سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سير ۽ سفر

غلام مصطفيٰ شاه

صفحو :4

(3)

 

        مون پنهنجو احوال هتان لوئيوائل تائين لکيو آهي. جو اُميد ته مليو هوندو. اسٽيشن لٿس ۽ سامان کڻائي ٻاهر آيس ته هڪ ماڻهو اچي مليو. عجيب لهجي ۾ مون کان نالو پڇيائين. مون سمجهيو ته ڪو عرب مصر، شام يا لبنان مان آهي.  خير، مون کي ٻڌايائين ته منهنجي ملڻ لاءِ اهو اسٽيشن تي آيل آهي. سامان سندس موٽر ۾ رکيوسين ۽ مون کي 3 ائڊريسون ڏيکاريائين ۽  انهن ماڻهن جي گهر جي تعريف به ٻڌايائين. مون هڪ گهر جو فيصلو ڪيو ۽ اسان جي موٽر گهر ڏانهن رخ رکيو. اسين اٽڪل 20 منٽن جي رستي کان پوءِ مخصوص گهر تي پهتاسون.

        رستي ۾ هن ماڻهوءَ سان تعارف ٿيو. سندس نالو آهي ڊاڪٽر جارج براڊسڪي. اصل رومانيا جو آهي، هتي يونيورسٽيءَ طرفان بيروني طلڀاء جي اداره جو ڊائريڪٽر آهي ۽ بين الاقوامي قانون به يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندو آهي. هن شخص متعلق بيان اڳتي ڪندس. سندس عجيب حياتي آهي.

        اسين گهر پهتاسون، ٻاهر نالو ۽ نمبر لکيل ڏٺم، گهر جو مالڪ آهي ڊاڪٽر آسٽن بلاڪ ايم.  ڊي. در تي گهنٽي وڄائيسين، ته اندران هڪ شيدياڻي نڪتي، جنهن بابت معلوم ٿيو، ته هوءَ  هفتي ۾ ٻه دفعا گهر جي صفائي وغيره لاءِ ايندي آهي. هت آمريڪين جي گهرن ۾ شيدي مرد يا عورتون  انهيءَ ڪم لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. هن متعلق به مناسب جڳهه تي بيان ڪندس. گهر ۾ ٻيو ڪوبه نه هو. اسان پنهنجو تعارف ڪرايو، ۽ هن مائي اسان کي هڪ ڪمرو ڏيکاريو، جنهن ۾ منهنجو سامان رکيو ويو. ڊاڪٽر براڊسڪي هڪ منٽ به ترسڻ نه ڏنو، موٽر ۾ چڙهي سڌو يونيورسٽيءَ ڏانهن رخ رکيوسين ۽ اٽڪل 10 منٽن ۾ يونيورسٽيءَ پهتاسون ۽  پريزيڊنٽ (جنهن جي حيثيت اسان وٽ وائيس چانسلر جي آهي) جي آفيس ۾ وياسين، اندر گهڙڻ شرط  هڪ اخباري نمائندي ۽ فوٽو گرافر جي زيارت نصيب ٿي. سمجهي ويس ته ڇا آهي؟ پريزيڊنٽ جنهن جو نالو فلپ ڊيوڊسن آهي، تنهن سان مليس، تعارف کان پوءِ مون کي ڊين اوين هامر سان گڏ فوٽوءَ لاءِ چيو ويو. ڊين اوين هامر سان جيستائين آئون هت رهندس واسطو رهندو ۽ منهنجو سمورو پروگرام هو ٺاهيندو، خير، فوٽو نڪتو ۽ مون کي اخباري نمائندو اچي مليو. عجيب و غريب سوال پڇيائين، مگر مون کيس مناسب احوال ڏنو. کيس اها به خبر نه هئي، ته ڪو پاڪستان ٻن حصن ۾ آهي. پاڪستان جي وزير اعظم ۽ گورنر جنرل  جا نالا ٻڌائي ۽ ڪجهه ٻئي احوال کانپوءِ جند ڇڏايم.

        هنن اخباري انسانن مان آزاد ٿي ٻاهر نڪتس، ته يونيورسٽيءَ جا ڪجهه استاد موجود هئا، جن سان تعارف ڪرايو ويو. ٿوريءَ گفتگوءَ کان پوءِ ڊاڪٽر براڊسڪي سان گڏ، يونيورسٽيء ڪئنٽين ۾ ماني کائڻ وياسون، ان کانپوءِ ڊاڪٽر براڊسڪيءَ جي آفيس ۾ غير آمريڪي هئڻ ڪري، هڪ فارم ڀريم.

        توهان کي ياد هوندو، ته مون هن کان اڳ آمريڪي ويزا جو بيان ڪيو آهي. ڪراچيءَ جي آفيس ۾  ويزا جو به هڪ عجيب معاملو آهي.  بقول منهنجي دوست ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي برابر پنج لکيل ڀونڊا ڪاغذ تي نشان ڪرڻا ٿا  پون. هنن ويزا جي قانونن ۽ فارمن کي ڏسي، ماڻهو آمريڪا وڃڻ کان متنفر ٿيو پوي. هي معاملا انسان کي ڪافي مشڪوڪ ڪيو ڇڏين.

        ماني وغيره کائي، ڊاڪٽر براڊسڪيءَ سان گهر موٽي آيس. گهر ۾ فقط گهرڌياڻي هئي. ساڻس تعارف کانپوءِ ڊاڪٽر موڪل ورتي ۽ چند مرحبا جي لفظن کان پوءِ، مون کي مسز بلاڪ گهر ڏيکاريو ۽ پنهنجي ڪمري جي سهوليتن جو بيان ڪيائين. ان کان پوءِ مون سامان کوليو ۽ تيار ٿي، واپس هيٺ آيس. ڪجهه وقت کان پوءِ ڊاڪٽر بلاڪ جا ٽي ڇوڪرا اسڪول مان آيا. سندن عمر 11، 8 ۽ 6 سال آهي. ڇوڪرا ڪافي دلچسپ معلوم ٿيا. مسز بلاڪ مون کان کاڌي جي پرهيز وغيره پڇي، کيس ٻڌايم ته  مان نه سوئر کائيندو آهيان ۽ نه شراب پيئندو آهيان. اها ڳالهه هن خيال ۾ رکي. آئون هاڻي آمريڪا جي گهر ۾ اچي ويو هئس.

        هي گهر هتي لوئيوائل ۾ بهترين جڳهه تي آهي. ڊاڪٽر هتان جي مشهور ڊاڪٽرن مان آهي ۽ ڪافي ڪمائي اٿس، مگر زندگيءَ جي اخراجات کان به تنگ آهي. آمريڪا جي زندگي ڏاڍي مهانگي آهي.

        ڪينٽڪي آمريڪا جي 48 حصن مان هڪ آهي. سندس آدمشماري 30 لک لکن آهي. هن اسٽيٽ جي ايراضي اٽڪل 41 هزار چورس ميل آهي. سندس مکيه شهر فرئنڪفرٽ آهي. جيڪو هتان 40 ميل پري آهي. زياده تر زراعتي حصو آهي، مگر هنرن ۽ ڪارخانن سان به ڀريو پيو آهي. اوهائيو ۽ ٽينسي نديون منجهائنس لنگهن ٿيون. هي شهر ۾ لوئيوائل ڪافي وڏو آهي.

        ڪينٽڪي اسٽيٽ ۾ به وڏيون يونيورسٽيون آهن: هڪ لوئيوائل يونيورسٽي جنهن ۾ آئون آهيان، جا لوئيوائل ميونسپالٽيءَ جي ماتحت آهي. جيئن حيدرآباد ميونسپالٽيءَ کي  ۽ سنڌ کي عليحده يونيورسٽيون هجن. ان کان سواءِ پنج ٻيا وڏا ڪاليج آهن، جن جو يونيورسٽين سان ڪوبه تعلق نه آهي. اُهي  خود مختيار آهن۽  ڪن ماڻهن جي مالي امداد تي هلن ٿا.

        هنن ڪاليجن جي تعليم جو معيار به ايترو ئي بلند آهي، جيترو يونيورسٽين جو. اهي زياده تر عيسائي فرقي جا ڪاليج آهن. هنن ڪاليجن ۾ اٽڪل 3 هزار کن ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم وٺن ٿيون. هنن ڪاليجن کي مرڪزي حڪومت يا اسٽيٽ حڪومت يا ڪنهن به ميونسپالٽيءَ کان ڪابه امداد نه ملندي آهي. بلڪ ماڻهن جي فراخدليءَ ۽ وقف ڪيل ملڪيتن تي هلن ٿا.

        لوئيوائل شهر جي آدمشماري اٽڪل 3 لک آهي. هي هڪ بهترين شهر آهي. ابرهام لنڪن، آمريڪا جو مشهور پريزيڊنٽ، هن شهر جي ويجهو ڄائو هو. شهر ۾ هڪ يونيورسٽي ۽ هڪ خودمختيار ڪاليج پڻ آهي. هي ڪاليج رومن ڪئٿولڪ نظرئي ۾ اعتقاد رکندڙن جو آهي. يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل 6 هزار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهندڙ آهن ۽ هر قسم جي اعليَ تعليم ڏني وڃي ٿي. يونيورسٽيءَ جو انتظام هڪ جمعيتِ متوليان جي هٿ ۾ آهي، جيڪا پريزيڊنٽ مقرر ڪندو آهي. يونيورسٽيءَ کي هتان جي شاهوڪار ماڻهن جي مدد آهي، ڪيترن ماڻهن پنهنجون ملڪيتون به يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن. لکين ڊالر، ماڻهو بنا گهرڻ جي يونيورسٽيءَ کي ڏيندا رهن ٿا. ماڻهن جو اجتماعي زندگيءَ سان دلچسپيءَ جو انداز هن مان لڳائي سگهجي ٿو، ته هڪ معمولي اداري 40 هزارن ڊالرن لاءِ اپيل ڪئي، ته هڪ هفتي ۾ 65 هزارن کان مٿي ڊالر اچي ويا. يونيورسٽيءَ کي هڪ تجويز جي سلسلي ۾ پئسن جي ضرورت پئي ته پئسا ائين ٿي آيا، ڄڻڪ آسمان مان ڪري رهيا آهن. لکها ڊالر ماڻهو پنهنجي نالي ظاهر ڪرڻ  کانسواءِ موڪلي رهيا هئا. تازو هڪ اسپتال تيار ڪرڻ لاءِ اپيل ٿي، ته اُميد کان ٻاهر پئسا مليا. ماڻهن جي خلوص جو اندازو هن مان لڳايو ته قومي ملڪيتن کي پنهنجيءَ جان کان وڌيڪ عزيز سمجهن ٿا. وقف ملڪيتون بلڪل خبرداريءَ ۽ خيال سان سنڀاليون وڃن ٿيون. ٿورا ڏينهن ٿيا، ته هڪ ماڻهوءَ 50 هزار ڊالر (هڪ ڊالر تقريباً ساڍا ٽي رپيا آهي) هڪ اسپتال کي موڪليا ته جيڪي به نوان ڊاڪٽر ٿين، اُنهن کي پهرئين ڊاڪٽري امتحان کان پوءِ وڌيڪ تجسس لاءِ مدد ڏني وڃي. هن انسان پنهنجو نالو به ڳجهو رکيو آهي. ڇا هيءَ اسلامي روح واري امداد آهي؟ خدا شل اسان جي سرمائيدارن کي ساڃهه ڏئي! ڇا سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو نه لڀندا، جي ڪنهن به اداري کي 2 يا 3 لک رپيا آسانيءَ سان نه ڏئي سگهندا. فضول خرچيءَ ۽ بخل سان ڪڏهن به قومون ترقي نه ڪنديون آهن. اسان جا اسڪول ڏسو، ڪاليج ڏسو ۽ اسپتالون ڏسو، خدا خير ڪري!

        ملڪ جي قومي ترقيءَ سان دلچسپيءَ جو اندازو هن مان  به لڳايو، ته هتان جا ماڻهو هڪ عجيب خوشيءَ ۾ ڏسندا، توهان کي ڪڏهن به عليل اُجڙ ۽ غمگين نظر نه ايندا، ٻارن جي چهرن تي بشاشت ۽ خوشي نظر ايندي. اُهو ڏينهن خالي نه آهي، جنهن ڏينهن شهر جي طرفان  ٻارن جي وندر ۽ راند جو پروگرام مرتب نٿو ڪيو وڃي. ٻارن ۽ نوجوانن کي ڏسي، ماڻهن جون دليون اُمنگ ۽ جوش ۾ ڀرجي اچن ٿيون. سچ پچ ته ترقي يافته ۽ اعليٰ قومون اهي آهن، جن پنهنجي ايندڙ نسل جو خيال ڪيو آهي. ڇا اسان جا بزرگ ائين سمجهن ٿا، ته ٻارن کي ذليل رکي، بکايل رکي، اجڙ، غمگين ۽ بي وس رکي، اسين ترقي ڪري سگهنداسين؟ پراوا ٻار ته ڇڏيو، اسين ته پنهنجن ٻارن کي به خراب ٿيندو ڏسي، ڪجهه به نٿا سوچيون، خدا اسان جي شاهوڪارن ۽ بزرگن کي شعور ڏئي!

        حقيقت ۾ قومن جي عروج جو راز اُنهن جي ايمانداريءَ، اخلاص ۽ محنت ۾ آهي، جنهن قوم جي اعليٰ  طبقي ۾ غرور ۽ تڪبر ۽ محنت ۽ جفاڪشيءَ لاءِ ڪوبه قدرنه آهي، اُهي تباهه ۽ برباد آهن. آمريڪا ۾ هيڏا ڪروڙ پتي آهن، وٽن طاقت آهي، مگر ان جي باوجود هنن انسانيت کي نفرت سان نه ڪيرايو  آهي. پريزيڊنٽ آمريڪا جو، دنيا جي طاقتور حاڪمن مان آهي، بلڪ پهريون طاقتور انسان آهي، مگر ان هوندي به هڪ ادنيٰ آمريڪيءَ سان هن جو ڇا نه اخلاقي ورتاءُ آهي!

        انسان پنهنجي مسلسل محنت ۽ تڪليف کي منهن ڏيندي،  پنهنجي زندگيءَ کي معياري بنائڻ ۾ ڪيتري نه جدوجهد ڪئي آهي. انسان جي ذهني ۽ دماغي معجزن کي هت اکين سان ڏسي سگهجي ٿو. هر هڪ ذميدار فرد کي اها خواهش آهي، ته قوم جي ترقي ۽  فلاح ۾ سندس به حصو هجي. هنري ۽ مشيني دنيا ۾ جيڪي لازمي بدعنوانيون ۽ ڪمزوريون پيدا ٿينديون رهن ٿيون، تن کي بلڪل ڪاميابيءَ سان منهن ڏنو وڃي ٿو.

        جيئن مون ٻڌايو آهي ته  هيءَ اسٽيٽ گهڻو ڪري زراعت پيشه آهي، مگر فقط لفظن جو استعمال آهي، يعني هر ڪا شيءِ مشين جي ذريعي هلائي وڃي ٿي. زمين جي آبادي ۽ ان جي نگراني، جانورن جي پالڻ ۽ سنڀالڻ جو سمورو بندوبست مشين جي رستي ٿئي ٿو. جهنگن ۾ عجيب رستا آهن. جن تان گذرڻ لاءِ خبرداريءَ لاءِ نشان ۽ هدايتون آهن. حڪومت ۽ اُتي جو هر انسان هن ڳالهه ۾ مصروف آهي، ته ملڪ کي ڪهڙي نموني خوش ۽ آسودو ۽ خوبصورت بڻايو وڃي، ڀلا هن کان زياده دل کي خوشي ڏيندڙ ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟

        ٻئي خط ۾ ڪن خاص ڳالهين جو ذڪر ڪندس.

(”الوحيد“ 5-مارچ 1953ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org