هنجهن واري ڇوڪري
ڳالهه ٿا ڪن ته : ڪنهن سمي هڪ جهور پيرسن ٻڍڙي هوندي هئي، جنهن
جي ڄمار جبلن جي ڄمار کان به وڏي هئي. ٻن جبلن جي
وچ تي، هڪڙي جهنگ ۾ هن جو گهرڙو هوندو هو، جتي
پنهنجي پاليل هنجهن جي ولر سان پئي حياتيءَ جا
ڏينهن ڪاٽيندي هئي.
ان جهنگ جي چوڌاري هڪ گهاٽو ٻيلو هوندو هو. ٻڍڙي صبح جو ساجهر،
پنهنجي ڪاٺ جي گهوڙين تي ٽيڪ ڏيندي، منڊڪائيندي،
منڊڪائيندي، ٻيلي ۾ ايندي هئي. اوهان سمجهندا
هوندا ته ويچاري ٻڍڙي ڀلا ڪهڙو ڪم ڪري سگهندي
هوندي، پر جڏهن هوءَ ٻيلي ۾ ايندي هئي، تڏهن
الائجي هن ۾ ڪٿان ڦڙتي ۽ چستي اچي ويندي هئي، ۽
هوءَ جوانن کان به وڌيڪ ڪم ڪندي هئي: اول ته
پنهنجي هنجهن لاءِ گاهه ڪندي هئي، ۽ پوءِ جهنگلي
ٻيرين کي ڌوڻي ٻير چونڊيندي هئي. گاهه جي هڪ وڏي
ڀري ۽ ٻيرن جي هڪ چڱي موچاري هڙ، اهو سمورو بار
اڪيلي سر، پنهنجي پٺن تي کڻي، گهر ڏانهن موٽندي
هئي.
هڪڙو ڏينهن خدا جو اهڙو ٿيو، جو هڪ سهڻو جوان اچي ان ٻيلي مان
لانگهائو ٿيو. هن کي سڄيءَ واٽ ۾ ماڻهو ڇيڻو ڪو نه
نظر آيو. اوچتو سندس نظر وڃي هن پيرسن ٻڍڙيءَ تي
پيئي، جنهن گوڏا کڙيو، پنهنجي ڏاٽي سان ويٺي گاهه
لڻيو. گاهه جي هڪ وڏي ڀري اڳيئي سندس پاسي ۾ رکي
هئي، ۽ جهنگلي ناسپاتين ۽ صوفن سان ڀريل ٻه کاريون
به ڀر ۾ رکيون هيس.
سهڻي جوان چيس، ”امڙ، تون هيترو سارو بار ته هرگز کڻي ڪين
سگهندينءَ؟“
ٻڍڙيءَ چيو، ”ابا، لاچار اهو مون کي ئي کڻڻو آهي. سُکين ماڻهن
کي ته انهن شين جي گهرج ئي ڪانهي، پر اسان غريبن
کي غريب ڪڙمين واري اها چوڻي ته ”اهو ڪي ڪجي، جو
آئيءَ ويل ڪم اچي.“ تنهن موجب سڀ ڪجهه پاڻ کي ئي
ته ڪرڻو آهي، پر ڀلا، تون ڪا مدد ڏينم؟“
هن جوان کي ٻڍڙيءَ تي ڏاڍو ترس آيو، سو چيائينس ته ”امڙ، منهنجو
پيءُ ڪڙمي برابر ڪونهي. آئون هڪڙي شاهوڪار نواب جو
پٽ آهيان پر متان تون سمجهين ته ايترو بار رڳو
ڪڙمي ئي کڻي سگهندا آهن، ان ڪري آئون تو کي اها
ڀري کڻايو ٿو هلان.“ ٻڍڙيءَ چيو، ”جي تون مون کي
مدد ڪندين،ته آئون تنهنجي ڏاڍي ٿورائتي ٿينديس،
منهنجو گهر به هتان ڪلاڪ کن جي پنڌ تي آهي، پر تو
کي انهيءَ ڀريءَ سان گڏ هي ٻه کاريون به کڻي
هلڻيون پونديون.“
جوان جو اهو ٻڌو ته ٻه ٻه ويس، ڇهه به ويس.“ گهڻيئي بهانا ڳولڻ
لڳو، پر ٻڍڙي اصل مڇڏو ٿي لڳيس، جيسين هو ريڙهه
پيڙهه ڪري، تيسين گاهه جي ڀري کڻي پٺن تي
ٻڌائينس،۽ مٿان ڪلهن تي وري ٻيئي کاريون رکي
ڇڏيائينس.
