ڏنگيءَ ڏاڙهيءَ وارو بادشاهه
هڪڙو هو بادشاهه، کيس دين دنيا ۾ هئي هڪڙي ئي ڌيءَ، پر اهڙي
سهڻي ۽ سوڀياوان هئي، جو هن جي حسن جو بيان ئي ڪري
نٿو سگهجي. مگر، هئي اهڙي ته مغرور، هٺيلي ۽
بدمزاج جو جيڪو به سندس سڱ گهرڻ ايندو هو، تنهن کي
پنهنجو ثاني ۽ لائق سمجهڻ ته پري رهيو، پر هن مان
هڪ نه ٻي اهڙي وِيڪ ڪڍي بيهي رهندي هئي ۽ هن تي
کلندي کلندي، اهڙو ته ٽوڪبازيءَ جو ڪو نالو رکي
ڇڏيندي هئي، جو ويچارو پرديسي ڪياڙي کنهندو،
ڀِلڙو ٻوٿ ڪيو، جيئن ايندو هو، تيئن ئي پوئين
پيرين ڪنڌ هيٺ ڪيو، موٽي ويندو هو.
اهڙيءَ طرح، جڏهن شهزاديءَ کي ويٺي ويٺي ورهيه گذري ويا ۽ مرڳو
ئي وهيءَ کان پئي وئي، ته هڪ ڀيري، بادشاهه اوري
پري جي شهزادن، نوابن ۽ سردارن کي دعوت ڏيئي
گهرايو ۽ هڪ وڏي مجلس ڪئي. بادشاهه کي اميد هئي ته
شهزادي ضرور پنهنجي لائق ڪو وَر پسند ڪندي. پوءِ
سڀني معزز مهمانن کي پنهنجي درجي آهر ويهاريائين،
پهريائين شهزادا، تن جي پاسي کان امير، نواب، ۽
سردار ۽ آخر ۾ انهن جا خاص خاص خدمتگار!
جڏهن بادشاهه جي ڌيءَ ان مجلس ۾ آئي، تڏهن سڀني مهمانن مان هڪ
هڪ کي ڏسڻ شروع ڪيائين، ۽ هر هڪ تي هڪڙو نه ٻيو
اعتراض ڪندي، نڪ کي موڙ ڏيندي، ڪو نه ڪو چرچو، ڪا
نه ڪا ٽوڪ ڪندي سڀني کان ٿيندي وڃي مٿي چڙهي. هڪڙي
ڏانهن حقارت سان نهاري چيائين، ”هون! هي ته اهڙو
ٿلهو آهي، جهڙي بُهه جي ڳوڻ!“ ، ٻئي ڏانهن اک کڻي
چيائين، ”هڪڙو ڊگهو، ۽ ٻيو سُڪل ڪاٺيءَ جهڙيون
ٽنگون جهڙو ڍنڍ تي ڪنگ!“ ٽئين لاءِ چيائين، ”قد
ڇوٽو، بدن جو موٽو، جهڙو بندرو بصر!“ چوٿين جي حق
۾ چيائين، ”منهن جو رنگ ته ڏسوس! پِيلو پِيلو
جهڙِي هيڊ! ڄڻ قبر مان هينئر اٿي آيو آهي! هي ته
بنهه مقام جو مردو آهي!“ ۽ پنجين بابت چيائين ته
”هي اجايو ڳاڙهو آهي، جهڙو ڦِٿل ٽماٽو!“ ڇهين
واسطي چيائين، ”هي ته رڳو سنئون سڌو بيهي به نٿو
سَگهي- بس جهڙي ڏنگي ٿوڻي!“ اهڙيءَ ريت، هيءَ شوخ
شهزادي، ٽانءِ ڀرئي سامبر وانگر، هر هڪ مان عيب
ڪڍندي ۽ اعتراض ڪندي، اڳتي هلندي ويئي!
مجلس ۾ هڪ اهڙو به بادشاهه هو، جنهن جي کاڏي ڦِريل هئي، تنهن
تان ته بس، ڇوڪريءَ حد ڪري ڇڏي! کِلي کِلي کيري
ٿي پيئي! ڏانهنس نهاري، ٽهڪ ڏيئي، چيائين ته
”الله جي جوڙ! کاڏي ته، ڏسوس، جهڙي ڪاٺ- ڪُٽي
پکيءَ جي چنهب، ۽ وري ان تي ڏنگي ڏاڙهيءَ، واه ڙي
منهنجا ڏِنگ ڏاڙهيا بادشاهه!“ ۽ انهيءَ ڏينهن کان
پوءِ، بادشاهه تي اهو ”ڏنگ ڏاڙهيو بادشاهه“ نالو
پئجي ويو.
شهزاديءَ جي پيرسن پيءُ جو ڏٺو ته هيءَ رڳو سڀني اميدوارن تي
مسخريون ۽ ٺٺوليون پيئي ڪري ۽ سڀني کي ڌڪار جي نظر
سان پيئي ٿي ڏسي، تڏهن بلڪل غصي ۾ ڀرجي ويو ۽ قسم
کڻي چيائين ته ”هاڻي بنهه حد ٿي چُڪي، هاڻي جيڪو
به پهريون فقير منهنجي در تي پنڻ ايندو، تنهن سان
هن هُوهوا ۾ ڀريل ڇوڪريءَ کي ضرور پرڻائي ڇڏيندس!“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، هڪ رمتو فقير ڳائيندو، اچي بادشاهه جي
محلات جي دريءَ وٽ خيرات لاءِ هٿ ڊگهيري بيٺو.
بادشاهه، فقير جي صدا ٻڌي، هڪدم ان کي پاڻ وٽ
گهرايو. راڳيندڙ فقير پنهنجي ميرن ڦاٽل ڪپڙن ۾
اڳتي وڌي آيو ۽ اچي بادشاهه سندس ڌيءَ جي اڳيان
بيٺو، ۽ بيهي ڳايائين، ٿوريءَ دير کان پوءِ ڳائڻ
بند ڪري، بادشاهه کان خيرات گهريائين.
بادشاهه جواب ڏنس، ”تنهنجو گانو مون کي اهڙو پسند آيو آهي، جو
ان جي انعام ۾ تو کي پنهنجي ڌيءَ ٿو شادي ڪرائي
ڏيان!“
شهزاديءَ کي اهي لفظ ٻڌي، ڏڪڻي وٺي ويئي، پر بادشاهه چيو ته
”مون قسم کاڌو آهي ته منهنجي در تي جيڪو پهريون
فقير سوالي ٿي ايندو، تنهن کي پنهنجي ڌيءَ ڏيندس،
۽ انهيءَ پنهنجي قول تان هاڻي ڪنهن به طرح آئون
ڪين مڙندس!“
بادشاهه جي ڳالهه کي ڀلا ڪير موٽائي. انڪار ڪرڻ معنيٰ پنهنجي
سِسِي وڍائڻ! سو شهزاديءَ به دل ۾ پچي پڄري، کڻي
چپ ڪئي، نڪاح پَڙهڻ لاءِ هڪدم پادريءَ کي گهرايو
ويو، ۽ اُتي جو اُتي شهزاديءَ جو پلاند رمتي فقير
جي پلاند سان ٻَڌجي ويو.
جڏهن شاديءَ جو قصو پورو ٿيو، ته بادشاهه شهزاديءَ کي چيو،
”هاڻي تون هڪ فقير جي زال آهين، تنهن ڪري تو کي هن
کان پوءِ پنهنجي پيڪاڻي محلات ۾ گذارڻ نٿو جڳائي.
چڱو آهي ته هڪدم مڙس سان گڏجي وڃي پنهنجو ساهراڻو
گهر آباد ڪر!“
اِن تي رمتي فقير، شهزاديءَ کي کڻي ٻانهن کان ورتو، ۽ هوءَ
لاچار پيرين پيادي اُٿي پنهنجي مڙس سان هلي.
ائين پنڌ ڪندي ڪندي، اچي هڪڙي وڏي ٻيلي وٽ پهتا. شهزاديءَ مڙس
کان پڇيو، ”مون کي عجب ٿو لڳي ته هيڏو وڏو ٻيلو
ڪنهن جو هوندو!“
ڳائڻي فقير جواب ڏنس:
هي آهي ڏنگ ڏاڙهيي بادشاهه والاجاه جو ٻيلو،
هجين ها تون سندس راڻي، ٿئي ها تنهنجو هي ٻيلو
شهزاديءَ جواب ڏنو.
آهيان آئون نماڻي ناز پرورده، نزاڪت سان پليل نينگر، پرڻجان ڏنگ
ڏاڙهيي بادشاهه سان ها هوند، ٿئي ها سو چڱو جيڪر!
پوءِ هڪ نهايت سهڻي باغ وٽ آيا، جنهن ۾ قسمين
قسمين سرها گل، پاڻيءَ جا چشما ۽ گاهه جا وڏا
ويڪرا ميدان هئا. شهزاديءَ تنهن تي وري پنهنجي مڙس
کان پڇيو، ”هي دل لڀائيندڙ سهڻو باغ ڪنهن جو آهي؟“
جواب مليس:
هي آهي ڏنگ ڏاڙهيي شاهه والاجاه جو باغ،
هجين ها جي سندس راڻي، ٿئي ها تنهنجو هي باغ!
شهزاديءَ وري ٿڌو ساهه کڻي چيو،
آهيان آئون نماڻي ناز پرورده، نزاڪت سان پليل نينگر،
پرڻجان ڏنگ ڏاڙهيي بادشاهه سان ها هوند، ٿئي ها سو چڱو جيڪر!
پوءِ هو هڪ وڏي شهر وٽ اچي پهتا، ۽ وري به شهزاديءَ چيو، ”هن
سهڻي شهر جو مالڪ ڪير آهي؟“ ۽ وري به جواب مليس:
هيءُ آهي ڏنگ ڏاڙهيي بادشاهه والاجاه جو شهر،
هجين ها تون سندس راڻي، ٿئي ها تنهنجو هي شهر!
انهيءَ تي شهزاديءَ وراڻيو:
آهيان آئون نماڻي ناز پرورده، نزاڪت سان پليل نينگر،
پرڻجان ڏنگ ڏاڙهيي بادشاهه سان ها هوند، ٿئي ها سو چڱو جيڪر!
اِتي رمتو ڳائيندڙ فقير ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ شهزاديءَ کي
چيائين، ”ڀيري ڀيري سان ٻئي مڙس جو خيال پيئي
ڪرين! ڇا، آئون تو لاءِ بس نه آهيان؟“ اهڙيءَ طرح،
آخر هلندي هلندي، هو هڪ ننڍڙي گهر وٽ اچي پهتا،
جنهن کي ڏسي شهزاديءَ تپرس وچان پڇيو:
ڪڏهين ڪين ڏٺو مون ڪٿ اهڙو ننڍڙو گهر،
ڪنهن جو هوندو، مون کي ٻڌاءِ تون ههڙو گندڙو گهر؟
راڳيندڙ مڙس جواب ڏنو،
هي منهنجو ۽ تنهنجو گهر آهي،
جنهن ۾ ٻيئي گڏجي عمر گذارينداسون!
انهيءَ جهوپڙيءَ جي دروازي جو چؤنڪ ايترو ته هيٺ هو، جو شهزادي
کي مجبوراً نمي اندر گهڙڻو پيو. جي نه، ته درجي
مٿينءَ چانئٺ سان ٽَڪرجي مٿو ئي هوند ڀڄي پويس ها!
شهزاديءَ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاري پڇيو، ”نوڪر ڪٿي آهن؟“
فقير جواب ڏنو، ”ڇا جا نوڪر! تو کي هت سڀ ڪم ڪار پاڻ پنهنجن هٿن
سان ڪرڻو آهي! جلد ٿي، باهه دکاءِ، پاڻي ٽهڪائڻ
رک، ۽ پنهنجي رات جي ماني تيار ڪر، آئون ڏاڍو
ٿڪجي پيو آهيان- هڏ هڏ پيو سور ڪرينم!“
شهزاديءَ ويچاريءَ کي باهه ٻارڻ ۽ کاڌي تيار ڪرڻ جي ڪهڙي خبر!
نيٺ مجبور ٿي، فقير هن کي ڪم ۾ هٿ وٺايو. نه ته
کائڻ لاءِ ڪجهه به تيار ٿي نه سگهي ها! آخر جهڙو
تهڙو سادو سودو کائي، وڃي سمهي رهيا، ٻئي ڏينهن،
سوير صبح جو، اڃا سج ئي ڪين اڀريو، ته هن وري
شهزاديءَ کي گهر جي ڪم ڪار واسطي ننڊ مان ڌونڌاڙي
اٿاريو!
پوءِ ڪي ڏيهاڙا ته هنن ٻنهي ان ريت پئي گذاريا، آخر جڏهن سيڌو
سامان سڀ کائي پورو ڪيائون ته مڙس چيو، ”بيبي
منهنجي! هيئن ته نه هلي سگهبو! اسين ڪمايون ڪجهه
به نه، ۽ هيترو سڀ کايو وڃون، تون هاڻي ويهي ڏَلها
ٺاهه، ته وڪڻي ڪجهه ته گذارو ڪريون!“
ائين چئي، هو ٻاهر هليو ويو ۽ ڏلهن ٺاهڻ لاءِ وڃي جهنگ مان لَڪڙ
وڍي آيوپ. زال ويچاري لَڪڙ مان ڏلها ٺاهڻ شروع
ڪيا، پر کُهرين کُهرين، تکين تکين ڪاٺين، شهزاديءَ
جا نازڪ هٿ ئي رهڙي ۽ ڦٽي وڌا.
هيءَ حالت ڏسي، مڙس چيو، ”هيءُ ڪم ته تو کان نٿو ٿي سگهي، شايد
تون ڪَتڻ جو ڪم، ڏلهن جوڙڻ جي ڪم کان بهتر ڪري
سگهندينءَ!“
پوءِ هن ويچاريءَ ويهي سٽ ڪتڻ جي ڪوشش ڪئي. پر تارن جهڙن سخت
ڌاڳن هن جي نفيس آڱرين ۾ ائين وَڍَ وجهي ڇڏيا، جو
انهن مان رت سيڙهون ڪري وهڻ لڳو!
مڙس جڏهن اهو ڏٺو، تڏهن چيائين، ”ڏس. هيءُ آهي تنهنجي حالت! تو
کان ڪو به ڌنڌو نٿو ٿي سگهي! مون تو سان شادي ڪري
ڪهڙو فائدو پرايو؟ چڱو، هاڻي ڏسان، من ان ۾ ئي تون
ڪي ڪجهه ڪري سگهين! آئون تو کي مٽ، دلا ۽ ٻيا ٺڪر
جا ٿانوَ ۽ برتن وٺي ٿو ڏيان، تون انهن کي بازار ۾
ويهي وڪڻ!“
شهزاديءَ چيو، ”هاءِ! جيڪڏهن ابي جي ملڪ جا ماڻهو ٿانوَ وڪڻندي
ڏسندا، ته مون تي ڪيتريون نه ٺٺوليون ڪندا!“ مگر
ٻي ڪا واهه به ته ڪا نه هيس، ڪو نڪو ڌنڌو ته ضرور
ڪرڻو ئي هوس، جي نه ته، مرڳو ئي ٿي بک مُئا؟
پهرئين دفعي، جڏهن بازار ۾ وڃي ٿانوَ کڻي وڪڻن ويٺي، ته البته
ڌنڌو چڱو هليس، جو گراهڪن هن کي اهڙو حسين ڏسي،
وٽانئس پئي ٿانون جي خريداري ڪئي، ۽ جا قيمت هن
گهُري ٿي، اُها انهن خوشيءَ سان پئي ڏني، ڪن ته
ملهه ڏيئي، برتن به موٽائي کيس ڏيئي ٿي ڇڏيا، چي،
”هيءَ اسان جي سوکڙي اٿيئي!“
اهڙيءَ طرح، ٻنهي زال مڙس جو ڪجهه وقت اُن ڪمائيءَ تي گذر هليو،
۽ پوءِ مڙس وري ٻيا ٺڪر ۽ چينيءَ جا ٿانوَ خريد
ڪري، هن کي وڪڻڻ واسطي ڏنا. هڪ ڏينهن، جيئن هوءَ
مارڪيٽ جي هڪڙي ڪنڊ ۾ برتنن کي ٺاهيو ريو ويٺي
هئي، تيئن اوچتو، هڪڙو فوج جو سپاهي شراب جي نشي ۾
چُور، پنهنجي مست گهوڙي تي اچي اتان لنگهيو، گهوڙي
جو ڏٺو ماڻهن جو گوڙ، سو اچي ٽٺو. سپاهيءَ گهڻو ئي
روڪيس پر گهوڙو لغام وات ۾ جهلي، اُٿي ڀڳو، ۽ سوار
سڌو شهزاديءَ جي دڪان ۾ اندر گهڙي آيو، ۽ سندس
سڀئي ٿانوَ ٿپا ڀڃي ڀوري، ڇيهون ڇيهون ڪري
ڇڏيائين. هوءَ ويچاري اهو حال ڏسي، روئڻ لڳي. خبر
ئي نه پيئي پويس ته ڇا ڪري! مڙس جو ڊپ ٻئي پاسي،
ته هو نيٺ ڇا چوندو!
آخر دل ڏاڍي ڪري، ڊوڙي ويئي، پنهنجي گهر، ۽ وڃي مڙس کي حادثي جي
ساري حقيقت ٻڌايائين.
مڙس چيس ته ”ٺڪر وڪڻندڙ جي اکين جا ڳوڙها ڪير ٿو ڏسي، چري! مطلب
ته تون بنهه بيڪار آهين، تنهن ڪري مان ويو هوس اڄ
محلات ۾ پڇا ڪرڻ ته اُتي بورچيخاني ۾ ڪا
نوڪرياڻيءَ جي ضرورت هجي، ته تو کي کڻي اُتي
ٿانوَن ٿپن مانجڻ تي مرر ڪن! سو، انهن انجام ڪيو
آهي ته آزمائش طور تو کي انهيءَ ڪم تي بيهاريندا،
۽ جيسين تون رڌ پچاءُ جو ڪم پورو نه سکي ويندينءَ
تيسين تو کي اُتي مفت جي ماني پيئي ملندي!“
انهيءَ ريت، هيءَ شهزادي وڃي بورچيخاني ۾ نوڪرياڻي ٿي، جتي هن
کي بورچيءَ جي حڪم هيٺ رڳو ٿانون مانجڻ، باهه
ٻارڻ، چُلهن کي صفا ڪرڻ، رڌڻي کي ٻهارڻ ۽ ڀاڄي
بصر وڍڻ جو ڪم ٿي ڪرڻو پيو! هن هڪڙي اهڙي اٽڪل
ڪئي، جو پنهنجي ڪپڙن جي اندر هڪڙي ڳوٿري ٺاهي
ڇڏيائين، جنهن ۾ جڏهن به ڪا اوبر سوبر ڪٿي ڏسندي
هئي، ته کڻي وجهي ڇڏيندي هئي، ۽ شام جو اها کڻي
پنهنجي گهر ايندي هئي، ۽ هڪ ويلو ان تي پيئي گذر
ڪندي هئي.
هڪڙي ڏينهن، اتفاق اهڙو ٿيو، جو بادشاهه جي وڏي پٽ جي بالغ ٿيڻ
تي محلات ۾ هڪ عاليشان دعوت ۽ ناچ جي مجلس ٿيڻي
هئي، انهيءَ رات جڏهن مجلس پنهنجي پوريءَ لئي ۾
هئي، ۽ مرد ۽ زالون چوڌاري هڪ ٻئي سان گڏجي،
خوشيءَ ۾ پئي نچيا، ڪُڏيا، ته هيءَ ويچاري نوجوان
شهزادي مٿي وڃي صفي جي دروازي جي پٺيان بيهي، پري
کان تماشو ڏسڻ لڳي! جڏهن هن جي نظر رنگ برنگي
شمعدانن جي شعاع، ۽ ريشمي لباس ۾ ڍڪيل سهڻن مردن ۽
سوڀيا وارين زالن تي پيئي، تڏهن اهڙا سک ۽ خوشيءَ
جا شاندار نظارا ڏسي، شهزاديءَ کي ذري گهٽ روئڻ
اچي ويو ۽ پنهنجي بدبختيءَ تي نهايت افسوس ٿيس، ۽
پاڻ کي ئي ڏوهه ڏيڻ لڳي ته پنهنجي خودپسنديءَ،
مغروري ۽ بيجا هلت ئي کيس اُن مفلسيءَ، بيوسيءَ ۽
ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ آندو هو! قيمتي ۽ لذيذ خوراڪ
جون شيون، جن جون رڪيبيون نوڪرن، آنديون ۽ نِيون
پئي، تن جي وڻندڙ خوشبوءِ تي سندس وات پاڻي پئي
ٿيو، ۽ انهن مان نوڪرن، جيڪي بچيل ٽڪر هئا ۽ ٻي
اوبر سوبر هن کي اڇلائي پئي ڏني، سا سڀ هوءَ
پنهنجيءَ ڳوٿريءَ ۾ هميشه وانگر گهر کڻي وڃڻ لاءِ
گڏ ڪندي پيئي ويئي!
جڏهن بادشاهه جو وڏو پٽ، سونو هار ڳچيءَ ۾ پائي، بخمل ۽ ريشم
جو لباس پهري، هيرن ۽ جواهرن ۾ سڄو جڙجي، ناچ- صفي
جي اندر گهڙيو، ته هن جي نظر وڃي هن غريب شهزاديءَ
تي پيئي، جنهن در جي پٺيان بيٺي ويچارن وانگر
جهاتيون پائي، اوڏانهن نهاريو. بادشاهه جي پٽ اُڇل
کائي، هن غريب نوڪرياڻيءَ کي هٿ مان جهليو، ۽
چيائينس ته ”اچ ته گڏجي نچون!“
پر، هن ڏڪندي ڏڪندي انڪار ڪيو، ڳالهائڻ ئي نه پيو اڪليس، ڏسي
کڻي ته سامهون اهو ئي ڏنگ ڏاڙهيو بادشاهه بيٺو
آهي، جيڪو سندس سڱ جو اميدوار هو، ۽ جنهن کي هن
پڻس جي ڀريءَ درٻار ۾ نفرت وچان ڦوڪاري ڦٽو ڪيو هو
۽ سڄيءَ مجلس ۾ اهڙو کلڻهاب ڪيو هو جو ويچارو منهن
به مٿي نٿي کڻي سگهيو. سو، هيءَ ناچ- صفي ۾ وڃڻ
کان پاڻ بچاڻ، ۾، ۽ شهزادو کيس زوريءَ اوڏانهن نيڻ
۾! انهيءَ ڪشمڪش ۾، آخر هن جي چولي اندران ڳوٿريءَ
جو ڌاڳو ٽٽي پيو، ۽ ان ۾ جيڪي به مانين جا ٽڪر،
گوشت، چانور ۽ مٺاين جا ذرڙا پيل هئا، سي سڀ اتي
جو اتي هارجي اچي فرش تي پيا، ۽ چوڌاري پکڙجي
ويا! هي حالت ڏسي، سڀني بيٺل ماڻهن ۾ اچي ٽهڪڙو
پيو، ۽ هيءَ ويچاري اهڙي ته هارجي ويئي، جو رڳو
ساهه ئي پورو نه پيو کڄي سگهيس، ايتري ته ڦِڪي ٿي
جو دل ۾ چيائين ته ”جيڪڏهن زمين ڦاٽي جاءِ ڏئي، ته
هِن گَهڙيءَ هوند ان ۾ گهڙي وڃان!“
آخر منهن ٻنهي هٿن ۾ لڪائي، ويچاري وٺي دروازي ڏانهن ڊوڙي، پر
ڏاڪڻ تي هن کي ڪو ٻانهن مان جهلي بيهي رهيو، ۽
پرڀئي پرڀائي موٽائي محلات ۾ وٺي آيس، جڏهن ڊڄي
ڊڄي ان ماڻهوءَ ڏانهن ڏٺائين ته تپرس ۾ پئجي ويئي،
ڇا ٿي ڏسي ته اهو ماڻهو به ڏنگيءَ ڏاڙهيءَ واري
بادشاهه جهڙو! پوءِ ان ماڻهوءَ کيس نهايت ٻاجهائتي
۽ پيار ڀرئي آواز ۾ چيو، ”ڊڄ نه! اهو سُرندي وارو
رمتو فقير آئون ئي هوس، جنهن سان گڏ تو هُن ڀڳل
ٽٽل، جهوپڙيءَ ۾ ڏينهن پئي گذاريا، تنهنجي محبت
سبب، ۽ تو کي هٿ ڪرڻ لاءِ مون پنهنجو لباس بدلايو
هو، ۽ جيڪو شرابي سپاهي تنهنجي دڪان ۾ گهوڙي سميت
گهڙي، تنهنجا سڀ برتن پرزا پرزا ڪري ويو هو، اهو
به آئون ئي هوس! اهي سڀ ڳالهيون مون انهيءَ لاءِ
ڪيون ته تو کي تنهنجي وڏائيءَ جي سزا ملي، ۽ پاڻ
کي سڀ کان مٿي سمجهڻ جي بري عادت تو مان نڪري
وڃي!“
اهو ٻڌي، شهزادي سڏڪا ڀري زارو زار روئڻ لڳي، ۽ چيائين، ”تحقيق
منهنجي غلطي هئي، آئون تنهنجي زال ٿيڻ جي هاڻ بلڪل
لائق نه آهيان!“
مگر هن شهزاديءَ کي آٿت ڏيئي، چيو ته جيڪي گذريو، سو گذريو، ان
کي ياد نه ڪبو. اچ ته هاڻي پنهنجي شاديءَ جو
شاندار جشن ملهايون“
انهيءَ تي، جيڪي خدمتگار زالون اتي بيٺيون هيون، تن شهزاديءَ کي
شاهاڻا وڳا پهريا، پوءِ سردار هن کي ڏنگ ڏاڙهيي
بادشاهه سان شادي ڪرڻ جون مبارڪون ڏيڻ آيا.
پهلوان درزي
هڪڙيءَ بهار جي مند ۾، صبح جو هڪڙو ڪاٺيءَ جهڙو سنهڙو ۽ بنهه
گرانٺ جيڏڙو درزي، دريءَ سان ميز لڳائي، پنهنجي
موج ۾ مزي سان ڪپڙا سبي رهيو هو. ايتري ۾ هڪڙي
ڳوٺاڻي زال اچي هيٺان گهٽيءَ مان هوڪو ڏيندي
لنگهي، چي، ”سٺو مربو، سستو مربو!“
درزيءَ مربي جو هوڪو ٻڌي، ڪن کڻي کڙا ڪيا ۽ سندس وات ۾ پاڻي
ڀرجي آيو. پوءِ پنهنجي گهنڊيدار وارن وارو مٿو،
دريءَ کان ٻاهر ڪڍي، زور سان چيائين، ”اي مائي!
گهڻي ٿي مڻ مربي جو ڏين! مٿي اچ ته آئون تنهنجو
اهو مربو وٺان!“
مائي ڇپ جهڙيءَ ڳري ٽوڪريءَ سان ڏاڪڻ تان چڙهي، مٿي درزيءَ وٽ
آئي، ۽ هن کي مربي جا سڀ ٽڀا هڪ- هڪ ڪري، کولي
ڏيکاريائين.
درزيءَ هڪ- هڪ ٽِڀو هٿ ۾ کڻي، ان کي سنگهي آخر ۾ چيو ته ”اڌ
تولو کڻي ڏينم!“
مائيءَ ته اول سمجهيو هو ته هي ڪو سڻڀو گراهڪ آهي، جو مڻ جا
اگهه پيو پڇي، پر پوءِ منهن سڄائي، جيڪي درزيءَ
گهريو سو هن کي ڏيئي، ڪُرڪندي ڪنجهندي، دل جو دل ۾
درزيءَ کي بُرو ڀلو چوندي هلي ويئي.
درزيءَ سوچيو ته ”اڄ قسمت سٺي اٿم، جو اهڙو لذيذ، مربو مليو
اٿم!“
ائين چئي، ڪٻٽ مان روٽي ڪڍي آيو ۽ ان مان هڪ چوٿو ڀڃي، ان تي
مربو مکيائين، ۽ چيائين: ”روح ته گهڻيئي ٿو ٽپا
ڏئينم ته گهڙيءَ جي دير نه ڪريان، پر اول هيءَ
صدري پوري ڪري وٺان، پوءِ ٿو اڳو پوءِ مزي سان
کائي يڪي موج ڪريان!“ ائين چئي، هن مربي لڳل
روٽيءَ جو ٽڪر پنهنجي ڀرسان رکي ڇڏيو، ۽ پاڻ وري
سبق ۾ مشغول ٿي ويو، پر مربي جي مڙس کي ايتري ته
خوشي هئي، جو ڏسڻ وائسڻ کان سواءِ، تڙ تڪڙ ۾ ائين
ئي ٽوپن مٿان ٽوپا هڻندو ويو.
انهيءَ وچ ۾ ڇا ٿيو، جو مربي جي سڳڌ تي، ڀِت تي ويٺل مکين جي
ميڙ جو ڌيان ڇڪجي ويو، ۽ اُهي سواءِ ڪنهن رک رکاءَ
جي هڪدم هن اڻلڀ اوچي طعام جي چکڻ واسطي هيٺ لهي
آيون.
جيڏيءَ مهل درزيءَ اهو حال ڏٺو. ته چوڻ لڳو، ”هون، اوهان کي
ڪنهن سڏيو!“ ائين چئي مکين کي هڪلي ڇڏيائين. مگر
مکين ته هن جي ٻولي ڪا نه سمجهي، سي ڀڄڻ ته ڀڄڻ جي
ماڳ، اٽلو پنهنجن ٻين مٽن مائٽياڻين کي به پاڻ سان
وٺي آيون! پوءِ ته درزيءَ کي به آئي ڪاوڙ، سو
کڻندي ئي ٽوال، جهلي جو کڻي هينئين، ته هڪ ئي ڌڪ
سان ست مکيون اُتي جو اُتي ٽنگون ٽيڙي، اونڌيون ٿي
پئجي رهيون!
پنهنجي بهادريءَ جو هي ڪارنامو ڏسي، درزي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو ۽ وڏي
واڪي پاڻ کي چيائين، ”ير، تون ته ڪو اچرج جهڙو
بهادر مڙس آهين! تنهنجي هن بهادريءَ جي هاڪ ته
ملڪان ملڪ مشهور ٿيڻ گهرجي!“
پوءِ ته هن ڄامڙي درزيءَ ويهي پنهنجي لاءِ هڪڙو ڪمربند ٺاهيو. ۽
ان تي سٺا سٺا گُل چِٽ ڪڍي، ان جون ڪناريون اوٽي،
ان تي هي اکر لکيائين: ”هڪ ڌڪ سان ست چٽ!“ ۽
چيائين ته ”فقط هن شهر کي نه، پر ساريءَ دنيا کي
منهنجي هن بهادريءَ جي خبر پوڻ گهرجي!“ ۽ پوءِ
انهيءَ جوش ۽ خوشيءَ ۾ سندس دل ائين ٽپا ڏيڻ لڳي،
جيئن صبح جي وقت تي واڙ کان نڪرڻ مهل ٻاڪرا ڦر
نچندا ۽ ٽپندا آهن.
پوءِ درزيءَ اهو ڪمربند کڻي چيلهه سان ٻڌو. ننڍڙي درزڪي دڪان جي
چوديواريءَ ۾ ههڙي بهادر کي آخر سک ئي ڇو ٿو اچي!
هن کي ته نڪري ٻاهر دنيا کي جتائڻو ۽ ڏيکارڻو هو
ته اڃا دنيا ۾ رستم پيا آهن! سو دڪان کي تالو
ڏيئي، هڪدم نڪتو ٻاهر. پر رواني ٿيڻ کان اڳ هيڏي
هوڏي نهاريائين ته ڪا شيءِ پاڻ سان کڻڻ جي لائق
هجي ته کڻي ٻاهر نڪرجي. مگر سواءِ هڪ پنير جي ٽڪر
جي ٻيو ڪجهه به نظر نه آيس. جهٽ ڏيئي، اهو پنير جو
ڳنڍو کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌائين. ٻاهر دروازي جي
اڳيان ڏٺائين ته هڪ ننڍڙو پکي ٻوڙي ۾ڦاٿو پيو آهي.
آهستي آهستي ان کي به اُتان ڇڏائي، کڻي پنير سان
گڏ پنهنجي کيسي ۾ وڌائين!
هاڻ ته هيءُ همراهه هڪ بانڪي جوان وانگر، آسمان سان چوٽي
گسائيندو اڳتي وڌيو. بدن جو هلڪو ۽ قد جو ڇوٽو ته
اڳي ئي هو، سو پنڌ ڪندي ٿڪ ته مڙس کي بنهه ڪين ٿي
ٿيو. جيڪو رستو ورتو هئائين، سو ويو ٿي هڪ اُتاهين
جبل ڏانهن، سو هلندي هلندي، جڏهن جبل جي چوٽيءَ تي
پهتو، تڏهن ڏٺائين ته سامهون هڪ ٿلهو متارو ڀيانڪ
ديو ويٺو مزي سان هيڏانهن هوڏانهن نهاري!
درزي، دل جهلي، وڌي ديو وٽ ويو، ۽ گهڻيءَ چستائيءَ سان سلام ڪري
چيائينس، ”اڙي يار، تون اِتي ويٺو، هُنَ هيڏيءَ
ساريءَ دنيا کي ڏسڻ لاءِ سڪين! خبر اٿيئي، آئون
اوڏانهن پيو وڃان؟ هلين ته صلاح اٿيئي!“
هَل، هَل! آيوآهي وڏو صلاح ڪرڻ- گند تي سُرندڙ نيچ ڪيڙو!“ ائين
چئي، درزيءَ ڏانهن حقارت سان نهاريندي، ديو ڪنڌ
کڻي ٻئي پاسي ڦيرايو.
تنهن تي ننڍڙي درزيءَ برجستائيءَ سان وراڻي ڏنيس، ”اوهو! تون
مون کي اهڙو ٿو سمجهين- ائين نه! چڱو هيڏانهن ڏس!
ائين چئي. هُن پنهنجي ڪوٽ جا ٻيڙا لاهي، ديوَ کي
پنهنجو ڪمربند ڏيکاريو. ۽ عجيب بيپرواهيءَ سان
چيائينس، ”هي پڙهه ته خبر پويئي، ته آئون ڪهڙي قسم
جو ماڻهو آهيان!“
ديوَ جڏهن پڙهيو ته ”هڪ ڌڪ سان ست چٽ!“ ته هن سمجهيو ته هن هڪڙي
ڌڪ سان ست ماڻهو ماريا آهن، ۽ پوءِ هن جي دل ۾
درزيءَ لاءِ ڪجهه عزت پيدا ٿي، پر تنهن هوندي به
آزمودي خاطر ڇا ڪيائين جو هڪ پهڻ چپٽيءَ ۾ جهلي،
ان کي اهڙي ته وٺي مهٽ ڏنائين، جو اهو پيسجي اَٽو
ٿي ويو، ۽ پوءِ درزيءَ کي چيائين ته ”اٿئي جي ڪا
طاقت ته ائين مون وانگر ڪري ڏيکار!“ درزي چيو،
”بس، ڳالهه به اِها نه! اها ته ٻاراڻي راند آهي!“
پوءِ هن پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي پنير جو ڳنڍو ڪڍيو،
۽ ان کي مُٺ ۾ جهلي، وٺي جو کڻي نپوڙيس، ته ان جو
پاڻي سندس آڱرين مان بُڙڪا ڏيئي، ٻاهر نڪرڻ لڳو!
ديوَ جا تاڪ لڳي ويا. ڳالهه ئي نه پيئي سُجهيس ته
چوي ڇا! پر تڏهن به هِن جيت جهڙي ماڻهوءَ جي طاقت
جي هُن کي پڪ ڪا نه ٿِي! سو ٻيهر آزمودي خاطر، هُن
هڪ پٿر کڻي، وٺي زور سان مٿي اڇلايو- ايترو ته
مٿي اڇلايو، جو ذري گهٽ نظر کان ئي غائب ٿي ويو، پوءِ درزيءَ کي
چيائين، کِٿل ڄامڙا، هيئن ته ڪري ڏيکار!“
درزيءَ چيو ته ”تو برابر پٿر گهڻو مٿي ڦٽي ڪيو، پر آخر وري به
اچي زمين تي ڪريو نه! آئون اهڙي زور سان اُڇلائي
ٿو ڏيکاريانءِ، جو وري زمين تي موٽندو ئي ڪين!“
ائين چئي، هُن کيسي مان پکي ڪڍي، زور سان مٿي هوا ۾ کڻي ڦٽو
ڪيو. پکيءَ جي جو جند ڇُٽي، سو اهڙو ته اک- ڇنڀ ۾
وٺي اُڏاڻو، جو وري موٽيو ئي ڪين! تنهن تي ديوَ کي
چيائين، ”هاڻي ڇا ٿو ڀانئين؟ اسين به ڪجهه آهيون
يا نه؟“
ديو کي حيرت وٺي ويئي ۽ چيائين، ”ٻيلي مڃان ٿو، تو برابر پٿر
مون کان مٿي اڇلايو. پر، هاڻي ڏسون ته بار کڻڻ ۾
تون ڪيئن آهين؟“ ائين چئي، هو درزيءَ کي نم جي
هڪڙي شاهي وڻ وٽ وٺي ويو، جيڪو ماڻهن وڍي، ٻيلي
جي وچ ۾ ڪيرائي ڇڏيو هو. پوءِ چيائينس ته وٺ ته هن
وڻ کي کڻي، ٻيلي کان ٻاهر ڦٽو ڪريون!“
درزيءَ جواب ڏنو، ”بيشڪ، وڏي خوشيءَ سان! تون رڳو اتان ٿُڙ کان
ڪلهي تي رک، ٿوري جهلَ ڏي ته آئون هڪڙو ئي ٿو هن
کي شاخن سوڌو کڻي ٻاهر ڦِٽو ڪريان!“
تنهن تي ديو، وڻ جو ٿڙ کڻي پنهنجي ڪلهي تي رکيو، ۽ هيءُ گِڏ
جيڏو مڙس ٽپ ڏيئي پٺيان هڪ ٽاريءَ تي چڙهي ويهي
رهيو. هوڏانهن ديو بار سبب پٺئين پاسي ڪنڌ ورائي
نٿي سگهيو، جو هِن کي ڏسي. ديو ويچارو نه رڳو وڻ
جي بار ۾ جُهڪندو ٿي ويو، پر وڻ سان گڏ درزي به
مٿس سوار ٿي مزي سان سيٽيون وڄائيندو ۽ لوڙائو
ڏيندو پئي ويو- ڄڻ ته هِن لاءِ وڻ کڻڻ ته هڪ ٻارن
جي راند آهي!
ديو ويچارو، جو هيءُ ڳاٽي ٽوڙ بوجو ڪلهي تي کنيو پئي ويو، تنهن
جو ٿوري پنڌ کان پوءِ ساهه ڀرجي آيو، ۽ بنهه ڪرڻ
تي هو ته رڙ ڪري چيائين، ”اڙي يار، وڌيڪ مون کان
هليو نٿو ٿئي، آئون هاڻي وڻ کي هتي ئي ٿو
اڇلايان!“
انهيءَ تي ننڍڙو درزي ٽپ ڏيئي لٿو هيٺ، ۽ ڪِريل وڻ کي ٻَکُ وجهي
ائين بيهي رهيو، ڄڻ ته سڄو رستو هو پاڻ ان کي کنيو
پئي آيو. ديو کي چيائين، ”عجب آهي، جو تو جهڙو
بهادر ديو، هيءُ لَڪڻ جيترو وڻ به نه کڻي سگهي!“
پوءِ هو گڏجي ٿورو اڳتي هليا، ته هڪڙو وڏو ٻير جو وڻ ڏٺائون.
ديو ڇا ڪيو، جو وڻ جي چوٽيءَ واري ڏار کي، جتي
پڪل ٻير هئا، ڇڪي هيٺ ڪيائين، ۽ درزيءَ کي هٿ ۾
ڏيئي چيائين ته ”هي وٺ! کاءُ، جيترا ٻير کائي
سگهين!“ پر ويچاري ڳيري جيتري درزيءَ ۾ ايتري سگهه
ئي آئي ڪٿان جو وڻ جي ڏار کي جهلي بيهي سگهي! سو،
جڏهن ديو پنهنجا هٿ ڏار مان ڪڍيا، ته ڏار وري ڦري
سڌو ٿي ويو، ۽ درزيءَ جو ان کي چنبڙيو پيو هو، سو
به ان سان گڏ مٿي کڄي امالڪ وڃي چوٽيءَ تي رسيو!
نيٺ جڏهن هو ٿڙي ٿڦڙي وري زمين تي آيو، ته ديو چيس، ”تو ۾ ته
ايتري طاقت به ڪانهي، جو کڻي هن سنهڙيءَ ٽاريءَ کي
به جهلي سگهين!“
درزيءَ جواب ڏنس، ”طاقت جو هتي ڪهڙو سوال؟ جنهن هڪ ڌڪ سان ست
ماريا، تنهن ۾ ايتري طاقت به ڪا نه هوندي ڇا! مون
وڻ مٿان ٽپ رڳو ان ڪري ڏنو، جو پٺيان ٻُوڙن کي آڏ
ڏيئي، هڪڙو شڪاري مو کي تير هڻن تي هو سو ان کان
پاڻ ٿي بچايم. تون ته وڻ جي مٿان ٽپو ڏيئي ڏيکار-
ڏسون تنهنجي به طاقت!“
ديو به نه ڪئي هم نه تم، وٺي کڻي ڀڙڪو کائي ڏيئي ٿو ٽپ، ته
ويچارو ڌو وڃي ٽارين ۾ اٽڪيو، ۽ اتي ئي ٽنگجي
بيهي رهيو. انهيءَ وقت، ننڍڙو درزي ديو کان هيءَ
بازي به کَٽي ويو.
ديو پوءِ چيو ته ”ننڍڙا نينگر! مڙس مڙسن جون مهمانيون کائيندا
آهن- تو کي منهنجي دعوت آهي. رات هلي اسان جي غار
۾ منهنجو مهمان ٿيءُ!“
ننڍڙِ درزيءَ ته ڄڻ اهڙيون ڳالهيون پئي ڳوليون، سو هڪدم اٿي
پنهنجي ميزبان جي پٺيان هليو، جنهن وقت هو غار وٽ
پهتا، تنهن وقت ڏٺائون ته ڪيترا ديوَ اڳي ئي باهه
جي چوڌاري ويٺا هئا، ۽ هر هڪ کي سڄو سارو پڪل
دنبو هٿ ۾ هو. هُنن، دنبن کي اهڙيءَ طرح هٿ ۾ جهلي
ويٺي کاڌو، ڄڻ اهي ڪي مانيءَ جا ننڍڙا ٽڪرا هئا،
جن کي ويٺي کاڌائون! ننڍڙي درزيءَ خيال ڪيو ته ”هت
ته منهنجي پهچ کان ڳالهه مٿي آهي!“ سو اڳ وٺي چوڻ
لڳو، ”يار، الله ججهو ڏئيوَ، کائو کائو، موج ڪريو،
پاڻ کي گهرج ڪانهي!“
پوءِ ديو هن کي هڪ بستري وٽ وٺي ويو، ۽ چيائينس، ”هت ڪجهه آرام
ڪر!“ پر، بسترو هو تمام وڏو ۽ ويڪرو، سو درزيءَ ڇا
ڪيو جو آهستي آهستي سُري سُري، وڃي ان جي هڪ ڪنڊ ۾
پئجي رهيو، جڏهن اڌ رات ٿي، ۽ ديو سمجهيو ته
جيتامڙو درزي گَهريءَ ننڊ ۾ آهي، تڏهن هڪ لوهه جو
ڪِلو کڻي، بستري جي وچ ۾ زور سان ٽنبيائين، ۽
سمجهيائين ته ”مون هن تِڏ جيڏڙي جو ڪم ئي پورو ڪري
ڇڏيو!“
صبح ٿيڻ سان سڀيئي ديوَ گڏجي نڪتا ۽ ويا ٻيلي ۾. ننڍڙو درزي
سندن دل تان ئي لهي ويو، پر پوءِ جڏهن ڏٺائون ته
هو تڪڙو تڙو ٽپ ڏيندو اُنهن ڏي پيو اچي، ڄڻ ته ڪي
ٿيو ئي ڪو نه هوس، تڏهن اچي ڊپ لڳن ته ڪٿي هو کين
مرڳو ئي ماري نه وجهي! سو. يڪساهيءَ ڊوڙ پائي، وٺي
سڀيئي ڀڳا. پر ٽنڊڻ جيڏو درزي ته اڳين وانگر سڌو
ئي سڌو پنهنجي ئي موج ۾، جيڏانهن وڃڻو هوس،
تيڏانهن ڪاهيندو پئي ويو!
پوءِ هلندي هلندي، هو هڪ شاهي محلات جي آڳنڌ وٽ اچي پهتو، ۽
ايترو ٿڪجي پيو، جو اتي ئي ليٽي پيو. اڃا ستو ئي
پيو هو ته ماڻهو اچي هن جي مٿان مڙيا، ۽ اچرج ۾ هن
جي ڪمربند تي لکيل اکر پڙهڻ لڳا:
”هڪ ئي ڌڪ سان ست چٽ.“
”واه! هي ته ڪو وڏو پهلوان ٿوڏسجي.“ هنن خيال ڪيو، ”پر، هن امن
امان جي زماني ۾، هن جو هت ڪهڙو ڪم؟“ هنن تنهن
ڪري بادشاهه کي وڃي اها خبر رسائي، ۽ چوائي
موڪليائونس ته ”جيڪڏهن ڪنهن دشمن سان جنگ ڇڙي پيئي
ته هي شخص بلڪل ڪارگر ثابت ٿيندو. هن کي هٿان وڃڻ
نه ڏجي!“
بادشاهه به هنن جي راءِ سان متفق ٿيو ۽ پنهنجي درٻارين مان هڪڙي
کي موڪليائين ته هُو سورهيه مڙس جڏهن ننڊ مان سجاڳ
ٿئي، ته هن کي هڪدم شاهي لشڪر ۾ نوڪري آڇي وڃي.
قاصد آيو ۽ انتظار ۾ بيهي رهيو. پوءِ جڏهن هن جيتڙي درزيءَ
ٽنگون ڊگهيريون ۽ اکيون پٽيون، تڏهن هن کي اهو
بادشاهه جو پيغام پهچايو ويو!
درزيءَ جواب ڏنو، ”هتي اچڻ ۾ منهنجو مقصد ئي اهو هو. آئون
بادشاهه جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان!“
تنهن تي ننڍڙِ درزيءَ جو نهايت عزت سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو، ۽ کيس
هڪڙو عاليشان خلاصو گهر رهڻ لاءِ ڏنو ويو. بادشاهه
جا ٻيا عملدار هن سان حسد ڪرڻ لڳا، ۽ مرضي هين ته
جيترو پري هجي اوترو چڱو: ڇو ته ڊپ هون ته جيڪڏهن
هو ساڻن ڪنهن ڳالهه تي اٽڪي پوي، ۽ هڪ ڌڪ سان
منجهانئن واري واري تي ستن کي ماريندو وڃي، ته
پوءِ هن سان هو ڪيئن پڄي سگهندا! دل ۾ اها ڳالهه
ڳڻي، نيٺ اهو ارادو ڪيائون ته سڀيئي گڏجي بادشاهه
وٽ هلي نوڪريءَ کان استعيفا ڏيون ۽ عرض ڪريون ته
”اسان جي مجال نه آهي، جو هن سان پورا پئون، جيڪو
هڪڙي ئي ڌڪ سان ست ٿو ماري وجهي!“
بادشاهه جڏهن پنهنجي عملدرن جي اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن ڏاڍو
ويچاريائين ته ”منهنجا هيترا وفادار عهديدار هڪ
ماڻهوءَ خاطر نوڪري ڇڏي وڃن، تنهن کان ته هن کي
اسين اکئين ئي نه ڏسون ها؟“ ۽ پوءِ ويهي سوچڻ لڳو
ته ڪيئن هُنن مان جند ڇڏائجي. هُن کي هڪدم نوڪري
وڃڻ جو حڪم ڏيڻ کان به ڊنو ٿي. متان چڙ مان هُو
کيس ۽ سندس ماڻهن کي ماري، مرڳو پاڻ تخت ۽ تاج جو
مالڪ ٿي ويهي رهي! سوچيندي سوچيندي، بادشاهه کي
آخر هڪ تجويز سُجهي آئي، ۽ ڇوٽي درزيءَ کي نياپو
ڏياري موڪليائين ته ”منهنجي راڄ ۾، فلاڻي ٻيلي ۾،
ٻه ديوَ رهن ٿا، جن ملڪ ۾ سخت آزار مچائي ڏنو آهي،
اهي هميشه خون خرابي ڦُرلٽ ۽ ٻيو بيان کان ٻاهر
نقصان چوڌاري ڪندا رهن ٿا، ۽ ڪنهن کي به هنن کي
سامهون ٿيڻ جي همت نٿي ٿئي، تون ئي هڪ اهڙو پهلوان
آهين، جو هنن آفتن کان مون کي ۽ منهنجي ملڪ کي
بچائي سگهندين! سو جيڪڏهن هنن ٻنهي ديون سان جنگ
ڪري، کين ماريندين، ته آئون انجام ٿو ڪريان ته تو
کي پنهنجي سڪليڌي شهزادي پرڻائي ڏيندس ۽ اڌ راڄ
ڀاڳ جو به تنهنجي حوالي ڪندس. هن مهم کي سَر ڪرڻ
لاءِ تون شاهي لشڪر مان هڪ سؤ بهادر ساڻ ڪري جيترو
جلد ٿي سگهي اوترو جلد روانو ٿي وڃ، ۽ دنيا کي
پنهنجي بهادريءَ جو اهڙو نئون ڪرتب ڏيکار، جو سڀ
ڪو تنهنجي پهلوانيءَ جي ساک ڀري!“
ڇوٽي درزيءَ دل ۾ چيو، ”واه، منهنجي قسمت! بادشاهه جي ڌيءَ ٿي
مليم، اڌ بادشاهت جو به ٿو مليم! اهڙيون نعمتون ڪي
پَٽ ۾ پيون آهن ڇا، جو هر ڪنهن کي پيون ملن؟“
پوءِ بادشاهه کي جواب ڏياري موڪليائين، ”جيئندا قبلا، آئون ضرور
ويندس، اوهان جي دعا سان مان ديون تي ضرور فتح
پائيندس. اوهان جي مهرباني، جو هڪ سؤ پهلوان جي
مدد آڇ ڪئي اَٿوَ! ن ۾ ڪو ڀولو ڪونهي، پر سچ پچ ته
انهن جي مدد جي مون کي هونءَ به ڪا ضرورت ڪانهي.
جو ماڻهو هڪ ئي ڌڪ سن ست ماري سگهي، تنهن جي اڳيان
ڀلا ٻه ڪهڙوڌڪ جهلائيندا؟“
پوءِ ڊمڪڙو درزي اُٿي هليو. شاهي لشڪر جا هڪ سؤ پهلوان به اُٿي
هن جي پٺيان هليا، جڏهن ديون واري ٻيلي وٽ پهتا،
ته درزيءَ پنهنجي همراهن کي چيو، ”توهين ٿورو هت
ترسو، آئون هنن ديون سان گهڙيءَ ۾ نبري ٿو اچان!“
تنهن تي هو ٻيلي جي ٻاهران بيهي رهيا ۽ ڇوٽو درزي اڪيلي ٻيلي ۾
گهڙي پيو، ۽ پنهنجي ٻنهي پاسن نهاريندو، ڊوڙندو،
اڳتي وڌندو ويو. ٿوريءَ مدت کان پوءِ پري کان
ڏٺائين ته ٻه ديو آهن، جيڪي هڪڙي وڻ هيٺان ننڊ ۾
الوٽ ستا ڦوڪون پيا ڏين ۽ اهڙا ته زور سان کونگهرا
پيا هڻن، ڄڻ ته وڻ جون مٿيون ٽاريون سندن ڦوڪن سان
ڇڄي پري وڃي پونديون!
ڇوٽي درزيءَ ڇا ڪيو جو ديو سُتا ئي پيا هئا ته هِتان هُتان پٿر
ميڙي، پنهنجا ٻيئي کيسا ڀري، چڙهي وڻ جي انهيءَ
ڏار تي وڃي ويٺو، جيڪو ٺيڪ انهن ديون جي مٿان
نميو بيٺو هو. پوءِ پٿر هڪڙي کيسي مان ڪڍي وٺي هڪ
ديو جي ڇاتيءَ تي ڪيرائڻ شروع ڪيائين. ڳچ وقت ته
ديو چريو ئي ڪين، پر آخر سجاڳ ٿيو، ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي،
ڳاڙهيون اکيون ڦوٽاري، پنهنجي پاسي واري ديو کي
ٿيلهو ڏيئي چيائين، ”ڇو پيو مون کي ڌڪ هڻين؟“ ٻئي
ديو جواب ڏنس، ”ڇا، خواب ٿو لهين ڪيئن؟ مون ته تو
کي ڪو ڌڪ ڪو نه هنيو!“
ٿوريءَ دير ۾ هو ٻيئي وري ننڊ ۾ پئجي ويا، ۽ ڇوٽي درزيءَ پنهنجي
ٻئي کيسي مان ٻه ٽي پٿر ڪڍي وٺي ٻئي ديو جي ڇاتيءَ
تي ڪيرايا!
اُتي ٻيئي ديو واڪو ڪري پڇيو، ”هي ڇا هو؟ ڇو ٿو مون کي پٿر
هڻين؟“
پهرئين ديو جواب ڏنو، ”آئون ٿو تو کي پٿر هڻان! مٿو ته ڪين ڦريو
اٿيئي؟“
هڙيءَ طرح ڪجهه کٽو مٺو پاڻ ۾ ڳالهايائون، پر ننڊ جي گهاٽن
گهيرٽن ۾، هن ڀيري به ڇڪتاڻ ريٽي، وري به سمهي
رهيا.
ڇوٽي درزيءَ، انهيءَ تي ٻنهي کيسن مان ڳولهي، جيڪو وڏي ۾ وڏو
پٿر هٿ آيس، سو جهلي ٿو ٺڪاءُ ڪري پهرئين ديو کي
ٺوڙهه ۾!
پوءِ ته اهو ديو رڙ ڪري اٿيو. سهڻ جي به ڪا حد ٿيندي آهي؟ ٽپ
ڏيئي، ستل ديو کي ڀاڪر ۾ جهلي وٺي ٿو وڻ جي ٿڙ سان
سٽيس ته سڄو وڻ ئي ڌڏي ويو، اتي هن ٻئي جي به اک
کلي، سوچيائين ته بنهه سر ٿو وڃي، سو نه ڪيائين
هم نه تم- جهٽ ڏيئي پهرئين ديو کي کڻي ٽنگن کان
جهليائين ۽ ڀڙڪو کائي، اٿي، وجهندي ٻک کڻي ٿو پَٽ
تي ڦهڪائيس. . . ته ڌرتيءَ ۾ ئي کُپي پيو، پوءِ
ته ٻيئي پاڻ ۾ اهڙي جوش ۽ غضب سان اچي وڙهيا، جو
وڻن جا وڻ، پاڙن کان پٽي، هڪ ٻئي کي ڌَڪي، ماري
ڪُٽي، بنهه ٻيئي ڦان ٿي، لاشا بڻجي منهن ڀر زمين
تي پئجي رهيا!
اهو حال ڏسي، پتڪڙو درزي يڪدم وڻ تان هيٺ لهي آيو، ۽ چيائين
”چڱو، جو هِنن جنهن وڻ تي آئون ويٺو هوس، تنهن جو
نالو ڪين ورتو!“ تنهن کان پوءِ، هن پنهنجي تلوار
ڪڍي، ٻنهي ديون کي ڇاتيءَ ۾ کڻي ٽنبي، ۽ ٻيلي
کان ٻاهر ترسيل شاهي پهلوانن کي چيائين، ”ڪم پورو
ٿي ويو! مون ٻنهي ديون جو خاتمو ڪري ڇڏيو! پر جنگ
ڪا ڪرڻي پيئي هئي، ڇا! پاڻ کي بچائڻ لاءِ ديو وڻ ۾
پئي وڙهييا، پر اڳيان به ”هڪ ڌڪ سان ست چٽ“ پهلوان
سان پلَئو اٽڪيو هون! ٻيئي سنوان نوان ٿيا سُتا
پيا اٿوَ: وڃي ٽنگن کان وٺي کڏ ۾ پوري ڇڏيون!“
اول ته هنن کي درزيءَ جي ڳالهه تي اعتبار ئي نه پيو اچي، پر
پوءِ جڏهن گهوڙن تي چڙهي ٻيلي ۾ اندر ويا ۽
پنهنجين اکين سان ڏٺائون ته ٻيئي ديو رت ۾ ٻڏا پيا
آهن ۽ ڪيترائي وڻ پاڙن کان پٽيا چوڌاري ٽڙيا پکڙيا
پيا آهن، تڏهن وڃي اعتبار آين ته برابر ”هڪ ڌڪ سان
ست چٽ“ ڇوٽي دزيءَ سان ديون جي پڄڻ جي جاءِ نه
هئي!
پوءِ ڇوٽي درزيءَ، موٽي اچي بادشاهه کان سندس انجام ڪيل انعام
جي طلب ڪئي، پر بادشاهه اهڙو تڪڙ ۾ واعدو ڪري هاڻي
پئي پڇتايو، ۽ پئي اٽڪلون ڳوليائين ته ڪنهن ريت
وعدي پوري ڪرڻ کان جند ڇٽي!
سوچي سوچي، آخر درزيءَ کي چيائين، ”هڪ ٻيو به بهادريءَ جو ڪم تو
کي ڪرڻو آهي، تنهن کان پوءِ آئون تو کي شهزاديءَ
جو سڱ ۽ اڌ راڄ جو ڏيندس. اهو ڪم هي آهي، جو ٻيلي
۾ هڪ سڱ وارو جهنگلي گهوڙو ڇڙواڳ پيو گهمي، ۽
چوڌاري ويل ٻاري ڏنو اٿس، تنهن کي ڪنهن طرح جهلي
مون وٽ ڪاهي اچ!
درزيءَ ڇاتي ٺوڪي چيو، ”اهو ڪم منهنجو! ٻن ديون کان وري مون
لاءِ هيءُ هڪ سڱ وارو گهوڙو مٿي ٿيو ڇا!“
ائين چئي هڪڙو مضبوط لغام ۽ هڪ ڪهاڙي پاڻ سان کڻي ٻيلي ڏانهن
روانو ٿيو، ۽ ٻي بادشاهه جي لشڪر جا پهلوان، جي
ساڻس همراهه هئا، تن کي چيائين ته ”اوهين ٻيلي جي
ٻاهر ترسو، آئون ٿو اڪيلو ئي انهيءَ ٺونٺي گهوڙي
سان پڄان!“
پوءِ ته ٻانهون لوڏيندو، وڏيون وکون وجهندو، ٻيلي ۾ اندر گهڙي
ويو. اڃا ٿورو اڳتي وڌيو ئي مس ته هڪ سڱ واري
گهوڙي کيس ڏسي ورتو ۽ امالڪ وٺي مٿس حملو ڪيائين.
درزي هڪڙي وڻ جي ڀرسان ماٺ ڪري خبرداريءَ سان بيهي رهيو ۽ جڏهن
گهوڙو هن کي بلڪل ويجهو آيو، ته هو ڦڙتائيءَ سان
هڪدم ٽپ ڏيئي وڻ پٺيان ٿي، مزي سان بيهي رهيو.
گهوڙو به جهڙو ئي ڇوهه مان پئي آيو، تهڙو ئي وڃي
وڻ سان ٺڪاءُ ڪيائين ۽ سندس خنجر جهڙو تکو سڱ
سنئون سڌو پاڙ تائين وڻ جي ٿڙ ۾ بنهه کُپي ويو.
گهوڙي گهڻيئي زور ڏنا، پر سڱ اُتي اهڙو ته سخت ٽنبجي ويو هو جو
رڳو ڌڏيو به ڪين. اهڙيءَ طرح اک ڇنڀ ۾ گهوڙو اُتي
سُڪ ٿي بيهي رهيو.
تنهن تي درزي به وڻ جي اوٽ مان ٻاهر نڪتو، ۽ گهوڙي جي ڳچيءَ تي
هٿ ڦيرائي چوڻ لڳو، ”ٻچُو، هاڻي مون کان ڪيڏانهن
ويندين!“ پوءِ هن گهوڙي جي منهن ۾ لغام ڏنو ۽
ڪهاڙيءَ سان هن جو
سڱ وڍي، هن کي وڻ مان ڇڏايائين، ۽ کلندو، خوش ٿيندو، گهوڙي کي
ڪاهي ويو بادشاهه وٽ.
پر هن ڀيري به بادشاهه پنهنجو وعدو پورو نه ڪيو، بلڪه هڪ ٽيون
شرط وڌائين،چيائينس ته ”شاديءَ کان اڳي، تون وري
ٻيلي ۾ وڃ ۽ اتي هڪڙو هيبتناڪ جهنگلي مِرون آهي،
جنهن ملڪ ۾ رڻ ٻاري ڏنو آهي، تنهن کي وڃي ڪنهن ريت
ڦاسائي اچ!“
درزيءَ جواب ڏنو. ”بيشڪ ڦاسائي ايندوسانس، اهو ته ٻاراڻو ڪم
آهي!“
پوءِ اڳي وانگر، هو ٻيلي ۾ ويو ۽ جڏهن مرونءَ جي مٿس اک پيئي
تڏهن ڏند ڪَرٽيندي، وات مان گِگ هاريندي، هُڏڪارون
ڪندي مِرونءَ اهڙي وٺي کڻي مٿس لُوهه ڪئي، جو اجهو
ڪي اجهو، ڄڻ درزي ويچارو دز ٿي ويندو، پر هيڏانهن
به ”هڪ ڌڪ سان ست
چٽ“ ڪرڻ وارو ڇوٽو پهلوان هو! سو نه تو ڏٺو، نه مون ڏٺو، اک ڇنڀ
۾، پاسي ۾ هڪڙي ڦٽل ديول هئي، ٽپ ڏيئي تنهن ۾ گهڙي
ويو، ۽ جڏهن مرون به هن جي پٺيان ڊوڙندو ديول ۾
اندر گهڙي آيو، تڏهن درزيءَ ڇا ڪيو جو سامهون
دريءَ مان ڇلانگ ماري، ٻاهران ڦري ديول جو در بند
ڪري ڇڏيائين.
بس پوءِ مرون ديول اندر سُڪ ٿي ويو. بدن جو اڳيئي هو ٿلهو ۽
ڳرو، سو سامهون دريءَ مان به ٽپي ٻاهر نٿي نڪري
سگهيو.
اهڙيءَ طرح مرونءَ کي ديول ۾ سوگهو ڪري، هي درزي پهلوان سڌو ويو
بادشاهه وٽ، ۽ چيائينس ته ”هاڻي اوهان کي ڌيءَ جو
سڱ ۽ اڌ بادشاهت جو، انعام طور مون کي ضرور ڏيڻو
پوندو.“
ٻي ڪا واهه نه ڏسي، بادشاهه کي ڳالهه مڃڻي پيئي. دل جو سور دل
۾ رکي، ڌيءَ جي شادي وڏي ڌام ڌوم سان درزيءَ کي
ڪري ڏنائين، ۽ اهڙيءَ طرح ڇوٽو پهلوان بادشاهه
بڻجي ويهي رهيو.
ٿورڙا ڏينهن نه گذريا ته هڪ رات نوجوان راڻيءَ پنهنجي مڙس کي
ننڊ ۾ ڳالهائيندو ٻڌو. ڪن لائي جو کڻي ٻڌي ته چوي
پيو: ”ڇورا! صدريءَ جو ڪم جلدي پورو ڪر، ۽ پوءِ
سٿڻ کي اوٽي ڏيئي وٺ! هٿ کي هلائيندو وڃ. نه ته
کائيندين منهنجي گزي مغز واري!“ تنهن تي زال يڪدم
سمجهي ورتو ته سندس مڙس جو اصل ڌنڌو ڪهڙو هو!
ٻئي ڏينهن صبح ساڻ هن پنهنجي پيءُ وٽ وڃي شڪايت ڪئي ته ”آئون هڪ
بادشاهه جي ڌيءَ، ۽ منهنجو مڙس وري هڪ معمولي
درزي! هيءَ خواري آئون ڪين سهي سگهنديس!“
بادشاهه کيس دلاسو ڏنو، ۽ چيائينس ته سڀاڻي رات جو پنهنجي ڪپڙن
بدلائڻ جي ڪوٺيءَ جو دروازو کُليو ڇڏي ڏج، منهنجا
نوڪر ٻاهر بيٺا هوندا، ۽ هو آهستي سرڪي اندر ايندا
۽ انهيءَ نڪمي درزيءَ کي چوکنڀو ٻڌي، جهاز ۾
وجهي، دنيا جي هُن ڀر اڇلائي ايندا!“
عاليجاه درزي شاهه بادشاهه جي خاص نوڪر هيءَ ڳالهه ٻڌي ورتي
تنهن سڌو وڃي پنهنجي مالڪ کي خبر ڪئي.
درزيءَ چيو ”او! ائين آهي؟ تون ڪو خيال نه ڪر، چپ ڪري وڃي آرامي
ٿيءُ! انهيءَ ڪين جهڙيءَ ڳالهه کي آئون پاڻهي منهن
ڏيندس!“
رات جو درزي، دستور موجب وڃي بستري تي زال جي پاسي ۾ ستو، پوءِ
جڏهن زال خيال ڪيو ته هيءُ ننڊ ۾ آهي، تڏهن اُٿي
وڃي ڪپڙن بدلائڻ جي ڪوٺيءَ جو دروازو کولي
ڇڏيائين، ۽ وري اچي بستري تي ليٽي پيئي، ڇوٽو
درزي، جو فقط ڍونگ ڪري ستو پيو هو، اِتي وڦلڻ لڳو
۽ دانهن ڪري چوڻ لڳو، ”ڇوڪرا، صدريءَ جو ڪم جلدي
پورو ڪر، ۽ پوءِ سٿڻ کي بخيو ڏيئي وٺ! هٿ کي
هلائيندو وڃ، نه ته کائيندين منهنجي هٿان ڪنن واري
هيءَ لوهه جي گزي!“ هڪ ڌڪ سان ست چٽ ڪرڻ“ وارو
پهلوان آهيان، ٻن ديون جو خاتمو مون ڪيو آهي، هڪ
سڱ وارو گهوڙو، جهنگلي مرون مون کان سواءِ ٻيو ته
ڪو جهلي ها، ته خبر پئجي وڃيس ها؟ مون جهڙو پهلوان
انهن ڪُوئن کان، جيڪي ڪپڙن بدلائڻ واري ڪمري ۾
لڪيو ويٺا چين چين ڪن، ٿورو ئي ڪو ڊڄڻ وارو آهي!
ترس ته انهن جا ڪن ٿو پٽيان!“
جڏهن دشمنن ننڍڙي درزيءَ جي واتان اهي لفظ ٻڌا، تڏهن اچي
ڏڪڻيءَ ورتن، درزيءَ کي ٻڌڻ ته ٺهيو، پر اچي
پنهنجي جان جي خوف وراين، سو اهڙو اٿي ڀڳا، جو وري
درزيءَ جي ويجهو وڃڻ کان ئي توبهه ڪيائون!
۽ پوءِ هي اسان جو ننڍڙو پهلوان درزي مزي سان بادشاهه بڻجي ويهي
رهيو، ۽ جيسين جيئرو هو، تيسين وري سندس ڪنهن نالو
به ڪين ورتو. |