سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: ڀٽي جا آخري 323 ڏينهن

باب: --

صفحو : 1

ڀٽي جا آخري 323 ڏينهن

ڪرنل رفيع الدين

 

 

ٻه اکر

اسپيشل سروس گروپ (ايس. ايس. جي)، جيڪو عام طور ڪمانڊو جي نالي سان مشھور آھي، پاڪستاني فوج جو انتھائي مُک شعبو آھي. جنگ وارن ڏينھن ۾ ڪمانڊو کي انتھائي جوکائتا ۽ ڏُکيا مِشن سونپيا وڃن ٿا، ۽ اَمن وارن ڏينھن ۾ به اُھي پنھنجي جِند تِريءَ تي رکي گھُمن ٿا. ھُنن جي فرضن ۾ قومي اڳواڻن جو بچاءُ، ڏيھ ۾ ايندڙ عالمي شخصيتن جي سلامتي، مُک ادارن جي سنڀال، فوجي ۽ انتھائي حساس دفاعي ماڳن جي رکوالي، اندروني ۽ ٻاھرين اُڏامن ۾ جھازن جي اغوا جي امڪاني ڪوششن جي روڪٿام وغيره شامل آھن. مقصد ته اُنھن جانبازن کي جنھن ڪم لاءِ به سڏيو وڃي ٿو، ته اُھي سدائين پنھنجا فرضَ سچائيءَ سان نڀائڻ لاءِ ڦُڙت ۽ چيلھ سان سَندرو ٻَڌل رھن ٿا.

اِھا فخر جي ڳالھ آھي، جو منھنجو ناتو به پاڪستاني فوجِ جي اُن مشھور ۽ ڦُڙت شعبي سان رھيو آھي. فوجي زندگيءَ ھونئن به سخت جاکوڙ جي گھُرجائو ھُجي ٿي، پر اسپيشل سروس گروپ جا مامرا ويتر ڳنڀير ۽ ڪَٺن ھُجن ٿا. فرضَ نڀائڻ مھل، پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ ٿيل جنگين مھل يا امن وارن ڏينھن ۾ انيڪ واقعا اھڙا به سامھون آيا، جيڪي روايتي ڪھاڻين، افسانن ۽ داستانن کان به وڌيڪ وڻندڙ ۽ موھيندڙ آھن. 79-1978ع ۾ مونکي ھڪ اھڙي ذميداري سونپي ويئي، جيڪا نازڪ ۽ احتياطَ واري ھئڻ سميت بيشڪ وڏي ذميداري به ھئي.

لاھور ھاءِ ڪورٽ 18 مارچ 1978ع تي، مُحترم ذوالفقار علي ڀُٽي کي نواب مُحمد احمد خان قصوريءَ کي مارائڻ واري ڏوھ ۾، موت جي سزا ڏيڻ جي فيصلي جو حُڪم ڏنو. اُن فيصلي خلاف جڏھن سُپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ اپيل وِڌي ويئي، تڏھن انتظاميا فيصلو ڪيو، ته ڀُٽي صاحب کي ڪوٽ لکپت جيل کان راولپنڊي سينٽرل جيل ۾ منتقل ڪيو وڃي، ته جيئن عدالتي ٻُڌڻيءَ دؤران ھُن کي سولائيءَ سان عدالت ۾ آندو وڃي.

ڀُٽو صاحب ڪو عامَ ماڻھو نه ھو. ھُو مُلڪ جو صدر ۽ وزيراعظم رھي چُڪو ھو، تنھنڪري ھُن جي بچاءَ ۽ سيڪيورٽيءَ لاءِ غيرمعمولي اُپائن جي گھُرج ھئي، ۽ اُھا ذميداري مونکي سونپي ويئي.

اُن ڪم لاءِ مونکي ڇو چونڊيو ويو؟ انھيءَ ڏس ۾ آئون سمجھان ٿو، ته اِھو رُڳو اتفاق ھو. منھنجي لاءِ اُن ڳالھ ۾ شڪ جي وِٿي نه آھي، ته اُن چونڊ ۾ صدر جنرل محمد ضياءَالحق جو ھُٿ ھُو، ڇوته منھنجي ھُن سان ڪابه سُڃاڻپ نه ھئي. ھُن سان منھنجي رُڳو ھڪ مٿاڇري ملاقات ٿي ھئي، جنھن لاءِ شايد ملاقات جو لفظ به مناسب نه ھُجي. چيف آف آرمي اسٽاف جي عھدي تي ترقي ماڻڻ کان پوءِ ھُو اسڪول آف انفينٽري اينڊ ٽيڪٽِڪس ڪوئيٽا ۾ آيو ھو، جتي آئون چيف انسٽرڪٽر طور مقرر ھوس. رواج پٽاندر اداري جي سمورن عملدارن کي ھڪڙي قطار ۾ بيھاري، ساڻس سُڃاڻپ ڪرائي ويئي، جتي مونکي به آيل مھمان سان ھٿ ملائڻ جو وجھ مليو، ۽ پوءِ چاءِ جي ھڪ دعوت ۾ ھُن سان رسمي ڏيٺ ويٺ به ٿي. پوءِ جيڪو ناتو ۽ لاڳاپو، صدر ضياءَالحق سان رھيو، تنھن بابت وڌيڪ ڄاڻ ڪتاب جي پڇاڙڪي ضميمي ۾ ڏني ويئي آھي.

مون اھو چيو پئي، ته ڀُٽي صاحب جي بچاءَ ۽ سيڪيورٽيءَ لاءِ منھنجي چونڊ رُڳو اتفاق ھو. جڏھن ڀُٽي صاحب جي لاھور کان راولپنڊيءَ ۾ منتقليءَ جو فيصلو ڪيو ويو، تڏھن مون راولپنڊي ڇانوڻيءَ ۾ 27 پنجاب ريجمينٽ جي ڪمانڊ پئي ڪئي، جيڪا 111 بريگيڊ جو حصو ھئي. اُن بريگيڊ جي ڪمانڊ، بريگيڊيئر ايم. ممتاز مَلڪ جي ھٿ ۾ ھئي. راڄڌاني ۽ راولپنڊيءَ ۾ صدر ھائوس جو بچاءُ به اُن بريگيڊ کي ئي سونپيل ھو. مارشل لا انتظاميا ۾ بريگيڊيئر ممتاز مَلڪ، سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي عھدي تي ويٺل ھو. ڀُٽي صاحب جي سنڀال ۽ بچاءَ جي ذميداري ته ھُن جي ھئي، پر اَڻ سِڌيءَ طرح اھا ذميداري کيس پنھنجي ماتحت ٽن يونٽ ڪمانڊرن مان ڪنھن ھڪ کي سونپڻي ھئي. شايد منھنجي چُونڊ، ڪمانڊر ھُجڻ ۽ ويھن ورھين ۾ ڪنھن تُھمت يا ٽِڪي کان آجي ڪردار ۽ سروس ريڪارڊ کي سامھون رکي ڪئي ويئي ھُجي.

آئون ڦاھيءَ جي سزا ملڻ تائين ڀُٽي صاحب جي زندگيءَ جي پڇاڙڪن 323 ڏينھن ۾ سندس بچاءَ تي مقرر ھوس. ھُن سان اُن دؤر ان اڪثر ملاقاتون ٿينديون رھيون. ڀُٽي صاحب سان ڳالھائڻ بلڪ ايئن چئو ته ھُن جون ڳالھيون ٻُڌڻ جو چڱو وجھ مليو. ھُن جي روزاني زندگيءَ جو ڍنگ ويجھڙائيءَ کان ڏٺم. ھُن سان ملڻ لاءِ ايندڙن جي ڊگھين ملاقاتن بابت ڪافي چِٽائيءَ سان ڄاڻُ ملي. مقصد اھو آھي، ته ھُن جي زندگيءَ جي پڇاڙڪن 323 ڏينھنَ توڙي رات جو آئون ويجھو ۽ اکين ڏٺو شاھد آھيان. ڀُٽو صاحب ڇا ھو ۽ تاريخ ۾ ھُن جو درجو ڪھڙو آھي؟ تن ڳالھين جو فيصلو ايندڙ وقت ڪندو يا وري مؤرخ. انھيءَ عرصي ۾ مون جيڪي به ڏٺو ۽ ٻُڌو، تنھن کي ڪنھن وَڍُڪُٽ کانسواءِ، ڏٺل ۽ ٻُڌل ڳالھين ۽ عملن پٽاندر، قوم آڏو پُھچائڻ جي ھمت ساريان پيو، ته جيئن انھيءَ ڏس ۾ جيتريون اجايون، جُڙتو ۽ ڪُوڙيون ڪھاڻيون ماڻھن جي وات تي رھيون آھن، تن بابت چِٽائي ٿي سگھي ۽ قوم آڏو سچي صورتحال پڌري ٿي سگھي.

ماڻھن مختلف وقتن تي، مون سان اھا خواھش پڌري ڪئي، ته آئون اُھي ساروڻيون کين سونپيان يا ھُنن جي مرضيءَ پٽاندر سھيڙي لکان. پر اُن ڳالھ ۾ ٿورڙو به وڌاءُ نه آھي، ته مون مُختلف ڌمڪين ملندي به پنھنجي جانَ جوکي ۾ وجھي، سندن اُن خواھش کي پُورو ٿيڻ نه ڏنو. اللھ جو ٿورائتو آھيان، جو آئون انھن ساروڻين کي پنھنجي ضمير پٽاندر سھيڙڻ ۾ سوڀارو ٿيو آھيان.

ھن ڪتاب ۾ جيڪو به ڄاڻايل آھي، سو منھنجو ٻُڌل ۽ ڏٺل ريڪارڊ آھي. مون پُوري ڪوشش ڪئي آھي، ته جيڪا ڳالھ به منھنجي ڄاڻُ ۾ آئي آھي، تنھن کي پوريءَ ديانتداريءَ سان قوم آڏو رکان. ھن ڪتاب لکڻ سان منھنجو مقصد ڪنھن کي خوش ڪرڻ نه آھي، ۽ نه ئي اُن سان ڪنھن کي رنجائڻ جو ڪو ارادو آھي. منھنجي ته رُڳو اھا ڪوشش آھي، ته ڪنھن به رِيت سچ جو سَنيھو ھٿ مان نه کِسڪي. گڏوگڏ مونکي پنھنجي سپاھيءَ واري زندگي ۽ نوڪريءَ وارن مقصدن جي سچائين تي فخر آھي. منھنجو سياست سان ڪوبه لاڳاپو نه رھيو آھي، ۽ نه ئي مون ڪڏھن ڪنھن سياسي جماعت سان ڪو ناتو جوڙيو آھي. آئون نِج پاڪستاني شھري ھئڻ ناتي سمورين اکين ڏٺل ۽ ڪَنين ٻُڌل ڳالھين تي آڌاريل ساروڻيون پيو لکان. آئون ھن ڪتاب جي صحيح ڇنڊڇاڻ لاءِ ھر پڙھندڙ جي حَق کي مڃان ٿو.

اِھا اسان جي اڀاڳائي آھي، جو پاڪستان ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به قومي الميي بابت عوام کي ڀروسي ۾ نه ورتو ويو آھي. قائداعظم محمد علي جناح جي پڇاڙڪن ڏينھن وارين حالتن ۽ سندس موت ڪھڙي بيوسيءَ واريءَ حالت ۾ ٿيو؟ اوڀر پاڪستان جي سانحي جو ڪير ذميدار ھو؟ يا لياقت علي خان جا قاتل ڪير ھئا ۽ سندن مقصد ڇا ھو؟ پاڪستان جي صدر جنرل محمد ضياءَالحق، فوجَ جي اٽڪل ٽيھن سُٺن جرنيلن ۽ عملدارن جي موت جو ذميدار ڪير آھي؟ ۽ پوءِ پاڪستان جي وزيراعظم محترم ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڇا ٿيو؟ اُھي سڀ اسان جي قوم جا اھڙا الميا آھن، جن بابت قوم کي اڄ ڏينھن تائين ڪابه سچائي نه ٻُڌائي ويئي آھي.

آئون جيئن ته مٿي ڄاڻايل قومي المين مان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ الميي جو اکين ڏٺو شاھد آھيان، تنھنڪري آئون لاڳاپيل واقعن جي اُن امانت کي قوم آڏو آڻڻ جي آسُ رکان ٿو.

مون ھر طرح سان ڪوشش ڪئي آھي، ته ڀُٽي صاحب تي سندس پڇاڙڪن 323 ڏينھن ۾ جيل ۾ جيڪو به وھيو واپريو، تنھن کي پوريءَ ايمانداريءَ سان لکان. مونکي اُن ڳالھ تي فخر آھي، ته مون سچائيءَ کان ڪم ورتو آھي. انھيءَ عمل ۾ ڀُٽي صاحب جي نه طرفداري ڪئي آھي، ۽ نه ئي حڪومت جي ڪنھن ڳالھ کي لِڪايو آھي. البت مون ھُن جون ڪجھ اھڙيون ڳالھيون ھِن ڪتاب ۾ نه لکيون آھن، جيڪي اَڍنگيون ۽ اَڻوڻندڙ ڀانئجن ھا، ۽ ڪجھ اھڙيون ڳالھيون به، جن جي پڌرائي قومي مفاد ۾ نه آھي.

*

 

تياري ۽ اڳواٽ رٿابندي

 

مون 1978ع ۾ راولپنڊي ڇانوڻيءَ ۾ 27 پنجاب ريجمينٽ جي ڪَمان پئي ڪئي. مُنھنجي پلٽڻ 111 بريگيڊ ھيٺ ڪم ڪندڙ ھئي. مئي 1978ع جي پھرين ھفتي ۾ ھڪڙي ڏينھن مونکي بريگيڊ ھيڊڪوارٽر کان حُڪم مليو، ته آئون ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊيءَ ۾ وڃي رپورٽ ڪريان. جيل پھچڻ تي مون ڪمانڊر 111 بريگيڊ بريگيڊيئر ايم. ممتاز مَلڪ، جنھن سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جو فرض به نڀايو پئي، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر راولپنڊي ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ چوڌري يارمحمد کي اُتي موجود ڏٺو. ڪجھ گھڙين کان پوءِ ميجر جنرل شاھ رفيع عالم آيو، جيڪو تنھن وقت ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر به ھو. اسان سڀني گڏجي جيل ۾ عورتن جو وارڊ گھُمي ڏٺو. جنرل صاحب جيل ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ اڏاوتي ڪم بابت ڪجھ ھدايتون ڏنيون ۽ پوءِ گاڏيءَ ۾ ويھي اُتان ھليو ويو. پوءِ مونکي بريگيڊ ھيڊڪوارٽر گھُرايو ويو، جتي بريگيڊ ڪمانڊر ايم ممتاز مَلڪ منھنجن نون فرضن بابت مونکي خاص ھدايتون ڏنيون. تڏھن مونکي پتو پيو، ته محترم ذوالفقار علي ڀُٽي کي 18 مارچ 1978ع تي نواب محمد احمد خان قصوريءَ جي قتل واري ڏوھ ۾ لاھور ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ جيڪا موت جي سزا ٻُڌائي ويئي ھئي، تنھن خلاف سُپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آھي، تنھنڪري انتظاميا فيصلو ڪيو آھي، ته ٻُڌڻيءَ دؤران ڀُٽي صاحب کي ڪوٽ لکپت جيل لاھور کان راولپنڊي جيل منتقل ڪيو وڃي، ته جيئن سُپريم ڪورٽ ۾ ڀُٽي صاحب جي پيشيءَ جو عمل انتظاميا لاءِ سولو بڻجي. انھيءَ مقصد لاءِ ڪجھ وقت اڳ 10 ھيڊڪوارٽر راولپنڊي ۽ مارشل لا اختيارين فيصلو ڪيو ھو، ته عورت قيدين جي خاص وارڊ کي سيڪيورٽي وارڊ جو رُوپ ڏيئي، سينٽرل جيل راولپنڊيءَ ۾ قيد دؤران ذوالفقار علي ڀُٽي جو بچاءُ ۽ سارسنڀال ڪئي وڃي. انھيءَ مقصد لاءِ جيل ۾ ڏينھن رات ھنگامي طور سرگرميءَ سان ڪم ٿيو پئي. سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مونکي ٻُڌايو، ته ڀُٽي صاحب جي قيد دؤران منھنجي پلٽڻ کي پنڊي جيل ۾ ھُن جي رکشا جي واڌُو ذميداري سونپي ويئي آھي. ٺاھيل سيڪيورٽي وارڊ جو نقشو ھيٺين ريت ھو:

سيڪيورٽي وارڊ

سينٽرل جيل راولپنڊيءَ جي مُک دروازي مان اندر گھِڙندي ئي ھڪڙو اڱڻ اچي ٿو، جنھن جي کاٻي طرف جيل جون آفيسون آھن. دالان پارَ اندر وري ٻيو لوھي دروازو آھي، پوءِ کُليل جاءِ آھي، ھتان کاٻي ھٿ تي قيدين جو لنگر آھي ۽ ساڄي ھٿ ڪجھ فاصلي تي ھڪ الڳ جاءِ آھي. ڀُٽي صاحب جي اُن جيل ۾ قيد کان اڳ اُن الڳ عمارت کي قيدي عورتن جو وارڊ سڏيو ويندو ھو. پر اُھا عمارت ڪنھن قدر سُڌاري ۽ واڌاري کان پوءِ سيڪيورٽي وارڊ سڏجڻ ۾ آئي. اوائل ۾ اِھا رٿا ڏني وئي ھئي، ته ڏوھي عورتن کي جيل ۾ ڪنھن ٻيءَ جاءِ تي منتقل ڪيو وڃي ۽ اھو وارڊ ذوالفقار علي ڀُٽي لاءِ واپرايو وڃي. عورت وارڊ اٺن ڪوٺڙين تي ٻَڌل ھو. چار ڪوٺيون ھڪڙي پاسي ۽ چار ٻئي پاسي ۽ وچ ۾ ڪجھ فُٽ ويڪرو دالان اتر- ڏکڻ ۾ واقع ھو. دالان جي ٻنھي ڪنارن تي لوھي دروازا لڳل ھئا. ھر ڪوٺي اٽڪل ٻارھن فُٽ ڊگھي ۽ ساڍا سَت فُٽ ويڪري ھئي. ڏاکڻي لوھي دروازي ٻاھران اٽڪل 36x34 فُٽ جو ھڪڙو اڱڻ ھو، جنھن جي چؤڌاري اٽڪل اٺ فُٽ ڊگھي ديوار ھئي. اُن اڱڻ جي اوڀرندي طرف ھڪڙو دروازو ھو، جنھن کي گھُرج مھل بند ڪيو ويندو ھو. زناني وارڊ جي اترين لوھي دروازي ۽ ساڻس لڳولڳ ٻن ڪوٺين کي، فرش کان وٺي ڇِت تائين ھڪ مضبوط ديوار ذريعي الڳ ڪري، ان حصي کي مستقل بند ڪيو ويو، جتي گھُربل اوزار ھنيا ويا، جن جو ذڪر پوءِ ڪيو ويندو. ڀُٽي صاحب کي ھتي آڻڻ کان پھرين سيڪيورٽي وارڊ ۾ ھيٺيان سُڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا:

سُڌارا ۽ واڌارا

ڀُٽي صاحب جي اچڻ کان اڳ اُنھن ڪوٺين کي صحت جي بچاءَ وارن اصولن تي ٻيھر سُڌاريو ويو. جيتوڻيڪ اھو سُڌارو ۽ واڌارو سيڪيورٽي ويچار ھيٺ ٿيو ھو، پر پوءِ به اُن عمل پٽاندر وارڊ ۾ صاف سُٿرو ۽ صحتمند ماحول جُڙي ويو ھو. فرش، ڇِت ۽ ديوارن جي سُڌاري ۾، سيڪيورٽي جي گھُرجن پٽاندر تبديليون ڪيون ويون. ٻاھران جيل ۾ سيڪيورٽي وارڊ تائين سُرنگ کوٽڻ کي ناممڪن بنائڻ خاطر ڪچو فرش اُکيڙي، اُن جي جاءِ تي لوھ ۽ ڪنڪريٽ جو سگھارو فرش ٺاھيو ويو. اڍنگي ڇِت کي لڪائڻ لاءِ اصلي ڇِت کان ڪجھ فُٽ ھيٺ لوھي ڇِت ٺاھي ويئي، جنھن جي ھيٺ لوھ جي ٿُلھين چادرن سان فرشبندي ڪئي وئي. جنھن جي ھيٺئين پاسي وڻندڙ اڇي پوچِي ڪئي ويئي. پراڻي ۽ نئين لوھي ڇِتن جي پولار وچ ۾ ڪنڊيدار تارن جا ويڙھا رکيا ويا. اُن سڄي تبديلي ۽ تياريءَ جو اصلي مقصد اھو ھو، ته ڀُٽي صاحب کي ڇِت ٽوڙي ڀڄائڻ واري امڪان کي ختم ڪري سگھجي. انھيءَ مقصد کي سامھون رکي ڪوٺين جي ديوارن تي، جيڪي اڳ ۾ ئي مضبوط پٿرن سان ٺھيل ھيون، ٿُلھي پلستر جا تَھ چاڙھيا ويا، ته جيئن بچاءُ سميت صحت توڙي صفائيءَ جي خاص انتظام جو تاثر اُڀري سگھي. سيڪيورٽي وارڊ ۾ صحت جي بچاءُ تي خاص ڌيان ڏنو ويو ھو. وارڊ ۾ پاڻي ۽ بجليءَ جو به سُٺو انتظام ھو. اُن وارڊ کي باقي جيل کان بلڪل الڳ ڪرڻ لاءِ اڱڻ کان وٺي جيل فيڪٽريءَ جي ديوار تائين ۽ پراڻي زناني وارڊ جي چؤڌاري واقع سموري کُليل علائقي سان لڳولڳ مٿي کان ڪَنڊيدار تارن سان ھڪ دفاعي قلعو جوڙيو ويو ھو. اُن دفاعي قلعي ۾ ھڪڙو دروازو ٺاھيو ويو، جيڪو سيڪيورٽي وارڊ ۾ اچڻ وڃڻ جو اڪيلو رستو ھو. اُن ڪنڊيدار دفاعي قلعي ۾ ۽ چؤڌاري گول گُڇن وارا ڪَنڊيدار تارَ جا پنج ويڙھُا، ٽي ھيٺ ۽ ٻه مٿي، ڦھلائڻ سان اُھي اَپارَ جوڳي رُڪاوٽ بڻجي ويا. ھڪ ويڙھي جي گولائي اٽڪل ھڪ ميٽر اوچي ۽ ھڪ ميٽر ويڪري ھُجي ٿي. وچ ۾ ڏھ پندرھن فُٽ خالي جاءِ ڇڏي، سيڪيورٽي وارڊ جي ٻاھرين ديوار سميت ھر پاسي اھڙي قسم جي ھڪڙي ٻي رُڪاوٽ به ٺاھي ويئي ھئي، ته جيئن سيڪيورٽي وارڊ تي ڪنھن به قسم جي امڪاني حملي يا اُتان ڀُٽي صاحب جي ڀڄڻ واريءَ ڪوشش کي ناڪام بڻائي سگھجي.

نگراني جا مينارَ

سيڪيورٽي وارڊ جي چؤڌاري ڪنڊيدار تارن جي ٻن رُڪاوٽن وچ ۾ ڏھ پندرھن فُٽ خالي جاءِ تي ڪاٺ ۽ لوھ سان پنج مينار اَڏيا ويا ھئا، جن تي ھر وقت چُست ۽ ڦُڙت سپاھي پھرو ڏيندا ھئا. پوءِ جڏھن ڏوھ ۾ شريڪ ڏوھارين جي وارڊ پاسي ھڪ نئين عمارت ٺھي، ته سندس ٻيءَ منزل تي نگرانيءَ جو ھڪڙو ٻيو مينار به  ٺاھيو ويو ھو. سيڪيورٽي وارڊ ۽ اُن جي ڀرپاسي جي علائقي ۾ سَرچ لائيٽ سان روشنيءَ جو انتظام ڪيو ويو. بجليءَ جي اوچتي بند ٿيڻ يا ڪَٽجڻ جي امڪاني صورتحال کي مُنھن ڏيڻ خاطر متبادل طور ھڪ جنريٽر سميت ڀروسي جوڳو الارم سسٽم به لڳايو ويو ھو.

آپريشن روم

اڱڻ جي مٿئين منزل ۾ آپريشن روم ٺاھيو ويو. ھِتي اڳ ئي ٻه ڪمرا موجود ھئا، جن ۾ جيل جو ريڪارڊ رکيو ويندو ھو، پر پوءِ اھو ريڪارڊ ڪنھن ٻئي ھنڌ منتقل ڪيو ويو. اُن مان ھڪ ڪمري ۾ ھروقت ڊيوٽي آفيسر موجود رھندو ھو ۽ ٻيو ڪمرو نگھبانن جو آرام گاھ بڻجي ويو. ضروري نقشا ۽ چارٽ، وائرليس سيٽ، ٽيليفون ۽ ڊيوٽي آفيسرَ لاگ بُڪ وغيره آپريشن روم ۾ رکيا ويا ۽ انھن ڪمرن جي ڇِت تي باقاعدي چوڪيءَ لڳائي ويئي. ڇِت جي اُن چوڪيءَ تان سيڪيورٽي وارڊ جي ھر چُرپر سميت اٽڪل سڄي جيل، جيل جو ڀرپاسو خاص ڪري وڏا رستا ۽ جيل جي مُک دروازي جي سامھون وارو سڄو علائقو چِٽو ڏسڻ ۾ ايندو ھو. سيڪيورٽي وارڊ ۽ جيل تائين پھچندڙ سمورن رستن تي نظر رکڻ خاطر اڱڻ جي ڇِت تي باضابطا فوجي چوڪيون ٺاھيون ويون، جن ۾ ھٿيارَ رکڻ جو انتظام به ڪيو ويو، ته جيئن ڪنھن به اوچتي صورتحال سان نبيري سگھجي. اھا ڇِت ھوائي حملن کان جوکي جي روڪٿام جو به نھايت سُٺو ذريعو ثابت ٿي. تنھڪري اُتي ٻن قسمن جون مشين گنون يعني زميني ۽ جھاز ڪيرائيندڙ توپون دفاعي مقصد لاءِ لڳايون ويون. گڏوگڏ جيل ۽ اُن جي ڀرپاسي ۾ ھڪ جھاز ڪيرائيندڙ بيٽري به لڳائي وئي. اُھي سمورا انتظام 15 مئي 1978ع تائين مڪمل ڪيا ويا ۽ 18-17 مئي جي وچ واريءَ رات منھنجي بٽالين کي به جيل جي اُترئين حصي جي پوليس لائينن ۾ بيھاريو ويو.

 

سيڪيورٽي فورسَ ۽ سندس فرضَ

ڀُٽي صاحب جي قيد دؤران ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي جي بچاءُ خاطر جيل کاتي، پوليس ۽ فوجَ جا ھيٺيان فورس مقرر ڪيا ويا.

جيل کاتو

سپرنٽينڊنٽ جيل راولپنڊيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سينٽرل جيل جو موجود اسٽاف؛ ۽

انسپيڪٽر جنرل جيل، سپرنٽينڊنٽ جيل راولپنڊيءَ کي وڌيڪ پنجاھ وارڊن جي واڌُو فورس به موڪلي ڏني.

پوليس جو کاتو

ايس ايس پي راولپنڊيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ضلعي پوليس؛

ايس ايس پي راولپنڊيءَ کي پوليس ٽريننگ ڪاليج سھالا کان پنج سؤ سپاھين تي ٻَڌل ھڪ واڌُو پوليس فورس به پھچائي وئي؛ ۽

انسپيڪٽر جنرل ۽ ڊويزنل انسپيڪٽر جنرل جي ريزروَ فورس مان پنج سؤ وڌيڪ جوان به ايس ايس پي راولپنڊيءَ جي ماتحت ڏنا ويا.

فوجَ جو کاتو

27 پنجاب ريجمينٽ کي سيڪيورٽي بٽالين طور بيھاريو ويو؛

ھڪ ڪمپني ايڪس 3 ايف ايف ريجمينٽ کي اسپيشل ٽاسڪ فورس طور رکيو ويو؛ ۽

بيٽري 94 لائٽ اينٽي ايئرڪرافٽ ريجمينٽ کي اسپيشل ٽاسڪ فورس طور رکيو ويو.

فرض

سيڪيورٽي فورس کي ھيٺين امڪاني حادثن کي

ھڪدم مُنھن ڏيڻ جو مشن سونپيو ويو:

وڏي ڏوھاري ذوالفقار علي ڀُٽي طرفان آپگھات جو اُپاءُ؛

وڏي ڏوھاريءَ جي پاڻي يا کاڌي ۾ زھر مِلائڻ سان جيل ۾ يا جيل کان سُپريم ڪورٽ ايندي ڌماڪيدار مادي سان يا وري جيل کان سُپريم ڪورٽ ايندي ويندي اڳواٽ رٿيل منصوبي پٽاندر رستي تي حادثي ذريعي قتل جي سازش. اُنھن امڪاني قتل جي اُپائن سان گڏ ذوالفقار علي ڀُٽي کي سيڪيورٽي وارڊ يا سڄي جيل ۾ باھ ڏيڻ ذريعي مارڻ جي اُپاءُ کي به سامھون رکيو ويو ھو.

سيڪيورٽي وارڊ ۾ سُرنگ کوٽي ڀڄڻ يا ڀڄائڻ جي ڪوشش.

زميني حملي سان اغوا جي ڪوشش؛

ھوائي حملي ذريعي اغوا جي ڪوشش؛

ٻاھرئين مدد يا ٻاھران مدد بغير جيل ۾ جھيڙو ڪرائي يا گوڙ ڪرائي محترم ڀُٽي کي ڇڏائڻ جي ڪوشش؛ ۽

جيل يا سُپريم ڪورٽ تي يا عام رستي تي ميڙاڪي جو حملو.

جيل، پوليس ۽ فوج جي سيڪيورٽي فورس کي اُنھن سمورين امڪاني ڪارروائين جي حالت م ھيٺيون پڌريون ۽ قطعي ذميداريون سونپيون ويون ھيون:

جيل ۾ گھِڙڻ کان پوءِ جيل جي چؤديواريءَ ۾ وڏي ڏوھاري قيديءَ جي بچاءَ جي سموري ذميداري جيل اختيارين جي ھئي. سپرنٽنڊنٽ جيل ۽ سندس ماتحت عملي کي ھيٺئين ڪنھن به ھنگامي صورتحال ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي پُوري بچاءُ جو ذميدار ڪوٺيو ويو ھو؛

جيل کان ٻاھر مُحترم ڀٽي جي بچاءَ جو فرضَ راولپنڊي ڊسٽرڪٽ پوليس جي ذميداريءَ ۾ ھو. جيل کان سُپريم ڪورٽ تائين ۽ سُپريم ڪورٽ ۾ بچاءُ جي ذميداري ايس ايس پي راولپنڊي ۽ سندس ڪمانَ ھيٺ پوليس فورس تي لاڳو ھئي، ۽ ايئن ايس ايس پي ڪنھن به ھنگامي صورتحال لاءِ تيار رھندو ھو؛ ۽

انھن ڪارروائين جي نگراني، انتظام ۽ وقتائتي رھنمائي فوجَ جي ذميداري ھئي. سيڪيورٽي بٽالين ڪمانڊر کي مارشل لا اختيارين طرفان حفاظتي انتظامن جي اُتم نگرانيءَ جو ڪم سونپيو ويو ھو.

ڳُجها اوزار

مئي 1978ع جي ٻئي ھفتي ۾ يعني ڀُٽي صاحب جي پنڊي جيل ۾ اچڻ کان رُڳو ڪجھ ڏينھن اڳ مونکي ڄاڻ ڏني وئي، ته ھڪ اينٽيليجنس ايجنسيءَ طرفان فلاڻو ماڻھو گھُربل سامان ۽ اوزار کڻي ايندو ۽ سيڪيورٽي وارڊ جي اُن ڪوٺيءَ ۾، جتي ڀُٽي صاحب کي رکڻو ھو، ڪجھ ڳُجھا اوزار لڳائيندو، ته جيئن سيڪيورٽي جو جامع ۽ مڪمل بندوبست ٿي سگھي. تنھنڪري ٻئي ڏينھن صبح جو ھڪ ڊائريڪٽر سان گڏ ٻه ٽيڪنيشنَ آيا ۽ اُنھن اُن ڪوٺيءَ جي ڀِت ۾ ڳُجھا جاسوسي اوزار لڳايا، جنھن ۾ ڀُٽي صاحب کي رکڻو ھو. اُنھن اوزارن کي وائرليس سميت زمين ھيٺان تارن سان به جوڙيو ويو، جيڪي جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس سان لڳ ڪمري تائين ڇِڪيون ويون. ھڪ ٻن ھفتن کان پوءِ زمين ھيٺان لڳل اُنھن تارن کي وڌائي منھنجي پلٽڻ جي ھيڊڪوارٽر جي ھڪ ڪمري تائين به پھچايو ويو، ته جيئن جيل ۾ ڪنھن کي به پتو پئجي نه سگھي، ته انھن ڳجھن اوزارن مان ڪھڙي وقت ڪم ورتو وڃي ٿو ۽ ڪھڙي وقت ڊيوٽي تي اينٽيليجنس جا خاص ماڻھو موجود نٿا ھُجن. اوائل ۾ اُھي اوزار سڄو ڏينھن ۽ ڪيئي راتين تائين ڪم ڪندا رھيا، پر ڪجھ ھفتن کان پوءِ جيئن ته ڀُٽي صاحب وٽ رات جو ڪوبه ماڻھو نه ويندو ھو، تنھنڪري آپريٽرَ انھن اوزارن کي شام جو اَٺين وڳي ڌاري بند ڪري موٽي ھليا ويندا ھئا، ۽ وري صبح جو اچي سڄو ڏينھن نگراني ڪندا ھئا. خرابي يا ڦيرڦار جي حالت ۾ انھن اوزارن تائين پھچڻ لاءِ سيڪيورٽي وارڊ جي اُترئين ٻن ڪمرن کي ھڪ نئين ديوار ٺاھي ڌار ڪيو ويو، ۽ جيل جي ھر ماڻھوءَ کي اوڏانھن اچڻ کان روڪيو ويو، ته جيئن اُھي ڳُجھا اوزار سندن پُھچ کان پري ۽ بچيل رھن.

ھيءَ اُھي بچاءَ وارا انتظامَ ھئا، جن تي قيد دؤران ڀُٽي صاحب جي بچاءُ کي يقيني بنائڻ لاءِ، کيس سينٽرل جيل راولپنڊيءَ آڻڻ کان اڳ عمل ڪيو ويو. ھوتئن ھُن جي قيد دؤران نِت نوان اُفواھ ۽ مفروضا جنم وٺندا رھيا، ۽ سندن توڙَ به نڪرندو رھيو. ايئن سمجھڻ ۾ پئي آيو، ڄڻ ذوالفقار علي ڀُٽي جو شخصي ڏھڪاءُ ۽ عوامي مقبوليت جي شديد دھشت ڇانيل ھُجي ۽ اُنھن انيڪ بچاءُ جي اُپائن ھوندي به ڪنھن غير امڪاني ۽ اوچتي اُپاءُ سان ڀُٽي صاحب جي بچي نڪرڻ جا ڪيئي امڪان موجود آھن. پٿري ۽ لوھي ديوارن ۽ فولادي ڇِتين ۾ قيد ھڪ شخص جي نگرانيءَ تي مُقرر ھٿياربند جَٿن جي موجودگيءَ ھوندي به اسان جون نِنڊون حرام ٿيل ھيون. پر ٻئي پاسي جڏھن آئون ڀُٽي صاحب ڏانھن ڏسندو ھوس، ته ھُو سدائين مونکي لاپرواھ ۽ مؤج ۾ ڏسڻ ۾ ايندو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: