سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: ڀٽي جا آخري 323 ڏينهن

باب: --

صفحو : 2

قيديءَ جو اچڻ ۽ روزاني ڪاروھنوار

 

سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بريگيڊيئر ايم ممتاز مَلڪ 14 مئي 1978ع تي مونکي گھُرايو ۽ ڀُٽي صاحب جي اچڻ تي ڪيل انتظامن تي روشني وڌي. ھُن چيو: ڀُٽو صاحب اوچتو ايندو. ھُن کي ڪوٽ لکپت جيل لاھور کان ھوائي جھاز يا ھيليڪاپٽر يا گاڏيءَ ۾ آندو ويندو؛ کيس پاڪستان ايئرفورس بيس چڪلالا، آرمي ايويئيشن بيس ڌميال يا سھالا ريسٽ ھائوس مان ڪنھن ھڪ جاء تيِ لاھي سگھجي ٿو. پوءِ اسان پاڻ ۾ مختلف ڳالھين ۽ جاين لاءِ ڪوڊ ورڊ مقرر ڪيا ۽ ڀُٽي صاحب جي مھل ضروري حفاظتي اُپائن تي ڳالھايوسين. فيصلو ٿيو، ته اچڻ جي جاءِ کان سينٽرل جيل راولپنڊيءَ تائين محفوظ سفر جي ذميداري ايس ايس پي راولپنڊيءَ جي ھوندي، پر اُن ھوندي به مون تي حفاظت جون واڌُو ذميداريون رکيون ويون. تنھنڪري مون اُن سلسلي ۾ گھُربل اُپائن لاءِ پنھنجي ايڊجوٽنٽ ڪئپٽن وقار احمد راجا کي ڀروسي ۾ ورتو ۽ پنھنجي پلٽڻ جي پھرئين ماڻھوءَ کي اُن سموري حفاظتي گھيري جي پس منظر بابت ٻُڌايو.

16 مئي 1978ع تي رات جو يارھن وڳي ڌاري ٽيليفون جي گھنٽي وڄڻ سان آئون سُجاڳ ٿيس. بريگيڊيئر ممتاز مَلڪ فون تي مونکي ھدايتون ڏنيون، ته آئون ٻئي ڏينھن صبح جو پنجين وڳي ”ڏکڻ پاسي کان صوفا سيٽ وٺان.“ مون ھڪدم ڪئپٽن وقار کي فون ذريعي ڄاڻ ڏني، ته ھُو صبح سوير پنجين وڳين کان ٿورڙو اڳ پنھنجي پارٽيءَ کي ساڻ ڪري ”صوفا سيٽ” وٺڻ لاءِ ڏکڻ پاسي پھچي ۽ ٻُڌايل طريقي موجب ھدايتن تي عمل ڪري. ھُن اڳتي پنھنجي ماتحتن کي اھڙيون ئي ھدايتون ڏنيون ھونديون، ۽ جيئن فوج ۾ رواج آھي، ته وقت کان گھڻو اڳ رٿيل اُپائن لاءِ تياريون تيزيءَ سان شروع ٿي ويون ھونديون؛ پر تيار ٿيندڙن کي اُن ڳالھ جو بلڪل ڪو پتو نه ھو، ته اھا سموري تياري ڪھڙي مقصد لاءِ ٿئي پئي. مون صبح جو ڌميال ايئربيس وڃڻ مھل، رستي ۾ پوليس جي حفاظتي انتظامن کي به اک مان ڪڍيو. پنج وڄڻ کان پندرھن منٽ اڳ ڌميال ايئربيس تي پھتس ۽ ڏٺم، ته اُتي ڪئپٽن وقار جي پارٽي پوريءَ ريت تيار ۽ ڦُڙت آھي. سگنل جي سامانَ ۽ اوزارن سان مواصلات جي سرشتي سميت سمورا گھُربل بچاءُ جا انتظام ڪيا ويا ھئا. مون ٿورڙو پري ھڪ پاسي ڏٺو، ته ڊائريڪٽر جنرل آرمي اينٽيليجنس به صبح جي پَسار واريءَ پوشاڪ ۾ گھُميو پئي.

فوجي ھيليڪاپٽر پنج لڳي پنجن منٽن تي لٿو ۽ دروازي کُلڻ تي ڀُٽو صاحب ھڪ پوليس عملدار سان گڏ ھيلي ڪاپٽر کان ٻاھر آيو. ھُن کي نيري رنگ جو وڳو پاتل ھو، ۽ ٿورڙو ٿڪل ھوندي به گھڻو ٺاھُوڪو پئي لڳو. قيدين جي ھڪ وڏي گاڏي ھيلي ڪاپٽر ويجھو آئي ۽ ڀُٽي صاحب کي اُن ۾ چڙھڻ لاءِ چيو ويو. ھُو اِھو ڏسي مڇرجي پيو. ھُو سپرنٽينڊنٽ پوليس تي ائين ڪَڙڪيو، ڄڻ پاڻُ اڃا تائين مُلڪ جو اڳواڻ ھو. ھُن پوليس عملدار کي چيو: توکي شرم اچڻ کپي. ڇا اِن کان سُٺي گاڏيءَ جو ڪو بندوبست نه پئي ٿي سگھيو؟

