سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سير ۽ سفر

غلام مصطفيٰ شاه

صفحو :10

(14)

 

        هن خط ۾ آئون پنهنجي مصروفيتن بابت لکان ٿو. جنهن ڏينهن کان آئون هتي آيو آهيان، منهنجو مقصد تعليم، تعليمي ادارن ۽ استادن سان ملڻ رهيو آهي. پهريائين اچو ته توهان کي ٻڌايان، ته آئون هن ملڪ جي حصي ۾ ڪيئن آيس؟ ۽ توهان کي اهو به ٻڌايان ته  هتي اچڻ مان ڪهڙا فائدا ٿيا اٿم؟

        مون کي ڪراچيءَ ۾ آمريڪي سفارت خاني وارن پڇيو ته منهنجي آمريڪا ۾ ڪهڙي اداري ۾ وڃڻ جي مرضي آهي. مون کي خبر هئي، ته اسان جا پاڪستاني عمومن نيويارڪ يا ٻين وڏن شهرن جي ويجهو رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مون کي خبر هئي ته گهڻو ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو ارادو، ڪارنيل يونيورسٽي، ڪولمبيا يونيورسٽي، پرنسٽن يا هارورڊ يا ٻي ڪا آمريڪا جي يونيورسٽي جنهن  جو نالو ٻڌو هوندائون. اتي وڃڻ ٿيندو. مون کين جواب ڏنو، ته مون کي اهڙي هنڌ موڪليو، جتي هن کان اڳ ڪوبه پاڪستاني نه ويو هجي. آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، مون کي هن لوئيوائل يونيورسٽيءَ ۾ موڪليو. هن شهر، هن يونيورسٽيءَ ۽ هن اسٽيٽ ۾ اچڻ سان گهڻي معلومات حاصل ٿي اٿم.

        توهان نقشو کڻي ڏسندا، ته ڪئنٽڪي اسٽيٽ تقريباً آمريڪا جي وچ ۾ آهي. مون توهان کي هن  کان اڳ هڪ خط ۾ آمريڪا جي جاگرافيائي حدن جي اهميت بابت لکيو هو. توهان ڏسندا ته هتان کان آمريڪا جو اڀرندو – اڀرندو آهي، اتر – اتر آهي. ڏکڻ – ڏکڻ آهي ۽ اُلهندو – اُلهندو آهي. آمريڪا جي سياست ۾ ڪئنٽڪيءَ جو وڏو اثر رهيو آهي، نه فقط ايترو مگر ڪي ٿوريون، رياستون آهن، جن جو آمريڪي نظام ۾ وڏو حصو آهي. هن اسٽيٽ ۾ توهان کي آمريڪا جي ماضيءَ جون حالتون ۽ مستقبل جون اميدون ملنديون. هي چند ڳالهيون   خيال ۾رکو:

        ڪئنٽڪي اسٽيٽ آمريڪا جي فوجي زندگيءَ ۾ وڏو حصو ورتو آهي. هتي آمريڪا جي فولادي لشڪر جو مرڪز آهي. هي مرڪز فورٽ ناڪس ۾ آهي. آئون هي مرڪز ڏسڻ ويو هوس. خيال ڪيو، هن مرڪز جي ايراضي ڏيڍ لک ايڪڙ آهي. آمريڪا جو ڪوبه اهڙو جنرل نه آهي، جنهن هتي تعليم نه ورتي آهي. هتي هڪ ميوزم ٺهيل آهي، جنهن جو نالو ”جنرل پٽن ميوزم“ آهي ۽ جنهن ۾ جنگي هٿيار رکيل آهن. حيرت جي جاءِ آهي! فورٽ ناڪس ۾ آمريڪي حڪومت جو سون رکيل آهي. خبر نه آهي ته اسان جي ملڪي ماڻهن مان ڪيترن کي خبر آهي، ته دنيا جو اسي في  سيڪڙو سون، آمريڪا ۾ آهي، باقي ويهه في سيڪڙو سون دنيا جي ٻين ملڪن ۾، ڪيترن کي شايد ئي خبر هجي! ته سون جو اگهه دنيا ۾، آمريڪا جي سون خريد ڪرڻ تي مدار رکي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا اڄ به سون خريد ڪرڻ بند ڪري، ته هوند ڪيترا ملڪ بک مرن. مگر آمريڪا سون خريد ڪري زمين ۾ رکندو وڃي ٿو. مون فورٽ ناڪس ۾ اها جاءِ به ڏٺي آهي.

        ڪئنٽڪي اسٽيٽ جو نشان ”ڪرنل“ آهي. ڪئنٽڪي ڪرنل آمريڪي تاريخ ۾ مشهور آهي. هن اسٽيٽ ۾ پريزيڊنٽ ابراهام لنڪن ڄائو هو. هي آمريڪا جي اُها اسٽيٽ آهي، جنهن ۾ وچولي درجي جو غلبو آهي. توهان کي آمريڪا جا ڪروڙ پتي هتي ڪونه ملندا. هيءَ پهرين اسٽيٽ آهي، جنهن قانوني طرح سان شيدين کي حق ڏنا آهن. آمريڪا جي هيءَ لوئيوائل يونيورسٽي، هن حصي ۾ پهرين يونيورسٽي آهي، جنهن شيدي شاگردن جي سفيد چمڙيءَ وارن سان گڏ تعليم جو انتظام ڪيو آهي. هن لوئيوائل يونيورسٽيءَ ۾، هر شعبي ۾  شيدي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سفيد آمريڪي ڇوڪرن ۽  ڇوڪرين سان گڏ تعليم وٺن ٿا. ڪئنٽڪيءَ کان ڏکڻ ۾ الهندي اڃا شيدين لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ڌار آهن. ڪئنٽڪي ڏکڻ ۽ الهندي ۾ پهرين اسٽيٽ آهي. جنهن ۾ شيدين کي سڀ انساني حق ڏنا ويا آهن ۽ اتي شيدي خوشحال ۽ باعزت زندگي بسر ڪن ٿا. هن مسئلي جي اهميت جو ذڪر پوءِ ڪندس. هن وقت آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو جج هن اسٽيٽ مان آهي ۽ آمريڪا جي فيڊرل ڪورٽ ۾ هتان جا چار جج آهن. باقي ٻارنهن ٻين ستيتاليهن حصن مان آيل آهن. هتان جي اخبار جنهن جو مون ذڪر ڪيو هو، آمريڪا جي بهترين اخبارن مان آهي. تنقيد ۾ جرئت ۽ شيدين جي ترقيءَ لاءِ وڏو ڪم  ڪيو اٿس.

        هيءُ پهرين اسٽيٽ هئي، جنهن شيدين کي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو. لوئيوائل اهڙي مرڪز تي آهي جو هتان واشنگٽن، نيويارڪ، مياڪي، هوسٽن،  نيو آرلينس، ڪئنساس، سٽي شڪاگو، دئرائٽ سڀ هڪ مفاصلي تي آهن، هتان کان اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ وغيره هن شهرن ۾ آسان آهي. آمريڪا ۾ آمدورفت جو خرچ به مصيبت جو آهي. هتي اچڻ سان وڌ کان وڌ شهر، ملڪ  جا حصا ۽ تعليمي ادارا ڏسي سگهيو آهيان.

        مون کي آمريڪا ۾ اسلامي تاريخ، وچ مشرق ۽ مشرق بعيد تي تقريرون لاءِ دعوت ڏيئي گهرايو ويو هو. منهنجو ڪجهه ڪم يونيورسٽيءَ ۾ هو، پر گهڻو ٻاهر رهيو. جتي پروگرام ٺهيو اُتي ويس ۽ جتان به دعوت ملي. اُتي پهتس، منهنجو پروگرام هن طرح هو:

        هتي يونيورسٽيءَ ۾ هفتي ۾ ٻه ڪلاڪ (هڪ اڱارو  ۽ ٻيو خميس) باقاعدي ڪم رهيو.  ان سان گڏ هتي هيٺين مجلسن ۽ جاين تي ويس. هر هڪ جو مختصر ذڪر ڪيان ٿو. اهو آئون پهرين يونيورسٽيءَ ۽ لوئيوائل شهر کان شروع ڪندس، ۽ پوءِ ڪئنٽڪي اسٽيٽ بورڊ ۽ ٻيا ادارا.

        لوئيوائل يونيورسٽي، آمريڪا جي پراڻي ۾ پراڻي ميونسپل يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽيءَ جو انتظام لوئيوائل شهر جي ميونسپالٽيءَ جي حوالي آهي ۽ خرچ به هو ڀرين ٿا. يونيورسٽيءَ ۾ هر قسم جي تعليم جو انتظام آهي. هڪ خاص ڪم سيکاريو ويندو آهي.، جيڪو آمريڪا ۾ ڪٿي به نه آهي. اهو آهي هتي جو ’اسپيڊا اسڪول‘. هن يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل ست هزار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آهن، انهن سان ٻه سؤ کن شيدي به گڏ آهن.

(”الوحيد“ 7 – جون 1953ع)

 

(15)

 

        هن يونيورسٽيءَ جي سالياني بجيٽ پنجٽيهه لک ڊالر آهي. (ڊالر ۾ ٽي رپيا ٿين) هن يونيورسٽيءَ ۾ هڪ شيدي پروفيسر به آهي. آمريڪا ۾ سواءِ شڪاگو يونيورسٽيءَ جي ٻيءَ ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ شيدي پروفيسر نه رکيو ويو آهي. توهان کي اهو ٻڌي عجب لڳندو، ته يونيورسٽيءَ جي پنجهتر سيڪڙو آمدني، وقف ڪيل جائداد مان آهي يا ڪن ماڻهن مرڻ وقت پنهنجون ملڪيتون يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيون ۽ اهڙيون وصيتون ڪري ويا آهن، شاگردن جي في مان فقط پندرنهن سيڪڙو يا ان کان به گهٽ پيدائش آهي.

        هن بيان کي جاري رکڻ  کان اڳ مون کي خيال آيو، ته پڙهندڙن کي يونيورسٽيءَ جي نظام متعلق ڪجهه وڌيڪ ٻڌايان: يونيورسٽي نظام ۽ تعليم جو تخئيل، ٻيئي عجيب قسم جا آهن، جنهن جو  علم اسان جي ملڪ ۾ ڪن ٿورن تعليمي منتظمين جي دماغ ۾ آيو آهي يا ايندو. اڄڪلهه هر ڪو معمولي ڪاليج جو تعليم حاصل ڪيل شاگرد سمجهي ٿو ته وٽس علم جو ڪمال آهي. هڪ بي. اي پاس ڪيل سمجهي ٿو ته ادب ۾ سندس جهڙو ڪوبه ماهر نه آهي. هڪ بي. اي سمجهي ٿو، ته انجنيئرنگ جي تعليم وٽس ختم آهي. هڪ ايم. بي . بي. ايس سمجهي ٿو، ته ميڊيڪل ڪاليج سندس تخئيل جو نتيجو آهي.  اها اسان جي قوم جي تعليم جي بدقسمتي آهي، جو اسان جي تعليمي نظام ۾ هنن اڌ پڙهيلن جو اقتدار آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ اسان جي  تعليم کي انهن انڌن، گونگن ۽ ٻوڙن کان بچائي، جن کي اهڙي تعليم، علم ۽ تدبر نه سيکاريو ويو آهي. جن کي اهڙي نهٺائي نصيب نه ٿي آهي، جو رعب تان کان سواءِ تعليم جي ترقي لاءِ ڪوشش وٺن. نه فقط ايترو، مگر جن ماڻهن کي معمولي ڪاليج جي تعليم به نصيب نه ٿي  آهي. انهن کي  موقعو مليو آهي، ته اهي يونيورسٽيون هلائين. اسان جي تعليمي ماحول ۾ ڪنهن به هڪ فن جو معمولي گريجوئيٽ پاڻ کي ان ڪم ۾ صاحب ڪمال سمجهي ٿو.  اسان جي تعليم ۾ اهڙن ماڻهن کي اقتدار حاصل آهي، ته پوءِ اسان جي قوم جي ترقي  ٿيڻ  محال آهي. اُهي ماستر ويچارا جن جي حياتي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ويئي ۽ جن انهن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. اڄ انهن کي پڇي ڪير ٿو؟

        مگر هڪ گريجوئيٽ جيڪو ڪليڪٽر يا ٻيو ڪجهه ٿيو، ۽ پوءِ ڪيائين رٽائر ته بس. تعليم جي ابي ٿيڻ لاءِ ڪوشش ۾ مصروف هوندو! الله تبارڪ و تعاليٰ اسان کي جاهلن جي سرداريءَ کان بچائي. اسان استادن جي بيڪسي اسان جي تعليم جي بيوسي آهي. اسان استادن جو حقير حال، تعليم جو حقير حال آهي. مطلب ته اسان جي زندگيءَ جي نظام ۾ ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي، ته فقط استاد کي عالم هئڻ جو فخر حاصل نه آهي، پر هر ڪو عالم  ڪامل امام المعصوم، مفڪر عظيم ۽ صاحب الراءِ والعمل آهي. جنهن ملڪ جي تعليم ۾ جاهلن ۽ اڌ پڙهيلن کي اقتدار حاصل آهي. انهيءَ ملڪ جي تعليم جو ڇا حال هوندو! جيڪڏهن معمولي بي. اي، يا ايل. ايل. بي يا ايم. بي. بي. ايس يونيورسٽيون هلائي سگهن ٿيون، ته پوءِ اسان جهڙن مجهولن ۽ جاهلن مطلقن جي ڇا جرئت! آمريڪا جي تعليم جي ترقي انهيءَ ۾ آهي ته تعليم، معياري عالم استادن جي حوالي آهي. هتي مون هزارين بيوقوف سياستدان ڏٺا، مگر استاد ۽ مجهول نه ڏٺم. مون ڪنهن به اعليٰ سياستدان کي علم جو ماهر سڏائيندي نه ٻڌو، نه ڏٺو. سائين! قلم گستاخ ٿو ٿئي. پر ڏاڍي مشڪل سان وري ٿا رستي تي آڻيونس.

        مون توهان سان يونيورسٽين جو ذڪر ٿي ڪيو، معاف ڪجو جو هيءُ منهنجو مضمون ڪافي طويل ٿي ويو آهي. اميد ته  اوهان جي اخبار اليڪشن کان پوءِ به هلندي رهندي. اسان جون دعائون توهان سان آهن. دعائن کان سواءِ، اسان وٽ ٻيو آهي ئي ڇا؟

        اسان وٽ يونيورسٽي نظام ۾ جاگرافيءَ کي وڏو دخل آهي. اسان جون يونيورسٽيون سياسي نظام جي حدن اندر ڪم ڪن ٿيون. مثلاً: سنڌ يونيورسٽي سنڌ لاءِ، پنجاب يونيورسٽي پنجاب لاءِ وغيره. هي جاگرافيائي حدن جو تخئيل هر قسم جي يونيورسٽيءَ سان شامل آهي. انهن ۾ پوءِ يونيٽري يونيورسٽيون، يا ائفليئيٽنگ يونيورسٽيون، يا ريزيڊينشل يونيورسٽيون يا هنن مان ڪن به ٻن جو مجموعي تخئيل يا نظام آهن. مثلاً؛ ڍاڪا يونيورسٽي پهرين طبقي ۾ هئي، پر هينئر نه آهي. سنڌ يونيورسٽي ٻئي نظام جو مثال آهي ۽ علي ڳڙهه يونيورسٽي ٽئين نظام جو  مثال آهي. مطلب ته هنن يونيورسٽين جي جاگرافيائي حدن ۾ ٻيو ڪوبه ڪاليج يا يونيورسٽي نه آهي. مگر توهان کي آمريڪا ۾ اهڙن شهرن ۽ جاين تي جتي اسان وٽ هڪ ڪاليج يا هڪ يونيورسٽي ئي رهي سگهي ٿي، اُتي ٽي – چار يونيورسٽيون ۽ انهن کان بلڪل عليحده ۽ آزاد ڪاليج هلي ۽ رهي سگهن ٿا. مثلا: هتي لوئيوائل ۾ هڪ يونيورسٽي آهي. مگر شهر ۾ ٻيا ڪاليج به آهن، جن ۾ قريب قريب اهائي تعليم ڏني وڃي ٿي. مگر اهي يونيورسٽيءَ کان ڌار آهن ۽ انهن جي نظام ۾ يونيورسٽيءَ کي ڪو به دخل نه آهي. هن جون ڊگريون وغيره بلڪل جدا حيثيت رکن ٿيون ۽ انهن ڊگرين لاءِ يونيورسٽيءَ جي منظوري ضروري نه آهي. ان هوندي به اُهي يونيورسٽيءَ جي ڊگرين کان ڪنهن به حالت ۾ علمي يا تعليمي يا نظامي نقطه نظر کان گهٽ نه آهن. آمريڪا ۾  ارڙنهن سؤ اهڙيون آزاد يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن. مگر اهڙا آزاد ڪاليج يا يونيورسٽيون وڌيڪ اهي آهن، جي اسٽيٽ يا فيڊرل گورنمينٽ يا ميونسپالٽين کان ٻاهر آهن، ۽ گهڻو ڪري مذهبي گروهن سان وابستگي رکن ٿا. مثلاً: ڪاليج يا يونيورسٽي رومن ڪئٿولڪ يا بئيٽسٽ فرقي جي زير اهتمام يا برسبٽيرين نظام هيٺ آهن. آئون هنن ڪرستان فرقن جو هتي  ذڪر نه ڪندس. مون ارادو ڪيو آهي. ته توهان کي ’اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت‘ تي هڪ خاص مضمون موڪليان. ڪافي مصالحو گڏ ڪري رهيو آهيان. توهان چڱو  مون مان ڦاٿا هوندؤ. خدا توهان کي هن عذاب سهڻ جي توفيق ڏئي!

        تعليم تي جيڪڏهن منهنجا مضمون ڪافي دگها ٿيا ته آئون انهن کي حصن ۾ ورهائي لکندس. هنن مضمونن ۾ پنهنجي سڄي سفر جي علمي ۽ تعليمي دوري جو بيان ڪندس. صبر کان ڪم وٺندا، ۽ معاف ڪندا. مون هتان لوئيوائل يونيورسٽيءَ جي احوال جا ڏهه صفحا پورا ڪرايا آهن. اڃا ڪٿي ڳالهه پيئي آهي! منهنجي ڪوشش فقط اها آهي، ته اسان يونيورسٽي لفظ جي حقيقي معنيٰ سمجهون. يونيورسٽي معنيٰ ’استادن ۽ شاگردن جو مجموعو‘. يونيورسٽيءَ لفظ بِذات خود استادن ۽ شاگردن کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ماهر کي يونيورسٽيءَ ۾ دخل جي اجازت نٿو ڏئي. غير علمي گروهن جو دخل يونيورسٽيءَ لاءِ نقصانڪار آهي. يونيورسٽيءَ جو فرض آهي قوم جي رهبري ڪرڻ ۽ ترقيءَ لاءِ سامان ۽ انسان تيار ڪرڻ، توهان ڏسندا هوندا ته غير تعليمي گروهن جو يونيورسٽيءَ ۾ هجڻ، يونيورسٽيءَ کي پنهنجي مقصد کان ڪيرائي ٿو ڇڏي. مطلب ته ان حالت ۾ يونيورسٽيءَ جو روح عليل ٿيندو، ۽ جسم بي بقا!

        يونيورسٽيءَ جي تخئيل ۾ جسماني حالتون به آهن – تدريس، رهائش ۽ تفريح جون جايون، لئبريريون ۽ اُهي علمي، تهذيبي  ڪوششون ۽ دلچسپيون جن جو عين تعليم سان سڌو  واسطو نه آهي.  تاهم تعليم جي وسيع تخئيل جو حصو آهن، يعني شاگردن ۽ استادن جي حياتيءَ جي خوشيءَ جو حالتون، جيڪي انهن جي جسماني تندرستي ۽ دماغي صحت ۾،  وسعت ۽  اضافو  پيدا ڪن ٿيون. يونيورسٽي ۽ شاگرد هڪ هلندڙ ۽ چرندڙ حصو آهن. اميد اها رکي ٿي وڃي ته هر ڪو پاس ٿي، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ڇڏي، زندگيءَ جي لوازمات کي منهن ڏئي. يونيورسٽيءَ جي تاريخ جو مقصد آهي، ته يونيورسٽيءَ جي جاين، يونيورسٽيءَ جي لئبريرين، لئبارٽرين، يونيورسٽيءَ جي راندين جي ميدان وغيره سان شاگردن جو تعلق پيدا ڪيو وڃي. استاد يا استادن جو واسطو يونيورسٽي سان عارضي يا تاحياتي رهي ٿو. تاحياتي هڪ استاد جو يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ ان جي بلنديءَ ۽ استاد جي عزت ۾ اضافو ٿو ڪري. هي ذرا تمهيدي اشارا آهن. آئون پنهنجي تعليمي دوري جي بياني احوال کانپوءِ، استادن ۽ شاگردن جي عمومي زندگيءَ جو احوال هڪ خاص مضمون ۾ لکندس. هتي مختصراً استادن جي پگهارن ۽ لوازمن جو ذڪر ڪندس.

        آمريڪي يونيورسٽين ۾ استادن کي پنجن هزارن ڊالرن کان ٻارهن هزار ڊالرن تائين پگهار ملي ٿي. ڪي اهڙا به آهن، جن جي ويهه هزار ڊالر ساليانه پگهار آهي. مگر شيدين جي يونيورسٽين جو  غريب حال آهي. مثلاً: فسڪ يونيورسٽي، جا آمريڪا ۾ شيدين جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي، ان ۾ ڪنهن به استاد کي پنج هزار ڊالرن کان مٿي پگهار نه آهي. فسڪ جو احوال توهان کي آئنده صفحن ۾ ڏيندس.

        سائين منهنجا، چار مهينا گذريا ويا آهن. توهان کان هت آيو آهيان، مگر اڃا ٻه مهينا آهن، جي ٻاهر گذارڻا آهن. آئون فقط پنهنجي واٽ جي پروگرام  جي اچڻ جي انتظار ۾ آهيان. انشاءَ الله اهو پروگرام پورو ڪري ايندس. باقي ڳالهه هيءَ اٿوَ، ته پٺيان رهيل ٻار، مائٽ، ملڪ، دوست، شاگرد، ڪاليج وغيره ڏاڍا ٿا ياد اچن. الله پاڪ سڀني کي محفوظ رکي.

(”الوحيد“ 9-جون 1953ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org