ضميمو: 1
يونيورسٽيون ۽ اُن جي استادن جا حق ۽ جوابداريون
هيءُ مضمون اُن بيان جو ترجمو آهي، جيڪو
آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي ستٽيهن يونيورسٽين جي
ايسوسيئشن طرفان ڪڍيو ويو آهي. هن ايسوسيئشن جو
صدر ’بيل يونيورسٽي‘ جو وائيس چانسلر آهي. مون اڳي
لکيو آهي، ته هن وقت آمريڪا ۾ دماغي سمجهه موجود
آهي. حالات جي مدنظر آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي وڏن
دماغن، هن قسم جي بيان جي ضرورت محسوس ڪئي آهي. هن
بيان ۾ يونيورسٽي، يونيورسٽيءَ جي تعليم، استادن ۽
شاگردن جي تعلقات ۽ ربط تي گهري نظر وڌي وئي آهي.
اسان لاءِ هن بيان ۾ ڪافي سبق آهي. خدا شل اسان جي
بزرگن کي سمجهه ڏي، جو اسان جي تعليم جي معيار کي
بلند ڪن. پر خدا ڄاڻي ٿو ته هن مضمون کي الاجي
گهڻا پڙهندا!
سيد غلام مصطفيٰ
(1)
آمريڪي زندگيءَ ۾ يونيورسٽيءَ جي اهميت
يونيورسٽيءَ جو تخيل جڏهن يورپ مان آمريڪا ۾ آيو،
تڏهن اُن جي حقيقي نشوونما آمريڪا ۾ ٿي ۽ هڪ غير
معمولي رفتار سان سڄي ملڪ تي اثر ڪيائين. اڄ
يونيورسٽيون، اسان جي سموري تعليمي نظام جون علم
بردار آهن. اسان جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ جو مدار
انهن تي آهي. اسان جي علم ۽ فن جي ڪمالات جو
بنياد يونيورسٽيءَ تي آهي. يونيورسٽي جي تعليم
يافته انسانن، جنگ ۽ امن جي زندگيءَ ۾ اعليٰ ۽
افضل حصو ورتو آهي ۽ هزارها تعليمي ماهر ۽ تعليم
يافته انسان، اڄ اسان جي ملڪ جي رهبري ڪن ٿا. جنگ
۽ امن جي هر امتحان ۾ هنن ملڪ جي ترقي ۽ بهتريءَ
لاءِ پنهنجي پنهنجي شيءِ پيش ڪئي آهي.
يورپ جي يونيورسٽين جي مقابلي ۾، آمريڪي
يونيورسٽين، ملڪ جي اندروني ۽ بيروني ضروريات کي
پوري ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي. انهن يونيورسٽين ۽
ڪاليجن اسان جي باشندن ۾ اُهي صلاحيتون پيدا ڪيون
اهن، جيڪي هڪ وڏي ۽ وڌندڙ ملڪ لاءِ لازمي آهن.
انهن آمريڪا جي قوم کي واحد قوم بنائڻ ۾ وڏو حصو
ورتو آهي. آمريڪا جا نظريا طاقتور آهن ۽ انهن مغرب
جي سچي تهذيب کي وسيع ۽ شاهوڪار بنايو آهي. اسان
جي تدريس ۽ اسان جي مثال مان دنيا سبق حاصل ڪيا
آهن.
(2)
يونيورسٽيءَ جي
ماهيت
علم جو حاصل ڪرڻ ۽ اُن جي ترقي انساني
فطرت جي تقاضا آهي. ان ڪري هر انسان ۾ علم جو جذبو
موجود آهي. پر علم جي جستجو هر انسان پنهنجي خيال
سان ڪندو آهي. انسانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تعليم
وٺڻ جون صلاحيتون هڪجهڙيون نه آهن، پر عليحده
عليحده نموني ۾ موجود آهن. تاريخ ۾ اسان کي اُهي
فرد ملندا، جن انسانن جي حياتيءَ ۾ علم کي ترقي
ڏني، ۽ جن اُهي وسائل ٻڌايا ۽ ڏيکاريا، جن سان
علمي ۽ فني ترقي برقرار رکي سگهجي ٿي. تايخ،
عالمن، استادن ۽ شاگردن کي ڪشش ڪئي ۽ چند استادن ۽
شاگردن جي گروهن، يونيورسٽيءَ جا ابتدائي مرحلا ۽
مثال قائم ڪيا.
يونيورسٽيون انهن استادن ۽ شاگردن جي گروهن مان
بدلجي هڪ عجيب اهميت کي پهتيون آهن. يونيورسٽين جو
نظام هڪ عجيب ڪمال تي پهتو آهي. يونيورسٽيون
يقيناً ڪارخانا نه آهن، جن ۾ خريد ۽ فروخت لاءِ
شيون پيدا ڪيون وڃن ٿيون، يونيورسٽيءَ جو نظام، ان
جي طرز عمل ۽ اُن جي طريقي ڪار هڪ واپاري يا هنري
نظام کان بلڪل ڌار آهي. يونيورسٽيءَ جو نظام، جبر
۽ تنگ نظريءَ کان پري آهي ۽ اُن ۾ واپاري نظام
وارا طبقا موجود نه آهن. يونيورسٽيءَ جا ڪارڪن
بنيادي ۽ اصولي نقطئه نظر کان هڪجهڙا ۽ يڪسان آهن.
يونيورسٽي، درجي بندي کان خالي آهي.
آمريڪي يونيورسٽي، عالمن ۽ ماهرن جي مجلس
آهي. انهن جي اهميت، عالم يا استاد جي حالت ۾
هيءَ آهي، ته هو پنهنجون علمي ڪارروايون ۽ مضمون
هڪٻئي جي مدد ۾ استعمال ڪن ۽ ان سان گڏ پنهنجون
انفرادي علمي يا فني ڪوششون به جاري رکن ۽ ٻين کي
فيضياب بڻائين. هنن عالمن ۽ استادن جو اتحاد علمي
ڪوششن لاءِ ضروري آهي. هنن ۾ علمي نظرين لاءِ شناس
آهي. هنن ۾ اخلاقي نظرين لاءِ قدر آهي ۽ هنن ۾ ملڪ
۽ حڪومت جي نظام لاءِ عزت آهي. هو ڌار ڌار علوم ۽
فنون ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ نظرين ۾ ماهر ملندا. جن
جون دلچسپيون ۽ خيال، عليحده عليحده هوندا.
انفرادي جدوجهد علمي ڪوششن ۽ ڪاميابي لاءِ اهڙي
ضروري آهي. جهڙي اقتصادي حياتي لاءِ.
(3)
تنقيد
ضروري آهي
انهن سببن ڪري يونيورسٽيءَ لاءِ ضروري
آهي، ته نه صرف ڌار ڌار مگر متضاد نظرين ۽ ڪمالات
وارا انسان ان ۾ رهن. هنن جون پاڻ ۾ چٽاڀيٽيون، حق
۽ سچ کي پروڙڻ ۽ برقرار رکڻ ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون.
يونيورسٽيءَ جو روح تجسس. تنقيد ۽ نظرين کي وسيع
بنائڻ ۾ آهي. يونيورسٽيءَ جي دنيا آزاديءَ ۽ دلي
همدرديءَ جي دنيا آهي. اهو آهي صحيح يونيورسٽيءَ
جو علمي نظريو.
يونيورسٽيءَ جي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ اهو
بلڪل ضروري آهي، ته يونيورسٽيءَ جي استادن کي مڪمل
راءِ جي آزادي هجي ۽ اُها آزادي نه صرف
يونيورسٽيءَ جي منتظمين کان هجي، مگر انهيءَ
آزاديءَ جي روح جي خبر عوام کي به هجي.
يونيورسٽيءَ جي استادن کي ڪنهن به طرح ڪنهن خاص يا
مقرر ڪيل فضا ۾ جڪڙڻ جو مطلب اهو آهي، ته تعليم کي
سندس ابتدا ۾ ئي ختم ڪيو وڃي، استادن تي انفراديءَ
طرح ڪي به شرط مڙهڻ يا اُنهن کي شڪ واري نظر سان
ڏسڻ جو مطلب آهي، ته علم جي اشاعت ۽ ڦهلاءَ کي
ختم ڪيو وڃي.
انهن سببن ڪري، يونيورسٽي ڪن به زير
مباحثه يا زير تنقيد مسئلن يا سياسي سوالن يا
ملڪي معاملن تي مجموعي طرح يا سرڪاري طرح ڪابه
راءِ يا نظريو استادن تي لاحق نٿي ڪري. استادن،
يونيورسٽيءَ جي منتظمين جي نظرين کان آزاد هئڻ
کپن. يونيورسٽي ڪنهن به طرح نظرين ۾ جبر کان ڪم
نٿي وٺي. جبرجو عدم استعمال، نه صرف يونيورسٽيءَ
لاءِ بذات خود بهتر آهي، بلڪ اُهو ملڪ ۽ عوام لاءِ
به بهتر آهي. هنن مان هي فائدو آهي ته:
يونيورسٽيءَ جي استادن جي ڪوششن جو نتيجو ملڪ جي
مجموعي زندگيءَ جي بهتري سبب آهي. هر استاد کي هر
ممڪن طرح آزادي مليل آهي ۽ هر ممڪن همت افزائيءَ
جو حق آهي. جيئن هو ماضيءَ جي علم کي برقرار رکي
۽ حال ۾ علم کي وڌائي ۽ اُن ۾ اضافو ڪري. هن قسم
جي فضا ۾ جدوجهد، وڌ کان وڌ نموني ۾ قوم لاءِ مفيد
ٿي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح شاگرد ۽ استاد لاءِ سچي
علم ۽ ڪمالات جا دروازا انهن ڪمالات جي علم ۾ حصي
وٺڻ جو حق آهي. نه صرف ايترو بلڪ شاگردن لاءِ هر
ڪا سهوليت پيدا ڪئي وڃي ٿي، ته جيئن هن جي عقل ۽
فهم ۾ اضافو ٿئي. شاگردن ۾ ٻه طاقتون پيدا ٿيڻ
گهرجن. هڪ سمجهدار ۽ مدبرانا فيصلي جي ۽ ٻي علم جي
ذي شعور استعمال جي. ان طريقي سان علم ۽ تعليم جون
اعليٰ برڪتون، وطنيت ۽ انسانيت جي فائدي جو ڪارڻ
ٿين ٿيون. هڪ آزاد معاشري ۾ هن فضا جو قائم ٿيڻ
ضروري آهي.
يونيورسٽيءَ جي استادن جو اهو اخلاقي ۽
علمي فرض آهي، ته هو مختلف نظرين تي سوچين، انهن
جو مطالعو ڪن، انهن جي ڪارگر يا مضر ٿيڻ کي ڏسن.
انهن تي تنقيد ڪن ۽ انهن کي نئين ماحول ۽ زندگيءَ
جي گهراين مطابق نئين شڪل ڏين. استادن جو فرض آهي
ته هنن نظرين مطابق، يونيورسٽيءَ جي نظام ۾
جيڪڏهن ڪجهه چڱائي آهي، ته اُن جي همت افزائي ڪن،
۽ ان ۾ ڪجهه نقصان ڏسن، ته ان کان آگاهه ڪن.
انهيءَ قسم جي جستجو فقط مادي دنيا تائين محدود نه
آهي. جيئن ته اڄڪلهه اسين ڏسون ٿا، ته اخلاقي،
سياسي ۽ معاشرتي ترقي اُن رفتار تي نه پهتي آهي،
جنهن رفتار سان مادي دنيا جي ترقي ٿي آهي. ان ڪري
اهو اڃا به ضروري آهي، ته اسين انهيءَ علمي ۽
اخلاقي دنيا جي ترقي لاءِ وڌيڪ سوچ ۽ سمجهه کان ڪم
وٺون، انهن تي دقيق نظر وجهون، اُنهن کي شديد
تنقيد هيٺ آڻيون ۽ نئين ترتيب ڏيون.
هڪ استاد جي جدوجهد جو اهو عين مقصد آهي،
ته هو غير تسليم شده يا عوام ۾ غير مقبول نظريي
تي وڌيڪ ڌيان ڪري ۽ ان جي ماهيت کي سمجهي. جيئن ته
هڪ نظريو، جو اڃا عوام ۾ مقبول نه آهي، ته اهو ڪو
انهيءَ جي بيڪار هئڻ جو ثبوت نه آهي. جهڙيءَ طرح
هڪ موذي مرض يا جنگ ۾ دشمن جي فوجي طاقت کي سمجهڻ
۽ مطالع ڪرڻ ۽ اُنهيءَ پٽاندڙ منهن ڏيڻ ضروري
آهي. اهڙيءَ طرح نظريا جيڪڏهن خراب آهن، ته انهن
کان به امن حاصل ڪرڻو آهي. اهو استادن جو فرض آهي،
ته جڏهن کين ڪجهه سچ چوڻو هجي ته چئي ڏين. استادن
۾ بزدلي وڏي ڪمزوري آهي. عقلي ۽ دماغي ڳالهين ۾
استادن کي چپ رهڻ جو ڪوبه حق نه آهي ۽ خاص طرح
جڏهن اُهو چپ رهڻ فقط عوام جي غير تسليم شده
نظرين جي ڊپ کان پيدا ٿيو هجي. دنيا جي ترقيءَ جو
راز هن ۾ رهيو آهي، ته سچ کي هميشه ترجيح ڏني وئي
آهي ۽ ڪهڙي به سخت يا خوشگوار وقت ۾ حق گو انسان
سچ چوڻ کان نه ڪيٻايو آهي. تاريخ شاهد آهي ته حق
کي هزارها دفعا باطل جو مقابلو ڪرڻو پيو آهي.
عاقلن جو فرض آهي ته هو عوام جي واهيات نظرين ۽
توهمات جو شڪار نه ٿين، مگر عقل ۽ جرائت کان ڪم
وٺن ۽ اُن جو مقابلوڪن.
جيڪي اصول، تجسس ۽ ايجاد لاءِ ضروري آهن،
اُهي تدريس لاءِ به ضروري آهن. تدريس جي وقت
پنهنجي شاگردن اڳيان استاد کي هر ڪو حق حاصل آهي،
ته هو بنا ڊپ ۽ حجاب جي، جرئت سان، نظريات جي
ثبوت يا انحرافيءَ ۾ گفتگو ڪري. يونيورسٽيءَ جي
شاگردن جو اهو حق آهي، ته کين علمي نقطئه نظر کان
مسئلن جي موافقت ۽ مخالفت کان واقف ڪيو وڃي، هنن
جي اڳيان نظريا کلي طرح پيش ڪرڻ گهرجن ۽ کين آزاد
ڇڏيو وڃي ته هو انهن تي سوچي، پنهنجي عقل ۽ فهم
مطابق انهن کي قبول ڪن يا ڇڏي ڏين. هر استاد جو
فرض آهي، ته هڪ نظريي کي مخلصانه نموني پيش ڪري ۽
ڪنهن به غير عقلي يا بي بقا اثر هيٺ اچي، ان نظريي
جي ڀڃ ڊاهه ۾ منهمڪ نه ٿئي، نه صرف ايترو، بلڪ اهو
به استاد جو فرض آهي، ته قائم ڪيل نظريا، کلي دل ۽
آزاديءَ سان شاگردن اڳيان پيش ڪري ۽ انهيءَ لاءِ
عقلي دليل ڏئي. تدريس ۾ فقط هو هنن ڳالهين جو خيال
ڪري، ته ڪنهن به طرح مدنيت جا نظريا يا پنهنجي
اعليٰ پيشي جا نظريا نظرانداز نه ڪري. هنن حدن
اندر هن کي هر ڪو حق حاصل آهي، ته سندن همت افزائي
ڪئي وڃي ۽ کين غلط حرڪتن کان بچايو وڃي. استادن جي
مدد يونيورسٽيءَ جو فرض آهي.
يونيورسٽيءَ کي به جرئت کان ڪم وٺڻ گهرجي
۽ حق جي اشاعت ۾ ڪنهن به رڪاوٽ کي ڪابه شيءِ نه
سمجهي. استادن ۽ تدريس کي ڪنهن به طرح جڪڙڻ، معنيٰ
علمي ۽ عقلي ڳالهين جو خون ڪرڻ آهي.
جيڪڏهن اسان جي يونيورسٽين ۾ هي ڪمزوريون
پيدا ٿيون، ته هن مان اسان جي قومن کي، اسان جي
حڪومت کي ۽ اسان جي تهذيب جي سڀني نظرين ۽ سڄي
نظام کي، نقصان رسندو ۽ اسين ترقيءَ جي راهه کان
ڦري، تنزل ڏانهن وڌنداسون.
(4)
يونيورسٽيءَ جي اُستادن جون جوابداريون ۽ فرض
اسان کي اهو تسليم ڪرڻ گهرجي، ته مخلص
انسان جدا جدا راءِ رکي سگهن ٿا ۽ رکن ٿا. هيءُ
بنيادي اصول، اسان جي انفرادي حقن ۽ آزاديءَ جو
سرچشمو آهي. اسان جي قانوني حقن جو مقصد اهو رهيو
آهي، ته ڏسون ته يونيورسٽين سان هيءُ اصول ڪيترو
تعلق رکي ٿو. قانون جي نظر ۾ هڪ استاد ۽ ملڪ جي
عام باشندي ۾ ڪوبه تفاوت نه آهي. مگر ان سان گڏ
قوم، استادن کي علمي خدمتن ڪري، قومي معاشري ۾،
وڏو درجو ڏئي ٿي. استاد هر ڪنهن عزت جا حقدار
آهن، يونيورسٽي هڪ خاص ماحول پيدا ڪري ٿي ۽ استاد
جي وقعت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي. يونيورسٽي، استاد
جي آواز کي آزاد ۽ بلند ڪري ٿي. جڏهن استاد، عام
مروج نظريا غلط محسوس ڪن ٿا ۽ انهن جي خلاف آواز
بلند ڪن ٿا ته اهو يونيورسٽيءَ جو فرض آهي، ته هن
حق گوئي ۾ هنن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي ۽ استادن کي
ڪن شرير طاقتن جو شڪار ٿيڻ نه ڏي. مدرسن جي آزادي،
ٻين پيشن جي آزاديءَ کان هزار درجا بلند تخيل جي
آهي. ٻين پيشن جي آزاديءَ لاءِ استادن جي آزادي
ضروري آهي. استادن کي مفلسي ۽ روزمره جي بيوسيءَ
کان آزاد رکڻ گهرجي. هنن جي لوازمات جو ڪافي خيال
رکيو وڃي ۽ هن جي زندگيءَ کي عام ضروريات جي شدت
کان بچايو وڃي. جهڙيءَ طرح ججن کي حق حاصل آهن،
اهڙي طرح استادن لاءِ به اقتصادي ۽ سياسي آزادي
هجي، جنهن ۾ هو علمي ۽ اخلاقي نظرين هيٺ، قوم جي
صحيح رهبري ڪري سگهن ۽ علم جي خدمت ڪندا رهن.
هڪ حد اچي ٿي، جتي آزادي ۽ حقوق، قانوني
فرض ۽ جوابداريون اچي ملن ٿا. هن حد مقرر ڪرڻ جو
فرض عدالتن ۽ قانون ساز مجلسن کي آهي. قانون جي
تشريح ڪرڻ جو حق، چوڏهين ترميم مطابق: آمريڪي
فيدرل ڪورٽ کي حاصل آهي. مگر هر هڪ قومي عملدار
جو، سندس عهدي تي حلف مطابق فرض آهي، ته قانوني
مليل آزاديءَ جي عزت ڪري. هن قسم جي قناوني
آزاديءَ جون حدون تسليم ڪرڻ هڪ انسان يا انسانن جي
ڪنهن گروهه يا عام وس کان ٻاهر آهن. هنن حدن جو
مقرر ڪرڻ يا ڦيرائڻ جو حق، فقط عدالتن ۽ قانون ساز
مجلسن کي آهي. ماضيءَ ۾ اسان ڏٺو آهي، ته هنن حدن
کي، مسائل ۽ امور جي تقاضائن ۽ قومي نظريات جي
مدنظر ئي ترتيب ڏني پئي وئي آهي. هنن حدن جي مقرر
ڪرڻ يا هٽائڻ لاءِ عوام احتجاج ڪري سگهي ٿو، مگر
ان جو غلط هئڻ ڪنهن کي به حق نٿو ڏئي، ته انهن
کي ٽوڙي يا ڀڃي، قانون ۽ حدود جي ڀڃڪڙي سزا جو
مستحق بنائي ٿي. قانوني حدود لاءِ عزت، انسانيت ۽
قوميت جو اولين اصول آهي. اهڙي طرح متجاوز استاد
به، عملي طرح حدود کان ٻاهر وڃڻ ڪري، سزا جو
مستحق بنائي ٿي. قانون حدود جي عزت، استاد تي به
آهي، قول ۽ فعل ۾ قانوني حدن کان ٻاهر نڪرڻ ڪري،
استاد ڪنهن به قانوني سزا کان ڇٽي نٿو سگهي، غير
قانوني حرڪتون سندس يونيورسٽيءَ سان تعلق ختم ڪري
سگهن ٿيون.
مگر اهو ياد رکڻ گهرجي، ته اهو تاريخي
ثبوت آهي، ته انسانيت جي علم ۽ فڪر جو معيار
يونيورسٽي ۽ استاد رکن ٿا. هنن کي ٻاهرين معيار جي
اثر کان بچايو وڃي ۽ انهن جي فعلن کي بچائي قائم
رکيو وڃي. هر استاد جو فرض آهي، ته پنهنجي عزت پاڻ
رکي ۽ وڌائي. عملي دنيا ۾ ذرا خيال سان هلي. ممڪن
آهي ته سندس قول ۽ فعل غير قانوني هجي ۽ ان فعل جو
نتيجو ممڪن آهي، ته هي نڪري ته سندس ذاتي عزت،
سندس پيشو، يونيورسٽي ۽ عام تعليم کي نقصان نه
رسائي.
استاد تي اها اخلاقي جوابداري آهي، ته هو
پنهنجي قائم ڪيل نظريي تي سوچي ۽ اُنهيءَ جي سچ
کي پروڙي. اهو به سندس فرض آهي، ته جنهن نموني هو
پنهنجي خيال جو اظهار ڪري، اهو باڪمال، بااخلاق ۽
برجسته هجي، جيڪڏهن ڪنهن استاد ۾ اهو احساس آهي،
ته ممڪن آهي ته هو غلط به هجي ۽ سندس قائم ڪيل
نظريي جي خلاف راءِ هجي، ته يقين آهي ته هي احساس،
سندس علم ۽ اثر ۾ اضافو ڪري. استاد کي اهو به
احساس هئڻ گهرجي، ته سواءِ ان شعبي جي جنهن ۾ هو
ماهر آهي، کيس ٻين شعبن ۾ به ڪي قدر ڪمال هئڻ
گهرجي. استاد کي اهو به احساس هئڻ گهرجي، ته
يونيورسٽيءَ کان ٻاهر يا يونيورسٽيءَ جي اندر، ٻين
کي به حق آهي ته سندس نطريات تي نڪتيچيني ڪن – ته
جيئن هو ٻين جي خيالن تي نڪتيچيني ڪري ٿو. تدريسي
آزاديءَ جو مطلب اهو نه آهي ته ٻين کي سوالن پڇڻ
جو ڪو حق نه آهي.
هر نظام ۾ اها اصولي ڳالهه آهي ته منجهس
ڪجهه اخلاقي فرض موجود آهن، پوءِ اُهي کڻي قانوني
ترتيب ۾ نه آيا هجن، قانون کان ٻاهر غير تحرير
شده مگر تسليم شده فرائض پيدا ٿين ٿا. ان کان سوءِ
استاد جو فرض آهي، ته هن کي ٻين استادن ۾ اعتماد
هجي ۽ هر انهيءَ حرڪت کان باز اچي جا شرارت جي اثر
هيٺ هجي يا بداخلاقيءَ سان لائق هجي. استاد کي
گهرجي ته علم جي عزت ڪري. جيڪڏهن اها تقاضا ڪئي
وڃي، ته هو پنهنجي خيالن جي تشريح ڪري ته هن کي
اها تشريح بنا ڊپ جي ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح تشريح
کان انڪار ڪرڻ معنيٰ پنهنجي پيشي تي عتاب آڻڻ. خاص
طرح اُهو تدريسي پيشو، جيڪو پنهنجي واسطي هر قسم
جي آزادي جي دعويٰ ڪري ٿو، ۽ سلب آزاديءَ خلاف مدد
لاءِ پڪاري ٿو. هن صورت ۾ پنجين ترميم، هر استاد
تي اهو فرض لاحق ڪري ٿي، ته هو پنهنجي تدريسي
صلاحيت جو ثبوت ڏئي ۽ هر يونيورسٽيءَ تي اهو فرض
آهي، ته يونيورسٽيءَ ۾ هن استاد جي موجودگيءَ تي
نظرثاني ڪري.
هر ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ استاد وڏو اثر رکن
ٿا. يونيورسٽي، استاد ۽ علم رکندڙ انسان جو هڪ
مجموعو آهي ۽ نه سياستدانن جو، جيتري قدر هنن جو
يونيورسٽيءَ ۾ ڪاروبار ۾ اثر آهي، ايتري قدر هنن
جي جوابداري عوام ۽ قوم لاءِ وڌيل آهي. اُستادن کي
گهرجي ته هڪ نئين استاد جي تقرري يا اضافي ۾ بلند
معيار کان ڪم وٺن ۽ صحيح عقل سان فيصلو ڪن.
يونيورسٽيءَ جي استادن تي فرض آهي، ته هو هر هڪ
استاد کي يونيورسٽيءَ جي قومي، اخلاقي ۽ علمي
فرائض جي اثر هيٺ رکن ۽ جيڪڏهن ڪو استاد ان معيار
کان ڪري ته ان کي تنبيهه ڪن.
يونيورسٽيون، مجلسي قانون يا راءِ عامه ۾
پيدا ٿين ٿيون، حڪومت جون يونيورسٽيون، عام اوقاف
مان هلن ٿيون، ان ڪري حڪومت جي اثر کان گهڻيون پري
آهن. حڪومت جي يونيورسٽيءَ جو نظام عام خزاني مان
هلي ٿو ۽ عام اوقاف مان هلندڙ يونيورسٽيءَ کي
حڪومت کان سهولتون مليل هونديون آهن. مثلاً انهن
جي آمدنيءَ جا وسيلا ڪن ٽئڪسن کان آزاد آهن. اهڙي
قسم جون سهوليتون يونيورسٽيءَ تي مهرباني نه آهن،
مگر قوم جي بهتريءَ لاءِ قرار ڏنل آهن. اهي
سهوليتون يونيورسٽيءَ جي استادن لاءِ يونيورسٽيءَ
جي نظام جي مد نظر رهن ٿيون. قانون ساز مجلسن کي
حق آهي، ته وقت بوقت هنن مليل سهوليتون جي نقصان ۽
فائدي تي سوچين ۽ انهن کي وڌائين يا گهٽائين.
يونيورسٽين جي منتظمين جو فرض آهي ته حڪومت سان
هنن مسئلن ۾ پورو پورو تعاون ڪن. جيڪڏهن قانوني
مجلس جي بداخلاقيءَ يا نااهليءَ يا تنگ خيالي يا
ڪم عقليءَ ۽ ناتجربيڪاريءَ ڪري، ڪي غلط حالتون
پيدا ٿين ٿيون، ته يونيورسٽيءَ کي گهرجي ته ڪڏهن
به تعاون ختم نه ڪري، مگر انهن فيصلن خلاف، عوام ۽
خاص طرح سمجهدار طبقن جي مدد گهري ۽ اهڙيءَ طرح
قانون ساز مجلسن جي غلطين کي منهن ڏئي.
(5)
حال ۾ پيدا
ٿيندڙ خطرات
اسان يونيورسٽيءَ جي ماهيت ۽ ان جي فرائض
جو ذڪر ڪيو آهي. اسان يونيورسٽيءَ ۽ استادن جي
فرائض ۽ لوازمات جو پڻ بيان ڪيو آهي. هاڻي ڏسون
ته حال ۾ پيدا ٿيل حالتون جيڪي خاص طرح ڪميونزم جي
زير اثر آهن، يا ان جي ڊپ وچان شروع ڪيون ويون
آهن، اهي ڪيتري قدر صحيح آهن.
اسين ڪميونزم کي اهڙي نفرت سان ٿا ڏسون،
جهڙيءَ طرح ڪا واحد پارٽي غلبي وارن کي نفرت سان
ڏسندي آهي. اسين اقرار ڪيون ٿا، ته دنيا ۾ اهڙيون
حرڪتون هلن ٿيون، جيڪي اسان جي نظام ۽ اجتماعي
زندگيءَ کي نقصان پهچائڻ لاءِ تيار آهن. جبر جي
حڪومت، اسان جي يونيورسٽين ۾، اسان جي حڪومت جي
تخيل جو موت آڻي ٿي. ٽي خاص اصول هر طرح سان اسين
نفرت سان ڏسون ٿا: هڪ بين الاقوامي انقلاب، جنهن
جو مقصد هجي جبر ۽ شدت سان حڪومت جو هٿ ڪرڻ، ٻيو
ڪوڙ ۽ ٺڳي، جا عام ۽ اصولي طرح ماڻهوءَ کي اثر هيٺ
رکڻ ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ ٽيون انسانن جي دماغن
تي قبضو ڪرڻ، جنهن ڪري هر اصول جو مڃڻ يا هلائڻ،
هڪ پارٽيءَ جي خيالن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هجي. هنن
ٽن حالتن ۾ ڪوبه عالم يا استاد يا ماهر فن، علم کي
وسيع نه بڻائي سگهندو ۽ نه هن کي ڪو آزاد موقعو
ملندو، ته جستجو ڪري ۽ حق جي طرف جدوجهد جاري رکي.
يونيورسٽيءَ ۾ تقرر يا تقرريءَ کان پوءِ
ان ۾ پڪي رهڻ لاءِ اهو ضروري آهي، ته پيشي جي
مهارت هجي، مگر ان سان گڏ اهو به ضروري آهي، ته
عالم ۽ استاد کي قوم جي حقوق ۽ بهتريءَ لاءِ پورو
پورو ايمان هجي. استاد جو اعليٰ اصول ۽ نظريو،
صداقت، بلند خيالي ۽ آزاديءَ تي مبني هجي. هنن
اصولن جو هجڻ، رشيا جي حڪومت سان همدردي رکڻ کي
ناممڪن ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪو انسان هن حالت ۾ به
رشيا جا اصول قبول ڪري ٿو، ته هن کي يونيورسٽيءَ ۾
ڪابه جاءِ نه هئڻ گهرجي. جيئن ته هن وقت ڪميونسٽ
پارٽي جي ميمبريءَ جو مطلب آهي، رشيا جي حڪومت جا
اصول مڃڻ ۽ قائم ڪرڻ، ته اهڙي ميمبري،
يونيورسٽيءَ کان لازمي خارج ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪو
استاد ڪميونزم جو حامي آهي ۽ ڪميونزم جي عمل کي
بهتر سمجهي ٿو ۽ اها ڪوشش ڪري ٿو، ته ڪميونزم وڌي
۽ پختي ٿئي، ته هو ڄڻ هڪ تخيل کي ترجيح ڏئي ٿو، ۽
ان پارٽيءَ ۾ شمار ٿئي ٿو. ڪوبه نڪتيچيني برداشت
نٿو ڪري ۽ ڪنهن به طرح سوالن جي جوابن کان ڪيٻائي
ٿو، ته هو ان وقت يونيورسٽيءَ جي مدد جو مستحق نه
آهي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجو وجود نقصانڪار سمجهي
ٿو.
تدريسي آزادي ڪنهن به طرح سان قانون جي
ڀڃڪڙيءَ جي نتيجي کان نٿي بچائي. يونيورسٽيءَ کي
گهرجي، ته قانوني عملدارن سان هر قسم جو تعاون ڪري
۽ قانون ڀڃندڙن کي سزا ڏيڻ ۾ مدد ڪري. هڪ آمريڪي
جي قبول ڪيل اصول جي ماتحت، اهڙن انسانن کي ڪڏهن
به ڏوهاري نه ٺهرايو ويندو، جيسين عدالت فيصلونه
ڪيو آهي. عدالت کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شعبه نظام
کي، ڪنهن کي به مجرم ٺهرائڻ جو حق نه آهي. سواءِ
ان جي ته هڪ يونيورسٽيءَ جي استاد، قانون جي ڀڃڪڙي
ڪئي هجي، تنهن حالت ۾ سياسي نظام ۾ دخل ڏئي سگهجي
ٿو، مگر ان کان سواءِ سياسي نظام کي ڪوبه حق نه
آهي، ته هو استادن کي ڪن سياسي يا پارٽي اصولن هيٺ
هيسائي يا زيربار ڪري. هن حالت ۾ استادن جو تعلق
يونيورسٽيءَ سان آهي ۽ نه سياسي مجلس يا گروهن
سان. يونيورسٽيءَ کي اگر ڪي مشڪوڪ حالتون نظر
آيون، ته انهن کي برداشت نه ڪري، ڇاڪاڻ ته انهن
حالتن جو استادن ۾ نمودار ٿيڻ، قوم ۽ تدريسي بلندي
لاءِ نقصانڪار آهي. يونيورسٽيءَ کي هر ڪو حق حاصل
اهي، ته اهڙين حالتن ۾ پنهنجا استاد مقرر ڪري، جن
کي پيدا ٿيل حالتن تي سوچڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جو اختيار
هجي، ته ڪيتري قدر هڪ استاد، حدن کان ٻاهر ويو آهي
۽ ڪيتري ۽ ڪهڙي سزا جو مستحق آهي.
جهڙي طرح هڪ استاد کي خاص قانوني حقوق نه
آهن، اهڙيءَ طرح ٻي ڪنهن کي به حق نه آهي، ته
استادن کي ڪنهن خاص نظر سان ڏسي، جنهن ۾ هنن جي
تعليم ۽ عزت تي برو اثر پوي. استاد کي سياسي
مدوجزر مان پيدا ٿيندڙ حالات جي برن اثرن ۽ جبر ۽
ستم کان يقيناً محفوظ رکيو وڃي ۽ پارٽي بازيءَ جو
شڪار ٿيڻ نه ڏنو وڃي.
يونيورسٽي، سڀ ڪنهن حالت ۾، ڪن به اهڙن حلف نامن
يا قسم نامن کي، بري نظر سان ڏسندي، جيڪي استادن
سان ته لاڳو ڪيا وڃن ٿا، مگر جن کان ٻيا آزاد آهن.
سياستدانن کي ڪوبه حق نه آهي. ته استادن سان ڪي
حلف ناما لاحق ڪن، پر پاڻ ان کان پري رهن. اهڙي
قسم جو غلط امتياز نه صرف استادن کي انفرادي يا
اجتماعي طرح نقصان رسائيندو، مگر يونيورسٽين کي به
نقصان پهچائيندو. بلڪ سڄي تعليمي نظام لاءِ خطرناڪ
ثابت ٿيندو. استادن کي ڪنهن به شڪ سان ڏسڻ، ڪڏهن
به تعليمي نظريات کي بلند رهڻ نه ڏيندو.، هنن
حالتن ۾ علمي معيار ضرور ڪرندو ۽ تعليم لاءِ
ناقدري پيدا ٿيندي. ڇو ته تعليم لاءِ عزت ۽ استاد
لاءِ عزت هڪ معنيٰ آهي.
نتيجو
آخر ۾ اسين اهو واضح ڪريون ٿا ۽ کليءَ
طرح ٻڌايون ٿا، ته دماغي آزادي، سوچ جي آزادي،
ڳالهائڻ جي آزادي، خيالن جي ظاهر ڪرڻ جي آزادي،
اسان جي معاشري ۽ نظام حڪومت لاءِ اول ۽ افضل آهي.
ائين بلڪل نه سمجهڻ گهرجي، ڇو ته اسين ڪميونزم کي
برو سمجهون ٿا، تنهن ڪري اسان کي هر قسم جي
معاشرتي، سياسي، ۽ اقتصادي غور ۽ فڪر يا تجسس کي
برو سمجهڻ گهرجي. ڪنهن به طرح ڪن اصولن کي جبراً
مڃڻ يا مڃائڻ، اسان جي آزاديءَ جي اصولن کي وڏو
نقصان پهچائيندو. هن قسم جي سياست جون استادن خلاف
حرڪتون، اسان جي آمريڪي آزاديءَ جي اصولن کي نابود
ڪنديون. ڇا اسين انهن آزاديءَ جي اصولن کي ڇڏي
ڏيون يا برو سمجهون، جن ترقي ڪئي آهي ۽ جن جي
طاقتور هئڻ سان اسان جي قوم ۽ ملڪ هيڏي خوشحالي
ڏٺي آهي؟ ياد رکڻ گهرجي ته هنن آزاديءَ جي اصولن
کي برقرار رکڻ ۽ عزت سان ڏسڻ ۾ ئي هڪ اُميد آهي.
جنهن ڪري اسان جي قوم ۽ اسان جو ملڪ آئنده به هنن
برڪتن کان محروم نه رهندو.
ضميمو؛ 2
ٻه اکر
قومن جو اُڀرڻ ۽ اُسرڻ به ڪن اصولن هيٺ
ٿئي ٿو، جي تاريخ جي وساريل ورقن ۾ هر طرف پکڙيل
نظر ايندا. جن قومن انهن اصولن جو احترام ڪيو ۽
وقت جي اهڃاڻ کي سمجهي، وقتائتو ۽ هنڌائتو عمل
ڪيو، اهي ئي تاريخ جي بي رحم گهاڻي ۾ پيڙهجي تباهه
ٿيڻ کان بچي، پنهنجو وجود قائم رکي سگهيون. جن
انهن اصولن کان اک ٻوٽ ڪئي، زماني انهن کي اهڙي
اوڙاهه ۾ اڇلايو، جو اڄ تاريخ ۾ انهن جو نالو فقط
عبرت لاءِ موجود آهي.
قدرت ڪنهن سان ناانصافي نه ٿي ڪري، سڀ
ڪنهن قوم ۾ ڪي اهڙيون باشعور شخصيتون پيدا
ٿينديون رهيون آهن، جن قوم جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ
ڪوششون ڪيون آهن، قوم کي جاڳائڻ لاءِ پنهنجي ننڊ
ڦٽائي آهي، قوم کي آرام پهچائڻ لاءِ پنهنجو سک
قربان ڪيو آهي ۽ قوم جي اڳيان، پنهنجي قول ۽ عمل
سان، زندهه رهڻ ۽ ڀرپور زندگي ماڻڻ لاءِ رٿون ۽
تجويزون پيش ڪيون آهن. جيڪڏهن قوم انهن شخصيتن کي
بر وقت سڃاتو ۽ انهن جي ڏسيل ۽ ڏيکاريل راهه تي
قدم وڌائي، اڳيان ايندڙ سڀني مشڪلاتن جو مقابلو
ڪري، منزل تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي، ته دنيا جي
قومن ۾ آبرو جهڙو هنڌ حاصل ڪري تاريخ ۾ پنهنجي
عظمت جو هميشه رهندڙ نشان قائم ڪري سگهندي، نه ته
موت جي اونهي سمنڊ ۾ اهڙي غرق ٿي ويندي، جو سندس
وجود جي شاهدي ڏيڻ وارو به ڪونه هوندو. قومن جي
موت ۽ حيات جو اهوئي اڻ ٽر قانون هن وقت تائين
جاري رهيو آهي ۽ هميشه جاري رهندو.
سنڌ به انهيءَ قانون کان ٻاهر نه رهي آهي.
سنڌ ۾ به عظيم شخصيتون پيدا ٿينديون رهيون آهن ۽
پيدا ٿينديون رهنديون. قومن جي عروج ۽ زوال جي
تاريخ سنڌ جي نسبت ۾ اڃا لکي نه ويئي آهي. تڏهن به
زماني ۾ رفتار تي نظر رکندڙ سڀڪو ڄاڻو سمجهي سگهي
ٿو، ته ڪهڙي وقت ۾، ڪهڙي اڳواڻ جي رهنمائيءَ ۾،
قوم زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش مان نڪري پار ٿي، هڪ
باوقار حيثيت حاصل ڪري سگهي ۽ ڪهڙي وقت ۾ ڪنهن
عظيم شخصيت کي قوم پاڻ ۾ رهندو ۽ اٿندو ويهندو
ڏٺو، پر کيس سڃاڻي نه سگهي. سندس رهنمائي قوم قبول
نه ڪئي ۽ نيٺ تباهيءَ جي غار تائين وڃي پهتي.
ڪابه قوم، ڪنهن به باشعور شخصيت جي
رهنمائي کان سواءِ ڪاميابي جي منزل تائين پهچي نه
سگهندي آهي. سنڌ ۾ هن وقت به پنهنجي پنهنجي هنڌ،
پنهنجن پنهنجن منزلن ۽ حدن اندر اهڙا رهنما،
پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهن. قوم کي اٿارڻ ۽
جاڳائڻ لاءِ ناد وڄائي رهيا آهن، قوم کي سجاڳ ٿي،
انهن کي سڃاڻي، اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن
قوم انهيءَ سڏ کي نه ورجايو ته هميشه لاءِ پڇتائڻو
پوندو.
سيد غلام مصطفيٰ شاهه به انهن رهنمائن مان
هڪڙو آهي، هن تعليم ۽ ادبي ماحول ۾، جنهن
هوشمنديءَ سان قوم جي رهنمائي ڪئي آهي، تنهن جو
قوم کليءَ دل سان اعتراف ڪيو آهي. جيتوڻيڪ سندس
رستي ۾ انيڪ مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون، نه اورانگهڻ
جهڙيون رنڊڪون سندس آڏو آنديون ويون، تڏهن به بي
مثال ثابت قدميءَ سان هو پنهنجو ڪم ڪندو رهيو آهي.
مختلف حيثيتن ۾ مون کي سندس ويجهي رهڻ جو وجهه
مليو آهي. مون پنهنجي تنقيدي مزاج موجب، سندس هر
هڪ قول ۽ عمل، سندس ڪردار ۽ گفتار کي ڏاڍي غور
سان پئي جاچيو آهي. مون شاهه صاحب جي ڪردار ۾، جو
خلوص، سندس عزم، جامتانت ۽ سندس فڪر ۾ جا پختگي
ڏٺي آهي،تنهن کي ڏسي وڏيون ڏسي آئون يقين سان چئي
سگهان ٿو،ته شاهه صاحب کي قدرت طرفان رهنمائي جون
وڏيون صلاحيتون مليل آهن ۽ قوم سندس رهنمائيءَ ۾
عزت ڀريو مقام حاصل ڪري سگهي ٿي. آئون فقط ڪي ٻه
ٽي مثال پيش ڪندس، جن مان شاهه صاحب جي انهن
صلاحيتن بابت ڪي سرسري اشارا معلوم ٿيندا.
سن 58-59ع جو زمانو هو ۽ آئون انهيءَ وقت
ٺٽي ضلعي جو ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر هوس. شاهه صاحب فون
تي مون کي هڪ منهنجي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر لاءِ
سفارش ڪئي، جنهن کي ڊپ هو ته آئون کيس هٽائي
ماستري تي موڪلڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ وارو آهيان. شاهه
صاحب تي انهيءَ ماڻهو تمام وڏو بار آندو هو ۽ شاهه
صاحب انهيءَ جي تمام زوردار سفارش ڪئي. مون شاهه
صاحب کي فون تي ئي انهيءَ ماڻهوءَ جي ڪڌن ڪارنامن
بابت ٻڌايو ۽ کانئن پوءِ صلاح پڇيم ته هاڻي ڇا
ڪريان؟ مون کي ڊپ هو ته شاهه صاحب جن وڏن ماڻهن جي
دستور موجب، پنهنجي سفارش تي ضرور اسرار ڪندا. پر
منهنجي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ، شاهه صاحب پنهنجي
سفارش واپس ورتي ۽ انهي ماڻهو کي کليو کلايو
چيائون ته ڪنهن به رشوتي ۽ نااهل ماڻهوءَ جي سفارش
آئون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان. پهريائين پاڻ کي
سڌار، پوءِ مون وٽ اچ ته تنهنجي سفارش ڪندس. نه
رڳو ايترو پر ملاقات وقت، منهنجو شڪريو ادا
ڪيائون، ته بروقت حقيقت ٻڌائي مون قوم سان دشمني
ڪندڙ هڪڙي ماڻهو جي مدد ڪرڻ جي گناهه کان کين
بچائي ورتو. اها حقيقت پسندي ۽ سچ جي حمايت ڪن
ٿورن ماڻهن جي ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
شاهه صاحب جن جڏهن حيدرآباد ريجن جا
تعليمي ڊائريڪٽر مقرر ٿي آيا، تڏهن آئون حيدرآباد
جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن ۾ پلاننگ آفيسر هئس.
انهيءَ وقت غلام محمد بئراج ايراضي ۾ تعليم جي
واڌاري لاءِ اسڪيم تيار ڪئي ويئي، جنهن موجب
انهيءَ ايراضيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ پرائمري اسڪول،
هاءِ اسڪول، ٽريننگ اسڪول ۽ ڪاليج کلڻا هئا ۽ انهن
سان گڏ هاسٽلون به ٺهڻيون هيون. اسڪيم جيئن ته
ڪافي وڏي هئي، تنهن ڪري صوبائي ورڪنگ پارٽي اسڪيم
منظور ڪري سفارش سان مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي ڏانهن
منظوريءَ لاءِ موڪلي. ون يونٽ وارو دور هو، سو
ايڏي وڏي اسڪيم، جنهن مان سنڌ کي تمام گهڻو فائدو
ٿيڻو هو، ڪيئن ٿي سولائي سان آخري منزلن تائين بنا
مخالفت جي منظور ٿي سگهي. شاهه صاحب مون کي انهيءَ
ميٽنگ ۾ اسڪيم بابت ضروري انگ اکر ۽ ٻيون حقيقتون
ڪڍيون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو شاهه صاحب وٽ آفيس ۾
ويس. شاهه صاحب منهنجي نوٽ تي نظر وڌي، فائيل مان
ڪي ٻيون ضروري حقيقتون ڏسي، مون کان ڪي سوال
پڇيائون ۽ ميٽنگ لاءِ روانا ٿياسون. مون کي اهڙي
اميد نه هئي، ته ڪو اسڪيم جي ايڏي مخالفت ٿيندي.
شاهه صاحب جي چوڻ تي پهريائين اهو اسم کنيو ويو،
جو ايجنڊا تي اهائي وڏي اسڪيم رکي هئي. ميٽنگ ۾
مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن جا چيف انجنيئر، مالي
سيڪريٽري، مالي صلاحڪار ۽ ٻيا مرڪزي حڪومت جا وڏا
آفيسر شامل هئا. اسڪيم پيش ٿيڻ سان ئي مخالفت جو
وڏو طوفان کڙو ٿيو ۽ مختلف آفيسرن اسڪيم جي ملتوي
ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. چيائون ته اڃا غلام محمد بئراج
جو ڪم ئي مڪمل نه ٿيو آهي، نڪي انهيءَ برانچ مان
نڪرندڙ واهه وهيا آهن، سو هينئر هن اسڪيم تي غور
ڪرڻ جو مورڳو ضرور ئي ڪونهي. شاهه صاحب پندرنهن
منٽ کن جوابي تقرير ڪئي. جنهن ۾ هر هڪ اعتراض جو
نهايت ٺهڪندڙ جواب ڏنائون ۽ غلام محمد بئراج
ايراضي جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۽ ٻين بستين جا انگ
اکر ڏيئي زور ڀريائون ته هينئر جڏهن بئراج جو ڪم
مڪمل ٿيڻ وارو آهي، تڏهن هيءَ اسڪيم نهايت پوري
وقت تي پيش ڪئي ويئي آهي ۽ ضرور منظور ٿيڻ گهرجي.
شاهه صاحب جي انهيءَ تقرير جي رد ڪرڻ جي ڪنهن کي
به همت نه ٿي ۽ اسڪيم منظور ٿي، جنهن موجب انهيءَ
ايراضي ۾ ڪيترائي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول کلي
چڪا آهن. شاهه صاحب جي حاضر دماغي، زيرڪي ۽
اثرائتي تقرير جي قوتن ڪري سنڌ کي هڪ وڏو فائدو
پهتو، جنهن کان سنڌ کي محروم ڪرڻ لاءِ ڪافي
تياريون ڪيون ويون هيون.
سن 1960ع ۾ ڪراچي کي ون يونٽ ۾ شامل ڪيو
ويو ۽ 1961ع ۾ شاهه صاحب جن ڪراچي ريجن جا
ڊائريڪٽر مقرر ٿيا. آئون به انهيءَ وقت بدلي ٿي
ڪراچي ۾ تعليمي ڊائريڪٽوريٽ جي سن 1960ع واري
عرصي ۾، جڏهن ڪراچي مرڪز جي حوالي هئي، ڪوبه
واڌارو نه ٿيو هو، ايتري قدر جو تعليمي کاتي جي 15
سو آفيسرن جون جايون عارضي ۽ ڪچيون هيون ۽ هر سال
انهن جي هڪ سال تائين هلائڻ لاءِ نئين سر منظوري
وٺڻي پوندي هئي. انهيءَ ڪري ڪوبه ملازم پنهنجي
عهدي تي پڪو ٿي نه ٿي سگهيو. سڄي ڪراچي شهر ۾
ٻهراڙي لاءِ فقط هڪ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر هو. جنهن کي
ٽي اسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر هئا ۽ زناني تعليم جي
نظرداري هڪ ليڊي ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽرس جي حوالي هئي،
جنهن کي فقط ٻه ليڊي اسسٽنٽ مليل هيون. سڄي شهر
لاءِ فقط هڪ هڪ انسپيڪٽر آف اسڪولس هو. خود
ڊائريڪٽر جي آفيس جي حالت به رحم جوڳي هئي. جنهن ۾
فقط هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ ڏهه کن ڪلارڪ هئا. شاهه
صاحب ڪراچيءَ ۾ اچڻ سان يڪدم ڪچيون ۽ عارضي
جايون پڪيون ڪرايون ۽ سڀني ملازمن جي پڪيءَ طرح
مقرري جا حڪم ڪڍرايا. ڊائريڪٽرن جون جايون منظور
ڪرائي، آفيس ۾ وڌيڪ سينيئر ۽ جونيئر ڪلارڪ ۽
سپرنٽينڊنٽن جي مقرري ڪرائي وئي ۽ سڄي آفيس کي ڌار
ڌار برانچن ۾ ورهائي، انهيءَ تي آفيسر مقرر ڪرايا
۽ اهڙي طرح ڪارڪردگي ۽ ڪم جو معيار وڌيو. پرائمري
اسڪولن لاءِ ڪراچي شهر ۽ ٻهراڙي کي، ڇوڪرن جي حالت
۾ چئن ضلعن ۾، ۽ ڇوڪرين جي حالت ۾ ٻن ضلعن ۾
ورهايو ويو ۽ انهن تي جدا جدا ليڊي انسپيڪٽرس ۽
ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽرس مقرر ٿيا. اسسٽنٽن جو تعداد به 5
مان وڌائي 25 ڪيو ويو. اسڪولس رکيا ويا. ڊٺل
اسڪولن جي مرمت لاءِ، جي گهڻو ڪري لياريءَ جا سنڌي
اسڪول هئا، چار لک رپيا منظور ڪرايا پيا، اهي
اسڪول مرڪزي حڪومت جي بي پرواهي ڪري، ورهين کان
ڦٽا پيا هئا، جن کي بند ڪيو پئي ويو. اهي سمورا ڪم
شاهه صاحب ڪراچيءَ ۾ اچڻ جي پهرئين سال ۾ ئي ڪيا.
جن ماڻهن کي سرڪاري ڪمن جو آزمودو آهي، اهي سمجهي
سگهن ٿا، ته ايڏين اسڪيمن جو منظور ڪرائڻ ڪيڏو
مشڪل ڪم آهي ۽ انهيءَ لاءِ ڪيتري لياقت، ڦڙتائي ۽
ذهانت جي ضرورت آهي، خاص طرح جڏهن ون يونٽ وارو
دؤر هو.
انهن مثالن مان شاهه صاحب جي قابليت،
ذهانت، زود فهمي ۽ ڪم جي اڪلاءَ جي صلاحيت جي فقط
هڪ جهلڪ معلوم ٿيندي. شاهه صاحٻ جي ٻوليءَ بابت
ڪيل خدمتن ۽ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾
هن پنهنجي ديس ۽ وطن لاءِ جيڪي ڪيو آهي، سو ايندڙ
صفحن مان معلوم ٿيندو. اسان شاهه صاحب کي ڏاڍي
اختصار سان پيش ڪيو آهي، نه ته سندس خدمتن جو
تفصيل ٻڌائڻ لاءِ هڪ تصنيف جي ضرورت آهي، هن مختصر
مضمون لکڻ مان اسان جو مقصد فقط هيءُ آهي، ته قوم
پنهنجي رهنمائن کي سڃاڻي ۽ قوم جي ڀلائيءَ لاءِ
انهن جي ڪيل ڪوششن مان واقف ٿئي. اميد ته اسان جي
اها اميد بر صواب ٿيندي.
نو
آباد،
شيخ عبدالله ”عبد“ |