(100) آکاڻي جانڊاهي ۽ سندس پٽ ۽ گڏهه جي
هڪرو جانڊاهي ۽ سندس پٽ، پنهنجو گڏهه وٺي، ڪٿي ويجهو ميڙو لڳو
هو، اوڏانهن ٿي ويا. ڀايائون ته اتي وڃي ميڙي ۾
گڏهه کي وڪڻي ڇڏيون. اڃا سٽ پنڌ نه ويا، ته هڪڙو
نينگرن جو مڙ گڏين، جي ميڙي تان ٿي موٽيا هئا، ۽
کلندا ڳالهائيندا پئي ويا. تڏهن منجهون هڪڙو چوڻ
لڳو ته ”ههڙا بيعقل ڪنهن ڏٺا هوندا، جو وهٽ هوندي
به پنڌ پيا وڃن!“ پرئي مڙس اها ڳالهه ٻڌي پٽ کي
چيو ته ”ابا، تون چڙهي ويهه“- ۽ پاڻ پاسي سان لڳو
سيٽ وڄائيندو هليو پئي ويو. اڇا اڳڀرا ويا، ته ڪي
ٻڍا گڏين، جي پاڻ ۾ هوڏ ڪندا پئي آيا، تڏهن
منجهائن هڪڙي ڏسي چيو ته ”مون جيڪا ڳالهه ٿي ڪئي،
تنهن جي هيءَ ثابتي اَٿوَ. هن سمي ۾ پرئي مڙسائيءَ
جو اِجهو اهو وڃي مان رهيو آهي. ڏسو ته سهي هن سست
لچ ڇوڪر کي لڄ به نٿي اچي: پاڻ چڙهيو وڃي، ۽ هو
ويچارو پڻس، پريو مڙس، پنڌ ۾ هڄندو پيو وڃي!“ اها
ڳالهه ٻڌي، پيءُ پٽ کي لاهي پاڻ چڙهي ويٺو. جڏهن
ڳچ پنڌ ويا، تڏهن زالون ۽ ڇوڪر گڏين. تن منجهان
ڪيترن گڏجي چيو ته ”اي آرسي ٻڍا، تون پاڻ وهٽ تي
چڙهيو پيو اچين، هو ويچارو ٻار پنڌ هليو اَچي!“
تڏهن هن جانڊاهيءَ قبول ڪيو ته سچ اهو منهنجو ڏوهه
آهي؛ ۽ اُنهيءَ مهل پنهنجي پٽ کي کڻي ٻيلهه
چاڙهيائين. ايتري ۾ اچي ميڙي کي ويجها پيا. تڏهن
شهر وارن منجهان هڪڙي چين: ”ادا، اهو گڏهه پنهنجو
اٿو؟“ چيائون: ”هائو ادا، اهو گڏهه اٿئون“. هن چيس
:ويچاري گگدام کي لڏيو ته اهڙو اٿو، جو ائين ڪونه
ڄاڻندو ته اهو مال پنهنجو اٿن. منهنجي راءِ ۾ ٿو
اچي ته گڏهه جو اوهان ٻنهي کي کڻي، تنهن کان اوهين
ڇو نه ان کي کڻو؟“ تڏهن پريو مڙس ٽپ ڏيئي لهي پيو،
۽ پٽ کي به لاهي، گڏهه جا پير ٻڌي، هڪڙي ڪاٺي وچان
لنگهائي، ڪلهن تي رکي؛ ٽنگا ٽولي ڪري، کڻي اُٿي
هليس. جڏهن ڪنهن واهه جي ڪڙ تان اچي لنگهيا، تڏهن
اهڙو مزو لڳو، جو هزارين ماڻهو ميلي وارا ڊوڙي اچي
تماشو ڏسڻ لڳا. تنهنتي گڏهه کي جا اچي خوشي ٿي، ته
مار! هيءُ ميڙو سڄوئي مون تي لڳو آهي، سو پاڻ جهلي
نه سگهيو، ۽ اٽون هڻي، جن نوڙين سان ٻڌل هو، سي
ڇني ڇڏيائين، ۽ ڌُو وڃي واهه ۾ پيو، ۽ ٻڏي مئو. هو
پريو مڙس ويچارو ڦڪو ٿي گهر هليو ويو، ۽ واٽ تي
افسوس کائيندو ويو ته ”هي هي! ماڻهن جي دل خوش ڪرڻ
لاءِ هيترا ڏک به پٽيم، پر ڪنهن کي خوش ته ڪين
ڪيم، مورڳوئي گڏهه به وڃائي هليس!“
نصيحت:- انسان کي گهرجي ته پرمتيو نه ٿئي، ڪي پنهنجو عقل به
ڌاري؛ رڳو پڳو پرائي عقل تي هلندو، ته ڪو ڪئن
چوندو، ڪو ڪئن چوندو، تنهن مان هن کي نقصان ٿيندو،
باقي فائدو ڪونه رسندس.
(101) آکاڻي ويائيل ڪتيءَ جي
هڪڙي ڪتي ويامڻ تي آئي، تنهن ليلائي وڃي هڪڙيءَ گداڙيءَ کي چيو
ته ”جيڪڏهن مون کي پنهنجي ڏر پندرهن ڏينهن تائين
اُڌاري ڏين، ته لک ڀلايون تنهنجون؛ ۽ آءُ جڏهين
ويم ڪري اُٿنديس، تڏهين اُٿي وڃي ڪا ٻي جاءِ
ڪنديس، ۽ هيءَ جاءِ تنهنجي ورائي تو کي ڏيندس“
گداڙي به ڏٺو ته هاڻي اُڌاري جي ماءُ ڪانه مئي
آهي، ڀلي هن ويچاريءَ جو مطلب ٿئي، تنهن اها جاءِ
کڻي ڏنيس، ۽ پاڻ وڃي ٻئي ڪنهن هنڌ گذراڻ لڳي. جڏهن
پندرهن ڏينهن گذريا، هيءَ به ويم ڪري اُٿي، تڏهن
گداڙيءَ اچي چيس: ادي، هاڻي مون کي پنهنجي جاءِ
ڏي، ۽ تون ڪا وڃي ٻي جاءِ هٿ ڪر.“ تڏهين ڪتيءَ
نيزاري ڪري چيس ته ”اڃا منهنجا پونگڙا ننڍا آهن،
۽ آءُ هي ڪَلها ڪاڏي کڻي وڃي رلان؟ تنهن ۾ مون کي
ٻن چئن مهينن جي مهلت ڏي، جيستائين منهنجا پونگڙا
وڏيرا ٿين- پوءِ جيءُ جيءُ ڪري جاءِ ڏينديسانءِ“.
گداڙيءَ کي به ان جي ڪَلهن تي ڪهل آئي، تنهن چيو
”چڱو“. پوءِ چئن جا ڇهه مهينا لنگهي ويا، ۽ هن جا
پونگڙا به وڏا ٿيا، تڏهن گداڙيءَ اچي چيس: ادي،
هاڻ منهنجي جاءِ واندي ڪر، مون کي پنهنجيءَ جاءِ
ڌارون نٿي سري“. ڪتيءَ چيس ”نڪر رن، تون ڪير آهين،
ڪنهن جي جاءِ؟ مفت وتن ڪوڙيون چٻون وجهندي ۽ ڦٻائي
ويهي رهي- جيئن ته چوندا آهن: ”آئي ٽانڊي کي،
بورچياڻي ٿي ويٺي.“
نصيحت:- ڪيترا ماڻهو اهڙا ٿيندا آهن، جو جڏهن گتي پوندي اٿن، يا
ڪا شيءِ اُڌاري گهربي اٿن، تڏهن سو منٿون ۽
نيزاريون ڪري اچي اها شي اُڌاري گهرندا آهن؛ ۽ ڪم
لٿي کان پوءِ مچي مالڪ ٿي پوندا آهن؛ ۽ چوندا آهن
ته ”هيءَ شيءِ اصل اسان جي وڏن جو ورثو آهي“. پر
ائين ڪرڻ وڏو ويساهه-گهاتيءَ جهڙو گناهه
آهي.انهيءَ کان ٻئي جهان ٿا ڪارا ٿين: هڪڙو ته
اهڙي ڏوهيءَ جي هن جهان جي ماڻهن منجهه پت ڪانه ٿي
رهي، ۽ ٻيو خدا جي اڳيان به هو بڇڙو ٿو ٿئي، ۽ سزا
ٿي مليس. تنهن ۾، مناسب آهي ته خدا ڀر ڊڄجي، ۽
پرائي حق کي ويجهو نه وڃجي.
(102) آکاڻي ماڻهوءَ ۽ مڇر جي
هڪڙو ماڻهو، ڄنگهه اُگهاڙي ڪيو، ڪنهن وڻ هيٺ وسرام لاءِ ويٺو
هو. تنهن جي ڄنگهه تي هڪڙو مڇر ويهي ڏنگڻ لڳو.
تنهن مهل ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ ڀرجي مٿس لپاٽ هنيائين.
تنهن کان بچي، وري اُنهيءَ هنڌ اچي ويٺو. پوءِ وري
ٻيو ڀيرو لپاٽ هنيائينس؛ ته به اُڏامي ويو. انهيءَ
پر پنج ڏهه ڀيرا ڄنگهه کي لپاٽون هنيائين، تنهن
ڪري ڄنگهه سڄي پيس، پر مڇر هٿ ڪين آيس. تڏهن ڏاڍو
ڪڪ ٿي ”جوپيٽر“ ديوتا کي وينتي ڪيائين ته ”هن پليت
مڇر مون کي ڏکي ڪيو آهي، تنهن ۾ ڪرم ڪري، هن تي
زور هلائي، هن جو ساهه ڪڍ! هن جي ڏنگن کان مون کي
ڏاڍو ايذاءُ آهي“.
نصيحت:- هلڪي ڪم جي واسطي وڏن کي شرمائڻ بيعقلي آهي.
(103) آکاڻي هرڻ ۽ شينهن جي
هڪڙي هرڻ جي پٺيان اچي شڪاري ڪتا لڳا، سو ويچارو اُنهيءَ ڊپ کان
جند ڇڏائي اُٿي ڀڳو، ۽ هڪڙي ڏر هئي، تنهن ۾ پيهي
ويو. مڄاڻ ته اُن ۾ ڪو اڳيئي شينهن ويٺو هو. هن
جو به گهڙڻ، هُن جو به کيس اَمالڪ چنبو هڻي، ماري،
کائي ڇڏڻ. پر ان ويچاري، مرندي مهل، من ۾ چيو:
”اڙي الا، آءٌ ڪهڙو نڀاڳو آهيان! ڏسو ته سهي،
ماڻهن ۽ڪتن جي هٿان بچڻ لاءِ هن ڏر ۾ آيس، پر
مورڳوئي اچي سڀني کان ڏاڍي زبردست مرونءَ جي چنبي
۾ چڙهيس“- ”ويئي سڱن کي، ڪن به ڪپائي آئي“.
نصيحت:- جيڪو ڊپ کان منجهي رنجهي پاڻ بچائڻ لاءِ ٻيءَ بيخوف
جاءِ ۾ وڃڻ جو سعيو ڪندو آهي، سو اُن کان به وڏيءَ
آفت ۾ پوندو آهي؛ پر جيڪي وڏا ۽ ڳورا ماڻهو ٿيندا
آهن، سي رڳو پاپ ۽ گناهه کان ڊڄندا آهن ۽ ٻي ڪنهن
جو ڀو نه رکندا آهن، ۽ سڄو جهان فنا ٿي وڃي، ۽
هيءَ ڀر اُٿلي هوءَ ڀر ٿي پوي، ته به هنن جي دل
جيڪر ڪڏهن ڪين لڏي.
(104) آکاڻي باغائيءَ ۽ ڪتي جي
هڪڙي باغائي جو ڪتو، باغ جي کوهه جي ڪپ تي پئي ٽپيو ۽ ڪڏيو، سو
ٽپندي ٽپندي کوهه ۾ ڪري پيو، ۽ ڪو ڪراٽ ڪرڻ لڳو.