”ڏس ته ڪهڙو نه هلڪڙو بار آهي!“ ٻڍڙي چوڻ لڳي، پر جوان رڙ ڪري
چيو ته ”نه ٻيلي نه، هرو ڀرو بار کڻڻ برابر سولو
ڪينهي.“ جوان جو مهانڊو ئي پيلو ٿيندو ويو، ۽ چوڻ
لڳو ته ”هيءُ گاهه جي ڀري ته اهڙي ڳري آهي، ڄڻ ته
منجهس جبل جون ڪي ڇپون ٻڌيون پيون آهن، ۽ هي صوف ۽
ناسپاتيون به اهڙيون ڳريون ٿيون ڀائنجن، جو ڄڻ ته
انهن مان هڪ هڪ شيهي جي ٺهيل آهي!“
هُن انهيءَ بار منجهان جند ڇڏائڻ لاءِ گهڻائي مٿا مونا هنيا، پر
ٻڍڙيءَ کيس ساهي پٽڻ به نه ڏني.
ٻڍڙيءَ پاڻ ٽوڪون ڪندي کلندي، چوڻ لڳي، ”ڏسو نه سهي، مهانڊي جو
ههڙو ملوڪ،ننڍو نيٽو جوان، ايترڙو بار به نٿو کڻي
سگهي، جيڪو هڪ پيرسن ٻڍڙيءَ، سوين دفعا پئي ڍوئيو
آهي!“
جيستائين ٿڌ جو وقت ۽ سنئون سنواٽو ميدان هو، تيسين ته هو اها
مصيبت ڀوڳيندو آيو، پر جڏهن جبل جو رستو شروع ٿيو،
۽ کيس مٿي چڙهڻو پيو، ۽ ڏينهن به اچي تتو، تڏهن ته
اچي سهڪيءَ ورتس. هن جي پيرن هيٺان ننڍڙا پٿر
ائين ٿي ٿڙيا، ڄڻ ته ڪي ساهوارا هئا. جيئن جيئن
اتاهون چڙهندو ويو، تيئن تيئن سندس طاقت جواب ڏيڻ
لڳي. نرڙ تان پگهر وهي، ڀرن ۽ اکين ۾ اچيو ٿي پيس
۽ سڄي بدن ۾ اچي رڦڻي پيس.
آخر ٻڍڙيءَ کي ليلائي چيائين، ”امڙ، هاڻ ته مون کان وک به ڪا نه
ٿي کڄي. ڀلائي ڪري ڇڏينم ته ساهي پٽي وٺان؟“ پر هن
بيرحم ڏائڻ کي اصل مٿس رحم نه آيو، ۽ چيائين ته
”هرگز نه، گهر پهچي تون بيشڪ هلي ساهي پٽجانءِ، ۽
ٿڪ ڀڃجانءِ، وک وڌاءِ ته هلي پهچون. اها ورزش پاڻ
تنهنجي لاءِ سٺي آهي.“
نوابزادي خارن مان چيو، ”وڏي ڪا بيشرم ڏائڻ ٿي ڏسجين- وڻواند
رن!، ائين چئي، هن بار کي ڦٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
ڀَري سندس ڪلهن سان سوگهي ٻڌل هئي سو چوري به ڪين
سگهيو.
ٻڍڙي هن جي انهيءَ هلت تي ٽهڪ ڏيئي کلڻ ۽ پنهنجي ڪاٺ جي گهوڙين
تي ٽيڪ ڏيئي نچڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي:
”منهنجا ملوڪ جوانڙا، هروڀرو ڪاوڙج نه، صبر سان پنهنجي بار کي
گهر تائين پهچاءِ، ته آئون تو کي چڱو انعام
ڏينديس.“
ڀلا، هو ويچارو ڪري به ڇا ٿي سگهيو. مُٺيءَ به ماٺ، مِٺيءَ به
ماٺ وانگر صبر سان هن جو ظلم سهندو هلندو هليو.
هوءَ اڳي کان اڳري، خوش ٿيندي هلندي هلي، ۽ هن
ويچاري جي پٺي بار کان هڄندي ويئي. اوچتو ٻڍڙي ٽپ
ڏيئي، ڀريءَ جي مٿان چڙهي ويهي رهي. هوءَ هئي ته
سڪل ڪاٺيءَ جهڙي سنهي ۽ ضعيف پر وزن ۾ ڪنهن ڳوٺاڻي
سَگهيءَ زال کان به ڳري هئي. ويچاري جوان جا گوڏا
جهڪي ويا، ۽ ڏڪڻ لڳا، پر ٻڍڙي پنهنجي گهوڙيءَ
وانگر هن کي لتن سان جانور وانگر هڪليندي رهي. مس
مس ڪري، ٻڍڙيءَ جي گهر اچي پهتو، جتي جوان ٿڪ کان
ذري گهٽ اچي پٽ تي ڪِريو.
جڏهن هنجهن ٻڍڙيءَ کي ايندو ڏٺو، تڏهن پنهنجا پرڙا ڦهلائي،
ڳچيون ڊگهيون ڪري، ”وون- وون“ ڪندا اچي هن جي آڏو
بيٺا. انهيءَ ولر جي پويان لٺ هٿ ۾ جهليؤ، هڪ
ڇوڪري به پئي آئي، قد جي ڊگهي، ۽ بدن جي سگهاري
هئي، پر شڪل ۾ بدصورت هئي، جهڙي اوندهه.
ٻڍڙي ٽپ ڏيئي جوان جي ڪلهن تان لٿي، ۽ نوابزادي جي جند ڀريءَ ۽
کارين مان آزاد ڪيائين. پوءِ هن کيس ڏاڍين مهربان
نظرن سان ڏٺو، ۽ وڻندڙ آواز ۾ چيائينس ته ”هن صندل
تي ٿي ويهه، ۽ ساهي پٽ. گهڙيءَ کان پوءِ آئون تو
کي تنهنجي ايمانداريءَ جي پورهي لاءِ انعام
ڏينديس.
پوءِ هن هنجهن واري ڇوڪريءَ ڏي منهن ڪري چيو، ”پياري ڌيءَ، تون
هلي اندر ويهه. هڪڙي ملوڪ مهانڊي جي جوان سان
تنهنجو اڪيلائيءَ ۾ ويهڻ نٿو سونهي، متان تو تي
هرک نه هاري ويهي.
نوابزادي جي من ۾ ڳالهه آئي ته ٻڍڙيءَ جي انهيءَ ڳالهه تي ٽهڪ
ڏيئي کلي يا روئي. ”واه جو حسن اٿس!“ هن دل ئي دل
۾ ٽوڪ ڪندي چيو: ”هن کان به جي ٽيهه سال ننڍي هجي،
تڏهن به هوند آئون ساڻس شادي نه ڪريان!“
هوڏانهن ٻڍڙيءَ پنهنجي هنجهن کي ائين ٿي کارايو پياريو، ۽ سندن
ٽهل ٽڪور ڪئي، ڄڻ ته ڪي ننڍڙا ٻالڪ هئا. پوءِ هوءَ
ڇوڪري به پويان گهر ۾ هلي ويئي.
ٻڍڙيءَ جي گهر اڳيان صوفن جو هڪ وڻ بيٺو هو. ان جي ٿڌيءَ ڇانوَ
۾ هڪ صندل پيو هو. نوابزادي خيال ڪيو ته گهڙي کن
صندل تي ليٽي ٽنگو سڌيون ڪريان، بهار جي ٿڌڙي هير
پئي لڳي. هن جي چوڌاري هڪ وڏو سبز چراگاهه هو،
جنهن ۾ جهنگلي گلاب، ٽانگر ۽ ٻيا به هزارين قسمن
جا گل ڦل رنگ لايو بيٺا هئا.
”واه جو نظارو آهي!“ نوابزادي دل ۾ چيو، - ”پر الا، ٿڪجي ته
ڪهڙو پيو آهيان. اکيون ئي پورجيو وڃن: گهڙيءَ لاءِ
ننڊ ڪري وٺان ته من ٿڪ ڀڄي.“
هو اڃا گهڙي به ڪين ستو هو، ته ٻڍڙيءَ اچي جاڳايس. ”ابا، اُٿ!
هاڻ تو کي هتي بنهه ترسڻ نه گهرجي. مون کي معاف
ڪجئين جو مون تو کي تڪليف ڏني آهي. اچي هان، هي وٺ
پنهنجو انعام، دولت جي تو کي ته گهرج ئي ڪانهي،
انهيءَ ڪري هيءَ سوکڙي ٿي ڏيانءِ“ ٻڍڙيءَ هن کي
قيمتي پٿر مان جڙيل هڪ خوبصورت دٻلي ڏيندي چيو:
”هن سوکڙيءَ جي سر سان سنڀال ڪجانءِ، هيءَ تو کي
وڏي ڪم ايندي!“
نوابزادو ٽپ ڏيئي اٿيو. ۽ پاڻ کي بلڪل چاق چڱو ڀلو ڏٺائين. سندس
ٿَڪ ٻَڪ الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويا هئا.ٻڍڙيءَ جا
ٿورا مڃي، اُٿي راهي ٿيو. وڃڻ وقت ٻڍڙيءَ جي ڌيءَ
کي پڇاڙيءَ جو ڀيرو ڏسڻ لاءِ منهن به ڪين
ورايائين.
ٽي ڏينهن، ٽي راتيون پنڌ ۾ لڳي ويس، آخر جهنگ کان ٻاهر اچي
پهتو. هلندو وڃي، هلندو وڃي، تان جو هڪ وڏيءَ
ولايت ۾ اچي پهتو. اتي ماڻهو کيس سڃاڻندا ڪين هئا،
ان ڪري جهلي شاهي محل ۾ وٺي آيس، جتي بادشاهه ۽
راڻي تخت تي ويٺا هئا. نوابزادي گوڏو ڀڃي سلام
ڪري، اها قيمتي پٿر جي دٻلي کڻي راڻيءَ جي قدمن ۾
رکي.
راڻيءَ هن کي اُٿي بيهي سندس هٿ ۾ اِها دٻلي ڏيڻ جو حڪم ڪيو.
راڻيءَ دٻلي کولي اڃا منجهس نهاريو ئي مس ته مٿان
ٿي ڪِري پيئي، ۽ ڏندڻجي ويئي، ۽ درٻار ۾ گوڙ مچي
ويو.
هڪدم نوابزادي کي گرفتار ڪري وڃي قيد ۾ هنيائون. گهڻي گهڻي دير
کان پوءِ، راڻيءَ اک پٽي، ۽ واڪو ڪري چييائين ته
”انهيءَ ماڻهوءَ کي سڏي اچو.“ پوءِ سڀني درٻارين
کي حڪم مليو ته درٻار مان اُٿي وڃن، جو راڻيءَ
هن سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ ٿي گهريو.
جڏهن راڻي نوابزادي سان اڪيلي ڳالهائڻ ويٺي ته اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي،
۽ اوڇنگارون ڏيئي چوڻ لڳي ته ”منهنجي لاءِ هيءُ
تاج تخت ۽ شان شوڪت ڪهڙي ڪم جا، جو آئون روزانو
صبح جو اُٿڻ مهل ڳڻتيءَ ۽ ڏک کان سواءِ ٻيو ڪجهه
ڪين ٿي ڏسان! ٻڌ، مون کي ٽي نياڻيون هيون، انهن
منجهان جيڪا سڀ کان ننڍي هئي، سا ته سونهن سوڀيا
جو هڪ معجزو هئي، هن جي حسن جي ڪهڙي واکاڻ ڪريا:
لعلن جهڙي لاکيڻي هئي، برف جهڙو گورو رنگ، صوفن
جهڙا گلابي ڳل، ۽ سندس وار ته ڄڻ سج جي ڪرڻن وانگر
پيا بکندا هئا. جڏهن هوءَ روئندي هئي، تڏهن سندس
لڙڪ، موتي ۽ هيرا جواهر بڻجي پوندا هئا. آخر جڏهن
پندرهن ورهين جي ٿي، تڏهن بادشاهه پنهنجي ٽنهي
ڌيئرن کي پاڻ وٽ گهرايو، جيڏي مهل ننڍي نينگري
درٻار ۾ آئي، تڏهن درٻارين جا وات ڦاٽي ويا- ڄڻ ته
ڪو نئون سج اُڀريو هو. بادشاهه ٽنهي کي چيو:
”منهنجون پياريون ڌيئرون، آئون هاڻ اچي پوڙهو ٿيو
آهيان، الائجي ڪڏهن اکيون پورجي وڃن، سو اڄ آئون
اهو فيصلو ڪرڻ ٿو گهران ته منهنجي مرڻ تي اوهان
مان هر هڪ کي ڪيترو حصو ملندو. اوهين سڀ مون کي
ڀانيو ٿيون، پر جيڪا مون کي سڀ کان گهڻو گهرندي
هوندي، سڀ کان وڏو حصو ان کي ملندو. ”ٽنهي ڄڻين
چيو ته ”اسين اوهان کي نهايت گهڻو ٿيون گهرون.“
بادشاهه چين، ”مون کي مثال ڏيئي ٻڌايو ته پوءِ
آئون فيصلو ڪري سگهان ته ڪير مون کي ڪيترو ٿي
گهري!“ سڀ کان وڏي ڌيءَ چيو، ”آئون پنهنجي بابي کي
ماکيءَ کان به مٺو ٿي گهران.، وچينءَ چيو، ”آئون
پنهنجي ابي کي پنهنجي سڀني لباسن ۾ خوبصورت چولي
کان به گهڻو ٿي گهران.“ پر ننڍي نينگر مٺ ڪري بيٺي
رهي. تڏهن بادشاهه پڇيس، ”۽ تون، منهنجي پياري
ٻچڙي چئو ته مون کي ڪيترو ٿي گهرين؟“ ان تي ننڍيءَ
جواب ڏنو، ”بابا، آئون چئي نٿي سگهان، ۽ پنهنجي
پيار کي ڪنهن شيءَ سان ڀيٽ ڏيئي نٿي سگهان.“ پر
بادشاهه زور رکيس ته ڪيئن به هوءَ ڪنهن شيءَ جو
نالو ضرور وٺي. تنهن تي ننڍڙيءَ چيو: ”بابا، جيڪي
سڀن کان سٺا طعام هوندا آهن، تن ۾ به لوڻ کان
سواءِ لذت نه ٿيندي آهي، آئون پنهنجي ابي کي لوڻ
جيترو ٿي گهران.“ بادشاهه جو اهو ٻڌو ته باهه ٿي
ويو، ۽ چيائين ته ”جيڪڏهن تو کي منهنجي پيار کي
ڀيٽڻ لاءِ لوڻ کان سٺو ڪو لفظ ئي نٿو ملي، ته پوءِ
تو کي ان جو انعام به لوڻ سان ملندو.“ پوءِ ته
بادشاهه پنهنجو راڄ ٻنهي وڏين ڌيئرن ۾ ورهائي
ڇڏيو، ۽ ننڍڙيءَ کي لوڻ جي ڳوڻ پٺن سان ٻڌائي، ٻن
نوڪرن سان گڏي، هڪ ڀوائتي جهنگ ۾ موڪلي ڇڏيائين،
جتي هن کي اڪيلو ڇڏي، نوڪر موٽي آيا. بادشاهه ترت
ئي پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍائيءَ تي پشيمان ٿيو، ۽ گهڻائي
ماڻهو کيس ڳولڻ لاءِ ڊوڙايائين، پر هوءَ ويچاري
وڃڻ کي ويئي، ۽ وري ڪنهن کي به نظر نه آئي. اُهو
ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن، تون خيال ڪر ته جڏهن مون اها
دٻلي کولي، تڏهن مون ان ۾ هڪڙو موتي پيل ڏٺو، جيڪو
منهنجي ننڍڙي ڌيءَ جي لڙڪن جهڙو هو، منهنجيءَ دل
تي اُن وقت ڇا وهيو هوندو! ڀلائي ڪر، مون کي ڏس ڏي
ته تو کي هيءُ خزانو ڪٿان هٿ آيو!“
نوابزادي، راڻيءَ کي سڄي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ته اها دٻلي
کيس ٻڍڙيءَ کان ملي هئي، جيڪا هن جي خيال موجب ڪا
ڏائڻ هئي. باقي راڻيءَ جي وڃايل ڌيءَ بابت هن نڪي
ڪي ڏٺو، نڪي ٻڌو هو.
راڻيءَ ۽ بادشاهه پهه ڪيو ته هلي اُن ٻڍڙيءَ سان ملجي. هنن
خيال ڪيو ته جتان اهو موتي نوابزادي کي هٿ لڳو،
متان اُتي ڪو سندن نينگريءَ جو ڏس پار ملي وڃي.
هوڏانهن ٻڍڙي پنهنجي گهر ۾ ويٺي سٽ ڪتيو.اونداهي به گگهه لڳي
پيئي هئي. فقط هڪڙو بنڊ پئي ٻريو، جنهن مان ٿورڙي
روشني پئي آئي. اوچتو ٻاهر پکين جي ڦڙ ڦڙ جو آواز
آيو، ۽ ٻڍڙيءَ جا هنجهه جهنگ مان ڦري پنهنجي گهر ۾
آيا. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هن جي ڌيءَ- هنجهن واري
ڇوڪري به اندر لنگهي آئي. ٻڍڙيءَ هن کي ڏسي، رڳو
پنهنجو ڪنڌ لوڏيو، ڇوڪري به چرغو کڻي، اچي اُتي ئي
ويهي رهي. ۽ ويهي سُٽ ڪتڻ لڳي. ٻه ڪلاڪ برابر ٻنهي
گڏجي ويٺي سُٽ ڪتيو، پر پاڻ ۾ اکر به ڪين
ٻوليائون.
آخر دريءَ تي ڪجهه کڙڪو ٿيو، ۽ ڳڙکيءَ مان ٻن ڀواتين اکين ٿوري
جهاتي پاتي. اهو هڪ ٻڍڙو، چٻرو هو، جنهن پنهنجي
ٻولي ”هو هو“ ڪري، ٻڍڙيءَ جو ڌيان ڇڪايو. ٻڍڙيءَ
چيو. ”اما، هاڻ اٿ، ۽ وڃي ٻاهر پنهنجو ڪم ڪار ڪر.“
ڇوڪري اٿي ٻاهر هلي ويئي- پر ويئي ڪيڏانهن؟ چراگاهه لتاڙي،
هلندي ويئي، تان جو اچي ماٿريءَ ۾ پهتي. ماٿريءَ ۾
هڪڙو کوهه هوندو هو، جنهن جي پاسن کان ٽي وڏا بڙ
جا وڻ بيٺل هئا. هوءَ به کوهه وٽ اچي بيهي رهي،
چنڊ به جبلن کان چڙهي چانڊاڻ لائي ڏني، ۽ چوڏس
اهڙي روشنائي ڦهلجي ويئي، جو هوند سُئي به لڀي
پوي. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري پنهنجي منهن تان
هڪ سنهو نقاب لاهي، ورتو، ۽ پوءِ کوهه تي بيهي
وهنجڻ لڳي. جڏهن وهنجي لاتائين، تڏهن جنهن چمڙيءَ
کي پاڻيءَ ۾ ڌوتو هئائين، سا لاهي کڻي ڦٽي
ڪيائين، ۽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ بيهي بدن سڪائڻ
لڳي.خدا جي قدرت، هن جي صورت ئي مٽجي ٻي ٿي پيئي.
مٽيءَ لتل وارن جي بدران سون جهڙا چلڪندڙ وار سندس
ڪلهن تي لڙڪي پيا، سندس اکيون آسمان جي سهڻن سهڻن
ستارن وانگر چمڪڻ لڳيون ۽ سندس ڳل گلابي صوفن جيان
ٻهڪڻ لڳا.
پر ويچاري ڪا وڏي ڏکويل ٿي ڏٺي. هوءَ هيٺ گاهه تي ويهي رهي، ۽
ڏاڍي سوز مان سڏڪا ڀري روئڻ لڳي، ۽ لڙڪ سندس اکين
مان ڳڙندا ڌرتيءَ تي ڪرڻ لڳا. هوءَ اتي ڳچ دير
ويٺي رهي ها پر اوچتو پاسي واري وڻ جي ٽارين ۾
کڙڪو ٿيو. هوءَ اٿي هرڻيءَ وانگر ڀڳي، ڄڻ ڪو شڪاري
پٺيان پيو هوس. چنڊ به هڪ ڪاري ڪڪر ۾ لڪي ويو، ۽
ڇوڪري به پنهنجي اڳينءَ ڪاريءَ کل ۾ لڪي ائين گم
ٿي ويئي، ڄڻ ته باهه هئي. جا ڦوڪ ڏيڻ سان اجهامي
گم ٿي ويئي.
ڇوڪري ڏڪندي ڏڪندي، گهر آئي. ٻڍڙي دروازي تي بيٺي هئي، ڇوڪريءَ
ڀانيو ته کيس سڄي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايان، پر
ٻڍڙي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي، ۽ چيائين ته هن کي سموريءَ
ڳالهه جي اڳيئي خبر آهي، پوءِ اڱڻ ۾ وڃي، باهه ۾
هڪ ٻيو بنڊ به اڇلي وڌائين، سٽ ڪتڻ لاءِ چرخي کڻڻ
بدران، هوءَ ٻهارو کڻي، گهر جي صفائيءَ کي لڳي
ويئي.
”گهر ۾ سڀ ڪا شيءَ صفائيءَ سان هجڻ گهرجي.“ هن ڇوڪريءَ کي چيو.
ڇوڪريءَ تنهن تي پڇيس. ”پر اما، هيڏي سوير پئي
آهي، هي به ڪو ڪم جو وقت آهي! آخرڪر نئين ڳالهه
ٿيڻي آهي ڇا؟“
ٻڌڙيءَ چيو، ”خبر نه اٿئي ته هي وقت ڪهڙو آهي؟“
ڇوڪريءَ وراڻيو ته .آڌيءَ ٿيڻ ۾ ڪا محل باقي آهي- يارهن کن وڳا
هوندا!“
ٻڍڙيءَ تنهن تي کيس چيو، ”نه نه. ڇوڪري، تو کي اها ڳالهه خيال
۾ ئي ڪانهي ڇا ته اڄوڪي ڏينهن تي، توکي پورا ٽي
سال هتي رهندي ٿيا آهن، هاڻ تنهنجو وقت اچي ڀريو
آهي، ۽ هاڻ پاڻ ٻيئي گڏ رهي ڪين سگهنديونسين.“
ڇوڪري ويچاري سڄي ڏڪي ويئي ۽ روئندي چيائين، ”منهنجي مٺي اما،
ڇو ٿي تون مون کي ڦٽو ڪرين، منهنجو ٻيو ڪير آهي،
جنهن وٽ آئون وڃان!“
ٻڍڙيءَ ڇوڪريءَ کي سندس قسمت ٻڌائڻ نٿي گهري، سو چيائينس، ”ٻڌ،
مون کي هاڻ هت گهڻو وقت رهڻو ڪينهي، ۽ منهنجي وڃڻ
کان اڳ سڄو گهر صاف ٿي وڃڻ گهرجي، ان ڪري مون کي
ڪم ۾ نه رنڊڪ وجهه، تون ڊڄ نه، ڇا به ٿي پوي، تو
کي پنهنجو مٿو لڪائڻ لاءِ سڀ ڪي هوندو، جيئن آئون
چوان ٿي، تيئن ڪر پنهنجي ڪمري ۾ وڃ، ۽ پنهنجي ڪاري
کل ڌوئي لاهي ڇڏ، ۽ ريشمي وڳو پائي ويهه، جيڪو هت
اچڻ وقت تون پائي آئي هئينءَ، تون اتي ئي ويهي
رهجانءِ، پوءِ آئون پاڻيهي تو کي سڏ ڪنديس.“
هاڻ اچو ته بادشاهه ۽ راڻيءَ جي خبر وٺون، جيڪي نوابزادي سان
گڏجي، ٻيلي ۾ پنهنجي ڌيءَ کي ڳولڻ نڪتا هئا، هلندي
هلندي، نوابزادو، راڻيءَ ۽ بادشاهه کان ڇڄي جدا ٿي
ويو، ۽ اڪيلي سر ٻيلي ۾ ڀٽڪڻ لڳو. ٻئي ڏينهن هن
آخرڪار رستو ڳولي لڌو، ۽ ٻڍڙيءَ جي گهر ڏانهن هلڻ
لڳو. هلندي هلندي مٿان اچي رات پيس. خيال ڪيائين
ته متان اوندهه ۾ رستو وري ڀلجي وڃي. سو چڙهي ويو
هڪ وڻ تي، ته چار پهر رات جا اُتي سمهي گذاري.“
جڏهن چنڊ اڀريو، ۽ چوڏس چانڊاڻ ڦهلجي ويئي، تڏهن هن جبل کان
ڪنهن کي ايندو ڏٺو. هن سڃاتوته اها ساڳي هنجهن
واري ڇوڪري هئي، (جيتوڻيڪ هٿ ۾ اها لٺ نه هيس).
جيڪا هن ٻڍڙيءَ جي گهر ڏٺي هئي.
هن جڏهن ڇوڪريءَ کي کوهه وٽ اچي کل لاهيندي، وهنجندي ۽ پنهنجا
سهڻا سهڻا سونهري وار کوليندي ڏٺو، تڏهن حيرت کان
ڏندين آڱريون اچي ويس. هن سڄي ڄمار اهڙي سونهن ڪا
نه ڏٺي هئي. هن کي ساهه کڻڻ جي به همت نه پئي ٿي.
پر وڻ منجهان ڪنڌ ڊگهيري هن کي ڏسندو رهيو. شايد
هن ڏسڻ جي شوق ۾ جيئن ئي پنهنجو ڪنڌ ٿي ڊگهيريو،
ته جنهن ٽار تي پاڻ ويٺو هو، سو ٽڙڪي ٺڪاءُ ڏيئي
ڀڄي پيو. انهيءَ آواز تي انهيءَ صورت ۾ وري
پنهنجي ساڳي کل اوڍي، هرڻيءَ وانگي ڇال ڏيئي، اٿي
ڀڳي، چنڊ اڳيان به ڪارو ڪڪر اچي ويو، ۽ هوءَ هن جي
نظرن کان غائب ٿي ويئي.
نوابزادو به ٽپ ڏيئي وڻ تان لهي پيو، ۽ جنهن طرف هوءَ ويئي هئي،
اهو کڻي رخ رکيائين، اڃا ٿورو پنڌ ڪيائين ته راڻي
۽ بادشاهه به ملي ويس، جن به ٻڍڙيءَ جي گهر جي
دريءَ مان روشني ايندي ڏسي، اهو ساڳيو رستو ورتو
هو. نوابزادي کين سربستو قصو ڪري ٻڌايو ته ڪيئن هن
جي سامهون هڪ ڇوڪريءَ پنهنجي صورت بدلائي، بادشاهه
۽ راڻيءَ کي پڪ ٿي ويئي ته اها سهڻي ڇوڪري پڪ سان
سندن ڌيءَ هئي.
هو ڏاڍي خوشيءَ ۽ اميد منجهان اڳتي وڌڻ لڳا ۽ آخرڪار اچي ٻڍڙيءَ
جي گهر پهتا. ٻڍڙي چرخي تي ويٺي سٽ ڪتيو. اڱڻ ۽
آڳنڌ اهڙو ته اڇو اجرو، ۽ صاف سٿرو هو ڄڻ ته اتي
ڪي ننڍڙا پريزادا رهندا هئا، جن کي مٽيءَ جو ذرڙو
به ڏکيو لڳندو هجي. راڻيءَ ۽ بادشاهه همت ڪري
دريءَ جي ڪڙي کي ٿورو کڙڪايو.
ٻڍڙي ته ڪا اڳيئي هنن لاءِ ترسيو ويٺي هئي. سا هڪدم اُٿي، ۽
پنهنجائپ سان چيائين ته ”اندر لگهي اچو، مون کي
خبر آهي ته اوهين ڪير آهيو.“
جڏهن هو لنگهي اندر آيا، تڏهن ٻڍڙيءَ کين چيو ته ”جيڪڏهن اوهين
اڄ کان ٽي سال اڳي پنهنجي پياري ۽ مٺڙي ڌيءَ سان
بي انصافي نه ڪريو ها، ته اڄ اوهان کي هيڏو سارو
اڻانگو سفر ڪين ڪرڻو پوي ها. هوءَ ويچاري ڪهڙي نه
سهڻي ۽ سٻاجهي آهي، پر اصل ۾، اوهان هن کي ڪو
ڇيهو ڪو نه رسايو آهي. ٽي سال هن منهنجي هنجهن کي
پاليو آهي، ۽ انهيءَ عرصي ۾ هن جي دل پاڪ ۽ معصوم
رهي آهي. پر هن جي جدائيءَ ۾اوهان کي جيڪا اون ۽
ڏک ڏسڻا پيا آهن، اها ئي اوهان کي ڪافي سزا ملي
آهي.“ ائين چئي هو اندر ڪوٺيءَ ۾ وڃي چوڻ لڳي ته
”او ننڍڙي شهزادي، هاڻي ٻاهر هلي اچ.“
دروازو کليو، ۽ شهزادي پنهنجي ريشمي وڳي ۾ ٻاهر نڪتي. هن جا
سهڻا سونهري وار چمڪي رهيا هئا، ۽ سندس روشن اکيون
۽ صوفن جهڙا ڳاڙها ڳل، جهلڪا ڏيئي رهيا هئا.
بادشاهه ۽ راڻي پنهنجي وڃايل ڌيءَ کي ڳراٽيون پائي
چمڻ لڳا، ۽ خوشيءَ کان سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي
آيا.
نوابزادو به ڀر ۾ ئي بيٺو هو، شهزاديءَ جو ان کي ڏٺو، تڏهن لڄ
کان سڄو منهن گلاب جي گل جهڙو ڳاڙهو ٿي ويس،
بادشاهه چوڻ لڳس، ”منهنجي پياري ڌيءُ، مون پنهنجو راڄ ڀاڳ ته
اڳيئي وصيت ڪري تنهنجي ٻنهي ڀينرن کي ڏيئي ڇڏيو
آهي. هاڻ توکي ڇا ڏيان؟“
ٻڍڙي چوڻ لڳي، ”هن کي ڪنهن به شئي جي گهرج ڪانهي. آءٌ هن کي
سندس اهي لڙڪ واپس ڏينديس، جيڪي هن اوهان جي لاءِ
ڳاڙيا هئا. اهي املهه موتي آهن، ۽ سمنڊ مان لڀندڙ
موتين کان وڌيڪ خوبصورت آهن. ۽ سوين راڄ ڀاڳ خريد
ڪري سگهن ٿا. هن جيڪا منهنجي خدمت چاڪري ڪئي آهي،
ان جي عيوض پنهنجي طرفان به هڪ سوکڙي ڏينديس.“
ٻڍڙيءَ اڃا ڳالهه ڪري بس مَسَ ڪئي ته گهر جون ڀتيون لڏڻ لڳيون ۽
امالڪ ٻڍڙي هنن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويئي. جان
کڻي چوڌاري ڏسن ته ٻڍڙيءَ جي ننڍڙي گهر جي بدران،
هُو هڪ عاليشان محلات ۾ بيٺا هئا،۽ اُتي هڪ وڏي
ميز پئي هئي، جنهن تي ست رڇي طعام ڍاڪن ۾ ڍڪيا پيا
هئا، نوڪرياڻيون ۽ ٻانهيون پئي هيڏانهن هوڏانهن
ڊوڙيون.
آکاڻي اڃا وڏي آهي، پر منهنجي ٻڍڙي نانيءَ (جنهن کان مون اها
آکاڻي ٻڌي هئي) جي يادگيري اهڙِ پڪي ڪا نه هئي، ان
ڪري باقي آکاڻي هن کان به وسري ويئي. پر منهنجي
خيال موجب، شهزاديءَ جي شادي اُن نوابزادي سان ٿي
ويئي، ۽ هو ٻيئي انهيءَ محلات ۾ آرام ۽ خوشيءَ جي
زندگي گذارڻ لڳا.
باقي اها سا خبر نٿي پويم ته ٻڍڙيءَ جي گهر ۾ جيڪي هنجهه هئا،
تن جو ڇا ٿيو. پر منهنجي راءِ موجب، اصل ۾ اهي ڪي
ٻانهيون ۽ نوڪرياڻيون هيون، جيڪي ٻڍڙيءَ ڪنهن پاڻ
سان آنديون هونديون، ۽ جي پوءِ مٽجي انسان ٿي
پيون، ۽ ننڍڙي راڻيءَ جي خدمت چاڪري ڪرڻ لڳيون.
ايتري سا البت پڪ آهي ته اها ٻڍڙي ڪا ڏائڻ ڪا نه
هئي، پر هڪ ڏاهي زال هئي، جنهن جي حياتيءَ جو
مقصد هو ڀلائي ڪرڻ. ائين به ٿي سگهي ٿو، انهيءَ
ٻڍڙيءَ ئي شهزاديءَ جي ڄمڻ وقت هن کي اها ڏات بخشي
هجي ته سندس اکين مان لُڙڪن بدران موتي ڳڙندا هئا.
|