اھڙيءَ ريت، ڪاوڙ کان پوءِ ھُو قيدي گاڏيءَ ۾ چڙھيو. اوڏيءَ مھل تڪڙ ۾ ڀرواريءَ آفيس مان ھُن جي ويھڻ لاءِ ھڪ ڪُرسي آڻي رکي ويئي، ڇوته اُن گاڏيءَ ۾ رُڳو ڪاٺ جا بينچ ئي لڳل ھئا. ھُن جي ويھندي ئي گاڏيءَ جا دروازا بند ڪيا ويا. مونکي پوءِ پتو پيو، ته ڀُٽو صاحب اُن اَڍنگي ورتاءُ تي ڪاوڙ مان پوليس تي ڇوھ ڇنڊيندو رھيو. ھُن چيو: اھڙو ورتاءُ ته جرمنن، يھودين سان به نه ڪيو ھوندو. ھُو ھر ڀيري اُن ڳالھ تي ڪاوڙجندو رھيو، ته پوليس پنھنجي پياري اڳواڻ سان، جيڪو رُڳو انھن جو نه، پر سڄيءَ ٽئين دُنيا جو اڳواڻ به آھي، تنھن سان ڏاڍو اَڍنگو ورتاءُ پئي ڪري. سِج اُڀرڻ مھل اھا گاڏي راولپنڊي جيل ۾ داخل ٿي ۽ ايترو سويل ڪنھن کي به پتو نه پيو، ته رستي تي ڇا پيو ٿئي. گاڏيءَ جي اندر وڃڻ ۽ جيل جا دروازا بند ٿيندي ئي ڀُٽي صاحب کي سيڪيورٽي وارڊ ۾ آندو ويو. سپرنٽينڊنٽ جيل چوڌري يارمحمد کي ڀُٽي صاحب کي سِڌو ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃڻو ھو، پر جيئن ھُو سيڪيورٽي وارڊ جي اڱڻ ۾ پھتو، ته ڀُٽو صاحب به اُتي بيھي رھيو ۽ لکپت جيل جو سپرنٽينڊنٽ جيڪو ڀُٽي صاحب سان گڏ اُتان آيو ھو، ٻاھر ڪُرسيون گھُرائي ويھي رھيا ۽ چاءِ پيتائون. ڀُٽو صاحب جيل ۾ قيدين جي گاڏيءَ مان جيئن ٻاھر آيو، ته ھُن سيڪيورٽي وارڊ جي چؤڌاري ڪنڊيدار تارن جي ڍير، نگران مينار ۽ پوءِ اڱڻ ۾ رکيل فوجي ٽيليفون ۽ باقي دفاعي انتظامن جو ڌيان سان مشاھدو ڪيو. ايتري ۾ اختيارين پُڇيو، ته ڇا ڀُٽي صاحب کي سيڪيورٽيءَ جي خاص ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو ويو آھي يا نه؟ اُن ڏس ۾ سپرنٽينڊنٽ جيل کي پنھنجي فرضن بابت ڄاڻ ڏني ويئي. ڀُٽي صاحب جيتوڻيڪ اڱڻ ۾ وڌيڪ ڪجھ گھڙيون ويھڻ پئي گھُريو، پر ھُو کيس ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويو.

اُن ڏينھن يعني 17 مئي 1978ع تي صبح جو ڏھين وڳي ڀُٽي صاحب، سپرنٽينڊنٽ جيل کي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ گھُرايو ۽ اُن سان اڱڻ ۾ رکيل فوجي ٽيليفون، الارم سرشتي جي گھِنٽين، جيل وارڊر، جيڪو ھُن جي ڪوٺيءَ جي اڱڻ ۾ چوڪيدار طور بيٺل ھو، ڪاڪُوس جي دروازي تي عام کَدر جي ڪپڙن جا پردا ۽ بجليءَ جا سوئيچ پنھنجي ڪوٺيءَ بجاءِ ٻاھر اڱڻ ۾ ھئڻ تي سخت اعتراض ڪيو ۽ مطالبو ڪيائين، ته انھن اعتراضن تي ھڪدم عمل ٿيڻ کپي. شايد ڀُٽي صاحب فوجي فيلڊ ٽيليفون ۽ الارم سسٽم جي گھنٽين مان اھو سمجھيو ھو، ته انھن ۾ خاص قسم جا اوزار لڳل ھوندا، ته جيئن ھُن سان ٿيل ھر قسم جي ڳالھ ٻولھ ٻُڌي سگھجي. ھُن اُھو به نه پئي چاھيو، ته مٿس ڪو سپاھي پَھرو ڏئي. ڪاڪُوس تي صحيح دروازو ھُجي يا ڪنھن قدر چِڪ تي گھري رنگ جو ڪپڙو لڳل ھُجي، ته جيئن پردي جو پُورو انتظام ٿئي. ھُن چاھيو پئي، ته روشني ۽ بجليءَ جي پنکن جا سوئچ سندس ڪوٺيءَ منجھ ھُجن، ته جيئن ھُو پنھنجي مرضيءَ سان کين واپرائي سگھي.

ڀُٽي صاحب کي سخت حفاظتي انتظامن ھوندي به ممڪن سھولتون ڏنيون ويون ھيون، جيڪي پھرئين درجي جي قيدين کي ڏنل سھولتن کان به وڌيڪ ھيون. ھتي انھن مان ڪجھ سھولتن کي ڄاڻائڻ اَڻوڻندڙ نه ٿيندو.

رهڻ جي جاءِ

ڀُٽي صاحب کي ڇھن ڪوٺين تي ٻَڌل ھڪ ڌارعمارت (Cell) ۾ رکيو ويو ھو، جن ۾ ھڪ اڱڻ به موجود ھو. (عورتَ وارڊ جي اُتر وارين ٻن ڪوٺين کي ھڪ مضبوط ڀِت ٺاھي الڳ ڪيو ويو ھو). ڀُٽي صاحب کي ھڪ ڪوٺيءَ بجاءِ چار لڳولڳ ڪوٺيون ڏنيون ويون ھيون. انھن مان ڪنھن کي به ڪال ڪوٺڙي نٿو ڪوٺي سگھجي، ڇوته اُھي ڪوٺيون صاف سُٿريون، روشن ۽ ھوادار ھيون. چئن ڪوٺين تي ٻَڌل اُن مختصر عمارت جي جوڙجڪ ھيٺئين ريت ٿيل ھئي.

سُمھڻ جو ڪمرو

اُھو اٽڪل ساڍا سَت فُٽ ويڪرو ۽ ٻارھن فٽ ڊگھو

ڪمرو ھو، ۽ پري ڪُنڊ ۾ ھئڻ سبب ٻين ڪمرن کان اُن ۾ نِجي رکشا جو بندوبست وڌيڪ ھو. چئني ڪمرن ۾ لوھ جي ٿُلھين سِيخن وارا دروازا لڳل ھئا، جن کي ٻاھران تالو لڳائي سگھبو ھو ۽ ڪوبه ملاقاتي يا سپاھي جھاتي پائي اندر ھر شيءِ کي ڏسي سگھندو ھو. ڪمري ۾ تازي گرم ۽ ٿڌي ھوا جي داخلا ۾ ڪابه رُڪاوٽ نه ھئي.

پُوئي ۽ ڪاڪُوس

دالان کان پَرتي سُمھڻ جي ڪمري سان لڳ ڪوٺيءَ کي پُوري ۽ ڪاڪُوس بڻايو ويو. اُن ۾ پاڻيءَ جو نلڪو به لڳل ھو. ڪاڪُوس ۾ ڪاٺ جو ڪموڊ، فٽ بورڊ، ٽوال ٽِنگڻ لاءِ ٻه ٽِنگڻيون، ٻه بالٽيون، ڪَرو، ڇَلُ ۽ ٻيون گھُربل شيون رکيون ويون. سياري ۾ پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ لوھي راڊ سميت ھڪ ھيٽر به ڏنو ويو ھو. صفائيءَ لاءِ ھڪ ڀنگيءَ به رکيل ھو.

ڀَنڊار

سُمھڻ واري ڪمري سان لڳ ڪوٺيءَ کي ڀَنڊار ۽ سينگار ڪمرو ٺاھيو ويو ھو. اُن ڪمري ۾ ڀُٽي صاحب جا ڪپڙا ۽ ٻيون شيون رکيون وينديون ھيون. اُن ڪمري کي سينگار ڪمري طور به واپرائبو ھو. اُن ۾ ٽِنگڻي ۽ الماريءَ وغيره به رکيل ھيون.

رَڌڻو

ڀَنڊار ۽ سينگار ڪمري جي بلڪل ساڄي پاسي واري ڪمري کي رَڌڻو ٺاھيو ويو ھو. اُھو ڪمرو اڱڻ ڀرسان ھو ۽ دالان ۾ گھِڙندي ئي ساڄي طرف پھريون ڪمرو ھو. اُن ۾ ريفريجريٽر، تيل سان ٻرندڙ چُلھو، ھڪ ڄاريدار الماري ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون رکيون وينديون ھيون.

جيستائين سيڪيورٽيءَ جو ناتو آھي، ته عام طور جيل جي ڪال ڪوٺين ۾ بجليءَ نٿي ھُجي، ته جيئن ڦاھيءَ جي سزا کاڌل ڏوھاري بجليءَ جي تارن سان آپگھات جي ڪوشش ڪري نه سگھي، پر جنھن سيڪيورٽي وارڊ ۾ ڀُٽي صاحب کي رکيو ويو ھو، تنھن ۾ بجليءَ جو چڱو انتظام موجود ھو. اُن لاءِ روشنيءَ جا ھيٺيان انتظامَ ھئا:

ٽيبل ليمپ

ڀُٽي صاحب کي پڙھڻ لکڻ جي سھولت ڏيڻ لاءِ ھڪ ٽيبل ليمپ ڏنو ويو ھو.

پَنکو ۽ ھيٽر

سُمھڻ واري ڪمري ۾ بجليءَ جو ھڪ پنکو ڇِت ۾ لڳل ھو. اھڙيءَ طرح سياري ۾ ٻن راڊن وارو ھڪ اليڪٽرڪ ھيٽر به ھوندو ھو. ڪاڪُوس ۾ ھڪ امرشن راڊ ۽ ھڪ اليڪٽرڪ ھيٽر رکيو ويو ھو.

بجلي

پھرئين ھفتي ۾ ڇِت واري پنکي جي ريگيوليٽر جيان بجليءَ جا سوئچ به اندر منتقل ڪيا ويا ھئا، ته جيئن ڀُٽو صاحب پنھنجيءَ مرضيءَ موجب بجلي واپرائي سگھي. جيل جي قانون پٽاندر سمورن ڏوھارين کي ھرحالت ۾ بجلي يا ڪنھن ٻي روشنيءَ ۾ سُمھڻو پوي ٿو، ته جيئن جيل اختياريون ھُن جي چُرپر جو ھروقت مُشاھدو ڪري سگھن. پر ڀُٽو صاحب جڏھن به چاھيندو ھو، ته پاڻُ روشني وسائي سُمھي سگھندو ھو. اُھي انتظام ڀُٽي صاحب طرفان 18 کان 26 مئي 1978ع تائين ڪيل  بُک ھڙتال کان پوءِ ڪيا ويا ھئا. جنھن تي اڳتي لکيو ويندو..

ريفريجريٽر

اونھاري ۾ ڀُٽي صاحب کي ٿڌين شين رکڻ يا پيئڻ جي سھولت ڏيڻ خاطر رَڌڻي ۾ ھڪڙو فِرج رکيو ويو ھو. اصل ۾ اھو انتظام ڀُٽي صاحب جي مرضيءَ بجاءِ انتظامي سھولت کي سامھون رکندي ڪيو ويو ھو. اُنھيءَ جو اصل سبب اُھو ھو، ته ڀُٽي صاحب کي کائڻ پيئڻ جي شيءِ ڏيڻ کان اڳ جيل جي ڊاڪٽر کي ھڪ سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو ھو، ته اُھي شيون ھُن لاءِ کاڌي جوڳيون آھن ۽ زھر کان پاڪ آھن، تنھنڪري پاڻي، کير، گوشت، ڀاڄين ۽ ميون وغيره کي محفوظ رکڻ لاءِ فرج جو واھپو ضروري ڄاتو ويو ھو.

فرنيچر ۽ روزاني زندگيءَ ۾ واپرائجندڙ ٻيون شيون

عام ڏوھارين کي جيلن ۾ لوھي پَٽين وارو سخت بسترو ڏنو وڃي ٿو، پر ڀُٽي صاحب کي اسپتالن وارو اسپرنگ ۽ گديدار بسترو ڏنو ويو ھو. پر ھُن اُن ھوندي به ڪجھ ڏينھن کان پوءِ شڪايت ڪئي، ته ھُن جي ڪُلھن ۽ چيلھ تي سُور ۽ سوڄ ٿي ويئي آھي، تنھنڪري ھو اُن بستري تي سُمھي نٿو سگھي. نيٺ ھُن جي اصرار تي کيس نِوهار جي پلنگ رکڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ محترمه بينظير ڀُٽو فوم جو ھڪڙو گَدو وٺي آئي، جيڪو ٿورڙي کِٽراڳ کان پوءِ ڀُٽي صاحب کي ڏنو ويو ھو. گڏوگڏ ٻه ننڍيون ميزون، بستريءَ جي سيرانديءَ ۽ بستري سامھون رکڻ لاءِ ۽ ٻه سِڌيون ويھڻ واريون ڪُرسيون به ان ڪمري ۾ پيل ھيون. اُھو فرنيچر جيتوڻيڪ جيل جي قائدن ۽ ضابطن خلاف ھو، ۽ اُن سبب ڪمرو ڀريل ڀانئبو ھو، پر ڀُٽي صاحب جي آرام خاطر کيس انھن شين جي سھولت ڏني وئي ھئي.

جيل ۾ عام ڏوھارين کي جُوئن، لِيکن ۽ مُنگھڻن سان ڀرپور چادرون جيل طرفان ڏنيون وڃن ٿيون، پر ڀُٽي صاحب کي پنھنجو ذاتي بسترو، چادرون ۽ ويھاڻو وغيره واپرائڻ جي موڪل ڏني وئي. گڏوگڏ مڇرن کان بچڻ لاءِ ھڪ مڇرداني به ڏني وئي ھئي.

ڀُٽي صاحب کي جيل جي پوشاڪ بجاءِ پنھنجا ذاتي وڳا پائڻ جي آزادي ھئي. ھو عام طور عوامي ڪُڙتو شلوار ۽ پيرن ۾ پشاوري چپل پائيندو ھو. ساڳيءَ طرح ھُن کي جيل قائدن خلاف ڏاڙھي ٺاھڻ لاءِ بليڊ وغيره رکڻ جي به موڪل ھئي، ۽ ھُو وھنجڻ ڌوئڻ لاءِ پنھنجي مرضيءَ سان پنھنجو ذاتي سامان به واپرائيندو ھو. ھُو پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ دوائون به رکي سگھندو ھو، پر انھن دوائن جي پڙتال ٿيندي رھندي ھئي، ته متان منجھن ڪا موتمار دوا ھُجي.

ڀُٽي صاحب جي علاج لاءِ مختلف وقتن تي يا گھُرج مھل جيل جو ڊاڪٽر حاضر ھوندو ھو، پوءِ به ھُو ڪنھن سبب جيل جي ڊاڪٽر کي پسند نه ڪندو ھو ۽ ٻين ڊاڪٽرن کان علاج تي زور ڀريندو ھو، جنھن تي اڳتي لکيو ويندو. صحت جي بچاءُ لاءِ ڀُٽي صاحب جي ڪوٺي ۽ سندس چؤڌاري سُٺي معيار جو خوشبودار ڪيڙي مار دوائون باقاعدگيءَ سان ڇڙڪايون وينديون ھيون.

ڀُٽي صاحب کي جيل اختيارين طرفان روزانو ٻه اخبارون ”پاڪستان ٽائيمز” ۽ ”جنگ” ڏنيون وينديون ھيون. ھُن کي جيل ۾ ڪتاب وٺڻ ۽ رکڻ جي کُليل اجازت ھئي. ڀُٽي صاحب جي گھر جا ڀاتي يا ملاقاتي، قومي يا عالمي رسالا ۽ مئگزين جيترا به چاھيندا ھئا، پاڻُ سان گڏ کڻي ايندا ھئا ۽ ڀُٽي صاحب کي روڪ ٽوڪ بنا ڏيندا ھئا. پر ڪجھ موقعن تي تلاشي وٺڻ جي عمل سان ملاقاتين لاءِ ڏُکي ۽ اڻوڻندڙ صورتحال جنم وٺندي ھئي، جنھن تي اڳتي لکيو ويندو.

روزانو ڪاروهنوار

ڀُٽي صاحب جھڙي شخصيت مان جيتوڻيڪ روزاني زندگيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ باقاعدگيءَ جي اُميد رکي نه پئي سگھياسين، پر ھڪ سوڙھي ننڍڙي ڪمري ۾ قيد سبب ھُن جا روزانو ڪم ڪار اَٽل ٿي ويا ھئا ۽ ھُو پنڊي جيل ۾ پنھنجي يارھن مھينن جي رھڻ دؤران انھن ڪاروھنوار جو پابند بڻجي ويو ھو. ھُو رات جو دير تائين جاڳندو رھندو ھو ۽ سج اُڀرڻ کان پوءِ اُٿندو ھو. ھُو اونھاري ۾ عام طور اَٺين وڳي صبح جاڳندو ھو ۽ سياري ۾ نَوَ يا ساڍين نائين وڳي اُٿندو ھو. ھُو چاءِ جي پيالي پيئڻ کان پوءِ ڏاڙھي ٺاھڻ جا سامان گھُرائيندو ھو. ھُو انھن ڏينھن کي ڇڏي جڏھن احتجاج تي ھو، ڏاڍي باقاعدگيءَ ۽ سليقي سان روزانو ڏاڙھي ٺاھيندو ھو. مون اڄ ڏينھن تائين ڀُٽي صاحب جيان مڪمل ۽ صاف سُٿري ڏاڙھي ٺاھيندڙ ماڻھو بلڪل گھٽ ڏٺا آھن. پوءِ ھُو ڪجھ گھڙيون پُوئي- ڪاڪُوس ۾ گھاريندو ھو ۽ پنھنجي سَرير جي صفائيءَ وغيره تي خاص ڌيان ڏيندو ھو. ھُو ھر ڀيري ڏاڙھي ٺاھڻ کان پوءِ وڻندڙ لوشن ۽ عطر وغيره واپرائيندو ھو. چارلي ڪولون ۽ شاليمار ھُن جا وڻندڙ عطر ھئا. ھُو عام طور گھري رنگ جو شُلوار ڪُڙتو پائڻ پسند ڪندو ھو ۽ ڪاري رنگ جو ھلڪو پشاوري چپل پائيندو ھو. سياري ۾ سينٽ مائيڪل جي ھلڪي بادامي رنگ جي جَرسي به پائيندو ھو. وھنجڻ کان پوءِ ھُو ساڍي يارھين وڳي ناشتو ڪندو ھو. ڀُٽو صاحب عام طور گھٽ کائيندڙ ماڻھو ھو. عام طور ھُن جو ناشتو ڊبل روٽيءَ جو ھڪ يا ٻه ٽُڪر ئي ھوندو ھو، جنھن تي ڪڏھن مَکڻ ۽ ڪڏھن ھلڪو جام مَکيو ويندو ھو: بس اُھي ٻه گرھ ۽ ڪافي يا چاءِ جي پيالي. البت ھُو ڪڏھن ڪڏھن رُڳو اوٻاريل بيدو به کائي وٺندو ھو. ڪيئي ڀيرا ته ھُو رُڳو چاءِ يا ڪافيءَ سان کائجندڙ ھڪ اڌ بسڪٽ تي ئي گُذارو ڪندو ھو. سو سائين اھو ھو ڀُٽي صاحب جو ناشتو!

ناشتي کان پوءِ ھُو اُن دفتري قسم جي ڪُرسيءَ تي ويھندو ھو، جيڪا کيس ڏني وئي ھئي، ۽ اخبارن جو اڀياس ڪندو ھو. ھُو اخبارن کي الف کان ي تائين تفصيل سان پڙھندو ھو. آئون اڄ ڏينھن تائين اھو سمجھڻ کان لاچار آھيان، ته ڀُٽي صاحب جھڙو ماڻھو ايترو وقت رڳو ھڪ انگريزي ۽ ھڪ اردو اخبار کي ڪيئن ڏيندو ھو. ھُن جي زال ۽ ڌيءَ ھُن لاءِ ٽائيم، نيوزويڪ، ۽ ٻيا رسالا ۽ مئگزين کڻي اينديون ھيون. آئون ھُن جي اڀياس واريءَ عادت تي اچرج کائيندو ھيس، جو ھُو سدائين ڏاڍي ڌيان سان پڙھڻ ۾ رُڌل رھندو ھو. ھُو ڪجھ گھڙين مھل اڀياسَ دؤران چاءِ يا ڪافيءَ جو ھڪ اڌ پيالو به گھُرندو ھو. ھُو ڪڏھن ڪڏھن ته ٻنپھرن جو کاڌو بلڪل ئي نه کائيندو ھو ۽ موٽ ۾ رُڳو چاءِ يا ڪافي ۽ ھڪ ٻن بسڪٽن تي گُذارو ڪندو ھو.

ھُو عام طور ٻنپھرن جو کاڌو ٻين يا ٽين وڳي کائيندو ھو. ھُو ٻنپھرن جي کاڌي کان پوءِ بستري تي ليٽي سِگار پيئندو ۽ جاڳندو رھندو ھو. ھُو ٻنپھرن مھل سُمھڻ جو ھيراڪ بلڪل نه ھو. اھڙيءَ طرح ھُو ليٽي ڪتاب ۽ رسالا پڙھڻ ۾ رُڌل رھندو ھو، ۽ نيٺ ھُن جا وڪيل اچي ويندا ھئا. وڪيلن، ڀُٽي صاحب سان ڪچھريءَ لاءِ سُپريم ڪورٽ کان اڱڻ ۾ ويھڻ جي اجازت ورتي ھئي. وڪيلن جو ويچار ھو، ته ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾ ڳالھيون ٽيپ ڪرڻ جا اوزار ڳجھي طرح لڳل آھن، ۽ اھڙن اوزارن جي موجودگيءَ ۾ اُھي مقدمي جي قانوني پھلوئن تي نٿا ڳالھائي سگھن. سُپريم ڪورٽ، وڪيلن جي اُلڪن کي سامھون رکندي کين ٻاھر اڱڻ ۾ ويھي، ڳالھائڻ جي اجازت ڏني. ھُو ھونئن به شام جو پَسار لاءِ نڪرندو ھو، تنھنڪري پنھنجي وڪيلن سان به اڱڻ ۾ ڪچھري ڪندو ھو. اُن ڪچھريءَ دؤران ھڪ ٻه ڀيرو چاءِ به پيئبي ھئي. ھُن کي سِج لھڻ کان پوءِ ڪوٺي ۾ اچڻو پوندو ھو، جتي ھُو پڙھڻ ۾ پنھنجو وقت گھاريندو ھو يا وري لکڻ ۾ يا وري مقدمي جي نُڪتن تي ويچار ۾. جنوري 1979ع کان پوءِ اُن وھنوار ۾ خاص طور وڌيڪ باقاعدگي ٿي ويئي ھئي. ھُو رات جو کاڌو ٿورڙي دير سان عام طور نائين کان ڏھين وڳي جي وچ ۾ کائيندو ۽ ٻارھين وڳي يا ان کان پوءِ سُمھندو ھو.

ڀُٽي صاحب جي وڻندڙ کاڌن جو وچور ھيٺين ريت آھي:

ھُن کي قيمو سڀني کان وڌيڪ وڻندو ھو. ڪُڪڙ جو رَسُ يا ڀُڳل ڪُڪڙ، دال مسُور، دال چڻا، آلو قيمو، ڪڪڙ جي يَخني، دال لوبيا، ڀينڊي، ڪريلا گوشت، واڱڻ ۽ ڪبابُ. اونھاري ۾ ٻنپھرن کان پوءِ چاڪليٽ بوتل پيئندو ھو يا وري آئيس ڪريم کائيندو ھو. انبن جي مُند ۾ ٻنپھرن کان پوءِ ڪجھ انبُ به کائيندو ھو. ھُو چپاتيءَ جو شوقين ھو ۽ چانور ورلي ئي کائيندو ھو. اچرج جي ڳالھ اھا آھي، ته ھُو ٻنپھرن جي کاڌي سان گڏ ميوا وغيره نه کائيندو ھو ۽ رات جي کاڌي ۾ مِٺو نه واپرائيندو ھو. ھُو نان کي چپاتيءَ تي ترجيح ڏيندو ھو. ھڪ اھڙو قيدي، جيڪو کاڌا رَڌڻ ۾ ماھر ھوندو ھو، سو مُشقتي طور ڀُٽي صاحب جي خدمت ۾ ڏنو ويو ھو. کائڻ پيئڻ جي سمورين شين جي پھرين جيل ڊاڪٽر تپاس ڪندو ھو ۽ پوءِ کين رَڌڻي جي فِرج ۾ رکيو ويندو ھو. اوائل ۾ بچاءَ خاطر ٻاھران کائڻ پيئڻ جون شيون آڻڻ جي موڪل نه ھئي. ڪجھ عرصي کان پوءِ جڏھن بيگم ڀُٽو ڪراچيءَ کان اسلام آباد آئي ۽ پراچا ھائوس ۾ رھڻ لڳي، تڏھن ڀُٽي صاحب لاءِ اُن گھر مان کاڌو اچڻ لڳو.

جيل قانونَ موجب ڪو قيدي، جنھن کي ڦاھيءَ جي سزا ٻُڌائي وئي ھُجي، اھو رڳو جيل جو کاڌو سُڌارڻ لاءِ واڌُو پئسا ڏيئي سگھي ٿو، ۽ ٻاھران پڪل کاڌو نٿو گھُرائي سگھي، پر ڀُٽي صاحب کي اُن معاملي ۾ اختيارين خاص رعايتون ڏنيون ھيون. ٻنپھرن جو کاڌو ٻارھن وڳي ڌاري جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ پھچي ويندو ھو. سپرنٽينڊنٽ پھرين اُن کي پاڻُ چَکي چڪاسيندو ھو، پوءِ ڊاڪٽر کي گھُرايو ويندو ھو، جيڪو آزمائشي گرھ کائيندو ھو ۽ وري پوءِ اُھو کاڌو ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾ موڪليو ويندو ھو. کاڌو ايترو گھڻو ھوندو ھو، جو ڀُٽي صاحب کان پوءِ مُشقتي ۽ ڀَنگي به ڍَؤ سان کائيندا ھئا. شام جو کاڌو ڊپٽي يا اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ اڳيان ٿيندو ڀُٽي صاحب وٽ پھچندو ھو. اصل ۾ جيل ۾ ڪنھن به قيديءَ جي کائڻ وغيره جي ڪابه شيءِ اڳواٽ جيل اختيارن کان ٿيندي، باقي بچيل قيديءَ تائين پُھچي ٿي. بيگم نُصرت ڀُٽو اُن ڳالھ جو بندوبست ضرور ڪندي ھئي، ته کاڌي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڊِش ڀُٽي صاحب جي وڻندڙ کاڌي جي ضرور ھُجي. ڀُٽو صاحب سِگار پيئندو ھو، ۽ ھُن جي ڪوٺيءَ ۾ ھوانا سِگار جو چڱو ڍيرُ پيو ھوندو ھو. ھُو عام طور سِگار ٻاھر نڪري پيئندو ھو، ته جيئن سوڙھي ڪوٺيءَ ۾ سِگار جو دُونھن سندس اکين کي متاثر نه ڪري.

سيڪيورٽي وارڊ ۾ ٿڌن شربتن جو چڱو ڍيرُ ھر وقت موجود رھندو ھو. پر ڀُٽي صاحب جو وڻندڙ شربت رُڳو پيپسي ڪولا ئي ھو. ھُو جڏھن به بوتل لاءِ چوندو ھو، ته سدائين پيپسي ڪولا پيئڻ ئي پسند ڪندو ھو. ھڪ ٻه ڀيرا ھن لاءِ نواب شاھ مان ھڪ ڪريٽ شايد ٿاڌل شربت موڪليو ويو ھو، جنھن کي ھُو اونھاري ۾ شوق سان پيئندو ھو. جڏھن مٿي اختيارين ڏانھن موڪليل رپورٽ ۾ ڪريٽ بوتل جو ذڪر ٿيو، ته مونکان اختيارين خاص طور پڇيو، ته انھن بوتلن ۾ ڪھڙي شيءِ ھئي؟ انھن کي جواب ۾ ٻُڌايو ويو، ته اُھي ٿاڌل جون بوتلون ھيون، ۽ منجھن ڪابه بوتل شرابَ جي نه ھئي.

ڀُٽي صاحب جي پهرين بُک هڙتال

جيئن ته آئون اڳ به لکي چُڪو آھيان، ته 17 مئي 1978ع تي جيئن ڀُٽي صاحب کي جيل ۾ قيدي- گاڏيءَ مان لاھي سِڌو سيڪيورٽي وارڊ ۾ آندو ويو، تنھن وقت اُھو وارڊ دفاعي ڪَنڊيدار تارن، سپاھين جي چوڪين ۽ ھر ھنڌ تالن، ڪَڙن ۽ وارڊ نگھبانن سان ڀرپور ھو، ۽ پوءِ فوجي فيلڊ ٽيليفون، الارم جون گھنٽيون ۽ ڪوٺيءَ جي دروازي تي دالان ۾ جيل وارڊر کي پنھنجي سامھون سپاھيءَ کي ڏٺائين، ته ھُن صبح ڏھين وڳي ڌاري جيل سپرنٽينڊنٽ کي سيڪيورٽيءَ وارڊ ۾ گھُرايو، ۽ ھيٺيان اعتراض ڪيائين:

فوجي ٽيليفون دالان ۾ ڇو رکيو ويو آھي؟ ھُن جي ويچار موجب شايد اُن ٽيليفون ۾ ڪنھن قسم جا خاص اوزار لڳل ھئا. ھُن چاھيو پئي، ته اُن ٽيليفون کي اُتان ھڪدم ٻاھر ڪڍيو وڃي. اصل ۾ اھو ٽيليفون آپريشن روم ۽ سيڪيورٽي وارڊ وچ ۾ ڳالھ ٻولھ لاءِ لڳايو ويو ھو، ته جيئن گھُرج مھل ڊيوٽي آفيسر، سيڪيورٽي وارڊ ۾ جيل جي ڊيوٽي اسسٽنٽ سيڪيورٽي سپرنٽينڊنٽ يا ھيڊ وارڊر کان اُتان جي ڄاڻ وٺي سگھي.

ھُن جو ٻيو اعتراض جيل وارڊر جو سندس ڪوٺيءَ ڀرسان دالان ۾ بيھڻ تي ھو. ھُن چيو: پھرين ته سپاھيءَ جي ڪا گھُرج ئي نه آھي، ۽ جيڪڏھن ھُن جو ھئڻ ضروري آھي، ته پوءِ کيس ٻاھر اڱڻ ۾ بيھاريو وڃي.

بجليءَ ۽ پنکي جا سوئچ ۽ ريگيوليٽر وغيره ڪوٺيءَ منجھ ھئڻ بجاءِ ٻاھر دالان ۾ لڳل ھئا، ته جيئن بجليءَ جي تارن سان قيدي آپگھات نه ڪري سگھي. ھُن چيو: اُھي سوئچ وغيره ھُن جي ڪوٺيءَ ۾ ھئڻ کپن، ته جيئن ھُو پنھنجي مرضيءَ سان کين ٻاري ۽ وِسائي سگھي.

ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ جي سامھون واري ڪمري کي پُوئي- ڪاڪُوس بڻايو ويو ھو، جنھن جي دروازي تي قيدين جي پوشاڪ واري کَدر جو پردو لڙڪيل ھو. ھُن چيو: پُوئي- ڪاڪُوس جو دروازو صحيح ھئڻ کپي يا وري ڪنھن قدر چِڪ تي گھري رنگ جو ڪپڙو لڳائي لڙڪائڻ کپي، ته جيئن پُوئي- ڪاڪُوس ۾ پردي جو پُورو بندوبست ھُجي.

سيڪيورٽي وارڊ تي جيل جا گارڊ مقرر ھئا، جيڪي اندر ھڪ واڌُو ڪوٺيءَ ۾ ترسيل ھئا. ڀُٽي صاحب اُن گارڊن جي ھئڻ تي اعتراض ڪيو ۽ چيو: اُھي گارڊ منھنجي آرام ۾ رنڊڪُ وجھن ٿا، تنھنڪري انھن کي وارڊ منجھ نه ھئڻ کپي.

ڀُٽي صاحب، جيل سپرنٽينڊنٽ کي چيو: ھُن جا اُھي اعتراض ھڪدم ختم ڪيا وڃن. 17 مئي 1978ع تي ڀُٽي صاحب ٻنپھرن ۽ شام جو ٿورو کاڌو پيتو. جڏھن ھُن ڏٺو، ته سندس اعتراضن تي ڪو ردعمل نه ٿيو آھي، ته ھُن 18 مئي جي صبح تي بُک ھڙتال ڪئي. ھوڏانھن مارشل لا اختيارين ڪوبه اعتراض مڃڻ کان انڪار ڪيو. جيل سپرنٽينڊنٽ ڪافي منٿ ميڙ ڪئي، پر ڀُٽي صاحب ڪجھ به کائڻ پيئڻ کان بلڪل انڪار ڪيو. محترم دوست محمد اعواڻ، ڀُٽي صاحب جو پھريون وڪيل ھو، جيڪو 19 مئي 1978ع تي ٻنپھرن جو ھن سان ملڻ لاءِ جيل ۾ آيو. پوءِ 20 مئي تي يحييٰ بختيار ۽ غلام علي ميمڻ به اچي ساڻس مليا. انھن وڪيلن سُپريم ڪورٽ ۾ وڃي چڱو گوڙ ڪيو، جنھن تي سپريم ڪورٽ، جيل اختيارين کي حُڪم ڏنو، ته سيڪيورٽيءَ کي سامھون رکندي ڀُٽي صاحب جا اعتراض مڃيا وڃن. 22 مئي تي مارشل لا اختيارين اجازت ڏني، ته فيلڊ ٽيليفون کي دالان کان ٻاھر اڱڻ ۾ گارڊ لاءِ تنبوءَ ھڻي منجھن ويھاريو وڃي. پُوئي- ڪاڪُوس جي دروازي تي پردي جو پُورو انتظام ڪيو وڃي. جيل جي سپاھيءَ کي ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ جي دروازي تان ھٽائي ڪجھ پرڀرو دالان ۾ بيھاريو وڃي. ۽ جيئن ته ڀٽي صاحب جي اپيل سُپريم ڪورٽ ۾ ھلندڙ ھئي، تنھنڪري ھُن جي آپگھات جو امڪان به گھٽ ھو، تنھنڪري جيستائين اپيل جو فيصلو نه پئي ٿيو، بجلي جا سوئچ ۽ ريگيوليٽر وغيره دالان مان ھن جي ڪمري ۾ منتقل ڪيا ويا. ڏينھن جو سپاھين کي وارڊ مان ٻاھر تنبوءَ ۾ منتقل ڪيو وڃي، پر اُنھن کي رات جو وارڊ منجھ ئي رکيو وڃي. ڀٽي صاحب سمورا اعتراض مڃڻ تي 22 مئي 1978ع تي شام جو پنھنجي بُک ھڙتال ختم ڪئي، ۽ شام جي ماني کاڌائين. ايئن اُھو نازڪ مامرو پُڄاڻيءَ تي پھتو. بھرحال، ڀُٽي صاحب پنج ڏينھن بُک ھڙتال ڪري اختيارين کي اھو ٻُڌايو، ته ھُن ۾ سَھپ ۽ پنھنجي مؤقف تي اَٽل رھڻ جي ڪيتري سگھ، صلاحيت ۽ ھمت موجود آھي، ۽ ڪيستائين تڪليفون سَھي سگھي ٿو.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: