سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب: --

صفحو :16

بيٺو. پريو مڙس به هن کي جاچڻ لاءِ سنداڻ مٿان ٿي بيٺو. سندس اڇي ڏاڙهي پئي سنداڻ تي لڙڪي، جوان نينگر کڻي ڪهاڙيءَ جو ڌڪ هنيو ته سنداڻ ئي چيرجي ٻه اڌ ٿي پيو. ۽ پرئي مڙس جي ڏاڙهي سُڪ سوگهي ٿي  ويئي، هن واڪو ڪري چيو، ”هاڻ تون منهنجي چنبي ۾ آهين- ۽ مرڻ جو وارو به تنهنجو آهي؟“

پوءِ لوهه جي هڪ لٺ کڻي اچي جو پوڙهي کي ورتائين، ته هڏ گڏ ڀڃي سوڙها ڪري وڌائينس، پرئي مڙس جي دانهن پئي پَئي- گهڻيئي واسطا وڌائينس، پر نينگر نه ڇڏيس. جڏهن پوڙهي انجام ڪيس ته جي مون کي جيئندان ڏين ته تو کي مال خزانن سان ڍئي ڇڏيندس، تڏهن مس وڃي نينگر جند ڇڏيس، ۽ ڪهاڙو ڇڪي سندس ڏاڙهي آزاد ڪيائين.

پريو مڙس وري کيس قلعي ۾ وٺي ويو، ۽ اُتي کيس سون سان سٿيل ٽي ديڳيون ڏيکاريائين- ۽ چيائينس. ”هڪڙي غريبن ۽ مسڪينن لاءِ، هڪڙي بادشاهه لاءِ، ۽ هڪڙي تنهنجي لاءِ آهي.

اوچتو گهڙيال ٻارهن جا ٺڪاءَ هنيا، ته اهو جنڙو گم ٿي ويو- ۽ جان ڏسي ته مار! آئون اَڪيلو اوندهه ۾ بيٺو آهيان. دل ۾ چيائين ”هٿوراڙيون ڏيئي مڙئي ٻاهر پهچي وڃجي. ”نيٺ اتان هٿوراڙيون ڏيندو اچي ساڳي ڪوٺيءَ ۾ پهتو، ۽ مچ جي ڀر وٺي سمهي پيو.

صبح ٿيو ته بادشاهه به اچي سهڙيو. ۽ چيائينس، ”ابا، آئون سمجهان ٿو ته هاڻ تون ڀؤ سکي ويو هوندين؟“

جوان جواب ڏنو، ”ته سائين، اها ته الائجي اڃا ڪهڙي بلا آهي؟ رات هڪ پريو مڙس آيو هو، تنهن سون جون ديڳيون  سي ڏيکاريون، باقي ڀؤ ڪرڻ ته ان به ڪين سيکاريم!“

بادشاهه چيو، ”خير، جيڪي ٿيو  هو سو ٿيو، هاڻ تو قلعي جو جادو  ٽوڙيو آهي. سو آئون وعدي موجب ڌيءَ تو سان پرڻائڻ لاءِ تيار آهيان.“

نينگر چيو، ”اها ته اوهان جي عنايت آهي، پر افسوس، آئون ڀؤ اڃا ڪين سکي گهيس!“

پوءِ قلعي مان بادشاهه جي حڪم سان سون به  کڄي آيو، ۽ جوان مڙس جي شادي به خير سان شهزاديءَ سان ٿي ويئي. جوان پنهنجي زال سان ڏاڍو خوش هو، ٻئي هڪ ٻئي کي ڏاڍو ڀائيندا هئا، پر هن کي هميشه اهو ارمان رهيو ۽ شوڪارو ڀَري چوندو هو، ”شل ڪو مون کي ڀؤ ٿئي! مَنَ ڪو مون کي ڀؤ ٿئي!“ هن جي زال ٻڌي ٻڌي آخر ڪڪ ٿي پيئي، سو پنهنجي خاص ٻانهيءَ کي گهرائي، سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس. اها ٻانهي ڏاڍي سياڻي هوندي هئي، تنهن ڳچ وقت سوچڻ کان پوءِ چيو ته ”هن جو علاج آئون پاڻيهي ٿي ڳوليان. ڏسج ته ڪيئن ٿي  ڀؤ ڪرڻ سيکاريانس.“

ڇا ڪيائين جو باغ مان جيڪا ڪَسي وهندي هئي، ان مان ڏول پاڻيءَ جو ڀري آئي، جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون ڪُرڙيون ۽ ڏيڏريون پئي تڙڳيون، پنهنجي مالڪڻ کي چيائين ته ”جڏهن سندس مڙس رات جو سمهي ۽ گَهري ننڊ وٺي وڃيس، تڏهن اتانس چادر لاهي، اهو پاڻي کڻي مٿان اوتينس، جيئن اهي ڪرڙيون ۽ ڏيڏريون اچي سندس بدن تي پون.“

شهزاديءَ هڪ رات ٻانهيءَ جو ڏسيل ڪم ڪيو، ته جوان ڇرڪ ڀري جاڳي پيو، ۽ وٺي رڙيون ڪيائين، ”الا الا، مون کي ڀؤ ٿو  ٿئي، مون کي ٿڙڪڻي ٿي ٿئي- هو هو هو، مون کي الائجي ڇو ٿو ڀؤ ٿئي. پياري شهزادي مون توبهه ڪئي، مون کي هاڻ خبر پئي آهي ته ڀؤ ڪيئن ٿيندو آهي!“

 

داناءُ سيمرغ

(سيمرغ هڪ خيالي پکيءَ کي چوندا آهن، جنهن لاءِ چون ٿا ته سندس منهن عقاب پکيءَ جهڙو، ۽ بدن شينهن جهڙو هوندو هو.)

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙيءَ ولايت ۾ ڪنهن سمي هڪڙو بادشاهه هو. هن کي پٽ ڄمندو ئي ڪو نه هو. البت هڪڙي نياڻي هوندي هيس، سا به سدائين بيمار رهندي هئي، گهڻيئي حڪيم طبيب آيا ويا، پر ڪو به سندس علاج ڪري نه سگهيو.

هڪ لڱا، هڪڙي ڏاهي، بادشاهه کي چيو ته ”جيڪڏهن شهزاديءَ کي  فلاڻي قسم جا صوف کارائجن ته يڪدم اهو روڳ ڇڏي ويندس. بادشاهه پڙهو گهمايو ته  جيڪو به شخص اهي صوف شهزاديءَ لاءِ آڻيندو، جنهن جي کائڻ سان شهزادي چڱي ڀلي ٿي پوي. ان کي شهزاديءَ جو سڱ ڏنو ويندو.“

پڙهو ٻڌي هڪڙي هاريءَ پنهنجي ٽن پٽن مان وڏي کي چيو ته ”ابا، پنهنجي باغ ۾ جيڪو سڀ کان سٺو صوفن جو وڻ آهي، ان مان صوف پٽي، ٽوڪرو ڀري قلعي ۾ کڻي وڃ. شايد انهن صوفن مان شهزادي چڱي ڀلي ٿي پوي. پوءِ ته تنهنجي شادي شهزاديءَ سان ٿيندي، ۽ تون بادشاهه بڻجي پوندين.“

نينگر صوفن جو ٽوڪرو ڀري، قلعي ڏانهن اُسهيو، هلندو وڃي، هلندو وڃي ته واٽ تي هڪڙو ٻڍڙو شخص مليس، ٻڍڙي پڇيس، ”ابا، ٽوڪريءَ ۾ڇا پيو کنيو وڃين؟“

نينگر جنهن جو نالو عيسو هو، تنهن جواب ڏنو ”ڏيڏر!“ ٻڍڙي چيو ”ابا شل ائين ئي ٿيندو!“ ائين چئي، ٻڍڙو پنهنجي راهه وٺي رمندو رهيو- عيسو جڏهن قلعي جي دروازي تي پهتو، تڏهن پهريدار کي چيائين ته هن شهزاديءَ جي روڳ جو علاج ڪرڻ وارن صوفن جو ٽوڪرو آندو آهي، بادشاهه کي پهچائڻو آهي.  دربان وڃي بادشاهه سان ڳالهه ڪئي. بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. پر ٽوڪري کي کڻي کولين ته ڏسن ته ان ۾ رڳو ڏيڏر پيا هئا. بادشاهه کي ڏاڍي مٺيان لڳي، ۽  حڪم ڏنائين ته هن کي لتون هڻي قلعي مان تڙي ڪڍن. ويچارو عيسو دربانن جون لتون جهلي، اچي گهر پهتو، ۽ پيءُ کي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايائين.

 

هاريءَ وري پنهنجي وچين پٽ موسيٰ کي موڪليو، پر ان به ڪو ٻوٽو ڪين ٻاريو. واٽ تي اهو ساڳيو ٻڍڙو مليس، جنهن پڇيس ته ٽوڪريءَ ۾ ڇا پيو کنيو وڃين. موسيٰ جواب ڏنو، ”کيکڙا!“

موسو جڏهن قلعي وٽ پهتو ته دربان کي چيائين ته بادشاهه جي ڌيءَ لاءِ صوف آندا اٿم، جيڪي شهزاديءَ کي پڪ چڱو ڀلو ڪندا.

دربان چيس ته اڳي به هڪڙو ماڻهو ٺڳي ڪري ويو هو، جيئن هن ڀيري ٺڳي نه ٿئي.

موسيٰ هن کي سونهن قسم  کڻي پڪ ڏياري ته هن ٽوڪريءَ ۾ صوف  آندا آهن، رڳو هن کي اندر وڃڻ جي موڪل ڏئي.  دربان موڪل ڏنيس، بادشاهه پنهنجي اڳيان ٽوڪري کي کولايو، پر ڇا ڏسن ته سڄو  کيکڙن سان ڀريو پيو هو. بادشاهه  باهه ٿي ويو. ۽ حڪم ڏنائين ته هن کي سؤ چهبڪ هڻي، قلعي مان تڙي ڪڍي ڇڏين. موسو ويچارو به موچڙا جهلي اچي گهر پهتو، ۽ پيءُ کي سربرستي ڳالهه ڪري ٻڌايائين.

هاريءَ جو جيڪو ننڍو پٽ هو، ان کي سڏيندا ئي هئا ”ڳهيلو خميسو.“ هن کي به قسمت آزمائڻ جو شوق جاڳيو، سو پيءُ کي چيائين ته صوفن کڻي وڃڻ لاءِ هن کي به موڪل ڏئي.

پڻس کلي چيو: ”واه واه، باقي تون وڃي بچيو آهين، جنهن کي موڪلجي! تنهنجا ڀائر پڳون ٻڌي آيا، باقي تون کٽي ايندين!

خميسي پيءُ کي موڪل ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي آزيون نيزاريون ڪيون، پر پڻس چيس ”ڳهيلا، پهرين ڀل ته تو ۾ ڪو عقل اچي، پوءِ اهڙيون  ڇسيون ڳالهيون ڪج، هينئر ماٺ ڪري وڃي ويهه، مون کي ڪڪ نه ڪر“

پر خميسو اصل مڇڏو ٿي لڳس، ۽ پويان لڳو ويس. قميص جي پلاند کي جهلي ليلڙاٽيون ڪري چيائينس، ”بابا، مون کي وڃڻ جو ڏاڍو شوق  آهي، ڀلائي ڪري موڪل ڏينم!“

پيءُ چيس: ”ابا، چڱو، جيئن وڻيئي تيئن وڃي ڪر، پر اها سا مون کي به پڪ آهي ته جيڪو حال هنن ٻن جو ٿيو، تنهنجو به اهڙو ئي، پاڻ وڌيڪ خراب حال ٿيندو.“

نينگر جو ڏٺو ته بابو مڃي ويو، سو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ خوشيءَ وچان ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳو. اهو ڏسي پڻس چيس ته ”اها ته آهي تنهنجي ڳهيلپ، جو نَچڪارو پيو پويئي. مون جيڪي سمجهيو هو، تون ته ان کان به وڌيڪ بيوقوف ٿو ڏسجين.“

پر خميسي اها ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڇڏي، ۽ خوشي خوشيءَ وڃي سمهي رهيو. خوشيءَ وچان ننڊ ئي نه اچيس، ٿوري اک لڳيس ته طرح طرح جا خواب ڏسڻ لڳو- سهڻيون سهڻيون شهزاديون ، محل محلاتون، ۽  سون چانديءَ جا انبار ڏسڻ ۾ آيس.

پرهه ڦٽيءَ جو اٿي، باغ مان صوف پٽي، قلعي ڏانهن اسهيو، واٽ تي اهو ساڳيو ٻڍڙو مليس، جنهن پڇيس ته ٽوڪريءَ ۾ ڇا کنيو  اٿيئي، خميسي هڪدم جواب ڏنو ”چاچا، شهزاديءَ جي علاج لاءِ صوف کڻيو ٿو وڃان.“

انهيءَ بندرڙي ٻڍي شخص چيس، ”ابا، ائين ئي ٿيندو.“ خميسو، جو قلعي ۾ پهتو ته ڪنهن به چڱي منهن ڪين ڳالهايس، سڀيئي چوڻ لڳا ته هن وري ڇا آندو هوندو- هن جي ٽوڪريءَ ۾ صوفن هجڻ تي ڪنهن به اعتبار ڪو نه ٿي ڪيو. سو چيائونس ته ”ٻه ڄڻا اڳيئي بادشاهه جي حضور ۾ گستاخي ڪري ويا آهن- ۽ صوفن جي بدران ڏيڏرن ۽ کيکڙن جا ٽوڪرا ڀري آيا هئا!“

خميسي جيئن تيئن، منٿون ميڙون ڪري هنن کي يقين ڏياريو ته هو بادشاهه کي هرگز ڪين ٺڳيندو، ۽ هن جن صوفن جو ٽوڪرو ڀري آندو هو، اهڙا صوف سموري بادشاهيءَ ۾ ڪين هئا، خميسي جو منهن مهانڊو به اهڙو ته معصوم ۽ سدورو هو، ۽ ڳالهايائين به نهايت فضيلت سان پئي- سو سڀني کي يقين ٿي ويو ته هو ڪوڙ ڪو نه ٿو ڳالهائي. دربان هن کي بادشاهه جي حضور ۾ پيش ڪيو. ۽ بادشاهه جان کڻي ٽوڪرو کولي ته منجهس ڳاڙها ڳاڙها سهڻا صوف پيا هئا. بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. ۽ انهن مان ڪجهه سٺا داڻا چونڊي شهزاديءَ ڏي کڻي ويو. شهزاديءَ اڃا  ٻه ٽي صوف مس کاڌا ته چڱي ڀلي ٿي پيئي. ٻانهيءَ ڊوڙي اچي بادشاهه کي اها خوشخبري ٻڌائي. ايتري ۾ خود شهزادي به اچي درٻار ۾ پهتي ۽ بادشاهه کي ٻڌايائين ته اڃا پهرئين صوف جي ڦار وات ۾ وڌائين، ته سندس روڳ لهي ويو، ۽ خوش چڱي ڀلي ٿي بيماريءَ جي بستري تان اُٿي.

سڄي ملڪ ۾ شادمانيون ٿي ويون. بادشاهه جي خوشيءَ جي حد نه  رهي، پر جڏهن خميسي کي شهزاديءَ جي ٻانهن ڏيڻ جي ڳالهه ياد پيس، تڏهن منهن لَهي ويس، ڀلا ههڙي ڳنوار کي ڪيئن پنهنجي لعلن جهڙي شهزادي ڏئي، سو وٺي بهانا تراشڻ شروع ڪيائين- ۽ خميسي کي چوڻ لڳو ”شهزاديءَ سان تنهنجي شادي تڏهن ڪرائيندس، جڏهن تون مون کي اهڙي ٻيڙي ٺاهي آڻي ڏيندين، جيڪا پاڻيءَ تي به هلي، ته خشڪيءَ ۾ به هلي.“

خميسي لاچار اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ پنهنجي گهر اچي پيءُ کي سمورو احوال سربستو ڪري ٻڌايائين.

ٻڍڙي هاريءَ  وري ڇا ڪيو جو هڪدم پنهنجي وڏي پٽ عيسي کي موڪليائين ته ٻيلي ۾ وڃي، اها ٻيڙي ٺاهي اچي. عيسو ڏاڍو خوش ٿيو. ۽ نچندو ٽپندو ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ ٻيلي ۾ اچي پهتو. ڪم ڪندي مٿان اچي منجهند ٿيس، اُس به اهڙي تکي هجي، جو ڪانوَ جي اک پئي نڪتي. ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ هڪ بنڊ تي ٿي ويٺو ته  ڇا ڏسي ته اهو ساڳيو ٻڍڙو ڏانهنس پئي آيو، جيڪو بادشاهه ڏانهن صوف کڻي وڃڻ وقت واٽ تي گڏيو هوس،

ٻڍڙي پڇيس. ”ابا، ڇا پيو ٺاهين؟“

عيسي وراڻيو ”ڪاٺ جون ڏويون!“ ائين چئي وري پنهنجي ڪرت کي لڳي ويو. دل ۾ ائين پئي سمجهائين ته اجهو ٿو ٻيڙي ٺاهي راس ڪريان، پر جڏهن ڪم پورو ڪري جان کڻي نظر ڪري ته مار، هن جي اڳيان ته فقط ڪاٺ جون ٻه ڏويون پيون هيون!

ٻيو  ڏينهن ٿيو ته موسو به سهي سنڀري نڪتو، ٻيڙي ٺاهڻ، پر هن  سان به اهو حال ٿيو، جيڪو عيسي سان ٿيو هو،

ٽئين ڏينهن ڳهيلي خميسي کي مس مس موڪل ملي. خميسو ٻيلي ۾ اچي اورچائيءَ سان بيهي ٻيڙي ٺاهڻ تي محنت ڪرڻ لڳو- ۽ دل ئي دل ۾ خوش پئي ٿيو. ٽاڪ منجهند مهل، اهو ساڳيو ٻڍڙو  خميسي وٽ آيو، ۽ پڇيائينس: ”ابا، ڇا پيو ٺاهين؟“

خميسي وراڻيو: چاچا، ٻيڙي ويٺو ٺاهيان، جيڪا پاڻيءَ تي به هلي، ۽ خشڪيءَ ۾ به هلي، ۽ جيڪڏهن آئون اها ٺاهي ويس ته پوءِ شهزاديءَ سان شادي ڪري، بادشاهه بڻبس.

ٻڍڙي چيو: ”ابا، شل ائين ئي ٿيندو!“

ڪم ڪندي ڪندي مٿان اچي سانجهي ٿيس، جڏهن ٻيڙي ٺهي تيار ٿي ويئي، تڏهن خميسو ٽپ ڏيئي منجهس چڙهي ويٺو، ۽ ٻيڙي هلائيندو شهر ۾ اچي پهتو.

بادشاهه پريان ئي کيس ايندو ٺو. عجب ۾ پئجي ويو ۽ چيائين ته مار! هي جوان ته ٻيڙي به ٺاهي آيو. سو وري ٻيو بهانو ٺاهي چيائينس ته ”هاڻي منهنجا سؤ سَها، صبح کان آڌيءَ رات تائين ويهي سنڀال، پر جي انهن مان هڪڙو به تو کان ڀڄي ويو، ته پوءِ تو کي شهزاديءَ جو سڱ ڪين ملندو“

صبح ٿيو ته خميسو سهن کي سنڀالڻ ويهي رهيو. ڏاڍي خبرداريءَ سان چوڪسي رکندو آيو ته متان ڪو سهو هيڏانهن هوڏانهن نڪري وڃي. ٿورو وقت گذريو ته بادشاهه جو هڪ نوڪر وٽس اچي پهتو، ۽ هڪڙي سهي جي گهُر ڪرڻ لڳو. بهانو اهو ڏنائين ته بادشاهه وٽ ڪي اوچتا مهمان اچي ويا آهن، سو انهن جي مانيءَ ۾ سهي جو ٻوڙ ٺهندو.

خميسو سمجهي ويو ته اها رڳي چالاڪي هئي، سو چيائينس ته ”بادشاهه کي وڃي منهنجا سلام ڏي، ۽ چئينس ته مهمانن کي سڀاڻي سهو رڌائي کارائجو.“

پر نوڪر نه مڙيو، ۽ سهي لاءِ ضد ٻڌي بيهي رهيو. آخر ڪڪ ٿي خميسي چيو ته ”جيڪڏهن شهزادي پاڻ اچي مون کان سهو گهري ته اکين سان هڪڙو سهو کيس ڏيندس.“

نوڪر اڃا مَسَ پٺ ڏني ته اهو ٻڍڙو وري خميسي وٽ آيو، ۽ اچي چيائينس ته ”ابا، ڇا ويٺو ڪرين؟“

خميسي جواب ڏنس، ”چاچا، بادشاهه جا سؤ سها ويٺو سنڀاليان، جيڪڏهن هڪڙوسهو به سنڀال مان نڪري ويو، ته مون کي شهزاديءَ جو سڱ ڪين ملندو.“

ٻڍڙي چيس. ”ابا، هي توتاڙي اٿيئي: جيڏيءَ مهل ڏسين ته ڪو سهو گم ٿي ويو آهي، اوڏيءَ مهل هيءَ توتاڙي وڄائيندين ته جهٽ پٽ اهو سهو موٽي ايندو.“

گهڙيءَ کان پوءِ شهزادي پاڻ خميسي وٽ آئي، ۽ اچي سهو گهريائينس، خميسي رومال ۾ سهو ٻڌي کڻي شهزاديءَ کي ڏنو، پر شهزاديءَ اڃا سئو وکون به ڪين کنيون  هيون ته خميسي وٺي اها توتاڙي وڄائي. هن جو توتاڙي وڄائڻ،۽ سهي جو رومال کان کسڪي ڀڄڻ.

اڌ رات ٿي ته خميسي وري به توتاڙي وڄائي خاطري ڪئي ته سؤ ئي سها سلامت هئا. پوءِ سڀني کي هڪليندو بادشاهه جي محلات پهتو. بادشاهه کي تپرس وٺي ويو ته هن ڪيئن سؤ سها، هڪڙي به سهي وڃائڻ کانسواءِ، سلامت سنڀاليا هئا.

پر اڃا به شهزاديءَ جي ٻانهن ڏيڻ تي دل نه پئي چيس، سو هن ڀيري وري کيس ”داناءُ سيمرغ“ جي پڇ جو هڪ کنڀ آڻڻ جو شرط وڌائين.

الهه توهار ڪري، خميسو داناءُ سيمرغ جو کنڀ هٿ ڪرڻ لاءِ سهي سنڀري نڪتو. هلندو وڃي هلندو وڃي. مٿان اچي رات پيس. رات جا چار پهر مٿو لڪائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين، ته پري کان هڪ قلعو نظر چڙهيس، انهن ڏينهن ۾ مسافر خانا ته هوندا ئي ڪين هئا، لنگهي ويو قلعي جي مالڪ وٽ، ۽ کيس رات جا چار پهر گذارڻ جي موڪل ڏيڻ لاءِ منٿ ڪيائين، قلعي جي مالڪ پڇيس ته هو ڪهڙي ڪم سان نڪتو آهي. خميسي جواب ڏنس ته ”داناءُ سيمرغ ڏانهن ٿو وڃان.“

قلعيدار حيرت مان پڇيس، ”الا، ڇا تون  سچ پچ داناءُ سيمرغ ڏي پيو وڃين؟ ٻڌو اٿم ته هو وڏو غيب جو ڄاڻو آهي. ۽ هر ڳالهه جي خبر اٿس. ٻيلي، منهنجو هڪڙو ڪم نه ڪري اچين ته تنهنجي ڀلائي ٿيندي. منهنجي خزاني جي ڪنجي وڃائجي ويئي آهي- ان جو ڏس پڇيو اچج.“

”وڏيءَ خوشيءَ سان پڇي ايندو سانس، تون دلجاءِ رک.“ صبح جو ساجهر، هو وري اٿي پنڌ پيو. ان ڏينهن به هڪ ٻئي قلعي ۾ اچي رات پيس. ماڻهن جو ٻڌو ته هو داناءُ سيمرغ ڏانهن ٿو وڃي، سو منجهانئن ٻن  ڄڻن زال- مڙس اچي کيس چيو ته سندن نياڻي سدائين بيمار ٿي گذاري. گهڻن ئي  حڪيمن طبيبن جو علاج ڪرايو هوسون، پر بيسود. داناءُ سيمرغ کان جي هو، اُن لاءِ ڪنهن سُتيءَ ڦڪيءَ جو ڏس پڇي ايندو ته سندس ڀلائي.

خميسي انهن سان به انجام ڪيو، ۽ وري اٿي پنڌ پيو. هلندو وڃي، هلندو وڃي، تان جو هڪڙي ڍنڍ جي ڪناري تي اچي پهتو، اتي ڪو پتڻ ته هو ئي ڪو نه، البت هڪڙو وڏو ڊگهو،  ٿنڀ جهڙو مضبوط شخص ماڻهن کي پنهنجي ڪلهن تي چاڙهي، ڍنڍ پار اُڪاريندو هو. انهيءَ ماڻهوءَ، خميسي کان پڇيو ته تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟

خميسي جواب ڏنو، ”داناءُ سيمرغ ڏانهن.“

ماڻهوءَ وري چيو، ”خير، جي داناءُ سيمرغ ملي ئي ته ڀلائي ڪري منهنجي پاران کانئس هي پڇج ته آخرماڻهن کي ڍنڍ پار اڪارڻ جي مصيبت مون تي ڇو پئي آهي؟“

خميسي چيو ”چڱو آئون پڇيو ايندس.“

پوءِ ته ان ماڻهوءَ کڻي ڪلهن تي کنيس، ۽ وڃي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀَر ڇڏيائينس، اتان خميسو هلندو هلندو اچي سيمرغ جي  قلعي ۾ پهتو. سيمرغ پاڻ گهر ۾ ڪين هو، سندس مادي ويٺي هئي. ماديءَ پڇيو ته تو ڪهڙي ڪم لاءِ هتي آيو آهين؟

خميسي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايس، پهرين ته هن کي سيمرغ جي پڇ جو کنڀ گهربو هو، ۽ ٻيو ته هن کي خزاني جي وڃايل ڪنجيءَ جو ڏس پڇڻو هو، ٽيون ته هن کي هڪ بيمار ڇوڪريءَ جي علاج جو ڏس پڇڻو هو، چوٿون ته هن کي سوال جو جواب کپندو هو ته هن ڊگهي ٿلهي ماڻهوءَ کي پتڻ تي ماڻهن کي ڪلهن تي چاڙهي اڪارڻي ڇو ٿي پئي. سيمرغ جي ماديءَ چيو ”نينگر، سيمرغ ڪنهن به ماڻهوءَ سان سنئين منهن ڳالهائيندو ئي ڪونهي، جيڪو به سامهون آيس، تنهن کي ڌمڪائڻ لڳندو آهي. پر، جيڪڏهن تون ڪوشش ڪرڻ گهرين ٿو ته پوءِ هيئن ڪر، جو تون هن جي کٽ هيٺان لڪي وڃي ويهي رهه، ۽ جيڏيءَ مهل هو اچي کٽ تي ليٽي، تڏهن تون لڪي پڇ مان کنڀ پٽي وٺينس، باقي رهيا تنهنجا سوال، سي آءٌ پاڻيهي حرفت سان پڇنديسانس،.

رات جو جڏهن داناءُ سيمرغ گهر آيو، تڏهن هڪدم رڙ ڪري چيائين ”آدم بوءِ، ! هن ڪوٺيءَ مان آدم بوءِ پيئي اچي!“

ماديءَ چيو ”هائو هائو، تون بلڪل سچ ٿو چوين، ٿورو وقت اڳ هڪ ماڻهو برابر آيو  هو، پر اڃا اڳڀرو هليو ويو.“

سيمرغ کڻي چپ ڪئي.

آڌيءَ آسرُ مهل خميسي ڏٺو ته سيمرغ ننڊ ۾ کونگهرا پيو هڻي، سو دل جهلي پڇ مان هڪ کنڀ پٽي ورتائينس.

سيمرغ ڇرڪ ڀري جاڳي پيو  - ۽ ماديءَ کي چيائين: ”ٻڌين ٿي، مون کي اڃا به آدم بوءِ پئي اچي، مون کي پڪ آهي ته هت ڪو آدم جو ٻچڙو لڪل آهي، مون کي ائين به محسوس ٿيو ته ڪنهن منهنجي پڇ کي وٺي ڇڪ ڏني.“

ماديءَ چيو ”ماريا، ڪو خواب لڌو هوندوءِ. اهو ته مون تو کي اڳيئي ٻڌايو ته هڪڙو ماڻهو برابر آيو هو، پر ويو هليو. الائجي ڪنهن خزاني جي ڪنجيءَ جي ڳالهه پئي ڪيائين ته وڃائجي ويئي هيس ۽ ڪنهن کي به خبر ڪا نه ٿي پئي ته ويئي ڪاڏي.“

داناءُ سيمرغ چڙ مان چيو: ”وڏا ڪي احمق آهن، دروازي جي پٺيان جيڪو ڪاٺ جو گدام اٿن، ان ۾ هڪ بنڊ هيٺان پيئي آهي!

”هن هڪ ڇوڪريءَ جي بيماريءَ جي به ڳالهه ٿي ڪئي، جنهن جا ويچارا مائٽ علاج ڪري ڪري ٿڪجي پيا هئا، پر چڱي ڀلي ڪا نه ٿي ٿئي.“

”وڏا ڀوڪ آهن: سندن ڏاڪڻ هيٺان جيڪا ڪوٺي آهي، ان منجهه هڪڙي پکيءَ ڇوڪريءَ جي وارن منجهان آکيرو ٺاهيو آهي. سو جي اهي وار نينگريءَ کي واپس ملن ته چڱي ڀلي ٿي پوندي!“ سيمرغ چڙ  منجهان چيو.

”هن ماڻهوءَ هڪ ٿنڀ  جهڙي ٿلهي ماڻهوءَ جي به ڳالهه ٿي ڪئي، جيڪو ماڻهو کي ڪلهن تي چاڙهي ڍنڍ اڪاريندو آهي. هن ٿي پڇيو ته اهو ڪم ڪرڻ لاءِ هن کي ڇو مجبور ڪيو ويو آهي؟“

”اهو ته ڪو ڳهيلو ڀوڪ آهي:جيڪڏهن هو ڪنهن ماڻهوءَ کي کڻي، جڏهن سير ۾ پهچي تڏهن اتي کڻي ڇڏيس، ته پوءِ هو ماڻهن کي کڻڻ کان هميشه لاءِ ڇٽي پوندو!“ سيمرغ چيو.

صبح ٿيو ته سيمرغ ننڊ مان اٿي ٻاهر هليو ويو. خميسو به رڙهي کٽ  هيٺان نڪري ٻاهر ٿيو. هو خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپي، جو هن کي پنهنجي سوالن جا جواب سولائيءَ سان ملي ويا ۽ سيمرغ جي پڇ جو کنڀ به ملي ويس.

سيمرغ جي زال وري به کيس سوالن جا جواب ورائي ٻڌايا ته جيئن پڪ ٿئيس، ۽ وسري نه وڃنس.

خميسي الله توهار ڪري پنهنجي واٽ ورتي. سڀ کان پهرين ڍنڍ تي ٿنڀ جهڙي ٿلهي ماڻهوءَ وٽ پهتو، جنهن ڀريندي ئي کانئس پنهنجي سوال جو جواب پڇيو. ”مون کي هن ڀر پهچاءِ، ته پوءِ تنهنجي سوال جو جواب ٻڌايانءِ. ”خميسي کيس جواب ڏنو.

جڏهن هن ڪلهي تي چاڙهي هن پار پهچايس، تڏهن ٻڌايائينس ته جيڪڏهن تون ڪنهن ماڻهوءَ کي وچ سير ۾ کڻي ڇڏي ڏين، ته هميشه لاءِ ماڻهن کي کڻڻ کان ڇٽي  پوندين.“

اهو ٿنڀ جهڙو  ٿلهو ماڻهو ايترو ته خوش ٿيو، جو خميسي کي چيائين ته جي هن جي مرضي هجي، ته کيس وري ٻيءَ ڀَر پهچائي، خميسي چيو، ”نه ڀائو، ڀلائي تنهنجي، جو اها مهرباني ٿو ڏيکارين. پر آئون پنهنجي گهربل پاسي پهچي ويو آهيان. ۽ اهو ئي منهنجي لاءِ بس آهي.“

اتان هلندو هلندو اچي ان قلعي ۾ پهتو، جتي بيمار ڇوڪريءَ جي مائٽن کيس سوال ڪيو هو.

هن ڇوڪريءَ جي مائٽن کي اها ڪوٺي ڏيکاري، اتي جا کڻي ڏسن ته برابر هڪڙي پکيءَ جو آکيرو هو، اتان سمورا وار ڪڍي ڇوڪريءَ کي ڏنائون ته ڇوڪري ٽپ ڏيئي اٿي ويٺي، ۽ ڪيڏانهن ويئي بيماري، ڪيڏانهن ويس روڳ. ڇوڪريءَ جا مائٽ ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ خميسي کي دل کولي سوکڙيون سوغاتون ڏنائون.

اتان ٿيندو وري ان قلعي ۾ پهتو، جنهن جي مالڪ خزاني جي ڪنجي وڃائي هئي. هن هڪدم اهو ڪاٺ جي گدام ۾ بنڊ ڳولي، ان جي هيٺان ڪنجي کڻي قلعيدار جي هٿ تي رکي، قلعي جو مالڪ بيحد خو ٿيو، ۽ خميسي کي خوب انعامن اڪرامن سان نوازيائين.

خميسو جڏهن اهي سوکڙيون پاکڙيون ۽ خزانو ساڻ کڻي بادشاهه وٽ  پهتو، تڏهن بادشاهه تپرس ۾ پئجي ويو، ۽ پڇيائينس ته ”اهي ڪٿان آنداءِ؟“

خميسي جواب ڏنو ته ”اهو سڀ ڪجهه مون کي داناءُ سيمرغ کان مليو هو.“ بادشاهه کي اچي شوق جاڳيو ته داناءُ سيمرغ سان پاڻ وڃي ملاقات ڪري. هو سهي سنڀري سيمرغ سان ملڻ لاءِ نڪتو، پر جڏهن  ڍنڍ وٽ پهتو، تڏهن ٿنڀ جهڙي ٿلهي ماڻهوءَ کيس ڪلهن تي چاڙهي آڻي وچ سير ۾ ڦٽو ڪيو. بادشاهه ويچارو غوطا کائيندو ٻڏي مري ويو.

اها خبر جڏهن قلعي ۾ پهتي، تڏهن خميسو شهزاديءَ سان شادي ڪري، بادشاهي سنڀالڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com