڏهن پوري ڪين ٿيندي.
(95) آکاڻي شيديءَ جي
گورن ماڻهن جي ڏيهه ۾ هڪڙي ماڻهوءَ ڪو شيدي ڳڌو، تنهن کي ڏسي
ڀانيائين، ته هيءَ جنهن وٽ اڳي هو، تنهن جي
بيپرواهيءَ کان هن جي بت تي مَرُ چڙهي ويئي آهي،
سا اها مَرُ هوند ڌوئي ڇڏجيس، ته جيڪر گورو ٿي
پوي. پوءِ هن کي هڪڙي وڏي پاٽ ۾ کڻي وهاريائين، ۽
گهڻو خرچ ڪري صابڻ ۽ کار ۾ مُيون ۽ مزور گهرائي
ورتائين، ۽ انهن منجهنؤن هڪڙو ڄڻو کار ۽ صابڻ بت
کي مهٽڻ لڳس، ٻيو مٿي تي پاڻيءَ جي سنهِين سَنهِين
لاٽ وجهندو ويس، ۽ هڪڙو ٻه ڄڻا مُيون کڻي اچي بت
کي مَلَڻ بيٺس. صبح کان وٺي سانجهيءَ سوڌو
واري-وٽيءَ تي ائين ڪيائون، پر اهو سندن ڪشالو
اجايو ويو. نيٺ ماڻهو ٿڪجي پيا، ۽ اُهو شيدي ٿڌ جي
وگهي مري ويو.
نصيحت:- جڏهن ڪا ڳالهه ٿيڻي نه آهي، تڏهن انهيءَ ۾ ڪشالو ڪرڻ
اجايا مٿا هڻڻا آهن ۽ هٿن ۾ لڦون وجهڻيون آهن؛ ۽
جا هاج پٽيءَ ٿيڻ نه آهي، سا مٿن هڻڻ سان به ڪين
ٿيندي؛ جئن ته چوندا آهن، ”کويلا کدي نه اُجري، سؤ
مڻ صابڻ لاءِ“.
(96) آکاڻي ٻه-جوئي جي
هڪڙي مڙس کي ٻه جويون هونديون هيون، تن مان پهرئين سندس وَهِي
هئي ۽ سونهن ۾ به پوري-پني هئي ۽ ٻي جوان سورنهن
ورهين جي ۽ ڏاڍي سهڻي هئي، تنهن جي سونهن ۽ لڇڻ تي
مڙس موهيو پيو هندو هو؛ پر هو جو پنجاسي ورهين کي
اچي اوڏو رسيو هو، سو اُن جي صحبت کان هيءُ سرهي
نه هوندي هئي؛ ۽ هن جا وار ڪي اڇا ڪي ڪارا هوندا
هئا، تن کان ٻڍو پيو ڀانئبو هو، تنهن کان هن جوان
زال کي ويندي هئي؛ تنهنڪري جڏهن ڦڻي ڏيڻ ويهندي
هيس، تڏهن جئن هن کي سُڌ نه پوي، تئن هرين هرين
اٽڪل سان ڏهاڙي اڇا اڇا وار چونڊي پيئي ڪڍندي هيس-
ڀائيندي هئي ته ”اندر منجهه ڪهڙيون به ڳالهيون
هجن، پر ٻاهران منهنجو مڙس جيترو ٻڍو نگاهه ۾ نه
اچي تيترو چڱو“. جا وڏي هئي، سا ڄاڻندي هئي، ته
اهي اڇا وار منهنجي ڌڻيءَ جي وهيءَ جا زيور آهن:
تنهنڪري جڏهن هن جي ڦڻيءَ ڏيڻ جو وارو ايندو هو،
تڏهن منجهون ڪيترا ڪارا وار پٽي پئي ڪڍندي هئي،
ائين ڪندي ڪندي؛ اڃا ڇهه مهينا پورا گذريائي ڪين،
ته ويچاري مڙس جي مٿي تي هڪڙو وار به نه ڇڏيائون،
۽ تنهن کان هو گنجو ٿي پيو.
نصيحت:- جنهن کي چڱي ۽ لڱي جي پروڙ نه آهي، تنهن جي چڱائيءَ ڪرڻ
منجهان مرڳو مدائي ٿيو پوي. جي زالون ڀائين ته
اسان جي مڙسن جو فائدو ٿئي، ۽ جن کي اُنهن جي
مهرباني جو کپ آهي؛ تن کي گهرجي ته جيڪا هاج ڪم
ڪن، سا اُنهن جي صلاح ڌاران نه ڪن، ڪابه هاج زال
کڻي ڄاڻي ته چڱي آهي، ته به پنهنجي مڙس کي چتائي
ڪرڻ کپيس، ته ان کان ٻنهي کي فائدو ٿيندو، ۽ زالن
جو ڪم آهي ته اِئين ڪن.
(97) آکاڻي ڀولڙي ۽ ان جي ٻچن جي
هڪڙيءَ ڀولڙيءَ کي ٻه ٻچا هوندا هئا، تن مان، هڪڙي کي گهڻو
ڀائيندي هئي، ۽ ٻئي کي ڏٺو به ڪين سهندي هئي. هڪڙي
ڏينهن، ڪو شڪاري اچي پٺيان لڳس تڏهن پنهنجي پياري
ٻچي کي بچائڻ جي سانگي، ڇاتيءَسان لائي ڇڏيائين.
پوءِ ٻيو ٻچو؛ جنهن سان اڻبڻت هيس، سو پاڻهي وڃي
پٺ تي چڙهي ويٺس. انهيءَ طرح ٻچن سوڌو ڇال ڏيندي
ڀڄندي پئي ويئي؛ ايتري قضا سان هن پياري ٻچي جو
مٿو وڃي ڪنهن پهڻ سان لڳي ڦِسي پيو؛ ۽ اُو مري
ويو، ۽ جنهن کي ڪين ڀائيندي هئي، سو اُن آفت کان
بچي پيو.
نصيحت:- جنهن جي کُٽي هوندي آهي، تنهن کي سو جتن ڪري ڪو کڻي
سانڍي ۽ سوگهو رکي ته به اُهو اَوس مرندو؛ ۽ جنهن
جا خدا جي پارون ڏينهن هوندا آهن، تنهن کي سون
جوکن ۾ کڻي ڦِٽو ڪجي، ته به اُن جي وار جو ڪونه
نالو ڳنهندو آهي: ”چوڻو ڪڏهن ڪين اُوڻو ٿيندو
آهي“؛ ۽ ٻيو هيئن به چوندا آهن ته ”تقدير جي اڳيان
تدبير نٿي هلي“.
(98) آکاڻي ريڍار جي جو واپاري ٿيو هو
ڪو شخص ريڍار هوندو هو، سو هڪڙي ڏينهن، درياءَ جي ڪپ تي، گهيٽا
چرندا ڇڏي پاڻ اچي هڪڙي ڇِپ تي ويهي، ٿڌيون ٿڌيون
هيرون کائڻ لڳو. درياءَ ماٺو هو، پاڻي هليو ڪين
ٿي، سو ڏسي ڏاڍو سرهو ٿيو، ۽ سَڌ ٿيس ته هاڻي
واپاري ٿجي، ۽ پاڻ کي چيائين ته ”هت جو نکڻو ٿيو
ويٺو گهٽا چاريان، تنهن کان هڪڙو غوراب ڳنهي
درياءَ جو سفر ڇو نه ڪريان، ته وڏو ماڻهو ۽ معتبر
به ٿيان! ڏيساورن تي جيڪر مال کڻي وڃان، ته مون کي
ڪيترو نه فائدو ٿئي، پيسن ۽ وڏ-ماڻهپائيءَ جي ملڻ
هيءَ ڪهڙي نه سٿري واٽ آهي!“ اها سَڌ رکي، بازار ۾
وڃي، پنهنجا سڀ گهٽا ۽ دُنبا وڪڻي ڇڏيائين ۽ ٻيو
جيڪي وسلو-وانو هوس سو به وڪڻي تڪڻي، اُن مان هڪڙو
غوراب ڳڌائين: تنهن ۾ مال ۽ خلاصي چاڙهي غوراب
هاڪاري اڃا پرڀرا ويا، ته ايتري ۾ طوفان اچي
ڇٽڪيو، ۽ لهرون اچي اُٿڻ لڳيون، ۽ غوراب اچي ٻڏڻ
لڳو. پوءِ بار هلڪي ڪرڻ لاءِ، اُن ۾ جيڪي مال هو
سو سڀ کڻي واميائون؛ تنهنڪري عوراب واءُ کان هٽجي
وڃي ڪنهن ٽَڪريءَ تي لڳو، ۽ پرزا پرزا ٿي پيو.
خلاصي جيڪي هئا سي ٻڏي مئا، ۽ پاڻ ڇڙو ٻڏندو، غوطا
کائيندو، مس مس وڃي ڪنڌيءَ تي لڳو. پوءِ جنهن کي
گهٽا وڪيا هئائين، تنهن وٽ وڃي ٿي بيٺو. تنهن به
ورائي انهن گهٽن جي چارڻ لاءِ کڻي رکيس. موٽي هڪڙي
ڏينهن درياءَ جي ڪنڌيءَ تي انهيءَ ڇپ مٿان چڙهيو
ويٺو هو-اُن وير نوائي هئي، تنهن ۾ سمنڊ کي ماٺو
ڏسي چوڻ لڳو: ”اڙي ٺڳ، وري مون کي ٻيو ڀيرو ٺڳڻ ٿو
ڀانئين، پر هاڻي اهو تنهنجو ڌتارڻ اجايو آهي. اڙي،
هاڻي به جيڪر آءٌ توکي ڏسي هِرکجي وڃان، پر ڇا
ڪريان، جو کُٽي پيو آهيان؛ ٻيو ته وري هڪڙو ڀيرو
آزمودو ورتم، تنهن ئي اهڙو عقل سيکاري ڇڏيم، جو
اڳتي توتي ڪڏهن به ويساهه نه ايندم!“ جئن ته چوندا
آهن ته ”آزمائي کي آزمائي سو ڌوڙ منهن ۾ پائي“.
نصيحت:- ڏک پِٽي مٿا هڻي جو عقل وٺبو آهي، سو چوندا آهن ته چڱو
آهي. تنهن لاءِ، جيڪو ماڻهو هڪڙو ڀيرو پنهنجي سِر
ڏک ۽ سور سهي، ڪنهن شي جو آزمودو وٺي رهندو آهي،
ته اُهو ٻيهر پنهنجي حالت تي راضي رهندو آهي، ۽
تنهن کان وڌيڪ ڪا وري سڌ نه رکندو آهي.
(99) آکاڻي گدڙ ۽ ڪڪڙ جي
هڪڙو گدڙ ڪنهن جهوپڙيءَ ۾ گهڙي، ڪِي کاڄ ملڻ لاءِ هيٺ مٿي نهارڻ
لڳو. تنهن اُتي هڪڙي ڪڪڙ ڏٺي جا پيهي تي چڙهي ويٺي
هئي؛ تنهنڪري اُن وٽ وڃي نٿي سگهيو. تڏهن، اُن جي
واکاڻ ڪري چوڻ لڳس ته ”ادي، ڇا خبر آهي، ڪو غم ته
ڪونهئي؟ ٻڌو اٿم، ته ٻارهوئي گهر ۾ سمهي پيئي
آهين، تنهن کان، آءٌ تو کي سچ ٿو چوان، ته مون کي
اهڙو ڏک ٿيو آهي، جو رات ڏينهن جي ننڊ ئي ڦٽي پيئي
اٿم. اڙي، مون کي سچ چئو ته هاڻي ڪئن آهين؟ هيڏي
هيٺ ڀري ته آءٌ، مون کي پنهنجي ناز ته ڏيکار!“
ائين چوندو به پئي ويس، ۽ وچ ۾ ساراهيندو به پئي
ويس. ڪڪڙ پيهي تي ويٺي هتي، اُتاهين وراڻي
ڏنائينس: ”سچ آهي، ادا، جيڪي تو ٻڌو آهي، سو برابر
هوندو، پر اهڙي ناچڱائي مون ڪڏهن ڪانه ڀوڳي آهي؛
آءٌ جيڪر هاڻي هيٺ لهي تو وٽ اچان ها، مگر مون کي
ويڄ جهلي ڇڏيو آهي، تون نڪي ڪنهن کي پاڻ وٽ اچڻ
ڏج، ۽ نڪي ڪنهن وٽ وڃج؛ تنهنڪري، ادا، مون کان هيٺ
لٿو نه ٿيندو. هاڻي تون هن مهل هليو وڃ. هينئر آءٌ
اهري اَگهي آهيان، جو تو وٽ اچان ته جيڪر ساهه ئي
نڪري وڃيم.“
نصيحت:- جيترا خوشامندڙيا، تيترا ڪوڙا! اُنهن کي سڀني جو ويري
ڄاڻي، اهڙي طرح اُنهن سان هلڻ گهرجي ۽ اُنهن جي
چاپلوسيءَ ۽ چٽن کي ڏسي، نه ڦاسڻ وارا ڏاها ماڻهو،
هن جڳ ۾ ڪي ورلي لڀندا، ۽ ڦاسي پوڻ وارا گهڻا. |