(11)
خدا توهان کي نيڪي نصيب ڪري، توهان کي
اسان نيويارڪ ۽ واشنگٽن جو خوب سير ڪرايو، انهيءَ
کان وڌيڪ جيسين اکين سان ڏسو. هاڻي توهان کي واپس
لوئيوائل ۽ ڪئنٽڪيءَ جو سير ڪرايان ٿو. بيان ڪرڻ
کان اڳ هڪ ٽوٽڪو ٻڌايانَ ٿو: ٻڌندا هئاسين ته نخرو
زالن کان ڦري مردن تي آيو آهي. توهان کي خبر آهي
ته اڄوڪا نوجوان به عطر عنبير جا ڪافي شوقين آهن.
ٻڌندا هئاسين ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ زالون ته ٺهيو،
مگر مرد به حجام جي هٿان ڀرون جون ڀرون وٺائيندا
آهن! ٻڌل کي اکين سان ڏٺم. تيز پاڪي سان مڇن ۽
ڏاڙهيءَ جي صفائي کان پوءِ، قئنچي، ڦڻي ۽ پاڪيءَ
ڀرون ۾ واڄٽ وڄايا- اهو تماشو جڏهن هتي حجام جي
دڪان ۾ ڏٺم، ته مون کي منهنجو مرحوم بزرگ اُستاد،
حاجي جاڙو، سنڌ مدرسي وارو ياد آيو. مرحوم
خوشطبعيءَ جي وقت ۾ ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته ”ڏاڙهي
مڇون چٽ، ڀرون شاهه بچائي!“
آئون هڪ هفتي لاءِ ڪئنٽڪي يونيورسٽي،
ليڪسنگٽن ۾ سنسناٽي ويو هوس.، هي هفتي جو دؤرو
مزيدار هو. چند علمي ۽ تعليمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت
ڪيم، ۽ ٻن ريڊيو پروگرامن ۾ شامل ٿيس. ٽيون ڏينهن
واپس آيو آهيان ۽ اڄ توهان کي هن هفتي جي ڪارواين
کان واقف ڪندس.
مون توهان کي پنهنجي مصروفيتن بابت گهٽ
لکيو آهي. جتي به ويو آهيان. جن به ماڻهن سان ملڻ
ٿيو آهي ۽ جي خاص درسگاهه ۽ استاد ڏٺا اٿم، اُهو
سڀ پاڻ وٽ مختصر نوٽن سان رکندو وڃان ٿو. جڏهن
آمريڪا جو سفر پورو ڪندس، ته توهان کي انشاءَ الله
جهاز مان احوال لکندس. مون جيڪو پنهنجو خيال
آمريڪي اخلاق، تعليم ۽ علمي ادبي ماحول تگي قائم
ڪيو آهي، انهيءَ جو ذڪر هنن جاگرافيائي حدن کان
ٻاهر نڪرڻ تي ڪندس. ممڪن آهي ته واپس اچڻ تائين نه
به لکان، ڇو ته يورپ جي سير جو ايڏو پروگرام بڻايو
اٿم، جو شايد انهيءَ جي لکڻ لاءِ وقت نه به ملي.
خير، مون توهان کي لوئيوائل ۽ ڪئنٽڪي شهر
بابت ٻڌايو ٿي: ڪئنٽڪي اسٽيٽ ٽن ڳالهين کان آمريڪا
۽ دنيا ۾ مشهور آهي. پهريون ته هتي تماڪ تمام سٺو
۽ گهڻي انداز ۾ ٿيندو آهي. هتي جو تماڪ دنيا جا
ماڻهو فخر سان پيئندا آهن. والٽر ۽ رائلي جي تماڪ
جون ڳالهيون هتي مشهور آهن. ٻي ڳالهه هيءَ ته هتي
شراب تمام سٺو ۽ بي انداز ٺهندو آهي. بس توهان کي
رڳا شراب جا ڪارخانا ملندا. شراب جو مختصر خمار ئي
توهان کي آسمان جا تارا ڏيکاريندو. ٽين ڳالهه هيءَ
ته هتي گهوڙا سٺا آهن ۽ گهوڙن لاءِ ايڪڙن ۾ فارم
آهن. هتي لوئيوائل ۾، دنيا جي وڏي ۾ وڏي گهوڙن جي
ريس ٿيندي آهي. اپريل جي 25-تاريخ تائين ڪئنٽڪيءَ
۾ گهوڙن جون ريسون هلنديون آهن.
ڪالهه لوئيوائل ۾ ڪئنٽڪي ڊربي جو موقعو
هو. مون کي دعوت مليل هئي ۽ خاص پاس هئي. هيٺ هن
ڊربيءَ جو احوال لکان ٿو: انگلينڊ ۾ ايپسم واري
ڊربي گهڻو مشهور آهي. مگر هيءَ لوئيوائل ۽ ڪئنٽڪي
ڊربي وڏي پئماني جي آهي. مون ڊربي انگلينڊ ۾ به
ڏٺي آهي، مگر جنهن حد تي هتي ڪئي وڃي ٿي. اُها
انگلينڊ کان هزار ڀيرا وڌيڪ آهي. اهو هن مان
اندازو لڳايو:
گذريل چئن ڏينهن کان هيءَ حالت بڻي آهي،
جو اٽڪل اڍائي لک ماڻهو، آمريڪا ۽ دنيا کان اچي
ڪڙڪيا آهن. اندازو لڳايو 8 سؤ خانگي ۽ خاص هوائي
جهاز آيل آهن. ڪميٽيءَ جا هلندڙ جهاز، ان کان ڌار،
16 اسپيشل ريل گاڏيون آيون آهن، جن ۾ مسافر
رهندا، ۽ اُهي هت بيهنديون. 25 هزار موٽرون ميدان
تي گڏ ٿيون آهن. هوٽلن جي هيءَ حالت آهي، جو فقط
ٽن ڏينهن جي رهائش جا 150 ڊالر ۽ مانيءَ جو خرچ ان
کان جدا آهي! ڇا ٻڌايانوَ، مزيدار موقعو هو،
آمريڪا ۾ پئسي جي خبر ئي نٿي پوي، ڇا انتظام هو!
