سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ايسپ جون آکاڻيون

باب: -

صفحو :1

ايسپ جون آکاڻيون

ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي

 

 

ناشر طرفان ٻه لفظ

 

 

ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب برزبان ياد به ڪرايا ويندا آهن ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي- پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص علمي ۽ ادبي، هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا، جو عام پڙهندرن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشه جھڻ فنا ٿي ويو.

زنده ٻوليون پنهنجي ادبي سرمائي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن: سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان ۽ نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس آهي جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو. نتيجو هيءُ نڪتو آهي، جو اڄ سوَن اهڙن بيمثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهن لکيا ئي ڪونه ويا هئا! ظاهر آهي ته پنهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهن ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي.

پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي، ائين هٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين، ته آخر سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو.

”سنڌي ادبي بورڊ“، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هي به رکيو آهي ته پنهنجي  ٻوليءَ جا پراڻا ڇپايل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جا لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ، طرفان يارنهن ڪتاب-گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل، جهان آرا، سون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، هدايت الانشاء، ۽ گل-اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن: هاڻي ساڳئي سلسلي جو هيءُ ٻارهون، ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.

هيءُ ڪتاب-ايسپ جون آکاڻيون-دنيا جي قديم ۽ عام-پسند ڪتابن مان هڪ آهي، جنهن جو ترجمو پڻ دنيا جي مڙني مک ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. هن آکاڻين جو پهريون مجموعو، حضرت عيسيٰ جي ولادت کان چار سئو سال اڳ، يونان ۾ پڌرو ٿيو- جنهن مان هن ڪتاب جي قدامت جو پتو پوي ٿو. انگريزي ٻوليءَ ۾ اهي آکاڻيون، 1484ع ۾ ترجمو ٿيون. سنڌيءَ ۾ پهرين پهرين 1854، سنڌ جي تڏهوڪي انگريز اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ”ايلس“، منشي ننديرام ميراڻيءَ جي مدد سان، انهن آکاڻين کي انگريزيءَ تان ترجمو ڪرائي، شايع ڪرايو. اهو پهريون نسخو ٻوليءَ جي پراڻي رواج، اسلوب، ۽ صورتخطيءَ ۾، هٿ جي ڪتابت سان ڇپيل هو، جنهن کي پوءِ منشي اڌارام ٿانورداس، سنواري ۽ صاف ڪري، نئين ترتيب سان مروج سنڌي ٽائيپ ۾ شايع ڪرايو-جيڪو پڻ گذريل سٺ سالن کان بنهه ناياب ٿي چڪو هو. ”سنڌي ادبي بورڊ“ اڳين ٻنهي نسخن کي ڀيٽي، ٻوليءَ ۽ صورتخطيءَ جي ضروري درستين ڪرڻ بعد، هيءُ ڪتاب سنڌيءَ جي جديد ٽائيپ ۾ ڇپائي پڌرو ڪري رهيو آهي.

”ايسپ“ پنهنجي آکاڻين ۾، جانورن ۽ ٻين بيجان ڪردارن جي وسيلي انساني نفسيات، اخلاقيات ۽ ٻين زندگيءَ جي مختلف موضوعن تي جيڪي گوناگون تسليون پيش ڪيون آهن، اهي نه صرف سندس ادنيٰ مثالن سان اعليٰ حقيقتن جو سراغ پسائڻ جي مهارت جو پتو ڏين ٿيون، پر پنهنجي افاديت جي لحاظ کان پڻ اهي اکاڻيون وڏي اهميت رکن ٿيون: خاص طرح اسان جي، ”آئيندي جي ابن“ جي ذهني ۽ دماغي تربيت لاءِ ، اهي آکاڻيون نهايت ئي ڪارآمد ثابت ٿينديون. اهو ئي سبب آهي، جو هر ملڪ جي اسڪولي نصاب ۾ ايسپ جي آکاڻين کي ڪثرت سان شامل ڪيو ويو آهي- سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۾ پڻ اهي آکاڻيون وڏو حصو والارين ٿيون.

اسان کي اميد آهي ته سنڌي ادب جو قدردانن ۾ هن ڪتاب کي عام-پسند معيار ملندو.

 

حيدرآباد، سنڌ                           محمد ابراهيم جويو

20 مارچ 1957ع                       سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

مقدمو

 

قارئين ڪرام کي معلوم هجڻ کپي ته ”ايسپ“ صاحب سر زمين سنڌ جو فرزند نه آهي، مگر ڪنهن ڏورانهينءَ ولايت جو واسي آهي. هن صاحب جي آکاڻين جو ترجمو، سنڌي زبان ۾، ديوان ننديرام سيوهاڻيءَ ۽ ايلس صاحب (تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر)  1854ع ۾ شايع ڪرايو. ان بعد هنن آکاڻين کي ڦيرگهير ڪري، منشي اڌارام مرتب ڪري، جنهن جو پنجون ڇاپو 1891ع ۾، ۽ ڇهون ڇاپو 1896ع ۾ شايع ٿيو. ضروري آهي ته پهريائين ڪتاب جي اصلوڪي مصنف، ايسپ صاحب، جو احوال ڄاڻي، ان بعد فاضل ترجمانن خواهه ڪتاب بابت احوال معلوم ڪريون.

 

ايسپ صاحب.

هن صاحب جو ذڪر ڪتاب جي ترجمانن پهرئين طبع (1854ع) جي منڍ ۾ آندو آهي، جو جنسي طرح پيش ڪجي ٿو:

”هي آکاڻيون پهريائين ايسپ نالي جوڙيون ويون هيون. ان جي جيڻ کان به هزار چار سئو وَرهه گذريا آهن. سندس ڄم روم جي علائقي ۾ ٿيو هو، ۽ پاڻ ٻانو هو، پر نيٺ سڳورائي، سڀاڳائي ۽ ڏاهپ کان آجو ٿيو؛ آکاڻين ۽ مثلن جي ٺاهڻ ۾ اهڙو ڀڙ هو، جو اڳين ۽ پوين ۾ انَ جيهو ڪونه ٿيو، ۽ نيڪي جون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ آهن سي هن جون سڀيئي لِکيلون ناهن؛ پر ان جي مرڻ کان پوءِ ٻين ماڻهن ڪي ٺاهيو آهين؛ جي پڻ انهن مان ڪيتريون تهه جي نالي تي پڌريون آهين؛ ۽ سندس آکاڻين جو گهڻو ڪري ترجمو مڙني ٻولين ۾ آهي، پر اڃا توڻي جو سنڌيءَ ۾ نه ٿيو هو، ۽ تهه جي موچارائي اهڙي آهي جنهن جي پڙهڻ سکان لوڪن کي سواد اچي ٿو؛ تنهن ڪري ايلس صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، ننديرام تعليم کاتي جي منشيءَ جي مدد سان، سنڌي وائيءَ ۾ ترجمو ڪيو، انگريزي ٻولي ۾ ايسپ جون آکاڻيون پڻ ٽن پرين جون آهن ۽ شروع ۾ ڪروڪسال صاحب جي آکاڻين کان ترجمو ٿيو، پر جڏهن تهه ڪتاب مان ٽيونجاءِ آکاڻيءَ تي ترجمو پهتو، تڏهن پروڙڻ ۾ آيو ته تهه جي آکاڻيون ٽامس جيمس صاحب انگريزيءَ وائيءَ ۾ ڇاپائيون آهن، سي سڀيئي پر ٻين جي ٺاهڻ کان چڱيون  آهن؛ تنهن ڪري پاڇي انهيءَ صاحب جي ڪتاب کان ترجمو ٿي ۽ مڙني آکاڻين جا انگ تهه ڪتاب وانگر جڙيا آهن.“

هاڻي اچو ته ايسپ کي وڌيڪ تاريخ جي چٽيءَ روشنيءَ ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون.

يونان جي مشهور معروف مورخ هيرو ڊوٽس[1] ( Herodotus) جي روايت موجب، ايسپ تقريبن 320 ق.م ۾ تولد ٿيو ۽ 544ق. ۾، ”ڊيلفي“ ۾ ماريو ويو. هيءُ ”سامس“ جي شهر ۾ غلام هو. هن کي ”ايسپ“ هن ڪري ٿو سڏجي، جو هو ڪٻو هو ۽ ڪٻي کي يوناني ماڻهو ”ايسپ“ ڪري چوندا هئا.[2] هن جي تصوير 450ق.م جي هڪ پيالي تي هڪ لومڙ کي ٻڌندي ڏٺي وئي آهي،[3] هن جو باب ”مفيڊو“، (Phaeno) ۾، ارسٽوفينس[4] ۽ مشهور فيلسوف سقراط (469-389ق.م) جي ضمن ۾ آيل آهي.

ايسپ جي مقبوليت:- ايسپ جو نالو ايترو ته ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو جو ڌار ڌار ملڪن جي مشهور آکاڻي نويسن کي هن جي نالي پٺيان سڏيندا هئا-مثلاً

1- حضرت لقمان (پنجين صدي ق.م) کي ”عربستان جو ايسپ“

2- جان ڳي (Gay) (1688-1732) کي ”انگلينڊ جو ايسپ“

3- جين ڊي لافنٽين (1621-1695) کي ”فرانس جو ايسپ“

(4) گارڊهولڊ ايفريم ليسنگ (1729-1781ع) کي ”جرمنيءَ جو ايسپ“

(5) بيد پاي (ٽين صدي ق . م) کي ”هندوستان جو ايسپ“

ايسپ جي آکاڻين جي مقبوليت:يونان ۾ اول ئي اول هنن آکاڻين جو مجموعو فَئليرم شهر جي مشهور فيلسوف، اديب، سياستدان ۽مقرر ”ڊميٽري“ (تولد 350ق. م ) چوٿين صدي هجري  ق. م جي آخر ۾ شايع ڪرايو پوءِ ته گهڻائي مجموعا شايع ٿيا، جن مان مکيه هي آهن.

(1) سي. هئلن جو”ايسپي قئبيولا“( 1889)ع

(2)اي. چئمبري جو”ايسپ فيبلس“ (1927ع)

(3)اي هئنسرٽ ڪارپس جو ”فئبيولئرم ايسوپيڪارٽم“ (1940ع)

(4) بي اي پيري جو ”ايسوپيڪا“1952ع)

شروع کان وٺي، هنن مزيدار آکاڻين جو واکاڻ وئي ديسان ديس مشهور ٿيندي، انگريزي زبان ۾، پهريائين پهريائين هنن جو ترجمو ”ڪئڪسٽن“ 1484ع  ۾ ڪيو. ان بعد ”جان اوگلبي“ هنن جو اختصار 1665غ ۾ پيش ڪيو، پوءِ ته ٻين گهڻن ئي اديبن پنهنجي نموني هنن جي ادارت ڪري اهي آکاڻيون پيش ڪيون، جن مان اسان جي فاضل مترجمن مٿي بيان ڪيل نسخي جي شڪل ۾ اسان سنڌ واسين تائين پهچايون آهن.

سنڌي مترجم.

1. ايلس صاحب:- هي صاحب انهن انگريزن مان هڪ آهي جنهن جا اهل سنڌ دليئون ٿورائتا آهن، هن صاحب سنڌي ٻولي جي موجوده سنڌي-عربي لپيءَ جي چوٽيءَ تي رسايو ۽ ترجمي واري دور کي ڪامياب بنايو. جڏهن ”سر بارٽل فريئر“ 1852ع ۾ ڪمشنري جي عهدي تي فائز هو، ته زبان جي صورتخطيءَ جي مسئلي به نازڪ صورت ورتي هئي، ۽ موجوده رسم الخط جو فيصلو ٿيو هو.عام طرح ته هن ڪوشش جي ڪاميابي جو سهرو سربارٽل فريئر جي سر تي ٻڌائجي ٿو، مگر در حقيقت جي لڪل شخصياتن مذڪور صاحب کي اهڙي فيصلي تي آمادو ڪرايو سي هئا ”ايلس“ صاحب ۽ ”سر فريڊرڪ گولڊ سمڊ“ صاحب (تڏهوڪو اسسٽنٽ ڪمشنر). تنهن زماني ۾، تعليم کاتي جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جون واڳون به اسسٽنٽ ڪمشنر کي هيون. خوش نصيبن اهڙا هڏ ڏوکي آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي آيا، جن جي چاهه ۽ اتساهه سنڌي زبان کي موجوده ويس پهرايو: مگر ايلس صاحب سڀني ۾ پيش پيش هو. خانبهادر خداداد خان مصنف ”لب تاريخ“ (فارسي) به ايلس صاحب جي خدمات کي جلي لفظن ۾ آندو آهي.[5] ايلس صاحب جي شوق جو شانائتو نتيجو گهڻن ئي  سنڌي ڪتابن جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. جن ڪتابن جو هن جي ڪوشش سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو، تن مان مکيه هي آهن:

 

ڪتاب جو نالو                سن     ماخذ           ترجمان

1- ايسپ جون آکاڻيون    1854ع-      _          ديوان ننديرام

ميراڻي ۽ ايلس صاحب

2- تاريخ سنڌ          1854ع تاريخ معصومي فارسي ديوان ننديرام

3- ليکي جي پيڙهه        1855ع      ٿامس جيمس             ” ” ”

4- سيکائتو نروار          1856ع     شارع التعليم اڙدو      ” ” ”

5- سنساري نروار           1861ع    حقائق الموجودات       ” ”  ”

 

2. ديوان ننديرام. اسان جي سنڌ ديس جي اديب ۽ مورخ مسٽر چيتن ماڙيوال، هن حقيقت جي اپٽار ڪئي آهي. ته ديوان ننديرام جو وڏو ڏاڏو ”مهرو“ مهتو هو، جو ”لعل شهباز“ جو مودي هو (1)-[6] ان جي نالي پٺيان هن کي ميراڻي ڪري ٿا سڏين. اهوئي سبب آهي  جو جن هندو قومن سرزمين سيوهڻ تي رهي قلندر لعل شهباز جي فداين جي لسٽ ۾ نالو داخل ڪيو، انهن مان ”ميراڻي ديوان“ پيش پيش آهن. سيوهڻ جا هندو قدامت ڪري مشهور آهن، ۽ گهڻن ئي صاحبن انگريزن جي ڏينهن ۾ وڏا وڏا درجا وڃي ماڻيا، ۽ هر ڪنهن صنف ۾ برک ٿيا. مگر جن قلندر لعل شهباز جي فقيريءَ جي لڙ لڳي، سيوهڻ جي خاڪ کي مقدس سمجهي، پنهنجي هردي کي آرام ۽ شانتيءَ سان هيرايو انهن ۾ ”قانوگا“ ۽ ”ميراڻي“ قابل ذڪر آهن. لعل  شهباز جي عرس جي موقع تي ساندهه ٽي ڏينهن شام جو ميندي کڄندي آهي-

يعني 18 شعبان، 19 شعبان ۽ 20 شعبان تي 18 تاريخ واري ميندي سجاده نشين کڻندو آهي، ۽ باقي ٻن تاريخن واريون مينديون هندو صاحبن جي حصي ۾ اينديون آهن. 19 تاريخ جي ميندي ميراڻي  آڪهه وارن مان کڻندو آهي، ۽ 20 تاريخ واري قانوگن مان ڪو کڻندو آهي. اها حقيقت تعجب خيز آهي ته اڄ به جڏهن سيوهڻ پنهنجن اصلوڪن باشندن جي برهه ۾ ڀڙڀانڪ نظر اچي ٿو، ته به هتي ٻنهي خاندانن جا افراد پنهنجي موروثي فرض کي ادا ڪرڻ لاءِ موجود آهن. ديوان ننديرام جي آڪهه مان بچيل نشاني ”ديوان فقير مولچند“ موجود آهي جي ڀرسان پنهنجي مڪان ۾ جوڳ پچائي دنيا جي دکن کي دور ڪري رهيو آهي.

ديوان ننديرام ميراڻي قوم جي سربرآورده خاندان جي هڪ فرد فريد هو ۽ ديوان ٿڌي مل جو نورنظر. سندس تولد جي تاريخ جي پوري پروڙ نه آهي، پر ايترو ظاهر آهي ته هن صاحب ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ هن مجازي محلات ۾ قدر رکيا. انهن ڏينهن ۾ هندو خواه مسلمان مڪتبن يا مدرسن ۾ تعليم وٺندا هئا. جيئن ته ميراڻي صاحبن جي گهرن جي پاسي ۾ سيوهڻ جي قاضي صاحبن جا وڏا مدرسا ۽ راقم الحروف جي وڏن جا مڪتب جاري هئا، نئين ديوان نندرام به اوائلي تعليم انهن مدرسن ۾ وٺي، پاڻ کي فارسيءَ جو وڏو ماهر ۽ عربيءَ جو چڱو ڄاڻو بنايو، ايتريقدر پاڻ کي تحصيل علم ۾ برک ڪيائين، جو پاڻ هڪ خانگي اسڪول کولي، ڪيترن ئي شاگردن کي فيض سان مالا مال ڪري ڇڏيائين. مگرهي ڏينهن، زوال جا ڏينهن هئا. مير صاحبن جي بادشاهيءَ جو خاتمو ٿيو. فارسي خواه عربي زبانن جو دور دورو ختم ٿيو. فارسي خوانده عالمن جو قدر گهٽجي ويو، ۽ ڪيترائي عالم ۽ فاضل هن انقلاب جي چڪر جي چپ ۾ اچي ويا. ديوان به انهن ستايلن جي ٽوليءَ ۾ داخل هو، جنهن جي شاهدي اسان کي سندن ترجمي ڪيل تاريخ جي ديباچي مان بخوبي ٿئي ٿي.

”تن ڏينهن ۾ آءٌ فلڪزدگيءَ کان ۽ ڪنهن وٽ به نسبت نه ڪڍڻ احتجاج جي، يعني هٿ ٽنگڻ کان عار هوم. رڳو فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جي تعليم جو ڪم خانگي طور ڪندو هوس؛ پر سڌ رهيم ته من ڪنهن ڏينهن هن فلڪ جي گردش جي چنبي کان ڇٽڪارو لهجي، هڪ جيڏن ۽ پاڻ جهڙن سرڪاري نوڪرن وانگي ٿيان!“

هن مان ظاهر آهي ته سيوهڻ جا ڪيترا عامل وطن کي خيرباد چئي ڪراچيءَ طرف سرڪار نامدار جي چرنن ۾ اچي حاضر ٿيا هئا. ديوان ننديرام به چاهيو ته هو به انهن جو وڃي ڪلهي جوسو ٿئي، ۽ هن اهڙي تمنا دل ۾ ڌري رب تعاليٰ دکويلن جي دانهن جلد ورنائيندو آهي. جڏهن سر بارٽل فيئر سنڌي آئيويٽيا ٺاهڻ لاءِ سنڌ جي چند عالمن جي ڪاميٽي سڏائي، ته هن صاحب کي به سرڪار جي پاران نينڊ ملي. ديوان صاحب لاءِ قدرت  طرفان ترقيءَ جي راهه تي هلڻ لاءِ هيءَ پهرين منزل هئي. هيءُ صاحب به انهن ميمبرن مان متفق راءِ ٿيو ته سنڌيءَ لپيءَ جي صورت عربي بنائجي ۽ نه ديوناگري،جئن ڪئپٽن اسٽئڪ ۽ ان جي گروهه وارن جو رايو هو. ان بابت ديوان جي پنهنجي شاهدي ”تاريخ سنڌ“ مذڪور ديباچي ۾ اميد ته معتبر سند رهندي: پاڻ رقمطراز آهي- ”گهڻي بحث ۽ چڪاس، هوڏ ۽ ڏيهي ماڻهن جي صلاح ۽ ان وقت جي ناظمن صاحبن جي راءِ سان متفق ٿي، هن حقير جي مدد سان، سنڌي الف-ب ٺاهي ۽ ڇپارائي، سرڪاري ڪم ۾ ٿورو ٿورو رواج ڏنو.“ جلد ئي ايلس صاحب سنڌ ۾ اشتهار ڦيرايو ته ”جيڪو علم دوست هندو يا مسلمان ”تاريخ معصومي“ پارسيءَ جو نئين مقرر ٿيل عربي-سنڌيءَ صوتخطيءَ موجب صاف سنڌي ترجمو ڪري ڏيندو، تنهن کي هڪ سئو روپيا روڪ انعام ۽ تعليم کاتي جي ترجمان (ٽرانسليٽر) جو عهدو به ڏنو ويندو.“ انهيءَ خوشخبري ڏيندڙ اشتهار بعد سنڌ جي علم دوست صاحب وٺي قلمن تي زور رکيو ۽ ڪيترائي طومار ايلس صاحب وٽ پيش ٿيا. ترجمي ڪندڙن جي لنبيءَ لسٽ مان هيٺين جا نالا قابل ذڪر آهن: قاضي غلام علي ٺٽوي، منشي کيمسنگهه حيدرآبادي ۽ غلام حسين سبز پوش ٺٽوي، ويچاري ننديرام به پگهر جو پورهيو ڪيو. سرڪار طرفان چار ڪاميٽيون مقرر ٿيون، ۽ آخري ڪاميٽيءَ ۾ ايلس صاحب سان گڏ ٻيا به سنڌي دان يورپي آفيسر هئا، جهڙوڪ ميجر دانسترريل، ڪئپٽن ايڊورڊارهر، ڪئپٽن بمگيارڊن، ڪئپٽن اسٽئڪ، ان کان سواءِ هن ڪاميٽيءَ تي ٻه ٽي هندو آفيسر ۽ ٻه ٽي مسلمان به هئا. انهيءَ ڪاميٽيءَ هر لحاظ کان ننديرام جو ترجمو پهريون نمبر پسند ڪيو. پوءِ ته ديوان تي انصاف جي گلن جي ورکا ٿي ويئي. هر هڪ يورپي آفيسر پنهنجي ذاتي جيب مان کيس ڏيڍ سئو رپيا انعام ڏنو. پر سرڪاري انعام ۾ ڪجهه دير ٿي ويئي. سندس بيان مطابق، انعام ۾ حاصل ڪيل رقم ته ديوان خرچ ڪري ڇڏي، ۽ رهيو سرڪاري انعام جي تاڙ ۾، جيترو هو ويچارو ديوان منتظر، اوتري انعام ڪئي دير، مگر شڪرانا ڌڻيءَ جا جو اشتهار جو پويون فقرو سرڪار پورو ڪري کيس تعليم کاتي جو ترجمان مقرر ڪيو ۽ کيس منشيءَ، جي خطاب سان نوازيو. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن انعام جي اميد نااميديءَ جي صورت ورتي: مگر شاهه ڀٽائي جي قول موجب ته ”نااميدي نيج ته اوڏو ٿين اميد کي.“ منشي ننديرام جي قسمت زور هئي، جو مدراس جو ناظم سرفريڊرڪ گولڊ سمڊ سنڌ ۾ بدلي ٿي آيو، ۽ منشي ننديرام واري ترجمي جي اشاعت جو ارشاد ڏنائين، ۽ کيس باسيل سرڪاري انعام کان ٻيا به هڪ سئو روپيا وڌيڪ انعام طور مليا ۽  حق تنصيف به کيس ئي مليو. بس سائين! پوءِ ته ديوان ننديرام مترجمن جو مهامهندر ٿي ويو ۽ سڀ ڪو ڪتاب سندس نظرثانيءَ کان سواءِ شايع نه ٿيندو هو. هيٺيان ڪتاب سندس قلم جي زور جو نتيجو آهن. پنج ڪتاب ته ايلس صاحب جي احوال ۾ ڏنا ويا آهن ۽ باقي هي آهن:

نالو ڪتاب جو سن    ترجمان                 ماخذ                مضمون

1- بابنامو            1853ع       ننديرام         -             سرڪاري ٻاراڻو

*2- چٽ جي پاڙ     1854ع        ننديرام ۽          _          ڊرائنگ سکڻ

                                      ڪانداس

*3- ڌرتي نروار       1855ع        ننديرام ۽ مهاديو    _       دنيا جي جاگرافي

حصو اول                       ڪانداس شاستري

4- ڌرتي نروار        ”              ”  ”              ”            ”  

ڀاڱو ٻيو

*5- پئمائشي حساب 1855         ” ”                    _      پئمائشي حساب

*6- ليکي جو ڪتاب 1856ع  

حصو اول

7- ليکي جو ڪتاب    ”              ” ” ”                _               ”

 حصو ٻيو     

*8- جبر و مقابله     ”       ننديرام                _     وشوناٿ آلجبراءَ

                                                    منڊلڪ

9- جغرافيه جديد       1861ع         ”            مهاديو     دنيا جي جاگرافي

حصو اول

10-جغرافيه جديد     ”            ”                  ”                    ”

حصو ٻيو

(تاري (*) جي نشانيءَ وارا ڪتاب برٽش ميوزم ۾ موجود آهن.)

انهن کان سواءِ هڪ ٻيو ڪتاب به ڏنل آهي سو هي آهي:

11- پڌرنامون  1860ع                 ننديرام      نانگن ۽ بلائن بابت

 

3- منشي اڌارام ٿانورداس مير چندارڻي:-  منشي ننديرام ميراڻي سيوهاڻيءَ کانپوءَ، سنڌي ادب جي ٻئي سرواڻ منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي حيدرآباديءَ جو ذڪر ڪريون ٿا. هي صاحب حيدرآباد جي ميراڻي عاملن جو هڪ اعليٰ فرد هو. هن صاحب جو تلد 1833ع ۾ ٿيو، يعني جڏهن انگرين سنڌ فتح ڪئي ته ان وقت هن جي عمر 10 ورهيه هئي. هي صاحب به انهن پهرين سنڌين مان هو، جن انگريزي ٻوليءَ جو مطالعو ڪري پاڻ کي برک ڪيو. ان ڪري جلد ئي هن کي ڪمشنر صاحب جي دفتر ۾ منشيگيريءَ جي نوڪري ملي، ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ هو سنڌي ترجمان مقرر ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽيا جي ترتيب بابت اسان اڳ ۾ ئي لکي آيا آهيون- ان ۾ ۾ به منشي اڌارام نمايان حصو ورتو. هي صاحب قدآور ۽ رعب تاب وارو مڙس هو، مگر تمام سادو لباس اوڍيندو هو. جيڪي به انگريزي عملدار ان وقت هئا، سي هن کان سنڌي (هندوستاني) سکندا هئا؛ ان ڪري انهن گورن عملدارن وٽ سندس تمام گهڻي عزت هوندي هئي. ڪڏهين به ڪنهن انگريز آفيسر ۾ ڪم پوندو هوس، ته يڪدم پورو ڪري ايندو هو. رحمدل به هڪڙو ئي هو. ڪنهن به اوکيءَ ويل غريب غربي جو ڪم پوندوهوس، ته هڪيو تڪيو حاضر بيٺو هوندو هو. اجل جي فرشتي جو 1883ع ۾ استقبال ڪيائين.

هن صاحب پنهنجيءَ مٺڙيءَ مادري زبان لاءِ پنهنجون خدمتون وقف ڪري ڇڏيون هيون، هن صاحب ڪيترا ڪتاب لکيا، جن جي لسٽ هيٺ ڏجي ٿي. ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته هن جي لکڻي سڪ، سوادي ۽ وڻندڙ هئي. هو گهڻوڪري عام فهم لفظ ڪم آڻيندو هو. راءِ ڏياچ جي قصي جي آخر ۾ جيڪي هن صاحب ڏهه مزيدار آکاڻيون ڏنيون آهن، سي سنڌيءَ کي هرکائيندي ۽ جهلڪائيندي. هي آکاڻيون تجنيس حرفيءَ جون شاهڪار آهن؛ مثال طور هڪ آکاڻيءَ مان ڪجهه ٽڪرو قارئين جي خط خاطر پيش ڪجي ٿو:

ونهين[7] ۽ ولهي[8] جي آکاڻي

هڪڙي ونهين جي وياءَ جو وهانءُ هو. تنهن وٽ هڪڙو ولهو ويو، ته ونهين ويٺي وڙين جو پلاءُ واڱڻن جي ڀاڄيءَ سان کاڌو. تڏهن ولهو وڃي ويجهو ويٺس. ونهين کڻندي ئي وڙي ڇڪي ولهي جي وات ۾وڌي؛ ته ولهي ويچاري، جنهن ويهن ورهين لاڪر وڙيءَ جو واس ئي نه ورتو هو، سو وسو ٿي ويو ۽ وات پٽيو ويٺو ڪري: ”واهه واهه!“ جڏهن ونهيون وڙيون کائي واندو ٿيو، تڏهن ولهي کي چيائين ته ”ويجهو ٿي ويهه ته ڪا ورونهه ڪريون“ ولهي واڪو ڪري چيو ته ”نه، آءٌ ويندس، وهندس ڪين“ تڏهن هاڻي ونهيون ٿو ولهي کي چوي:

”ونهيون ولي کي چوي: ”هڙي ورنه وير وريام!

”آءٌ ويجهو ويهه وچ ۾، ڙي کاءُ وڙين جا طعام،

”وندريا رهون مدام، ڪر وائي م وڃڻ جي!“

مذڪوره ٽڪر مان معلوم ٿيو ته مسٽر اڌارام کي ڏوهيڙن چوڻ جو ڏاڻ ڏاتار کان مليل هو. ازانسواءِ جيڪي شعر هن ٻئي ڪتاب ۾ آندا آهن، تن مان ڪي ”ڏوهيڙا“ آهن ته ڪو وري موزون ڪلام آهي، هنن مان ڪي پنهنجا ٺهيل اٿس ۽ ڪي فارسي شعرن تان ترجمو ٿيل آهن. ڪتاب ۾ جيڪي شعر ٻين شاعرن جا آيل آهن، تن جي هيٺان انهن جا نالا لکيا ويا آهن، ۽ جي سندس آهن ته انهن جي هيٺان پنهنجو نالو اٿس. سندس ڏوهيڙن جي هيٺين مثالن تي اڪتفا ڪجي ٿي:

تڏهن ڇڏ تون هٺ هيا، کڻي وٺ ادب جي واٽ،

ڪر تون نياز سڀني سان، ٻيا ڇڏ سڳن ساٽ،

ته ڏيئي ڪونه ڏاٺ، سرهو رَهين سرير ۾.

 

بڇڙو ٿيندين لوڪ ۾، ڪونه ڪندءِ اعتبار،

جيڏن سرتن ۾، ٿيندين گهڻو خوار،

اها ڳالهه تڪرار، کڻي هنڊاءِ هنئين سان.

 

چڱو، هاڻي موزون ڪلام جو به مزو وٺو- هيٺيون بيت سنڌي ٻئي ڪتاب جي سبق 76 ۾ ڄاڻايل آهي، جو ”گلستان سعدي“ مان هڪڙي شعر جو سوليءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي:

”ڪنهين ملڪ ۾ هڪڙو پتشاهه هو،

پڙهڻ لاءِ تنهن پنهنجو پٽ موڪليو؛

 

گهڙائي پٽِ هڪڙي چانديءَجي،

وڏيءَ حب سان تنهن پنهنجي پٽ کي ڏني؛

لکيا هئا مٿي ان پٽيءَ سون سان،

اکر هيءَ خاصا ڪنهن ڪاتب هٿان؛

 

”ڏکو تاب استاد جو ٻار تي،

ڀلو آهه سو پيار کان پيءُ سندي!“

مذڪوره پهاڪو فارسيءَ جي هن پهاڪي جو ترجمو آهي:

”چوب، استاد پهه از مهر پدر“. ڏسو ته ترجمي ۾ ڪهڙي نه سلاست، شستگي ۽ عام فهمي آهي!

هاڻي اچون ٿا سندس ڪتابن تي. هت هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته گولڊ سمٿ صاحب جي همت افزائيءَ ڪري هن صاحب قلم آزمائي ڪئي، مگر هڪ ڪتاب ”ارسيلاس“ ۾ ديوان نولراءِ به هن سان هٿ ونڊيو.

ڪتاب جو نالو               سن                   ماخذ              مضمون

1-سنڌي پهريون ڪتاب     1853                     _ درسي پهريون ڪتاب

2-سنڌي ٻيو ڪتاب           ”                        _ درسي ٻيو ڪتاب

3-سنڌي وياڪرڻ             1854                      _ سنڌي صرف ونحو      

4- دنيا جي مختصر تاريخ  1855ع                    اڙدو جو ترجمو تاريخ

5-راءِ ڏياچ جو قصو          1861ع                    _ نثر ۽ نظم

 ۽ آکاڻيون

6- مفيد الطالبين                1861               _ درسي گرامر جو ڪتاب

7-راسيلاس                       1868ع              جانسن       ادبي ڪتاب

8-قصوڪامني ڪام روپ    1869ع              علوم ڀڳت  منظوم آکاڻي

9-قصو مهر منير ۽ بدر منير جو 1871ع           اڙدو   ”         ”

10-پارسي آموز                   _                    _   درسي فارسي گرامر

 

ڪتاب جا ڇاپا.

پهريائين پهريائين، ايسپ جون آکاڻيون ديوان ننديرام مرتب ڪري، سنه 1854ع، اردسير رستمجيءَ جي ڇاپخاني مان ليٿو ٽائيپ ۾ شايع ڪرايون- هن جي مٿان انگريزيءَ ۾ هي الفاظ لکيل آهن؛

Esop’s Fables-In Sindhi

KurracheeL Lihopraphed by Ardaseer  Rustomfee

1854.

اهڙي عبارت سنڌيءَ ۾ هن طرح لکيل آهي:

ايسپ جون آکاڻيون

هي ڪتاب انگريزي ٻوليءَ کان سنڌي وائيءَ ۾ اِيلس صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جوڙيو آهي.

ارد شير فارسيءَ جي ڇاپخاني ۾ ڇپيو.

ڪراچي-سنه 1854ع

هن جو منڍ ٻن صفحن تي مشتمل آهي- ڪل 188 صفحا آهن، ۽ آکاڻيون 203.

ان بعد، منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ، ايسپ جي آکاڻين مان هڪ سو پنج چونڊي سنواري، سموهي ۽ سڌاري، ساڳيءَ مذڪوره پريس مان شايع ڪرايون- پر ان جي پهرئين ڇاپي جي خبر نٿي پوي. ان جو سنه ضرور 1883ع کان آهي. اسان کي هنن آکاڻين جو پنجون ڇاپو مليو آهي، جنهن تي 1891ع اڪريل آهي-۽ ان جون 2000 ڪاپيون ڪڍيون ويون هيون. پوءِ سندس ڇهون ڇاپو 1896ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي وڌيڪ هن طرح سر ورق تي لکليل آهي:

جوڙيل منشي اڌارام ٿانورداس جون.

ڪراچي-گورنمنيٽ سينٽرل بڪ ڊيپو-جلد 2000

سنه 1896ع- سڀ حق واسطا قائم-قيمت.-8- رپيا

منشي اڌارام پنهنجي ڪتاب جون سڀ آکاڻيون منشي ننديرام واري نسخي تان ورتيون آهن، مگر انهن جا عنوان ڦريل، زبان سنواريل، عام فهم ۽ سلاست وارا عناصر غالب، ۽ فهرست داخل آهي. انهن ٻنهي نسخن جي ڦيرگهير جي خبر هيٺين آکاڻين مان پوندي جي ساڳئي مفهوم واريون ٻنهي ڪتابن مان ورتيون ويون آهن. منشي اڌارام هر هڪ آکاڻيءَ مان ڪونه ڪو نتيجو ڪڍيو آهي. ۽ ان کي قارئين ڪرام لاءِ نصيحت ڪري پيش ڪيو آهي. ملاحظو ڪريو.

آکاڻي (1)- (منشي ننديرام جي لکيل)

لوڪڙ ۽ ڊاک جي

هڪڙولومڙ بکايل اوچتو ڊاک جي باغ ۾ آيو تنهن ۾ سنها ڇڳا ڊاک جا ٽنگيل پيا هوا پر منهن ڊاک جو ايترو مٿي هو ته جيترو ڪيترو لومڙ ٽپا ڏنا پر هڪڙو ڇڳو نه مليس نيٺ چيائين جنهن کي وڻي سو وٺي ڇو جوهي کٽا ۽ ڪچا آهن مون کي نٿا گهرجن.

آکاڻي (1) – (منشي اڌارام جي لکيل)

گدڙ ۽ ڊاک جي

هڪڙو بکايل گدڙ، گهمندي گهمندي اوچتو ئي ڪنهن ڊاک جي منهن هيٺ اچي سهڙيو، اتي جان کڻي مٿي نهاري ته ڇا ڏسي هجو سهڻا ۽ عمدا ڊاک جا ڇڳا پيا لڏن ۽ لٽڪن! ڀانياءَ ته ٽپو ڏيئي ڇني کاوان،  پر ڊاک جو منهن جو تمام مٿي هو، سو هي ٽپا ڏيئي ٿڪجي پيو ته هڪڙو ڇڳو به نه مليس.  نيٺ چوڻ لڳو ته جنهن کي وڻي سو وڃي ڇني کائي، مون کي ڪين گهرجن؛ ڇاکون ته کٽا ۽ ڪچا آهن.

 نصيحت: گهڻا اهڙا ماڻهو آهن، ته جڏهن ڪنهن شي جي واسطي ڪوشش گهڻي ڪندا آهن، پوءِ جي هٿ نه لڳندي اٿن، ته ڀائين جو ڦۡڪا نه ٿيون، تنهن لاءِ چوندا آهن، ته اسان کي هن شيءِ جي گهرج ئي ڪانهي؛ ڇا ڪجي، ڪم جي ڪين آهي، ملي ته به نه وٺو. تنهن تي سنڌيءَ واري چيو آهي ته ”گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا“. پر سياڻن ماڻهن جو ڪم اهو نه آهي؛ انهن کي کپي ته جنهن ڪم ۾ هٿ وجهن، سو جيتوڻيڪ پورو نه ٿئي، ته به ان جي گلا نه ڪن.

آکاڻي (10) – (منشي ننديرام جي لکيل)

ڄڻيندڙ جبل جي

پروڙيو ٿي ته ڏونگر گهڻو ڪنجهن ٿا ۽ هاڻي جھنيدا ماڻهو چوڌاري چوڏس پراهون آيا، هن ڪتارڻ ته ڏسن جبل ڇا ٿا جھڻين، گهڻي دير توڻي ڏسندڙ هئا، پر نيٺ هڪڙو ڪو ننڍو پهڻ نڪتو ۽ بس هي ڳالهه انهن جي آهي جي ٻٽاڪ جهجهي هڻن ٿا ۽ ٿورو ٿا ڪن.

آکاڻي نمبر (7)- (منشي اڌارام جي لکيل)

ٽڪريءَ جي جنهن کي سور ٿيا هوا

هڪڙيءَ ٽڪريءَ کي اچي سور ٿيا، سا جڏهن ڪنجهڻ لڳي، تڏهن ان جون ڏاڍيون ڪيڪون ٻڌي، اوسي پاسي جا اوريان پريان ماڻهو گهڻي ئي اچي گڏ ٿيا؛ ڀانياءٌ ته ٽڪري الاجي ڇا ڄڻنيدي. تنهن جي واسطي ڳچ تاءِ ترسي بيٺا. پر نيٺ هڪڙو ڪئو نڪتو، ٻيو خير ئي خير. جئن چوندا آهن ”ڏيل در گنبذ، آواز در ڦس“.

نصيحت: اسان کي گهرجي ته جيڪو ڪم ڪرڻو هجيون تنهن جي اجايو هل نه وجهي ڏيون، جنهن تي ماڻهو اچي مڙن ۽ ان جي ڏسڻ جا شائق ٿئن؛ پوءِ جي نه ٿئي ته بيهي کلن ۽ اسين اٽلندو ئي ڦڪا لڳون؛ تنهن ڪري واجب آهي ته ڪنهن به ڪم ۾ پنهنجي لياقت ڏسي هٿ وجهجي.

مٿين مثالن مان اسان هيٺين نتيجن تي آسانيءَ سان پهچي سگهون ٿا:

(1) منشي ننديرام واري نسخي ۾ ڇاپي خواه اعرابن جون گهڻيون غلطيون آهن. جزم، پيش ۽ زبر کي اڪثر استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اکر هِڪِڙو، لکڻو آهي ته ان کي ”هِڪڙُو“ جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. اهڙي قسم جي صورتخطيءَ جون ڪيتريون غلطيون آهن، جي گهڻو ڪري منشي اڌارام واري نسخي ۾ نه آهن. ٻيو، ته ”ٺ“ ”ڄ“ جا حرف به پريس ۾ موجود نه هئا. جن کي ”ت“ ۽ ”ج“ ڪري لکيو ويو آهي. ديوان اڌارام جي نسخي جي اشاعت تائين اهي حرف باقاعدي پريس ۾ موجود هئا.

(2) منشي ننديرام جي نسخي ۾ ڪي غير مروج لفظ ڪم آيل آهن- جيئن گدڙ کي ”لوڪڙ“ وغيره. منشي اڌارام وري اهي سنواري مروج صورت ۾ پيش ڪيا آهن.

(3) آکاڻين جا عنوان منشي ننديرام واري نسخي جا دور رس بيمزي ۽ بيسواد آهن. ڪن ۾ موجوده خيال گرامر جون به غلطيون ڏٺيون وڃن ٿيون، پر منشي اڌارام انهن کي بالڪل شسته بنايو آهي جو قارئين ڪرام کي پڙهڻ ۾ سواد اچي. مثلن منشي ننديرام مذڪوره آکاڻي نمبر 2 ۾ عنوان ”آکاڻي ڄڻيندڙ جبل جي“ ڪم آندو آهي، جنهن کي نه منهن نه مٿو؛ مگر منشي اڌارام ان کي ٺاهي ۽ سينگاري هن نموني پيش ڪيو آهي- ”آکاڻي ٽڪريءَ جي جنهن کي سور ٿيا هئا“.

(4) منشي اڌارام زبان کي وڌيڪ نمڪين ڪرڻ لاءِ پهاڪن، محاورن ۽ اصطلاحن جي اميزش، هر هڪ اکاڻيءَ جي متن توڙي پڇاڙيءَ ۾ ڪئي آهي، ته ڀلي پڙهندڙ مطالعو ڪري ان مان موج ۽ مزو ماڻين.

منشي ننديرام وارو نسخو هن ”لساني جنسار“ کان خالي آهي، تنهن ڪري سنڌي ادبي بورڊ، منشي اڌارام وارو نسخو قبول ڪري، شايع ڪرائڻ جو پختو پهه  ڪيو. مگر جئن ته ان ۾ آکاڻيون محض 105 هيون، تنهنڪري باقي رهيل منشي اڌارام جي زبان جي صورت وفائي، هاڻوڪيءَ مروج صورتخطيءَ ۾ اوهان صاحبن جي آڏو پيش ڪجن ٿيون. اميد ته ٽوٽڪن جا شوقين هن گڏيل گلدستي جي سٻنڌ مان سڳنڌ وٺندا.

محبوب علي محمد صالح، چنا، سيوهاڻي

پرنسپال سروري اسلاميه ڪاليج

هالا سنڌ.


 


[1] هيءُ صاحب آيونيا ۾ 480-490ق.م ۾ ڄائو ۽ ٿيوريا ۾ 425-430ق.م ۾ فوت ٿيو.

[2] Brewer E C. Rev. ‘The Reader’s Hand-book of Allusions References, plots and stories.

 

[3] Steinberg, S.H. “Casse11’s Encyclopaedia of literature”, vol. I, P. 584.

 

[4] يونان جو مشهور شاعر جنهن کي ”مزاقيه جو شهزادو“ سڏيندا  آهن ۽ جو 445ع ق.م ڄائو ۽ 385 ق.م فوت ٿيو.

[5]  ”لب تاريخ“ (انگريزي پاسو) ، ص 3.

[6]  ”مهراڻ (آگسٽ-سيپٽمبر-آڪٽوبر، 1946ع)، ص 52.

[7] شاهوڪار

[8] غريب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com