اڄ ڪيئي ورھيه گُذرڻ کان پوءِ جڏھن جنرل ضياءَالحق کي به اسان
جي دوستن پنھنجي مطلب نڪرڻ کان پوءِ شھيد ڪري
ڇڏيو، ته مونکي ڀُٽي صاحب جي اُھا ڳالھ بلڪل دُرست
ڀانئجي ٿي. مون ڪجھ محترم ۽ ذميدار پاڪستانين کي
به اھو چوندي ٻُڌو آھي، ته ضياءَالحق اسلام لاڳو
ڪرڻ ۾ سچو نه ھو، ۽ رُڳو زباني لٻاڙ ھڻندو ھو. ھُن
بدقسمتيءَ سان اسلام جي نالي تي پنھنجي حڪومت کي
زندگيءَ جي پڇاڙڪي گھڙين تائين ڊيگھ ڏني، پر
اسلامي نظام لاءِ ھُن ڪجھ به نه ڪيو. انھن ماڻھن
جو چوڻ ھو، ته اُن ۾ ڪو شڪ نه آھي، ته اسلامي نظام
لاڳو ڪرڻ ۾ ڏُکيائون ھيون، پر بدقسمتيءَ سان ھُن
به اُن مھانَ ڪم کي رڳو سياسي نعرو بڻائي، باقي
سياستدانن جيان قوم کي بيوقوف ئي بڻايو.
منهنجو جيون پاڪستان جو ڀاڳُ آهي
ڀُٽو صاحب اڪثر چوندو ھو: ڪرنل رفيع، منھنجو ڪنڌُ ويو، ته
پاڪستان به ختم ٿي ويندو. آئون اُن جملي جو مطلب
ڪڏھن به سمجھي نه سگھيس ۽ ھر ڀيري سوچيندو ھوس، ته
ڀُٽو صاحب ايئن چئي ڇا ٿو ٻُڌائڻ گھُري. اھو جملو
اٽڪل ڪيئي ڀيرا ھُن مختلف موقعن تي مون کي چيو
ھوندو.
مونکي سُڌ آھي، ته محترم عبدالحفيظ پيرزادي به جڏھن مارچ 1979ع
۾ جنرل ضياءَالحق صاحب سان ملاقات ڪئي ھئي، ته ھُن
به اُن قسم جا ويچار پڌرا ڪيا ھئا، پر ضياءَالحق
صاحب اُن ويچار کي ڀُٽي صاحب جو وَھم ۽ انومان
سمجھي امڪان کان ٻاھر ڪوٺيو ھو.
پاڪستان ۾ آباديءَ جو مسئلو
ھڪ ڀيري اسان جي ڪچھريءَ ۾ پاڪستان ۾ وڌندڙ
آباديءَ جو مسئلو به سامھون آيو. شايد مامري تي اُن ڏينھن اخبار
۾ ذڪر ٿيو ھو. مون ھمت ڪري اُن مامري تي ڪجھ چيو:
آئون ڀانيان ٿو، ته پاڪستان جو اھو ڳنڀير مسئلو
آھي. اسان جي آبادي تيزيءَ سان وڌي پئي ۽ آباديءَ
۾ اھو ڏينھون ڏينھن واڌارو اسان جي وسيلن کي ختم
پيو ڪري، تنھنڪري اسان مادي ترقيءَ ۾ اُتي جو اُتي
بيٺا آھيون. عوام جي اٽڪل سمورن مصيبتن جو وڏو سبب
اسان جي آباديءَ ۾ واڌارو آھي. ڀُٽو صاحب چوڻ لڳو:
ڀائي، انھن اَڻپڙھيل مولوين کي ڪير سمجھائي. ايوب
خان اُن مسئلي تي ضابطي آڻڻ لاءِ ڪجھ ڪرڻ گھُريو
ٿي، ته انھن ناسمجھ مولوين ھُن کي ڇا نه چوڻ شروع
ڪيو ھو. پوءِ ھُو مُرڪيو ۽ چوڻ لڳو: اسان جي فوج
آبادي گھٽائڻ جو فرض ايئن نڀائيندي رھي، ته اِھو
مسئلو پاڻمرادو نِبيرجي ويندو.
احمدي مسئلو
ھي اھڙو مسئلو ھو، جنھن تي ڀُٽي صاحب ڪيئي ڀيرا ڪجھ نه ڪجھ چيو.
ھڪ ڀيري چوڻ لڳو: رفيع، اُھي ماڻھو چاھين ٿا، ته
اسان انھن کي پاڪستان ۾ اُھو رُتبو ڏيون، جيڪو
يھودين جو آمريڪا ۾ آھي- يعني اسان جي ھر پاليسي
سندن مرضيءَ مطابق ھلي. بھرحال، قومي اسيمبليءَ
انھن کي غيرمسلم ڪوٺيو، ته اُن ۾ منھنجو ڪھڙو ڏوھ
آھي.
ھڪڙي ڏينھن اوچتو مونکان پڇيائين: ڪرنل رفيع، ڇا احمدي ھاڻي
اِھو چون پيا، ته منھنجيون ھاڻوڪيون مصيبتون انھن
جي خليفي جي پِٽ پاراتي جو نتيجو آھن، جو آئون ڪال
ڪوٺيءَ ۾ پيو آھيان. ھڪ ڀيري چوڻ لڳو: ڀائي،
جيڪڏھن انھن جي عقيدي کي ڏٺو وڃي، ته اُھي حضرت
محمد صلي اللھ عليھ وسلم کي آخري پيغمبر ئي نٿا
مڃين، ۽ جيڪڏھن اُھي مونکي کين غيرمسلم ڪوٺڻ جو
ذميدار ڪوٺين ٿا، ته پوءِ ڪا ڳالھ نه آھي. پوءِ
چوڻ لڳو: آئون ته وڏو گناھگار آھيان، ۽ الاءِ
منھنجو اھو عمل ئي منھنجي گناھن جو ڪفارو بڻجي پوي
۽ اللھ منھنجا سمورا گُناھ اُن نيڪ عمل آڌار معاف
ڪري.
ڀُٽي صاحب جي ڳالھين مان آئون اِھو اندازو لڳائيندو ھوس، ته
شايد ھُن وٽ گناھ وغيره جي ڪا خاص سوچ نه آھي، پر
اُن ڏينھن مونکي سمجھ ۾ آيو، ته مامرو اُن جي
اُبتڙ آھي.
آئون پاڻ فوج کي ڪيئن ٿو برباد ڪري سگهان
ڀُٽي صاحب ڪيئي ڀيرا مونکي چيو: آئون پاڻُ جنھن فوج جو معمار
آھيان، تنھن کي ڪيئن ٿو برباد ڪري سگھان. اُنھن
ڏينھن ۾ شايد فوج ۾ اِھو پرچار ٿيو پئي، ته محترم
ڀُٽو ۽ سندس پارٽي فوج کي برباد ڪرڻ گھُري ٿي. ھُن
چيو: مون کي ته مُلڪ، قوم ۽ فوج خراب حالت ۾ ملي.
اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ مُلڪ ٽُٽل ھو.
قوم ۽ فوج شڪست کانپوءِ مايوس ھئي. مون ڏينھن رات
جاکوڙي ھن قوم کي جيئرو ڪيو. فوج جيڪا ساڻِي ٿي
چُڪي ھئي، تنھن ۾ جان وڌي. ھُن کي سُٺا ھٿيار ڏنا،
سندن اخلاق مٿانھون ڪيو، ھمت پيدا ڪئي. ھُن ۾ ٻيھر
زندگيءَ جي لھر ڦوڪي. ھاڻي توھان جا جرنيل چون
پيا، ته ڀُٽي فوج کي برباد ڪرڻ گھُريو پئي. آئون
ھن ملڪ ۽ فوج کي ٺاھيندڙ آھيان. آئون ھن کي برباد
ڪرڻ جي ڳالھ ڪيئن ٿو سوچي سگھان؟
ھڪڙي ڏينھن چوڻ لڳو: مونکي پارٽيءَ جي ڪيئي ماڻھن مشورو ڏنو، ته
دنيا جي اڪثر فوجن مان بَٽ مين جي سھولت ختم ڪئي
ويئي آھي، پر اسان وٽ اُھا بيٺڪيتي رسم موجود آھي.
اسان جي فوج ۾ عملدارن سميت جونيئر ڪميشنَ عملدارن
کي به اھا سھولت مليل آھي. اھڙيءَ طرح اسان جا
انيڪ سپاھي فوجي ڪم نه، بلڪ نوڪر جو ڪم ڪن پيا.
اھو عمل ڪنھن سپاھيءَ جي خودداريءَ جي نفي ڪري ٿو.
اسان جي فوج اُن سرشتي سبب اٽڪل ٻه ڊويزن نفريءَ
کان محروم پئي ٿئي. پر حالت اھا وڃي بيٺي آھي، جو
ڳاڙھي ڦيٿي وارا عملدار ته ڊرائيور، بورچي، نوڪر ۽
بٽ مين به الڳ الڳ رکن ٿا. بلڪ سينيئر ريٽائر
آفيسر به پنھنجي مرڻ تائين ڪيئي سپاھي پنھنجي گھرن
۽ زمين تي رکيو ويٺا آھن، جڏھن ته اُھي پگھار ۽
راشن فوج کان وٺن پيا. ڪيئي ساٿين چيو، ته اُن قسم
جي لعنت کي فوج مان ختم ڪيو وڃي، پر مون چيو، ته
ڀُٽي جي دؤر ۾ نه، بلڪ پوءِ اھا لعنت پاڻمرادو فوج
مان نڪري ويندي. چوڻ لڳو: رفيع صاحب، آئون ته ھر
خيال کان فوج جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ سدائين
تيار رھيو آھيان، ته جيئن اسان جو فوجي دل لڳائي
پنھنجي نوڪري ڪري. پوءِ ڀُٽو فوج کي ختم ڪرڻ جو
ڪيئن ٿو سوچي سگھي؟
اوڀر پاڪستان جو حادثو
مون پاڻ ڀُٽي صاحب سان اوڀر پاڪستان جي حادثي تي ڪڏھن نه
ڳالھايو ھو، بلڪ جڏھن ڪنھن وقت پريس ۾ اُن حادثي
تي ڪا خبر يا ڪالم ڇپيو، ھُن ۽ سندس پارٽيءَ تي
تنقيد ڪئي ويئي يا کين نشانو بنايو ويو، ته ھو عام
طور اُن تي ڳالھائيندو ھو. ھُو سدائين اھو چوندو
ھو: ھُن جو اوڀر پاڪستان جي سانحي سان ڪو ناتو نه
ھو. پر جيڪڏھن توھان ماڻھن جا حق ڦٻائيندا ۽
دٻائيندا، ته پوءِ اُھي ھڪ نه ڏينھن توھان خلاف
ضرور اُٿي اُڀا ٿيندا. مارشل لا ھر ڀيري لڳڻ ۽ فوج
۾ بنگالين جي تعداد نه ھئڻ برابر ڏسي انھن جي دل ۾
اھو ويچار جنم ورتو ھو، ته حڪومت ۾ کين حصو ڪڏھن
به نه ملي سگھندو. پوءِ فوج جو واھپو به غلط طريقي
سان ٿيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ھندستان وجھ وٺي اسان کي ٻن
ٽُڪرن ۾ ورھائڻ ۾ وڏو ڪردار نڀايو. جڏھن به اُن
مامري تي ڳالھ ٿي، ته ھُن سدائين زور ڏيئي چيو:
ھُن جو اُن ۾ ٿورڙو به ڏوھ نه آھي. ھڪ ڀيري ھُن
مونکي ٻُڌايو: روس جي حڪومت پنھنجي سفير کي ھن وٽ
موڪلي، محترم مجيب الرحمان کي قيد مان ڇڏڻ جي
درخواست ڪئي ھئي. ڪنھن پاڙيسري سُپر پاور جي
درخواست رد ڪرڻ ڪنھن عقلمندي جي ڳالھ نه ھئي،
تنھنڪري مون محترم مُجيب کي ڇڏڻ جو حُڪم ڏنو.
ناشُڪري قوم
سُپريم ڪورٽ مان ھُن جي اپيل نامنظور ٿيڻ کان پوءِ ھڪ ڏينھن ھُن
چيو: پاڪستاني قوم ڏاڍي ناشُڪري قوم آھي. مون ھن
قوم لاءِ ڇا نه ڪيو، بلڪ ھن قوم جي شھرت ۽ طاقت،
جنھن لاءِ مون سدائين جاکوڙيو، اُن جي سزا مونکي
جيل ۾ واڙي ڏني پئي وڃي ۽ منھنجي قوم کي ڪا پرواھ
ئي نه آھي. چوڻ لڳو: ڪاش آئون تُرڪي يا جرمنيءَ ۾
جنم وٺان ٿا. اُھي ٻه اھڙيون قومون آھن، جيڪي
منھنجو قدر ڪن ھا، ۽ مون کي پُوري عزت ۽ مڃتا ڏين
ھا. ھڪڙي ٻئي موقعي تي ڀُٽي صاحب چيو: جرمن دُنيا
جي ڀلوڙ قوم آھي. دنياوي طاقتن ھُن کي ٽُڪرن ۾
ورھائي ڇڏيو آھي، پر اُھو ڏينھن پري نه آھي، جڏھن
اھا قوم وري اُڀرندي ۽ سڄي دُنيا انھن جي اڳواڻيءَ
تي فخر ڀانئيندي. ھُن تُرڪن جي بھادري ۽ قوميت تي
به ھڪ ڏينھن اھڙي قسم جا ويچار پڌرا ڪيا ھئا.
نواب محمد احمد خان قصوريءَ جي قتل جو مقدمو
ڀُٽي صاحب ڪيئي ڀيرا مون کي چيو: ڪرنل رفيع، اللھ شاھد آھي، ته
منھنجو اُن مقدمي سان ڪنھن به قسم جو ڪو ناتو نه
آھي. اھو بلڪل ڪُوڙو مُقدمو آھي ۽ مونکي اُن ۾
ھروڀرو ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. اِھا ڳالھ ھُن
مون سان ڪيئي ڀيرا ڪئي.
خراب ورتاءُ تي ڀٽي صاحب جي شڪايت
ڀُٽو صاحب سدائين شڪايت ڪندو ھو، ته ھُن سان سُٺو ورتاءُ نه پيو
ٿئي. ھُن ڪجھ ڀيرا مونکي چيو: جڏھن ھُو ملڪ جو
اڳواڻ ھو ۽ ولي خان، عطاءُاللھ مينگل، خيربخش مري
۽ غوث بخش بزنجو صاحب کي قيد ڪيو ويو ھو، ته ھُن
ريسٽ ھائوسَ تي لکين روپيا خرچ ڪري سُڌاريو ۽
سينگاريو ھو، ته جيئن اُھي اڳواڻ آرام سان پنھنجا
ڏينھن گھارين. جڏھن جنرل ٽِڪا خان صاحب ۽ پيرزادي
صاحب کي جھليو، ۽ مارشل اختيارين جنرل ٽِڪا صاحب
کي مري ريسٽ ھائوس ۾ ۽ پيرزادي صاحب کي سندس
ڪراچيءَ واري گھر ۾ رکيو، ته ڀُٽو صاحب سخت ڪاوڙيو
۽ چوڻ لڳو: جيئن ته اُھو تنھنجو فوجي جرنيل آھي،
تنھنڪري ھُو ريسٽ ھائوس ۾ مزا پيو وٺي، ته پوءِ ڇا
آئون ھن ملڪ جو اڳواڻ نه ھوس، جو مونکي ھِن جيل ۾
ڌِڪي اُڇلايو ويو آھي. ھُو چوندو ھو: اھو منھنجي
عزت جو سُوال آھي. ھڪ ڀيري ھُو ڏاڍي جوش ۾ اچي چوڻ
لڳو: ڪرنل، آئون انھن سڀني کان پلاند وٺندس. مون
ھُن کي ڌيرج سان ياد ڏياريو: سائين توھان اُن قسم
جي ڳالھين سبب ته اھا تڪليف ڀوڳيو پيا. ته ھُن
ھڪدم چيو: اِھا ڳالھ رُڳو منھنجي ۽ تُنھنجي وچ ۾
آھي.
ھڪڙي ٻئي موقعي تي ھُو ايئن ڪاوڙ ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو: جيڪڏھن ھڪڙو
ڀُٽو به جيئرو رھيو، ته ضرور پلاند وٺندو. جڏھن
مون وري ھُن کي يادگيري ڏياري، ته چوڻ لڳو: ڪرنل
رفيع، اھا ڳالھ رُڳو اسان ٻنھي جي وچ ۾ آھي.
بھرحال جيل جي سخت پابندين ۽ اَڍنگي ورتاءَ تي ڀُٽي صاحب کي
گھڻي شڪايت رھي.
ڀٽي صاحب جو بيمثال حافظو
ڀُٽي صاحب جي يادگيري انمول ھئي. ھُو پراڻين ملاقاتن
جا صحيح لفظَ، مھل، ٽاڻُو ۽ تاريخ بلڪ واقعن جي عام تُز ڄاڻُ به
ياد رکندو ھو، ۽ ھر موقعي تي ٿيل ڳالھ ٻولھ،
ايستائين جو پوشاڪ ۽ ڪا ڳالھ ڪھڙي انداز ۾ چئي وئي
ھئي، سان عام جُزن تائين ھُن جي ذھن ۾ سمايل ھوندي
ھئي. مون جڏھن به ڪا ڳالھ ڪئي، ته ھُو مونکي گھڻي
وقت کان پوءِ به اُھا ڳالھ ياد ڏياريندو ھو، ته
فلاڻي موقعي تي توھان اِھا ڳالھ ڪئي ھئي. مون
جيڪڏھن جيل سپرنٽينڊنٽ کي ڪا ڳالھ چئي، ۽ اُن
مامري تي ڀُٽي صاحب سان اختلاف ٿيو، ته ھُو ھڪدم
اسان جي پراڻي ڳالھ جو حوالو ڏيندو ھو. اسان فوج ۾
عام طور پنھنجي ڊائريءَ واپرائيندا آھيون، ته جيئن
ياداشت ڊائريءَ جي مدد سان موٽائي سگھجي، پر ڀُٽي
صاحب جي دماغ ۾ ھروقت اُھا ڳالھ لکجي ويندي ھئي، ۽
ھُو ڪنھن عام ڳالھ کي به ياد رکندو ھو. اھڙي تيز
يادگيريءَ وارو ڪو ٻيو ماڻھو مون پنھنجي سڄيءَ
زندگيءَ ۾ نه ڏٺو آھي.
محترم پيرزادي جي جنرل ضياءَ الحق سان ملاقات
عبدالحفيظ پيرزادو صاحب به ڀُٽي صاحب جي وڪيلن مان ھڪُ وڪيل ھو.
ھُو ڀُٽي صاحب جي پنڊي جيل ۾ قيد جي اوائلي ڏينھن
۾ ته ڪڏھن نه آيو ھو، پر سُپريم ڪورٽ مان اپيل
نامنظور ٿيڻ کان پوءِ ھُو ڪيئي ڀيرا جيل ۾ ڀُٽي
صاحب سان مليو. پيرزادو صاحب 14 فيبروري کان 31
مارچ 1979ع تائين ارڙھن ڀيرا ڀُٽي صاحب سان جيل ۾
ملڻ آيو. اُن دؤران شايد مارچ 1979ع ۾ ھُو جنرل
ضياءَالحق صاحب سان به مليو ھو ۽ ڀُٽي صاحب جي
مقدمي تي ساڻس تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ھئائين. مونکي
ڪٿان اُڏامندي خبر ملي، ته پيرزادي صاحب، جنرل
ضياءَالحق صاحب کي ڀُٽي صاحب جي معافيءَ جي
درخواست ڪئي ۽ ھُن کي چيائين: جيڪڏھن ڀُٽي صاحب کي
جيئرو نه ڇڏيو ويو، ته پوءِ ملڪ ڪنھن وڏي گھوٽالي
۾ ڦاسي پوندو ۽ شايد اُن گھوٽالي سبب اوڀر پاڪستان
جيان مُلڪ وري ٽُٽي نه وڃي. پر جنرل ضياءَالحق ھُن
جي اُن دليل سان ھرگز سُھمت نه ٿيو.
اُن خبر ٻُڌڻ کان پوءِ مون ڀُٽي صاحب سان اُن مامري تي ڳالھايو،
جنھن تي ھُن چيو: ھا، پيرزادي اُھي دليل منھنجي
مرضيءَ بغير جنرل ضياءَ کي ڏنا آھن. اِھو سڀ ڪجھ
ھُن جو پنھنجو ويچار ھو، جنھن کي جنرل ضياءَ مڃڻ
کان انڪار ڪيو ھو.
ڀٽي صاحب جو هٿُ ۽ سندس زندگيءَ جي لِيڪ
مون پاڪستان مليٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ جڏھن سِکيا پئي ورتي، تڏھن
مونکي ھڪ ساٿي ڪيڊٽ ذريعي ھٿُ سُڃاڻپ جو شوق پيدا
ٿيو. ڪميشن ماڻڻ کان پوءِ مون اُن شُغل کي چڱي
ڳنڀيرتا سان ورتو. ڪيئي ڪتاب پڙھيا، انيڪ ھٿ به
ڏٺا. ھاڻي به جڏھن ڪنھن وقت ڳوٺ وڃان ٿو، ته
پوڙھيون عورتون پنھنجن گھر ڀاتين سان مونکي گھيري
وٺن ٿيون. پر آئون جڏھن انھن کي ٻُڌايان ٿو، ته
مون کان اھو علم کَسجي ويو آھي، ته اُھي ڏاڍو
رُسامو ڪن ٿيون. پر پوءِ به زور ڀرين ٿيون، ته
سندن ھِن ٻار جي قسمت بابت ڪجھ ته ٻُڌايان.
ڪافي عرصي کان مون پامسٽريءَ جي پڙھائي ۽ پريڪٽس ڇڏي ڏني آھي،
پر پوءِ به ورلي ڪنھن ھٿ کي ڏسڻ سان ڪجھ وڏين
لِيڪن تي نظر ڊوڙائي وٺان ٿو.
جنھن ڏينھن کان ڀُٽي صاحب سان جيل ۾ مِلڻ شروع ٿيو، ۽ ھُن سان
گڏ ويھي ڪچھريءَ جو سلسلو ھليو، ته منھنجو ھٿُ ڏسڻ
جو پراڻو چاھ جاڳي پيو. اصل ۾ ڀُٽو صاحب گھڻيون
ڳالھيون ڪندو ھو، اُنھن ڳالھين دؤران ھُن جي وات
سان گڏ سندس ھَٿَ به ھوا ۾ لھرائيندا رھندا ھئا.
منھنجون اکيون ھُن جي ھٿُ تي ڄميل رھنديون ھيون.
ھُن جي ھٿن جي لِيڪن کي ھر ڀيري ڏسندو رھندو ھوس.
ھُن جون شمسي ۽ قسمت جون لِيڪون بلڪل پڌريون ھيون.
مون دل، دماغ ۽ زندگيءَ جون لِيڪون به چڱي ويچار
سان ڏٺيون. اُن مقدمي سبب آئون ھُن جي زندگيءَ جي
لِيڪ کي ھر ڀيري ڏسندو ھوس. ھن جي اُھا لِيڪ پھرين
ڪجھ ورھين کانسواءِ، جيڪا عام طور ھر ھَٿ تي ساڳي
ئي ھُجي ٿي، سا گھري، صاف، ڪنھن رنڊڪ يا وڍُ بنا
شروع کان ڪَرائيءَ تائين بلڪل چِٽي ھئي، يعني
زندگيءَ جي لِيڪ ٽُٽل ڦِٽل، ٻيٽ يا ڪَٽ وغيره کان
آجي ھئي. گڏوگڏ زندگيءَ جي مددگار لِيڪ به موجود
ھئي. مونکي ھُن جي ھٿ تي ڪنھن حادثي يا اوچتي موت
جي ڪابه نشاني نه ملي. تنھنڪري مونکي ويساھ پئي
ٿيو، ته ھُن کي سزا ته ملي سگھي ٿي، پر ڦاھيءَ سان
سندس زندگيءَ جو ڏيئو نه اُجھامندو.
ڀُٽي صاحب جي اپيل خارج ٿيڻ کان پوءِ جڏھن ھڪڙي ڏينھن ھُن
ڳالھيون پئي ڪيون ۽ ھَٿ کي منھنجي آڏو چڱو
لوڏيائين پئي، ته مون سندس زندگيءَ جي لِيڪ کي چڱي
ويچار سان ڏٺو پئي، تنھن مھل چوڻ لڳو: رفيع،
منھنجي ھَٿ ۾ ڇا آھي، جنھن کي تون ايڏي ڌيان سان
پيو ڏسين؟ مون وراڻيو: سائين، توھان جي ھَٿ تي
زندگيءَ جي لِيڪ مان پتو پوي ٿو، ته توھان جي
زندگي گھڻي ڊگھي آھي. جواب ۾ ھُن چيو: ڪرنل، ڀُٽا
سدائين جوانيءَ ۾ ئي مرندا رھيا آھن. مون جواب
ڏنو: پر توھان جو ھٿُ اُن ڳالھ خلاف سچائي نروار
پيو ڪري. ھُن مُرڪي پنھنجي ھٿُ کي ڏٺو ۽ مونکي
چيائين: ڇا توھان پامسٽري ڄاڻو ٿا؟ مون وراڻيو:
گُذريل ورھين ۾ منھنجو اِھو شُغل ھو، پر ھاڻي اُن
کي ڇڏي ڏنو اٿم. ھُن وري پنھنجي ھٿ کي ڏٺو ۽ مون
ڀانيو، ته ھُو پنھنجو ھٿ مونکي ڏيندو، پر ھُن ايئن
نه ڪيو. پوءِ چوڻ لڳو: ڪرنل رفيع، توھان چوڌري
يارمحمد کي ھڪ ڀيرو چيو ھو، ته ٻن ڳچين مان ڪنھن
ھڪ کي وڃڻو آھي- ڀُٽي جي ڳچي يا جنرل ضياءَ جي
سِسي. جيئن ته ڀُٽي جي سِسي قيد ۾ آھي، تنھنڪري
شايد ھُن کي ئي وڃڻو پوندو. مون جواب ڏنو: آئون
اُن ڳالھ کان انڪار نٿو ڪريان، جو اِھو عام ويچار
ھو. پر توھان جي ھٿُ جي لِيڪ ته ائين نٿي چوي.
ڀُٽي صاحب اُن مامري تي وڌيڪ ڪجھ نه چيو، بلڪ پاڻُ
ئي ڪجھ گھڙين ۾ ڪا ٻي ڳالھ ڇيڙي ڇڏيائين.
مون ھَٿ ڏسڻ سَٺ جي ڏھاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ڇڏي ڏنا ھئا، پر مون ۾
انھن لِيڪن جي علم جو ويساھ رھيو، يعني اللھ
تعاليٰ اھو به علم ماڻھن کي ڏنو آھي. ڀُٽي صاحب جي
ڦاھيءَ کان پوءِ مونکي اُن علم تي گھڻو شڪ ٿيو؛
ايستائين جو مون پنھنجي ھٿُ تي به نظر وجھڻ ڇڏي
ڏنو. دل توڙي دماغ ۾ عجيب وسوسن جنم ورتو. گھڻي
وقت کان پوءِ ھڪڙي ڏينھن ايم. اي. مَلڪ جو اُھو
بيان پڙھي دل کي ڪجھ آٿت ملي، ته ڪجھ مُک ھٿُ
ڏسندڙن چيو آھي، ته شھيدن جي ھَٿ تي زندگيءَ جي
لِيڪ سدائين موجود رھي ٿي. ھُن جي ھَٿ جي ڄمار
واري لِيڪ ڪڏھن به نٿي ٽُٽي، ڇوته ھُو مري ئي نٿو.
ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ کان پوءِ منھنجو ويساھ ھٿ ڏسڻ
تان کڄي ويو ھو، پر اُن بيان پڙھڻ کان پوءِ وري
اُن علم تي ڪجھ ويساھ ٿيڻ لڳو. الاءِ، ڪيستائين
اسان جي مھانَ اڳواڻن جي قسمت ۾ اِھا شھادت جي
سعادت لکبي رھندي....! مون اُھي لفظ اڃا لکيا ئي
پئي، ته اتفاق سان ٻاھران ڪنھن اِھو نعرو ھنيو:
”پاڪ- آمريڪا دوستي زنده باد!”
سياستدان، نعرا ۽ جلسو
ھڪڙيءَ شام جو آئون جيل ڪئمپ ۾ جوانن سان گڏ
والي بال کيڏڻ کان پوءِ سيڪيورٽي وارڊ ۾ ڀُٽي صاحب سان گڏ وڃي
ويٺس. اسان اڱڻ ۾ چاءِ ويٺي پيتي. انھن ڏينھن ۾
111 بريگيڊ جي يونٽن وچ ۾ باسڪيٽ بال جا ميچ پئي
ٿيا. 3 ايف. ايف ريجمينٽ جي ٽيم پنھنجو ميچ کٽي
گاڏين ۾ واپس وزيراعظم ھائوس ويجھو پنھنجي لائنن
ڏانھن پئي وئي. خوشيءَ ۾ اُھي زورائتا نعرا ھڻندي
جيل سامھون لنگھيا. جيئن ڀُٽي صاحب نعرا ٻُڌا، ته
ھڪدم مون کان پُڇيائين: ھي ڪير ماڻھو نعرا پيا
ھڻن؟ ڇا ڪو جلسو ٿيو آھي؟ مون ھُن کي ٻُڌايو:
مارشل لا وارن ڏينھن ۾ جلسو ڪرڻ ۽ نعرا ھڻڻ ۽ اُھي
به ڇانوڻيءَ جي حدن ۾، ممڪن ئي نه آھي. شايد يونٽن
وچ ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ کٽيل ٽيم ۽ سندن پلٽڻ جا جوان
خوشيءَ ۾ نعرا پيا ھڻن. ڀُٽو صاحب اھو ٻُڌي ماٺ ٿي
ويو ۽ چڱو سوڳ ۽ ماٺار ڇانيل رھي.
پاڙيسري ملڪ افغانستان
1978ع جي ٻي ڇھ- ماھيءَ ۾ افغانستان بابت روزانو پريس ۾ ڪجھ نه
ڪجھ ڇپجندو رھندو ھو. ڀُٽو صاحب اخبارن جو اڀياس
ڏاڍي ڌيان سان ڪندو ھو. انھن ڏينھن ۾ ھُن سان جڏھن
به ملاقات ٿيندي ھئي، ته ھُو اڪثر افغانستان بابت
ڪجھ نه ڪجھ چوندو رھندو ھو. جنرل ضياءَالحق جي
افغان پاليسيءَ سان ڀُٽو صاحب بلڪل سُھمت نه ھو.
جيتوڻيڪ اُن وقت امريڪي امداد اڃا باقاعدگيءَ سان
شروع نه ٿي ھئي ۽ پاڪستان اڃا تائين افغان مسئلي
سان پنھنجي پاڻُ کي پوريءَ طرح جوڙيو به نه ھو.
ڀُٽي صاحب ھڪ ٻه ڀيرا چيو: ھُن سردار محمد دائود
سان پاڪ- افغان لاڳاپن سميت ڊيورينڊ لائين ۽
پختونستان جي ٺاھ جو فيصلو ڪري ورتو ھو، پر
بدقسمتيءَ سان جيڪڏھن ھُن جي حڪومت ختم نه ڪئي وڃي
ھا، ته سردار محمد دائود جي مارجڻ کان گھڻو اڳ ئي
مسئلا سدائين واسطي دوستاڻي انداز ۾ سُلجھي وڃن
ھا.
ڀُٽي صاحب جو اِھو به چوڻ ھو: روس جيئن ته رُڳو سُپر پاور نه،
بلڪ اسان جو پاڙيسري ڏيھ به آھي، تنھنڪري روسين
سان اسان جا ناتا گھڻا سُٺا ھئڻ کپن، ۽ پاڪستان کي
روس خلاف افغانين جي مدد نه ڪرڻ گھُرجي، جيئن ته
تنھن وقت آمريڪي امداد پاڪستان ذريعي افغانستان جي
مُجاھدن کي باقاعدگيءَ سان ملڻ اڃا شروع نه ٿي
ھئي، ۽ مونکي پاڪستان جي پاليسيءَ جي پوري ڄاڻُ نه
ھئي، تنھنڪري آئون سدائين اِھو چوندو ھوس، ته
پاڪستان اُن جنگ ۾ ڪو عملي حصو نه پيو وٺي. پر
ڀُٽو صاحب اُن ڳالھ کي نه مڃيندو ھو ۽ ھر ڀيري
پاڪستاني حڪومت جي افغان پاليسيءَ کي ننديندو ھو.
شايد اھا پيپلز پارٽي جي متفق ۽ فيصلائتي پاليسي
ھئي، يا آمريڪا بادشاھ پوءِ محترمه بينظير ڀُٽو
صاحبه کان وزيراعظم بنجڻ کان اڳ اھو فيصلو ڪرائي
ورتو ھو، ته پاڪستان افغان پاليسيءَ کي ھاڻي
آمريڪين جي نئين مرضيءَ موجب ھلائيندو، ڇوته
ضياءَالحق صاحب جي شھادت کان پوءِ جيئن پيپلز
پارٽيءَ جي حڪومت ٻيھر اقتدار ۾ آئي، ته افغانستان
بابت اسان پاليسي ۾ بلڪل ڦيرو اچي ويو ۽ جنگي
ميدان ۾ کٽيل لڙائي اسان ڪانفرنس جي ميز تي ھارائڻ
لڳاسين. ھاڻي ڏسڻو اھو آھي، ته افغاني پنھنجي
اسلام جي محبت خلاف آمريڪين ۽ روسين جي نئين ڳٺ
جوڙ کي ناڪارا بنائڻ ۾ ڪيئن ٿا سوڀارا ٿين.
مارشل لا تي ڪچهري
ڀُٽي صاحب مون سان ڪچھريءَ ۾ مارشل لا يا فوج کي خاص تنقيد جو
نشانو نه بڻايو ھو، البت اسان جي سَرچاءَ ٿيڻ کان
پوءِ ڪڏھن جرنيل صاحبن تي ڪونه ڪو رايو ضرور ڏيندو
ھو. ھڪڙي ڏينھن پاڪستان ۾ مارشل لا جي لڳاتار
سلسلي جو ذڪر نڪتو، ته مون ھُن کي چيو: 1958ع جي
فيلڊ مارشل محمد ايوب خان صاحب واري مارشل لا جي
ڏينھن ۾ آئون سيڪنڊ ليفٽيننٽ ھوس، جنھن سبب مونکي
فوج، قوم يا مُلڪ تي مارشل لا جي اثرن بابت ڪا خاص
ڳڻتي نه ھئي. مارشل لا لڳڻ کان اڳ ملڪي حالتون
بدتر ٿي چُڪيون ھيون ۽ اٽڪل ھر ماڻھو مارشل لا
لاڳو ٿيڻ کي ڀليڪار چيو ھو. اسان جونيئر آفيسر به
عوام سان گڏ ھئاسين ۽ اسان به اھو ئي سمجھيو ھو،
ته اِھو عمل ملڪ توڙي قوم لاءِ ڀلو آھي. ٻئي مارشل
لا وقت، جنھن کي يحييٰ خان صاحب جو مارشل سڏيو
ويو، ۽ جنھن جي ذميداري پوءِ توھان جي ڪُلھن تي
اچي پئي، تنھن وقت آئون ميجر ھوس. منھنجي اُن
ويچار تي ڀُٽي صاحب ھڪدم مونکي ٽوڪيو ۽ چوڻ لڳو:
ھُو ته عوامي اڳواڻ آھي ۽ ھُن کي ورثي ۾ سڀ ڪجھ
مليو، پر ھُن انھن حالتن کي سدائين لاءِ ختم ڪرڻ
گھُريو ۽ مُلڪ کي پھريون عوامي آئين ڏنو.
مون ڳالھ اڳتي وڌائيندي چيو: جنرل ضياءَ صاحب جو مارشل لا، جنھن
ھاڻي ملڪ کي پنھنجي گھيري ۾ وٺي ڇڏيو آھي، ۽ مون
ھاڻي چڱي نوڪري به ڪئي آھي، ۽ اھڙا فرض پيو
نڀايان، جو مونکي مارشل لا جي اثرن کي گھڻي
گھرائيءَ سان ڏسڻ جو وجھ به مليو آھي. مارشل لا
لڳاتار لڳڻ سان فوج کي گھڻو نقصان پيو پھچي. ۽ ملڪ
۽ قوم کي به گھاٽو ئي گھاٽو آھي، پر بدقسمتيءَ سان
اسان جا سياستدان ھر ڀيري ملڪ کي اھڙيءَ واٽ تي
اچي بيھارين ٿا، جو فوج کي لاچار ملڪ کي ھلائڻ
لاءِ مارشل لا جو سھارو وٺڻو پوي ٿو. ٻيءَ صورت ۾
ملڪ ۾ گھرو ويڙھ جھڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن ٿيون
۽ ملڪ کي تباھيءَ کان بچائڻ لاءِ اھڙو اُپاءُ وٺڻو
ئي پوي ٿو. ڀُٽو صاحب منھنجي ويچارن سان سُھمت نه
ٿيو ۽ چوڻ لڳو: ڪرنل رفيع، سياسي حالتن کي
سياستدان ئي سنواري سگھن ٿا، ۽ فيصلو به انھن تي
ئي ڇڏڻ گھُرجي. ھر ملڪ ۾ سياستدانن جا پاڻُ ۾
اختلاف ۽ جھيڙا ٿيندا رھن ٿا، پر اُھي ئي نيٺ پاڻُ
۾ گڏجي انھن جو ڪونه ڪو سُلجھاءُ ڪڍن ٿا. اسان جي
ملڪ ۾ جن اڳواڻن کي عوام رد ڪري ٿو، سي حڪومت لاءِ
ڪونه ڪو مسئلو اُٿاريندا رھن ٿا. پر لوڪشاھي ۾
عوامي نمائندن کي حق مليل آھي، ته اُھي مُلڪ ۽ قوم
جي ڀلائيءَ لاءِ پنھنجون پاليسيون ٺاھين ۽ انھن
مطابق مُلڪ ھلائين. اسان جي مُلڪ ۾ جيڪي جماعتون
حڪومت کان ٻاھر ھُجن ٿيون، سي ھر پاليسيءَ کي غلط
سمجھن ٿيون. ۽ جيڪڏھن انھن جو پاڻُ ۾ اختلاف وڌي
وڃي ٿو، ته پوءِ فوج کي اھو حق ھرگز نه آھي، ته
اُھي اُنھن کي پاڻُ ۾ ويڙھائين، ۽ ويھي نانيءَ رڌڻ
واري، ۽ ڏوھٽا کائڻ وارن جيان پاڻُ ۾ ڳٺجوڙ ڪن.
جڏھن به حالتون ٿورڙو خراب ھُجن ٿيون، ته ڪيئي
جرنيل اھڙن موقعن جي ڳولا ۾ رھن ٿا ۽ اُھي ھڪدم
ملڪ، قوم ۽ مذھبُ جي نالي تي، فوج جي ڏَڍُ تي
مارشل لا ھڻي، پنھنجا مقصد پورا ڪن ٿا. اصل ۾ ھر
اھڙي موقعي مھل ٻاھرين طاقتن، خاص ڪري اسان جي
دوست آمريڪا جو ھٿُ ھُجي ٿو، جيڪي پھرين ملڪي
حالتون بگاڙڻ ۾ واھرُ ڪن ٿيون ۽ پوءِ پنھنجي
مرضيءَ جي جرنيلن کي مارشل لا ھڻڻ تي ڀڙڪائين ٿيون
۽ سندن مدد به ڪن ٿيون. سو بدقسمتيءَ سان اسان جي
ملڪ جي آزاديءَ کي مارشل لا ئي ختم ڪندا.
محترم ڀٽي جا پنهنجي پارٽيءَ بابت ويچار
1978ع جي ڏينھن ۾ ڀُٽي صاحب پنھنجي جماعت بابت ڪڏھن ڪا ڳالھ نه
ڪئي ھئي. ھُو پنھنجيءَ جماعت خلاف ڪا ڳالھ ٻُڌڻ
لاءِ تيار نه ھو. جيئن ته جماعت طرفان ڪا خاص
ڇڪتاڻ، ڳڻتي يا بيچينيءَ جو اظھار نه ٿيو ھو،
تنھنڪري مون ھڪ ڀيري جماعت جي اُن بيوسيءَ تي
تنقيد ڪئي، جنھن کي ڀُٽي صاحب ھڪدم رد ڪيو. مون
اُن موقعي تي کيس ھڪڙي آفيسر جو قصو ٻُڌايو، جنھن
اُھو ھڪ ڪانفرنس ۾ ڄاڻايو ھو، ته ماڻھو چون پيا،
ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا وڏا شينھن اڄ ڪُوئا
بڻيل آھن. ڇوته ڀُٽو صاحب جڏھن اقتدار ۾ ھو، تڏھن
ھُو پاڻُ به ٻليءَ جيان ھو، تنھنڪري ھُن جي اچڻ تي
سمورا عملدار ڪُوئن جيان پنھنجن ٻِرن ۾ گھِڙي
ويندا ھئا، ھاڻي جڏھن انھن کي ٻاھر نڪري ڀُٽي صاحب
جي قيد خلاف گوڙ ڪرڻ ۽ قربانيون ڏيڻ کپن، ته اُھي
اڄُ مارشل لا جي ڊَپُ کان پراڻي عادت موجب ٻِرن ۾
ويٺا آھن. ڀُٽي صاحب ھڪدم چيو: اھڙو ڪير آھي جيڪو
پنھنجون آڱريون ساڙڻ لاءِ تيار ھُجي، پر اسان جا
ڪارڪنَ پنھنجي پاڻُ کي باھ پيا ڏين. (اُنھن ڏينھن
۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪجھ غريب ورڪرن احتجاج
طور پنھنجن ڪپڙن تي گاسليٽ ھاري، پاڻُ کي باھ ڏيئي
ساڙڻ چاھيو ھو.) پر مون انھن کي اِنھيءَ عمل کان
روڪيو آھي، نه ته ھيستائين انيڪ ماڻھو پنھنجين
جانين جو نذرانو ڏئي چُڪا ھُجن ھا. اُن تي مون
ھڪڙي ٻئي آفيسر جو قصو ٻُڌايو، ته ڪجھ غريب ماڻھن
کي پئسن جي لالچ ڏيئي تيار ڪيو ويو، ته اُھي
پنھنجي پاڻُ کي باھ ڏين ۽ ھڪدم کين چادرن سان
ويڙھي بچايو ويندو ۽ سڙڻ نه ڏنو ويندو، پر اھڙن
غريبن کي اُجورو به وڏو ڏنو وڃي ٿو. ڀُٽو صاحب
اُھا ڳالھ ٻُڌي مڇرجي پيو ۽ چوڻ لڳو: اِھو سڀُ
بڪواس ۽ ڪُوڙ آھي. اصل ۾ ھُن پنھنجي پارٽيءَ کي
حُڪمنامو موڪليو ھو، ته اڃا وقت نه آيو آھي ۽ ڪوبه
پنھنجي پاڻُ کي ايئن نه ساڙي ۽ ماري. ھُن مونکي
چيو: پنھنجن جرنيلن کي چئو، ته اُھي مونکي
راولپنڊيءَ کان رُڳو لاھور تائين وڃڻ ڏين، ۽ مونکي
اُتي عوام کي خطاب ڪرڻ ڏين ۽ پوءِ ڏسن ته ماڻھو
ڀُٽو کي ڪيئن ٿا چاھين، ۽ مارشل لا کين ڪيئن ٿو
روڪي سگھي. ھُن چيو: منھنجي پارٽي مون تي جان ڏيڻ
لاءِ تيار آھي ۽ وقت اچڻ تي اُھي ڪارڪن اِھو ثابت
ڪري ڏيکاريندا، ته انھن لاءِ ڀُٽو ڪھڙي حيثيت رکي
ٿو، ۽ اُھي کيس ڪھڙيءَ حد تائين چاھين ٿا. چوڻ
لڳو: منھنجي پارٽيءَ ۾ ڪي ٿورڙا موقعي پرست ماڻھو
به آھن، جيڪي پاڻُ کي لِڪائين پيا، پر انھن مان
منھنجي پارٽي ڪُندن بڻجي نڪرندي.
پر جيئن وقت گُذرندو ويو، ته ڀُٽو صاحب ٿورڙو مايوس ٿيندو ويو.
1979ع جي اوائل ۾ ھُو پنھنجي پارٽيءَ مان جيڪي
اُميدون لڳايو ويٺو ھو، سي پُوريون نه پئي ٿيون.
ھڪڙي ڏينھن ڪجھ مايوسيءَ ۾ مونکي چوڻ لڳو: اُھي
حرامي ڪٿي آھن، جيڪي چوندا ھئا، ته اسان پنھنجا
ڪنڌُ ڪَٽائينداسين (پنھنجي شھادت واري آڱري ڳچيءَ
جي ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڇڪيندي). آئون ڀانيان ٿو،
ته اُھي ڏينھن اھڙا ھئا (فيبروري- مارچ 1979ع)
جڏھن ڀُٽو صاحب پنھنجي پارٽيءَ مان مايوس پئي ٿيو.
جيتوڻيڪ ٻئي پاسي مارشل لا اختياريءَ وارا گھڻو
ڳڻتيءَ ۾ ھئا، جنھن تي آئون ”احتياطَ ۽ وڌيڪ
احتياطَ” ھيٺ اڳ ۾ لکي چُڪو آھيان. پوءِ ڳڻتيءَ
واري سوچ اؤج تي وڃي پھتي، ته متان سُپريم ڪورٽ ۾
ڀُٽي صاحب جي اپيل خارج ٿيڻ تي سندس پارٽي وڏي
پيماني تي ڪا گڙٻڙ نه ڪري ۽ اَمن جو مسئلو بڻجي
وڃي. پر ھر ماڻھو پارٽيءَ جي بيوسيءَ تي اچرج ۾
ھو، جو ڪنھن پنھنجي آڱر به نه کنئي. اُن وقت رُڳو
ماءُ ۽ ڌيءَ گھڻيءَ لوچَ ۽ ڳڻتيءَ ۾ ورتل ھيون،
باقي سمورا ماڻھو خاص ڪري پارٽيءَ جا وڏا ٿَنڀ،
خاموش تماشائي بڻيل ھئا. تنھنڪري جڏھن 3 ۽ 4 اپريل
1979ع جي رات جو ڀُٽي صاحب کي ٻُڌايو ويو، ته کيس
ڦاھي ڏني پئي وڃي، ته پوءِ ھُن مون کان اڪيلائي ۾
پُڇيو: ھي ڪھڙو ڊرامو کيڏيو پيو وڃي. مون ھُن کي
ٻُڌايو: سائين، توھان کي واقعي اڄ رات ڦاھي ڏني
پئي وڃي. تڏھن ھُن اُمالڪ چيو ھو: منھنجي پارٽي
مُئل ڀُٽي کي ڏسڻ گھُري ٿي، نه ڪي جيئري ڀُٽي کي.
مون ”پڇاڙڪا پَل” جي عنوان سان ھِن ڪتاب جي
پڇاڙيءَ ۾ انھن گھڙين کي پوري اُپٽار سان لکيو
آھي، جنھن وقت ڀُٽي صاحب جو ھر لفظَ ۽ ھر ھڪ گھڙي
ريڪارڊ ڪئي پئي وئي. آئون اڄ اُنھن ٺوڳي ۽ دوکيباز
سرفروشن کي ٻُڌايان ٿو، ته ڀُٽو صاحب پنھنجي
پارٽيءَ مان پڇاڙڪن گھڙين ۾ ھرگز خوش نه ھو.
انھيءَ ۾ ڪو شڪ نه آھي، ته ڪارڪنن جو ٿورڙو تعداد،
جيڪو رُڳو غريب ۽ وچئين طبقي سان تعلق رکندو ھو،
انھن ڏينھن ۾ جيلن ۾ قيدُ ھو، پر اصل فائدا
ماڻيندڙن ۽ پارٽيءَ جي گھڻن اڳواڻن اُن نازڪ وقت
تي پنھنجي پاڻُ کي لڪايو پئي. شايد انھن مان گھڻا
ھاڻي وري اڳواڻ بڻجي پارٽيءَ جا اصل ساٿي بڻيل
ھُجن، ڇوته ڏيکاءُ ۾ ته اسان پنھنجو مثال پاڻُ
آھيون.
ڀٽي صاحب جو وفادار
جنوري 1979ع ۾ ڀُٽي صاحب مون سان ھڪڙي ڏينھن فرمائش ڪئي، ته ھُو
پنھنجو ڪُتو ڪوٺيءَ ۾ ڏسڻ چاھي ٿو. جيتوڻيڪ مون کي
پتو ھو، ته اختياريون شايد اُن کي اندر آڻڻ جي
اجازت نه ڏين، پر پوءِ به مونکي ساڻس انڪار جي ھمت
نه ٿي. 20 جنوري 1979ع جي ڏينھن محترمه بينظير
ڀُٽو کي ڀُٽي صاحب سان ملڻ لاءِ اچڻو ھو. مون اُن
ڏينھن ڊيوٽي آفيسر کي چيو: جيڪڏھن محترمه بينظير
ڀٽو پاڻُ سان گڏ ڪُتو کڻي اچي، ته اُن عمل جي
پرواھ نه ڪندي کيس اندر وڃڻ ڏجانءِ. آئون پاڻُ جيل
جي آفيس مان ڪيڏانھن ٻاھر ھليو ويس. محترمه بينظير
ڪُتو پاڻُ سان گڏ ڪوٺيءَ ۾ وٺي وئي. ڪُتي جي اندر
وڃڻ جي باقاعدي رپورٽ نه ڏني ويئي، پر اختيارين کي
اُن جي داخلا بابت ڄاڻُ ٻين ذريعن وٽان ملي ويئي،
۽ مون کان پُڇاڻو ٿيو. مونکي ٻُڌايو ويو، ته ڪُتي
جي سُونگھڻ جي قُوت انسان کان نوي ھزار ۽ ٻُڌڻ جي
قوت چار سؤ ڀيرا وڌيڪ آھي. اُھو جانور قيدين کي
جيل مان ٻاھر ڪڍڻ واري ڪم ۾ گھڻو مؤثر ثابت ٿي
سگھي ٿو، تنھنڪري مونکي چتاءُ ڏنو ويو، ته اڳتي
مون کان اھڙي غلطي ھرگز نه ٿئي. بھرحال، منھنجي
ٻيءَ ملاقات تي ڀُٽي صاحب منھنجو ٿورو مڃيو.
ڀُٽو ۽ آئون
فيبروري 1979ع ۾ ھڪڙي ڏينھن ٻنپھرن کان پوءِ مون ڀُٽي صاحب سان
گڏ سيڪيورٽي وارڊ جي اڱڻ ۾ ويھي ڪچھري پئي ڪئي، ته
ھُن مون بابت ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي چيو: ڪرنل
رفيع، تون بريگيڊيئر ته ضرور ٿي ويندين، ۽ اھو
امڪان به آھي، ته شايد ميجر جنرل به بڻجي وڃين.
پوءِ ڪجھ گھڙيون مون ڏانھن ڏسندو رھيو ۽ چيائين:
پر زندگي رڳو اِھو ڪجھ نه آھي، بلڪ زندگي ڏاڍي
سُندر آھي. توھان دنيا م پنھنجي زندگي ڪنھن ھنڌُ،
ڪنھن به رقم سان عيش سان گھاري سگھو ٿا.
مونکي اِھا ڳالھ ٻُڌي ڏاڍي گھُٽ ٿي ۽ ٿوريءَ دير ۾ پنھنجي
گھڙيءَ کي ڏٺم ۽ معافي گھُرندي کانئس اجازت ورتم،
ته مونکي ڪو ضروري ڪم ڪرڻو آھي. منھنجي اُٿي وڃڻ
کان پوءِ ڀُٽي صاحب مون بابت ڇا سوچيو ھوندو، تنھن
بابت آئون ڪجھ نٿو چئي سگھان. پر منھنجو ضمير
مونکي اڄ ڏينھن تائين پنھنجا فرض ٻيءَ ھر ڳالھ کان
مٿانھون رکڻ تي ھڪ خاص خوشي ۽ سُڪون ڏيندو رھيو
آھي.
اِھو عجيب اتفاق آھي، ته آئون جيئن ته اسٽاف ڪاليج ۾ نه وڃي
سگھيو ھوس ۽ جنرل ضياءَالحق صاحب جي نئين حُڪم
پٽاندر آئون بريگيڊيئر به بڻجي نه پئي سگھيس،
تنھنڪري مون کي پتو ھو، ته آئون وڌ ۾ وڌ مڪمل ڪرنل
بڻجي ريٽائر ٿيندس. پر ڀُٽي صاحب سان ايترو ويجھي
رھڻ ۽ پنھنجن فرضن کي ھر ڳالھ تي مٿانھون رکڻ ۽
حڪومت جو مون تي ايترو ڀروسو ڏسي شايد ڀُٽي صاحب
ايئن ڀانئيو ھو، تنھنڪري پوءِ ايڏي وڏي آڇ ڪئي
ھئي، جنھن کي مون ڪنھن لوڀ بنا ٿُڏي ڇڏيو ھو.
ڀٽي صاحب جي عينڪ ۽ منهنجون اکيون
ڀُٽي صاحب جي پڙھڻ واريءَ عينڪُ جو فريم ٿُلھو ۽ ڪاري رنگ جو
ھو. ھُو پڙھڻ مھل اُھا عينڪ واپرائيندو ھو. ھڪ
ڀيري ھُن رات مھل ڪوٺيءَ ۾ ڪچھريءَ دؤران پنھنجي
مٿان ٿيندڙ زيادتين تي ڳالھايو پئي، ۽ مونکي انھن
زيادتين تي عالمي ردعمل ٻُڌايائين پئي. اُن مُدي
تي تڏھوڪي ”ٽائيم” رسالي به پنھنجا ويچار پڌرا ڪيا
ھئا. ھُن مونکي اُن رسالي جا ويچارَ پڙھڻ لاءِ
چيو. جيئن ته آئون پنھنجي پڙھڻ واري عينڪ پاڻُ سان
گڏ کڻي نه آيو ھوس، تنھنڪري مونکي رسالي جو موادَ
پڙھڻ ۾ ڏُکيائي ٿي. ڀُٽي صاحب ھڪدم پنھنجي عينڪُ
مونکي ڏني ۽ چيائين: اچ، ھيءَ وَٺُ. ھِن کي پائي
ڏس، شايد اسان ٻنھي جي نظر ساڳي ھُجي. آئون ھُن جي
عينڪ واپرائڻ ۾ ھَٻڪيس، پر ھُن جي زور ڀَرڻ تي
اُھا لڳائي پڙھڻ لڳس. پوءِ ٻه يا ٽي ڀيرا اُن قسم
جي حالت ۾ ھُن مونکي پنھنجي عينڪ ڏني، جنھن جي مدد
سان مون گھُربل لکيتون پڙھيون. مونکي فخر آھي، مون
ھڪ مھانَ ماڻھوءَ جي عينڪ سندس مرضيءَ سان پاتي.
سرحد جا خانَ
صوبي سرحد جي ھڪ گھراڻي تي ڀُٽي صاحب پنھنجا ويچار ايئن پڌرا
ڪيا: بدقسمتيءَ سان اُھو سڄو گھراڻو ھندستان جو
ساٿاري بڻيل آھي. اُنھن جون وفاداريون پھرين
ھدستان سان آھن ۽ پوءِ افغانستان ۽ روس سان آھن.
ھُنن پاڪستان ٺھڻ جي ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ بدقسمتيءَ
سان اڄ ڏينھن تائين ھي ماڻھو پاڪستان جا کُليل
دُشمن بڻيل آھن. ھنن جي اُن ملڪ دُشمنيءَ تي سندن
علائقي جي ماڻھن کي کانئن حسابُ وٺڻ گھُرجي؛ يا
ڪنھن قدر توھان جي فوجي حڪومت کي اُن ڳالھ تي
ويچارڻ گھُرجي. اِن گھراڻي کي پاڪستان جي تاريخ ۾
غدار گھراڻي جي نالي سان ساريو ويندو.
ڀُٽي صاحب جي قيد دؤران جڏھن اُنھن جي ھڪ عورت کي لنڊن ۾ مارڪ
اينڊ اسپنسر اسٽور مان چوريءَ جي سلسلي ۾ جھليو
ويو ھو، ته ڀُٽي صاحب عورت جي اُن چوريءَ تي ڪجھ
چيو ھو، پر آئون اُن ڳالھ تي وڌيڪ نه لکندس.
سنڌوديش
آگسٽ يا سيپٽمبر 1978ع ۾ راولپنڊي جيل سپرنٽينڊنٽ چوڌري يارمحمد
ھڪ ڏينھن مونکي چيو: ڀُٽي صاحب سنڌوديش جي ڳالھ
پئي ڪئي. انھيءَ ڳالھ تي مون ڀروسو نه ڪيو. پر ڪجھ
ڏينھن کان پوءِ جڏھن ڀُٽي صاحب ھڪڙي ڏينھن مونکي
چيو: ڪرنل رفيع، توھان ماڻھو پنجاب ۾ رھو، اسان
پنھنجي لاءِ سنڌوديش ٺاھينداسين. اھا ڳالھ ٻُڌي
مونکي ايترو عجب ۽ ڏُک ٿيو، جو آئون اُن جو اُپٽار
نٿو ڪري سگھان. ڀُٽي صاحب سان ھڪ ٻن ڏينھن کان
پوءِ ٻيھر ملڻ تائين آئون اُن مامري تي سوچيندو
رھيس. اوڀر پاڪستان جو الميو اسان تي گُذري چُڪو
ھو، تنھنڪري اُن قسم جي سانحي کي اسان سَھي نه
سگھون ھا. پر اڄ ڀُٽي صاحب جھڙي شخص اُن قسم جي
ڳالھ پئي ڪئي. ڀُٽي صاحب سان ملڻ تي جڏھن مون ھُن
جي ويچارن تي اچرج ڪيو ۽ کيس ڏوراپو ڏنو، ته ھُو
چوڻ لڳو: آئون پنھنجي پاڻُ کي پاڪستان لاءِ اتحاد
۽ يقين جو نشان يعني علامت سمجھندو رھيو آھيان، ۽
خاص ڪري سنڌين لاءِ. جيڪڏھن مونکي اُن ڪُوڙي ۽
جُڙتو مقدمي ۾ نقصان پھچايو ويو، ته پاڪستان ۾ عام
طور ۽ سنڌ ۾ خاص ڪري ايتري گڙٻڙ (نفرت) ٿيندي، جو
مارشل لا ته ٺھيو، پر ڪابه حڪومت عوام کي ضابطي ۾
رکي نه سگھندي، ۽ نيٺ پاڪستان کي نه اَسھپ نقصان
ڀوڳڻو پوندو.
جنرل شاهه رفيع عالم طرفان اوچتو عهدو ڇڏڻ
ميجر جنرل شاھ رفيع عالم راولپنڊيءَ ۾ ڊپٽي مارشل لا
ايڊمنسٽريٽر جا فرضَ پئي نڀايا. 10 ڪور ھيڊڪوارٽر
وارن اوائل ۾ سيڪيورٽي وارڊ جو منصوبو جوڙيو ھو،
جنھن منصوبي کي پوءِ ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر
پُورو ڪيو ۽ 24 مارچ 1979ع تائين اُن جو ذميدار
رھيو. ميجر جنرل شاھ رفيع عالم بھادر ۽ قابل جرنيل
ھو. 68-1967ع ۾ جڏھن مون اسپيشل سروس گروپ جي
پيراشوٽ اسڪول جي ڪَمان پئي ڪئي، تڏھن ميجر شاھ
رفيع عالم به پيراشُوٽ سِکيا لاءِ آيو ھو. اُن
زماني کان منھنجا ھُن سان سُٺا لاڳاپا رھيا آھن، ۽
ھُو منھنجي گھڻي عزت ڪندو رھيو آھي. اسان جي عھدن
۾ فرق ھوندي به اسان ھڪ ٻئي سان کُلي ملندا
ھئاسين. ھُو کلي دل توڙي دماغ جو ماڻھو آھي، جيئن
ته ھُو انگريزيءَ ماحول ۾ پليو نپنيو ھو، تنھنڪري
ھُن جو سڀاءُ ۽ ورتاءُ به اُن انداز جو رھيو آھي،
پر ھُو ڏاڍو قدردانُ ۽ سُٺو ماڻھو آھي. ڀُٽي صاحب
ھڪ ٻه ڀيرا جنرل شاھ رفيع عالم جي ڪُٽنب بابت مون
سان ڳالھايو ھو، پر مون اُن ڳالھ تي ڪو خاص ڌيان
نه ڏنو ھو.
مارچ 1979ع ۾ بيگم نُصرت ڀُٽو ۽ جنرل شاھ رفيع عالم جي ڪنھن
جاءِ تي ملاقات ٿي. انھن وچ ۾ ڪھڙي ڳالھ ٻولھ ٿي،
تنھن جو مونکي پتو نه آھي، پر جنرل شاھ رفيع عالم
صاحب اُن ملاقات جو ذڪر جنرل ضياءَالحق سان نه
ڪيو. شايد جنرل رفيع عالم، ڀُٽي گھراڻي جي اُميدن
تي پُورو نه لٿو. شاھ رفيع عالم ۽ بيگم نُصرت ڀُٽي
جي ملاقات جي ڪجھ ڏينھن کان پوءِ آئون 22 مارچ
1979ع تي صبح جو ڏھين لڳي ڌاري سيڪيورٽي وارڊ ۾
ويس. آئون جيئن ئي ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾ گھِڙيس،
ته ھُن وڏي واڪي چيو: ڪرنل، وڃي جنرل ضياءَالحق کي
ٻُڌاءِ، ته ھُن کي پرڏيھي ملڪن جي صحافين کي اُن
قسم جا بيانَ ڏيڻ نٿا سونھين، جھڙا ھُو ھينئر ڏئي
پيو. (شايد برٽش براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽيم کي
جنرل ضياءَالحق صاحب بيان ڏنو ھو، ته سُپريم ڪورٽ
جي فيصلي پٽاندر ڀُٽي صاحب کي سزا ڏني ويندي ۽ ھُو
ملڪ جي اڳواڻ طور اُن ۾ ڪا گھٽتائي نه ڪندو.) ڪجھ
ڳالھيون ڳُجيھون به رکيون وڃن ٿيون. پوءِ چوڻ لڳو:
ڇا مون اڳئين ڏينھن جنرل شاھ رفيع عالم جي ملاقات،
جيڪا ھُن منھنجي زال سان ڪئي ھئي، تي ڪو گوڙ ڪيو
ھو؟ جنرل شاھ رفيع عالم پنھنجي مرضيءَ سان منھنجي
گھرواريءَ کي ڪار ۾ وٺي ويو. ڪجھ ڳالھيون خاموشيءَ
سان ڳُجھيون رکيون وڃن ٿيون. آئون ماٺ ئي رھيس ۽
’جي سائين‛
چئي سيڪيورٽي وارڊ کان ٻاھر نڪري آيس. مونکي پتو
پيو، ته شاھ رفيع عالم صاحب، ڀُٽي گھراڻي سان ڪو
اندروني رابطو جوڙيو ھو، جنھن کي ھُن حڪومت کان
لڪايو ھو.
آئون سيڪيورٽي وارڊ مان نڪري سِڌو ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي
آفيس ۾ ويس ۽ جنرل شاھ رفيع عالم صاحب کي اُھو
مامرو ٻُڌايم، ۽ چيم: اِھو ممڪن آھي، ته ھُن
پنھنجي ملاقاتن جو ذڪر چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر
سان نه ڪيو ھُجي، پر ھاڻي اھا ڳالھ اُن تائين پھچي
وئي ھوندي. جنرل شاھ رفيع عالم گھڻو گھٻراھٽ ۾
ورتل ڏسڻ ۾ آيو پئي. ھُو پنھنجيءَ آفيس ۾ چُلھ
سامھون بيٺل ھو. مون ھُن کي چيو: توھان کي اھڙي
قسم جي ملاقات کان پرھيز ڪرڻ گھُرجي ھا. بھرحال
تِير ڪمان مان نڪري چُڪو ھو. ٻئي ڏينھن مونکي ڪور
ھيڊڪوارٽر گھُرايو ويو. مون سان ڪور ڪمانڊر صاحب
سُٺي طريقي سان ملندو ھو، پر اُن ڏينھن ھُو وڌيڪ
مھربان ڏسڻ ۾ پئي آيو. ھُن پُڇيو: جيل جون حالتون
ڪيئن آھن؟ مون ٻُڌايو: سڀ ٺيڪ آھي. پوءِ ھُن جنرل
شاھ رفيع عالم صاحب بابت پُڇيو: ھُن جو ورتاءُ
توسان ڪيئن آھي. مون کيس ٻُڌايو: ھُو ڏاڍو سخت آھي
۽ ھُن مونکي ڏاڍو سوڙھو گھُٽيو آھي. پوءِ ھُن
پُڇيو: ھُن جو رَويو وڏي قيديءَ سان ڪيئن آھي. مون
ھُن کي ٻُڌايو: جنرل شاھ رفيع عالم وڏي قيديءَ
لاءِ سدائين سخت لفظ واپرائي ٿو، ۽ مونکي سدائين
گھڻو ھوشيار رھڻ جي تلقين به ڪندو رھي ٿو. ڪور
ڪمانڊر مونکي نصيحت ڪئي، ته منھنجي سمورن جوانن ۽
آفيسرن کي وڌيڪ ھوشيار رھڻ کپي، ۽ مونکي به ھروقت
پنھنجي پنجن حواسن کي سُجاڳ رکڻ جي گھُرج آھي. ڪور
ھيڊڪوارٽر کان موٽڻ تي مونکي پورو پتو پئجي ويو،
ته ڇا ٿيڻ وارو آھي. ۽ اھو ئي ٿيو.
ٻئي ڏينھن يعني 24 مارچ 1979ع تي پتو پيو، ته جنرل شاھ رفيع
عالم صاحب کي ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي عھدي
تان ھٽايو ويو آھي، ۽ ھُو بدلي ٿي سيالڪوٽ پيو وڃي
۽ جنرل صغير حُسين سيد، ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر
جا فرضَ سنڀالي ورتا آھن. ائين ھڪ سُٺي ۽ قابل
جرنيل جي ڪيريئر جي پُڄاڻي ٿي.
مونکي ڪجھ ورھين کان پوءِ پنھنجي ڳُجھن فرضن دؤران پتو پيو، ته
اسان کي عرب ناروارن ملڪن مان تڏھن ھڪ رپورٽ ملي
ھئي، جنھن ذريعي اسان کي ٻن جرنيلن بابت چتاءُ ڏنو
ويو ھو، ته انھن جا ناتا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ
سان آھن ۽ اسان جي ڳجھين ايجنسين به مارشل لا
اختياريءَ وارن کي اُن لاڳاپي جي ڄاڻ ڏني ھئي.
بھرحال ڀُٽي صاحب پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ مون سان وڏي
واڪي ڳالھائي، جنرل شاھ رفيع عالم صاحب کي پنھنجي
عھدي تان ھٽرائي ڇڏيو.
پاڪستان – چين دوستي
ھڪڙي ڏينھن پاڪستان ۽ چين دوستيءَ تي ڳالھ ڇِڙي، ته ڀُٽي صاحب
چيو: چين ئي ھڪڙو اھڙو مُلڪ آھي، جنھن اسان جي ھر
ڏُکويل گھڙيءَ ۾ مدد ڪئي ۽ پنھنجي پاڻُ کي اسان جو
سچو دوست ثابت ڪيو آھي، جيتوڻيڪ ٻنھي ملڪن ۾ مختلف
نظام رواج ۾ آھن. اسان جا اَڻپڙھيل مولوي
اَڻڄاڻائيءَ ۽ تنگ نظريءَ سبب اسلام کي انتھائي
بنياد پرستيءَ ڏانھن وٺي ويا آھن، ۽ قراقرم پار
سامياواد به ساڳين حالتن ۾ ڦاٿل رھيو آھي. پر ٻنھي
ملڪن جي اڳواڻن جاگرافي- سياسي حالتن کي صحيح
سمجھيو آھي ۽ اسان جي دوستيءَ جو بنياد صحيح
بنيادن تي بيٺل آھي. مونکي فخر آھي، ته مون اُن
لازوال دوستيءَ جو بنياد وڌو. جيتوڻيڪ اوائلي
ڏينھن ۾ منھنجي آقا کي چين جي حڪومت تي گھڻا شڪ ۽
اُلڪا ھئا. بھرحال، وقت اِھو ثابت ڪيو آھي، ته چين
کان وڌيڪ ڪوبه ملڪ به اسان جو سچو، نجو ۽ ڀروسي
وارو دوست نه آھي. اسان کي اُن دوستيءَ کي قائم ۽
دائم رکڻ گھُرجي. اُن موقعي تي چين، روس ۽ آمريڪا
تي ڳالھائيندي ھُن چيو: اسان کي چين کي ڪنھن سُپر
پاور سان مقابلي طور پرکڻ نه گھُرجي. جيئن ته روس
به اسان جي علائقي ۾ طاقتور ملڪ آھي، تنھنڪري اُن
سان به اسان جا سُٺا لاڳاپا رھڻ کپن، ۽ ڪنھن ٻئي
ملڪ خاطر اسان کي ان مُلڪ سان ڦِٽائڻ ۽ کيس
ڪاوڙائڻ نه گھُرجي. جيستائين آمريڪا جو ناتو آھي،
ته اُن تي ڀروسو غلطي ٿيندي، ڇوته آمريڪي ڏاڍا
لالچي ۽ لوڀي آھن ۽ اُھي يھودين جي اثر ۾ آھن،
جيڪي رڳو پاڪستان جا ئي نه، پر سڄي اسلامي دُنيا
جا به دُشمن آھن.
محترم غلام علي ميمڻ جي اوچتو وفات
پڇاڙڪن ڏينھن ۾ جڏھن ھڪڙي ڏينھن آئون سيڪيورٽي وارڊ ۾ ڀُٽي صاحب
کي ڏسڻ ويس، ته ھُن کي عام حالت کان وڌيڪ ماٺ ۽
پريشان ڏٺم. منھنجي پُڇڻ تي ھُن مونکي ٻُڌايو:
محترم غلام علي ميمڻ جي اوچتي موت ھُن تي گھڻو ڏُک
پھتو آھي. غلام علي ميمڻ ڏاڍو قابل ۽ ماھر
قانوندان ھو، جيڪو ھُن جي مقدمي کي ڏاڍيءَ محنت ۽
سچائيءَ سان وڙھيو ھو ۽ شايد ھُن جي اوچتي موت جو
ھڪڙو سبب سندس اُھو مقدمو ئي ھُجي.
ڪجهه نه لکڻ جهڙيون ڳالهيون
آئون سدائين ڀُٽي صاحب سان ٿيندڙ ڪچھريءَ ۾ ساوڌان رھيس. اوائل
۾ ھُن به اھڙو ئي ورتاءُ ڪيو، پر جيئن اسان جي
گھرائپ وڌي، ته مونکي ڪڏھن ڪڏھن ھُن جون ڪجھ
ڳالھيون، خاص ڪري ھُن جا شھوتي تجربا ٻُڌي گھڻو
اچرج ٿيو. اھڙيون ڳالھيون ٻُڌي مون ڀانئيو، ته ھُو
مونکي فوجي سمجھي، خاص ماحول ۾ رَچائڻ ۽ سَمائڻ
گھُري ٿو، ته جيئن آئون ساڻس بلڪل گھاٽو ٿي وڃان،
تنھنڪري ويتر آئون ٿورڙو وڌيڪ ساوڌان ٿي ويس، جنھن
کي ھُن به سمجھيو ۽ ھڪ ٻه ڀيرا ڪجھ ويچار به پڌرا
ڪيائين. بھرحال گھڻن ڏينھن کان پوءِ مون ڄاتو، ته
ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ پيل ھِن جھڙي سُجاڳ انسان کان به
اھڙي ڳالھ ٻُڌي سگھجي ٿي. ڀُٽي صاحب سان سندس
زندگيءَ جي بدترين ڏينھن ۾ گڏ رھندي مون اُھو
نتيجو ضرور ڪڍيو، ته ھُن جي آزاد خياليءَ
(ڇُڙواڳي) تي گھڻو ڪجھ لکي سگھجي ٿو، پر اُن مامري
تي آئون ڪجھ نه لکڻ ئي مناسب سمجھندس. اُنھن ڏينھن
۾ ڀُٽي صاحب ڪجھ ڳنڀير ڳالھيون به ڪيون، پر قومي ۽
مُلڪي مفادن کي سامھون رکندي آئون ھينئر انھن بابت
به لکڻ پسند نٿو ڪريان.
* |