سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: ڀٽي جا آخري 323 ڏينهن

باب: --

صفحو : 10

پڇاڙڪيون گھَڙيون

 

نيٺ اختيارين 2 اپريل 1979ع جي شام جو آخري فيصلو ڪيو، ته ڀُٽي صاحب کي 3 ۽ 4 اپريل 1979ع جي وچ واريءَ رات ٻه وڳي ڦاھي ڏني ويندي. جيل جي قانونَ موجب ڦاھيءَ ڏيڻ جو وقت صبح سويل ھُجي ٿو، پر حڪومت ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ جو وقت رات جو مقرر ڪيو، جنھن جي ڪارڻ بابت مونکي پتو پئجي نه سگھيو. جيل قانونَ جي اُن ڪتاب پٽاندر ڦاھي ماڻيندڙ جي مائٽن کي ڄاڻُ ڏني وڃي ٿي، ته اُھي ھُن سان پڇاڙڪي ملاقات رٿيل وقت موجب جيل ۾ ڪن. بيگم نُصرت ڀُٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو سھالا ريسٽ ھائوس ۾ احتياطي نظربنديءَ جي قانون پٽاندر قيد ھيون. ڀُٽي صاحب جا ڪجھ ويجھا مائٽ به انھن ڏينھن ۾ پنڊيءَ ۾ موجود ھئا. ڀُٽي صاحب جي انھن سڀني مائٽن کي 3 اپريل 1979ع تي ھُن سان جيل ۾ آخري ملاقات ڪرڻي ھئي، جنھن جو بندوبست ڪيو ويو ھو.

بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو سان آخري ملاقات

ڀُٽي صاحب جي ڦاھي ڏيڻ جي آخري فيصلي ٿيڻ کانپوءِ 3 اپريل تي صبح سوير ڀُٽو عورتن کي سھالا ريسٽ ھائوس ۾ ملاقات جي ڄاڻُ ڏني وئي. انھن کي کڻي ايندڙ گاڏي جيل ۾ صبح يارھين لڳي پندرھن منٽ تي داخل ٿي. جيل سپرنٽينڊنٽ انھن کي دروازي کان سيڪيورٽي وارڊ تائين وٺي ويو. اُن مھل انھن چوڌري يارمحمد کان پُڇيو، ته اِھا ملاقات ڪھڙيءَ ڳالھ سبب ٿئي پئي. جنھن تي ھُن کين ٻُڌايو، ته اِھا آخري ملاقات آھي. بيگم ڀُٽو ۽ محترمه بينظير، ڀُٽي صاحب سان ملاقات ساڍي يارھين وڳي شروع ڪئي.

مونکي ٻُڌايو ويو، ته قانون موجب ڀُٽو صاحب ڪوٺيءَ ۾ اندر ھو ۽ ٻاھران لوھي دروازي کي تالو لڳل ھو. نُصرت ڀُٽي لاءِ ڪوٺيءَ جي دروازي لڳ ٻاھر ڪُرسي رکي ويئي، جڏھن ته محترمه بينظير ڀٽو ڪوٺيءَ جي سِيخن ٻاھر دالان جي فرش تي ويھي رھي ۽ پيءُ ڌيءُ وچ ۾ ڪوٺيءَ جي لوھي دروازي جون سِيخون رُڪاوٽ بڻيل رھيون. اھا ملاقات ٻين وڳي ٻنپھرن تائين ھلندي رھي. ملاقات شروع ٿيڻ جي ڪجھ گھڙين کان پوءِ ڀُٽي صاحب، جيل سپرنٽينڊنٽ کي پاڻُ وٽ گھُرايو ۽ پُڇيائين: ڇا اھا آخري ملاقات آھي؟ جنھن جو ھُن ھا ۾ جواب ڏنو. ڀُٽي صاحب وري پُڇيو: ھن جي باقي مائٽن سان ملاقات جو ڇا ٿيندو. چوڌري يارمحمد کيس ٻُڌايو: عورتن جي ملاقات کان پوءِ ھُن کي ساڻن به ملايو ويندو. ڀُٽي صاحب، محترمه بينظير ڀُٽو کي ھڪڙي پاسي ٿيڻ لاءِ چيو ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ کي اشاري سان پنھنجي بلڪل ويجھو گھُرايو ۽ پُڇيائين: واقعي ھيءَ آخري ملاقات آھي. ھُن جواب ۾ ٻُڌايو: ھا اِھو دُرست آھي. پوءِ محترم ڀُٽي پُڇيو: آخري فيصلي جو ڇا ٿيو؟ جنھن تي يارمحمد وراڻيو: اُھو سڀ ڪجھ ختم ٿي چُڪو آھي. وري ڀُٽي صاحب پُڇيو: ڪھڙي وقت؟ ھُن جواب ڏنو: رواج موجب يعني صبح ساڍي پنجين وڳي. واپسيءَ تي جيل سپرنٽينڊنٽ مونکي ٻُڌايو: ڀُٽي صاحب ھٿ جي اشاري سان چيو، ته بس سڀ ختم. ۽ ھُن وراڻيو: جي سائين.

انھيءَ تي ڀُٽي صاحب چيو: مونکي ڏاڙھي ٺاھڻي آھي ۽ منھنجي ڪپڙن جو ڇا ٿيندو؟ وري چوڻ لڳو: منھنجي وصيت جو ڇا ٿيندو؟ جنھن تي چوڌري يارمحمد کيس ٻُڌايو: ھُن کي وقت ڏنو ويندو، ته جيئن ھُو پنھنجي وصيت لکي سگھي.

جيل سپرنٽينڊنٽ جي ھٽڻ کان پوءِ پيءُ، ڌيءُ پنھنجون ڳالھيون شروع ڪيون. مونکي پوءِ ٻُڌايو ويو، ته بيگم نصرت ڀُٽو اٽڪل سڄي ملاقات ۾ ماٺ رھي. محترمه بينظير ڀٽو گھڻو وقت روئيندي ۽ ڀُٽي صاحب سان ڳالھيون ڪندي رھي. ڀُٽي چاھيو ٿي، ته ملاقات ھلندي رھي، پر جيل اختيارين ٻين وڳي ٻنپھرن جو ملاقات ختم ڪرائي. انھيءَ جو سبب اُھو ٻُڌايو ويو، ته ڀُٽي صاحب جي ٻين مائٽن کي به ھُن سان ملڻو آھي. اُھا آخري ملاقات اٽڪل اڍائي ڪلاڪ ھلي.

ملاقات کان ھڪدم پوءِ بيگم نُصرت ڀُٽو، جيل ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ، جيڪو ساڻن گڏ سيڪيورٽي وارڊ کان آيو پئي، تنھن کي چيائين: ھوءَ ڪرنل رفيع سان ملڻ چاھي ٿي. آئون اُن وقت جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ويٺو ھوس. اطلاع ملڻ تي ماءُ، ڌيءُ سان پڌر جي دروازي کان جيل واري پاسي وڃي مليس. مون انھن ٻنھي ڄڻين کي ڏُک ۾ ٻُڏل ۽ گھڻو ماندو ڀانئيو. محترمه بينظير ڀُٽي کي اُس کان بچاءُ واريءَ عينڪ پاتل ھئا، جنھن جا شيشا مٿي گھرا ۽ ھيٺ ھلڪي رنگ جا ھئا. ھُن جون اکيون روئڻ سب ڳاڙھيون ۽ سُڄيل ڏسڻ ۾ پئي آيون. بيگم نصرت ڀُٽي مونکي پنھنجي ويجھو سڏي چيو: ھُو جنرل ضياءَالحق سان ذاتي رحم جي اپيل ڪرڻ چاھي ٿي، تنھنڪري آئون اُن سلسلي ۾ سندس ڪھڙي مدد ڪري سگھان ٿو.

اُن کان اڳ اختيارين مونکي سختيءَ سان حُڪم ڏنو ھو، ته آئون اڪيلائيءَ ۾ ڀُٽي صاحب سان نه ملندس، جنھن جو ذڪر آئون اڳ ۾ به ڪري چُڪو آھيان. آئون ٿورڙو ٻُڏتر ۾ وٺجي ويس. پوءِ مون ھُن کي ٻُڌايو: منھنجو جنرل ضياءَالحق سان ڪو ذاتي ناتو نه آھي، بھرحال آئون ڪوشش ڪندس، ته ھُن جي اُن خواھش کي جنرل صاحب تائين پھچايان. مونکي محترمه بينظير ٻُڌايو: جيڪڏھن فيصلو اِھو ساڳيو رھيو، ته پوءِ ڀُٽو صاحب پنھنجي علائقي لاڙڪاڻي ۾ دفن ٿيڻ چاھيندو. اُن وقت بيگم ڀُٽو چيو: جيڪڏھن ھُنن جي رحم جي اپيل منظور نٿي ٿئي، ته پوءِ ٻنھي ڄڻين جي درخواست آھي، ته کين ڀُٽي صاحب جي ميت سان گڏ لاڙڪاڻي وڃڻ ڏنو وڃي، ته جيئن اُھي ھُن جي پڇاڙڪين رسمن ۾ حصو وٺي سگھن.

ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اسان جي گھڻو ويجھو اچي ھر لفظَ کي ٻُڌڻ پئي گھُريو، تنھنڪري آئون کُلي ڪا ڳالھ ڪري نه پئي سگھيس. بھرحال، مون ھُنن کي چيو: اُھي آفيس ۾ اوسيئڙو ڪن، آئون ڪوشش ڪريان ٿو، ته ھُنن جي درخواست صدر تائين پھچايان. جڏھن اسان پَڌر مان لنگھياسين پئي، ته وجھ وٺي مون بيگم نصرت ڀُٽي کي ڪَن ۾ چيو: ڀُٽي صاحب جي ميت لاڙڪاڻي ڏانھن ئي کڻي ويندا. ھُنن کي ڊپٽيءَ جي آفيس ۾ ويھاريو ويو ۽ مون جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس مان صدر صاحب جي مليٽري سيڪريٽري کي ٻه ٽي ڀيرا ٽيليفون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھر ڀيري سندن ٽيليفون رُڌل مليو. آئون وڌيڪ وقت وڃائڻ بجاءِ جيل مان ٻاھر نڪتس ۽ رستو پار ڪري سامھون ايس ايس پيءَ جي آفيس ۾ ويس، جتي سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بريگيڊيئر خواجا راحت لطيف (پوءِ ميجر جنرل)، ڊي سي راولپنڊي ۽ ايس ايس پي راولپنڊي ويٺل ھئا.

مون سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر صاحب کي بيگم ڀُٽو جي درخواست ٻُڌائي. ھُو مون تي ڏاڪا ٻَڌي چڙھي ويو، ته آئون ھُن جي حُڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي، ڀُٽو بيگمن سان ڇو مليو آھيان. مون ھُن کي ڄاڻايو: مونکي توھان جيل ۾ رکيو آھي. ڀُٽي صاحب سان ملاقات کان پوءِ اُھي عورتون سِڌيون مون وٽ آيون ۽ مونکي اِھا درخواست جنرل ضياءَالحق صاحب کي پھچائڻ لاءِ ڏني آھي. ھُن ٿورڙي دير ماٺ رھي ڪجھ سوچيو ۽ وري چوڻ لڳو: پر توکي ھُنن سان ملڻ نه گھُربو ھو. مون ٻيھر به ھُن کي ساڳيو جواب ڏنو. ايتري ۾ ڊي سي راولپنڊي محمد سعيد مھدي، سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي چيو: سائين توھان اھا درخواست ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي پھچايو ۽ جيڪڏھن ھُن مناسب سمجھيو، ته جنرل ضياءَالحق صاحب کي پھچائيندو. نيٺ اُھا ڳالھ ھُن کي سمجھ ۾ آئي ۽ منھنجي جند ڇُٽي.

مونکي پوءِ پتو پيو، ته ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل صغير حُسين سيد، جنرل ضياءَالحق صاحب کي بيگم ڀُٽي جي اپيل پھچائي ھئي، ۽ ھن کي جنرل ضياءَالحق صاحب، بيگمن سان ملڻ لاءِ سھالا ريسٽ ھائوس موڪليو ھو، جتي بيگم ڀُٽو لکيت ۾ اپيل جي درخواست صدر صاحب لاءِ ڏني ھئي، پر اُن جي رحم جي اپيل جو به اُھو ساڳيو حشر ٿيو، جيڪو پھرين وارين اپيلن جو ٿي چُڪو ھو.

جيل ٻاھران عوام جو چڱو ميڙ، جنھن ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھي صحافي به موجود ھئا، گڏ ٿي چُڪو ھو. اختيارين اِھو نه پئي چاھيو، ته ڪنھن کي ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ جي ڄاڻُ پوي، تنھنڪري کين ڊَپُ ھو، ته متان بيگم ڀُٽو جيل مان نڪرڻ مھل ڪار جي دريءَ جو شيشو ھيٺ ڪري صحافين کي ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ جي ڄاڻ ڏئي. ايس ايس پي کي چيو ويو، ته پوليس ميڙاڪي کي جيل جي وڏي دروازي کان ڏکڻ ڏانھن يعني آرمي ھائوس ڏانھن ھٽائي ۽ ڀُٽو عورتن جي ڪار اُتر ڏانھن سِڌو ايئرپورٽ ڪڍي وڃي. ايئن ھُنن جي ڪار کي عوامي ميڙاڪي کان بچائي، اُتر طرف کان سھالا ريسٽ ھائوس ۾ پھچايو ويو.

ھيڏانھن سھالا ريسٽ ھائوس کي ٻاھرين دنيا کان ڪَٽيو ويو. اُن علائقي کي پوليس گھيري ۾ وٺي ڇڏيو ھو، تنھنڪري ڪوبه اندر وڃي نه پئي سگھيو، ۽ نه ئي ڪنھن نوڪر وغيره کي ٻئي ڏينھن صبح يعني 4 اپريل تائين ٻاھر نڪرڻ ڏنو ويو. ٽيليفون وغيره جو رابطو ته اڳ ۾ ئي ڪَٽيو ويو ھو.

ڀُٽي صاحب سان ٻين مائٽن جي ملاقات نه ڪرائڻ جو سبب

ڀُٽي صاحب جي ڪجھ مائٽن- نبي بخش ڀُٽو، پيربخش ڀٽو، ممتاز علي ڀٽو، منورالاسلام، زال منورالاسلام ۽ پرويز علي ڀٽو 2 ۽ 3 اپريل 1979ع تي راولپنڊي ۾ موجود ھئا، ۽ انھن کي 3 اپريل تي ٻنپھرن کان پوءِ ڀُٽي صاحب سان آخري ملاقات ڪرڻي ھئي. تنھنڪري جيل اختيارين کي حُڪم ملي چڪو ھو ۽ اُن جو بندوبست به ڪيو ويو ھو، پر جيئن بيگم ڀُٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي ملاقات ختم ٿي، ته حڪومت طرفان اِھو نياپو مليو، ته ڀُٽي صاحب سان ھاڻي ڪنھن ٻئي مائٽ جي ملاقات نه ڪرائي ويندي. شايد حڪومت، ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ جي خبر کي ڳُجھو رکڻ چاھيو پئي ۽ جيڪڏھن انھن مائٽن جي آخري ملاقات ڀُٽي صاحب سان ڪرائي وڃي ھا، ته اُھي جيل کان ٻاھر نڪري اُھا خبر ڦھلائين ھا.

محترم ڀُٽي کي ڦاهيءَ جي سرڪاري ڄاڻُ

سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حُڪم موجب ھيٺ ڄاڻايل عملدارن کي 3 اپريل تي شام ڇھين وڳي محترم ڀُٽي جي ڪوٺيءَ ۾ وڃي کيس ڦاھيءَ جي ڄاڻُ ڏيڻي ھئي.

جيل سپرنٽينڊنٽ يارمحمد

سيڪيورٽي بٽالين ڪمانڊر، ليفٽيننٽ ڪرنل رفيع الدين

مئجسٽريٽ درجو پھريون، محترم بشير احمد خان

جيل ڊاڪٽر، محترم صغير حُسين شاھ

اُھا جماعت شام ڇھين لڳي پنجن منٽن تي جنھن مھل سيڪيورٽي وارڊ ۾ ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿي، ته ھُو گَدي تي ليٽيل ھو، جيڪو ڪوٺيءَ ۾ فرش تي اُتر کان ڏکڻ ڏانھن وڇايل ھو. ھُن جو ڪنڌُ ۽ ڪُلھا ڪوٺيءَ جي اُترئين ديوار سان آرام واريءَ حالت ۾ ھئا. سپرنٽنڊنٽ جيل يارمحمد، ڀُٽي صاحب کي اُھو حُڪم پڙھي ٻُڌايو.

’توھان محترم ذوالفقار علي ڀُٽي کي لاھور ھاءِ ڪورٽ 18 مارچ 1978ع تي نواب محمد احمد خان جي قتل جي ڏوھ ۾ ڦاھيءَ جي سزا ٻُڌائي ھئي. توھان جي اپيل سُپريم ڪورٽ پاڪستان 6 فيبروري 1979ع تي نامنظور ڪئي ۽ نظرثاني درخواست کي به 24 مارچ 1979ع تي نامنظور ڪيو ويو. پاڪستان جي صدر اُن مقدمي ۾ چُراند نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، تنھنڪري توھان کي ھاڻي ڦاھي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آھي.

جيل سُپرنٽينڊنٽ جڏھن اُھو حُڪم پئي ٻُڌايو، ته ڀُٽو صاحب ساڳئيءَ طريقي سان ڪنھن گھٻراھٽ يا پريشانيءَ بغير ليٽيل ئي رھيو. بلڪ ھُن جي جسم ۽ چھري تي ڪُوملتا ۽ مُرڪ نروار ٿي. اُن وقت آئون ھُن جي پيرن سان لڳ اُلھندي پاسي ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ سندس پيرن جي اوڀرندي طرف بيٺل ھو. ڀُٽي صاحب جنھن ٿڌي دل سان پنھنجي ڦاھيءَ جي خبر ٻُڌي، تنھن تي آئون نه رڳو اچرج ۾ پئجي ويس، بلڪ منھنجي ضمير مون سان بغاوت به پئي ڪئي. مون پنھنجي پاڻُ کي چيو پئي، ته اسان اُن اڳواڻ کي ڦاھي پيا ڏيون، جيڪو پنھنجي موت جي خبر کي ايڏي ٿڌي دل ۽ لاپرواھيءَ سان ٻُڌي پيو. مونکي پنھنجي اندران آواز ٻُڌڻ ۾ پئي آيو، ته ھِن شخص جو موت، اسان جي قوم ۽ مُلڪ لاءِ سڀ کان وڏو الميو ثابت ٿيندو. مون شايد زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو پاڻُ تي ھر قسم جو ضابطو ختم ٿيندي پئي ڀانئيو. ڀُٽي صاحب جيل سپرنٽينڊنٽ جي اکين ۾ گھُوريندي حاڪماڻي انداز ۾ انگريزيءَ ۾ چيو، جنھن جو ترجمو ھيٺ ڏجي ٿو:

’ڦاھيءَ کان چوويھ ڪلاڪ اڳ مُختيار ۽ پڪي ٺوس حُڪم ذريعي مونکي ٻُڌائڻ گھُربو ھو، پر ايئن نه ڪيو ويو. جڏھن ته جنھن وقت اڄ ساڍي يارھين وڳي منھجي ڌيءَ ۽ گھرواري مون سان ملڻ آيون، ته کين به اُن ڳالھ جو پتو نه ھو. مون جيل سپرنٽينڊنٽ کي گھُرايو ۽ کيس ضروري وضاحت لاءِ چيم، تڏھن ھُن مونکي غير مشروط طور ٻُڌايو، ته منھنجي ڦاھيءَ جو حُڪم کيس ملي چُڪو آھي، جيڪو وٽس موجود آھي. ھُن مونکي اِھو به ٻُڌايو، ته منھنجا ٻيا مائٽ، جن ۾ منھنجي ڀيڻ منورالسلام ۽ سئوٽ ممتاز علي ڀُٽو، منھنجي گھرواري ۽ ڌيءَ جي وڃڻ کان پوءِ مون سان ملندا. ھُن مونکي اِھو به ٻُڌايو، ته ملاقاتين کان پوءِ ھُو پاڻُ ٻنپھرن جو ھڪ لڳي پنجاھ منٽن تي منھنجي وصيت کڻي ايندو. گڏوگڏ منھنجي ڦاھيءَ جو لکيل حُڪم مونکي اڃا تائين نه ڏيکاريو ويو آھي. آئون پنھنجن وڪيلن سان تُرت ملڻ گھُران ٿو. منھنجي ٻين مائٽن کي مون سان ملڻ جي اجازت ڏيڻ گھُربي ھئي. منھنجي ڏندن ۾ ڏاڍو سُور آھي ۽ آئون پنھنجي ڊاڪٽر محترم ظفر نيازيءَ سان ھڪدم ملڻ گھُران ٿو.

ڀُٽي صاحب جي انھن ڳالھين کان ھڪدم پوءِ مئجسٽريٽ درجو پھريون محترم بشير احمد خان پنھنجي سُڃاڻپ ڪرائي ۽ ڀُٽي صاحب کي چيائين، ته جيڪڏھن ھُو چاھي، ته پنھنجي وصيت لکي سگھي ٿو، جنھن لاءِ ڪاغذ، پين وغيره به ڏنا ويندا. ھتي جيل سپرنٽينڊنٽ جو سرڪاري نياپو ختم ٿيو ۽ جماعت وڃڻ لڳي. منھنجي اُن وقت عجيب حالت ھئي. آئون ٿورڙو وائڙو ھوس، ايئن پئي ڀانيم، ڄڻ آئون پٿر بڻجي ويو ھُجان. ايتري ۾ ڀُٽو صاحب اُٿيو ۽ پھرين وِک سان ھُو ئي ٿِڙيو. مون ھُن کي ٻانھن مان جھلي کيس سھارو ڏنو. اوڏيءَ مھل ھُو چوڻ لڳو: منھنجي پيٽ ۾ ڏاڍُو سُور آھي.

ھُن جيئن پنھنجي پاڻُ کي سنڀاليو، ته چوڻ لڳو: رفيع، آئون ٺيڪ آھيان. مون ھُن کي چيو: توھان جي ھمت فولادي ته ٿي سگھي ٿي، پر سَرير کي سگھ لاءِ کاڌو اؤس گھُرجي. توھان ڪيترن ڏينھن کان ڪجھ به نه کاڌو آھي. جنھن تي ھُن مُنھنجي پُٺي ٺَپري. ھُن ڏاڍي ھمت ڏيکاري. ھُو تنھن وقت مُرڪيو پئي. اوتريءَ دير ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ کي، جيڪو ڪوٺيءَ کان ٻاھر نڪري چڪو ھو، ھڪ وارڊر ٻُڌايو، ته ھُن لاءِ ٽيليفون ڪال آھي. (اُھو ٽيليفون ڊيوٽي آفيسر ۽ جيل جي آفيس تائين محدود ھو.) ڊاڪٽر ۽ مئجسٽريٽ به چوڌري يارمحمد پُٺيان ڪوٺيءَ مان ٻاھر ھليا ويا ھئا. ڀُٽي صاحب مُشقتي عبدالرحمان کي سڏ ڪيو، جيڪو ھڪدم ڪوٺيءَ ۾ آيو. ڀُٽي صاحب ھُن کي گرم پاڻي آڻڻ لاءِ چيو، ۽ چوڻ لڳو: آئون ڏاڙھي ٺاھڻ چاھيان ٿو. (ڊگھي بُک ھڙتال دؤران ھُن ڏاڙھي ٺاھڻ ڇڏي ڏني ھئي.) پوءِ چيائين: آئون واھيات مُلو نه آھيان، جو اھڙيءَ حالت ۾ اللھ تعاليٰ سامھون وڃان. ڀُٽي صاحب، مُشقتيءَ کي گرم پاڻي آڻڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ مون ڏانھن ڌيان ڏيندي چيائين: رفيع، ھيءَ ڪھڙو ناٽڪ رَچايو پيو وڃي؟

مُنھنجي ڪجھ گھڙين جي ماٺ کان پوءِ وري ھُن چيو: رفيع، ھي ڪھڙو ناٽڪ رَچايو پيو وڃي؟ مون جواب ڏنو: سائين، مون ڀلا ڪڏھن توھان سان ڪو ڀوڳ ڪيو آھي؟ ھُن ھڪدم چيو: تنھنجو ڇا مطلب آھي؟ وري ورجايائين: تنھنجو مطلب ڪھڙو آھي؟ مون وراڻيو: سائين، آخري حُڪم ملي ويو آھي، اڄ توھان کي ڦاھي ڏني پئي وڃي.

محترم ڀُٽي ۾ پھريون ڀيرو مون ڀَؤ ۽ اچرج جا آثار ڏٺا. ھُن تيزيءَ سان پنھنجو ھٿ لوڏيندي چيو: بس ختم، بس ختم.

مون جواب ڏنو: جي سائين.

ڀُٽي صاحب جون اکيون ڊَپُ ۽ گھٻراھٽ سان ڄڻ ڦاٽي پيون ھُجن. ھُن جي مُک تي پيلاڻ ۽ ساڻائي پڌري ٿي، جيڪا مون اڳ ۾ ڪڏھن به نه ڏٺي ھئي. آئون اُن حالت کي صحيح ڄاڻائي نٿو سگھان.

ھُن چيو: ڪنھن وقت؟ ۽ پوءِ چيائين: اڄ؟ مون پنھنجي ھٿن جون ست آڱريون ھُن جي سامھون ايئن ڪيون، جيئن ڪو جمپ ماسٽر پيراشوٽ ڇال ڏيڻ کان اڳ ھٿن سان وقت ٻُڌائي ٿو.

ھُن چيو: ستن ڏينھن کان پوءِ.

مون سندس ويجھو وڃي ڀُڻڪيو: سائين، ڪلاڪ.

ھُن چيو: اڄ رات ستن ڪلاڪن کان پوءِ. مون پنھنجو ڪنڌُ لوڏيندي ھا ۾ جواب ڏنو.

ڀُٽي صاحب کي جڏھن پنڊي جيل ۾ آندو ويو، تنھن وقت ھُو سگھارو ۽ اَڏول بڻيل ھو، پر اُن مھل ھُو بلڪل ٿڪل، وياڪل ۽ ساڻُائيءَ ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيو، جنھن ڳالھ مونکي جيون جي سچائيءَ سان مُکاميلو ڪرايو.

ڪجھ گھڙين جي وِٿيءَ کان پوءِ ھُن چيو: رفيع، بس! مون پنھنجو ڪنڌُ لوڏيندي ھا جو اشارو ڪيو.

ڪجھ گھڙين جي ماٺار کان پوءِ مون ڀُٽي صاحب کي ٻُڌايو، ته بيگم نُصرت ڀُٽي ۽ محترمه بينظير ساڻس پڇاڙڪي ملاقات کان پوءِ مون سان ملاقات ڪئي ھئي، ۽ مون ھُنن جي اپيل جنرل ضياءَالحق صاحب تائين پھچائڻ ۾ پنھنجو ڪردار نڀايو. اُن دؤران ڀُٽو صاحب مونکي گھٻراھٽ ۾ ويتر ھِيڻو ڏسڻ ۾ آيو. مون ھُن کي سھارو ڏيئي ڪوٺيءَ ۾ پيل ڪُرسيءَ تي ويھارڻ چاھيو. ھُن ويھڻ مھل مونکي اشارو ڪيو، ته ھُن بجاءِ آئون ويھان، پر مون ھُن کي زبردستي ڪُرسيءَ تي ويھاريو ۽ ويجھو ڪُنڊ ۾ پيل ڪموڊ جي ڍَڪڻ کي مٿان بند ڪري اُن کي کنيم ۽ ھُن جي ڪُرسيءَ سامھون رکي مٿس ويھي رھيس ۽ بيگمن جي اپيل جو قصو ھُن کي ٻُڌايم ۽ اُميد ڪيم، ته شايد بيگم صاحب ھيستائين جنرل ضياءَالحق صاحب سان ملي چُڪي ھوندي ۽ اُميد ڪريان ٿو، ته اللھ ڪا سُٺي حالت پيدا ڪري. بھرحال مون پنھنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي آھي. محترم ڀُٽو جذبن پٽاندر پنھنجيءَ ڪُرسيءَ تان اڳتي وڌيو ۽ مونکي پنھنجي ڀاڪرُ ۾ ورتائين ۽ چيائين: تون بھادر آھين، ڪاش آئون توکي اڳ ۾ ڄاڻان ھا. اُن حالت ۾ مون ھُن جي سَرير ۾ ھلڪي ڏَڪڻي کي ڀانيو، پر ھُن جي گھٻراھٽ گھڻي گھٽجي چُڪي ھئي ۽ مون کيس اٽڪل رواجي حالت ۾ ڏٺو.

ٿوري وِٿيءَ کان پوءِ ڀُڻڪندي چيائين: منھنجي وڪيلن ھن مقدمي کي خراب ڪيو آھي. يحييٰ بختيار منھنجي ڦاھيءَ جو ذميدار آھي. ھُو مونکي غلط ٻُڌائيندو رھيو. ھُن اِن مقدمي جو ٻيڙو ٻوڙيو آھي. ھُن سدائين دوکو ڏنو.

پوءِ چوڻ لڳو: منھنجي پارٽيءَ کي مُئل ڀُٽي جي گھُرج ھئي، جيئري ڀُٽي جي نه. جڏھن آئون ڏُکارو ٿيس، ته ھُن منھنجا ھٿُ جھلي چيو: مونکي ڏُک آھي، جو منھنجي وڪيلن جو ورتاءُ توھان سان سُٺو نه ھو. مون ھڪدم چيو: نه سائين، ھنن مون سان ڪا زيادتي نه ڪئي. ھُن وراڻيو: عبدالحفيظ پيرزادي ۽ يحييٰ بختيار تنھنجي خلاف پريس ۾ بيانَ ڏنا. مون جواب ۾ وراڻيو: مون کان ڪابه پُڇا ڳاڇا نه ٿي، تنھنڪري توھان اُن ڳالھ تي ھرگز نه ويچاريو.

ھُن منھنجي سٻاجھائپ ۽ ساڻس سدائين سُٺي ورتاءُ تي ٿورو مڃيو. مون به ھُن جو ٿورو مڃيندي کيس ياد ڏياريو، ته ھُو پنھنجي وصيت لکڻ شروع ڪري. ھُن چاھيو پئي، ته آئون وٽس ويھان، پر مونکي سخت ھدايتون ملي چُڪيون ھيون، ته ھُن سان اڪيلو نه ملان. جيتوڻيڪ ھُن سان ٿورڙو وڌيڪ وقت گھارڻ ڏاڍو لاڀائتو ٿئي ھا ۽ آئون گھڻو ڪجھ اُن نازڪ گھڙيءَ ۾ ٻُڌي سگھان ھا. اوڏيءَ مھل ھڪ وارڊر ڪجھ ڪاغذ ۽ ڪجھ لکڻ جو سامان کڻي اندر آيو ۽ آئون نه چاھيندي به ھُن جي مرضيءَ جي اُبتڙ ڪوٺيءَ مان ٻاھر نڪري آيس.

جيئن ته آئون اڳ ۾ به ڪيئي ڀيرا لکي چُڪو آھيان، ته ڀُٽي صاحب کي ڪڏھن به ڦاھيءَ جي ڦندي تائين وڃڻ جو ويچار به نه آيو ھو ۽ ھُو اُن مقدمي کي سدائين ھڪ سياسي ناٽڪ ئي سمجھندو رھيو. 3 اپريل تي ھُن جي گھرواري ۽ سندس ڌيءَ کي پتو پئجي ويو ھو، ته حڪومت ھُن کي ڦاھي ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪي آھي، پر ڀُٽي صاحب کي اڃا تائين سڀ ڪجھ ڏيکاءُ ئي ڀانئڻ ۾ پئي آيو، ڇوته جيل اختيارين طرفان ڦاھي ڏيڻ کان ست ڏينھن اڳ ھُن کي سرڪاري ڄاڻُ نه ڏني وئي ھئي. بيگمن جي انٽرويو مھل ڀُٽي صاحب جڏھن جيل سپرنٽينڊنٽ کي پاڻُ وٽ گھُرايو ۽ پُڇيائين، ته مون سان منھنجي ٻين مائٽن جي ملاقات ڪڏھن ٿيڻي آھي، ته کيس ٻُڌايو ويو، ته بيگمن جي ملاقات کان پوءِ ٿيندي. جيل سپرنٽينڊنٽ اِھو به ٻُڌايو ھو، ته ٻه وڳي ٻنپھرن ڌاري ھو ھُن کان وصيت لکرائڻ لاءِ ايندو. جڏھن ھُن پنھنجي ڦاھيءَ جي حُڪم بابت پُڇيو، تڏھن به کيس اِھو ٻُڌايو ويو ھو، ته لکيل حُڪم جيل سپرنٽينڊنٽ کي ملي چُڪو آھي، جيڪو ھُن جي زال کي ملاقات ختم ٿيڻ کانپوءِ ڏيکاريو ويندو.

نيٺ،  شام جو ڇھين بجي کان ھڪدم پوءِ سرڪاري اختيارين ھُن کي سرڪاري طور سڀ ڪجھ ٻُڌائي ڇڏيو، تڏھن به کيس ڪجھ شڪ ضرور ٿيو ھوندو. پر جڏھن ھُن مون کان اڪيلائيءَ ۾ پُڇيو، ته ھيءَ ڪھڙو ناٽڪ رَچايو پيو وڃي ۽ موٽ ۾ مون کُليو ٻُڌايو، ته ھاڻي ڪنھن به شڪ جي ڪا گُنجائش نه آھي، تڏھن آئون ڀانيان ته ھُن جو مون تي پُورو ڀروسو ھئڻ سبب ھُن پاڻُ کي موت آڏو موجود ڏٺو ھو. آئون سمجھان ٿو، ته نيٺ ڀُٽو صاحب به ماڻھو ئي ھو، سو موت کي سامھون ٿيڻ مھل گھٻراھٽ فطري ڳالھ آھي. سرڪاري عملدارن ۽ منھنجي طرفان ڪوٺيءَ مان وڃڻ کان پوءِ ھُن ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ خواجا غلام رسول، جنھن کي مون سياڻو، ڳنڀير ۽ ڏاھو جيل عملدار ٿي ڄاتو، جي نگرانيءَ ۾ شام ستين لڳي پنجن منٽن تي ڏاڙھي ٺاھي. ڏاڙھي ٺاھڻ مھل ھُن ڊپٽيءَ سان ھيٺيون ڳالھيون ڪيون:

محترم ڀُٽو صاحب: ڊپٽي صاحب، توھان ماڻھن کي اھڙو اڳواڻ ڪٿي نه ملندو. پر توھان کي اھڙن ماڻھن جي گھُرج ئي نه آھي، گھُرج ته غريبن کي ھئي. آئون موچي دروازي ۾ موچين آڏو تقريرون ڪندو ھوس، ڇوته آئون پاڻُ موچي آھيان. توھان غريب ماڻھن کان سندن اڳواڻ ڦُريو پيا. آئون انقلابي آھيان- غريبن جو حامي. يار مونکي مارڻو ئي ھو، ته پوءِ ٻن ورھين تائين ايڏو ھلاڪ ڇو ٿيا آھيو. منھنجي اھڙي عزت ڇو نه ڪئي، جيڪا سڄي دُنيا ۾ آھي. مونکي ڪنھن ريسٽ ھائوس يا ڪنھن ڪوٺيءَ ۾ رکو ھا ۽ عزت سان ماري ڇڏيو ھا. اڄ اسلامي ڪانفرنس جي چيئرمين کي، جنھن کي سڄي دُنيا جي مسلمانن چونڊيو آھي، پنھنجي مرضيءَ سان ڏاڙھي ٺاھڻ جي به اجازت نه آھي. گڏُ بيٺو آھين، ته متان آئون بليڊ سان پاڻُ کي چَھڪُ نه ڏيان. ٻي ڳالھ، ھا توکي يار مون ڏاڍو تنگ ڪيو آھي. مونکي معاف ڪجانءِ. ٻين ڏوھارين کان ڪُوڙ، بڪواس ڪرائي، مونکي ڦاھي جي ڦندي تي چڙھائڻ گھُرو ٿا، ۽ وري اُنھن ڏوھارين کي ڇڏڻ چاھيو ٿا.

پوءِ ھُن ٻاھر بيٺل سپاھيءَ کي گھُرايو ۽ ڊپٽي صاحب کي چيائين: منھنجي مرڻ کان پوءِ ھيءَ گھڙي ھِن سپاھي کي ڏئي ڇڏجانءِ. ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جواب ڏنو: ٺيڪ آھي سائين. (اُن وقت فوج جو گارڊ به اچي چڪو ھو، ۽ اھو جوان حوالدار مھدي خان 27 پنجاب جو ھو.)

شام جو اَٺ لڳي پنجن منٽن تي جڏھن مُشقتي عبدالرحمان، ڀُٽي صاحب جي چوڻ تي کيس ڪافيءَ جو ڪوپ ٺاھي ڏنو، ته ڀُٽي صاحب جي اکين ۾ مان ڳوڙھا لڙي پيا، ۽ ھُن مُشقتيءَ کي چيو: رحمان، مون کان ڪا غلطي ٿي ھُجي، ته مونکي معاف ڪجانءِ. ڦاھيءَ ته ضرور ملڻي آھي، سو اڄوڪي منھنجي پڇاڙڪي رات تو سان گڏ گھارڻي آھي. آئون رُڳو ڪجھ ڪلاڪن لاءِ تنھنجو مھمان آھيان.

ڀُٽو صاحب اٺ لڳي پندرھن منٽن کان نَوَ لڳي چاليھن منٽن تائين پنھنجي وصيت لکندو رھيو. پوءِ ھُو اٽڪل ڏھ منٽ (نَو لڳي چاليھن منٽن کان نَو لڳي پنجاھ منٽن تائين) ٽيبل تي شيشو، ڦَڻِي، وارن جو بُرش، تيل جي بوتل ۽ مُصلو، ويھاڻو وڇائي اُن مٿان رکندو ۽ کين ھٽائيندو رھيو.

ھُن پوءِ نَو لڳي پنجونجاھ منٽن تائين پنھنجا ڏند بُرش سان اُجرا ڪيا، ھَٿُ مُنھن ڌوتا، ۽ ڦَڻيءَ سان وارن کي سنواريائين.

پوءِ اٽڪل پنجن منٽن تائين سِگار ۽ ڪجھ سڙيل ڪاغذن جي رَک کي ھڪ ڪاغذ سان صاف ڪندو رھيو.

ٻيھر رات جو ڏھ لڳي ڏھن منٽن کان يارھن لڳي پنجن منٽن تائين لکندو رھيو. پوءِ ھُن سمورن لکيل ڪاغذن کي، مَھٽي، نِپوڙي ساڙي ڇڏيو. سڙيل ڪاغذن جي رَک سڄي ڪوٺيءَ ۾ ڦھلجي ويئي. ھُن مُشقتي عبدالرحمان کي گھُرايو ۽ کيس ڪوٺيءَ جي صفائيءَ لاءِ چيائين. ھُن سپاھيءَ کان پُڇيو: ڪيترو وقت بچيو ويو آھي. سپاھي جواب ڏنو: سائين، اڃا گھڻو وقت آھي. چوڻ لڳو: ڪيترو؟ ھڪ ڪلاڪ.... ٻه ڪلاڪ... پر سپاھي ماٺ رھيو. پوءِ پاڻُ ئي چيائين: ٻه ڪلاڪ سُمھي سگھان ٿو. سپاھي وراڻيو: جي سائين. پوءِ چيائين: ڀلا وچ ۾ جاڳائيندين ته نه.

يارھن لڳي ڏھن منٽن تي ڪوٺي کولي وئي ۽ مُشقتي عبدالرحمان اندر ويو ۽ بُرش سان فرش صاف ڪيائين ۽ سڄي رَک ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين. پوءِ ڪوٺي بند ٿي ۽ ڀُٽو صاحب سانت سان ليٽي پيو.

يارھن لڳي پنجويھن منٽن تي چيائين: آئون ڪوشش ڪريان ٿو، ته ٿوري دير سُمھي وٺان، ڇوته آئون ڪالھ رات به نه سُتو ھوس. ھونئن مونکي پتو آھي، ته توھان مونکي ٻارھين وڳي جاڳائيندا. ڪجھ گھڙيون ليٽڻ کان پوءِ ھُن صنم، صنم سڏيو.

يارھن لڳي پنجاھ منٽن تي اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ مجيد احمد قريشي ۽ ڪاظم حُسين بلوچ آيا. ھُنن ٻاھران ئي ڀُٽي صاحب کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھُو نه جاڳيو. محترم قريشي جيل آفيس ۾ ٽيليفون ڪري پُڇيو، ته ڇا ڪيو وڃي. ھُنن کي ٻُڌايو ويو، ته ڪوٺي کولي، اندر وڃي، ڀُٽي صاحب کي جاڳايو وڃي. محترم قريشي ڪوٺي کولي اندر ڀُٽي صاحب کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھُن ڪوبه جواب نه ڏنو. محترم قريشي ٽيليفون تي آفيس ۾ ڄاڻُ ڏني، ته ڀُٽو صاحب ڪو جواب نه پيو ڏئي، ڄڻ ھُو بيھوش ھُجي. مونکي اُن ڄاڻُ تي ڪافي ڳڻتي ٿي، ڇوته منھنجن فرضن مان ھڪڙو فرض اِھو به ھو، ڀُٽو صاحب ڪنھن به حالت ۾ آپگھات نه ڪري.

رات جو ٻارھن ٿيڻ کان ھڪ منٽ اڳ آئون جيل سپرنٽينڊنٽ، جيل ڊاڪٽر ۽ مئجسٽريٽ کي وٺي سيڪيورٽي وارڊ جي ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿيس. ڀُٽو صاحب ڪوٺيءَ ۾ بستري تي اُتر- ڏکڻ کاٻي پاسي ليٽيل ھو ۽ سندس مُنھن ڪوٺيءَ جي دروازي طرف ھو. جڏھن ڪوٺيءَ جو تالو کوليو پئي ويو، ته چوڌري يار محمد ۽ جيل ڊاڪٽر جي چوڻ موجب ھُنن ڏٺو، ته ڀُٽي صاحب پنھنجي ھڪڙي اک کولي اسان سڀني کي ڏٺو ۽ پوءِ وري اک بند ڪري ڇڏي ھئي. مون ۽ چوڌري يار محمد اندر داخل ٿي، ڪيئي ڀيرا ڀُٽو صاحب جو نالو وٺي کيس سڏيو، پر ھُن ڪا وراڻي نه ڏني. مون جيل ڊاڪٽر صغير حسين شاھ کي چيو، ته ھُو ڀُٽي صاحب کي تپاسي. ڊاڪٽر ڀُٽي صاحب جي رڳ ڏٺي ۽ پوءِ اسٽيٿوسڪوپ سان ھُن جي ڇاتيءَ جو معائنو ڪيو ۽ سندس اکين کي ڏسي اُٿي بيٺو، ۽ مونکي ڪَن ۾ ٻُڌايائين، ته ڀُٽو صاحب ٺيڪ آھي. مون ڀُٽي صاحب کي وري آواز ڏنو، پر ھُن ڪو جواب نه ڏنو. مون ھُن تي ٿورو جھُڪي سندس ڪُلھي کي لوڏيو ۽ کيس وري سڏ ڪيم، پر ڪا موٽ نه ملي. مون ڊاڪٽر کي وري کيس ٻيھر تپاسڻ جو چيو. ڊاڪٽر ھڪ ڀيرو وري ھُن جي رڳ ۽ ڇاتيءَ جو معائنو ڪيو ۽ اُٿي منھنجي ڪَن ۾ ڀُڻڪندي چيائين: ھُو بلڪل ٺيڪ آھي. مون ڊاڪٽر کي ڪوٺيءَ مان ٻاھر سڏايو ۽ دالان ۾ کانئس پُڇيو: ڀُٽو صاحب جواب ڇو نه پيو ڏئي؟ ڊاڪٽر مونکي پڪ ڏني، ته ڀُٽو صاحب بلڪل ٺيڪ آھي ۽ آئون ڳڻتي نه ڪريان. پوءِ چوڌري يارمحمد مونکي ٻُڌايو: جڏھن دروازي جو تالو کوليو پئي ويو، ته ڀُٽي صاحب ھڪ اک کولي اسان سڀني کي ڏٺو ھو ۽ پوءِ اک بند ڪري ڇڏي ھئي. ھُو اجايو مڪر پيو ڪري ۽ بلڪل ٺيڪ آھي. ڊاڪٽر به جيل سپرنٽينڊنٽ جيان ٻُڌايو: ھُن به ڀُٽي صاحب جي ھڪ اکُ کليل ۽ بند ٿيندي ڏٺي ھئي. ھُن جو دل، رَڳ ۽ اکين جون پُتليون بلڪل ٺيڪ آھي ۽ ھُو اِھو سڀ ڪجھ مڪر طور پيو ڪري. مون ڊاڪٽر کي ڄاڻايو: جيڪڏھن ڀُٽي صاحب کي ڪجھ ٿيو، ته اُن ڳالھ جو ھُو ذميدار ھوندو. ۽ ھُن کي فوجي طريقي سان حُڪم ڏنم، ته ھُو ڀُٽي صاحب کي وري تپاسي. ڊاڪٽر صاحب منھنجي چوڻ تي ٽيون ڀيرو ڀُٽي صاحب کي تپاسيو ۽ دالان ۾ اچي مونکي ٻُڌايائين: ڪرنل صاحب، توھان ڳڻتي نه ڪريو. ڀُٽو صاحب بلڪل ٺيڪ آھي ۽ ھُو ڄاڻي ٻُجھي ايئن پيو ڪري. مون ڊاڪٽر، محترم قريشي ۽ محترم بلوچ کي سيڪيورٽي وارڊ ۾ ئي رھڻ ڏنو ۽ اسان واپس آفيس آياسين. ايندي ئي مون ڊاڪٽر صاحب کي وري چيو، ته ڪجھ منٽن کان پوءِ ھُو ڀُٽي صاحب کي وري تپاسي.

رات جو ھڪ لڳي ڏھن منٽن تي ڀُٽو صاحب پاڻُ اُٿي ويٺو. محترم قريشي ھُن کي ٻُڌايو، ته وھنجڻ لاءِ گرم پاڻي موجود آھي، پر ڀُٽي صاحب جواب ڏنو، ته ھاڻي ھُو وھنجڻ نٿو چاھي.

ڀُٽي کي ڦاهي

حُڪم موجب ڀُٽي صاحب کي 4/3 اپريل 1979ع جي وچ واريءَ رات جو ٻه وڳي، انسپيڪٽر جنرل جيل جي موجودگيءَ ۾ ڦاھي ڏيڻي ھئي. انسپيڪٽر جنرل جيل چوڌري نظير اختر راولپنڊي جيل ۾ 3 اپريل تي صبح کان موجود ھو. ھُو پھرين اپريل جي شام جو راولپنڊي کان آيو ھو. ڀُٽي صاحب جي ڊگھي بُک ھڙتال، جنھن تي اڳ ۾ آئون لکي چڪو آھيان، سبب ھُن جي جسماني حالت ڏسي ھڪڙي ڏولي به گھُرائي وئي ھئي، ته جيڪڏھن ھُو ڦاھي گھاٽ تائين پنڌُ ڪري نه وڃي سگھي، ته ھُن کي اُن تي ليٽائي کنيو ويندو. ڪجھ ٻرندڙ گولن جو به بندوبست ڪيو ويو ھو، ڇوته اُن رات آڪاش ۾ گھاٽا ڪڪر به موجود ھئا، ۽ رات چڱي انڌاري ھئي. ھيٺ ڄاڻايل عملدار رات جو ھڪ لڳي پنجٽيھن منٽن تي سيڪيورٽي وارڊ ۾ ويا:

سپرنٽينڊنٽ جيل چوڌري يارمحمد

ڪمانڊر سيڪيورٽي فورس ليفٽيننٽ ڪرنل رفيع الدين

مئجسٽريٽ درجو پھريون ڊسٽرڪٽ ڪورٽ راولپنڊي بشير احمد خان

راولپنڊي جيل ڊاڪٽر صغير حُسين شاھ

ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل خواجا غلام رسول

جڏھن ته اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ جيل مجيد احمد قريشي، ڪاظم حُسين بلوچ، محابت خان ۽ سپرنٽينڊنٽ جيل جي چونڊ موجب ڪجھ وارڊر به سيڪيورٽي وارڊ جي دالان تائين مٿي ڄاڻايل عملدارن پويان ويا. انسپيڪٽر جنرل جيل چوڌري نظير اختر آفيس مان سِڌو موت جي کوھ ڏانھن ھليو ويو. سيڪيورٽي وارڊ، ڦاھي گھاٽ ۽ اُن جي وچئين رستي تي فوج جا واڌُو گارڊ به مقرر ڪيا ويا ھئا.

مٿي ڄاڻايل پارٽي ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾ وئي. ڀُٽو صاحب بستري تي ليٽيل ھو ۽ جاڳيو پئي. مئجسٽريٽ محترم بشير احمد خان، ڀُٽي صاحب کان پُڇيو: ڇا ھُو ڪا وصيت لکيت ۾ ڏيڻ چاھي ٿو. پر ڀُٽو صاحب بلڪل ماٺ رھيو. ڀُٽي صاحب جو رنگ بلڪل ڦِڪو ۽ پيلو ٿي ويو ھو ۽ ھُو جسماني طور ساڻائپ ۾ ھو. ھُن جو آواز جھِيڻو ۽ ڪِنجھندڙ ھو، تنھنڪري چِٽو ٻُڌڻ ۾ نه پئي آيو. ھُن ڪوشش ڪري چيو:

’مون... ڪوشش... ڪئي... پر.... منھنجا.... ويچار.... ايترا... وِکريل... ھئا.... جو آئون... لکي.... نه.... سگھيس.... مون... اُن.... کي... ساڙي... ڇڏيو.

مون ويجھو وڃي ڀُٽي صاحب کي چيو: سائين توھان پاڻُ پنڌ ڪري ھلندا، يا توھان کي اسان کڻي ھلون. ھُن مونکي ڪا ورندي نه ھئي، بلڪ منھنجي اکين ۾ گھوريندو رھيو. ڪجھ گھڙين کان پوءِ مون اُن ساڳئي جملي کي ورجايو. ھُو مونکي ساڳيءَ ريت گھوريندو رھيو ۽ پوءِ چيائين: مونکي... ڏُک... آھي. (ھُن ڪجھ چيو، پر اسان مان ڪوبه ڪجھ نه سمجھي سگھيو.)

مون اڳتي وڌي مٿس جھُڪي چيو: معاف ڪيو، آئون توھان جي ڳالھ سمجھي نه سگھيس. ھُن به ساڳيو جملو ورجايو، پر آئون پڇاڙڪا ھڪ ٻه لفظ پوءِ به سمجھي نه سگھيس. آئون ھُن جي چھري تي پوريءَ طرح جھُڪي ويس، ۽ وري کيس چيم: معاف ڪجو، آئون توھان جي ڳالھ کي سمجھي نه سگھيس.

ھُن ڏاڍي ھيڻائپ ۽ اَٽڪندي چيو: مونکي ڏُک آھي، منھنجي گھرواري ھتي موجود نه آھي.

اُھا اَٿاھ ڳڻتي، ويڳاڻپ ۽ ھيانءُ ڏاريندڙ حالت ھئي. آئون ڀُٽي صاحب جي جواب سان ماٺ ٿي ويس. شايد ھُن اُھو چوڻ پئي چيو، ته ھُو پنڌُ ھلي نٿو سگھي، پر ھُن اھو ھرگز نه پئي چاھيو، ته کيس ٽنگوٽالي ڪري کنيو وڃي. شايد ھُن اُھو سوچيو پئي، ته جيڪڏھن سندس گھرواريءَ اُتي موجود ھُجي ھا، ته ھوءَ کيس سھارو ڏيئي ھلي ھا.

آئون ھُن جي اُن ڏنل جواب سان بلڪل ساڻُو ۽ بيوس بڻجي ويس.

مئجسٽريٽ ٻيھر اڳتي وڌي ڀُٽي صاحب کان پُڇيو، ته توھان ڪجھ وصيت ڪرڻ چاھيو ٿا. پر ھُو ماٺ رھيو. مئجسٽريٽ ٻيھر پُڇيو، ڇا توھان وصيت لکرائڻ چاھيو ٿا. ھُن جواب ڏنو: ھا... آئون... لکرائڻ... چاھيندس.

اُن گھڙيءَ وقت ختم ٿي چُڪو ھو ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ ھيڊ وارڊر کي حُڪم ڏنو، ته ھُو پنھنجا ماڻھو اندر وٺي اچي ۽ محترم ڀُٽي کي ٽنگوٽالي ڪري ڏوليءَ ۾ کڻن. چار وارڊر اندر داخل ٿيا ۽ ٻن ڄڻن ڀُٽي صاحب جون ٻانھون ۽ ٻن سندن پيرُ ۽ ٽنگون جھلي کيس مٿي کنيو. جڏھن ھُن کي ڏوليءَ ۾ ليٽائڻ لاءِ مٿي کنيو پئي ويو، ته ھُن چيو: مونکي ڇڏيو. جڏھن ڀُٽي صاحب کي ڪوٺيءَ مان ٻاھر ڪڍيو پئي ويو، ته سندس چيلھ اٽڪل فرش سان پئي لڳي. ھُن جي قميص جو پويون چاڪُ، انھن وارڊرن جيڪي کيس ٽنگن مان جھليو بيٺا ھئا، جي پيرن ھيٺ آيو، ته قميص ڦاٽڻ جو آواز آيو. مون اُن قميص جو معائنو ته نه ڪيو، پر شايد اُھا ٻانھُن جي ھيٺ تائين ضرور اُڊيڙجي ويئي ھوندي يعني ٽانڪا کُلي ويا ھوندا. دالان ۾ ھُن کي ڏوليءَ تي ليٽايو ويو. ھُن جي ٻنھي ھٿن ۾ سندس پيٽ سامھون ھٿڪڙي ھنئي وئي. ايتري دير ۾ مُشقتي عبدالرحمان چاءِ جي پيالي کڻي سامھون آيو، جنھن لاءِ ڀُٽي صاحب اسان جي داخل ٿيڻ کان اڳ شايد کيس چيو ھو. آئون اِھو سڀ ڪجھ ڏسي اچرج ۾ ھوس، ته اللھ تعاليٰ جو شان ته ڏسو، جو جيل جي ديوار پارَ وزيراعظم ھائوس ۾ ڀُٽي صاحب جيڪو به چاھيو، سو دُنيا جي ڪنھن به حصي مان ھُن کي ھڪدم گھُرائي ڏنو ويو ۽ وري اڄ ھُن جي اُھا آخري ۽ عام خواھش به پوري نه پئي ٿئي، جو ھُو چاءِ جي پيالي به پي سگھي.

چئني وارڊرن ڏوليءَ کي چئني ڪُنڊن کان سوگھو جھلي کنيو. ڀُٽي صاحب پنھنجو ڪَنڌُ ڪُلھي تي لاڙي مٿي اوچو ته رکيو، پر ھُو ھونئن به بلڪل بيوس رھيو. ھُن جا پير پِيلا ڏسڻ ۾ آيا پئي، ڄڻ جسم ۾ رَت بلڪل گھٽجي ويو ھُجي. ڪوٺيءَ جي اٽڪل ٻه سؤ يا اڍائي سؤ گز ڦاھي گھاٽ تائين ھُو بلڪل ماٺ رھيو ۽ ڪابه چُرپر نه ڪيائين. ڦاھيءَ واري ھنڌ وارڊرن ڏوليءَ کي زمين تي رکيو. ۽ جنھن مھل ٻن ڄڻن ڀُٽي صاحب جي بغلن ھيٺان ھَٿُ ڏيئي سندس واھرُ ڪئي ۽ ته ھُو ڦاھيءَ جي تختي تي سِڌو ٿي بيھي رھيو. آئون ڀُٽي صاحب جي ويجھو ئي رھيس، رُڳو مون پنھنجا پير ڪاٺُ جي ڦَٽي کان بچائي رکيا، پر منھنجا ڪَن ھُن جي چھري کان ھڪ يا ٻه فُٽ ئي پري رھيا. ڀُٽي صاحب جي ھٿن مان ھٿڪڙي ڪڍي، ھُن جون ٻانھون ۽ ھٿ سندس چيلھ پويان جھٽڪي سان ڇِڪي آندا ويا ۽ پوءِ منجھن ھٿڪڙي ھنئي وئي. اُن دؤران تارا مسيح ھُن جي مُک تي ڪارو ڪپَڙو چڙھايو. ھُن کي شايد چھري تي چاڙھيل ڪاري ڪپڙي سبب ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي يا وري ھٿن کي مروڙي جنھن مھل کين چيلھ پويان ھٿڪڙي ھنئي ٿي وئي، ته لوھ جي ھٿڪڙيءَ سان ھُن ڪَرايون دَٻجي ويون ھيون، تنھن سبب کيس تڪليف ٿي، تنھنڪري ھُن چيو: اھو مونکي.... شايد ھُن اِھو چوڻ پئي چاھيو، ته اُن سان کيس تڪليف پئي ٿئي. آئون ھُن جي بلڪل ويجھو ھوس، يعني آئون تختي کان بچائيندي اڳتي ڏانھس ايترو جھُڪيل ھوس، جو سندس وات ۽ منھنجي ڪنن ۾ مس ھڪ- ٻه فٽ جو فاصلو ھوندو، پر آئون ھُن جي آخري ڳالھ پوري ٻُڌي نه سگھيس. ٺيڪ ٻه لڳي چئن منٽن تي، 4 اپريل 1979ع تي جلاد ڦاھيءَ ڏيڻ وارو گھوڙو دَٻايو، ته ڀُٽو صاحب جھٽڪي سان ڦاھيءَ جي کوھ ۾ وڃي ڪِريو. آئون ڏاڪڻين ذريعي لھي ھيٺ کوھ جي کُليل پاسي ويس ۽ ڏٺم، ته ڀُٽي صاحب جو جسم ٿورڙو لُڏيو پئي، جيڪو مٿان کان ھيٺ ڪِرڻ سبب ھو، پر ھُو اُن وقت مُئل حالت ۾ ھو. آئون انسپيڪٽر جنرل جيل ڀرسان اُنھن ڪُرسين تي اچي ويھي رھيس، جيڪي لٽڪيل لاش جيڪي سامھون رکيل ھيون. مون ڏٺو، ته ڀُٽي صاحب جو ڪنڌُ سندس ڳچيءَ جي کاٻي طرف جھُڪيل ھو، ڇوته ڦاھيءَ جي ڦَندي جو رَسو سندس ساڄي پاسي کان ٿورو مٿي لڳل ھو.

ڀُٽي صاحب جي لاش جو ايئن لٽڪڻ منھنجي لاءِ نه وسارڻ جھڙو منظر آھي. آئون اڄ ڏينھن تائين جنھن به وقت اُن تي ويچاريان ٿو، ته منھنجا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا.

ڪجھ منٽن کان پوءِ مون ڪنھن کي کوھ ۾ ڀُٽي صاحب جي جسم کي لوڏيندي ڀانئيو. مون چوڌري يارمحمد، جيڪو منھنجي ڀرسان ويٺل ھو، کان پُڇيو، ته کوھ ۾ ڀُٽي صاحب جي لاش سان گڏ ڪير آھي؟ اُن بجاءِ مونکي انسپيڪٽر جنرل جيل ٻُڌايو، ته اِھو تارا مسيح آھي ۽ ھٿن ۽ ٽنگن کي سِڌو پيو ڪري، ته جيئن جھٽڪي سبب ڀُٽي صاحب جو سَرير ڏيڍو نه ٿئي. (جڏھن آئون گُذريل شام جو انسپيڪٽر جنرل جيل ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ سان گڏ اُن جي آفيس ۾ ويٺو ھوس، ته ڪنھن اسسٽنٽ ٻُڌايو ھو، ته ڀُٽي صاحب چيو آھي، ته ھُن جي ڦاھيءَ کان پوءِ سندس گھڙي ڪوٺيءَ ڀرسان بيٺل سپاھيءَ کي ڏني وڃي. اُن ڳالھ تي چڱو چرچو ٿيو ھو. انسپيڪٽر جنرل چيو، ته اُھا گھڙي ڏاڍي قيمتي ھوندي. گھٽ ۾ گھٽ ڪيئي ھزار رپين جي ته ھوندي. جيل سپرنٽينڊنٽ ھڪدم چيو: اھا قانوني طور ھُن جي ملڪيت ھئڻ گھُرجي. مون اُن وقت سوچيو پئي، ته ڪنھن ٺيڪ چيو آھي: ٻڪر کي جِند جي، ڪاسائيءَ کي چرٻيءَ جي. مون اُن وقت ئي اھو چيو ھو، ته اُھا واچ ممڪن آھي ڀُٽي صاحب جي شاديءَ جي ھُجي، ھونئن به اُن کي بيگم ڀُٽي کي سونپڻ کپي.) قانون موجب ڦاھيءَ کان پوءِ لاش کي ٽيھن منٽن تائين لٽڪڻ گھُرجي ۽ پوءِ ڊاڪٽر جي اھڙي سرٽيفڪيٽ کان پوءِ ته موت واقع ٿي چُڪو آھي، لاش کي لاٿو وڃي ٿو. مونکي اوچتو ويچار آيو، ته ڀُٽي صاحب جي واچ ۽ سندس آڱر ۾ پيل مُنڊي لاھڻ کپي. مون اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ قريشي کي گھُرايو ۽ ھُن کي چيو، ته ڀُٽي صاحب جي واچ ۽ مُنڊي لاٿي وڃي. ھُو ڀُٽو صاحب جي گھڙي ته لاھي کڻي آيو، پر چوڻ لڳو: ڀُٽي صاحب جي ھٿن جي آڱرين ۾ مُنڊي پاتل نه آھي. ڀُٽو صاحب جڏھن به ويھي مون سان ڪچھري ڪندو ھو، ته عام طور ھُو پنھنجي مُنڊيءَ سان کيڏندو رھندو ھو، يعني اُن کي پنھنجي آڱر جي چؤڌاري ڦيرائيندو رھندو ھو. مون محترم قريشيءَ کي ٻُڌايو، ته مون اڄ ئي ھُن جي آڱر ۾ مُنڊيءَ کي ڏٺو ھو. انسپيڪٽر جنرل جيل، محترم قريشيءَ کي گھُرايو ۽ چيائين، ته وڃي تارا مسيح جي تلاشي وٺ. ٿوريءَ دير کان پوءِ محترم قريشي، ڀُٽي صاحب جي مُنڊي کڻي آيو ۽ ٻُڌايائين، ته اھا تارا مسيح جي کيسي مان ملي آھي.

مون جيل سپرنٽينڊنٽ کي چيو، ته اِھي ٻئي شيون پاڻُ وٽ رکُ ۽ پوءِ بيگم نُصرت ڀٽو کي سونپجانءِ. گھڻن ڏينھن کان پوءِ منھنجي ساڻس ملاقات ٿي، ته ھُن مونکي ڳالھين ۾ ٻُڌايو، ته ڀُٽي صاحب جو سمورو سامان سندس واچ ۽ مُنڊي سميت نُصرت ڀُٽو کي سونپيو ويو ھو.

ڀُٽي صاحب جو دفن

اڌ ڪلاڪ ڦاھيءَ تي لٽڪائڻ کان پوءِ ۽ جيل ڊاڪٽر جي سرٽيفڪيٽ ته سندس موت ٿي چُڪو آھي، ڀُٽي صاحب جي لاش کي رات جو ٻه لڳي پنجٽيھن منٽن تي ڦاھيءَ جي ڦَندي کان ڌار ڪيو ويو. ھُن جي ميت کي غُسل ڏنو ويو، جنھن جو انتظام اُتي ئي ٿيل ھو. ھڪ فوٽوگرافر، جنھن کي ھڪ اينٽيليجنس ايجنسي موڪليو ھو، گھُرج پٽاندر ڀُٽي صاحب جا ڪجھ فوٽو ڪڍيا. اُنھن تصويرن سان اختيارين جو اُھو شڪ ختم ٿيو، ته ڀُٽي جو طُھر نه ٿيل ھو. ڀُٽي صاحب جو اسلامي طريقي موجب طُھر ٿيل ھو. پوءِ ھُن جي سَرير کي ڪاٺ جي تابُوت ۾ رکي، منجھس گُل وجھي، بند ڪيو ويو ۽ اُھو تابُوت جيل مان ٽي لڳي پنجن منٽن تي خاص گاڏين ذريعي چڪلالا ايئرپورٽ روانو ٿيو. اُن سفر تي به مونکي ڀُٽي صاحب سان گڏ وڃڻو ھو. آئون اُنھن گاڏين کي پاڪستان ايئرفورس چڪلالا وٺي ويس، جتي ھڪ وي آءِ پي، سي 130 ھوائي جھاز اسان جي اوسيئڙي ۾ بيٺل ھو. ڀُٽي صاحب جي ميت سان گڏ 27 پنجاب جو ھڪ مُحافظ جَٿو ميجر اشفاق جي نگرانيءَ ۾ ويو، جنھن کي اڳواٽ تيار ڪيو ويو ھو. ڀُٽي صاحب جو تابوت باقي پيتين سميت گاڏين مان لاھي ھوائي جھاز تي لَڏيو ويو ۽ جھاز جيڪب آباد لاءِ اڏامڻ لڳو. جڏھن اُھو جھاز سَڪيسر مٿان اُڏاميو پئي، جيڪو ميانوالي ويجھو آھي، ته جھاز کي فني خرابيءَ سبب اوچتو واپس موڙيو ويو. جيئن ته آئون ھر ڳالھ جو انچارج ھو، تنھنڪري اُن جھاز جي عملي جو ھڪ عملدار ڪاڪ پَٽ مان لھي مون وٽ آيو ۽ مونکي ٻُڌايائين، ته جھاز ۾ فني خرابيءَ ٿيڻ سبب اسان واپس راولپنڊي وڃون پيا، ۽ اُتان ٻيو جھاز توھان کي جيڪب آباد کڻي ويندو. مون اندازو لڳائيندي ھُن کان پُڇيو، ته ڇا جھاز جي انجڻنن مان ڪنھن انجڻ مان چڻنگ ته نه نڪتي آھي. ھُو ھمراھ اچرج ۾ پئجي ويو ۽ مون کان پُڇيائين، ته اُن جي ڄاڻُ توھان کي ڪيئن ٿي. جيئن آئون ھزارين ڪلاڪ سي 130 جھازن تي سفر ڪري چُڪو ھوس، ۽ ڪيئي موقعن تي اھڙو تجربو ٿي چُڪو ھو، تنھنڪري مون اندازو لڳايو ھو. بھرحال، اُن آفيسر مونکي ٻُڌايو، ته ڳڻتيءَ جي ڪا ڳالھ نه آھي. جنھن انجڻ مان عام چڻنگ نڪتي ھئي، تنھن کي بند ڪيو ويو آھي ۽ اسان انشاءَاللھ تُرت حفاظت سان واپس راولپنڊي محفوظ طريقي سان پھچي وينداسين. اسان واپس چڪلالا ايئربيس تي خيريت سان لٿاسين، نه ته اسان جي قوم آڏو ھڪ ڪڏھن به نه سُلجھندڙ ھوائي حادثو سامھون اچي ھا، ۽ انيڪ قصا ۽ افسانا جنم وٺن ھا ۽ اڄ آئون انھيءَ ڳالھ کي ائين سچ لکي قوم تائين پھچائي نه سگھان ھا.

چڪلالا ايئربيس تي ٻئي سي 130 جھاز اسان جو اوسيئڙو پئي ڪيو. ڀُٽي صاحب جو تابُوت اُن ۾ چاڙھي اسان ٻيھر جيڪب آباد لاءِ اُڏام ڪئي. اسان 4 اپريل تي صبح جو ستين وڳي کان ڪجھ منٽ اڳ جيڪب آباد جي ھوائي اڏي تي لٿاسين، جتي ھڪ ھيلي ڪاپٽر اڳيئي اسان جي اوسيئڙي ۾ تيار ھو. ايئربيس تي ئي 7 پنجاب ريجمينٽ جو ڪمانڊنگ آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل محمد صادق مون کان ڀُٽي صاحب جو تابُوت ورتو ۽ ھيلي ڪاپٽر ۾ رکرائي، ساڍي ستين وڳي صبح نؤديرو لاءِ روانو ٿيو. ڳڙھي خدابخش ۾ ڀُٽي صاحب جي قبر اڳواٽ ئي کوٽيل ھئي، جنھن ۾ کيس دفنايو ويو.

ڀُٽي صاحب جي ڦاسيءَ واريءَ خبر کي ڳُجهو رکڻ

جڏھن به بيگم نُصرت ڀُٽو ۽ محترمه بينظير ڀُٽو جيل ۾ ڀُٽي صاحب سان ملڻ آيون، ته عام طور گھڻا ڏيھي توڙي پرڏيھي صحافي، ريڊيي ۽ ٽيليويزن جا نمائندا جيل جي دروازي تي گڏ ٿي ويندا ھئا. اُن دؤران برٽش براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (بي بي سي) ۽ ھڪ ٻه پرڏيھي ٽيليويزن ٽيمون جيل جي فلم ڀرڻ آيون ھيون. مونکي چتاءُ ڏنو ويو، ته اھڙي قسم جون ٽيليويزن فلمون جيل تي حملي لاءِ گھڻيون ڪارائتيون ثابت ٿي سگھن ٿيون، تنھنڪري اُنھن ٽيليويزن ٽيمن کي جيل ويجھو اچڻ نه ڏنو ويو. پاڪستان ۾ اُن وقت بي بي سيءَ جو نمائندو مارڪ ٽيلي گھڻي ڊُڪ ڊوڙ پئي ڪئي، ته جيئن کيس اندر جون خبرون ملي سگھن، پر اسان جي اينٽيليجنس ۽ سيڪيورٽيءَ کي چڱو ڦُڙت ۽ ھوشيار ڪيو ويو ھو. رُڳو اُھي خبرون ميڊيا کي ملنديون رھيون، جيڪي ڀُٽو بيگمون ۽ وڪيل کين ڏيندا رھيا. ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ جي خبر کي لڪائڻ لاءِ جيڪي احتياطي اُپاءُ ورتا ھئا، سي ھيٺ ڄاڻائجن ٿا:

3 اپريل 1979ع تي صبح جو اِھا خبر بيگم نُصرت ڀُٽو ۽ محترمه بينظير کي جيل سپرنٽينڊنٽ نويڪلائيءَ ۾ ٻُڌائي. ڀُٽي صاحب سان ملاقات کان پوءِ ڪنھن به صحافيءَ کي ھُنن سان ملڻ نه ڏنو ويو، بلڪ کين جيل ۾ آڻيندڙ رستي بجاءِ ٻئي رستي تان واپس موٽايو ويو. سھالا ريسٽ ھائوس کي، جتي کين نظربند ڪيو ويو ھو، باقي سڄي دُنيا کان الڳ ٿلڳ ڪيو ويو ھو. ڪوبه اندر کان ٻاھر ۽ نه ئي ٻاھر کان اندر وڃي سگھيو.

جيل اسٽاف کي ٻُڌايو ويو، ته ايندڙ رات جو ڀُٽي صاحب کي ڦاھي ڏني ويندي، تنھنڪري اُن گھڙيءَ کان پوءِ ڪنھن به شخص کي جيل ۾ داخل ٿيڻ ۽ نه ئي ڪنھن کي ٻاھر نڪرڻ ڏنو ويو. اوڏيءَ مھل جيل جي دروازن تي به فوجي پھرو بيھاريو ويو.

جيل جا سمورا رستا بند ڪيا ويا. ٽيليفون جا سمورا رابطا ڪَٽيا ويا، ته جيئن ڪوبه اُھا خبر ٻاھر ٻُڌائي نه سگھي. رُڳو 27 پنجاب جي ٽيليفون ۽ وائرليس جو رابطو بحال رکيو ويو. اُن ٽيليفون تي به ڊيوٽي آفيسر مقرر ڪيو ويو، ته جيئن ڪوبه اجايو فون نه ڪري سگھي ۽ نه ئي ٻُڌي سگھي.

ڀُٽي صاحب کي ڦاھي ڏيڻ کان پوءِ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل جيل واپس پنھنجي رھائش گاھ ڏانھن وڃڻ پئي چاھيو، پر دروازي تي فوجي سپاھين ھُن کي ٻاھر وڃڻ نه ڏنو. ھُو مون وٽ موٽي آيو ۽ چوڻ لڳو، ته اِھو به ريڪارڊ تي رھندو، ته ڊي آءِ جي جيل کي سپاھين نه رُڳو جيل جي دروازي تي روڪيو، بلڪ لنگھڻ به نه ڏنو. بھرحال، ھُن جي بزرگي ۽ رُتبي کي ڄاڻي مون کانئس معافي گھُري ۽ جيل کان سندس ٻاھر وڃڻ جو انتظام ڪيو. پر پوءِ مونکي پتو پيو، ته ھُن گھر پھچي پنھنجي گھرواريءَ سان ٽيليفون تي ڳالھايو ۽ کيس ٻُڌايائين، ته ڀُٽي صاحب کي ڦاھي ڏني وئي آھي. اُھا خبر اوڏيءَ مھل ڪنھن ٻئي سينيئر اھلڪار کي سندس زال ٻُڌايو، ۽ پوءِ اھو ئي ٿيو جيڪو ٿيندو آيو آھي ۽ ٿيندو ئي رھندو. اُھا خبر لاھور کان سرحد پار وئي ۽ دُنيا کي سڀني کان اڳ ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ واريءَ خبر آل انڊيا ريڊيي 4 اپريل 1979ع تي صبح جو ستين وڳي ٻُڌائي.

رات 4/3 اپريل 1979ع تي صحافين پُوري ڊُڪ ڊوڙ پئي ڪئي، ته صحيح خبر ملي سگھي. ويچارن ٻن صحافين کي پنھنجي موٽر سائيڪلن تي جيل جي چؤڌاري چڪر ھڻندي رات جو پئٽرول پارٽيءَ وارن جھلي ورتو. انھن کي 27 پنجاب جي ڪئمپ ۾ سندن موٽرسائيڪل سميت بند ڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينھن صبح ڪافي دير کان پوءِ کين ڇڏيو ويو. آئون اُنھن صحافين کان معافي گھُران ٿو.

مونکي پوءِ پتو پيو، ته مارشل لا اختيارين، ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ جي خبر لڪائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر راولپنڊيءَ کي به وقتائتي ۽ پوري ڄاڻُ نه ڏني ھئي.

بيگم نُصرت ڀُٽو ۽ محترمه بينظير ڀُٽو جي پڇاڙڪي ملاقات کان پوءِ ڀُٽي صاحب جا جيڪي مائٽ راولپنڊي ۾ موجود ھئا، تِن جي ڀُٽي صاحب سان پڇاڙڪي ملاقات نه ڪرائڻ جو اصل سبب اِھو ھو، ته انھن ملاقاتين کان پوءِ اِھا خبر لِڪي نه سگھندي.

اختيارين مٿي ڄاڻايل احتياطن سبب ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ جي خبر ڳُجھي رکڻ ۾ گھڻي حد تائين سوڀارا رھيا ھئا.

3 اپريل 1979ع تي پڇاڙڪي ملاقات کان پوءِ بيگم ڀُٽو ۽ محترمه بينظير جڏھن مون سان جيل ۾ مليون، ته بيگم نصرت ڀُٽو، پاڪستان جي صدر سان پنھنجي ذاتي اپيل ڪرڻ پئي گھُري ۽ ھُن چاھيو پئي، ته آئون اُن سلسلي ۾ سندس مدد ڪريان. انھيءَ دؤران انھن بيگمن مونکي ٻُڌايو ھو، ته ڀُٽو صاحب لاڙڪاڻي ۾ دفن ٿيڻ چاھيندو. 5 اپريل تي مونکي سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر چيو ھو، ته ڀُٽو بيگمن کي ھڪ ٻن ڏينھن ۾ نؤديرو وٺي وڃبو، ۽ مونکي ساڻن گڏ وڃڻو پوندو. مون سوچيو، ته بيگمن سان گڏ اُن سفر دؤران آئون کين پڇاڙڪين گھڙين بابت ٻُڌائي سگھندس، پر اَڄاڻ سبب پٽاندر مونکي ڀُٽو بيگمن سان گڏ نه موڪليو ويو ۽ آئون ھُنن کي ڀُٽي صاحب جي پڇاڙڪين گھڙين، جنھن لاءِ اُھي گھڻو اُتاوليون ھيون، نه ٻُڌائي سگھيس.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: