سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: ڀٽي جا آخري 323 ڏينهن

باب: --

صفحو : 4

ڀُٽي صاحب جي پنڊيءَ جيل ۾ قيد دؤران 17 مئي 1978ع کان 3 اپريل 1979ع دؤران بيگم نُصرت ڀُٽو چوئيتاليھ ڀيرا ھُن سان ڪوٺيءَ ۾ ملاقات لاءِ آئي. انھن ملاقاتن ۾ ھُن ھڪ سؤ ڏھ ڪلاڪ ۽ ويھ منٽن جو مجموعي وقت ڀُٽي صاحب سان سندس ڪوٺيءَ ۾ گھاريو.

محترمه بينظير ڀٽو جون ملاقاتون

بيگم نُصرت ڀُٽو جيان محترمه بينظير ڀُٽو کي به ڪراچيءَ کان ھر ھفتي ھڪ پوليس عملدار جي نگرانيءَ ۾ پي آءِ اي ذريعي راولپنڊيءَ آندو ويندو ھو، ۽ ملاقات کان پوءِ کيس ٻيءَ فلائيٽ ۾ واپس ڪراچيءَ وٺي وڃبو ھو. ھُن جي ملاقات جو طريقو بيگم نُصرت ڀُٽو جھڙو ئي ھوندو ھو. پيءُ- ڌيءُ جي ملاقات دؤران ڪجھ ڪچھري سانتيڪن اشارن جي ٻوليءَ ۾ ٿيندي ھئي، جيڪا گھڻو ڪري ڀُڻڪن ذريعي يا وري ڪا ڳالھ لکي سمجھائي يا منتقل ڪئي ويندي ھئي. اھڙين ملاقاتن دؤران ماڻھن جا ڪَن اُڀا ٿي ويندا ھئا، پر ريڪارڊ رُڳو اھو ئي ھوندو ھو، جيڪو ڀُٽو گھراڻو چاھيندو ھو، ڇوته ھُنن وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾، ڪافي دير تائين رُڳو ڪاغذ جا ورق اُٿلائڻ جا آواز ٻُڌڻ ۾ ايندا ھئا يا وري ماٺار ئي رھندي ھئي. جيڪڏھن ڀُٽو صاحب اختيارين کي ڪجھ ٻُڌائڻ چاھيندو ھو، يا وري کين ڀنڀلائڻ چاھيندو ھو، ته پوءِ وڏي آواز سان ڳالھ ٻولھ شروع ٿي ويندي ھئي، نه ته پوءِ اوچتو اھڙي سانت ڇانئجي ويندي ھئي، ڄڻ ڪچھريءَ ڪندڙ ڪوٺيءَ مان ٻاھر نڪري ويا ھُجن.

اوائل ۾ ٻي يا ٽين ملاقات دؤران اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ عمر دراز، ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ منجھ جھاتي پاتي، ته جيئن کيس ٻُڌايو وڃي، ته سائين وقت گھڻو ٿي ويو آھي، تنھنڪري اُھي ھاڻ ملاقات ختم ڪن. عمردرازِ ٻُڌايو، ته ھُن ڏٺو ته پيءُ ۽ ڌيءَ ساڳئي کٽ تي ليٽيل ھئا، ۽ سندن چھرا ھڪٻئي سامھون بلڪل ويجھو ھئا. اھو ڏسي ھُو ھڪدم پوئتي ھٽي ويو. ملاقات کان پوءِ محترمه بينظير ڀُٽو سِڌو سپرنٽينڊنٽ جيل جي آفيس ۾ آئي ۽ ھُن پنھنجي ڪاوڙ ڏيکاريندي چيو: گھٽ ۾ گھٽ جيل اختيارين کي ايتري ته چڱائي ۽ پنھنجائپ ڏيکارڻ کپي، جو اسان جي ملاقات دؤران رنڊڪُ يا ڪا روڪ نه ٿئي ۽ چيئرمين صاحب جي نجي زندگيءَ ۾ جھاتي پائڻ بند ڪيو وڃي. ھُن مارشل لا اختيارين تي به ڇوھ ڇنڊيا. ھُن جي وڃڻ کان پوءِ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سڄيءَ ڪھاڻي پيرائتي ٻُڌائي، ته محترمه بينظير ڀُٽو جي ڪاوڙ جو اصل سبب ڪھڙو ھو. اُھا وارتا ٻُڌي ھرھڪ گھڻي اچرج ۾ پئجي ويو. مون ھُنن کي سمجھايو: توھان ماڻھو به ڀُٽي صاحب سان جڏھن ڪا راز جي ڳالھ ڪرڻ چاھيو ٿا، ته ھُن کي اشاري سان ڪوٺيءَ مان ٻاھر گھُرايو ٿا. محترمه بينظير ڀُٽو ته ھُن جي ڪوٺيءَ کان ٻاھر به نٿي اچي سگھي ۽ پيءُ ڌيءُ وچ ۾ ته ھزارين اھڙا راز ضرور ھوندا، جيڪي اُھي ٻين کان لِڪائڻ چاھيندا ھوندا ۽ وٽن ته رُڳو ڪَنن ۾ ڀُڻڪاٽُ جو ئي ھڪ طريقو موجود آھي. بھرحال جيل اختيارين ۾ اُن مامري تي گھڻن ڏينھن تائين مُدو ھلندو رھيو.

محترمه بينظير ڀُٽو به ڀُٽي صاحب سان جيل ۾ چوئيتاليھ ڀيرا ملاقات ڪئي ۽ پنھنجي والد سان گڏ مجموعي طور ھڪ سؤ ڇھ ڪلاڪ ۽ پندرھن منٽ ڪوٺيءَ ۾ گھاريا.

هڪڙو اڻوڻندڙ واقعو

ڀُٽي صاحب جي راولپنڊي جيل ۾ منتقليءَ جي ڪجھ ھفتن کان پوءِ مارشل لا اختيارين کي سُڌ ملي، ته ڀُٽو صاحب پنھنجي بچاءَ ۾ ھڪڙو ڪتاب پيو لکي، جنھن لاءِ ھُن کي ھر قسم جو موادَ، ملاقاتين ذريعي ٻاھران جيل ۾ پھچايو پيو وڃي. مونکي ۽ سپرنٽينڊنٽ جيل کي حُڪم مليو، ته سمورن ملاقاتين جي، خاص ڪري بيگم نُصرت ڀُٽو ۽ محترمه بينظير ڀُٽو جي اچڻ ۽ وڃڻ مھل تلاشي ورتي وڃي. اختيارين جو شروع ۾ اِھو ويچار ھو، ته وڪيلن کي به تلاشيءَ کان آجو نه ڪيو وڃي، پر سُپريم ڪورٽ انھن جي تلاشي نه وٺڻ لاءِ چيو، البت ڪورٽ، وڪيلن کي ھونئن ئي چتاءُ ڏنو، ته شڪ ھئڻ آڌار ھنن جي به جھَڙتي وٺي سگھجي ٿي.

عدالت جي اُن حُڪم کان ھڪدم پوءِ محترمه بينظير ڀُٽو راولپنڊي جيل ۾ پنھنجي والد سان ملڻ لاءِ آئي. ھُن وٽ ھڪ ڳري بيگ ھئي. جيل سپرنٽينڊنٽ اڳواٽ ئي ھڪڙي ھيڊ وارڊر کي چئي ڇڏيو ھو، ته ھُو محترمه بينظير ڀُٽو جو سامان کانئس وٺي ڊپٽي جي آفيس اندر ھليو ويندو ۽ اھو کولي ڏسندو، ته اُن منجھ ڇا پيل آھي. جيئن محترمه بينظير ڀُٽو پَڌر ۾ پوليس ڪار مان لٿي، ته اُن ھيڊ وارڊر کانئس بيگ ورتو ۽ ٻُڌايل طريقي پٽاندر اندر آفيس ۾ ھليو ويو. ھيڊ وارڊر اندر وڃي بيگ جي اڃا زنجير ئي مس کولي ھئي، ته محترمه بينظير ڀُٽو به اُن آفيس ۾ اچي سَھڙي ۽ ھُن کي چيائين: اڙي او ڄَٽ! تون منھنجي بيگ جي جھَڙتي ڇو پيو وٺين؟ وارڊر کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ کان پوءِ ھُن مارشل لا اختيارين تي به ڪاوڙ ڏيکاري: رت پياڪ، چور ۽ بدنيت. اُھي چورن جيان رات جي اونداھيءَ ۾ آيا. ڌاڙيلن جيان ٽينڪون ۽ توپون پاڻُ سان گڏ کڻي آيا ۽ آئيني توڙي جمھوري وزيراعظم جي حڪومت کي ڊاھي، کيس ھٽائي ڇڏيائون. اِھو چوندي ھُن ھيڊ وارڊر جي ھٿ مان بيگ ڦُري ورتو. جيل سپرنٽينڊنٽ جو وائڙائپ ۾ وات ئي پَٽجي ويو. پر پوءِ به ھُن بينظير ڀُٽو کي اندر وڃڻ ڏنو، ۽ ڀُٽي صاحب سان ملاقات ڪرايائين. جڏھن مارشل لا اختيارين کي اُن مامري بابت ڄاڻ ڏني ويئي، ته حُڪم مليو، ته ھاڻي اڳتي ماءُ، ڌيءَ يا ڪوبه ٻيو ملاقاتي جنھن وقت پوري تلاشي نه ڏئي، ته کيس اندر ملاقات لاءِ وڃڻ نه ڏيو، ۽ ملاقات بغير واپس موٽايو وڃي، ايستائين جو بيگم نصرت ڀُٽو ۽ محترمه بينظير ڀُٽو جي ٻَٽُوئن جي به جھَڙتي وٺڻ جو حُڪم مليو.

آئون ڀانيان ٿو، ته جون 1978ع جو پڇاڙڪو ھفتو ھو، جو بيگم نُصرت ڀُٽو ملاقات لاءِ آئي. جيل سپرنٽينڊنٽ ھُن جي بيگ کي پوليس ڪار مان ئي ورتو ۽ ڪار جي بونٽ تي رکي بيگ کي کولي ڏسڻ چاھيو. بيگم صاحبه ڪاوڙ ۾ ھُن کي گھٽ وڌ ڳالھائي، بيگ ھڪدم کانئس ڦُري ورتائين. يارمحمد صاحب ڏاڍي نھٺائيءَ ۽ نِوڙت سان ھُن کي چيو: بيگم صاحبه حڪومت مونکي حُڪم ڏنو آھي، ته ملاقات کان اڳ ۽ پوءِ توھان جي سامان جي جھَڙتي ورتي وڃي. بيگم ڀُٽو وڏي واڪي ھُن کي چيو: تون ڪير آهين منھنجي بيگ جي جھَڙتي وٺڻ وارو. جيل سپرنٽنڊنٽ وري به ھُن کي نھٺائيءَ سان ڌيرج سان چيو: تلاشيءَ جو مٿان کان حُڪم آيل آھي. اُن بغير توھان اندر نٿيون وڃي سگھو. پر بيگم صاحبه تلاشيءَ ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪيو. اُن تي سپرنٽينڊنٽ، آئون ۽ اسپيشل پوليس انسپيڪٽر، سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ھليا وياسين، جيتوڻيڪ حُڪم قطعي، چِٽو ۽ بلڪل پڌرو ملي چڪو ھو، پر پوءِ به اسان مٿئين اختيارين کي ان صورتحال بابت ڄاڻُ ڏني. ھُنن ٻيھر حُڪم ڏنو، ته جيڪڏھن بيگم نُصرت ڀُٽو پنھنجي سامان جي تلاشي نه ڏيڻ تي اَٽل آھن، ته پوءِ ھوءَ ڀُٽو صاحب سان ملي نه سگھندي. ھُن کي واپس ڪراچي موڪليو وڃي.

سپرنٽينڊنٽ پوليس جيڪو بيگم ڀُٽو کي ڪراچيءَ کان پاڻُ سان گڏ وٺي آيو ھو، تنھن ايس ايس پي راولپنڊيءَ سان ٽيليفون تي ڳالھايو، ته بيگم نُصرت ڀُٽو جي ملاقات نه پئي ٿئي ۽ ڪراچي واپسيءَ جي فلائيٽ ۾ اڃا گھڻو وقت آھي، تنھنڪري ھاڻي ھُن کي ڪيڏانھن وٺي وڃجي؟ ھُن کي ٻُڌايو ويو، ته ھُو بيگم نصرت ڀُٽو کي راول ڍنڍُ واري ريسٽ ھائوس ۾ وٺي وڃي، ۽ پي آءِ اي جي فلائيٽ ملڻ تائين اُتي ترسن.

پوءِ چوڌري يار محمد، بيگم ڀُٽو کي ٻُڌايو، ته حڪومت ھُن جي ملاقات جي اجازت نه ڏني آھي، تنھنڪري ھوءَ واپس وڃي سگھي ٿي. بيگم ڀُٽو ويتر مڇرجي پئي ۽ ھُن جيل سپرنٽينڊنٽ کي ڪافي گھٽ وڌ ڳالھايو. جيئن ته سپرنٽينڊنٽ لاءِ سندس ماتحتن سامھون سخت لفظ چيا ويا ھئا، تنھنڪري ھُو به ٿورڙو ڪاوڙ ۾ آيو. ھُن بيگم نُصرت کي چيو ته ھوءَ جيل کان موٽي وڃي. جنھن تي بيگم ڀُٽو ويتر ڪاوڙجي پيئي، ۽ ھُن کيس ڌمڪي ڏني: توکي اُن جو اَجرُ ضرور ملندو. ۽ جنھن مھل ھُن جي گاڏي پَڌر مان ٻاھر پئي وئي، ته بيگم ڀُٽو چيو: ڪُتا، لعنتي، سُوئر، ڄَٽَ....

ھيڏانھن ڀُٽو صاحب پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ اوسيئڙو ڪندو رھيو ۽ ھڪ ٻه ڀيرا ھُن پُڇيو: بيگم ڀُٽو ڇو نه آئي؟ پر ھُن کي ڪجھ به نه ٻُڌايو ويو. ھُن کي پوءِ مامري بابت پتو پيو، جنھن تي ھُن جيل سپرنٽينڊنٽ کي اندر ڪوٺيءَ ۾ گھُرايو، ۽ مٿس ڏاڍو ڪاوڙيو. ھُن يارمحمد صاحب کي ڄاڻايو: ھُن جي گھرواريءَ سان اھڙي ورتاءُ جي ڪنھن کي ھمت نٿي ٿي سگھي ۽ کانئس اُن جو پلاند ورتو ويندو. ھُن کيس وڌيڪ چيو: ھزارين جانثار اھڙا آھن، جيڪي ڪنھن به ڀُٽو جي اشاري تي مرڻ مِٽڻ لاءِ تيار آھن. پوءِ، يارمحمد سڄو ڏينھن ماٺ ۽ ڳڻتيءَ ۾ رھيو.

اُن واقعي جي گھڻن ڏينھن کان پوءِ ڀُٽي صاحب مون سان به اُھا ڳالھ ڪئي، ۽ نيٺ ٻُڌايو، ته سپرنٽينڊنٽ عام رواج موجب سڄو الزام ويچاري ڪرنل مٿان ٿاڦيو ھو، ته کيس ڪرنل ئي اھڙا حُڪم ڏنا ھئا. مون اُن موقعي تي ھُن کي سڄو قصو صحيح ٻُڌايو. جنھن تي ھُن ڳالھ کي مڃتا ڏني، پر گڏوگڏ اھو به چيائين: رفيع، توھان جا جرنيل ڪيترين ڪِريل، تِڇ ۽ ڪَميڻين حرڪتن تي لھي آيا آھن.

ڀٽي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات

ڀُٽي صاحب جي راولپنڊي جيل ۾ منتقليءَ سان ئي مون ۾ ساڻس ملڻ جو چاھُ اُڀريو، پر ڪجھ سببن پٽاندر ھُن سان باقاعدي ملاقاتن ۾ ڪجھ ھفتا لڳا. ھونئن ته آئون سيڪيورٽي وارڊ ۾ پھرين ڏينھن يعني 17 مئي 1978ع تي به ويو ھوس، پر ھُن سان ملڻ جي ھمت نه ٿي. پوءِ جيئن ته اڳ ۾ لکي چُڪو آھيان، ته 19 مئي تي جنھن وقت وارڊ ۾ اندر ويس، ھُن کي اُتي ويٺل ڏٺم، پر ساڻس ملڻ جي ھمت نه ڪري سگھيس ۽ ماٺ ۾ ٻاھر نڪري آيس. پنھنجي فرضَ خاطر مئي مھيني جي ٻئي ھفتي کان ئي پنڊي جيل ۾ وڃڻ منھنجو روزاني ڪاروھنوار بڻجي ويو ھو، بلڪ ڪڏھن ڪڏھن ٻه ٽي ڀيرا به وڃڻو پوندو ھو. ڀُٽي صاحب جي اچڻ کان پوءِ ڏينھن جو گھڻو وقت آئون جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ يا وري جيل جي اُترئين احاطي ۾ گُذرندو ھو، جتي منھنجي بٽالين آفيس سميت منتقل ٿي چُڪي ھئي. سيڪيورٽي وارڊ ۾ چڪر ھڻڻ ۽ ڊيوٽي آفيسر ۽ ٻين گارڊن کي ڏسڻ به منھنجو رواج بڻجي چڪو ھو. آئون گھڻو ڪري عام قسم جي پتلون قميص پائيندو ھوس (مون ڪجھ جوڙا ڪپڙن جا ڊيوٽي آفيسر جي ڪمري ۾ ٽِنگي ڇڏيا ھئا، جو موقعي پٽاندر ھڪدم پوشاڪ بدلائي سگھان.) ته جيئن ڀُٽي صاحب سان ملندڙ وڪيلَ ۽ سندن مائٽ مونکي جيل جو ماتحت آفيسر ئي سمجھن، پر وڪيل ته مونکي تُرت سُڃاڻڻ لڳا. البت بيگم نُصرت ڀُٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو مونکي سُڃاڻڻ ۾ گھڻو وقت ورتو.

پھرين ڪجھ ھفتن دؤران جيستائين آئون ڀُٽي صاحب سان نه مليو ھوس ۽ مارشل لا اختيارين جا حُڪمَ ڏاڍيءَ سختيءَ سان لاڳو پئي ٿيا، تنھن وقت شايد جڏھن ڀُٽي صاحب اعتراض ڪيا، ته جيل اختيارين سمورا الزام ڪرنل انچارج تي ئي مڙھيا. ڀُٽي صاحب، سندس گھراڻي جي ڀاتين يا وڪيلن پڌرو آھي، ته ڪرنل انچارج کي ئي سمورين سختين جو ذميدار ڪوٺيو. ھوڏانھن مون ڀُٽي صاحب سان ملاقات جو وجھ پئي تاڙيو. مون ھُن سان ڪوٺيءَ ۾ ملڻ بجاءِ ٻاھر اڱڻ ۾ ملڻ پئي گھُريو، ته جيئن ساڻس کُلي طرح ڳالھائي سگھان. ڀُٽي صاحب کي ڦاھيءَ جي سزا کاڌل ڏوھارين جيان اڌ ڪلاڪ صبح ۽ اڌ ڪلاڪ شام جو ڪوٺيءَ کان ٻاھر پسارَ جي اجازت ھئي. ھُو صبح دير سان اُٿندو ھو، ۽ جون جولاءِ مھينن ۾ ته صبح نَائين ڏھين وڳي کان پوءِ ٻاھر چڱي گرمي ٿي ويندي ھئي. تنھنڪري ھُو صبح جو پسار نه ڪندو ھو، ۽ رُڳو شام جو ئي ٻاھر اڱڻ ۾ نڪرندو ۽ چاءِ وغيره پيئندو ھو. ھڪڙيءَ شام جو، شايد جُون مھيني جو پھريون يا ٻيو ھفتو ھو، جڏھن مون پڪ ڀانئي، ته ڀُٽو صاحب ٻاھر اڪيلو ويٺل آھي، ته مون وڃي ساڻس ملڻ جو ارادو ڪيو. مونکي اُن ڏينھن وردي پاتل ۽ قميص تي پنھنجي نالي واري پليٽ لڳل ھئي. مون ڊپٽي سپرنٽينڊينٽ کي گھُرايو، جيڪو تنھن وقت ڊيوٽي تي ھو، ۽ چيم: آئون سيڪيورٽي وارڊ تپاسڻ گھُران ٿو. ھُن ٻاھر ڪنڊيدار تارن واريءَ واڙھ جي دروازي جو تالو کوليو، پوءِ سيڪيورٽي وارڊ جي ورانڊي جو تالو کوليائين ۽ جيئن ته ڀُٽو صاحب ٻاھر اڱڻ ۾ ئي ويٺل ھو، تنھنڪري ڊپٽيءَ کي اُتي ڇڏي آئون اندر ھليو ويس. دروازي جي پردي واريءَ ديوار پويان ڀُٽو صاحب عام ڪُرسي تي ويٺل ھو. ھُو مونکي اوچتو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. آئون ھُن کان ٽن يا چئن گزن جي فاصلي تي ھوس ۽ سندس مُک جي تاثر ڏسي سگھيس پئي. جيئن ڀُٽي صاحب مونکي ڏٺو، ته ھُن جي مُک تي ڪجھ لالاڻ نروار ٿي ۽ ڪجھ ڪاوڙ جا آثار به ڏسڻ ۾ آيا، ايستائين جو سندس اکين ھيٺان ۽ ڳٽن جي مٿين چمڙي ڪجھ ڀيرا ڦَڙڪي ۽ مون ايئن ڀانئيو ، ڄڻ مون ھروڀرو ڏَچو پنھنجي ڪُلھي تي کنيو ھُجي. بھرحال، مون ھُن جي سامھون ايندي ئي فوجي طريقي سان کيس باادب سلام ڪيو. ھڪدم ھُن جي مُک تان سندس سڀاؤ جي ڪجھ ڪُوملتا نروار ٿي. پوءِ ھُو وري وسمي ۾ پئجي ويو. ھُن پنھنجو ساڄو ھٿ وڌائيندي مون سان ھٿُ ملايو ۽ چوڻ لڳو: توھان ويھڻ پسند ڪندؤ. ھُن مُشقتيءَ کي سڏ ڪيو، ته ڪُرسي کڻي اچي. (ڀُٽي صاحب کي ھڪ قيدي سندس خدمت لاءِ ڏنو ويو ھو.) آئون ڀُٽي صاحب ڀرسان پيل ڪُرسيءَ تي ويھي رھيس. ڪجھ گھڙيون ماٺ ۾ گُذريون. پوءِ ھُن ماٺ ٽوڙيندي چيو: ڪرنل رفيع! (منھنجو نالو منھنجي ورديءَ تي لکيل ھو) توھان ھتي اچڻ جي تڪليف ڪيئن ڪئي؟ مون وراڻيو: سائين، مون گھڻو اڳ اچڻ پئي چاھيو، پر ڪنھن سبب ايئن ڪري نه سگھيس. ھينئر آئون توھان کي رُڳو سلام ڪرڻ آيو آھيان. ھُن جواب ۾ چيو: توھان جنھن به مھل چاھيو، وڏي شوق سان اچي سگھو ٿا. جنھن تي مون ھُن جو دلي ٿورو مڃيو. اُن پھرين ملاقات ۾ اسان جي وچ ۾ ڪجھ ھَٻڪ رھي. ھُن مونکان پُڇيو، ته آئون چاءِ يا وري ڪافي پيئندس؟ مون ھُن کي تُرت جواب ڏنو: سائين، منھنجي ڪا خاص پسند نه آھي، توھان جيڪو پسند ڪندا، سو آئون به پي وٺندس. جيئن ته منھنجي اچڻ کان اڳ ڀُٽي صاحب مُشقتيءَ کي چاءِ آڻڻ لاءِ چيو ھو، تنھنڪري ھُن اُن کي آواز ڏنو، ته منھنجي لاءِ به چاءِ آڻي. اسان چاءِ ڪنھن قدر ماٺار ۾ پيتي. مون ڄاڻي واڻي ھُن کان ڪنھن خدمت جو نه پُڇيو، ڇوته مونکي ڊَپُ ھو، ته ھُن ڪنھن ڪم لاءِ چيو، ۽ اُھو منھنجي اختيار ۾ نه ھوندو، ته پوءِ ڇا ٿيندو. سياڻي ۽ ڏاھي ماڻھوءَ ھئڻ سبب ڀُٽي صاحب اُن قصي کي ئي نه ڇيڙيو. چاءِ پيئڻ کان پوءِ اجازت وٺڻ کان اڳ مون ھُن کي چيو: شايد توھان کي مون مان ڪجھ شڪايتون ھُجن. پر ھُن ھڪدم وراڻيو: نه، ڪا خاص نه. مون ھُن کان وڃڻ جي اجازت گھُري ۽ اُٿي کيس فوجي طريقي سان سلام ڪيم. ھُو به اُٿي بيٺو ۽ مون سان ھٿُ ملايائين ۽ چوڻ لڳو: ڪرنل رفيع، ڪڏھن ڪڏھن چَڪر ضرور لڳائيندو ڪر. مون وراڻيو: سائين، آئون ضرور ايندو رھندس. ۽ پوءِ آئون سيڪيورٽي وارڊ کان ٻاھر آيس.

مونکي ڀُٽي صاحب سان ملاقاتن بابت ڪي خاص ھدايتون نه مليون ھيون. اوائل ۾ جڏھن به سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مونکان ان بابت پُڇيو، ته مون کيس ٻُڌايو، ته آئون سيڪيورٽي وارڊ ۾ وڃي ھُن سان ڪڏھن به نه مليو آھيان ۽ رُڳو جيل اختيارين جي ’سڀ ٺيڪ جي رپورٽ تي توھان کي اُن قسم جي رپورٽ ڏيان ٿو. ھڪڙي ڏينھن ھُن جي اُن قسم جي سوال تي مون کيس چيو: سائين، پڌري ڳالھ اھا آھي، ته مونکي ڀروسو نه آھي، ته ڇا ڀُٽو صاحب ذاتي طور جيل ۾ حاضر آھي يا نه. جيل اختيارين جي ’سڀ ٺيڪ رپورٽ تي آئون به توھان کي روزانو ’سڀ ٺيڪ رپورٽ ڏئي ڇڏيان ٿو. اُن ڏينھن مونکي سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر چيو: توکي ڪڏھن ڪڏھن اندر وڃي ھُن سان ضرور ملڻ گھُرجي. اُن ڏينھن کان پوءِ، جيئن ته مونکي دستخطي چيڪ ملي ويو ھو، تنھنڪري مون سيڪيورٽي وارڊ ۾ وڃي ڀُٽي صاحب سان ملڻ شروع ڪيو ۽ اُن اجازتنامي کي چڱيءَ ريت واپرايم. منھنجي ڀُٽي صاحب سان ملڻ تي جيل اختياريون اھو ئي سمجھنديون رھيون، ته مونکي مارشل لا اختيارين طرفان ھُن سان ملڻ يا ڪنھن خاص ڳالھ ٻولھ جو حُڪم مليو ھوندو.

منهنجون پوءِ واريون ملاقاتون

منھنجي اوائلي ملاقاتن ۾ ڀُٽو صاحب چڱو ساوڌان رھندو ھو. ھُن جو ويچار ھو، ته آئون شايد جنرل ضياءَالحق جو خاص ماڻھو آھيان ۽ سندس ھر ڳالھ جنرل صاحب تائين پھچائيندو ھوندس. پر مون ھُن کي چٽو ٻُڌايو ھو: منھنجا جنرل صاحب سان اھڙا ڪي به لاڳاپا نه آھن. بھرحال، ھُن کي گھڻي دير تائين اھو شڪ ضرور رھيو ھوندو، جيستائين اسان پاڻ ۾ گھڻو گھرا نه ٿياسين. آئون جڏھن به سيڪيورٽي وارڊ ۾ ڀُٽي صاحب سان ملڻ ويس، ته ھُن جي مون ڏاڍي عزت ڪئي. جيڪڏھن آئون ورديءَ ۾ ھوندو ھوس، جيڪا بلڪل گھٽ موقعن تي پائيندو ھوس، ته ھُن کي فوجي طريقي سان سلام ڪندو ھوس. نجي پوشاڪ يا شام جو راندين واري ويسُ ۾ ھوندو ھوس، تڏھن به رائج طور طريقن پٽاندر کيس سلام ڪندو ھوس. پوءِ جڏھن اسان پاڻُ ۾ گھرا ٿياسين، تڏھن به آئون ھُن سان ڪڏھن ڀوڳ يا عام لھجي ۾ ڪا ڳالھ ٻولھ نه ڪئي. آئون پڇاڙيءَ تائين ھُن جي گھڻي عزت ڪندو رھيس، ڇوته ھُن جي شخصيت مون تي گھڻو اثر ڇڏيو ھو. سچائي اھا آھي، ته منھنجو ھُن سان عام ورتاءُ اھڙو ھو، ڄڻ ھُو ملڪ جو وزيراعظم ھُجي ۽ آئون فوجي عملدار. ھُن جي شخصيت ايڏي وڻندڙ ۽ موھيندڙ ھئي، جو ھر ماڻھوءَ ھُن جو چاھيندڙ بڻجي ويندو ھو. ڪجھ عرصي تائين ته ھُن جي عزت ڪرڻ جا سبب رُڳو اُھي ھئا، جيڪي آئون چئي چُڪو آھيان، پر ھُن جي قيد جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ جڏھن به مون تي اھڙيون ڳالھيون کُليون، جيڪي بلڪل ناانصافيءَ تي ٻَڌل ھيون، ته مونکي سخت ڏُک پھتو ۽ منھنجي ضمير ڏاڍو پڇتايو. انھن حالتن کي آئون ھن ڪتاب ۾ مناسب جاءِ تي لکندس.

سمورين سچائين ھوندي به ھڪ سپاھيءَ جو فرضَ ٻين سڀني ڳالھين تي اُتم رھيو، تنھنڪري منھنجي فرضن سميت منھنجو ورتاءُ به گھڻو دوستاڻو رھيو.

جيڪڏھن مون ڪنھن صبح مھل ھُن جي ڪوٺيءَ جو معائنو ڪيو، ته عام طور ڳالھ ٻولھ سلام دُعا تائين مس رھندي ھئي. ھُن جو ورتاءُ يا ڳالھ ٻولھ به رسمي ھوندي ھئي، ۽ جيڪڏھن ھُو اختيارين کي ڪجھ ٻُڌائڻ چاھيندو ھو، ته مون سان تِکو به ڳالھائيندو ھو، پر ھُن جي مُک تي سدائين مُرڪ ئي رھندي ھئي، يا ھُو ھڪ اَک دٻائي ڇڏيندو ھو ۽ پنھنجو آواز کُھرو بڻائي ڇڏيندو ھو، ته جيئن ڳُجھا اوزار ھر لفظ کي چڱيءَ ريت ٻُڌي سگھن ۽ ريڪارڊ ٿي سگھن. شام جو جڏھن آئون ھُن جي ڪوٺيءَ ۾ ويندو ھيس، ته ھُو چوندو ھو: ھتي گھڻي گھُٽ ۽ ٻُوسٽ آھي. ٻاھر اڱڻ ۾ ھلي ٿا ويھون. ۽ اسان ٻاھر کُلي ڪچھري ڪندا ھئاسين. ۽ جڏھن آئون رات جو نَائين يا ڏھين وڳي کان پوءِ سيڪيورٽي وارڊ ۾ ويندو ھوس، تنھن وقت ماڻھو پنھنجو دُڪان بند ڪري ڇڏيندا ھئا، ته اسان ڪيئي ڪلاڪن تائين ڪچھرين ۾ گھاريندا ھئاسين. اھڙيءَ حالت ۾ جڏھن به آئون پنھنجي گھڙيءَ کي ڏسندو ھيس، ته ھُو مونکي چوندو ھو: ڪرنل رفيع، آئون تنھنجي ذميداريءَ ۾ آھيان، جيستائين آئون توسان گڏ آھيان، تيستائين توکي وقت جو ڪو ويچار يا تَڪڙ نه ھئڻ گھُرجي. رات جو دير سان جڏھن به آئون ھُن جي ڪوٺيءَ ۾ ويندو ھوس، ته ھُو ڏاڍو خوش ٿيندو ھو. اھڙين ملاقاتن ۾ ڀُٽو صاحب گھڻو ڳالھائيندو ھو، ڇوته جيل ۾ ھُن جا وڪيل ٿورڙي وقت لاءِ ايندا ھئا، ۽ اُھي به رُڳو مقدمي بابت ڳالھ ٻولھ ڪندا ھئا. ڀُٽو عورتون ھفتي ۾ رُڳو ھڪڙو چڪر ئي مس ھڻي سگھنديون ھيون ۽ ايتريون نِجي ڳالھيون ٿينديون ھونديون، جو اُنھن کي ختم ئي نه ڪري سگھندا ھُجن. اھڙي طرح جيل اختياريون رُڳو ھڪ اڌ منٽ لاءِ ئي اندر وڃي سگھنديون ھيون ۽ اُھي به ڪوٺيءَ ۾ ڳالھائيندا ھئا. اصل ۾ مون کانسواءِ ڀُٽي صاحب سان اندر يا ٻاھر ڪو جيل وارو ويھي ڪچھري ڪرڻ جو سوچي به نه سگھندو ھو. جيل جو ھيٺيون اسٽاف يعني وارڊر وغيره ته ويچارا اَڻپڙھيل ۽ ڪنھن قسم جي ڪچھريءَ جي قابل ئي نه ھئا. تنھنڪري جڏھن به آئون ھُن جي ھَٿ چڙھي ويندو ھوس، ته ھُو گھڻيون ڳالھيون ڪندو ھو. ھُو عام طور اُن ڏيھن جون خبرون، جيڪي اخبار ۾ ڇپجنديون ھيون يا تازن حالتن تي ڀرپور تبصرو ۽ حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندو ھو. منھنجي ۽ ھُن جي ويھڪ عام طور ھڪطرفي ھوندي ھئي. سڄو وقت ھُو ئي ڳالھائيندو ھو ۽ آئون ويٺو ويچار سان کيس ٻُڌندو رھندو ھوس. ڪچھريءَ ۾ منھنجو حصو ’ھا سائين، ’نه سائين، ’آئون ڪجھ نٿو چئي سگھان، سائين وغيره ئي ھوندو ھو. آئون ويساھ سان چئي سگھان ٿو، ته مون اڄ ڏينھن تائين ھُن جھڙو ڏاھو، سياڻو ۽ دانشور ماڻھو نه ڏٺو آھي. ھُو مون سان ھڪطرفي ڪچھري شروع ڪندو ھو. آئون ھا سائين، نه سائين سان جواب ڏيندو رھندو ھوس، پر پوءِ به ھُو مونکي پاڻُ سان گڏ ملائي اوچتو سوال ڪندو ھو. ۽ جيڪڏھن آئون چوندو ھوس، ته مونکي افسوس آھي، ته آئون اُن بابت ڪجھ نٿو چئي سگھان، ته ھُو ھڪدم موضوع بدلائي ڇڏيندو ھو ۽ ٻين مامرن تي ڳالھائڻ شروع ڪندو ھو ۽ پوءِ اوچتو اُن نُڪتي تي ايئن موٽي ايندو ھو، جو آئون لاجواب ٿي ويندو ھوس. ھُو ڪڏھن ڪڏھن مونکي ڪچھريءَ ۾ جوش، ڪاوڙ ڏياريندو، ڀڙڪائيندو يا ڄاڻي واڻي غلط ڳالھائيندو ھو ۽ جيڪڏھن پوءِ به آئون خاموش رھندو ھوس، ته ڀوڳ وچان مونکي چوندو ھو، ته رفيع صاحب ايترو به پاڻُ کي اَڻڄاڻ ظاھر نه ڪر. بھرحال، ھُن جون ڳالھيون ٻُڌڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو ھو ۽ ايئن مون تي گھڻا راز کُلندا ويا. جڏھن ھُو سُرھو ۽ سانت ھوندو ھو، ته پنھنجي شھوتي تجربن تي به ڪجھ نه ڪجھ اؤس ڳالھائيندو ھو. اوائلي ڏينھن ۾ ھُن جا اھڙا ويچار مونکي ڪجھ اچرج جھڙا لڳا ۽ آئون سمجھندو ھوس، ته شايد ھُو مونکي عام فوجي سمجھي پنھنجي ڀروسي ۾ وٺڻ گھُري ٿو، يا اُن فوجي ڪمزوريءَ کي ھُشي ڏيارڻ چاھي ٿو. پر پوءِ آئون سمجھيس، ته اُھو جيل ۾ مايوسيءَ وغيره جو اثر آھي. اھڙين گھَڙين ۾ ھُن ڪيئي پرديدارن جو به ذڪر ڪيو، پر آئون ھن ڪتاب ۾ انھن ڳالھين کي ڪا جاءِ نه پيو ڏيان.

اسان جي ملاقاتن دؤران ڀُٽي صاحب ڏيھي ۽ پرڏيھي حالتن تي به روشني وڌي. گھڻين ڏيھي ۽ پرڏيھي شخصيتن تي به ڳالھايائين. انھن موضوعن تي آئون ھن ڪتاب ۾ ’ڀُٽو صاحب جون ڳالھيون واري بابُ ۾ لکندس، ٻن ٽن ڳالھين کانسواءِ، جن جو ڳجھ ۾ رھڻ ئي قومي توڙي ملڪي مفاد ۾ آھي.

مُهارن ۽ ڏندن جي تڪليف

راولپنڊي جيل ۾ قيد دؤران ڀُٽي صاحب جون مُھارون ۽ ڏندَ اڪثر کيس سُور ڏيندا رھيا. ڪڏھن ڪڏھن ھُن جون مُھارون گھڻيون سُڄي پونديون ھيون ۽ منجھانئن رَت وَھڻ لڳندو ھو. ھُو روزانو ڪجھ ڀيرا لِسٽرين سان گُرڙيون ڪندو ھو. اُن مقصد لاءِ لِسٽرين جي بوتلن جو چڱو ذخيرو وٽس ھروقت موجود ھوندو ھو. آگسٽ 1978ع ۾ سُور وڌڻ سبب ھُن ڪنھن ڏندن جي سرجن کي گھُرائڻ لاءِ چيو. انھن ڏينھن ۾ ھُو کاڌو کائي نه سگھندو ھو. جيل سپرنٽينڊنٽ به مونکي ٻُڌايو، ته ڀُٽي صاحب جي مُھارن ۽ ڏندن ۾ سخت سُور آھي ۽ ھُو کاڌي کائڻ کان به لاچار آھي. مون سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي حالتن بابت ڄاڻُ ڏني. (بريگڊيئر خواجا راحت لطيف صاحب آگسٽ 1978ع جي پھرئين ھفتي ۾ بريگيڊيئر ايم ممتاز َملڪ صاحب کان چارج ورتي ھئي، ۽ پڇاڙيءَ تائين ھُو اُھو فرض نڀائيندو رھيو.) بريگيڊيئر خواجا راحت لطيف (پوءِ ميجر جنرل) جنرل ھيڊ ڪوارٽر ۾ سرجن جنرل کي چيو، ته ڪمبائنڊ مليٽري اسپتال مان ڪنھن سُٺي ڏندن جي سرجن کي پنڊي جيل ۾ ڀُٽي صاحب جي علاج لاءِ موڪليو. اُن تي ميجر محمد حنيف خٽڪ کي راولپنڊي جيل موڪليو ويو. ھُو ڏندن جو ڏاڍو قابل سرجن ھو. ھُو 26 آگسٽ 1978ع تي صبح جو پنڊي جيل ۾ آيو ۽ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾ رھيو، ۽ سندس علاج ڪيائين. ڀُٽي صاحب کي اُن جي علاج مان ھڪدم فائدو ٿيو. ميجر حنيف خٽڪ علاج کان پوءِ مونکي ٻُڌايو: ڀُٽو صاحب سخت جِنجي وائيٽس بيماريءَ ۾ ورتل آھي ۽ ھُن کي وڌيڪ علاج جي گھُرج آھي. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڀُٽي صاحب مونکي ميجر محمد حنيف خٽڪ لاءِ وري چيو. پر اختيارين ھُن کي ٻيھر ڀُٽي صاحب جي علاج لاءِ اجازت نه ڏني ۽ مونکي ٻُڌايو ويو، ته ھاڻي ڪنھن به فوجي ڊاڪٽر کي ڀٽي صاحب جي علاج لاءِ گھُرايو نه ويندو. ھيڏانھن ڀُٽو صاحب، ھر ڀيري ميجر محمد حنيف خٽڪ لاءِ چوندو رھيو. منھنجي ٻيھر چوڻ تي مونکي ٻُڌايو ويو، ته ڀُٽي صاحب کي ڄاڻايو وڃي، ته اُھو ڏندن جو سرجن پنڊيءَ مان بدلي ٿي ويو آھي. جيتوڻيڪ ميجر محمد حنيف خٽڪ پوءِ ليفٽيننٽ ڪرنل ٿيو ۽ ان وقت کان راولپنڊي ملٽري اسپتال ۾ ئي ڪم ڪندو رھيو ۽ دل جي باءِ پاس سبب هن انگلينڊ ۾ جُون 1990ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.

ڀُٽي صاحب جي وات جي تڪليف وڌي ويئي، ته ڊاڪٽر طارق محمود ۽ پوءِ ڊاڪٽر رشيد کي راولپنڊي اسپتال مان گھُرايو ويو، جيڪي ھُن جو علاج سيپٽمبر 1978ع ۾ ڪندا رھيا. پوءِ جڏھن ڊاڪٽر ظفر نيازي صاحب کي جيل مان آزادي ملي، ته ھُن 24 ۽ 27 نومبر 1978ع تي جيل ۾ ڀُٽي صاحب جي ڏندن وغيره جو علاج ڪيو. حڪومت کي ڊاڪٽر ظفر نيازيءَ جو ڀُٽي صاحب سان اڪيلو ملڻ پسند نه ھو، تنھنڪري ڊاڪٽر محمد سليم چيما کي به، جيڪو پرنسپل ڊي مونٽمورنسي ڪاليج آف ڊينٽسٽري لاھور ھو، گھُرايو ويندو ھو، ۽ ٻئي ڊاڪٽر گڏجي ڀُٽي صاحب جو علاج سندس ڪوٺيءَ ۾ ڪندا ھئا. مونکي پتو پيو، ته اُھي ٻئي ڊاڪٽر ذاتي طور ھڪ ٻئي کي پسند نه ڪندا ھئا. بھرحال، انھن سيڪيورٽي وارڊ ۾ 3 ڊسمبر 1978ع کان 3 فيبروري 1979ع تائين ڀٽي صاحب جو چار ڀيرا علاج ڪيو.

15 جنوري 1979ع تي ڊاڪٽر مُبشر جي زال ڊاڪٽرَ زينت، جيڪا پيٿالوجسٽ به آھي، سينٽرل اسپتال راولپنڊيءَ مان آئي ۽ ھُن ڀُٽي صاحب جي رَت جو نمونو ورتو. 3 فيبروري 1979ع جي ڏينھن ڊاڪٽر نيازي ۽ ڊاڪٽر چيما، ڀٽي صاحب جي علاج لاءِ جيل ۾ آيا. علاج کان پوءِ ڊاڪٽر چيما صاحب، جنرل شاھ رفيع عالم، ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان ملڻ لاءِ آيا. آئون اُن وقت جنرل صاحب سان گڏ سندس آفيس ۾ ويٺو ھوس. ھُن ڪچھريءَ ۾ جنرل صاحب کي ٻُڌايو: ھُو پاڻُ ڊينٽل سرجن سميت پيٿالوجسٽ به آھي، تنھنڪري ھُن کي پتو پيو آھي، ته ڊاڪٽر زينت مُبشر، ڀُٽي صاحب جي رَت ۾ اھڙي بيماري ڳولڻ جي ڪوشش پئي ڪري، جيڪا خطرناڪ ھُجي، ته جيئن فني طور ڀُٽي صاحب کي ڦاھي نه ڏئي سگھجي. جنرل شاھ رفيع عالم صاحب ھُن جو ٿورو مڃيو ۽ کيس ڀروسو ڏياريائين: ڊاڪٽرن کي اُن عمل جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڀُٽي صاحب جي رَت جو تجزيو اھڙي ليباريٽريءَ مان ڪرايو ويندو، جتي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پُھچ نه ٿي سگھي.

بھرحال، ڀُٽي صاحب جي مُھارن جي بيماري پڇاڙيءَ تائين رھي ۽ پڇاڙڪي رات (4-3 اپريل 1979ع) جنھن مھل ڀُٽي صاحب کي سندس ڦاھيءَ جي ڄاڻ ڏني وئي، تڏھن به ھُن جيل سپرنٽينڊنٽ کان باقي مطالبن سان گڏ اھو مطالبو به ڪيو، ته ھُن جا ڏند ۽ مُھارون گھڻيون خراب آھن، تنھنڪري ڊاڪٽر ظفر نيازيءَ کي ھڪدم ھُن سان ملايو وڃي، ته جيئن ھُو ھُن کي اُن تڪليف مان ڇوٽڪارو ڏياري سگھي. سڄو تفصيل ھِن ڪتاب جي بابُ ’پڇاڙڪو پَلُ ۾ لکيو ويو آھي.

عيد مُبارڪ

سال ۾ ٻنھي عيدن جي موقعن تي 111 بريگيڊ جي پلٽڻ جا ڪمانڊنگ آفيسرَ عام طور آرمي ھائوس وڃي صدر کي عيد واڌايون ڏيندا ھئا. عيدالفطر جيڪا شايد سيپٽمبر 1978ع جي پھرئين ھفتي ۾ آئي، تنھن جي موقعي تي آئون پنھنجي گھرواريءَ سان گڏ آرمي ھائوس ۾ صدر صاحب ۽ بيگم صاحبه کي عيد واڌايون ڏيڻ ويس. واپسيءَ تي اسان راولپنڊي جيل وٽان لنگھياسين پئي، ته منھنجي گھرواريءَ، ڀُٽي صاحب بابت پُڇيو ۽ چيائين: ڇا اسان ھينئر وڃي ھُن کي به عيد واڌايون ڏئي سگھون ٿا. مون وراڻيو: ايئن ممڪن نه آھي ۽ ھوءَ ڇو ٿي مونکي فوج مان ڪڍرائڻ چاھي. ھوءَ چوڻ لڳي: تون اڪيلو ته وڃي سگھندين، تنھنڪري ھُن کي اسان سڀني طرفان به عيد واڌايون ڏجانءِ.

مون جواب ڏنو: اڄ ته مونکي گھڻو ڪمُ آھي، تنھنڪري جيل ۾ وڃڻ شايد ممڪن نه ٿي سگھي. ھُن زور ڀريو، ته مونکي اڄ ئي وڃي ڀُٽي صاحب کي عيد واڌايون ڏيڻ گھُرجن، ڇوته عيد واري ڏينھن ’عيد واڌايون ڏيڻ جو ھُن کان وڌيڪ حقدار ڪير ٿي سگھي ٿو؟ ۽ گڏوگڏ اھو به چيائين: ھُن طرفان ڀُٽي صاحب کي عيد واڌائين سميت سندس نيڪ ۽ دلي تمنائون به پھچايون وڃن.

گھرواريءَ کي گھر ڇڏڻ کان پوءِ آئون سِڌو جيل جي سيڪيورٽي وارڊ ۾ ويس، جتي ڀُٽو صاحب ڪوٺيءَ ۾ اڪيلو ڪُرسيءَ تي ماٺ ۾ ويٺل ھو، جيڪو اُن ڏينھن پٽاندر گھڻو ھنيانءُ ڏاريندڙ منظر ھو. مون ھُن کي عيد واڌايون ڏنيون، ته ھُو مُرڪيو ۽ منھنجو ٿورا مڃيائين. عيد سبب ھر پاسي موڪل ھئي، ۽ ڊيوٽي وارا ماڻھو به پنھنجي دُڪان کي تالو ھڻي ويا ھئا. مون ڀُٽي صاحب کي کولي ٻُڌايو: آئون ۽ منھنجي گھرواريءَ جڏھن ڪجھ گھڙيون اڳ ڀرواري واري رستي تان لنگھياسين پئي، ته ھُن چاھيو پئي، ته اسان ٻئي ڄڻا ھتي اچي توھان کي عيد واڌايون ڏيون، پر ايئن ممڪن نه ھو. بھرحال، ھُن طرفان به توھان عيد واڌايون ۽ نيڪ تمنائون قبول ڪيو. ڀُٽو صاحب ٿورڙو جذباتي ٿيو ۽ چيائين: آئون توھان جي بيگم جو گھڻو ٿورائتو آھيان. ۽ ھُن به موٽ ۾ عيد واڌايون ۽ نيڪ تمنائون ڏنيون. اُن موقعي کان پوءِ ڀُٽي صاحب ڪيئي ڀيرا مونکان پُڇيو، ته منھنجي گھرواريءَ جو ڪھڙو حال آھي ۽ ھر ڀيري نيڪ خواھشون ڏيکاريائين.

 

مُشقتي

جيل جي قيدين مان جيڪو قيدي کاڌو رَڌڻ ڄاڻندو ھو، سو ڀُٽي صاحب کي ھن جي ڪم ڪار لاءِ نوڪر طور ڏنو ويو ھو، جنھن کي عام طور مُشقتي سڏيو وڃي ٿو. اوائلي ڏينھن ۾ ھڪ فوجي ڀاڄوڪڙ کي، جنھن کي ڪورٽ مارشل ۾ سزا ملي ھئي، ۽ پنڊي جيل ۾ ھُن پنھنجو قيد پئي ڀوڳيو، جيل اختيارين ڀُٽي صاحب سان مُشقتي طور ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. بيگم نُصرت ڀُٽو پھريون ڀيرو جڏھن ڀُٽي صاحب سان ملاقات لاءِ پنڊي جيل ۾ آئي، ۽ اُن مُشقتي چاءِ وغيره ھُن کي ڏني، ته بيگم نُصرت ڀُٽو ھُن سان ڳالھايو، جنھن مھل ھُن جي واتان ڪو انگريزي لفظ نڪتو ھوندو، جنھن تي بيگم نصرت ڀُٽو ھُن جي ماضي بابت سوال پُڇيا. ھُن مُشقتي ٻُڌايو: ھُو فوج مان ڀڄي ويو ھو، جنھن سبب ھاڻي ھِن جيل ۾ سزا پيو ڀوڳي. شايد بيگم نصرت ڀُٽي کي شڪ ٿيو ھوندو، ته فوج ھُن کي ڀُٽو صاحب جي مُخبري لاءِ اِن ڪم تي لڳايو ھوندو. ملاقات کان پوءِ بيگم نُصرت ڀُٽو اخبارن کي بيان ڏنو: مُشقتي سِلھ جو مريض آھي ۽ ڀُٽي صاحب سان گڏ نوڪر طور ڪم ڪرڻ لاءِ موزون نه آھي. جيل جي ڊاڪٽر کان ھُن جو معائنو ڪرايو ويو، ته ھُو سِلھ جي بيماريءَ کان آجو نڪتو. ھونئن به آئون پڪ سان چئي سگھان ٿو، ته اُن مُشقتيءَ جو فوج يا جيل جي اختيارين سان ڪو ميلاپ نه ھو. بھرحال، تُرت ھُن جي قيد ختم ٿيو، ۽ کيس ڇڏيو ويو. ٻيو مُشقتي جنھن کي جيل اختيارين اِن ڪم لاءِ چونڊيو، سو به فوجي بورچي ھو، جنھن ڪنھن ڏوھ آڌار جيل ۾ قيد پئي ڀوڳيو. اُھو مُشقتي ڀُٽي صاحب جي خدمت دؤران ھُن سان گھڻو ويجھو ٿي ويو. ھُو ڪوٺيءَ ۾ فوج خلاف رڳو ڳالھائيندو ئي نه ھو، بلڪ مارشل لا اختيارين لاءِ گھڻي ڪِني ٻولي به واپرائيندو ھو. حُڪم مليو، ته ھُن کي ھتان ھٽائي ڪنھن سخت ڪم تي لڳايو وڃي. ھُن کي خوشخبري ٻُڌائي وئي، ته ڪجھ ڏينھن ۾ ھُن جي سُٺي ڪم سبب سندس باقي قيد به معاف ٿي ويندو. پر سيڪيورٽي وارڊ مان ٻاھر آڻي ھُن کي ڪنھن مُشقت سان ڀرپور ڪم تي لڳايو ويو. ھُن بيوقوف کي ڀُٽي صاحب جي خدمت ۽ خوشنوديءَ سميت پنھنجو آرام به راسُ نه آيو. ٽيون مُشقتي جنھن جو نالو عبدالرحمان ھو، گولڙا ويجھو ضلع راولپنڊيءَ جو رھندڙ ھو. ھُن مُشقتيءَ، ڀُٽي صاحب جي گھڻي خدمت ڪئي. ھُو ھُن سان گڏ پڇاڙڪي وقت تائين رھيو. ھُو ڀُٽي صاحب کي دل ۽ جان سان چاھيندو ھو ۽ ڏينھن رات سيڪيورٽي وارڊ جي رڌڻي ۾ ڀُٽي صاحب جي حُڪم جي اوسيئڙي ۾ رھندو ھو. ڀُٽي صاحب کي جڏھن 4-3 اپريل 1979ع تي رات جو ڦاھيءَ لاءِ وٺيو پئي ويا، ته ھُن شخص جي ھٿ ۾ چاءِ جي پيالي ھئي، جيڪا ڀُٽو صاحب جي ڀاڳُ ۾ نه ھئي، جنھن جو تفصيلي بيان ھن ڪتاب جي ايندڙ صفحن ۾ ڪيو ويندو.

وارن جو انداز

ڀُٽو صاحب مٿي جا وارَ چڱا وڏا رکندو ھو. راولپنڊي جيل ۾ اٽڪل يارھن مھينن جي قيد دؤران ھُن رُڳو ھڪ ڀيرو وارن جي سَنوارت ڪرائي. آڪٽوبر 1978ع ۾ ھُن جيل اختيارين کي حجام لاءِ چيو. ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي نگرانيءَ ۾ ھڪ حجام کي، جنھن جي پوشاڪ ۽ وار ڪَتريندڙ اوزارن جي صفائيءَ جو خاص اھتمام ڪيو ويو ھو، سيڪيورٽي وارڊ ۾ موڪليو ويو. وار لھرائڻ کان پوءِ ڀُٽي صاحب ھُن جا ٿورا مڃيا ۽ ھڪ سؤ روپيا کيس انعام ۾ ڏنا، پر ھُو پئسا نه وٺڻ تي اَٽل رھيو. مونکي ٻُڌايو ويو، ته ڀُٽي صاحب ھُن کي چيو ھو: تون غريب پاڪستانين مان ھڪُ آھين ۽ منھنجي ھي جِند به شايد توھان ماڻھن لاءِ قربان ٿيندي. ھيءَ ته بلڪل ننڍڙي رقم آھي. اِھا اڄ رات تنھنجي ٻارن جي مانيءَ لاءِ آھي. ان تي حجام اھا رقم اکين مان ڳوڙھا ڳاڙيندي ورتي.

ڀُٽو ۽ مذهب

ڀُٽي صاحب جي سيڪيورٽي وارڊ ۾ اچڻ کان پھرين ھُن جي ڪوٺيءَ ۾ نماز پڙھڻ جو ھڪڙو مُصلو رکيو ويو ھو، پر ڪنھن به ھُن کي ڪڏھن نماز پڙھندي نه ڏٺو. ھُن جي ڪوٺيءَ ۾ پڇاڙڪي ڏينھن قرآن مجيد جو ھڪڙو ننڍڙو نُسخو، جيڪو اٽڪل ھڪ انچ ڊگھو ۽ مُنو انچ ويڪرو ھو، چانديءَ جي ايتري سائيز جي پيتيءَ ۾ بند پيل ڏٺو ويو، جيڪو شايد ڪنھن ويجھي مائٽ ھُن کي ڏنو ھوندو. مون سان ڀُٽي صاحب مذھب تي ڪڏھن به نه ڳالھايو. پڇاڙڪن ڏينھن ۾ جڏھن به مون اللھ تعاليٰ جي مھانتا، سندس رحمتن ۽ بخششن جو ذڪر ڪيو، ته ھُن ڪڏھن ڳالھ اڳتي نه وڌائي.

فيبروري يا مارچ 1979ع ۾ ھڪڙي ڏينھن مونکي چوڻ لڳو: ڏس جيل سپرنٽينڊنٽ چوڌري يارمحمد مونکي نصيحت ڪري ٿو، ته آئون نماز پڙھان ۽ اللھ تعاليٰ کان معافي گھُران. آئون ڀانيان ته ھُن اھو سمجھيو ھوندو، ته جيل سپرنٽينڊنٽ ھُن جي ھمت ۽ حوصلو ٽوڙڻ چاھي ٿو، پر رمضان جي مھيني ۾ ڀُٽي صاحب سمورا روزا باقاعدگيءَ سان رکيا. سحري ۽ افطار جو باقاعدي بندوبست رکندو ھو. پڇاڙڪي رات مون ھُن جي ڳچيءَ ۾ ھڪڙي تسبيح به ڏٺي. آئون ڀانيان ٿو، ته ڀُٽي صاحب جو لاڙو ٿورڙو صوفي مَت ڏانھن ھو، ۽ ھُو مذھبي رسمن ۽ نماز وغيره جو ڪو خاص خيال نه رکندو ھو. مولوين کان ھُن کي سخت چِڙ ھئي، ۽ چوندو ھو: پاڪستان ۾ اسلام کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پھچائيندڙ اُھي اَڻپڙھيل مولوي آھن.

جيل سپرنٽينڊنٽ جو خواب

جون يا جولاءِ 1978ع جي ڳالھ آھي، جو آئون چوڌري

يارمحمد جي جيل آفيس ۾ ساڻس گڏ ويٺل ھوس. سيڪيورٽي وارڊ جي چاٻين جو ڇڳو ھُن جي سامھون ميز تي پيل ھو، جنھن کي ڏسي ھُن مُرڪيو ۽ چوڻ لڳو: ڪرنل صاحب! آئون توھان کي ھڪڙو سچو سَپنو ٻُڌايان ٿو. چوڻ لڳو: ”197ع جي اوائل ۾، مون ھڪڙي رات سَپني ۾ ڏٺو، ته محترم ذوالفقار علي ڀٽو (تنھن وقت پاڪستان جو وزيراعظم) ھن جيل (سينٽرل جيل راولپنڊي) ۾ آيو آھي ۽ جيل جو معائنو پيو ڪري. ھُن عورتن جي وارڊ ويجھو مونکي چاٻين جو ھڪڙو ڇڳو ھٿ ۾ ڏنو. پوءِ چوڻ لڳو: صبح اُٿندي ئي مون پنھنجي زال کي ٻُڌايو، ته شايد وزيراعظم جناب ڀُٽو صاحب مونکي وڏي ذميداري سونپڻ گھُري ٿو ۽ پوءِ زال مُڙس ۾ ڪجھ ڌُڪا لڳڻ لڳا. سَپني تي ڳالھائيندي چوڌري يارمحمد ميز تي پيل چاٻين جو ڇڳو کنيو ۽ چيائين: ھاڻي مونکي پتو پيو آھي، ته اُن سَپني جو مطلب ڇا ھو. مارشل لا اختيارين، سيڪيورٽي حُڪمن ۾ سيڪيورٽي وارڊ جي حفاظت جي ذميداري جيل سپرنٽينڊنٽ تي وڌي ھئي. سيڪيورٽي وارڊ ۾ لڳل سمورن تالن جون چاٻيون ھروقت پاڻُ وٽ رکڻ، تالا کولڻ ۽ بند ڪرڻ کي جيل سپرنٽينڊنٽ جو ذاتي فرض بڻايو ويو ھو، جنھن کي ھُو پنھنجي بيعزتي سمجھندو ھو. جڏھن جيل سپرنٽينڊنٽ جيل مان غيرحاضر ھوندو ھو، ته ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اُھو ڪم پاڻُ نڀائيندو ھو. ڪيئي وارڊرن جو گڏ ھئڻ انھن صاحبن کي گھڻو اَڻوڻندڙ ڀانئبو ھو. اِھا ھئي اُھا ڳري ذميداري، جيڪا جيل سپرنٽينڊنٽ جي چوڻ موجب ھُن جي سچي سپني جي نتيجي ۾ کيس سونپي ويئي ھئي، پر ھُو اُن کي پنھنجي توھين جو سبب سمجھندو ھو.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org