هڪ – اَکي، ٻه- اَکي، ۽
ٽه- اَکي ڇوڪريون
ڪنهن سمي، هڪ زال هئي، جنن کي ٽي ڌيئرون هيون، جن ٽنهي مان
وڏيءَ کي هڪ- اکي سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته هُن کي فقط
هڪ اک هئي، ۽ اُها سندس نراڙ جي وچ ۾ هئي. کانئس
ننڍيءَ کي ٻه اکيون هيون، جهڙيون ٻين انسانن کي
آهن، ۽ ان کي ٻه اکي سڏيندا هئا، ۽ ٽِين، جا ٽنهي
کان ننڍي هئي، تنهن کي ٽه- اکي چوندا هئا، ڇاڪاڻ
جو هُن کي ٻه اکيون ٻين عام ماڻهن وانگر هيون، ۽
ٽين اک، وڏيءَ ڀيڻ وانگر هن کي پڻ نراڙ جي وچ ۾
هئي. عام ماڻهن ۽ ٻن اکين واريءَ ڇوڪريءَ جي وچ ۾
ڪو به تفاوت ڪو نه هو، تنهن ڪري هوءَ پنهنجي ماءُ
۽ ڀينرن کي اصل ڪين وڻندي هئي: هُو، هن کي چونديون
هيون، ”جهڙيون ٻين کي ٻه اکيون، تهڙيون تو کي،
جهڙا هو، تهڙي تون- تون اسان جو هڏ رت نه آهين!“
سڄو ڏينهن گهر جي توڙي ٻاهرئين ڪم ڪار ۾ به هن کي
پيون ڊوڙائينديون هيون. پاڻ نوان قيمتي ڪپڙا پهري،
هن کي پنهنجي بت جا لٿل پراڻا ڪپڙا پارائينديون
هيون، ۽ کائڻ لاءِ هن کي سڄي گهر جا بچيل سچيل
ڀورَ مانيءَ جا اڇلائي کڻي ڏينديون هيون، مطلب ته
جيڪو به ڏک ۽ تڪليف هن کي ڏيئي سگهنديون هيون،
تنهن ۾ هو ڪا به گهٽتائي ڪا نه ڪنديون هيون.
گهر ۾ ٻهاري سهاري ڪرڻ سان گڏ، ٻه- اکي نينگر کي هر روز ٻڪريءَ
کي به ٻاهر نيئي چارڻو پوندو هو، پر سندس ڀينرون
هن کي ايترو ٿورو کاڌو ڏينديون هيون، جو هوءَ
هميشه اڌ بُکي رهندي هئي. هڪ دفعي ڇا ٿيو، جو هوءَ
هڪ دڙي تي ويهي رهي ۽ بک اهڙو اچي ورايس، جو وٺي
روئڻ شروع ڪيائين، ۽ ايترو ته رنائين، جو اکين
مان ڳوڙها نارا ڪري وهڻ لڳس. روئي روئي، اوچتو
مٿي کڻي جو نهاري ته ڇا ڏسي، جو هڪ زال سندس ڀر ۾
بيٺي آهي! زال پڇيس. ”ٻه- اکي، تون ڇو ٿي روئين؟“
ٻن اکين واريءَ نينگر جواب ڏنو، ”ڇو نه آئون روئان؟ منهنجيون
ٻين عام ماڻهن وانگر ٻه اکيون آهن، ۽ انهيءَ سبب
ڪري مون کي منهنجون ڀينرون ۽ منهنجي ماءُ سهي
نٿيون سگهن. مون کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پيون ٿيلهين
۽ لوڌين: سڄي گهر جا ٿانوَ ائون ڌوئان، ٻهاري آئون
ڪڍان ۽ کائڻ لاءِ اوبر سوبر هڻن منهنجي منهن ۾!
پورو پيٽ ڀريو کاڌو به ڪو نه ٿو مليم. اڄ ته مون
کي ايترو ٿورو کائن واسطي ڏنائون جو گرهه به پورو
ڪين ٿيم!“
هن ڏاهيءَ عورت جواب ڏنو ته ”ننڍڙي ٻه- اکي نينگري، هيءُ رومال
وٺ ۽ ان سان پنهنجو منهن اُگهي ڇڏ! آئون تو کي
هڪڙو ڏس ٿي ڏيان، جو تو کي هن کان پوءِ بک ڪڍڻ جو
ضرور ئي ڪو نه ٿيندو. فقط پنهنجي ٻڪريءَ کي هي لفظ
چئو:
ننڍڙِ ننڍڙي ڇيلڙي، ڪر تون پنهنجي ٻي ٻي،
ننڍڙي ننڍڙي ميز ڙي، ماني منهنجي ڏي ڏي!
ته انهيءَ گهڙيءَ تازو ٺهيل کاڌو ميز تي کڄي تنهنجي سامهون اچي
ويندو، ۽ پوءِ تون ان سٺي لذيذ طعام مان جيترو
وڻيئي اوترو کائج ۽ جڏهن کائي پيٽ ڀرين، ۽ ڀانئين
ته ميز هٽي وڃي ته فقط چئج:
ننڍڙي ننڍڙي ڇيلڙي، بس ڪر تنهنجي ٻي ٻي،
ننڍڙي ننڍڙي ميز ڙي، واپس ماني ني ني!
ته تنهنجي اڳيان کاڌي سوڌي ميز گم ٿي ويندي“
اهي لفظ هن کي چئي، هوءَ ڏاهي زال هلي ويئي.
ٻه- اکي ڇوڪريءَ خيال ڪيو ته ”هن ڳالهه جو مون کي آزمودو وٺڻ
گهرجي، ۽ خبر پوي ته جيڪي هن زال چيو، سو سچ پچ
ائين آهي يا نه، ۽ مون کي بک به ڏاڍي لڳي آهي.“
اهو خيال ڪري، ڇوڪريءَ چيو:
ننڍڙِ ننڍڙي ڇيلڙي، ڪر تون پنهنجي ٻي ٻي،
ننڍڙي ننڍڙي ميز ڙي، ماني منهنجي ڏي ڏي!
اڃا اهي لفظ چئي پورا ئي مس ڪيائين، ته ڏسي ته سندس اڳيان
اَڇي پوش سان ڍڪيل، هڪ ننڍي ميز پيئي آهي، ۽ ان
تي چاڪون. ڪانٽو، چانديءَ جو چمچو، ۽ ٿالهي رکيل
آهن. جن جي چوگرد لذيذ قسمن جا گرم ئي گرم طعام
پيا آهن، ۽ انهن مان اهڙيءَ طرح ٻاڦ پيئي نڪري،
جو، ڄڻ بلڪل هينئر بورچيخاني مان کڄي آيا آهن.
پوءِ ته ٻه- اکي ڇوڪريءَ، دعا گهري نه گهري، جهڙي- تڙ تڪڙ :
خدا وند تون ئي ٿو کاڌو ڏين،
تنهنجا ٿورا ڪيترا ڳڻيا!
دعا جا اهي لفظ يڪساهيءَ اُچاري، ويهي کائڻ شروع ڪيو. ۽ سچ پچ
ته دل کولي کاڌائين، جڏهن کائي لاتائين، تڏهن جيڪي
لفظ هن ڏاهيءَ سيکاريا هئس سي اُچاريائين:
ننڍڙي ننڍڙي ڇيلڙي، بس ڪر پنهنجي ٻي ٻي،
ننڍڙي ننڍڙي ميز ڙي، واپس ماني ني ني!
ائين چوڻ سان ميز ۽ جيڪي مٿس رکيل هو، سو سڀ غائب ٿي ويو. ”هي
ته واه جو عمدو نمونو گهر جي ڪم جي بندوبست جو
آهي!“ ٻن اکين واريءَ خيال ڪيو، ۽ ڏاڍي خوش ۽ سرهي
ٿي.
شام جو جڏهن هوءَ ٻڪريءَ کي وٺي گهر موٽي، ته ڏٺائين ته هڪ ننڍي
ٺڪر جي پيالي ۾ سندس ڀينرن هن لاءِ کاڌو وجهي رکيو
آهي، پر هِن ان کي هٿ به نه لاتو. ٻئي ڏينهن هوءَ
وري به ٻڪريءَ کي وٺي چارڻ هَلي ويئي، جيڪي ٿورا
جُوٺا ڀورَ هن واسطي ڀيڻن پاسي ڪري رکيا هئا، اُهي
اتي ئي ڇڏي ويئي.
پهرئين ۽ ٻئي ڀيري ته ڀيڻن کي انهيءَ ڳالهه بابت خيال ئي ڪو نه
ٿيو، پر جڏهن ڏٺائون ڏينهنِ پٺيان ڏينهن لاڳيتو،
ٻه- اکي مانيءَ کي هٿ به ڪا نه ٿي لائي. تڏهن
ويچار ٿين ته ڳالهه ۾ مڙيو ئي ڪجهه آهي، اڳي جيڪي
به ڏبو هوس، سو سڀ کائي صفا ڪري ڇڏيندي هئي، ۽
هاڻي رڳو اُن ڏانهن نهاري به ڪين ٿي! هن شايد
کاڌي جو ٻيو ڪو وسيلو پيدا ڪيو آهي. اهو ويچار
ڪري، هڪ – اکيءَ ارادو ڪيو ته ”ٻه- اکيءَ سان ٻڪري
چارڻ جو بهانو ڪري، آئون به گڏجي وينديس، ۽
جاچيندس ته هو ڪاڏي اچي وڃي ته ڪا نه ٿي، يا ڪو هن
جي واسطي کاڌو ۽ پاڻي ته ڪٿان ڪو نه ٿو اچي!“
جڏهن ٻن اکين واري نينگريءَ، ٻئي ڏينهن ٻڪريءَ کي ٻهرايو، ۽ پاڻ
به ان جي پٺيان هلڻ لڳي، تڏهن سندس هڪ- اکي ڀيڻ
وٽس ويئي ۽ کيس چيائين ته ”آئون به تو سان اڄ
هلنديس، ڏسان ته تون ٻڪريءَ کي چڱيءَ طرح چارين
ٿي، يا ان کي مرڳو اهڙي هنڌ وٺي ٿي وڃين، جتي اُن
جي چَرڻ پِيئڻ لاءِ ڪو گاهه پاڻي ئي نه آهي!“
ٻه- اکي نينگر سمجهي ويئي ته هڪ- اکيءَ جي اصلي مراد ڪهڙي هئي،
تنهن ڪري هوءَ ٻڪريءَ کي هڪليندي هڪليندي، اتي وٺي
ويئي، جتي وڏو گاهه بيٺل هو ۽ چيائينس ته ”هڪ-
اکي ڀيڻ، اچ ته هتي ٻيئي گڏجي هڪ هنڌ ويهون، آئون
تو کي هڪ راڳ ٿي ڳائي ٻڌايان. ”هڪ اکيءَ اتي جو
اتي ويهي رهي. ڇاڪاڻ ته ايڏيءَ آس ۽ ڪاڙهي ۾ ايتري
پنڌ ڪرڻ تي هوءَ هريل ڪا نه هئي، ۽ ايترو ٿڪجي
ٽُٽي پيئي هئي، جو هڏ هڏ پئي سور ڪيس، پوءِ ٻن
اکين واريءَ نينگريءَ ويهي مٺي مٺي آواز سان هيءُ
گيت ڳايو:
”ٻه- اکي ڀيڻ جاڳي پئي!
هڪ – اکي ڀيڻ سمهي پئي!“
انهيءَ تي هڪ- اکيءَ ڇوڪريءَ جون اکيون ٻوٽجي ويون، ۽ کيس ننڊ
کڻي ويئي جڏهن ٻن اکين واريءَ ڏٺو ته هوءَ گهريءَ
ننڊ ۾ آهي، ۽ هن کي ڪا به خبر ڪا نه پوندي، تڏهن
هوءَ چوڻ لڳي:
ننڍڙي ننڍڙي ڇيلڙي، ڪر تون پنهنجي ٻي ٻي،
ننڍڙي ننڍڙي ميزڙي، ماني منهنجي ڏي ڏي!
۽ پوءِ لڳي کاڌي کي، ننڍڙيءَ ميز تي ويهي، کائي پي ڍؤ ڪيائين.
پڇاڙيءَ ۾ چيائين:
ننڍڙي ننڍڙي ڇيلڙي، بس ڪر پنهنجي ٻي ٻي،
ننڍڙِ ننڍڙي ميز ڙي، واپس ماني ني ني!
۽ سڀ ڪجهه اتان هڪدم ائين گم ٿي ويو، ڄڻ اتي ڪجهه هو ئي ڪونه.
پوءِ ٻن اکين واريءَ، هڪ- اکيءَ کي ننڊ مان سجاڳ
ڪري چيو ته ”تون اچين ٿي ٻڪريءَ جي سنڀال ڪرڻ، پر
اچيو سمهيو رهين- ڀلي پئي ٻڪري جتي وڻيس اُتي
ڀٽڪي! اچ ته هاڻي واپس گهر هلون!“
پوءِ ته ٻيئي موٽي گهر ويون، ۽ وري به ٻن اکين واريءَ پنهنجي
کاڌي جي ٿالهيءَ کي هٿ به نه لاتو، ۽ هڪ- اکيءَ
کان ماڻس کي ڪي به ڪين معلوم ٿي سگهيو، ته ٻه-
اکيءَ ڇو نٿي ماني کاڌي! هڪ- اکيءَ کان جڏهن
پڇيائون تڏهن جواب ڏنائين، ”مون کي ته ٻاهر هوا ۾
ننڊ کڻي ويئي.“
ٻئي ڏينهن ماءُ ٽن اکين واريءَ کي چيو، ”هن ڀيري تون وڃ، ۽ چڪاس
ڪر ته ٻن اکين واري گهر کان ٻاهر کائي ٿي يا نه،
ڪو ٻيو ماڻهو کيس ماني ۽ پاڻي آڻي ٿو ڏئي ڇا؟ ڇو
ته هوءَ آخر هوا تي ته ڪا نه جيئندي هوندي!“
انهيءَ تي ٽه- اکي ڇوڪري، ٻن اکين واريءَ وٽ اچي بيهي چيو،
”آئون به تو سان هلنديس ته ڏسان ته ٻڪريءَ جي پوري
سنڀال ڪرين ٿي، ۽ جتي چارو ججهو آهي، اتي وٺي
وڃينس ٿي يا نه.“
پر ٻن اکين واريءَ ته هن جي نيت سمجهي ورتي ۽ ٻڪريءَ کي جتي وڏو
گاهه بيٺو هو. اتي ڪاهي ويئي، ۽ چيائين، ”ٽه- اکي
ڀيڻ! پاڻ هلو ته هن هنڌ تي ويهون: آئون تو کي هڪڙو
مٺو مٺو راڳ ڳائي ٿي ٻڌايان.“
ٽن- اکين واريءَ ته سج جي تپش ۽ پنڌ ڪري ٿڪجي پيئي هئي، تنهن
ڪري اتي جو اتي ويهي رهي، ۽ ٻن اکين واريءَ به اهو
ساڳيو راڳ ڳايو: ته ”ٽه – اکي ڀيڻ جاڳي پيئي! ڇو
ته کيس ڳائڻ گهربو هو ته ”ٽه- اکي ڀيڻ سمهي پيئي!“
تيئن نه ڳايائين، پر بيخياليءَ ۾ چئي ويٺي، ”ٻه-
اکي ڀيڻ سمهي پيئي!“ ۽ اهڙيءَ طرح، گيت جون هي ٻه
سٽون وري وري ڳائيندي رهي:
ٽه- اکي ڀيڻ جاڳي پيئي!
ٻه- اکي ڀيڻ سمهي پيئي!
انهيءَ تي ٽه- اکيءَ پنهنجون ٻه اکيون بند ڪري سمهي رهي، پر ٽين
اک، جنهن کي سمهارڻ لاءِ گيت ۾ اشارو ڪو نه هو، سا
ڪين سُتي، پوءِ ٽن اکين واريءَ چالاڪي ڪري، ان اک
کي به حرفت سان ٻوٽي ڇڏيو، ته ائين سمجهجي ته اها
به ننڊ ۾ آهي، سو، اها ٽين اک هن هر هر پئي لڪي
لڪي کولي ۽ بند ڪئي، ۽ انهيءَ ٽيڏيءَ اک سان سڀ
ڪجهه سُتي پئي ڏٺائين، جڏهن ٻن اکين واريءَ سمجهيو
ته ٽه- اکي گَهريءَ ننڊ ۾ آهي تڏهن هن پنهنجو
ننڍڙو گيت شروع ڪيو:
ننڍڙي ننڍڙي ڇيلڙي، ڪر تون پنهنجي ٻي ٻي،
ننڍڙي ننڍڙي ميزڙي، ماني منهنجي ڏي ڏي!
۽ پوءِ چڱيءَ طرح دل و جان سان کاڌائين ۽ پيتائين، ۽ وءِ ميز کي
اڳي وانگر گم ٿي وڃن جو حڪم ڪيائين:
ننڍڙي ننڍڙي ڇيلڙي، بس ڪر پنهنجي ٻي ٻي،
ننڍڙي ننڍڙي ميز ڙي، واپس ماني ني ني!
پر ٽن اکين واريءَ سارو ئي رنگ ڏسي ورتو.
پوءِ ته ٻن اکين واريءَ اچي ٽه- اکيءَ کي جاڳايو، ۽ چيائينس ته
”واه، ٽه- اکي ڀيڻ! تون سُتي پيئي هئينءَ، ڇا؟
ٻڪريءَ کي بيشڪ تون ٿي چاري سگهين! اچ ته هاڻي گهر
موٽي هلون.“
جڏهن هو گهر پهتيون ته ٻن اکين واريءَ وري به ڪجهه نه کاڌو، ۽
ٽن اکين واريءَ سڄي ڳالهه ماءُ کي ٻڌائيندي چيو،
”مون کي خبر آهي ته ڇو هيءَ خود پسند ٻه- اکي هت
ماني نٿي کائي. هوءَ جڏهن ٻڪريءَ کي ٻاهر وٺي وڃي
ٿي، تڏهن هن کي چوي ٿي:
ننڍڙي ننڍڙي ڇيلڙي، ڪر تون پنهنجي ٻي ٻي،
ننڍڙي ننڍڙي ميزڙي، ماني منهنجي ڏي ڏي!
ته سندس اڳيان هڪ اَڇي سٺي پوش سان ڍڪيل ميز اچيو حاضر ٿئي، ۽
ان تي لذيذ لذيذ طعام رکيل هوندا آهن، جي اسان جي
گهر جي کاڌي کان گهڻو بهتر آهن، ۽ جڏهن پيٽ ڀري
ٿي، تڏهن چوي ٿي:
ته سڀ شيءِ اتان هڪدم گم ٿيو وڃي! مون اهو سڀ ذري پرزي ڏٺو آهي.
هن منهنجي ٻن اکين کي راڳ ڳائي ننڊ ۾ وجهي ڇڏيو،
پر چڱو جو منهنجي نراڙ واري اک سجاڳ رهي، جنهن
سان سڀ ڪجهه پئي ڏٺم؟“
اُتي ماءُ حسد ۾ ڀرجي، رڙ ڪري چيو، ”ٻه- اکي ڇوري، تون ڀانئين
ٿي ته اسان کان بهتر حالت ۾ هجين! هن کان پوءِ،
تنهنجون اهي خواهشون اجايون آهن.“ ائين چئي، هوءَ
هڪ ڪاسائيءَ جي ڪم جي ڪاتي کڻي آئي، ۽ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ
سان کڻي انهيءَ ٻڪريءَ جي پيٽ ۾ ٽنبيائين، ۽ ٻڪري
ويچاري اتي ئي ڦٿڪي مري ويئي.
جڏهن ٻن اکين واريءَ نينگر اها حالت ڏٺي، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس، ۽
ٻاهر هلي ويئي، ۽ اتي جهنگ ۾ انهيءَ ساڳيءَ جاءِ
تي ويهي ڏک جا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي،
انهيءَ ئي گهڙيءَ، اها ڏاهي زال اچي سندس پاسي کان بيٺي، ۽
چيائينس، ”پياري ٻن اکين واري نينگري! تون ڇو ٿي
روئين؟“
هن جواب ڏنو ”ڇو، روئان به نه؟ روئڻ کان سواءِ باقي مون وٽ
بچيو به ڇا آهي؟ منهنجي ننڍڙي ڇيلڙي به ماري
ڇڏيائون، جيڪا، جڏهن آئون ته وارو گيت ڳائيندي
هيس، تڏهن مون کي ماني آڻي ڏيندي هئي! هاڻي اهي ئي
اڳي واريون بکون!“
هن داناءَ زال چيو، ”پياري ٻه- اکي نينگر! منهنجي هيءَ صلاح ڪن
لائي ٻڌ: تون وڃي پنهنجي ڀينرن کي چئو ته تو کي ان
مئل ٻڪريءَ جا آنڊا ڏين. اُهي وٺي، گهر جي دروازي
اڳيان زمين ۾ ڍڪي ڇڏ، پوءِ ڏس ته تنهنجو بخت ڪيئن
ٿو چمڪي!“
ائين چئي، هوءَ ته گم ٿي ويئي، ۽ ٻن اکين واري گهر ويئي، ۽ ڀيڻن
کي چيائين، ”پياريون اديون، مون کي به ته ڪجهه
منهنجي ٻڪريءَ مان ڏيو. آئون اوهان کان ڪو گوشت جو
چڱو ٽڪر ڪو نه ٿي گهران، مون کي فقط ان جا آنڊا ئي
کڻي ڏيو.“ هنن کلي جواب ڏنو، ”تو کي جيڪڏهن فقط
ايترو ئي گهرجي، ته تون اهي ڀلي وڃي کڻ.“
پوءِ ٻن اکين واريءَ اُهي آنڊا کنيا، ۽ هن ڏاهيءَ زال جي نصيحت
موجب، شام جو جڏهن هر ڪو پنهنجي پنهنجي هنڌ تي
آرامي هو، تڏهن ماٺ ميٺ ۾ کڻي انهن کي گهر جي در
جي اڳيان پوري ڇڏيائين.
ٻئي ڏينهن، جڏهن سڀيئي جاڳيا، ۽ گهر جي دروازي کان ٻاهر نڪتا ته
ڏسن ته هڪ عجيب سهڻو وڻ بيٺو آهي، جنهن جا پن
سمورا چانديءَ جا آهن، ۽ منجهس سونا ميوا پيا لٽڪن
۽ ان کان وڌيڪ ڪا به سهڻي ۽ اَملهه شيءِ هنن اڳي
ڏٺي ئي ڪا نه هئي. هو اصلي سمجهي نه سگهيون ته هو
وڻ رات وچ ۾ اتي ڪيئن پيدا ٿي پيو. فقط ٻن اکين
واريءَ کي خبر هئي ته اهو سندس پياري ٻڪريءَ جي
آنڊن مان ڦُٽي نڪتو هو، ڇاڪاڻ ته اهو برابر انهيءَ
هنڌان اُڀريو بيٺو هو، جتي هن آنڊا پوريا هئا.
پوءِ ماءُ هڪ- اکيءَ کي چيو، ”ڌيءَ، وڻ تي چڙهي، پنهنجي واسطي
ميوو ڇني وٺ!“ هڪ- اکي وڻ تي ته چڙهي، مگر جڏهن به
سوني صوف کي ڇنڻ ڪاڻ ٽاريءَ ۾ هٿ ٿي وڌائين ته اها ٽاري سندس هٿ
مان کسڪيو ٿي ويئي ۽ هر دفعي جڏهن به صوف ڇنڻ جي
خواهش ٿي ڪيائين ته ٽاري هٿ مان ڇڏائجي ٿي ويئي،
تان جو ويهن ئي ننهن جا زور لاتائين، پر هڪ صوف
به پٽي نه سگهي.
تنهن تي ماءُ چيو، ”ٽه- اکي! تون وڻ تي چڙهه، ڇاڪاڻ ته تنهنجي
نظر هڪ- اکيءَ کان تکي آهي، ۽ تون چڱيءَ طرح ڏسي،
صوف ڇني سگهندينءَ!“
هڪ- اکي وڻ تان لهي هيٺ آئي، ۽ ٽن اکين واري چڙهي وڻ تي – پر،
ان کي به هڪ- اکيءَ کان وڌيڪ ڪاميابي ڪا نه نصيب
ٿي، ۽ هن هر طرح ۽ هر نموني جي ڪوشش ڪئي، پر سونا
صوف هن کي هٿ نه اچڻا هئا، سي نه آيا.
پوءِ ته ماءُ اچي بي صبر ٿي، ۽ پاڻ وڻ تي چڙهي ويئي، مگر هڪ-
اکيءَ ۽ ٽه- اکيءَ کان وڌيڪ هوءَ پاڻ به بڇڙي ٿي،
۽ ڪو به صوف ڇني نه سگهي، جي هٿ وجهي صوف ۾، ته
سندس هٿ ۾ خالي هوا پيئي اچي!
اتي ٻن اکين واريءَ نينگر چيو، ”آئون ٿي وڻ تي چڙهان- شايد مون
کي اوهان کان وڌيڪ ڪاميابي نصيب ٿئي!“
تنهن تي ٻين ڀيڻن زور سان چيو، ”تون انهن پنهنجن ٻن اکين سان ڇا
وڌيڪ ڪري سگهندينءَ؟“
پر ٻن اکين واري نينگر وڻ تي چڙهي ويئي، ته صوف هن کان هٽي پري
ٿيا ئي ڪين! پاڻ ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو، ته ڄڻ صوفن
سان جهنجول ٽاريون خود بخود هن جي هٿن ڏي ڇڪجيو
پئيون اچن، تان جو هوءَ جهٽ ۾ هيڪاندا صوف پٽي
جهول ڀري آئي.
ماڻس کانئس اهي صوف ته ڦُري ورتا، پر هاڻي ته پاڻ اڳي کان به
وڌيڪ هوءَ ۽ سندس ٻه ڌيئرون- هڪ اکي ۽ ٽه- اکي
ويچاريءَ ٻه- اکيءَ نينگر سان حسد جي ساڙي ۾ سڙڻ
لڳيون، ۽ مٿس تيئن زياده سختيون ڪرڻ لڳيون. چي،
”سونا صوف اسان نه ڇنون، باقي هي نڀاڳي چوڪ چنڊي،
جهول ڀري ڇني!“
آخر هڪ ڀيري ڇا ٿيو، جو هي سڀ وڻ وٽ بيٺيون هيون، ته پهلوان
نوجوان اچي اتي نڪتو. هن کي ڏسي، ٻن اکين واريءَ
کي ڀينرن چيو. ”جهُڪي ويهه، متان تنهنجي ڪري لڄي
ٿيڻو پويسون!“ ائين تڙ تڪڙ ۾ پاسي وارو خالي پيپ،
جو وڻ وٽ رکيو هو، مٿانئس کڻي رکيائون، ۽ جيڪي
سونا صوف هُنن ڇنا هئا، سي به سڀ انهيءَ پيپ جي
هيٺان وجهي ڇڏيائون.
جڏهن اهو پهلوان نوجوان ويجهو آيو، ته معلوم ٿين ته هو ڪو هڪ
وڏيءَ سوڀيا وارو سردار ماڻهو هو! نوجوان ان سون ۽
چانديءَ واري شاندار وڻ کي ڏسي، ان جي گهڻي
ساراهه ڪئي ۽ اتي بيٺل ٻن ڀيڻن کان پڇيو.“ هي
لاجواب وڻ ڪنهن جو آهي؟ جيڪا به مون کي هن جي هڪڙي
ٽاري ڀڃي ڏيندي، ان جي عيوض هيءَ مون کان جيڪي به
گهرندي سو کيس ڏيندس!“
ٻنهي، هڪ – اکيءَ ۽ ٽه- اکيءَ جواب ڏنو، ”هيءُ وڻ اسان جو آهي،
۽ اسين پاڻ چاهيون ٿيون ته تو کي هن مان هڪڙي
ٽاري ڀڃي ڏيون.“ – پوءِ ٻنهي جدا جدا توڙي گڏجي
گهڻيئي ڪوشش ڪئي، پر ڪي به ڪين ورين، ڇاڪاڻ ته اڃا
هنن جا هٿ ٽارين ۽ ميون ڏانهن کڄيا ئي ڪين ٿي، ته
اهي کانئن هڪدم پري ڀڄيو ٿي ويا.
تنهن تي پهلوان چيو، ”اها ته بلڪل عبرت جهڙي ڳالهه آهي، جو وڻ
به اوهان جي ملڪيت، ۽ ڀڄي به اوهان کان پري، اوهان
کي ان مان پن ڇنڻ جي به طاقت نه آهي!“
هنن وري به چيو ته وڻ سندن هو، پر هي اڃا انهيءَ ڳالهه ٻولهه ۾
ئي هئا، ته ٻه- اکيءَ ٻه سونا صوف پيپ جي هيٺان
ائين کڻي ٻاهر ٿيلهي ڇڏيا، جو اهي رڙهي وڃي هن
پهلوان جي پيرن وٽ پيا. ٻه- اکيءَ اُهو انهيءَ
واسطي ڪيو، جو هن کي پنهنجي بدنيت ڀيڻن جي انهيءَ
ظاهر ظهور ڪوڙ ڳالهائڻ تي ڪاوڙ اچي ويئي هئي. جڏهن
هن پهلوان جي نظر انهن صوفن تي پيئي، تڏهن هن
حيران ٿي پڇيو، ”هي ڪٿان آيا؟“ تنهن تي هڪ – اکيءَ
۽ ٽه- اکيءَ جواب ڏنو، ”اسان جي ٻي به هڪ ڀيڻ آهي،
پر هوءَ نٿي گهري ته هن کي ٻيا ڏسن، ڇاڪاڻ ته هن
کي ٻين عام رواجي ماڻهن وانگر رڳو ٻه اکيون آهن!“
پر هن پهلوان جي مرضي هئي ته انهيءَ ٻه- اکيءَ
ڇوڪريءَ کي به ڏسجي ته چڱو. سو رڙ ڪري چيائين:
”ٻن اکين واري ڇوڪري،
ڊپ نه ڪر، هلي اچ اڳيان.“
جڏهن ٻه- اکيءَ نينگر انهيءَ پهلوان نوجوان جا اهي پيار ڀريا
لفظ ٻڌا، تڏهن دل جهلي پيپ مان ٻاهر نڪري آئي، ۽
هو نوجوان سندس سونهن سوڀيا ڏسي، حيران ٿي ويو.
پوءِ هن جي اکين ۾ اکيون وجهي چيائين، ”ٻن اکين
واري ڇوڪري، تون هن وڻ مان مون کي ٽاري نه ڀڃي
ڏين؟“
ٻن اکين واريءَ ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ”ٽاري ڀڃي ڏيڻ ۾ مون کي ڪهڙي
تڪليف؟ هي وڻ منهنجو ته آهي!“ ائين چئي، هوءَ وڻ
تي چڙهي ويئي، ۽ هٿ وجهي هڪڙي چانديءَ جي پنن ۽
سونن صوفن واري ٽاري ڀڃي، آڻي انهيءَ پرديسي
نوجوان کي ڏنائين.
تنهن تي نوجوان چيو، ”ٻن اکين واري ڇوڪري، هن جي عوض ۾ آئون تو
کي ڇا ڏيان؟“
ٻه- اکيءَ جواب ڏنو. ”آه! مون کي بک، پياس، ڏک ۽ اڻهوند، صبح
کان وٺي رات تائين نصيب آهي. تون جيڪڏهن مون کي
هتان ڇوٽڪارو ڏياري، پاڻ سان وٺي هلندين، ته آئون
گهڻو خوش ٿينديس.“
انهيءَ تي هِن پهلوان ٻن اکين واريءَ کي کڻي پنهنجي گهوڙي تي
چاڙهيو، ۽ هن کي پنهنجي قلعي واري گهر ۾ وٺي آيو،
جتي هن کي سهڻا سهڻا ۽ عمدا لباس ڍڪايائين، ۽ کاڌو
پيتو به اهڙو ڏنائين جو هن جي دل ڏاڍي خوش ٿي.
پهلوان جي هن سان بيحد محبت هئي، تنهن ڪري هن سان
مڱڻو ڪيائين، ۽ پوءِ سندس شادي به وڏيءَ ڌام ڌوم ۽
شادمانن سان ٿي گذري.
جڏهن اهو سهڻو سردار ٻن اکين واريءَ کي پاڻ سان وٺي ويو. تڏهن
هي ٻيئي ڀينرون پنهنجي ٻه – اکيءَ ڀيڻ جي بخت ڏسي
دل ۾ سڙي ويون، پر پوءِ دل کي خوش ڪرڻ لاءِ
چيائون، ”پرواهه نه آهي. سونن صوفن وارو وڻ ته
اسان وٽ آهي نه. پوءِ کڻي ان مان ڪو ميوو يا ٽاري
اسين ڇني نٿيون سگهون، پر هر ڪوئي اوري پري کان هن
وڻ کي ڏسڻ لاءِ ضرور اسان وٽ ايندو. ۽ اهڙيءَ طرح
اسان جو نالو جيڏانهن ڪيڏانهن پکڙجي ويندو. ۽ پوءِ
اسان جي نصيب جا دروازا نيٺ کُلي پوندا.“
پر ٻئي ڏينهن ته وڻ اتان غائب ٿي ويو، ۽ انهن ڀينرن جون هي
وڏيون اميدون به اُن سان گڏ گم ٿي وييون. پر جڏهن
ٻن اکين واريءَ پنهنجي ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ مان ليئو
پائي ٻاهر نهاريو، ته ڏسي ته وڻ به ڪو ساڻن گڏجي
اتي آيو هو، سو سندن در تي ٻاهر لڳو بيٺو هو. ۽
اهو ڏسي هن کي ڏاڍي خوشي ٿي.
پوءِ ٻن اکين واري نينگر گهڻو زمانو خوشيءَ ۽ آسودگيءَ ۾
گذاريو. هڪ ڏينهن ڏٺائين ته ٻه غريب زالون سندس
قلعي جي دروازي تي بيٺيون خيرات پنن! جڏهن ٻه-
اکيءَ سندن منهن ڏي چتائي نهاريو ته ڏٺائين ته ”هي
ته منهنجون ٻه ڀينرون آهن! هڪ- اکي ۽ ٽه- اکي،“
ٻيئي ويچاريون اهڙيءَ ته مفلسيءَ ۾ مبتلا ٿي ويون
هيون، جو هنن کي در در مانيءَ جو ٽڪر پنڻو ٿي پيو.
ٻن اکين واريءَ هنن ٻنهي جي سچيءَ دل سان ڀليڪار
ڪئي، ۽ ساڻن نهايت قرب سان پيش آئي. هن اهڙيءَ
خبرداريءَ سان سندن پرگهور لڌي، جو جوانيءَ ۾
پنهنجي غريب ٻه- اکيءَ ڀيڻ سان بيرحميءَ جي هلت
هلڻ تي سچيءَ دل سان پشيمان ٿيون، ۽ پڇتاءُ جا
ڳوڙها ڳلن تي وهي اٿي هلين. |