اُهي ڪوڪاٽ ٻڌي باغائي ڊوڙندو آيو ۽ اُن کي ٻاهر
ڪڍڻ لاءِ کوهه ۾ هٿ وڌائين. تڏهن ڪتي آڱرين ۾ چڪ
وڌس. تنهن تي، باغائي مٿس ڪاوڙجي چوڻ لڳو: ”اڙي
پليت، تنهنجي بچائڻ جي واسطي جو هٿ آيو، ۽ جنهن هٿ
اڄ ڏينهن سوڌو تنهنجي پرورش پئي ڪئي، اهڙي سڀاڳي
هٿ کي کڻي تو ڏاڙهيو! هاڻي تون مر: تو جهڙو بي گڻو
مئو ڀلو آهي.“ ائين چئي، ڪتي کي کوهه ۾ ٻوڙي، پاڻ
ويندو رهيو.
نصيحت:- جيڪو گڻ-چور ٿيندو آهي، تنهن سان جي چڱائي ڪبي آهي، ته
اَو اُٽلندو اُن جي بدران برائي ڪندو آهي : جئن ته
چوندا آهن ته ”چڱائي ڪجي ڄٽ سان، ڄٽ ڦيري هڻي پٽ
سان.“ تنهنڪري جيڪي نيڪ مرد آهن، تن کي جي ڪنهن
سان احسان ڪرڻو هجي، ته جنهن کي لائق ڄاڻن، تنهن
سان ڪن: ۽ بڇڙي سان چڱائي ڪئي، ته اُها اجائي
ويئي، تنهن مان پاڻ کي به نقصان ٿيندو آهي، ۽
ماڻهو به کلندا آهن.
(105) آکاڻي لوڪڙ ۽ ٻگهه پکيءَ جي
هڪڙي لوڪڙ ڪنهن ٻگهه پکيءَ جي مهماني ڪئي. ۽ گهر ۾ گهرائي،
ڀانيائين ته ڀاتيءَ سان گهٻو ڪريان، ۽ پنهنجي دل
وندرايان. پوءِ، هن جي واسطي رڳو سوادي رهو رنڌي،
هڪڙي تراکڙي طبق ۾ وجهي، آڻي اُن جي اڳيان
رکيائين. سو لوڪڙ کي چٽڻ سوکو ٿيو، پر هن ٻگهه
پکيءَ جي چهنب جي نوڪ رهي ۾ مس مس ٿي ويئي: سو
ويچارو بک مري ويو، ۽ لوڪڙ رهو پي پنهنجو پيٽ
ڀريو. ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ، وري ٻگهه پکيءَ
لوڪڙ جي ماني موڪلائي، ۽ مزمان لاءِ قيمو ڪٽائي،
تنهن ۾ مرچ مصالحا وجهائي تيار ڪيائين، ۽ سوڙهي ۽
ڊگهيءَ ڳچيءَ واري گهگهي گهرائي، تنهن ۾ وجهي، آڻي
دسترخوان تي رکيائين، ۽ مهمان کي چيائين ”ادا، آءٌ
ته کائون“. پر لوڪڙ جي ٻوٿ ڀلا گهگهيءَ جي
گهگهريءَ ۾ ڪٿان ٿو گهڙي! ٻگهه پکيءَ کي مچي ويو
مزو ۽ تنهن پنهنجي چهنب گهگهيءَ ۾ گهيڙي کائي ڪيو
ڍو ۽ لوڪڙ پري بيٺي ٻاٿون کاڌيون-جيڪي ذرو پرزو
گهگهيءَ جي ڪنن کي لڳو ٿي، سو پئي رڳو ماٺ ڪري
چٽيائين. پهريائين سو لوڪڙ کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر
پوءِ جڏهن موڪلائي اُٿي هليو، تڏهن چيائين ته ”چڱو
ٿيو، جهڙي ڪيم تهڙي پاتيم؛ تنهن جو وري هاڻي
ڏوراپو ڪنهن کي ڏيان؟“
نصيحت:- ائين ڪونه ڄاڻي ته جيڪڏهن آءٌ ڪنهن سان برائي ڪندس، ته
اهو وري مون سان ڀلائي ڪندو. ڪنهن نه ڪنهن مهل جي
هن جي ور چڙهي ويو، ته هو به وير ورتي بنا ڪين
ڇڏيندس. تنهن ۾، جي ڪو ڪنهن سان چڱائي ڪندو ته، ان
کي ضرور ڦل به انهيءَ چڱائيءَ جو ملندو؛ ۽ جي ڪنهن
سان مدائي ڪندو ته وري مدائيءَ جو ڦل پائيندو؛
”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي“. هنديءَ واري به چيو آهي
ته:
”کلجگ نهين، کرجگ هي يهه،
يهان دن کو دي، اور رات لي؛
کسيا خوب سودا نقد هي،
اِس هاتهه دي، اُس هاتهه لي“.
(106) آکاڻي شڪاريءَ ۽ شينهن جي
هڪڙي پڪي شڪاريءَ، جهنگ ۾ گهڙي، پنهنجي تيرن کي اهڙيءَ ڏاهپ سان
هنيو؛ جو ڪيترائي جانور مئا ۽ ڪيترا ڀڄي ويا؛ تڏهن
سڀ جانور گهڻي ڊپ ۾ پئجي، بچاءُ خاطر، ڪنهن گهاٽي
جهُڳٽي ۾ لڳي اچي ويٺا. اُتي، هڪ شينهن بهادر بنجي
کين چوڻ لڳو: ”متان ڊجو! آءٌ اڪيلو ئي ويريءَ سان
وڙهندس“. انهن ٻٽاڪن هڻندي، پنهنجي پڇ کي ڦيرائي
پئي لڱن تي هنيائين، ۽ جوش وچون ڌرتي کي پئي
کوٽيائين، ته اوچتو ئي هڪ تير جو چهنب اچي سندس
پاسراٽيءَ ۾ کُتي. تڏهين سور کان خوفناڪ رڙ ڪري،
ڏندن سان تير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هيءُ ڏسي، هڪ
گدڙ ويجهو اچي کيس اُڀارڻ لڳو ته ”ڪنهن کي اهڙي
طاقت ٿي آهي، جو تو جهڙي سورهيه ۽ وريام کي ڦٽي؟
تون بهادر بنجي پنهنجي دشمن جي سامهون ٿيءُ!“
شينهن ورندي ڏنيس: ”ميان! تون ائين ڪرڻ لاءِ مون کي هرگز مڃائي
نه سگهندين: ڇو ته جنهن جو نياپو آڻيندڙ (تير) ئي
اهڙو تکو آهي، تنهن موڪليندڙ جي پنهنجي سگهه ته
الائجي ڇا هوندي!“
نصيحت:- ڪيترائي ماڻهو اهڙا چالاڪ ٿيندا آهن، جو پاڻ تان مصيبت
ٽارڻ خاطر، ڪنهن ٻئي وڏيءَ پڄت واري کي ڀڙڪائي،
اُها ان جي گلي وجهي ڇڏيندا آهن-جيئن چوندا آهن ته
”چرئي کي چٽ ڏيئي، کڻايئون ڪاٺ ڪلهي تي!“ پر
عقلمند جو ڪم آهي ته هو پنهنجيءَ پڄت ۽ دشمن جي
پڄت جو پوريءَ طرح اندازو لڳائي، پوءِ ان جي
سامهون ٿئي، ۽ ماڻهن جي ڀڙڪائڻ تي نه لڳي.
(107) آکاڻي ڇوڪر ۽ ڀٽونءَ جي
هڪڙي ڇوڪر، ڀِت تان مڪڙ پئي جهليا، ۽ ڪيترائي مڪڙ هٿ آيس. انهن
مڪڙن ۾ هڪ ڀٽون پڻ ويٺل هو. ڇوڪر ڀانيو ته هيءُ پڻ
مڪڙ آهي، سو جهڙو پنهنجو هٿ انهيءَ تي وڌايائين ته
اوچتو سندس اُڀو ٿيل ڏنگ ڏسي، پنهنجي هٿ کي روڪي
ورتائين. هيءُ ڏسي، ڀٽونءَ کِلي چيس ته ”ڏاڍو چڱو
ٿئي ها، جي مون ۾ هٿ وجهين ها، پوءِ آءٌ توکي ڏنگ
هڻي، پاڻ ته ڇڏايان ها، پر هنن مڪڙن کي به ڇڏائي
ڇڏيان ها!“
نصيحت:- شڪار ڪرڻ ۽ دشمن تي حملو ڪرڻ وقت، هميشه اها سوچ رکڻ
گهرجي، ته متان انهن ۾ ڪو اهڙو زبردست به هجي، جو
اوچتو حملو ڪري، ٻين کي به آزاد ڪرائي ڇڏي: جئن
ڏاهن جو چوڻ آهي ته ”هر ڪنهن جهنگ کي خالي متان
سمجهين، ممڪن آهي ته هن ۾ ڪو چيتو به لڪل هجي“.
(108) آکاني عورت ۽ ڪڪڙ جي
هڪڙيءَ رن زال، هڪ ڪڪڙ پالي هئي، جا روزانو هڪ آنو ڏيندي هئي.
عورت خيال ڪيو ته جيڪڏهن هن کي ٻيڻو کاڌو ڏينديس
ته روزانو ٻه آنا ڏيندي!“ اهو خيال ڪري، هن کي
ٻيڻو کاڌو ڏيڻ لڳي. پر نتيجو وري اهو نڪتو، جو
گهڻي کاڌي کائڻ سبب ڪڪڙ اهڙي ته متاري ٿي وئي، جو
مورڳو آنا ڏيڻ ئي ڇڏي ڏنائين!
نصيحت:- ڪنهن به ڪم ڪرڻ وقت، ڄاڻو ماڻهن سان ضرور صلاح ڪرڻ
گهرجي. هروڀرو ائين ڪونهي ته ڪنهن کاڌي ۾ ٻيڻو
سامان وجهڻ سان اهو وڌيڪ لذيذ ٿيندو، يا ڪنهن
واپار ۾ ٻيڻي رقم لڳائڻ تي ان مان ٻيڻو فائدو
ٿيندو، يا ڍور خواه نوڪر کي ٻيڻو کارائڻ سان اهو
ٻيڻو ڪم ڏيندو: بلڪ هر چيز پنهنجي مقرر حد کان وڌي
نه سگهندي آهي، ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو جو ان کان
وڌائڻ ۾ هو الٽو ڪِري پوي.
(109) آکاڻي ٻٺرڙي ۽ ماڻس جي
ڪنهن ڏينهن، هڪڙيءَ هرڻيءَ کي سندس ٻَٺرڙو چوڻ لڳو ته ”امان!
تون ته ڪتي کان وڏي ۽ اڻٿڪ آهين؛ توکي پنهنجي
بچاءُ لاءِ سنڱ به آهن، پوءِ تون ڪتي کان ايترو
ڊڄين ڇو ٿي؟“ تڏهين، کلي چوڻ لڳي ته ” پٽڙا! آءٌ
اهي تنهنجيون سڀ ڳالهيون چڱي طرح ٿي ڄاڻان، پر
جڏهن ڪتن جي ڀونڪ ڪنن تي ٿي پويم، تنهن مهل منهنجا
پير، مون کي اهڙي تکائيءَ سان ٿا ڊوڙائين، جيترو
ڀڄي ٿو سگهين!“
نصيحت:- سمجهدار شخص جڏهن پنهنجي ڪمزوريءَ ۽ دشمن جي طاقت کان
پوري طرح واقف هوندو آهي، تڏهن هو ڪنهن جي هُشيءَ
۽ برغلائڻ تي ذرو به ڪن نه ڏيندو آهي.
(110)
آکاڻي سئيس ۽ گهوڙي جي
هڪڙو سئيس سندس حوالي ٿيل گهوڙي جي داڻي منجهان روزانو ڪافي حصو
چورائي وٺندو هو، پر ان کي مالش وغيره ۾ سارو
ڏينهن رڌل هوندو آهي، پوءِ افسوس ٿي ڪيائين ته
”گهوڙي جي هيتري خدمت ٿو ڪريان ته به متارو ٿئي ئي
نٿو!“
انهيءَ تي گهوڙي چيس ته ”جيڪڏهن تون دل سان چاهين ٿو ته آءٌ
متاروٿيان، ته مهرباني ڪري منهنجي مالش کي گهٽ ڪر،
۽ کاڌي کي وڌاءِ“
نصيحت:- هيءَ آکاڻي انهن اڳواڻن ۽ سيٺين سان لڳي ٿي، جي عوام ۽
نوڪرن جي زباني تعريف گهڻي ڪندا آهن ۽ کين وڏيون
سمجهاڻيون ڏيندا آهن، پر سندن پيٽ ڀرڻ جي ڪابه اون
ڪانه ڪندا آهن، ۽ پوءِ وري افسوس اهو کائيندا آهن
ته سندن حالت ڇو نٿي سڌري. در حقيقت ڪنهن به شخص
جي جسماني خواهه دماغي حالت کي سڌارڻ لاءِ، اهو
ضروري آهي، ته اول هن جو پيٽ ڀريل هجي. ساڳيءَ
طرح، واپار ۾ برڪت پوڻ لاءِ به اهو ضروري آهي، ته
موڙيءَ مان ڪڏهن به ذاتي خرچ نه ڪجي؛ جيڪڏهن واپار
تي محنت ۽ ڪوشش ته گهڻي پيئي ڪبي، پر موڙيءَ مان
خرچ پيو ڪبو، ته انهيءَ واپار ۾ ڀلا ڪهڙي برڪت
پوندي!
(111) آکاڻي ويڙهو ڪڪڙ ۽ عقاب جي
ڪنهن گند مان کاڌي جون چيزون ڳوليندي، ٻه جوان ڪڪڙ ماڻهو وانگر
گهڻي زور شور سان پاڻ ۾ پئي وڙهيا، نيٺ منجهانئن
هڪڙو ڪڪڙ ته هارائي، ڦٽن سان ڀرجي، ريڙهيون پائي،
وڃي کُڏيءَ جي ڪنڊ ۾ ويٺو؛ پر ٻيو سوڀ ڪندڙ وري
اڏامي وڃي گهر جي کُڏ تي چڙهيو، ۽ آڪڙ منجهان؛
پنهنجي کنڀڙاٽن کي ڇنڊي، بيهي ٻانگون ڏيڻ لڳو.
سندس آوازن تي اوچتو هڪڙو عقاب اچي نڪتو، سو جهٽ
هڻي کيس چنبن ۾ کڻي هليو ويو.
هيءُ ڏسي، اهو پٽيل ۽ ڀڳل ڪڪڙ به پنهنجي کڏي4 مان نڪتو، ۽ جنهن
گند لاءِ پاڻ ۾ پئي وڙهيا، تنهن کي پنهنجي هٿ ڪري
ويهي رهيو.
نصيحت:- آڪڙ ۽ غرور، فتحمند شخص کي به هارائي وجهندو اهي. ڪو به
ماڻهو، جيڪڏهن پاڻ کان هيڻي تي فتح پائي، ته پوءِ
کيس اهو ضرور ڪرڻ ۽ ڊاڙون هڻڻ نه جڳائي ته ڪو هاڻي
هن کي ٻيو ڪو به شڪست نه ڏيئي سگهندو، ڇاڪاڻ ته
دنيا ۾ ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي؛ هڪڙن کان ٻيا
زور پيا آهن. ان ڪري، فتح تي به پاڻ نه پڏائجي.
(112) آکاڻي ٻن جهولين جي
هڪڙي ڏاهي کي ڏٺائون، ته کيس ٻه جهوليون هيون-هڪڙي اڳيان لٽڪيل،
ٻي پوئتان. هن اڳينءَ کي ته هر هر پئي کولي ڏٺو،
پر ٻيءَ ڏانهن نهاريائين به ڪين ٿي، تڏهن پڇيائونس
ته ”هي ڇا پيو ڪرين؟“ جواب ڏنائين ته ”هيءَ اڳين
جهولي آهي، منهنجي پاڙيوارن ۽ لاڳاپيلن جي ڏوهن ۽
عيبن جي، ۽ پوئين جهولي اٿم منهنجي پنهنجي پاپن ۽
بڇڙاين جي سو آءٌ ٻين جي ڏوهن کي ته هر وقت پيو
جاچيان، پر پنهننجي پٺ ورائي ڪڏهين به نٿو ڏسان ته
آخر اهڙا عيب ۽ ڏوهه ته مون ۾ به موجود آهن“.
نصيحت:- انسان کي گهرجي ته ٻين جا عيب جاچڻ وقت، پنهنجي عيبن ڏي
به نظر ڪندو رهي.
(113) آکاڻي نڙ وڄائيندڙ مُهاڻي جي
هڪڙي مُهاڻي کي سندس نڙ وڄائڻ سان ڏاڍي محبت هئي. هڪ ڏينهن،
درياءَ ۾ مڇيون ڏسي، نڙ وڄائڻ لڳو ته من هو سندس
آوازا تي ٽپو ڏيئي اچي ڪنڌيءَ تي پون، ۽ نچن ٽپن؛
پر سندس خواهش وانگر ٿي نه سگهيو، تڏهن، ڪجهه دير
بعد هڪ چاري کڻي، مڇين کي وڪوڙي کڻي ڪنڌيءَ ڏي
ڇڪيائين، ته مڇين سان ڀرجي اچڻ لڳي. ان وقت مڇين
کي ٽپندو ۽ ڦٿڪندو ڏسي، هو کلي چوڻ لڳو: ”جڏهن نڙ
ٿي وڄايم، تڏهن ته اوهين به نٿي نچيون، پر هاڻي ته
اوهان جو نچڻ مون کي به ڪونه ٿو وڻي!“
نصيحت:- هر ڪو ڪم پنهنجي وقت تي ئي مزو ڏيندو آهي، بيوقتي ڪابه
شي موزون ڪانه ٿيندي آهي-ان ڪري ڏاهن جو چوڻ آهي
ته
”ڪم جي وقت ڌيان ڪم ۾ ڌريو،
راند جي وقت راند روند ڪريو.“
(114) آکاڻي چنڊ ۽ ماڻس جي
هڪڙي چنڊ، سندس ماءُ کي چيو ته ”منهنجي لاءِ ڪو اهڙو ڪوٽ ٺاهي
ڏي جو ٺهڪي اچيم“. ماڻس جواب ڏنو: ”ابا! تو لاءِ
ٺهڪڻ جهڙو ڪوٽ ڀلا ڪهڙي طرح ٺاهي سگهبو، جو تون
ڪڏهن ننڍو ته ڪڏهن وڏو؛ ڪنهن ڏينهن بلڪل وڏو، ته
ڪنهن ڏينهن صفا چٽ!“
نصيحت:- جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ طبيعت ۾ يڪسان نه هوندو آهي، ۽
ڪڏهن تمام نرم، ڪڏهن تمام گرم، ڪڏهن بلڪل ڪنجوس،
ڪڏهن نهايت سخي، ڪڏهن بلڪل محنتي، ڪڏهن بنهه سست،
ڪڏهن انجام پاڙيندڙ، ڪڏهين ڪپت ڪندڙ- ته اهڙي شخص
لاءِ ڪڏهين به ڪا هڪڙي راءِ قائم ڪري، مٿس ڀروسو
ڪري ڪونه سگهبو. ان ڪري، انسان کي گهرجي ته
پنهنجيءَ طبيعت کي سدائين هڪ رنگ ۾ رکي، ته ان ۾
سندس ئي فائدو ٿيندو.
(115) آکاڻي ٽيٽيهر ۽ باز پکي جي
هڪڙي ڏينهن، هڪڙي ٽيٽيهر، مڇيءَ کي درياءَ ۾ ٽپندو ڏٺو ته جهٽ
هڻي کائڻ لڳس، پر مڇي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس، سو ٽيٽيهر
ساڻو ٿي، پٽ تي ڪري پيو. ان جو اهو حال هڪڙي باز
ڏٺو؛ تڏهن دلاسي طور چوڻ لڳس، ”ارمان نه ڪر، ائين
ضرور ٿيڻو هو؛ ڇو ته درياءَ جي مڇين کي ڳڙڪائڻ ڀلا
زمين جي پکين جي ڪيئن ٿو جڳائي!“
نصيحت:- جيڪو شخص پنهنجي وت ۽ پنهنجيءَ حالت کان ٻاهر نڪري، ڪو
اهڙو ڪم ڪندو، جنهن جي پورائيءَ جي هن کي هرگز
طاقت نه هوندي، سو ان ۾ ضرور نقصان پائيندو.
(116) آکاڻي پالتو ڪتي ۽ بگهڙ جي
هڪڙيءَ چانڊوڪيءَ رات ۾، هڪ بکايل، مرڻينگ ۽ ڏٻرو بگهڙ، هڪڙي
ڍاول ۽ متاري ڪتي کي ڏيو. سلام ڪري چيائين ته ”تون
ته اهڙو چڱو ڀلو، متارو ۽ سهڻو ٿو ڏسجين، جنهن
جهڙو مون ٻيو ڪونه ڏٺو؛ پر سچ ٻڌاءِ ته اهو ڇا جي
ڪري ٿيو آهي. جو تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ايترو فرق
پيو ڏسجي؟ آءُ ته پاڻ تو کان پنجاهه دفعا وڌيڪ
پورهيو ٿو ڪريان، ته به بک کان مرڻ کي ويجهو
آهيان!“
تڏهن، ڪتي جواب ڏنس ته ”جيڪي آءُ ڪريان ٿو، سو جيڪڏهن تون به
ڪندو رهين، ته مون جهڙو ئي تندرست ڏسڻ ۾ ايندين“
بگهڙ پڇيس، ”ٻڌاءِ ڀلا، اهو ڪئن؟“
ڪتي چيو، ”بس، رڳو رات جو پهرو ڏيئي، گهر کي چور کان بچائيندو
رهه“.
بگهڙ وراڻيو، ”اهو ڪم ته پنهنجي دل سان ڪندس، ڇو ته هينئر آءٌ
ڏاڍيءَ تڪليف سان وقت ٿو گذاريان: جهنگ ۾ جتي
مينهن، برف ۽ ڳڙا سهڻا پون ٿا، ان کي ڇڏي، هڪڙو
پڪو گهر هٿ ۾ ڪري، پيٽ ڀريندو رهان-سا ڳالهه ڏاڍي
سٺي آهي.“
ڪتي چيس ته ”سچ پچ جيڪڏهن تنهنجي دل ائين چاهي، ته مون سان گڏ
هل.“
انهيءَ تي ٻئي گڏجي اُٿي هليا. واٽ ۾ هلندي، بگهڙ جي نظر ڪتي جي
ڪنڌ جي نشان تي پيئي، تنهن تي پڇيائينس ته ”هيءُ
نشان ڇا جو ٿي پيو اٿيئي!“
ڪتي چيس، ”ڪجهه ڪونهي.“
بگهڙ وري چيس: ”مهرباني ڪري مون کي انهيءَ جو سبب ضرور ٻڌاءِ.“
تڏهن ڪتي جواب ڏنس ته ”جي توکي هروڀرو انهيءَ جي پروڙ وٺڻي آهي
ته ٻڌ؛ آءٌ آهيان ڪجهه سخت، ان ڪري ڏينهن جو مون
کي ٻڌل رکندا آهن، ته متان ماڻهن کي چڪ وجهان-باقي
رڳو رات جو ڇوڙيندا اٿم؛ ۽ پوءِ هيءُ سبب به آهي
ته ڏينهن جوسمهي رهان، ته رات جو چڱيءَ طرح جاڳي
سگهان، ۽ جڏهن سج لهي ٿو، تڏهن مون کي ٻاهر ڪڍي
ڇڏيندا آهن، ته جت وڻيم تت وڃان. تنهن کانپوءِ،
منهنجو ڌڻي، خمچي تان هڏا چونڊي ڪنهن ٿانو ۾ وجهي،
پنهنجي هٿ سان مون وٽ کڻي ايندو آهي، ۽ جيڪا اوبر
سڀني وٽ بچندي آهي، سا سڀ منهنجي پتيءَ ۾ ايندي
آهي- ۽ پڪ ڄاڻج ته مون کي سڀئي پيار ڪندا آهن، ۽
توکي به ائين ئي خوش رکندا“.
هيءُ ٻڌي، بگهڙ بيهي رهيو. تنهن تي ڪتي چيس: ”ڇو بيهي رهيو
آهين، ڇا ٿيو اٿيئي، هلين نٿو!“
بگهڙ جواب ڏنس: ”مهرباني ڪري مون کي معاف ڪر، تون پنهنجو اهو سک
پاڻ وٽ رک. مون کي ته آزادي وڻي ٿي: جيڪي شرط تون
ٿو ٻڌائين، تن تي آءٌ ته بادشاهي به قبول ڪري ڪانه
سگهندس!“
نصيحت:- آزاديءَ جي زندگيءَ ۽ غلاميءَ جي زندگيءَ ۾ تمام وڏو
فرق آهي. ظاهر طرح ته غلام ڏسڻ ۾ خوش آسودو ايندو
آهي، ۽ آزاد اڪثر اَٻالو؛ پر درحقيقت ائين ناهي،
ڇو ته هڪ ته غلام جي پنهنجي ذاتي مرضي ڪجهه به
ڪانه رهي. هو بلڪل آقا جي رحم و ڪرم تي هوندو آهي.
آقا ڪنهن به وقت کيس ذليل ڪري سگهي ٿو، ۽ اڪثر
پيريءَ، ڪنهن بيماريءَ يا حادثي جي وقت هن جو اوهي
واهي نٿو رهي. ٻيو ته هن کي صرف جيئري رهڻ جي
اجازت هوندي آهي، ۽ ان کان وڌيڪ ترقيءَ ۽
خوشحاليءَ حاصل ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه ملندو آهي،
پر آزاد جيِوَ کي اهڙا وجهه ڪافي ملي سگهندا آهن،
جو هو پنهنجي ترقي ۽ آسودگي هٿ ڪري سگهي، ۽ هن کي
اها ذهني پريشاني نٿي رهي، جا غلامن کي ٿيندي آهي.
ان ڪري، ڏاها چوندا آهن ته ”آزاديءَ جو هڪ ڏينهن
غلاميءَ جو سو سالن کان هزار دفعا چڱو آهي“.
(117) آکاڻي پوڙهيءَ زال ۽ شراب جي سٽ جي
هڪڙي پوڙهيءَ زال هڪڙو ٺلهو شراب جو مٽ زمين تي پيل ڏٺو، جنهن ۾
شراب جو هڪ ڦڙو به نه هو، پر لنگهندڙن کي منجهانئس
شراب جي بوءِ آئي پئي.
پوڙهي پنهنجو نڪ ويجهو آڻي، ان جي خوشبوءِ وٺڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي:
”اي مٺڙا! جڏهن تنهنجو ڦوڳ هيڏو خوشبودار آهي،
تڏهن تنهنجو اصل ڪهڙو نه سٺو هوندو!“
نصيحت:-ڪابه شي کڻي اصلؤن ختم به ٿي وڃي، ته رڳو ٺلهيءَ خوشبوءِ
منجهان به ان شي جي چڱيءَ يا مَٺيءَ صفت جي ڄاڻ
پئجي ويندي آهي. ساڳي طرح، انسان جا سٺا اخلاق ۽
چڱا ڪم سندس مئي کان پوءِ به خلق پيئي ڳائيندي
آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجي زندگيء اهڙن
سٺن ڪمن ۾ گذاريون، جو مئي کانپوءِ به خلق انهن
ڳڻن کي ڳائيندي رهي.
(118) آکاڻي هٺيلي ڏيڏر ۽ ڍڳي جي
هڪڙو ڍڳو جنهن جهنگ ۾ چرندو پيو هو، ان ۾ ڪئين ننڍيون ڏيڏريون
پڻ پئي گهميون. هڪ ڏينهن هڪڙو ڏيڏر ڍڳي جي پير هيٺ
اچي لتاڙجي ويو. انهيءَ تي ننڍن ڏيڏرن اچي
پنهنجيءَ ماءُ کي خبر ڏني، ۽ چيائونس ته ”اسان
پنهنجي ڄمار ۾ هيڏو وڏو جانور ڪڏهن به نه ڏٺو
آهي!“
انهيءَ تي سندس ماءُ پنهنجي پيٽ کي ڦوڪي، ڦنڊائي پڇيو ته ”هيڏو
وڏو هو؟“
هنن جواب ڏنو: ”نه نه، هن کان ته تمام گهڻو وڏو هو!“
انهيءَ تي پيٽ کي اڳئين کان به گهڻو ڦوڪي پڇيائين، ”هيڏو هو؟“
تڏهن وري هنن چيس، ”اما، جيڪڏهن سندءِ پيٽ کي ڦوڪي
ڦوڪي ڦاڙي وجهين؛ ته به اهڙي ڪانه ٿيندينءَ!“ تڏهن
ته ڏيڏريءَ ڪاوڙ منجهان پيٽ کي وٺي جو زور سان
ڦوڪيو، سو پيٽ ڦاٽي پيس، مري ويئي.
نصيحت:- جيڪو ماڻهو ڪنهن تمام وڏيءَ هستيءَ سان ريس ڪرڻ لاءِ،
وت کان گهڻو وڌيڪ زور لڳائنيدو، سو ضرور تباهه
ٿيندو.
(119) آکاڻي بيمار هرڻيءَ جي
هڪڙي هرڻي بيمار ٿي پيئي، جنهن ڪري جهنگ ۾ هڪ گاهه وارو ٽڪرو
ڳولي، ان تي ليٽي پيئي، ته آسانيءَ سان چَري سگهي.
هن هرڻيءَ جي پنهنجي پاڙيسرين سان چڱيءَ ريت رهايل هئي، انڪري
هو سڀ کيس پڇڻ لاءِ اچڻ لڳا. پر اهي به ڪجهه نه
ڪجهه گاهه کائيندا پئي ويا، جنهنڪري آهستي آهستي
اتان گاهه ختم ٿي ويو: جنهنڪري نتيجو اهو نڪتو، جو
هرڻي بيماريءَ مان ته چڱي ڀلي ٿي، پر کاڌي کُٽڻ
سبب ڳري مري ويئي!
نصيحت:- ڏک ۾ آيل غريب سان همدردي ڪجي، ته وري ان کي مالي مدد
به ڏجي. ائين نه ڪجي. جو همدردي ته رڳي زباني ڪجي،
۽ الٽو هن جو گهر پيو کائجي.
(120) آکاڻي کانگڙيءَ ۽ ڌيڻس جي
هڪڙي ٻڍيءَ ڪانگڙيءَ ڌيڻس کي چيو ته ”ڌيءَ، تون ڏنگي ڇو ٿي
هلين- سئين ڇو نٿي هلين؟“
هن ورندي ڏنس: ”امان، تون به مون کي سنئين هلي ڏيکار! جڏهن توکي
سنئين ڏسنديس، تڏهن آءٌ به تنهنجي پٺيان هلڻ جي
ڪوشش ڪنديس“.
نصيحت:- ته اهو سمجهائجي، سو جيڪڏهين ڪري ڏيکارجي، ته اهو
سمجهائڻ کان چڱو آهي- چوندا آهن ته ”پاڻ نه پلي،
ڏوجهان متيان ڏيوي“: جيڪو شخص پاڻ ڪو عيب جو ڪم
پيو ڪندو، ۽ ٻين کي ان کان روڪيندو، ته اها روڪ
ڪهڙو اثر ڪندي؟
(121) آکاڻي گهيٽي ۽ بگهڙ جي
هڪڙو گهيٽو، بگهڙ کان ڀڄي، پناهه وٺڻ لاءِ مسجد ڏي اٿي ڀڳو.
بگهڙ آواز ڏنس ته ”اتي ڪنهن مُلي ڏٺئي ته جهلي
ڪُهي ڇڏيندءِ!“
گهيٽي جواب ڏنو ته ”ڀلي ڪُهي؛ پر تنهنجي کائڻ کان ڌڻيءَ جي نالي
تي قربان ٿيڻ چڱو آهي.“
نصيحت:- جيڪڏهن مال توڙي جان برباد ٿيڻ جو تمام گهڻو امڪان هجي،
ته ائين دشمنن جي هٿان برباد ٿيڻ جي بدران، دوستن
۽ سڄڻن ۽ قوم جي ڀلي ڪارڻ خرچ ڪرڻ وڌيڪ چڱو آهي.
(122) آکاڻي ريڍار ۽ بگهڙ جي
هڪڙو ريڍار ڪنهن ڳوٺ جي ويجهائيءَ ۾ پنهنجين رڍن کي چاريندو هو،
سو ڪڏهن ڪڏهن چرچي خاطر وٺي رڙيون ڪندو هو ته
”بگهڙ آيو ڙي بگهڙ!“ ٻه-ٽي ڀيرا ته سندس اهو کِرُ
هلي ويو، ۽ سڀ ڳوٺاڻا سندس واهر ڪرڻ لاءِ ڊوڙي ٿي
آيا؛ تڏهن هو وري انهن کي ڏسي بيهي کلڻ ٿي لڳو ته
”اهو ته مون چرچو ٿي ڪيو!“ پر هڪ ڏينهن سچ پچ بگهڙ
اچي حملو ڪيو، تڏهين ريڍار سچيءَ طرح رڙيون ڪرڻ
لڳو، پر ڳوٺ وارن سمجهيو ته ’هي به اڳئين وانگر
چرچو هوندو‘؛ انهيءَ ڪري سندس رڙين تيڌيان ڪونه
ڏنائون، ۽ بگهڙ رڍن کي کائي ويو. تڏهن انهيءَ
ريڍار کي سمجهه ۾ آئي ته ’جيڪڏهن سدائين جا ڪوڙا
ماڻهو، ڪڏهن سچ چوندا آهن، ته به مٿن ڪو ويساهه نه
ڪندو‘.
نصيحت:- ڪنهن به ڊپ جهڙيءَ ڳالهه کي چرچي طور استعمال ڪرڻ نه
گهرجي. جيڪڏهن ڪو شخص ٻه-ٽي دفعا ائين ڪندو؛ ته
پوءِ اڳتي لاءِ هن جي هر ڪنهن ڳالهه کي چرچو
سمجهيو ويندو، ۽ مٿس ڪوبه اعتبار نه ڪندو.
(123) آکاڻي ڪڪڙ ۽ ٻليءَ جي
هڪڙي ٻليءَ ٻڌو ته فلاڻي ڪڪڙ بيمار آهي؛ تنهنڪري کيس پڇڻ لاءِ
ويئي، ۽ ويجهو اچي چوڻ لڳيس: ”اي منهنجي ساهيڙي!
تون چڱي ڀلي آهين؟ آءٌ تو لاءِ ڇا ڪريان؟ توکي
ڪجهه کپي، ته ٻڌاءِ ته دنيا جي هرچيز تولاءِ
آڻيان- پر تون دلجاءِ رک، مون کان پاڻ لاءِ ڊپ
متان ڪرين!“
ڪڪڙ وراڻيس؛ ”تنهنجا ٿورا مون تي اڳي ئي گهڻا آهن؛ هاڻي ايتري
وڌيڪ مهرباني ڪر، جو مونکان پري ٿيءُ، ته پوءِ مون
کي سِگهٻي چڱِي ڀلي ٿيڻ جو فڪر نه رهندو“.
نصيحت:- جنهن سان دوستي به نه هجي، ان وٽ اڻ ڪوٺيو همدرديءَ ڪرڻ
لاءِ وڃڻ مان اجهو اهڙو مان ملندو ته ”ڀلائي ڪري
منهنجي جند ڇڏ!“
۽ جنهن شخص جو گذران ئي ٻئي جي رت پيئڻ تي هجي، تنهن جي
همدرديءٌ تي به ڪڏهين ويساهه ڪرڻ نه کپي.
(124) آکاڻي ڏاڙهوءَ، صوف ۽ ڪنڊي جي
هڪ دفعي ڏارهون ۽ صوف پنهنجي سهڻائيءَ جو مقابلو ڪري اچي پاڻ ۾
وڙهيا. جڏهن گاريون ڏيڻ ۽ سخت ويڙهه ڪرڻ لڳا، تڏهن
ويجهي وڻ مان هڪڙي ڪنڊي مٿو ڪڍي چين: ”بس ڪريو
اوهان کي پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ جهيڙو ڪرڻ نه گهرجي!“
نصيحت:- جيڪي سڀ کان نڪما هوندا آهن، تن کي وري اهڙي آڪڙ هوندي
آهي، جو ٻين وڏي درجي وارن جا به خواه مخواه پيا
ٽياڪر بنبا آهن.
(125) آکاڻي لومڙ ۽ ڪاٺير جي
هڪڙي لومڙ پٺيان شڪاري ڪتا اچي پيا، سو ڊوڙندو ڊوڙندو اچي هڪڙي
ڪاٺير وٽ پهتو ۽ کيس منٿ ڪيائين ته ”لِڪڻ لاءِ ڪو
هنڌ ڏينم“. ڪاٺير پنهنجو ڀونگو ڏيکاريس. هو وڃي،
هڪڙيءَ ڪُنڊ ۾ لِڪي ويهي رهيو.
ٿوريءَ دير بعد شڪار ڪندڙن اتي اچي ڪاٺير کان پڇا ڪئي ته ”تو ڪو
لومڙ ڏٺو؟“ ڪاٺير زبان سان جواب ڏنو ته ”نه“- مگر
آڱر سان ڪُند ڏي اشارو ڪيائين، سو هنن ماڻهن اهو
اشارو نه ڏٺو ۽ هليا ويا.
جڏهن هو گهڻو پري نڪري ويا، تڏهين لومڙ به لڪندو لڪندو نڪتو ۽
ڪاٺير سان ڪجهه به ڳالهائڻ بنا پڇڻ لڳو. هيءُ ڏسي،
ڪاٺير ڏوراپو ڏيئي ٿو چويس: ”واهه ڀائي واهه! تون
پنهنجي بچائيندڙ دوست کي هڪ لفظ ٿوري مڃڻ جو چوڻ
بنا، ائين ئي پيو هليو وڃين!“
لومڙ ڏانهنس مهاڙ ڪري چيو: ”تون ڏاڍو سٺو دوست آهين؛ جهڙي سچائي
سندءِ ڄڀ کان ٿي هئي، تهڙي جي سندءِ آڱرين کان به
ٿئي ها، ته تنهنجي گهر مان موڪلائڻ بنا جيڪر هرگز
نه وڃان ها!“
نصيحت:- جيڪو ماڻهو ”ساڌن سان سنمک ۽ پئنچن سان پورو“ هوندو
آهي، يا ٻين اکرن ۾ چور کي چوندو آهي ’چوري ڪر‘،
گهر وارن کي چوندو آهي ته ’چوري ڪر‘، ۽ گهر وارن
کي چوندو آهي ته ’مال سنڀالي رکو‘!“- اهڙي شخص کي
”منافق“ يا ٻه-چاپڙو“ چئجي. اهڙي شخص جو جڏهن پول
پڌرو ٿيندو اهي، تڏهن ڪابه ڌُر کيس عزت ڪانه ڏيندي
آهي.
(126) آکاڻي ڪانو ۽ گهگهيءَ جي
هڪ اڃايل ڪانؤ پري کان هڪڙيءَ گهگهيءَ کي ڏسي خوش ٿيو، ۽ تڪڙو
ڊوڙي هن وٽ آيو، پر ويجهو اچي ڏٺائين ته پاڻي
انهيءَ جي بنهه تري ۾ آهي. هن گهڻو ئي پاڻ کي
جهڪايو. پر پاڻيءَ کي پهچي نه سگهيو، تڏهن گهگهيءَ
کي اونڌي ڪرڻ جو ارادو ڪيائين، پر ايتري طاقت ڪانه
هيس. نيٺ، ويچار ڪري، ويجهڙائيءَ مان ڪَڪريون
چونڊي، هڪڙي هڪڙي ڪڪري منجهس وجهڻ لڳو- ۽ انهيءَ
ڏاهپ سان، پاڻي ڪنن تائين آڻي، پنهنجي اُڃ
لاٿائين.
نصيحت:- ڪو به مشڪل ڪم جيڪڏهين صبر، ثابت قدميءَ ۽ عقل سان ڪبو،
ته نيٺ اهو آسان ٿي پوندو۽ ان ۾ فتحيابي ملند.ي
(127) آکاڻي ڍڳي جي وٿاڻ ۾ ويٺل هرڻ جي
هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾ ويٺل هرڻ پٺيان اچي شڪاري ڪتا پيا، سو ڊوڙي
اچي ڪنهن زميندار جي گهر وٽ پهتو؛ اتي ڪنهن وٿاڻ
جو در اُپٽيل ڏسي، ڪانن ۾ اند وڃي لِڪي ويٺو.
تڏهين ڍڳن مان منهن ڦيرائي هڪڙي چيس ته ”اهڙيءَ
جاءِ ۾ ڇو ٿو ويهين، جتي پڪ سان موت ايندءِ!“ هرڻ
جواب ڏنس؛ ”جيڪڏهن اوهين لڳائڻ ۾ ٻاجهه ڪندا؛ ته
سلامت رهڻ جي اميد اٿم- ۽ جنهن مهل وجهه ڏسندس،
انهيءَ مهل نڪري ويندس“.
هرڻ سانجهيءَ تائين اتي لڪو ويٺو هو. هڪڙي هاريءَ ڪانن جي ڀري
اتي اچي اڇلائي، پر کيس پروڙ ڪانه پيئي. ٻيا هاري
به آيا ويا، پر انهن کي به خبر ڪانه پيئي. وري
زميندار جو ڪمدار آيو- ان به هميشه وانگر نظر
ڦيرائي، مگر ان کي به سماءَ نه پيو، ۽ هليو ويو.
انهيءَ تي هرڻ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ڀرجي، آپي کان ٻاهر ٿيڻ لڳو ۽
ڍڳن جي خوشامد ڪرڻ لڳو. ته ”اوهان جهڙو احسان ڪندڙ
ته ڪو، ڪونه ڏٺم!“
انهيءَ تي هڪڙي ڍڳي، نماڻو ٿي چيس: ”اي هرڻ! اسان کي ته تنهنجي
بچائڻ لاءِ گهڻو چاهه آهي، پر تون کي خبر ناهي ته
هڪڙي ماڻهوءَ کي سو اکيون آهن: جنهن مهل اهو آيو،
تنهن مهل تنهنجي ساهه جو مُلهه هڪڙي ڪاني جيترو به
ڪونه ٿيندو.“
ايتري ۾ گهر جو ڌڻي، جو پاڙي ۾ دعوت کائڻ ويو هو، سو اچي اتي
پهتو، آهرن کي ڏسي، چوڻ لڳو: ”ڍڳن کي چارو زياده
ڇو نٿا ڏيو!“ وري هيٺ نهاري چيائين: ”هي اولڙ ڇو
گهٽ ٿيو؟ يڪدم ٻيو چارو آڻي وجهو- ڪانا ته پنهنجا
گهيئي ٿيا آهن! مون ڪيترا ڀيرا اوهان کي تاڪيد ڪيو
آهي- پر ڏسجي ٿو ته جيڪڏهن پاڻ نه ڪندس، ته ڪو به
ڪم پورو نه ٿيندو!“ ائين چئي، هر هڪ چيز کي
جاچيندو ويو- تان جو ڪانن منجهه همراهن کي سڏ ڪري،
هن نماڻي هرڻ کي شڪار ڪري ڇڏيائون!
نصيحت:- جنهن ڌڻي کي سو اکيون نه هونديون، ۽ پنهنجيءَ چيز کي
پاڻ چڱيءَ طرح نه سنڀاليندو، تنهن جي مال ۾ گهڻيئي
چور اچي لڪندا ۽ پڻ چورن کي به خيال ۾ رکڻ گهرجي
ته نوڪرن چڪرن کان ته لڪي سگهبو؛ پر جيڪڏهن ڌڻي
خبردار آهي، ته ان کان هرگز اوجهل ٿي ڪونه سگهبو.
(128) آکاڻي سهي ۽ ڪتي جي
هڪڙي ڪُتي سهي کي وڻ مان ٽهائي ڪڍيو، ۽ گهڻوئي پنڌ پٺيانئس
ڊڪيو، پر سهو کانئس تکو ٿي نڪري ويو. انهيءَ تي
هڪڙو ٻڪرار وٽس اچي ٽوڪون ڪرڻ لڳو ته ”ڏسو، سهو
ڪُتي کان تکو ٿو ڊوڙي!“
ڪُتي جواب ڏنو: ”تون ڀُليو آهين- ڇو ته کاڌي جي ڊوڙ ٻي ٿي ٿئي،
۽ ساهه بچائڻ جي ٻي!“
نصيحت:- جڏهن ڪنهن جانور کي ساهه بچائڻ جو فڪر هوندو آهي، ته
اُهو ايڏي گهڻي ڪوشش ڪندو آهي، جا کانئس عام طرح
ٿي ڪانه سگهندي آهي. ان ڪري ڪنهن به شي کي شڪار
ڪرڻ وقت، ان جي آخري ڪوشش کان غافل ٿيڻ نه
گهرجي-جئن چوندا آهن ته ”جڏهن ٻليءَ کي موت ڦري
ايندو آهي، تڏهن هوءَ حملي ڪندڙ جي اک ڪڍي وٺندي
آهي!“
(129) آکاڻي ٻلهڻ ۽ تارلي مڇيءَ جي
هڪ دفعي مانگر مڇ ۽ ٻُلهڻ اچي پاڻ ۾ وڙهيا، جڏهن سندن ويڙهه سخت
ٿي، تڏهين تارلي مڇي وچ ۾ پئجي اچي کين پرچائڻ
لڳي، تنهن تي ٻلهڻين مان هڪڙيءَ آواز ڪيو: ”اي
دوست، مهرباني ڪري اسان کي ڇڏ، ڇو ته تنهنجي
پرچائڻ کان وڙهڻ ۾ مرڻ چڱو آهي“.
نصيحت:- جيڪو شخص ڪن به ٻن ڌرين جو جاني دشمن هوندو آهي، سو ڀلا
هنن ۾ ڪهڙو ٺاهه ڪري سگهندو! انهيءَ مان ته هر وقت
ٻنهي کي نقصان رسڻ جو خطرو هوندو آهي؛ انهيءَ کي
امين ڪرڻ مان ڪڏهن به فائدو پهچي نه سگهندو.
(130) آکاڻي ٻيلي ۽ ڪاٺير جي
هڪڙي ڏينهن هڪڙو ڪاٺير، ٻيلي ۾ اچي هيڏانهن هوڏانهن جهاتيون
پائڻ لڳو؛ تڏهن وڻن پڇيس: ”ڇا ٿو ڪرين؟“ هن جواب
ڏنو: ”رڳو ڪهاڙيءَ جي ڳن لاءِ ڪاٺيءَ ٽڪر ٿو
ڳوليان“. تڏهين سڀني وڻن يڪراءِ ٿي خيال ڪيو ته
’هن کي ڪو ڪاٺيءَ جو سٺو سڪل ٽڪرو کڻي ڏيون“-
جڏهين هنن اهو ڏنس، تڏهن انهيءَ کي گهڙي، ڪهاڙيءَ
۾ کڻي ڳن وڌائين، ۽ يڪدم کڻي سڌو آيو ٻيلي ۾، ۽
چؤطرف ڪياڙي ڦيرائي بنا ڪنهن اوکائيءَ جي سمورن
وڻن کي وڍي وڌائين. هيءُ ڏسي، وڻ پاڻ کي چوڻ لڳا
ته ”ڀائر، پاڻ کان جيڪا بيوقوفي ٿي آهي، ان جي سزا
اها ئي آهي!“
نصيحت:- دشمن کي جيڪڏهن پاڻ وٽ پير پائڻ ڏبو آهي، ته هو اڳتي
سڄي گهر جي ستياناس ڪري ڇڏيندو. تنهنڪري، ڪڏهين به
ان جي سُٺين ۽ نماڻين ڳالهين تي قياس ڪرڻ نه
گهرجي؛ هر وقت کانئس چو-ڪنو رهڻ گهرجي.
(131) آکاڻي ڳيريءَ ۽ ڪانگ جي
هڪڙي پڃري ۾ بند ٿيل ڳيري، سندس اولاد جي گهڻائيءَ تي فخر ڪندي
هئي. انهيءَ تي هڪڙي ڪانگ چيس ته ”هن ڳالهه تي فخر
ڪرڻ کان باز رهه، ڇاڪاڻ ته جيترو تنهنجو اولاد
وڌندو، اوترائي گهڻا قيدي وڌندا؛ ۽ تون پاڻ انهن
تي ڪڙهنديئن: ڇو ته آزاد لاءِ جيڪا خوشيءَ جي
ڳالهه آهي، سا قيديءَ لاءِ افسوس جي.“
نصيحت:- آزادي هر انسان جي بنيادي ضرورت آهي. جيڪو شخص يا قوم
آزاد نه هوندا، يا آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪندڙ نه
هوندا، سي جيڪڏهن گهڻا ٿيا ته ڇا ٿي پيو- هوندا ته
هر حالت ۾ ٻئي جا غلام! آزاد-طبيعت ۽ آزديءَ لاءِ
ڪوشش ڪندڙ انسان ٿورا هوندا، ته به اهي گهڻن غلامن
کان چڱا آهن.
(132) آکاڻي دانهن ڪندڙ اُن جي
ڪنهن بادشاهه وٽ هڪ اُٺ اچي عرض ڪيو ته ”اسين ڏاڍيءَ تڪليف ۾
آهيون، ڇو ته ڏاندن يا ٻين جانورن وانگر اسان کي
نه سڱ آهن، ۽ نه ٻيا ڪي هٿيار، جو دشمنن جي ڪاهن
کان پاڻ کي بچائي سگهون: ان ڪري مهرباني ڪري ڪنهن
تجويز سان اسان کي ڇوٽڪارو ڏياريو“.
هن بيوقوف جانور جي کِل جهڙيءَ ڳالهه تي بادشاهه کِلي ڏنو، ۽
چيائين ته ”تنهنجو اهو عرض قبول نٿو ڪجي، ۽ پاڻ
اڳتي لاءِ تنهنجي انهيءَ بيوقوفيءَ ڪري توهان جا
ڪَنَ ڪَتربا رهندا“.
نصيحت:- هر شخص کي هرڪا نعمت حاصل ٿي نه سگهندي آهي؛ ۽ جيڪو شخص
پنهنجي ذاتي ڪوشش نه ڪندو، فقط ٻين جي سهاري جو
آسرو رکندو، تنهن کي الٽو نقصان پيو ٿيندو.
(133) آکاڻي گڏهه ۽ تڏ جي
هڪڙي گڏهه تڏين جي چون چون ٻڌي؛ سو دل ۾ ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ خيال
ڪيائين ته ”مان به اهڙو آواز سکي ڳايان“. سو تڏين
کان پڇيائين ته ”توهان ڇا کائينديون آهيو، جو اهڙو
مٺي آواز سان ڳايو ٿيون؟“ هنن جواب ڏنو ته ”اسين
رڳو ماڪ کائينديون آهيون“. گڏهه اهو ٻڌي رڳو ماڪ
کائڻ لڳو، ۽ ٿورن ڏينهن ۾ ويچارو بک جي ڪري مري
ويو- ڇو ته جيڪو هڪڙي لاءِ کاڌو، سو ٻئي لاءِ وهه
آهي.
نصيحت:- ڌاريءَ جنس سان ريس ڪرڻ، پنهنجي تباهيءَ کي سڏ ڪرڻو
آهي. هر شخص کي ڌارين جي ڪابه ڳالهه اختيار ڪرڻ
کان اڳ، پوريءَ طرح سوچ ڪرڻ گهرجي ته مون کي هن
مان ڪهڙا نقصان پهچندا ۽ ڪهڙا فائدا.
(134) آکاڻي گاڏيءَ واري ۽ پير جي
هڪ گاڏيءَ واري، بيخياليءَ مان، گاڏي ڪنهن اهڙيءَ گپ مان ٿي
هلائي، جو ڦيٿا گپ ۾ گپي ويا، ۽ گهوڙا ويچار بيهي
رهيا. گاڏيءَ وارو، هن مصيبت ۾ ڪنهن ڪوشش جي
بدران، لڳوپِير کي سڏڻ ته ’پِير سائين، اچي هن ڏک
مان ڪڍينم!“ پر پير جواب ڏنس ته ڦيٿن کي پنهنجو
ڪُلهو ڏي، ڇو ته جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪن ٿا، تن جي
ڌڻي به مدد ڪري: رڳو ڌڻيءَ کان پنڻ تي به مراد
پوري نٿي ٿئي، پر پنڻ سان گڏ ڪوشش پڻ ڪرڻ گهرجي.“
نصيحت:- هيءَ آکاڻي ٻڌائي ٿي ته ڪن به غيبي طاقتن کي سڏڻ ۽ ان
تي ئي آڌار رکڻ مان ڪجهه به هڙ حاصل نٿو ٿئي، پر
انسان کي هميشه پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي.
(135) آکاڻي ٻڍيءَ ويڄ جي
هڪ ٻڍي زال، جيڪا انڌي پڻ هئي، ان هڪ ويڄ کي گهرائي چيو ته
”منهنجو علاج ڪر. جيڪڏهن مان ڏسڻ جهڙي ٿيس، ته ان
جو عيوض تو کي گهڻو ڪجهه ڏيندس، پر جيڪڏهن جڏي
رهيس، ۽ منهنجون اکيون ٺيڪ نه ٿيون، ته پوءِ توکي
ڪجهه ڪونه ڏينديس“. انهيءَ ٻوليءَ موجب، ويڄ ٻڍيءَ
زال جو علاج ڪرڻ شروع ڪيو. ويڄ جيئن ٻڍيءَ جي گهر
۾ علاج لاءِ هر هر پيو ويندو هو؛ تيئن ويچاريءَ جو
سامان به پيو چورايو ايندو هو.
آخر ٻڍيءَ زال کي، ويڄ جي علاج مان فائدو پهتو، ۽ هوءَ اکين کان
ڏسڻ لڳي. ان تي ويڄ، ڪيل ٻوليءَ موجب پنهنجي محنت
جو عيوض گهريو. ٻڍيءَ زال ڏٺو، ته منهنجي گهر جو
سارو سامان ته گم ٿي ويو آهي، ۽ گهر خالي پيو آهي؛
ان ڪري، ويڄ جي گهر ڪرڻ تي کيس رڳو دلبا ڏيندي
رهي.
نيٺ، ويڄ ڪنهن انصاف ڪندڙ کي وڃي دانهن ڏني، جنهن، ٻڍيءَ کي
گهرائي، ان کان حقيقت پڇي، ٻڍيءَ جواب ڏنو ته
”جيڪي هيءُ ماڻهو چوي ٿو، اهو سچ آهي. مون ٻولي
ڪئي هئي، ته جيڪڏهن مان ڏسڻ جهڙي ٿينديس، ته ان کي
انعام ڏينديس، پر جيڪڏهن اکين ۾ ڪجهه به نقص رهيو
ته ڪجهه ڪونه ڏيندس. هاڻي، ويڄ چوي ٿو ته مان چاڪ
ٿي آهيان، پر مان ان جي ابتڙ چوان ٿي ته ڇو ته
جڏهن پهريائين، مون کي اکين ۾ نقص ٿيو هو، ته
منهنجو گهر ڀريل هو، ۽ ان ۾ ڪيترو ئي سامان نظر
ايندو هو؛ پر هاڻي، جڏهن هو چوي ٿو ته مان چاڪ
آهيان، تڏهن، مون کي پنهنجي گهر ۾ هڪ به شي نظر
ڪانه ٿي اچي؛ ان ڪري، آءٌ سمجهان ٿي ته اڃا
منهنجون اکيون ٺيڪ نه ٿيون آهن“.
نصيحت:- جيڪو شخص، ڪنهن ٻئي سان ٺڳي ڪري ٿو، ته هو به ضرور سندس
فريب کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪندو، ۽ نيٺ اڳتي هلي
نقصان رسائيندو، ان ڪري، سمجهي ڇڏڻ گهرجي، ته
”جهڙي نيت، تهڙي مراد“.
(136) آکاڻي سهن ۽ ڏيڏرن جي
هڪڙي ڏينهن، سخت طوفان ۾، هڪ ٻيلي ۾ وڻ ۽ ٻوٽا ڏاڍو پئي لڏيا، ۽
پنن کڙ کڙ پئي ڪئي. انهيءَ گوڙ ۾، ٻيلي جا سها
ويچارا ڏاڍو اچي ڊنا. هو چرين وانگر ڪڏهن هيڏانهن؛
ڪڏهن هوڏانهن، ڀڄڻ لڳا. ڀانيائون ته ڪنهن آسري
ڪيڏانهن ڪري وڃون، متان اتي سِر ڏيئي نڀاڳ جو شڪار
ٿيون. اهو خيال ڪري، جتان جاءِ ملين، وٺي ڀڳا.
آخر زمين تان ڊوڙي اچي هڪ نئين تي پهتا.
نرلسائيءَ ايترو ته گهيريو هون، جو ڀانيائون ته
ڪنهن نڀاڳ جي شڪار ٿيڻ جي عيوض، پاڻ کي پاڻيءَ ۾
ٻوڙي ڇڏيون. پر جڏهن نئن جي ڪناري تي پهتا، تڏهن
ڏيڏرن جو ميڙ، جيڪو ڪنڌيءَ تي ويٺو هو، سي سهن کي
ڏسي ايترو ته ڊنا، جو ڏاهپ سان پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏيئي
وڃي تري ۾ ويٺا.
اهو حال ڏسي، هڪ ٻڍي سهي، ٻين کي سڏي چيو ته ”بيهو بيهو، مون
ڏٺو آهي ته اسان کان سواءِ ٻيا پڻ ڊڄن ٿا؛ تڏهن
اهو جوڳو نه آهي، ته اسين ٻين سڀني کان پاڻ کي
نڀاڳا ڀانيون: پر خدا اسان کي جيڪا ڏکيائي ڏني
آهي، اسان کي ان مان عبرت وٺڻ گهرجي، ۽ ان کي صبر
سان سهڻ گهرجي“.
نصيحت:- جيڪي انسان پريشانين کان بيزار ٿي آپگهات ڪن ٿا، يا ذلت
جي کوهه ۾ وڃي ڪرن ٿا، تن کي هن آکاڻيءَ مان نصيحت
وٺڻ گهرجي، ۽ هميشه ياد رکڻ گهرجي ته مصيبتون ۽
تڪليفون ڪي رڳو مٿن ڪونه ٿيون اچن، بلڪه اهي ته
سڀني انسانن تي پيون اينديون آهن-چاهي هو امير هجن
چاهي غريب، ان ڪري، مصيبتن کان گهٻرائجي حوصلا خطا
ڪرڻ بدران، انهن کي مڙس ٿي مُنهن ڏيڻ گهرجي، ۽
ڪڏهين به همٿ هارڻ نه گهرجي- نيٺ ڪونه ڪو رستو
انهن جي آسانين جو نڪري پوندو.
(137) آکاڻي ڀولي ۽ اُٺ جي
هڪ ڏينهن، جانورن جو هڪ وڏو ميڙ ٿيو. جنهن ۾ ڀولو ناچ ڪرڻ لڳو.
ڀولي جو ناچ سڀني کي وڻيو، ۽ سڀ ان جي ساراهه ڪرڻ
لڳا. ڀولي جي اهڙي ساراهه ٻڌي، اُٺ کي به ريس ٿي،
سو هو به لڳو ناچ ڪرڻ. پر اُٺ جو ناچ، اهڙو ته بي
زيبو پئي لڳو، جو سڀني جانورن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.
سو، انهن گڏجي اُٺ کي لتن سان ماري ڪٽي ٻاهر ڪڍي
ڇڏيو.
نصيحت:- هرڪا ڳالهه، جنهن ماڻهوءَ لاءِ هوندي آهي، تنهن لاءِ ئي
جڳائي ٿي، ۽ ان کي ئي سونهي ٿي. انسان کي، ٻئي جي
ريس ڪرڻ کان اڳ، پوريءَ طرح سوچ ڪرڻ گهرجي ته ’هي
ڳالهه مون کي جڳائي ٿي يا نه‘. جيڪو ڪپڙي جي ويڪر
کان وڌيڪ ٻانهن ڊگهي ڪندو، ان جو ڪپڙو ڦاٽندو.
(138) آکاڻي انڌي ڪئي ۽ ماڻس جي
هڪڙي ننڍي انڌي ڪُئي، پنهنجي ماءُ کي چيو ته ”امان، آءٌ سڀ ڪجهه
ڏسي سگهان ٿو!“ ماڻس امتحان وٺڻ لاءِ، لوبان جو
ٽڪرو ڀرسان رکي، پڇيس ته ”هيءُ ڇا آهي؟“ ننڍڙي
انڌي ڪُئي، وراڻي ڏني ته ”اهو پهڻ آهي“. تنهن تي
ماڻس چيس ته ”منهنجا پٽ، تون اڃا ڏسي ته نٿو
سگهين، پر سنگهي به نٿو ڄاڻين!“
نصيحت:- پنهنجي هڪڙي عيب کي لڪائڻ بدران، الٽو؛ ان تي آڪڙ ڪرڻ
جو نتيجو اهو ٿيندوآهي، ته ٻيو عيب به ظاهر ٿي
پوندو. ان ڪري، انسان کي گهرجي، ته هو پنهنجي عيبن
کي، عيب ڪري سمجهي.
(139) آکاڻي باندر ۽ دلفين مڇيءَ جي
مير بحرن ۾، پراڻو رواج هو، ته پنهنجي وندر لاءِ، ٻيڙيءَ ۾ ڪو
ڪتو يا باندر ڌاريندا هئا. هڪڙي ميربحر، ٻيڙيءَ ۾،
صحبت لاءِ، هڪ باندر کنيو هو. ٻيڙي، جڏهن بلوچستان
جي هڪ راس جي سامهون پهتي، تڏهن هڪ ڏاڍي طوفان ۾
اونڌي ٿي پيئي، ۽ جيڪي ڪجهه ٻيڙيءَ ۾ هو، سو
پاڻيءَ ۾ وڃي ڪريو. ٻيڙيءَ ٻڏڻ ڪري، هر ڪو ساهه
وارو، پنهنجي وس آهر، ڪناري تي پهچڻ لاءِ ترڻ لڳو.
انهن ۾ اهو باندر به هو. هڪڙيءَ دلفين مڇيءَ جو
باندر کي ايڏو ڪشالو ۽ محنت ڪندو ڏٺو، سو
سمجهيائين ته هيءُ ڪو ماڻهو آهي. ان ڪري، ان جي
ڀرسان وڃي، ان کي پٺيءَ تي چاڙهي، ڪناري ڏي ترڻ
لڳي. مڇي، جڏهن منهوڙي بندر جي سامهون آئي، تڏهن،
دلفين باندر کان پڇيو ته ”ڇا تون ڪراچيءَ جو ماڻهو
آهين؟“ باندر وراڻي ڏني ته ”ها، ڪراچيءَ جي گهراڻي
وارن ماڻهن مان هڪڙو آهيان“. تڏهن مڇيءَ چيس ته
”تو انهيءَ ڪري منهوڙي کي سڃاتو!“ باندر ڀانيو ته
”منهوڙو“ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو نالو آهي، تنهنڪري،
وراڻي ڏنائين ته ”ها، مان ان کي گهڻو سڃاڻان، ۽ هو
منهنجي هڪ جيڏن مان آهي.“ اهڙي پڌري ڪوڙ ۽ ڪپت کان
ڪاوڙجي، دلفين وٺي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هنئي، ۽ باندر کي
ڇڏيائين، ته ڀل ٻڏي مري.
نصيحت:- ڪوڙ ۽ ڪپت، گهڻو وقت لڪي نه سگهندا آهن، نيٺ ڪنهن نه
ڪنهن طرح، ظاهر ٿي پوندا آهن. ان ڪري، انسان کي
گهرجي ، ته هو، ڪڏهن به ڪوڙ ۽ ڪپت نه ڪري، نه ته
نيٺ تباهه ٿيندو.
(140) آکاڻي گهوڙي ۽ هرڻ جي
هڪڙي گهوڙي کي، تمام گهڻو جهنگ چرڻ لاءِ هو. پر هڪ هرڻ به اچي
ان جهنگ ۾ نڪتو. سو، اهو به، انهيءَ جهنگ ۾ چرڻ
لڳو. گهوڙي کي اها ڳالهه نه وڻي، سو هرڻ کان وير
وٺڻ لاءِ، هڪ ماڻهوءَ کان پڇيائين ته ”هن هرڻ کي
سزا ڏيڻ لاءِ تون مون کي ڪا مدد ڏئي سگهندين.؟“
ماڻهوءَ وراڻيو ته ”ها، جيڪڏهن تون وات ۾ لغام وجهڻ ۽ پٺيءَ تي
چڙهڻ ڏينم، ته پوءِ آءٌ هٿيار کڻي، هرڻ کي سزا
ڏيندس“. گهوڙي، ان ڳالهه کي قبول ڪيو، ۽ ماڻهو،
گهوڙي کي لغام ڏيئي، پٺيءَ تي چڙهي ويٺو. گهوڙي،
هرڻ کان وير ته ڪونه ورتو، پر هميشه لاءِ ماڻهوءَ
جو ٻيلي بنجي ويو.
نصيحت:- جيڪي به شخص، لالچ ۾ اچي، پنهنجن کي لوڌڻ لاءِ، ڌارين
جي مدد وٺندا آهن، سي هميشه انهن ڌارين جا غلام
بڻجي ويندا آهن.
(141) آکاڻي بگهڙ ۽ رڍ جي
هڪڙي بگهڙ کي، ڪنهن ڪُتي چڪ پاتو. ان ڪري، بگهڙ بيمار ٿي پيو ۽
هلي چلي به نٿي سگهيو. هڪ ڀيري، هڪڙي رڍ، پنهنجو
رستو ڏيو، هن جي ڀرسان لنگهيو پئي ويئي، تنهن کي
سڏي چيائين ته ”مون کي ڀر واريءَ نديءَ تان پاڻي
آڻي ڏي، ۽ جيڪڏهن تون مون لاءِ کاڌو آڻنيدينءَ، ته
آءٌ پاڻيهي کائي سگهندس“.
رڍ چيو ته ”مان تنهنجي ڳالهه کي سچو ٿي سمجهان، ڇو ته، جيڪڏهن
مان پاڻي تنهنجي ويجهو آڻيندس، ته منهنجو ڪباب به
تون جلد ڪندين!“
نصيحت:- جاني دشمن جي مٺين ۽ نماڻين ڳالهين تي ڀنڀلجي، ڪڏهن به
ان جي وار کان بيفڪر رهڻ نه گهرجي.
(142) آکاڻي ان ۽ دنبي گهيٽي جي
هڪ رن-زال وٽ، هڪڙو دنبو گهيٽو هو، سو هن خيال ڪيو ته ”هن گهيٽي
جي ڏاس مان، اڳتي لاءِ جيتري گهڻي ٿي سگهندي، اُپت
ڪنديس“. سو، هڪ ڀيري، شوق مان ويهي ڏاس ڪترڻ لڳس.
پر، اڻڄاڻيءَ ڪري، گهيٽي کي کَل ۾ پڻ ايذاءُ اچڻ لڳو. ان تي
گهيٽو چوڻ لڳو ته ”اي مائي! تون مون کي ڇو ٿي
ڏکوئين؟ منهنجي رت کان اُنَ تور ۾ ڪانه وڌندي؛
تنهنڪري، جيڪڏهن تو کي منهنجي گوشت جي ضرور هجي،
ته ڪاسائيءَ کي گهرائي، جلد مون کي حلال ڪرائي، ڏک
کان ڇڏائيم، پر جيڪڏهن، توکي منهنجي اُن کپي، ته
پوءِ ڪنهن ڏاسائيءَ کي سڏاءِ، ته اهو منهنجي اهڙي
نموني ڏاس ڪَڪري جو رت ته نه نڪري!“
نصيحت:- ڪنهن به شخص کان، ايتري گهڻي فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ نه
گهرجي، جو هن جي سهڻ کان ٻاهر هجي. ۽ ٻيو ته
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم ۾ اڄاڻ هجي، ته ٻئي
ڄاڻوءَ سان صلاح ڪرڻ مناسب اٿس.
(143) آکاڻي ڪتي ۽ سندس ڌڻيءَ جي
هڪڙو ماڻهو، ڪنهن ڪم سان، گهر کان ٻاهر نڪري رهيو هو ته، پنهنجي
ڪتي کي ٻُنڀي وٽ ڏٺائين. ماڻهوءَ چيس ته ”تون وات
ڦاڙي اتي ڇو بيٺو آهين؟ مون سان گڏجي هلڻ لاءِ جلد
تيار ٿي وٺ“. ڪتي پڇي لوڏي لوڏي جواب ڏنو ته
”سائين، مان ته حاضر آهيان، پر تيار توهان کي ٿيڻ
گهرجي“.
نصيحت:- پنهنجي نوڪر يا همراهه کي نصيحت ڪرڻ بدران انهيءَ ڪم تي
اول پاڻ کي چڱيءَ طرح تيار ٿيڻ گهرجي.
(144) آکاڻي نقصانڪار ڪتي جي
هڪڙي ماڻهوءَ وٽ، هڪ خراب ۽ ڀوائتو ڪتو هوندو هو. متان ڪتو ڪنهن
ماڻهوءَ کي ڏاڙهي، ان ڪري، مالڪ ڪتي جي ڳچيءَ ۾،
هڪ ڳرو ڳٽ ٻڌي ڇڏيو هو. پر هن ٽرڙي ڪتي وري ڀانيو
ته هيءُ ڳت ڪو عزت ڀريو آهي، سو ان تي ايترو ته هٺ
ڪندو هو، جو پاڙي وارن ڪتن تي ڦٽڪار وجهندو هو، ۽
انهن جي سنگت ۾ وڃڻ به نه وڻندو هوس.
هڪ ڀيري، پاڙي وارن ڪتن مان، هڪ ٻڍي ڪتي چيس ته ”تنهنجي ڳچيءَ ۾
جيڪا وٿ آهي، سا متان ڀائين ته مانَ جو نشان آهي-
ڇو ته اها تنهنجي بڇڙي هلڻ جو اهڃاڻ آهي!“
نصيحت:- نوڪر يا غلام کي جيڪڏهن رواجي طرح کان وڌيڪ نشان مالڪ
جي طرفان ملي، ته هن کي سمجهڻ گهرجي ته هيءَ ضرور
ڪا عيبائتي ڳالهه آهي، فخر جي ڳالهه ڪانه آهي.
(145) آکاڻي ابابيل ۽ ڪانور جي
هڪڙي ڀيري، ابابيل ۽ ڪانو ۾ وڙهڻ لڳا؛ ته ”ڪير وڌيڪ سهڻو آهي“.
آخرڪار، ڪانو چيو ته ”تنهنجو حسن رڳو گرميءَ ۾
آهي، پر، منهنجي سهڻائي گهڻن سيارن تائين رهي ٿي“.
نصيحت:- هميشه جٽاءُ ڪندڙ چيز، ٿوري وقت جي ڏيکاءُ ڪندڙ شي کان
وڌيڪ سٺي ٿئي ٿي.
(146) آکاڻي هڪڙي ڪوڏيءَ جي ملهه واري ڏئي جي
هڪڙو ڏئو، جيڪو وڌيڪ تيل پوڻ ڪري، ٿلهو متارو ٿيو هو، سو شام جي
مهل فخر ڪرڻ لڳو ته ”مان سج، چنڊ ۽ تارن کان به
وڌيڪ ٿو چمڪان!“
انهيءَ مهل ڪو واءُ جو جهوٽو آيو، جنهن ڏئي کي وسائي ڇڏيو. تنهن
تي، هڪ ماڻهوءَ؛ ڏئي کي وري ٻاري چيو ته ”اي
منهنجا پيارا ڏيا، هاڻي ڀلي چمڪج؛ پر پنهنجي زبان
جهلج، ڇو ته اُڀ جا ڏيا ڪڏهن واءُ سان نه وسامندا
آهن“”
نصيحت:- هميشه پنهنجي هستيءَ کي پوريءَ طرح جاچجي، وت کان وڌيڪ
آڪڙ ڪرڻ تباهي آڻيندي آهي.
(147) آکاڻي ڌنار ۽ گم ٿيل ڍڳي جي
هڪڙي ڌنار کان، سندس ڍڳو گم ٿي ويو، سو ڍڳي کي ڳولڻ لاءِ ٻيلي
۾ ويو. گهڻي ڳولڻ سان جڏهن ڍڳو نه لڌس، تڏهن ٻيلي
جي پيرن کان دعا گهرڻ لڳو ته ”جيڪڏهن گم ٿيل شي
مون کي لڌي، ته اوهان تي هڪ گهيٽو چاڙهيندس“.
انهيءَ مهل، هڪ ٽڪريءَ تي چڙهي، ڏٺائين ته سندس
ڍڳي جي مٿي تي، هڪ شينهن چڙهيو ويٺو هو. تڏهن،
ڌنار وري دعا گهرڻ لڳو ته ”جيڪڏهن منهنجي جند ڇُٽي
ته ڍڳو به توهان تي چاڙهيندس“.
نصيحت:- پِيرن جي سُکائن ۽ باسون باسڻ مان ڪجهه به ڪونه ورندو
آهي. هنن کي ڪابه طاقت ڪانهي، ڪنهن کي به مدد ڪرڻ
جي.
(148) آکاڻي واٽهڙوءَ ۽ بڙ جي وڻ جي
ڪي واٽهڙو، اونهاري جي سخت گرميءَ ۾، ڏاڍو تنگ ٿيا، ۽ اُڃ به
اچي کنئين. سو اهڙيءَ حالت ۾، جو ڀرسان بڙ جو وڻ
ڏٺائون، سو ڊوڙ پائي وڃي وڻ جي ڇانو هيٺان پاڻ کي
ڪيرايائون، ۽ ڇانو هيٺان سمهي آرام وٺڻ لڳا.
واٽهڙو جيئن ستا پيا هئا، تيئن، پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته
”هيءُ نڪمو بڙ جو وڻ ماڻهوءَ کي ڪو به فائدو ڪونه
ٿو ڏئي.“ ان تي وڻ وراڻي ڏني ته ”اي حق نه
سڃاڻندڙو: جيڏي مهل، توهان مون مان فائدو وٺي رهيا
آهيو، اوڏيءَ مهل، مون کي نڪمائيءَ جو ڏوراپو به
ڏيو ٿا“.
نصيحت:- انسان کي، ڪڏهن به بي شڪر ۽ ڳڻ-چور ٿيڻ نه گهرجي.
هميشه، جنهن مان فائدو رسيس، ان جي ڀلائي مڃڻ ۽
خير خواهي ڳولڻ گهرجي.
(149) آکاڻي ڍڳن ۽ ڪاسائي جي
هڪڙي ڀيري، ڍڳن پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو ته ”هي ڪاسائي جيڪي رڳو اسان
کي ڪُهن پيا، تن کي ضرور ناس ڪنداسين“ اهو ٺهراءُ
ڪري، پاڻ ۾ ميڙ ڪري، پنهنجي سڱن کي تکو ڪرڻ لڳا.
نيٺ، هڪ پوڙهي ڍڳي، جنهن گهڻن سالن کان هر ۾ ڪمايو
هو، تنهن چيو ته ”اي پيارا ڀائرو، جيڪي ڪيو ٿا،
ان تي ڪجهه سوچيو؛ ڇو ته هي ڪاسائي وري به اسان کي
ڪجهه ڏاهپ ۽ ادب سان مارين ٿا، پر جيڪڏهن ڪاساين
جي بدران ڪو اڻڄاڻ اسان کي ڪهندو، ته اسان جو مرڻ
هيڪاري ڏکيو ٿيندو. اهو به خيال ڪريو، ته جيڪڏهن
ڪاسائي نه هوندا ته به ماڻهو ڳائو گوشت ضرور
گهرندا.“
نصيحت:- جيڪڏهن اها پڪ آهي؛ ته ڪنهن به شخص يا قوم کي، ٻئي جي
غلامي يا نوڪريءَ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو هرگز
ناهي، ته پوءِ، اناڙيءَ جي غلامي يا نوڪري ڪرڻ
کان، سڄاڻ جي غلامي يا نوڪري وڌيڪ چڱي آهي.
(150) آکاڻي ڪوٺ ڏنل ڪتي جي
هڪڙي صاحب، هڪ ڏينهن، سٺو کاڌو تيار ڪرائي، پنهنجي هڪ دوست کي
دعوت ڏني. انهيءَ صاحب جي ڪُتي، وري پنهنجي ڌڻيءَ
جي دوست جي ڪتي کي سڏي، چيو ته ”اڄ رات تون به
اسان سان گڏجي کائجانءِ“.
ڪتو، انهيءَ ڪوٺ تي، ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ ويجهو بيهي کاڌي جو
سانباهو ڏسڻ لڳو. دل ۾ خيال ڪيائين ته ”ڏاڍو سٺو
ٿيو- آءٌ ڪهڙو نه سڀاڳو آهيان! اڄوڪي رات پنهنجي
پيٽ کي خوب ڀريندس، ڇو ته، سڀاڻي الائي کاڌو ملي
يانه!“ اهي خيال ڪري، جيئن پُڇ لوڏڻ لڳو، ۽ ڪوٺ
ڏيندڙ ڪُتي ڏي لِيو ٿي پاتائين، ته هن جي پُڇ چورڻ
تي، بورچيءَ جي نگاهه وڃي مٿس پيئي. بورچيءَ جو هڪ
ڌاريو ڪُتو گهر ۾ ڏٺو، سو پيرن کان جهلي، دريءَ
کان کڻي ٻاهر اڇلايائينس، ڪُتو جيئن زمين تي
ڪِريو، تيئن ’ڪون ڪون‘ ڪري وٺي ڀڳو. پاڙي وارن ڪتن
ڊوڙي وڃي پڇيس ته ”کاڌو توکي وڻيو يا نه؟“ ڪُتي مس
مس وراڻي ڏني ته ”چئي نٿو سگهان، ڇو ته اهڙو ڪو
نشو کاڌو اٿم، جو ڪهڙي نموني گهر کان ٻاهر نڪتس،
اهو به پتو نه اٿم!“
نصيحت:- محتاجن ۽ پينن کي جيڪا چيز ملندي آهي، سا ذلت سان ئي
ملي ٿي.
(151) آکاڻي مهاڻي جي
هڪ مهاڻو، مڇي مارڻ لاءِ، هڪ نديءَ تي ويو. پنهنجي ڄارين کي
پاڻيءَ جي وهڪري ۾ ٻڌي، پاسن سان نوڙيون پهڻن سان
ٻڌي ڇڏيائين؛ ۽ پاڻ وري هڪ پاسي کان بيهي، پاڻيءَ
کي اٿارڻ لڳو؛ ته ڄاريءَ ۾ مڇي ڦاسي. هڪ ماڻهو؛
جيڪو نديءَ جي ڀرسان رهندو هو، سو اهو ڏسي ويجهو
آيو. مهاڻي کي ڏوراپو ڏنائين ته ”تون پاڻيءَ ۾ لٻ
لٻ ڪري ميرو ڪري ڇڏين ٿو، ان ڪري پاڻي پيئڻ جهڙو
نه رهندو“. مهاڻي وراڻي ڏني ته ”هيءُ ڪم نٿو
وڻيئي، ته به کڻي صبر ڪر، ڇاڪاڻ ته اهڙيءَ طرح
پاڻي ميرو ڪرڻ سان ئي منهنجو پيٽ ڀرجي ٿو“
نصيحت:- جن ماڻهن جو جنهن ڌنڌي تي گذران آهي، سي ڪي ٻين جي
ناپسنديءَ سبب ان کي ڇڏي ڪونه سگهندا. تنهنڪري ٻين
ماڻهن کي اها ڳالهه ضرور سهڻي پوندي.
(152) آکاڻي شڪاريءَ ۽ مهاڻي جي
هڪڙو شڪاري، جبل مان گهڻو شڪار ڪيو پئي آيو، ته ان مهل هڪ مهاڻو
به مڇيءَ جي کاري ڀريل کنيو پئي ويو. ٻئي جڏهن هڪ
ٻئي کي گڏيا، ته مهاڻي کي شڪار ۽ شڪاريءَ کي مڇي
کائڻ جو شوق پيدا ٿيو. انهيءَ لاءِ هڪ ٻئي ۾ ٿورو
شڪار ۽ مڇي مَٽايائون. پوءِ هر روز مَٽائيندا هئا.
آخر، ڪنهن ڏينهن، هڪ ماڻهوءَ هنن کي ائين سَٽ-سَٽ ڪندو ڏسي، چيو
ته ”هيءٌ هر روز مٽ-سَٽ ڪري پنهنجي کاڄ جو سواد
ڦٽائيندا ۽ پاڻ ٿورن ڏينهن ۾ ٻنهي کي پنهنجي
پهرئين کاڄ جي گهرج ٿيندي“
نصيحت:- هر ڪنهن ماڻهوءَ کي جڳائي ته هو پنهنجي هوند ۽ حالت آهر
پنهنجا وسيلا پاڻ پيدا ڪري، ۽ ان جو چڱو ڄاڻي. سَڌ
پائي اگر ٻين جي لذتن جو ساءٌ به وٺبو، ته آخر
وري به پنهنجي پُوري سُري ڪم ايندي، ۽ پرائيءَ پهچ
مان ڪڪ ٿي پئبو. ٻيو ته، جيڪا جنهن جي اصليت هوندي
آهي، اها توڙ تائين ان جي طبيعت ۾ هوندي آهي-ان
ڪري، جيڪڏهن ڪو ماڻهو، پنهنجي اصليت تان ڦرندو
هجي، ته ڄاڻجي جو اهو اوس موٽي ساڳيو ٿيندو.
(153) آکاڻي پکيءَ، مرونءَ ۽ چمڙيءَ جي
ڪنهن زماني ۾، پکين ۽ مرن جي وچ ۾ ڏاڍي ويڙهه هلندي هئي. چمڙو ۽
پنهنجي جسمي بناوت جي ڪري، ڪنهن سان به شريڪ نه
ٿيندو هو، ويڙهه کان پري رهندو هو. پر، جڏهن مرن
جي سوڀ ڏسڻ ۾ آيس، تڏهن چمڙو هنن جي ڪٽڪ سان جنگ
جو سعيو ڪرڻ لڳو. پر پکين وري ٻئي دفعي مرن سان
لڙائي ڪري سوڀ پاتي، تڏهن وري سوڀ ڪندڙن چمڙي کي
پاڻ سان ڏٺو. آخر جلد ئي ٻنهين ڌرين جو پرچاءٌ
ٿيو. انهيءَ ڪري چمڙي جي ٻه-طرفي هلت ظاهر ٿي پئي،
۽ کيس ٻئي ڌريون ڌڪارڻ لڳيون.
اهڙي طرح، چمڙي کي پرچاءَ جي ميڙ مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيائون.
چمڙو جيئن تيئن ڪري لڪي وٺي ڀڳو. انهيءَ ڏينهن کان
وٺي، چمڙو سدائين ڪنڊن پاسن ۾ لڪندو وتندو آهي، ۽
اونداهيءَ کان سواءِ مُنهن نه ڏيکاريندو آهي.
نصيحت:- جڳ ۾ جيڪو چمڙي واري ريت رهندو آهي، سو نيٺ شرمندو ۽
خوار ٿيندو آهي. جيڪو ماڻهو ساڌن سان سنمک ۽ پئنچن
سان پورو هجي، ۽ سدائين پنهنجي سرسيءَ لاءِ ٻهروپي
بنيو وتي، ته ان کي آخرڪار، پول کلي پوڻ تي،
پنهنجا پراوا، سڀئي ڌڪارين ٿا-جيئن چمڙي جو حال
ٿيو. |