سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سير ۽ سفر

غلام مصطفيٰ شاه

صفحو :11

(16)

 

        اڳئين  مضمون توهان جو ڪافي دماغ کاڌو! هلو ته اڳتي هلون. اهي آهن مستن جون لهرون يا جيئن منهنجو هڪ دوست چوندو آهي؛ ”يارن جا غمزا!“

         هت لوئيوائل ۾ هيٺين جاين ۽ گروهن ۾ ويس: بيلرمين ڪاليج، جو رومن ڪئٿولڪ ڪاليج آهي، جنهن کي هن سال جي شروعات کان يونيورسٽي بڻائي رهيا آهن.   ساڍا  اٺ لک ڊالر گڏ ڪيا ويا آهن. رومن ڪئٿولڪ وارن جون سرگرميون عجيب آهن. يونيورسٽيءَ ۾ ٽي عام تقريرون ڪيم: هڪ بين الاقوامي ڪلب ۾ شاگردن جي لاءِ، ٻي استادن جي گروهه اڳيان ۽ ٽي سائنس ۽ ادب جي گروهه جي ميٽنگ ۾. هنن ميٽنگن ۾ تقريباً سؤ کن سامعين  هئا. گهڻو ڪري سڀ يونيورسٽيءَ سان واسطو رکندڙ هئا. لوئيوائل شهر ۾ لئبرري ايسوسيئيشن اڳيان تقرير ڪيم. جنهن ۾ اٽڪل  اسي کن ٻڌندڙ هئا. فقط ٻه مرد، باقي سڀ عورتون هيون. ”آمريڪي جمهوري عمل“ جي ڪلب ۾ مباحثو رهيو. هن موقعي تي ڪجهه کل جهڙيون ڳالهيون به ٿيون، جن جو ذڪر ٽوٽڪن ۾ ڪندس – هيءُ ڪلب سڄي آمريڪا ۾ مشهور آهي ۽ سندس شاخون هر  شهر ۾ آهن. ڪلب ۾ شيدين ۽ يهودين کي به اجازت آهي. هن ڪلب جو وائيس پريزيڊنٽ هڪ شيدي آهي. هن ميٽنگ ۾ تقريباً پنجاهه کن مرد ۽ عورتون شامل ٿيا. هتي ڪي آمريڪي مليا، جي پاڪستان ۽ هندستان ۾ رهي آيا آهن. هڪ ميٽنگ ’لنڪن فائونڊيشن‘ جي جاءِ تي ٿي، جنهن ۾ رات جي ماني به هئي. اٽڪل 200 کن مرد ۽ عورتون اچي گڏ ٿيا هئا. مون کي هن ميٽنگ جي دعوت ڊاڪٽر ٽائڊنگ ڏني، جيڪو لنڪن فائونڊيشن جو سيڪريٽري آهي. ڊاڪٽر ٽائڊنگ ’اخلاقي صلح‘ يا ’مارل دي آرمامينٽ‘ جو پريزيڊنٽ به آهي. توهان کي خبرهجي ته هيءَ هڪ دنيا جي وڏي تحريڪ آهي، جنهن جو مشرقي  هيڊ ڪوارٽر مدراس ۾ آهي. تازو مدراس ۾، آڪٽوبر مهيني ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس ٿي هئي. هن تحريڪ جو مقصد قريب قريب ٿياسافسٽ وانگر آهي، يعني دنيا کي اخلاقي طرح بلند ڪرڻ. اُن اخلاق جو نظريو ته خبر نه آهي ڇا اَٿن، مگر تماشو ڪافي وڏو آهي! سيٺ ڊالميا به هن جو ميمبر آهي.  ڊاڪٽر ٽائڊنگ هتي ڪافي اثر رسوخ وارو انسان آهي. شيدين جي بهتريءَ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو اٿس. مارچ ۾ هو ’لنڪن فائونڊيشن‘ طرفان نائجيريا ويو هو. آئون سندس گهر دعوت تي ويس ۽ ڏٺم ته نائجيريا متعلق ڪجهه پڙهي رهيو هو. مون کي حيرت سان چيائين، ”مصطفيٰ، مون کي خبر نه هئي، ته نائجيريا ۾ پنجيتاليهه سيڪڙو مسلمان آهن!“ مان پچيومانس، .ڊاڪٽر، هي علم جي ابتدا آهي. توهان نائجيريا وڃو ته اڃا ڪافي معلومات حاصل ڪندا.“

        هن ميٽنگ ۾ به آمريڪي فوجي آفيسر مليا، جن ڪافي عرصو ايران ۾ گذاريو هو ۽ کين عراق ۽ ترڪيءَ جو ڪافي علم هو. پاڪستان ۽ اُن جي سفارتن متعلق ڪجهه بيان ڪيائون، جنهن جو ذڪر پوءِ ڪندس. هيءُ به هڪ مزيدار احوال ٿيندو.

        هن ڪلب ۾ هڪ به شيدي نه آهي ۽ انهن جي داخلا تي پڻ پابندي آهي، هڪ ڪلب ”ائٽلانٽا“ ۾ ويس، جنهن  ۾ فقط شيدي آهن. هيءُ ڪلب انهن تعليم  يافته شيدين جو آهي، جن ائٽلانٽا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ورتي آهي. اها يونيورسٽي جارجيا ۾ آهي، جتي شيدين کي اڃا به انسان نٿو سمجهيو وڃي. هن ڪلب ۾ شيدي مرد ۽ عورتون سڀ هئا. اٽڪل پنجاهه کن ماڻهو موجود هئا. مون کي هيءُ پهريون موقعو مليو، جو شيدين جي خيالن ۽ تحريڪن جي خبر پيم. مون کي نهايت ئي عجب لڳو، ته  ايتري قدر  علم رکندڙ انسان کي ذليل سمجهيو وڃي ٿو. فقط ان ڪري جو هو ڪارا آهن. ٻي هڪ ڪلب ’گفتگو ڪلب‘ ۾ ويس، هيءُ هڪ عجيب ڪلب آهي. هن ۾ اٽڪل پنجٽيهه کن ميمبر آهن. شهر جا وڏا واپاري ۽ يهودي، جج، مشهور وڪيل ۽ ڊاڪٽر هن ۾ شامل آهن. پنجٽيهن کان مٿي ميمبر نه رکندا آهن. آئون يونيورسٽيءَ جي ڊين آف پنهائمر جي دعوت تي ويو هوس. هن ڪلب ۾ ڇا ٿيندو آهي، جو هر هڪ ميمبر واري واري سان مضمون تيار ڪندو آهي ۽ پڙهندو آهي. ان کان پوءِ ان تي بحث ٿيندو آهي. رات جي ماني کاڌي ويندي آهي ۽ مانيءَ جو خرچ تقرير ڪندڙ ڀريندو آهي. هن ڪلب ۾ يونيٽيرين ديول جو وڏل پادري ۽ يهودين جو هن اسٽيٽ ۾ وڏي ربي مليا. هن موقعي تي مون کي تقرير ڪرڻي نه هئي، مگر ٻڌڻ کان پوءِ مباحثي ۾ حصو وٺڻو پيو. هڪ تقرير مسٽر ملٽن برانر ڪئي، جنهن جو عنوان هو ”اسلامي ملڪ ۽ انهن جي اهميت“. مسٽر برانر آمريڪا جي وڏين اخبارن جو عيوضي رهي چڪو آهي ۽ اٽڪل پنجٽيهه سال يورپ ۽ ترڪيءَ ۾ رهيو آهي. هن وقت سندس عمر اسي سال آهي ۽ رٽائر ڪرڻ کان پوءِ اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪري رهيو آهي. علامه يوسف عليءَ جو انگريزي زبان ۾ قرآن جو ترجمو مون کي ڏيکاريائين. هن مقالي کان پوءِ پادرين ۽ ربين جي حالت تي کل آئي. انسان کي تعصب ڪيترو نه انڌو ڪري ٿو ڇڏي. پادرين جي حرڪتن ۽ روش تي ٻيا حيرت کائيندا رهيا – اهو احوال وري ٽوٽڪن ۾ ڏبو. عورتون ميمبر نه آهن. ٻيو ڪلب هو ”تاجرن جو ڪلب“، جنهن ۾ گهڻو ڪري پاڪستان جي  تجارت ۽ معاشرت تي سوال پڇيا ويا. اٽڪل پنجاهه کن ميمبر حاضر هئا. هڪ ٻيءَ مجلس ۾ ويس، جا ”تجارت ۽ نوڪري ڪندڙ عورتن جو ڪلب“ هئي. اٽڪل سؤ کن عورتون هيون، هتي به شيدين کي منع آهي. رات جو کاڌو سڀني  ميمبرن پاڻ ٺاهيو. ڪي نيون ڳالهيون حاصل ٿيون، جن جو ذڪر هڪ ٻئي مضمون ۾ ڪندس. جو خاص عورتن تي هوندو، مون کي خبر آهي، ته هن مضمون ۾ دقيانوسي يا ترقي پسندن، ٻنهي کي دلچسپي آهي. توهان جي خبر نه آهي ته ڪهڙن ۾ شمار آهيو. آئون ته ٻنهي ۾ آهيان.

        خير، ٻيو هڪ مخصوص عورتن جو ڪلب هو، ”گهرو شيدي عورتن جو ڪلب“ هن ڪلب ۾ اٽڪل ساڍيون ٽي سؤ عورتون هيون. مون کي شيدي عورتن جي زندگيءَ ۾ اميد ۽ افسردگيءَ جو پتو پئجي رهيو هو. توهان کي شيدي عورتن ۾ ڊاڪٽرياڻيون، ماسترياڻيون، مئنيجرياڻيون وغيره سڀ ملنديون. مگر ڇا، علم ۽ اخلاق سان به کين حقير سمجهيو وڃي ٿو،. جنهن قسم جا سوال مون کان پڇيا ويا. ان جو ذڪر پوءِ ڪندس، انهن ۾ ڪابه سفيد عورت  نه هئي. ٻيو عورتن جو ڪلب هو، تنهن جو نالو هو: ”مدني عورتن جو ڪلب“ جنهن ۾ شيدي ۽ سفيدعورتون سڀ  شامل هيون. گهڻو ڪري يهودي، شيدي ۽ رومن ڪئٿولڪ عورتون هيون، جن جي خلاف ڪنهن نه ڪنهن طرح آمريڪا ۾ نفرت آهي.  هيءَ ميٽنگ هڪ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جي گهر ۾ ٿي، جيڪو خود هن فضا جو شڪار آهي. ٽن ديولن جي ميٽنگ ۾ ويس. هر هڪ ۾ تقريباً ٻه سؤ کن مرد ۽ عورتون هيون. هت ٽي مشهور اسڪول ڏٺم – ٻه سفيد آمريڪين جا، ۽ هڪ شيدين جو. اسڪولن ۾ هر طرح سان شيدين ۽ سفيدن کي عليحدو رکيو وڃي ٿو. هن جو احوال ”آمريڪا ۽ نوجوان شاگرد“ عنوان ۾ ڪندس. اهي هن اسٽيٽ جا بهترين اسڪول آهن. هر هڪ اسڪول جي جاءِ پاڪستان سيڪريٽريٽ جي جاءِ کان ڏهوڻي آهي. ڏينهن ۽ رات جا ڪلاس ڏٺم، ڪن ۾ بالغن جي تعليم جو ۽ ڪن ۾ هنري تعليم جو انتظام هو. اسڪولن ۾ اسيمبلي هال خالقڏني هال  کان به پنج دفعا وڏا هئا. سئنيما جي هالن وانگر ڪرسين جون قطارون ۽ بالڪنيون ٺهيل هيون. ڊرامن ۽ تقريرن لاءِ عاليشان اسٽيج هئي، جنهن تي اٽڪل ٻه سؤ ماڻهو بيهي ٿي سگهيا.  لائوڊ اسپيڪر وغيره سڀ سامان، اسڪولن ۾ موجود هو ۽ ڇوڪرن جي حوالي ۾، هتي توهان کي ڪي انگ اکر ڏيان ٿو:

آمريڪا جي بجيٽ نوَ لک هزار ڪروڙ

هندستان جي بجيٽ ساڍا چار سؤ ڪروڙ

پاڪستان جي بجيٽ هڪ سؤ ڏهه ڪروڙ

نيو يارڪ شهر جي بجيٽ پنج سؤ ويهه ڪروڙ

        مون هي سڀ بجيٽون رپين  ۾ لکيون آهن. هن سال آمريڪا ۾ ابتدائي تعليم تي چار هزار ڪروڙ رپيا خرچ ڪيو ويندو. هن سال ٻوڏن کان بچڻ لاءِ ست ڪروڙ رپيا وڌيڪ خرچ ڪيو ويندو. (سنڌ جي بجيٽ اٺ ڪروڙ کن آهي.) هن سال آمريڪا ۾ ائٽمي طاقت تي ٽي سؤ اٺ ڪروڙ رپيا وڌيڪ خرچ ڪيو ويندو.

        هتي ٽن ريڊيو پروگرامن ۾ شامل ٿيس. هيءُ سڀ احوال، هن شهر ۽ يونيورسٽيءَ  متعلق ڏنو اٿم. هاڻي اچو ته توهان کي ٻاهر وٺي هلان.

        هڪ ريڊيو پروگرام سنسناٽي (اوهايو) ۾ رهيو، جنهن ۾ آمريڪا جي مشهور اخبارن جا ايڊيٽر شامل هئا. هنن پروگرامن جو ذڪر آمريڪا جي خيالي رُحجانات ۾ ڪندس. هاڻي اچو ته پهرين توهان کي ويجهن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ وٺي هلان.

        جارج ٽائون ڪاليج ۽ ڊئنول ڪاليج جي ڪانووڪيشن ۾ تقريرون ڪيم. پهرين ڪاليج ۾ اٽڪل ٽي سؤ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ۽ ٻئي ڪاليج ۾ اٽڪل پنج سؤ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هئا. هنن ڪاليجن جو مهمان ٿي ويس، ۽ شاگردن جي روزمره جي زندگيءَ کان واقف ٿيس. هنن ڪاليجن ۾، شيدين کي نه ورتو ويندو آهي. هنن ڪاليجن ۾ ڏينهن جي ماني ڇوڪرين جي ڊائنگ هال ۾ ۽ رات جي ماني ڇوڪرن جي ڊائننگ هال ۾ کاڌم. هي ٻيئي ڪاليج فرقيوارانه خيالات جا آهن. ڪي ڪرستان مشنري هلائين ٿا، شاگردن جو بورڊنگ هائوس ته نه هو، جهڙي محلات!

        ڪئنٽڪي يونيورسٽيءَ جي دعوت تي ليڪسنگٽن ويس. يونيورسٽيءَ منهنجي رهڻ جو انتظام ’لفيٽ هوٽل‘ ۾ ڪيو هو. ’لفيٽ‘ هڪ ماڻهوءَ جو نالو آهي، توهان جي پڙهندڙن کي عرض ڪندس، ته هيءُ نالو ياد رکن، جو شيدين جي بيان ۾ هن جو ذڪر ڪندس. هن هوٽل ۾ رهڻ سان ڪجهه عجيب ڳالهيون معلوم ٿيون. هن  هوٽل ۾ شيدين جي رهڻ تي سخت پابندي آهي،  نه  صرف اهو، مگر هن وقت تائين ايشيا جي ملڪن مان ڪو به شيدي هن هوٽل ۾ نه رهيو هو. ڪن شيدي نوڪرن سان رهاڻيون ٿيون، اهو ذڪر به وقت تي ڪندس. هيءَ يونيورسٽي، اسٽيٽ يونيورسٽي آهي،جنهن ۾ شيدين کي نه رکيو ويندو آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ يارنهن هزار ڇوڪرا آهن ۽ يونيورسٽي جي بجيٽ پنجهتر لک ڊالر آهي. ڪافي شاهوڪار يونيورسٽي آهي، جنهن وقت آئون ويو هوس، اُن وقت ڊاڪٽر اسڪائيلس جي زير نظر ”بيروني زبانن“ جي ڪانفرنس ٿي رهي هئي. ڪانفرنس جي جنرل سيشن ۾ ڏينهن جي مانيءَ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ لاءِ مون کي پاڪستان تي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو هو. فقط منهنجي هڪ تقرير هئي.

        واشنگٽن مان ڪجهه بيروني سفارتن جا عيوضي موجود هئا، اتر  ۽ ڏکڻ آمريڪا يونيورسٽين جا بيروني زبانن ۾ دلچسپي رکندڙ پروفيسر موجود هئا. يونيورسٽيءَ جي چند شاگردن جي گروهن ۽ استادن سان ملڻ ٿيو، جن مان ڪي منهنجا اڳ ئي پاڪستان ۾ واقف ٿيا هئا، انهن مان پروفيسر ٿامس ڪلارڪ آهي، جنهن جو ذڪر مون اڳي هڪ مضمون ۾ ڪيو هو. شيدين لاءِ ڪئنٽڪي اسٽيٽ ڪاليج ڌار آهي. مگر هڪ طرف ڪئنٽڪي يونيورسٽيءَ کي ڏسي ۽ ٻي طرف شيدين جي ڪاليج کي ڏسي زمين ۽ آسمان جو فرق نظر آيو. هن ڪاليج ۾ اٽڪل هڪ هزار شيدي شاگرد آهن.

(”الوحيد“ 14- جون 1953)

 

(17)

 

        هاڻي اچو ته توهان کي ٽيننسي وٺي هلان، جا ڪئنٽڪي جي ڏکڻ ۾ اسٽيٽ آهي، نيشول ٽيننسيءَ جو مرڪز آهي ۽ هن شهر ۾ ٻه مشهور يونيورسٽيون آهن، هڪ وينڊربلٽ، جا خانگي سفيد آمريڪين جي يونيورسٽي آهي ۽ ٻي فسڪ، جا شيدين جي يونيورسٽي آهي. ٻئي يونيورسٽيون پنهنجي نوعيت ‎ ۾ آمريڪا جي تعليمي ماحول ۾ ممتاز حيثيت رکن ٿيون. آئون ٻنهي جو مهمان ٿي ويو هوس.

        وينڊربلٽ يونيورسٽي اٽڪل ستر سال پراڻي آهي. منجهس اٽڪل پنج هزار شاگرد مگر سڀ سفيد آمريڪي پڙهن ٿا. سندس بجيٽ اٽڪل ٽيهه لک ڊالر آهي. مالي  نقطه نظر کان هيءَ يونيورسٽي آمريڪا جي ڪافي آسوده حال يونورسٽين مان آهي. يونيورسٽيءَ جي ابتدا مسٽر وينڊربلٽ ڪئي، جنهن مرڻ وقت پنجاهه لک ڊالرن جي ملڪيت ۽ نقد رقم يونيورسٽيءَ جي قائم ڪرڻ لاءِ ڇڏي هئي. ان کانپوءِ يونيورسٽيءَ جي امداد  ٿيندي رهي ۽ اڄڪلهه آمريڪا جي پهرئين  درجي جي يونيورسٽين مان آهي ۽ منجهس هڪڙي پايي تي ڪم ڪيو وڃي ٿو. آمريڪا جي ڏاکڻي حصي جي يونيورسٽين ۾ اول درجو رکي ٿي. آمريڪا جا بهترين عالم، اديب ۽ سائنسدان منجهس ڪم ڪن ٿا. حڪومت طرفان سائنس جون سرگرميون هن يونيورسٽيءَ جي تعاون سان آهن. اهو حڪومت جو خرچ يونيورسٽي بجيٽ کان عليحده آهي، يونيورسٽيءَ کي سڀ خانگي امداد ملي ٿي. ڪنهن به حڪومت جي فيڊرل اسٽيٽ يا ميونسپل ڊپارٽمينٽ کان کيس هڪ پائي به نه ملندي آهي ۽ نه وري يونيورسٽي وٺندي يا گهر ڪندي آهي. حڪومت سان جيتوڻيڪ تجسس ۽ ايجاد ۾ ساڻس واسطو آهي، مگر ڪنهن به طرح حڪومت جو ان ۾ اثر نه آهي. حڪومت لکها ڊالر خرچ ڪري ٿي، مگر هن مهيني جي خرچ جا انگ اکر مون کي نه ملي سگهيا.

        يونيورسٽيءَ جون جايون ، لائبريري ۽ رانديون هڪ اهڙيءَ فضا ۾ آهن، جو تفريحگاهه ٿيون معلوم ٿين ۽ جن کي ڏسي حيرت ٿي وٺي. قومي جذٻي انسان کان ڪهڙيون  ڪهڙيون قربانيون ڪرايون آهن. ماڻهوءَ کي مرڻ وقت، قوم ياد هئي، ۽  نه اولاد ۽ پيٽ! مون جيئن توهان کي اڳئين خط ۾ ٻڌايو آهي، ته آئون ڊاڪٽر انگرم بلاڪ وٽ رهيل هوس. جو ڊاڪٽر بلاڪ جنهن وٽ آئون رهان ٿو، تنهن جو ڀاءُ آهي: ڊاڪٽر بلاڪ يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس جو پروفيسر آهي ۽ سندس عمر ٻٽيهه سال  آهي. آمريڪا جي فزڪس جي علم ۾ ڪافي خدمت ڪئي اٿس.  جاپان تي جيڪي به ائٽم بم ڪريا هئا، انهن جي ٺاهڻ ۾ سندس هٿ هو. اُهي مخصوص سائنسدان جيڪي ائٽم بم تي ڪم  ڪري رهيا هئا، انهن مان هڪ ڊاڪٽر بلاڪ به آهي. يعني ان وقت سندس عمر ٽيويهه سال هئي. آئون ڊاڪٽر بلاڪ ۽ سندس زال جو ست ڏينهن مهمان رهيس ۽ سندس علم جو قائل ٿي آيس.

        وينڊربلٽ يونيورسٽيءَ ۾ استادن ۽ شاگردن  سان ملڻ ۽ ساڻن گفتگو ٿي. يونيورسٽيءَ جي استادن ڏينهن جي ماني ڪئي هئي، جتي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ جو مشهور پروفيسر ڊاڪٽر موٽن مليو، جو به اُن وقت هڪ تقرير جي سلسلي ۾ آيو هو. ڊاڪٽر مارٽن آمريڪي حڪومت جي طرفان آمريڪي معاشري تي ڪجهه معلومات گڏ ڪري رهيو آهي. اسان ٻنهي ڪافي گفتگو ڪئي ۽ اسان ٻنهي جو ساڳيو دوست نڪتو، جو آهي ڊاڪٽر وئليس. هو ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي قانون جو پروفيسر آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ منهنجو مهمان هو. وينڊربلٽ سان گڏ فسڪ ۾ به پروگرام هو.

        فسڪ يونيورسٽي آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي ۽ پراڻي ۾ پراڻي شيدين جي يونيورسٽي آهي. استاد به  سڀ شيدي آهن. فسڪ جو پريزيڊنٽ ڊاڪٽر جانسن منهنجو دوست آهي. آئون جڏهن اٺاويهين جنوريءَ تي نيويارڪ پهتو هوس، ته ڊاڪٽر سان وٽني فائونڊيشن ۾ ملاقات ٿي  هئي. ڊاڪٽر جانسن آمريڪي شيدين لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. کيس آمريڪا ۽ ٻاهرين ڪيترين يونيورسٽين اعزازي ڊگريون ڏنيون آهن.

        فسڪ هڪ آمريڪي جنرل جو نالو آهي. سن 1960ع واري گهرو لڙائي ۾، جيڪا شيدين جي آزادي تان لڳي هئي، جنهن جو مون ذڪر اڳي ڪيو آهي، هي جنرل ٽيننسي آيو ۽ اتي هن يونيورسٽيءَ کي قائم ڪيو. هي جنرل سفيد آمريڪي هو ۽ غلاميءَ جي خلاف لڙي رهيو هو. فسڪ ۾ وڃڻ شرط توهان ڏسندا ته غريبن جي يونيورسٽي آهي. شيدي شاگرد ويچارا سفيدن جي مقابلي ۾ غريب ٿي نظر آيا. پستي سندن پيشانين تي لکيل هئي.  استادن جي  به اها حالت آهي. مون ماني سندن ڊائننگ هال ۾ کاڌي. اُتي فرنيچر، سامان ۽ کاڌو به بيڪسيءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا. مون کي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ تقرير ڪرڻ جو موقعو مليو. تقريباً ٻه سؤ کن ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون يونيورسٽيءَ جي مٿين درجن جا هئا. سندن چهرن ۽ اکين مان مون کي اهو ماحول ياد آيو، جڏهن اسان غلام هئاسون ۽ انگريز اسان تي حڪومت ڪندا هئا. مون کي شاگردن جي روش مان ائين معلوم  ٿيو، ته ڄڻ دنيا کي کڻي باهه ڏين. مون کي سندن خاموشي ۽ گفتگو بلڪل اهڙي لڳي، جهڙي اسان جا نوجوان انگريزن جي حڪومت ۾ ڪندا هئا. تنهن مان ڏاڍي راحت حاصل ٿيم. ممڪن آهي ته هنن نوجوانن جي دلين ۾ نيون اُميدون پيدا ٿيون هجن! کين خبر هئي ته آئون وينڊربلٽ مان به ٿي آيو آهيان ۽ پوءِ وٽن آيو آهيان. کين اها خبر هئي، ته منجهائن هڪ وينڊربلٽ ۾ پير به پائي نٿو سگهي. نيشويل ۾ شيدين جي جيڪا حالت ڏٺم، اُن جو بيان پوءِ ڪندس. هاڻي مون کي يقين ٿيو آهي، ته آمريڪا اڃا قوميت جي نظرين جي بلندي کي نه پهتي آهي. مگر وقت ڏاڍو تيزيءَ سان سبق ڏئي ٿو. دنيا ڪافي ڦري چڪي آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ انسانيت جي خون کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو، مظلوم جي آهه آسمان تي پهچي ٿي. مگر هڪ ڳالهه ٻڌايانو ته آمريڪا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شيدي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو تعداد انگلينڊ جي مجموعي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان – جي انگلينڊ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ آهن، ڏيڍوڻو آهي. هڪ طرف ايڏي تعليم ۽ ٻي طرف ايتري ذلت، بيعزتي ۽ مسڪيني!  چوندا آهن ته جنهن انسان جي خودداري ۽ خود شناسيءَ کي صدمو رسندو آهي، اهو چريي جي مثال ٿيندو آهي ۽ هن کان ڪوبه خطرناڪ گناهه ممڪن ٿي سگهي ٿو. سائين، علم کان پوءِ بيعزتي سهڻ ڏاڍو مشڪل معاملو آهي!

        اچو ته ڪولمبيا يونيورسٽي هلون، هن يونيورسٽيءَ جي ذڪر ڪرڻ کان اڳ آئون اهو ٻڌايان ته هتي آمريڪا جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ منهنجا ڪافي آمريڪي استاد دوست آهن، جنهن ڪري معلومات ملڻ ۾ آساني رهي آهي. ان سان گڏ هتي آمريڪا ۾ سنڌ مسلم ڪاليج مان هڪ پروفيسر چار ليڪچرار ۽ ڇهه شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ آيل آهن، انهن مان چار ڄڻا ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ آهن، مون توهان کي پنهنجو ۽ پروفيسر، مختيار جو فوٽو موڪليو هو. هنن دوستن جي هئڻ ڪري يونيورسٽيءَ کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۾ اڃا به وڌيڪ سهوليت ٿي.

        ڪولمبيا يونيورسٽي، جيئن مون چيو آهي، آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي، منجهس تقريباً پنجويهه هزار شاگرد تعليم وٺن ٿا. يونيورسٽيءَ جون جايون، لئبرريون ۽ لئبارٽريون ڏسي حيرت لڳي ٿي وڃي. يونيورسٽيءَ جي بجيٽ اٽڪل سوا ڪروڙ ڊالر آهي. آمريڪا جو موجوده پريزيڊنٽ آئزن هاور هن يونيورسٽيءَ جو پريزيڊنٽ هو. چونڊجڻ کان پوءِ استعفيٰ ڏنائين. هن يونيورسٽيءَ ۾ تقريباً پنج هزار شاگرد دنيا جي ٻين ملڪن مان آيل آهن ۽ تعليم وٺن ٿا. هن ۾ شيدي شاگردن کي به داخل ڪيو ويندو آهي، مگر سواءِ هڪ شيدي عورت جي يونيورسٽيءَ جي استادن ۾ ڪوبه شيدي نه آهي. اها عورت به ڇوڪرين جي ورزش ۽ راندين جي ڪم جي نظام تي آهي.

        ڪولمبيا يونيورسٽي هڪ عجيب تعليمي دنيا آهي. يونيورسٽيءَ کي آمريڪا جي حياتيءَ ۾ وڏو دخل آهي. هتان جا پروفيسر آمريڪا جي سياسي، اقتصادي، تهذيبي ۽ ادبي زندگيءَ  جي هر شعبي ۾ وڏو ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙين يونيورسٽين جو نظام ڏسي دل مان آهه نڪري ٿي ته اي پروردگار! اسان جي ملڪ جا اهڙا ڏينهن ڪڏهن ايندا. يونيورسٽيءَ جي هر در و ديوار تي قوم جي فردن جون قربانيون لکيل آهن. ماڻهن جي مفاد کي نه جيئري ۽ نه مُئي وساريو آهي! نيويارڪ جي ڪاليج ۾ ويس جتي منهنجي دوست ڊين رائيٽ ڪم ڪندي هئي.

        ڊين هن وقت هندستان ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ تعليمي ۽ تهذيبي آفيسر مقرر ٿيل آهي. ڪاليج نيويارڪ ميونسپالٽيءَ جو آهي. عموماً هن  ۾ شاگرد سڀ ڏينهن جو يا رات جو پڙهڻ ايندا آهن. منجهس رهڻ جو انتظام نه آهي.

        ڪولمبيا يونيورسٽي جي هاسٽلن کي ڏسي، هوٽل ميٽروپول ۽ پئليس هوٽل ياد آيا. هوٽل جي ماحول کي ڪڍي کڻي ڇوڪرن جا ڪمرا ٺاهيو. قومون ترقي تڏهن ڪنديون آهن. جڏهن نوجوانن جي حياتيءَ ۾ جسماني ۽ روحاني خوشي پيدا ٿيندي آهي. گندي ماحول ۾ گندي ذهنيت پيدا ٿيندي آهي. حقيقت ۾ صحيح دماغ، صحيح ماحول جي پيدائش آهي.

(”الوحيد“ 20- جون 1953ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org