اوٻڻي، نڙو ۽ سُئي
هڪ ڇوڪري هئي، جنهن جا ماءُ پيءُ هِن جي ننڍي هوندي ئي فوت ٿي
ويا هئا. هن جي هڪڙي دين جي ماءُ هئي، جنهن هن کي
گود ۾ ورتو هو. ۽ پنهنجي سڳي ڌيءَ وانگر لاڏ ڪوڏ
سان پالي، نپائي، وڏو ڪيو هو. مائي ويچاري غريباڻي
جهوپڙيءَ ۾، ڳوٺ جي ٻاهران اڪيلي ئي اڪيلي پنهنجي
هن گود جي ڌيءَ سان گڏ رهندي هئي. ۽ وٽس هڪڙي
اوبڻي، هڪڙو نڙو ۽ هڪڙي سُئي هوندي هئي، جن سان
سُٽ ڪَتي ۽ ڪپڙا اُڻي، پنهنجو پيٽ گذران ڪندي
هئي. جڏهن هن نينگر جا ماءُ پيءُ گذاري ويا ۽ هوءَ
يتيم ٿي پيئي، تڏهن هوءَ نيڪ مائي هن کي پنهنجي
گهر وٺي ويئي. پوءِ هن کي سُٽ ڪَتڻ، ڪپڙي اُڻڻ ۽
سبڻ جو ڪم سيکاريائين، ۽ هن کي سچ ۽ نيڪيءَ جي
تعليم ڏيئي، پالي وڏو ڪيائين.
وقت گذرندي ويرم ئي ڪو نه ٿو ڪري، آخر جڏهن هوءَ يتيم ڇوڪري
پندرهن ورهين جي عمر جي ٿي ته هن جي دين جي ماءُ
ويچاري بيمار ٿي پيئي. پوءِ مائيءَ، نينگريءَ کي
پنهنجي بيماريءَ جي بستري جي ڀرسان ڪوٺي چيو ته
”منهنجي پياري ٻچڙي! آئون ڀانيان ٿي ته هي منهنجو
پويون وقت آهي. آئون تو لاءِ هيءَ جهوپڙي ڇڏيو ٿي
وڃان، ان ۾ تو کي طوفان ۽ مينهن کان پناهه ملي
سگهندي! آئون تو لاءِ پويان هيءَ اوبڻي، هو نڙو ۽
هيءَ سئي ڇڏيو ٿي وڃان، انهيءَ جي مدد سان تون
پنهنجو گذران ڪري سگهندينءَ!“
پوءِ هُن، يتيم ڇوڪريءَ جي مٿي تي هٿ رکي دعا ڪئي، ۽ پڇاڙيءَ ۾
کيس نصيحت طور چيائين ته ”دل کي هميشه پاڪ، صاف ۽
نيڪ رکج، ائين ڪرڻ سان تو کي هميشھ سک ۽ خوشي نصيب
ٿيندي!“ ائين ئي، اکيون کڻي بند ڪيائين، ۽ دم
ڏنائين. پوءِ هوءَ نينگر، پنهنجي هِن ساهه صدقي
ڪندڙ دين جي ماءُ جي لاش سان قبر تائين زارو زار
روئندي ويئي.
ان کان پوءِ، هيءَ يتيم ڇوڪري اڪيلي ئي اُن جهوپڙيءَ ۾ رهندي
هئي، ۽ اُتي وڏيءَ همت سان پنهنجو ڪم- ڪَتڻ، اُڻڻ
۽ سبڻ جو ڪندي رهندي هئي، ۽ پنهنجي مرحوم نيڪدل
دين جي ماءُ جي دعا سان، هن کي ڪنهن به قسم جي ڪا
تڪليف يا ڪو ڏک درپيش ڪو نه آيو- ائين لڳندو هو ڄڻ
هن وٽان سِڻي کُٽڻ جي نه هئي، ۽ هوءَ جڏهن به ڪو
ڪپڙو آڻي رکندي هئي، يا ڪو پهراڻ تيار ڪندي هئي،
ته ضرور هڪ نه ٻيو گراهڪ پيدا ٿيندو هو، ۽ چڱي
چوکي قيمت ڏيئي، کانئس خريد ڪري ويندو هو. انهيءَ
ڪري نه رڳو ڪنهن جي اڳيان هن کي هٿ ٽنگڻو نه پيو،
۽ ڪنهن جي محتاجي ڪڍڻي ڪا نه پيئي، پر پاڻ اهو ڪي
ڪجهه بچائي سگهندي هئي، جو غريبن ۽ محتاجن کي ڪڏهن
ڪڏهن، دل کولي خيرات ڏيئي سگهندي هئي.
انهن ڏينهن ۾، بادشاهه جو پٽ شاديءَ ڪرڻ لاءِ زال جي ڳولا ۾
پنهنجي ملڪ جي گشت تي نڪتو هو، سو به گهمندو
ڦرندو، اچي ان ڳوٺ کان نڪتو، شهزادو بنهه ڪنهن
سُڃيءَ زال سان به شادي ڪري نٿي سگهيو، ۽ ڪنهن
ٿلهيءَ شاهوڪار زال سان به شادي ڪرڻ هُن کي پسند
نٿي آئي، تنهن ڪري هن ارادو ڪيو هو، ته هُو زال
اُها پرڻبو، جيڪا ”غريب کان غريب هوندي، ۽ شاهوڪار
کان شاهوڪار!“
جڏهن شهزادو انهيءَ ڳوٺ ۾ آيو، جنهن ۾ هيءَ ڇوڪري رهندي هئي،
تڏهن دستور موجب هُن حڪم ڪيو ته ”هتان جي غريبن ۾
غريب ڇوڪري مون کي ڏيکاريو، ۽ شاهوڪارن ۾ شاهوڪار
ڇوڪري به آئون ڏسڻ گهران ٿو!“ سڀني کان شاهوڪار
ڇوڪري ته جلد ئي لڀي پيئي، مگر غريبن ۾ غريب
ڇوڪريءَ لاءِ کيس ڏَسُ ڏنائون ته ”هڪڙي يتيم ڇوڪري
هُن ڳوٺ جي ٻاهران هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ اڪيلي رهي
ٿي، ممڪن آهي ته اها هجي!“
جڏهن شهزادو سڀني کان وڌيڪ شاهوڪار ڇوڪريءَ جي گهر وٽان لنگهيو،
ته ڏٺائين ته هوءَ پنهنجا سڀ کان قيمتي ڪپڙا ڍڪي،
در تي بيٺي آهي. شهزادي کي ڏسي هوءَ وڌي هن ڏي آئي
۽ اچي نِوڙي سلام ڪيائينس. شهزادي هن ڏي نهاريو،
مگر هڪ اکر به واتان ڪين ڪڇيائين، ۽ پنهنجو رستو
وٺي ويندو رهيو. پوءِ هو جڏهن اُن غريب ڇوڪريءَ جي
جهوپڙيءَ وٽان اچي مَٽيو، ته ڇوڪري در تي بيٺل ڏسڻ
۾ ڪا نه آيس. هوءَ پنهنجي جهوپڙيءَ جو در بند ڪيو،
اندر ويٺي هئي، شهزادو اُتي بيهي رهيو، ۽ دريءَ
مان جهاتي پائي اندر نهاريائين، سج جو تڙڪو اندر
پئي پيو، ڏٺائين ته ڇوڪري بنهه بيخبر ٿي، نهايت
چاهه سان ائٽ ويٺي ڪَتيو. البت ڇوڪريءَ اک – ٽيٽ
سان هڪ ڀيرو لڪي شهزادي کي ڏسي ورتو، حياءُ کان
منهن تي رت ڦري آيس، ۽ اکيون هيٺ ڪري ڪَتيندي رهي.
ڌاڳو اڳي جيان سنهون ۽ لسو ڪَتجي ٿي نڪتو يا نه
تنهن جي خبر ئي نٿي پئجي سگهيس. ٿوريءَ دير کان
پوءِ، شهزادو موٽي پنهنجي منزل تي ويو، ۽ هيءَ
ڇوڪري پنهنجو اَئٽ پاسيرو رکي، ڊوڙي دريءَ ڏانهن
ويئي، ۽ دريءَ کي کولي، چيائين ته ڏسو ته سهي،
ڪيڏي نه گهُٽَ آهي، ساهه پيو ٻوساٽجي.، پوءِ
دريءَ جي اوٽ ۾ بيهي ايستائين پئي ٻاهر شهزادي
ڏانهن نهاريائين، جيستائين پري کان هن جي ٽوپيءَ
جو گل پئي ڏسڻ ۾ آيس!
ڏسي ڏسي، آخر موٽي اچي پنهنجي آتڻ ۾ ويٺي، ۽ وري ڪَتڻ شروع
ڪيائين، ان وقت هڪڙو بيت، جو پنهنجي دين جي ماءُ
کي ڳائيندو ٻڌو هئائين، سو اچي ياد پيس، ۽ اهو وٺي
ڳائڻ شروع ڪيائين:
”هڪ ساهيءَ ڊوڙ تون اوبڻي، مٺڙي پياري،
پرين منهنجو پاڻ سان آڻ، هتي هڪ واري!“
هن جو اهو گيت ڳائڻ، ۽ اوبڻي هن جي هٿن مان نڪري، اُٿي دروازي
ڏانهن ڀڳي،ڇوڪريءَ جون اکيون ڦاٽي ويون، ۽ بنهه
حيرت ۾ پئجي ويئي. هوڏانهن سندس اوبڻي ڀڄندي ڀڄندي
ٻنين وچان نچندي ٽپندي سونَ جو ڌاڳو پاڻ سان ڍيل
ڏيندي، اڳتي ئي اڳتي پئي ويئي. ٿوري ئي وقت ۾،
هوءَ ايترو ته پري هلي ويئي، جو ڇوڪريءَ جي نظرن
کان بنهه غائب ٿي ويئي. اوبڻيءَ کي ائين هٿن مان
ويندو ڏسي، ڇوڪريءَ لاچار نڙو کڻي، ويهي اُڻن شروع
ڪيو.
هوڏانهن اوٻڻيءَ تي جيڪو سونَ جو ڌاڳو ويڙهيل هو. سو پٺيانئس
کُلندو کُلندو، جڏهن اچي کُٽڻ تي بيٺو، تڏهن هن به
ڊڪڻ بند ڪيو، ۽ وڃي شهزادي کي رسي. شهزادو عجب ۾
پئجي ويو، ۽ اوچتي هلڪي رڙ نڪري ويس، چي: ”هيءَ
اوبڻي مون کي وٺي وڃڻ ٿي گهري!“ انهيءَ تي، شهزادو
گهوڙي کي ڦيرائي، انهيءَ سوني ڌاڳي وارو رستو وٺي،
انهن ئي پيرن تي پوئتي موٽيو. پٺيان، ڇوڪري ته
ائين ئي پنهنجي اُڻڻ ۾ ئي مشغول رهي، ۽ ويهي ويهي
گيت جي وٺي ٻي تُڪ ڳايائين:
”اُٿي اَدر ڀاءُ ڪر، تون نڙا ننڍڙا پيارا،
پرين منهنجا پاڻ هت آيا، مٺا بين وارا!“
اڃا اهي لفظ هن جي واتان نڪتا ئي مس ته ڏسو ته نڙو هن جي هٿن
مان ڇڏائجي، ٽپڪندو، ٽپڪندو، گهرَ جي دروازي ڏانهن
پيو وڃي! پر در وٽ پهچي، بيهي رهيو، ۽ اُتي ويهي،
هڪ رنگ برنگي عاليشان غاليچو، جهڙو اڳي ڪنهن به نه
ڏٺو هو، اُڻڻ لڳو. هُن غاليچي جي ڪنارين تي گلاب ۽
نيلوفر جي گلن جون مالهائون اُڻيون، وچ ۾ سونهري
سطح تي انگورن جي سبز ولين جي اَڻت ڪئي، ۽ انهن ۾
ننڍڙا ننڍڙا، سهڻا سهڻا سَها، پوپٽ، نوريئڙا ۽ هرڻ
بيهاريائين، ۽ سنهين ۽ سهڻين ٽارين ۾ پيارا پيارا
ننڍڙا پکي ويهاريائين. مطلب ته اهڙيءَ ڪماليت سان
اهو در جو غاليچو ٺاهيائين، جو ڄڻ ته اُهي جيت ۽
جانور سڀ جيئرا جاڳندا هئا، ۽ رڳو ٻولي نٿي
سگهيا! اهڙيءَ طرح، هيءُ عجب جهڙو نڙو پنهنجي ڪم
۾ لڳو رهيو، ۽ آهستي آهستي عبرت جهڙو غالچو جُڙندو
رهيو!
نڙي جي هٿان نڪري وڃڻ تي ڇوڪريءَ سئي کنئي، ۽ وري ڳائڻ شروع
ڪيو:
”ترت تياري ڪرائي تون سئي سهڻي پياري،
محب مٺي مهمان تان، سر جان فدا سؤ واري!“
سئي هڪدم هُن جي آڱرين مان ٿِڙڪي، بجليءَ وانگر ڪوٺيءَ ۾ چوڌاري
ڦرڻ لڳي. جهٽ ۾ ميزن ۽ بينچن تي سايون چادرون
وڇائجي ويون، ڪرسين تي بخملي گاديلا ۽ پوش چڙهي
ويا، ۽ ڀتين تي رنگبرنگي ريشمي پردا ٽنگجي ويا. ڄڻ
ڪن ملائڪن اهي سڀ ڪم گهڙيءَ ۾ ڪري ڇڏيا.
اڃا سئيءَ پنهنجو پويون بخيو هڻي پورو ئي مس ڪيو، ته ڇوڪريءَ کي
ٻاهران دريءَ کان شهزادي جي ٽوپيءَ جو گل لڏندي
ڏسڻ ۾ آيو، شهزادو قرب جي ڪَچي، سوني سڳي سان
ڇڪجي، ڇوڪريءَ ڏانهن پئي آيو. جڏهن اندر گهڙي آيو
۽ غاليچي تي پير رکي اندر نهاريائين، ته ڏٺائين ته
هوءَ اڃان به غريباڻي لباس ۾ ويٺي آهي، ۽ جيئن نه
جهنگ ۾ ڪنهن ٻوٽي تي گلاب جو گل ٽڙيو، بيٺو هوندو
آهي، تيئن انهيءَ پنهنجي غريباڻي گهر ۾ به هن جو
منهن پئي ٻهڪيو.
ڏسڻ سان شهزادي امالڪ چيو، ”بس، غريب کان غريب، ۽ شاهوڪار کان
شاهوڪار تون ئي آهين. شادي آئون تو سان ڪندس!“
ڇوڪريءَ جواب ۾ واتان ڪي ڪين ڪڇيو، رڳو پنهنجو هٿ کڻي شهزادي
ڏي ڊگهيڙيائين، شهزادي ان کي چميو، ۽ کيس کڻي، پاڻ
سان گڏ گهوڙي تي ويهاريائين، ۽ اُٿي پنهنجو محلات
ڏي روانو ٿيو، جتي نهايت ڌام ڌوم، ۽ شان شوڪت سان
ٻنهي جي شادي ٿي، ۽ چوڌاري شهزادي کي شاديءَ جون
لک لک واڌايون مليون.
باقي، اُها اوبڻي، نڙو ۽ سئي، شاهي خزاني ۾ يادگار ڪري رکارائي
ڇڏيائين. |