سڀ شيءِ منظم ڏسي، حيرت وٺي ويئي. هڪ وڏي مشين ڪم
ڪري رهي هئي. ڏينهن هو عاليشان- جنهن جو مطلب ته
آسمان صاف هو. برسات جو انديشو نه هو. سج ۾ ذرا
تپش هئي، مگر مزيدار ۽ ٿڌي ٿڌي هوا لڳي رهي هئي.
حرارت ۽ سرديءَ جو حال هيءُ هو، جو بلڪل اطمينان
سان معمولي ڪپڙا پائي ٿي سگهياسين، ۽ اوورڪوٽ جي
اصل ضرورت نه هئي. اهڙي فضا هئي، جنهن ۾ ڪي
جرئتمند، ٻنهي جنسن وارا انسان، هن نمائش ۽ جشن جي
موقعي مان ڪپڙن جي ڪمي بيشيءَ جو خوب فائدو وٺي
رهيا هئا. هيءَ عياشي، هي مدهوشي، هيءَ مستي، هيءَ
جوابازي، هيءَ شراب نوشي، هيءَ فارغ البالي دنيا
جي ڪنهن به قوم کي اڄڪلهه نصيب نه آهي. مون توهان
کي اڳي ٻڌايو آهي ته هتان جا ماڻهو چڱائي توڙي
برائي وڏي پيماني تي ڪندا آهن. وتائي فقير وارو
مثال ته ”ڌوڙ پائجي ته وڏي ڍڳ مان، ننڍي مان ڇا
ڌوڙ پوندي!“
اچو ته توهان کي مزيدار سير جو بيان
ٻڌايان! مون کي پروفيسر ٽامس ڪلارڪ، ڪئنٽڪي
يونيورسٽي جو پاڻ سان گڏ ليڪسنگٽن ۾ آمريڪا جي
مشهور گهوڙن جي فارم تي وٺي ويو. ڇا ڏٺوسين – هڪڙا
چار سؤ ايڪڙ زمين، جنهن جي چوڌاري هڪ ڪاٺ جي پٽين
جي ديوار آهي. پٽيون تيل جي پينٽ سان لڳل هيون ۽
چمڪن پيون. انهيءَ ايراضيءَ جي چوڌاري، وري ٻي
اٽڪل 5 سؤ کن ايڪڙ زمين آهي، جيڪابه حصن ۾ ورهايل
آهي ۽ اهڙيءَ طرح گهيريل آهي. وچ ۾ سائو گاهه، بنا
ڪنهن زمين جي خالي ٽڪر جي ڇانيل هو. انهن جي اندر
جايون ٺهيل آهن ۽ گهوڙن جا طنبيلا ٺهيل آهن. قبرن
تي سنگمرمر جا پٿر رکيل آهن ۽ انهن تي گهوڙن جا
نالا، ۽ سندن مختصر تاريخ، ۽ انهن جي شان ۾ بيت
آهن. هڪ گهوڙو خاص امتياز وارو هو، جنهن جو نالو
’مئن آف وار‘ هو، اُن جو هڪ 15 فوٽ وڏو پٿر جو
مجسمو ٺهيل هو. ۽ گهوڙي جي مرڻ جي تاريخ ان جي
صندل تي اُڪريل هئي. هن گهوڙي هن وقت تائين دنيا
جون وڏي ۾ وڏيون ريسيون کٽيون هيون. هاڻ اچو
طنبيلن ڏانهن هلون:
ڇا طنيبلن جون جايون آهن! اسان جو سنڌ
مدرسي وارو بنگلو انهن جي مقابلي ۾ جهوپڙي به نه
سُنهي! پٿر جون ڀتيون ۽ ڪاٺ جون پانيلون، چُرندڙ
دروازا، اليڪٽرڪ بتيون ۽ پکا خاص سجاوٽ سان! ٻه
گهوڙا قابل ذڪر آهن ۽ ٻيئي محترم آغا خان جي
آئرلينڊ واري طنبيلن جا تيار ڪيل آهن. هڪ 3 لکن جو
۽ ٻيو 4 لکن رپين جا خريد ڪيل هئا. بس سائين. ٻڌو
اٿوَ، ”ڪٿي ڍور سڃا، ته ڪٿي چور سڃا.“ متان مون
کان وسري نه وڃي. هن ڊربيءَ ۾ جنهن گهوڙي کٽيو.
اُن جو نالو ”ڊارڪ اسٽار“ هو. گهوڙي جي مالڪ کي 3
لک ڏهه هزار رپيا مليا. جن به شرطون رکيون هيون،
انهن کي هڪ ڊالر جا 25 ڊالر مليا. انسانن جون
خواهشون ۽ دلچسپيون خبر نه آهي، ته انسانن کي ڪيڏي
نه جنون ۽ مذاق کي رسائين ٿيون. مگر هن حالت ۾ به
انسانن پنهنجون ذاتي ۽ قومي ذميواريون ڪڏهن به نه
وساريون آهن. هڪ مخمور آمريڪيءَ کان ڪڏهن به قومي
بدعنوانيءَ جو ڪم نه ڪرائي سگهندؤ. فرض جو تخيل
هتي آسمان تائين پهچي ٿو، مگر عياشي ۽ بيهودگي
تحت الثريٰ تائين پهتل آهي.
(12)
توهان کي ڊربيءَ جو سير ڪرايم. هاڻي توهان
کي آمريڪي حياتيءَ جي ڪن ضروري پهلوئن کان واقف
ڪريان ٿو. آمريڪي حياتيءَ ۾ اهم کان اهم جزو آهي،
گهر – اچو ته توهان کي آمريڪي گهرو حياتي کان واقف
ڪيان. خوش نصيبيءَ سان آئون هڪ اهڙي گهر ۾ رهان
ٿو، جيڪو هن معاشري جو هر طرح مثال پيش ڪري ٿو. هن
گهر جو ڪمائيندڙ ڊاڪٽر بلاڪ آهي، کيس ٽي ڇوڪرا
آهن، جن جي عمر 6، 9 ۽ 12 سال آهي. گهر ۾ ٻيو
ڪوبه ڪم ڪندڙ نه آهي. هي هڪ وچولي درجي جو گهر
آهي، جنهن ۾ 14 ڪمرا آهن. ڊاڪٽر بلاڪ متوسط ۽
اعليٰ متوسط طبقي ۾ ليکيو وڃي ٿو. سندس آمدني اٽڪل
9 هزار رپيا مهينو آهي. کيس ٻه موٽرون آهن، هڪ
سندس حوالي ۽ ٻي سندس زال جي، هفتو هن طرح گذري
ٿو:
هفتو سومر کان شروع ٿئي ٿو. صبح جو سوير
ساڍي ستين بجي، ڊاڪٽر گهر مان نڪري وڃي ٿو. ڊاڪٽر
جي زال ساڍي پنجين بجي اُٿي ٿي: ٻارن ۽ گهر لاءِ
نيرن تيار ڪري ٿي. ٻار به ساڍي ستين بجي اسڪول
هليا وڃن ٿا. مسز بلاڪ ان کان پوءِ گهر جي ٻهاريءَ
۽ ٿانون ڌوئڻ جو ڪم لاهي ٿي. ٻارن جون ڦٽيون ٽٽيون
ٺاهي ٿي. منجهند جي ماني هرڪو ٻاهر کائي. ٻار
اسڪول ۾ کائن ۽ ڊاڪٽر ڪنهن هوٽل ۾، گهر هجون ته
مختصر ماني کائجي. شام جو مسز بلاڪ وري ماني ٺاهي
۽ رات جو ساڍي 6 بجي اسين سڀ – ڊاڪٽر بلاڪ، سندس
زال، ٻار ۽ آئون گڏجي، هڪ ميز تي ماني کائون.
ڊاڪٽر وري پنهنجي مشغولين ۾ وڃي لڳي ۽ رات جو 11
بجي ڌاري واپس اچي.، مسز بلاڪ گهر ۾ وري ڪم ڪري ۽
ٻارن کي سمهاري، ٿانوَ صفا ڪري ۽ صبح جو نيرن جي
تياري ڪري. هتي جي ستن ڏينهن جي اها حالت آهي. گهر
۾ نه نوڪر نه چاڪر، سڀ ڪم هٿن سان ڊاڪٽر ۽ سندس
زال ڪن. جڏهن ٻار اسڪول کان واندا هجن، ته اُنهن
کان گهر جي صفائي جو ڪم وٺن. گهر جي اڳيان ۽ پٺيان
باغ آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر جي زال صبح جو يا شام جو
ڇٻر وڍيندي آهي يا گل پوکيندي آهي، يا صفائي ڪندي
آهي. اُن ۾ رنبي ۽ ڪوڏر جو ڪم به شامل آهي. ٻار
اسڪول کان اچن، ته انهن کان به باغ جو ٿورو ٿورو
ڪم ورتو وڃي ٿو. مسز بلاڪ موٽر ۾ وڃي ٿي ۽ اڳئين
ڏينهن جي کاڌي لاءِ سامان وٺي گهر ۾ رکي ٿي. سندس
چوڻ موجب سندس حياتي باغ، ٻارن ۽ بورچيخاني جي
حوالي آهي.
هفتي ۾ ٻه دفعا 6 ڪلاڪن لاءِ، هڪ شيدياڻي
دائي اچي ٿي، جا فقط ٻارن جا ميرا ڪپڙا ڌوئي وڃي
ٿي. سومر ڏينهن شام جو ڊاڪٽر ۽ مسز بلاڪ هميشه
ڪنهن دعوت تي ويندا آهن. هو سومر شام کان سواءِ
ڪابه دعوت قبول نه ڪندا آهن. اربع ڏينهن فقط ڀر
واريون عورتون اچن ٿيون ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون يا راند
ڪن ٿيون. اهو اربع جو ڏينهن اٽڪل 10 بجي کان 2
بجي تائين راند جي نذر آهي ۽ هر هفتي هڪ يا ٻي گهر
۾ عورتون گڏ ٿين ٿيون. آچر جو ئي ڏينهن آهي، جنهن
۾ ڊاڪٽر کي فرصت هوندي آهي ۽ ڪجهه وقت ٻارن وٽ
ويهندو آهي. آچر جي ماني وري شهر کان ٻاهر ڪنهن
هوٽل ۾ کائيندا آهيون.
گهر جو سنهو ٿلهو ڪم مسز بلاڪ ڪندي آهي،
مگر جيڪڏهن ڪو سخت ڪم آهي، ته ڊاڪٽر وقت ملڻ تي
ڪندو آهي. ڊاڪٽر رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجي ورڪشاپ
۾ لوهارڪو يا واڍڪو گهر جو ڪم لاهيندو آهي. موٽر
ٻيئي هٿ سان صفا ڪن ٿا. ڊاڪٽر چلهي ۾ ڪوئلا پاڻ
وجهندو آهي. مطلب ته ڊاڪٽر سڄو هفتو يا آفيس ۾ يا
مريضن سان لڳائي ۽ مسز بلاڪ ٻارن ۽ گهر سان.
ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته، هو نوڪر رکي نٿو
سگهي. سندس چوڻ آهي ته هيءَ شيدياڻي جا ٻه ڏينهن 6
ڪلاڪن لاءِ اچي ٿي. اُهو خرچ به سندس لاءِ مشڪل
آهي. ڊاڪٽر اٽڪل ساڍا ٽي هزار رپيا مهيني ۾ ٽيڪس
وغيره ۾ ڏئي ٿو. ٻارن تي خرچ ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته
زندگي وڏي مصيبت سان خوش گذري ٿي.
هيءَ آهي وچولي درجي جي اعليٰ طبقي جي
حالت، جو نوڪر رکڻ جي به طاقت نٿو رکي. نوڪر رکڻ
معنيٰ ڏيڍ هزار ڌار ڪري رکڻ. هي زندگيءَ جي عجيب
گهراين جو انڪشاف آهي. محنت ۽ فرض جو عجيب تصور
آهي. هتان جو مرد ۽ عورت سڄو ڏينهن زندگيءَ جي
ضروريات کي منهن ڏيڻ ۾ پورا آهن. ڪم جي هتي عجيب
۽ اعليٰ تخيل آهي. ڪم ڪهڙو به ادنيٰ هجي، مگر فخر
سان، بنا حجاب ۽ شرم جي ڪيو وڃي ٿو. اسان جي
حياتيءَ ۾ نوڪرن اسان جو خانو خراب ڪيو آهي. اسان
جي ملڪ ۾ هٿن سان ڪم ڪرڻ کي بيعزتي تصور ڪيو وڃي
ٿو. مزدور کي فقير سمجهيو وڃي ٿو، بيڪار ۽ سست کي
وڏيرو ۽ چوڌري سڏيو وڃي ٿو. ڪيڏو نه اخلاق آهي. جو
9 يا 10 هزار رپيا مهيني ۾ ڪمائيندڙ انسان، جنهن
کي ٻه موٽرون آهن، سو سڀ ڪم هٿ سان ڪري ٿو، نه
نوڪر نه ڊرائيور! آمريڪا ۾ حقيقي بچت اها آهي،
جيڪا انسان هٿن سان سرانجام ڪري ٿو. مثال وٺو: بوٽ
پالش ڪرايو ته ٻه رپيا ڏيو، مگر پالش وٺي پاڻ ڪريو
ته ٽڪو به خرچ نه ٿئي، مزور کان پيٽي کڻايو، ته ٻه
رپيا ڏيو، پاڻ کڻو ته بچت، پيٽيءَ جو تالو ٺهرايو
۽ ٺوڪايو ته ٽي رپيا، پاڻ ٺاهيو ته بچت. مطلب ته
ٻئي کان ڪم ڪرائڻ سخت مهانگو پوي ٿو. توهان هر گهر
۾ ڏسندا، ته گهر جي ٻهاري، صفائي، باغ جي صفائي،
وڻن جي سنڀال، پاڻي ۽ باهه جو انتظام گهر جا ڀاتي
ڪن ٿا. ڪپڙا ماڻهو هٿ سان ڌوئن. ڊاڪٽر بلاڪ هڪ
شيدياڻي ٻارن جي ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ رکي ٿو ۽ رکي سگهي
ٿو. مگر 5 يا 6 هزارن جي آمدنيءَ وارو ماڻهو هڪ
ڪلاڪ لاءِ به نوڪر نٿو رکي سگهي. مون کي هن طرح ڪم
ڪندي ڏسي حيرت ٿي. سائين، قوم جي خوشحالي، فردن جي
صحت ۽ خوشيءَ سان ڪم ڪرڻ تي منحصر آهي. بيڪار
حياتيءَ لاءِ سڀ رستا بند آهن. ٻين جي ڪمائيءَ تي
پلجڻ جهڙي وڏي بداخلاقي ٻي اصل ٿي نٿي سگهي. اسان
جي اسلامي تاريخ شاهد آهي، ته جڏهن اسان جي قوم ۾
ڪم کان نفرت پيدا ٿي، جڏهن سستي ۽ بيڪاريءَ ۾ شان
پيدا ٿيو، جڏهن بداخلاقيءَ لاءِ وقت ميسر ٿيو، ته
سڀ خرابيون آيون، هن ملڪ ۾ ماڻهو توهان کي ڪڏهن به
ڪم ڪرڻ کان سواءِ ويٺل نظر نه ايندا. ڪوبه انسان
توهان کي وقت کان پٺيان نظر نه ايندو. هر ڪو
پنهنجي وقت تي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هوندو، ۽ وقت تي
پورو ڪندو. مگر وقت کان پوءِ، هو هڪ منٽ لاءِ به
ڪم نه ڪندو، جيڪڏهن ڪندو ته ٻيڻو عيوضو گهرندو. ڪم
۾ سستي يا خرابي پيدا ڪرڻ جو کيس خيال به نه
ايندو. ڪم جي وقت چانهه، سگريٽ، پان يا پاڻيءَ
وغيره لاءِ کيس وقت نه آهي. ڪم پوري ڪرڻ کان پوءِ،
هو شراب ۾ ٻڏي مرڻ لاءِ به تيار آهي. مطلب ته هتي
ڪمائي حلال ڪري کائين ٿا. پوءِ ڀلا اهڙي قوم
شاهوڪار، خوش ۽ مست هجي، ته ڇو نه هجي. جيڪي
انسان فطرت جي فرض ادائي ڪن ٿا، جيڪي انسان هر
شيءِ کي سمجهن ٿا ۽ ان مان ڪم وٺن ٿا، جيڪي انسان
محنت جو قدر ڪن ٿا، جيڪي انسان ڪم ڏيڻ کي اصول،
عمل ۽ اخلاق سمجهن ٿا، اُنهن کي طاقت ۽ تونگري ڇو
نه نصيب هجي! آمريڪا جي زمين آمريڪي، انسانن جي
محنت جو اعليٰ مثال آهي. ’فاعتبروا يا اولي
الابصار!‘
آئون وري هڪ هفتي لاءِ ٽينيسي و ڃي رهيو
آهيان. ڊاڪٽر بلاڪ جو ڀاءُ فزڪس جو ڊاڪٽر آهي. سو
دنيا جي مشهور يونيورسٽي وينڊربلٽ ۾ ڪم ڪري ٿو.
آئون نيشويل شهر ۾ ويندس. جتان فسڪ يونيورسٽيءَ جي
وائيس چانسلر، ’ڊاڪٽر جانسن‘ دعوت موڪلي آهي.
ٽينيسي وئلي اٿارٽي، هڪ وڏي اسڪيم آهي، جنهن ۾
ندين جي پاڻيءَ کي آباديءَ ۽ برقي طاقت لاءِ
استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اسين سکر بئراج ۽
سرحد جي مالاڪنڊ اسڪيمن کي گڏ ڪيون، ته به هيءَ
اسڪيم ان کان سؤ دفعا وڏي آهي. هي احوال پوءِ
لکندس. اسان جي سنڌ جي انجنيئرن کي هن ڪم جي اُميد
ته خوب خبر هوندي.
آئون به واپس اچڻ جي تيارين ۾ آهيان.
اُميد ته هتان لوئيوائل کي پهرينءَ جون تي ڇڏيندس
۽ واپس رخ رکندس. رستي جو پروگرام ٽينيسي کان موٽڻ
کان پوءِ لکندس. دعا ڪندا.
(”الوحيد“ 15- مئي 1953ع)
(13)
هي ڏهه ڏينهن سبق ڏيندڙ هيا. مون کي فسڪ
يونيورسٽي، نيشويل ۽ وينڊريلٽ يونيورسٽي، ۽ نيشويل
ٽينيسي کان دعوتون آيل هيون. مون کي ڊاڪٽر بلاڪ جي
ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر انگرم بلاڪ کان به دعوت آيل
هئي،جو وينڊريلٽ يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس جو پروفيسر
آهي. ڊاڪٽر بلاڪ 32 سالن جي عمر جو آهي ۽ فزڪس ۾
ايترو ڪم ڪيو اٿس، جو آمريڪا جي جنگي محڪمي کيس
سندس پگهار کان سواءِ هڪ الائونس به مقرر ڪري ڏنو
آهي ته جيئن هو تجربن ۾ مصروف رهي. ڊاڪٽر بلاڪ
لاءِ ڪنهن به تجربي جي نتيجي حاصل ڪرڻ تي الائونس
جو جاري رهڻ ضروري نه آهي. مطلب آهي ته کيس مصروف
رکڻ لاءِ جنگي محڪمي کيس الائونس ڏنو آهي.
وينڊربلٽ ۽ فسڪ يونيورسٽي ٽينيسي ۾ آهن،
جنهن کي آمريڪا جي ڏاکڻي اسٽيٽس ۾ لکيو وڃي ٿو.
فسڪ يونيورسٽي خاص شيدين جي لاءِ آهي، جنهن ۾ هڪ
به سفيد چمڙيءِ وارو نه آهي. وينڊربلٽ خاص اڇي
چمڙيءَ وارن لاءِ آهي، جنهن ۾ هڪ به شيدي نه آهي.
هي ٻيئي يونيورسٽيون پنهنجي نموني آمريڪا جي
بهترين يونيورسٽين مان آهن، منهنجو استادن ۽
شاگردن سان ملڻ ٿيو، انهن سان گفتگو ۽ بحث مباحثو
وغيره ٿيو. ٻنهي يونيورسٽين جا پريزيڊنٽ منهنجا
دوست آهن ۽ ٻنهي جون پنهنجون پنهنجون خبرون آهن.
توهان کي ٻڌي حيرت ٿيندي، ته هي ٻيئي پريزيڊنٽ
هڪٻئي سان ٿورو گهٽ ملندا آهن.
ٽينيسي ۾ آمريڪا جي مشهور ’ٽينيسي وئلي
اٿارٽي‘ جا ڊئم ڏٺم. انسان جي ڪم، انسان جي محنت،
انسان جي دماغ، خدا جي هن زمين کي ڪيترو نه
سينگاريو آهي ۽ خدا جي خلقت لاءِ ڪيتريون نه
سهولتون مهيا ڪيون آهن. مگر هن دؤري جي تجربي
ايترو ٻڌايو آهي، ته هن برادريءَ ۽ جمهوريت جي ملڪ
۾ ايترو ته بغض آهي، جو انسان سان ظلم جي به حد ئي
نه آهي! قرآني آيت ياد آئي: ”اسان انسان کي بهترين
۾ بهترين بڻايو، ۽ بعد ۾ اسان اُن کي هيٺ ڪيرايو.“
هڪ طرف انسان جو عروج ۽ ترقي، ۽ ٻئي طرف ظلم ۽
خرابي، تنهن جي ڪابه حدنه آهي. هن ڳالهه کي هتي
قطع ڪريان ٿو، ۽ توهان کي هڪ ٻيءَ ڳالهه کان واقف
ڪرڻ گهران ٿو.، هن وقت تائين منهنجا هي سڀ مضمون
بياني رهيا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي اشارتاً ٿوري ٿوري تنقيد
به ڪندو رهيو آهيان. منهنجي واپس اچڻ جو وقت به
ويجهو اچي رهيو آهي ۽ آمريڪا جوبياني احوال به ختم
ٿيڻ تي آهي. پر هن ملڪ کي سمجهڻ لاءِ، چند ڳالهيون
بيان ڪرڻ ضروري آهن:
توهان کي ياد هوندو، مون توهان کي ٻڌايو
هو ته آمريڪا 48 ننڍن پرڳڻن ۾ ورهايل آهي، جن کي
هتي ”اسٽيٽ“ سڏين ٿا. مون توهان کي اهو به ٻڌايو
هو، ته هي ملڪ تقريباً ٽي هزار ميل ڊگهو، ۽ اڍائي
هزار ميل ويڪرو آهي. مون توهان کي ٻڌايو هو، ته هن
ملڪ جا ماڻهو تاريخي نقطئه نگاهه کان ڪهڙي نموني
سمجهڻ گهرجن. مثلاً: يورپي، شيدي ۽ ريڊ انڊين،
توهان کي هاڻي زمين ۽ هتي جي باشندن جي ورڇ جي
نتيجن جو بيان ٻڌائيندس. توهان وٽ به اليڪشنون ختم
ٿيون هونديون ۽ توهان جي اُميدوارن ۽ ووٽرن جو
دماغ به جاءِ تي هوندو. الله تبارڪ و تعاليٰ سڀني
کي چين ۽ سڪون نصيب ڪري. اسين نه ووٽر، نه ايڊيٽر،
نه اُميدوار، پر اسان جي حالت ۾ ڏاڍو مزو اٿوَ.
خير، آمريڪا آمريڪي باشندن جي نظر کان چئن حصن ۾
ورهايل آهي: هڪ حصو، جيڪو نيويارڪ کان سنسناٽي
سينٽ لوئر ۽ شڪاگو جي حدن اندر آهي، (توهان جيڪڏهن
نقشي تي ليڪون ڪڍندا ته خبر پوندي) ٻيو حصو،
واشنگٽن شهر کان نيشويل کان سڌو نيو ميڪسيڪو
تائين، جنهن کي ڏاکڻو حصو سڏينداسون، ٽيون حصو
واشنگٽن اسٽيٽ جي اڀرندي کان نيو ميڪسيڪو تائين،
جنهن کي الهندو حصو سڏينداسون ۽ چوٿون حصو باقي
آمريڪا جو جنهن کي وچ ۽ اتر – آمريڪا سڏيو وڃي ٿو.
يورپي قومون جڏهن پهريائين آمريڪا آيون ته اڀرندي
– آمريڪا ۾ سڪونت ڪيائون، ۽ پوءِ آهستي آهستي وڌڻ
لڳيون، جيئن ته هيءُ حصو يورپ کي ويجهو آهي. ان
ڪري هن حصي جي ماڻهن جو لڳاءُ يورپ سان وڌيڪ آهي.
هن حصي ۾ آمريڪا جا وڏا ڪارخانا آهن ۽ آدمشماري به
گهڻي آهي. سردي به هن حصي ۾ گهڻي آهي. وڏا شهر،
وڏا ڪاليج ۽ هنري مرڪز به هن حصي ۾ آهن. ڏاکڻي حصي
۾ جڏهن يورپي قومون آيون، تڏهن اتي وڏا وڏا ميدان،
چراگاهه ۽ ٻيا هئا. اُها خدائي زمين جيئن ته ماڻهن
کي مفت ۾ ملي ويئي، ان ڪري اُتي زرعي پوک گهڻو زور
ورتو. توهان کي اناج ۽ ڪپهه وغيره. هنن حصن مان
ملن ٿا. هنن حصن ۾ باغات به گهڻا آهن. هنن حصن ۾
تيل ملي ٿو ۽ کاڻيون به گهڻيون آهن.، هتي گرمي به
ڪافي آهي. مگر جيئن ته هن حصي ۾ گهڻا ميدان ۽
انساني آبادي گهٽ هئي. ان ڪري يورپي ماڻهو سورهين
صديءَ کان وٺي آفريقا مان شيدين کي غلاميءَ ۾
جڪڙي، جهاز ڀري، جسماني پورهيي وٺڻ لاءِ آڻيندا
رهيا- آمريڪا جي شيدي آدمشماري گهڻو ڪري هن حصي ۾
آهي، ۽ هن جو لڳاءُ وري ڏکڻ آمريڪا سان گهڻو آهي.
توهان کي هت رجعت پسند گهڻا ملندا. الهندي طرف
جيئن ته ايشيا ويجهو آهي. ان ڪري ٻيون حالتون
رونما ٿيون آهن. هن حصي ۾ ريڊ انڊين گهڻا رهندا
هئا، ان ڪري جنگيون ۽ خونريزيون وڏي تعداد ۾
ٿينديون رهيون، جن جو اثر اڃا به موجود آهي. چين،
جپان ۽ فلسطين مان ماڻهو هن حصي ۾ لڏي آيا، ۽
الهندي ۾ اهو اختلاط ٿيو. باقي وچ ۽ اتر حصي جي
چوڌاري رهندڙن جي زياده حالتن جو اثر مخلوط نموني
رهيو. ماڻهن جي هن ورڇ جو آمريڪا جي سياسي،
اقتصادي، تهذيبي ۽ نسلي حالتن تي وڏو اثر پيو.
يهودي آمريڪا ۾ عجيب اثر کان آيا. يهودي
گهڻو ڪري نيويارڪ اسٽيٽ ۽ يارڪ شهر ويجهو رهيا. ۽
ٻيا وري فلاريڊ اسٽيٽ ۾ ويا. هاڻي نتيجو ڇا نڪتو
آهي. جو نيويارڪ اسٽيٽ ۽ شهر فلاريڊ ۾ ماڻهن کي
سخت نفرت پيدا ٿي ويئي آهي. يهودين هنن حصن ۾
اخباري، سياسي ۽ اقتصادي حالتن تي چڱي طرح قبضو
ڪيو آهي. ڏکڻ ۾ جيئن ته شيدي سن 1860ع تائين غلام
هئا، ان ڪري انهن خلاف اڃا نفرت آهي، جا هن حد
تائين جو لوئيوائل کان جيئن هيٺ ويندا، ته توهان
کي هيءَ نفرت، بغض ۽ ظلم وڌيڪ نظر ايندو. هنن لاءِ
کائڻ جون بسن ۾ ڌار جايون، ڌار ويٽنگ روم، ڌار اچڻ
وڃڻ جا رستا، ڌار هوٽل، ريلن ۽ اسڪولن ۾ به ڌار
ڌار جايون، مطلب ته سڄي حياتي هنن جي هن اثر هيٺ
ظلم جو گهر بڻجي چڪي آهي. ايترو ڪافي نه آهي، وري
وچ الهندي ۽ ڏکڻ الهندي ۾ جتي ريڊ انڊين هئا، اُتي
انهن جي نفرت به ڦري هنن تي ڪري آهي. جڏهن آمريڪا
۾ هنن جون لڙايون ختم ٿيون، آمريڪي قانون هيٺ هنن
قومن کي اسان جي ڪورٽ او وارڊس وانگر قومي وارڊ
قرار ڏنو ويو، تڏهن کان هنن کي اهڙي نموني هلايو
۽ رکيو وڃي ٿو، جيئن هڪ ٻار کي وڏو پاليندو آهي،
الهندي حصي ۾ جپاني ۽ چيني نسلن جي ڪري، وري ان
نفرت جو نزلو اچي هنن درويشن تي ڪريو آهي. گذريل
جنگ ۾ جيڪي به جپاني نسل جا ماڻهو هئا، انهن کي
هزارن جي تعداد ۾ جيلن ۾ وڌو ويو، ته متان ڪنهن
وقت آمريڪا کي اندران ئي اندران نقصان نه
پهچائين.
اهي عجيب ۽ غريب قسمن جون نفرتون آهن. مگر
شيدين سان نفرت عجيب حالت جي آهي. هن جو اثر ڪنهن
نه ڪنهن طرح سڄيءَ آمريڪا تي آهي. مگر توهان جيئن
اتر کان ڏکڻ ايندا، ته هن نفرت ۽ ظلم جي حالت
وڌندي رهندي. يهودين، ريڊ انڊين ۽ ٻين نسلن جي
ماڻهن سان ايڏو ويل نه آهي. هنن جا ٻين نسلن ۾
ڪافي متمول، خوشحال ۽ بااثر ماڻهو ملندا، مگر
شيدين جي حالت ٻي آهي!
توهان کي خبر آهي، ته انساني ڪمزوريون ۽
غلطيون ڇو ٿيون ٿين، ۽ انسانن جي هيئن گڏ ملڪ ۾
رهڻ کان اختلاط ڇو وڌندو رهيو آهي؟ توهان کي هنن
نسلن جي اختلاط جي اثر هيٺ ملڪ ۾ حيرت انگيز ماڻهن
جو حصو ملندو، جن ۾ والدين جي حرڪتن جون علامتون
ملنديون.
هن نسلي امتياز جي دنيا ۾، خدا کي ياد ڪرڻ
به انسان لاءِ مضر نظر اچي ٿو. طاقت ۽ پئسي انساني
همدرديءَ کي مٽائي ڇڏيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته
حالتون تمام تيزيءَ سان سڌري رهيون آهن، جي آخر
دنيا جي تاريخ ۽ ماڻهن کي سبق سيکارين ٿيون. فطرت
جو قانون آهي ته ظلم جو اجورو هن دنيا ۾ ئي مليو
وڃي. تاريخ ڪڏهن به ظالم کي سزا ڏيڻ کان نه رهندي
آهي. ظالم ۽ بدڪار، دنيا ۾ سزا کائي مرندو آهي!
افسوس فقط هي ته ظالم ۽ بدڪار کي جيسين سزا ملي،
تيسين هن جي حرڪتن مان ڪافي نقصان پهچندو رهندو
آهي. خير، سائين جنگ آئي ۽ حالتون تيزيءَ سان ڦرڻ
لڳيون. اچو ته ٻيو رخ ڏسون.
توهان کي خبر آهي ته آمريڪا جي هميشه
اهائي پاليسي رهي آهي. ته پوريءَ دنيا جي منجهيل
مسئلن کان پري رهي. اڻويهين صديءَ جي پهرينءَ
لڙائي، سن 1914ع تائين، اُها بيطرفداري جي حالت ۾
رهيو ۽ سن 1917ع ۾ آمريڪا بين الاقوامي حالتن جي
اثر هيٺ جنگ ۾ ٽپي پيو، منگر آمريڪي سولجرن جي خدا
ٻڌي ۽ سن 1919ع ۾ جنگ ختم ٿي، پريزيڊنٽ ولسن دنيا
جي مسئلن ۾ آمريڪا جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش
ڪئي، ته ويچاري کي لتون هڻي ڪڍي ڇڏيائون. آمريڪا
ليگ آف نيشنز ۾ رهيو، ۽ وري به عليحدگيءَ جو دؤر
رهيو. پوءِ اوڻهين صدي ۽ ويهين صديءَ ۾ 1941ع
تائين، جڏهن جپان آمريڪا تي حملو ڪيو، تيستائين
آمريڪا کي هڪ وڏو عرصو ملي ويو، جنهن ۾ ملڪ، دنيا
مان جام پئسا ڪمائي پاڻ کي خوشحال بڻايو ۽ دنيا ۾
عجيب ۽ غريب طاقت هٿ ڪئي. آمريڪا جنگين ۾ شامل
ٿيو، مگر جنگين آمريڪا جي سرزمين تي ڪوبه اثر نه
ڏيکاريو. جنگيون آمريڪا جي سرحد کان هزارها ميل
پري رهيون. جپان جو پرل بندر تي حملو، آمريڪا تي
ويجهي ۾ ويجهو حملو هو. خير، سن 1941ع ۾ آمريڪا
مجبور ٿي سن 1939ع واري لڙائيءَ ۾ آيو ۽ جنگ ختم
ٿيڻ کانپوءِ، دنيا ٻن طاقتن جي اثر هيٺ اچي ويئي -
هڪ رشيا ۽ ٻي آمريڪا. جنگ ختم ٿيڻ سان آمريڪا پاڻ
کي بين الاقوامي حالتن جي وچ ۾ ڏٺو. هن دفعي جند
ڇڏائڻ مشڪل ٿي پيس، هاڻي طاقت ۽ محتاجي ٻئي نصيب
ٿيس. آئون هن وقت آمريڪا جي بين الاقوامي تعلقات
جو ذڪرنه ڪندس. اهو اونهو مسئلو آهي. هن جنگ
آمريڪا جي عليحدگي ختم ڪئي، پر حالتن نوان خطرا ۽
شبها پيدا ڪيا. اڄوڪي جنگين جي ضرورتن ۽ هيبتن
آمريڪا کي اکيون ڏيکاريون ۽ مخمور دماغ ڪجهه صحيح
ٿيڻ لڳو ۽ هتي ويچارن شيدين جي خدا ٻڌي.
انهي دوران دنيا ۾ ٻيون به ڪجهه حالتون
پيدا ٿيون. انگريزن جي طاقت گهٽي، پاڪستان،
هندستان،سيلون، برما ۽ انڊونيشيا آزاد ملڪ پيدا
ٿيا ۽ هن آزاديءَ جو پڙاڏو هتي ٻڌو ويو. هن حالت
به آمريڪي شيدين جي وقار، عزت ۽ انسانيت کي وڌايو.
آمريڪا کي يقين ٿيو ته جنگ اڄڪلهه قوم جي هر فرد:
مرد، عورت ۽ ٻار لاءِ تڪليف پيدا ڪري ٿي. جنگ
جون حالتون اندروني نفرت سان ڪڏهن به ڪاميابيءَ
سان حل نه ٿينديون آهن. فرعون جو دماغ موسيٰ ٺيڪ
ڪيو!
آمريڪا هاڻي شيدين کي قوم ۾ جذب ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي. يورپ جا ڪيترا حصا جن مان آمريڪا ۾
يورپي باشندا ايندا هئا. اهي رشيا جي قبضي ۾ اچي
ويا. رومانيا، چيڪو سلوويڪيا، بلغاريا ۽ جرمنيءَ
جو اڀرندو حصو. آسٽريا جو حصو، البانيا ۽ ننڍيون
بالڪ حڪومتون رشيا جي چنبي ۾ اچي ويون. يورپ جي
غرور ۽ ظلم کيس اچي ڳچيءَ کان ورتو. آمريڪا کي
يقين ٿيو، ته شيدي آمريڪا جا باشندا آهن. آمريڪا
سان سندن محبت آهي. جان ڏيڻ لاءِ تيار آهن. آمريڪا
کي يورپ ۾ شڪ پيدا ٿيو، ۽ شيدين جي خدا ٻڌي. شيدي
حقيقت ۾ وڏين خوبين جا مالڪ آهن، انهيءَ جو ذڪر
پوءِ ڪندس.
هنن بين الاقوامي اقتصادي، ۽ فني تعميرات
جي اثر هيٺ، آمريڪا دنيا کان جند ته نه ڇڏائي، مگر
کيس گهر ۾ اندر بچاءُ جو سخت ڊپ لڳو. هن ڊپ ٻه
حالتون پيدا ڪيون: هڪ ته شيدين کي قوم ۾ جذب ڪرڻ
جون ڪوششون هليون ۽ ٻيون ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ۽
آمريڪا ۾ ٻاهرين رهندڙن تي سخت پابنديون لڳايون
ويون ۽ اُنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو آمريڪا ۾ هڪ
قانون پاس ٿيو، جنهن جو نالو آهي ”مئڪرن ائڪٽ“.
مطلب ته هن قانون عجيب حالتون پيدا ڪيون آهن. هيءُ
قانون آمريڪا جي شبهات ۽ ڊپ جو نتيجو آهي. خير،
اسين ٻي ڳالهه ڪريون ٿا.
ٻي خط ۾ آئون توهان کي انشاءَ الله پنهنجي
واپسيءَ جو پروگرام ڏيندس، ۽ اُن خط ۾ آئون جن به
اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ويس ۽ جن به ڪانفرنسن ۽ مباحثن
۾ حصو ورتم، انهن جواحوال ڏيندس. توهان ۽ پڙهندڙن
کي به اليڪشن کان نجات حاصل ٿي هوندي. دعا ڪندا.
(”الوحيد“ 26- مئي 1953ع) |