سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ديوان نواز

باب:

صفحو:5 

پياس نيڻن سندي اجهائي اٿم،

ديد ديدن سان جو ملائي اٿم.

 

محفلن ۾ ڪيم اجالو هيئن،

روشني چنڊ کان چورائي اٿم.

 

توکي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾،

خود مٿان دنيا هي کلائي اٿم.

 

مون جو چوڙيو ۽ ماڻيو کاڌو،

ٻي مگر چيز هر پرائي اٿم.

 

عشق ۾ نامور آهن قصا،

پرت پنهنجي اتي پڄائي اٿم.

 

هي دعا ماءُ سان گَڏُ مونکي ”نواز“،

مرشدن جي به سڀ ڀلائي اٿم.

 

جان منهنجي نه آهي مون ۾ ”نواز“،

ڳالهه توکان به هيءَ لڪائي اٿم.

*

دوستيءَ کي زندگي ارپي ڇڏيم،

حاسدن کي هر خوشي ارپي ڇڏيم.

 

سهڻي ميهر، راڻي مومل وانگيان،

پيار کي نئين تازگي ارپي ڇڏيم.

 

پيار جو ٻج ٿئي وڌي وڻ، تنهنڪري،

ان کي رشتن جي نمي ارپي ڇڏيم.

 

هُن کپائي جو ڇڏي آهي، تڏهن،

ان کي ئي پنهنجي خوشي ارپي ڇڏيم.

 

حسن واري کي ڏٺم اهڙي طرح،

هُن کي يڪسر ئي مڳي ارپي ڇڏيم.

 

ساري جيون جو ڪيو سودو اٿم،

هي نه سمجهو دل لڳي ارپي ڇڏيم.

 

منزلن تي ئي اکيون کوڙي ’نواز‘،

حوصلن کي بي خودي ارپي ڇڏيم.

*

قرار ڪو نه مليو ڪو جڏهن قرارن ۾،

مزار پير جي آئي نظر سهارن ۾.

 

اي سمجهدار سڄڻ ڳالهه توسان لاڳو آ،

ڪيان ٿو ڳالهه سا آهي مگر اشارن ۾.

 

رکون ٿا ٺاهه جي ٽيبل ۽ ڪرسيون وچ تي،

رکيو ڇا تير و ڪمان ۾ ۽ آ ترارن ۾.

 

اٿيئي وقت جي مهلت ذرا تُون سوچي ڏس،

متان پو نام اچي تنهنجو ئي غدارن ۾.

 

ڇڏائي هٿ جو وڃين پيو مگر تون هي ته ٻڌا،

ٻڌا پو تنهنجي سوا رهندو ڇا نظارن ۾.

 

”نواز“ حال پنهنجو آهه پڳو هِن حد تي،

گذر به ٿي پيو مشڪل آهي گذارن ۾.

*

گهڻي تبديلي آئي آ محبت جي فساني ۾،

حَسين ڪنهن شوخ وٽ مان دل گرفته ٿيس نشاني ۾.

 

وڌي ٿي دل جي ڌڙڪن بي سبب بي فڪر ٿي وڃ تون،

ائين ڀي ٿيندو آهي يار اڄڪلهه جي زماني ۾.

 

حَسين ڪنهن شوخ نظرن سان چمن دل جو ڇڏيو ساڙي،

بچيو ڪجهه ڪو نه آهي هاڻي دل جي آشياني ۾.

 

الڳ مستن جي منزل آ، پري پينار جو مقصد،

رکو ٿورو فرق پينار ۽ پنهنجي ديواني ۾.

 

ملڻ جا واعدا مون سان وفا ڪريو خدا نالي،

مزو ڪهڙو اچئي ٿو ڏس اَهاني ۾ بهاني ۾.

 

ڪيم قربانُ خلعت خوب شاهانا نشتن کي،

فقيرن کي سُڪون آيو اوهان جي آستاني ۾.

 

نواز! عشق جو سودو جتي آهي اتي مون کي،

ملي ڪا نوڪري اهڙي اوهان جي ڪارخاني ۾.

”ن“

 

*

جيڪڏهن دل جي محبت ٿوري خرچائين هان،

باوفا هرگام هر لحظي مون کي پائين هان.

 

هر انڌيري جي پٺيان آ روشني هوندي ضرور،

پر نه ڀائر کوهه ۾ بي درد اڇلائين هان.

 

محبتن عيوض مون کي آ درد جو موٽي مليو،

جو سٺو ٿم دنيا وارا هار پارائين هان.

 

جا ورهائڻ تي کٽي وئي ۽ نه مون خاطر بچي!؟

محبتون هون ڇا وڃي ها جي لڱين لائين هان.

 

ڪونه ٿئي ها ملڪ اڌاڌ سانحا هڪ ٻئي پٺيان،

تو کان دشمن ڀي اگرجي ٿورو گهٻرائين هان.

 

جو کٽو ايمان تن وٽ ۽ ڏُڪر ڏسڻو پين،

تان بچن ها جي بکيا مسڪين کارائين هان.

 

ديد تنهنجي لاءِ ئي ترسيو پيو هو بس ’نواز‘،

هو اچن هان هي خبر جي کين پهچائين هان.

*

هن دل جي محبت کي الزام نه ڏي سائين،

هي سربه حوالي ٿئي ڪو دام نه ڏي سائين.

 

هي تهمت الزام آ جو جي جلائي ٿي،

پي فڪر ٿي مخموري سوجام نه ڏي سائين.

 

مون نام وٺي تنهنجو ئي نام ڪمايو آ،

تون ئي ته لقَب اهڙو بدنام نه ڏي سائين.

 

تون دنيا وارن ۾ ٿي وچ مصروف اڃا!،

هِن درد محبت کي ڪا شام نه ڏي سائين.

 

ننڍپڻ جي چاهت ڀي آ ڄاڻ سڄاڻ اگر،

پوءِ اهڙي رشتي کي ڪو نام نه ڏي سائين.

 

هن درد محبت ۾ ماڻي ٿو نواز مزا،

ڪو رحم متان آڻي آرام نه ڏي سائين.

*

منهنجون عشق ۾ ٿيون اظهار اکيون،

منهنجي محبت جو ڪردار اکيون.

 

جو گُهوري ماري جيارين ٿيون،

هِي جانب جلويدار اکيون.

 

چُپ چاپ رهان ٿو هُن آڏو،

منهنجا گفتا ۽ گفتار اکيون.

 

چپ، ڳل، گيسو ۽ پيشاني،

پر تن تي ڄڻ دستار اکيون.

 

ٿو ٻوٽيان نهاريان يا ڦيريان،

منهنجي چئي ۾ هن چئيدار اکيون.

 

محبت جا چپ رکيم تن تي،

منهنجي هانو هينئين جو ٺار اکيون.

 

ٻيون کوڙ زماني ۾ ليڪن،

منهنجي سهڻل جون سردار اکيون.

 

مون جن تان ”نواز“ ڪئي صدقي،

سي سانول سُرمي دار اکيون.

*

الفتون انتها کي پهچي ويون،

ڪلفتون ڀي سزا کي پهچي ويون.

 

جاري ساري رهيون ملڻ تائين،

ڪوششون همنوا کي پهچي ويون.

 

وحده لا شريڪ چوندي ئي،

التجائون خدا کي پهچي ويون.

 

نم اکين سان گهريون خدا کان مون،

سي دعائون عطا کي پهچي ويون.

 

قسمتن سان نه ڪوئي شڪوه آ،

سي ئي صبر و رضا کي پهچي ويون.

 

ديس پرديس کان رُلي آخر،

حڪمتون ئي دوا کي پهچي ويون.

 

آس الفت سندي رکي آهون،

تنهنجي در تي صدا کي پهچي ويون.

 

منهنجي اميد دل سنديون آهون،

اڄ ته غار حِرا کي پهچي ويون.

 

مان قدم بوس ٿيس جڏهن هُن کي،

سڀ وڇوٽيون قضا کي پهچي ويون.

 

هي عزازيل جو تڪبر هو،

محنتون سڀ خطا کي پهچي ويون.

 

يا خدا رحم سنڌ تي گهرجي،

ڄاڻ وسنديون فنا کي پهچي ويون.

 

مون ڏي مرڪي ’نواز‘ هُو آيو،

ساعتون سڀ وفا کي پهچي ويون.

.

*

توهان کان بعد تنهنجون يادگيريون،

اسان کي ياد تنهنجون يادگيريون.

 

مون کي ميٺاڄ ٿو ان کان ملي ڄڻ،

شڪر ۽ شهد تنهنجون يادگيريون.

 

ڪري سي ياد مان رڱجو وڃان ٿو،

اسان لاءِ سعد تنهنجون يادگيريون.

 

اسان ڪي رات جا تارا اجهاميل،

ته ڪن ٿيون شاد تنهنجون يادگيريون.

 

کڻي کولي به ڏس تون دل اسان جي،

گهڻيون تعداد تنهنجون يادگيريون.

 

اميد آهي سدائين سرهيون رهنديون،

دل ۾ آباد تنهنجون يادگيريون.

 

”نواز“ آهي ته ان کي خود ڏين ٿيون،

مبارڪ باد تنهنجون يادگيريون. 

*

تماشو ذات آ منهنجي تماشائي به خود آهيان،

اسان جي دم سان محَفل آ ۽ تنهائي به خود آهيان.

 

ڪٿي مان سُور صدما هان ڪٿي مرهم ڪٿي منزل،

ڪٿي زخمن جي پيڙهه آهيان ۽ ڀرپائي به خود آهيان.

 

ڪٿي مطلوب، ڪٿ طالب ڪٿي مطلب ڪٿي مقصد،

سراسر بي رخو آهيان، شناسائي به خود آهيان.

 

خوشي آهيان غمي آهيان، مان آهيان سوز سر گرم ڀي،

غزل آهيان حقيقي شاهه جي وائي به خود آهيان.

 

حڪم محڪوم مان آهيان، ظلم آهيان عدل آهيان،

محرم جو ڪٿي ماتم ۽ شهنائي به خود آهيان.

 

سمنڊ آهيان، ڀنوَر آهيان، ڪنارو مان سُڪهرو مان،

ڪڏهن پياسو رهان ٿو مان تراسائي به خود آهيان.

 

پنهون ميهار ۽ راڻو، مان هيمون، هوش محمد ڀي،

لکيم تاريخ جا سنڌ جي سڄڻ سائي به خود آهيان.

 

”نواز“ آدم جي ذات آهيان، خطا آهيان سزا آهيان،

حقيقت حال ڀي آهيان، ته پرڇائي به خود آهيان.
 

*

مليا محبوب کان جي غم ته پو مرهم ڪٿان آڻيان،

توهان جي دل سان منهنجي دل ٿئي پيهم ڪٿان آڻيان.

 

وڇائي نيڻ ويٺي آهي ٻارنهن ئي مهينن کان،

ملي محبوب سان مومل اها موسم ڪٿان، آڻيان.

 

قسم سان ڪين ڪي رُئنديون ڪڏهن هاڻي اوهان آڏو،

اوهان ئي فيصلو ڪريو اکيون پُرنم ڪٿان آڻيان.

 

وڌي ويا فاصلا ويتر رکي ناتو محبت جو،

قريب آڻي اوهانجي سوئي اهڙو ڪم ڪٿان آڻيان.

 

اي مرشد طالب الموليٰ وڃي ڪيڏانهن سندو طالب،

توهان سان ٿي وڃي همدم سو اهڙو دم ڪٿان آڻيان.

 

”نوازا“ زخم صدما جي رسيا محبوب کان آهن،

انهن جو ڪو مداوا ناهي پو مرهم ڪٿان آڻيان.
*

هن جو رايو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان،

پر اجايو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

مهربان ڪئي مهرباني منهنجي لاءِ اهڙو اصول،

ڪيئن ٺاهيو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

منهنجي هوندي بي سبب ناراض ٿي ڪنهن غير سان،

دل لڳايو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

عشق بابت روئي روئي عندليب اڄ باغ ۾،

گيت ڳايو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

محنتن سان ٺاهيل هي ملڪ محبت جيڪڏهن،

ڪنهن به ڊاهيو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

هڪ ته دشمن ٻيو مخالف تنهن کي ئي رسته نجات،

ڪنهن سُجهايو آته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

سج هوندي ساٿ آ ۽ رات جو گم ٿيو وڃي،

ڪو به سايو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

منهنجي پٿرايل اکين مان بي وفا تنهنجي ڪري،

خون آيو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

باوفا درٻار ۾ جو بيوفائن جو سوال،

ڪنهن اگهايو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

يار ياريءَ جو هي ڌاڳو جو ڳچيءَ وجهڻو آهي،

تو منجهايو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

مون سان ٿي انصاف جو محبوب مرضيءَ جي خلاف،

خط لکايو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

درسني دل تنهنجو نالو محبتن خود آ لکيو،

تو مٽايو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

 

تو ڪڍي دل مان ڇڏيو پو دل ئي ڀلا ڪنهن ڪم سندي،

”دل ۾ آيو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان“.

 

خوابِ الفت ۾ ڏکيو مس مس ستو آهي ’نواز‘،

ڪنهن جڳايو آ ته مان دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏيان.

” ڻ “

 

*

پيار جي کٽ دل جي اکڙين ساڻ واڻ،

جي پڄئي، نه ته ڪو هُنر وارو به آڻ.

 

سچ ته هي آ تندرستيءَ جي بغير،

ڪهڙي ڪم جي جي ملي هيرن جي کاڻ.

 

تون جي گڏ راحت، بنا تو وحشتون،

هيءَ حقيقت حال دل جي تون به ڄاڻ.

 

جو چريا ڀي ٿا چريو مون کي چون،

اهڙا ڀي جي حآل ٿيا هن ڪنهنجي ڪاڻ.

 

مفلسي محبت جي دشمن ٿي پئي،

مون ڪيو آخر سخاوت پنهنجو پاڻ.

 

ڪين پو لاهي سگهين ٿورا متان،

طاقتون عهدا ته غيرن جا نه ماڻ.

 

مان نگاهن مان ئي سمجهان پيو نواز،

تير لفظن جا ڇڪي مون ڏي نه تاڻ 

 

*

اسان جي دل کي پنهنجي دل سان گرمايو خدا ڪارڻ،

ائين حاصل ٿئي ڪو بيش سرمايو خدا ڪارڻ.

 

اکين دل جي حويليءَ جو اڱڻ اجرو ڪيو آهي،

اسان جي ڀي اگڻ تي پير ڪو پايو خدا ڪارڻ.

 

طلب تنهنجي ڪري دلڙي ٿي واجهائي اميدن سان،

اوهان ڪجهه پيار سان آخر ته فرمايو خدا ڪارڻ.

 

اگرچ ممڪن ئي ناهي مگر تنهنجي ته وس آهي،

ويل ڪا وير وقفن جي ته موٽايو خدا ڪارڻ.

 

ڇڏيم دنيا ڇڏيم لالچ مگر هڪ آخري خواهش،

اگرجي عشق جي آهي ته ڳولايو خدا ڪارڻ.

 

نه تنهنجي دل ۾ جي رهندو ته پو ڪيڏانهن ’نوازا‘ ٿئي،

سو پنهنجي دل جي دروازي کي کولايو خدا ڪارڻ.
 

”و“

 

*

ڏنو ٿم خواب جو تعمبير آڻيو،

سراسر هوبهو تصوير آڻيو.

 

هليو آيو گهرايم دل سان دلبر،

توهان ڀي آهه ۾ تاثير آڻيو.

 

دعا گسندي نه هڪڙو شرط آهي،

دعا لئه هٿ کڻي دلگير آڻيو.

 

چمائو ٿا لکن زخمي ته ڪن ٿا،

وڃي ٿي پار سو ئي تير آڻيو.

 

مڏي ڪاتيءَ سان مون کي ڇو ڪهين ٿو،

وڍي پل ۾ اها شمشير آڻيو.

 

اٿو جي قرب ۾ جو قيد ڪرڻو،

محبت جي کڻي زنجير آڻيو.

 

ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو ٿا ته ترسو،

ڇريِ سان زخم ۾ ڪو جهير آڻيو.

 

”نواز“ آهي مون کي لاچار تنهنجو،

ڪري ڪوشش به ڪا تدبير آڻيو.
 

*

شمعِ محفل ڏس ته ٻاري ڪير ٿو،

باغ اجڙيل کي سنواري ڪير ٿو.

 

با ادب محفل جو مئڪش آهيان،

حُسن کي شوخي ڏياري ڪير ٿو.

 

فيصلو ٿيو مان ته هوندس متفق،

ڳالهه تي هُن کي بيهاري ڪير ٿو.

 

تو سهارن ۾ اکيون آهن وڌيون،

تو سهاري پو گذاري ڪير ٿو.

 

در انهيءَ آڏو روئي ويهي رهان،

پو ڏسي وٺبو ڌتاري ڪير ٿو.

 

سئن هڻبي تان اُتي پوندي خبر،

راهه تان مون کي اٿاري ڪير ٿو.

 

تو ۾ غم جي سهپ ڏسجي ڪا نه ٿي،

پر خوشي پنهنجي ڏياري ڪير ٿو.

 

شهر خوشين جو پوي ٿو راهه ۾،

جامِ الفت اُت پياري ڪير ٿو.

 

مان پٺيان سڀ غم ورائي ٿو ڏسان،

نئين اسان لاءِ باهه ٻاري ڪير ٿو.

 

کلندي کلندي نيڻ آلا ٿي ويا،

اهڙي حالت ۾ روئاري ڪير ٿو.

 

مُون پٺيان هر هر ڏنو آهي نواز،

ڪوبه به ناهي پو پڪاري ڪير ٿو.

 

*

بار اهڙو کڄي ڪجهه نٿو،

ڪنهن جي دل ۾ رهي ڪجهه نٿو.

 

ها ڏسان پيو اکين سان مگر،

بس نظر ئي اچي ڪجهه نٿو.

 

’وقت سان وقت تي وقت ۾،‘

وقت مون سان هلي ڪجهه نٿو.

 

تند جذبات جي پئي ٽٽي،

ڇو هي عاشق ڪري ڪجهه نٿو.

 

هُن مزوري ڪري هيئن چيو،

مون کي گهر لئه بچي ڪجهه نٿو.

 

هو پيو روزا رکي پاڙي ۾،

ڪنهن جي گهر ۾ پچي ڪجهه نٿو.

 

هُو چچرجي ويو آ سڄو،

پر تڏهن ڀي ڪُڇي ڪجهه نٿو.

 

جي ڏجي ٿو ته وٺجي نٿو،

جي ٿو وٺجي ڏجي ڪجهه نٿو.

 

آ ٻُڍيءَ وارو ساڳيو يقين،

پر ٻڏو جو تري ڪجهه نٿو.

 

شادمانه ڪيان تو سوا!؟،

منهنجو ميلو مچي ڪجهه نٿو.

 

ڪا تباهي اچي ئي اچي،

جو زمانو مڙي ئي نٿو.

 

راز جون ڳالهيون آهن نواز،

ڪير سمجهي سگهي ڪجهه نٿو.

 

آ ٻڏڻ ئي مناسب نواز،

جي ترڻ ئي اچي ڪجهه نٿو.

*

تنهنجي راهه نهاريان ويٺو،

هينئن مان جيون گهاريان ويٺو.

 

چڳندي روز ڏسان ٿو پنڇي،

پنهنجي من کي ماريان ويٺو.

 

توکان وسري ويا سڀ ليڪن،

پنهنجا واعدا پاريان ويٺو.

 

تنهنجي تصويرن جو البم،

ڏسندي اکيون ٺاريان ويٺو.

 

لڙڪن ۾ سوچن جون ٻيڙيون،

ٻوڙيان ويٺو تاريان ويٺو.

 

سنڌ جي بنيادي حقن لئه،

روز سوال اٿاريان ويٺو.

 

تنهنجي وئي کان پو يادن جا،

”ڏيئا هيڏانهن ٻاريان ويٺو.“

 

حيرت خود تي آهي ”نواز“،

جيون ڪيئن گذاريان ويٺو.

*

ننڍي هوندي جي ڪا ڪهاڻي ٻڌايو،

هيو هڪڙو راجه ۽ راڻي ٻڌايو.

 

هتي ڳوٺ ۾ خوش آهن منهنجا مارو!؟،

فصل سڀ يا وڻ ٽڻ ۽ لاڻي ٻڌايو.

 

ڀلا آسودو مال آهي ۽ ڀاڳيا،

لسي يا مکڻ جي ڪا چاڻي ٻڌايو.

 

اڃا نقش دل تي آهن تنهنجون يادون،

توهان ڇو ڪئي موڪلاڻي ٻڌايو.

 

جنهين لاءِ تماچي پيو ايندو هو تڙتي،

اڃا ات اچي ٿي مهاڻي ٻڌايو؟.

 

ڇڏي ڳوٺ ڇالئهِ ڇڏي وئي سڀن کي،

سڀني کان هُئي جا سياڻي ٻڌايو.

 

توهان پيار مان ناز نالو رکيو هو،

چيو ڪنهن هو توکي نماڻي ٻڌايو.

 

آهن بانس لڪڙا لين جا تلهڙ ڀي،

جنهين مان ٺهي گز ڪماڻي ٻڌايو.

 

اکيون ٿيون ٿڌيون سرمون پاتو ٻنهي هو،

ڪٿي آ اها سرمي داڻي ٻڌايو.

 

”نواز“ آهي تنهنجي حوالي ڪئي جا،

چٺي ڳوٺ سا تو اماڻي ٻڌايو.

*

حسينن جو ڏکايل هان اي يارو!

ڪپهه وانگر دُکايل هان اي يارو!.

 

رکائي عشق جو روزو هليو ويو،

اڃا تائين اُڃايل هان اي يارو!.

 

وري موٽي وطن ڏي ماڳ ايندس،

پکي ڪنهن ڏي اڏايل هان اي يارو!.

 

اگر ڪنهن کي لڀي ويس راز کلندا،

دفينو ها دٻايل هان اي يارو!.

 

ڀري محفل مان لوڌي جنهن ڪڍيو آ،

انهي جو ئي گهرايل هان اي يارو!

 

مان گريه جي اها ديوار ناهيان،

پٿر پوئتي هٽايل هان اي يارو!

 

ٻڌايو هُن کي قابو ڪيئن ڪريان،

رسيءَ وانگر ڇنايل هان اي يارو!

 

ڀلا ٿيا ڀاڳ مان ناياب تي ويس،

انهي در تي وڪاميل هان اي يارو!

 

حياتي جستجو ۾ ٿي بسر آ،

محبت جو ٿڪايل هان اي يارو!

 

ٺڪي ٺوڪي ٺڪر وٺجو تڏهن ڀي،

اگرچه آزمايل هان اي يارو!

 

گهڻا رستا ڏسي بيهي رهيو هان،

”نواز“ آهيان منجهايل ها اي يارو!

 

*

مون ڇڏي دنيا مگر ڪو همنوا حاصل نه ٿيو،

ساه سر ڇا تي ڏجي ڪو ناخدا حاصل نه ٿيو.

 

مطلبن الجهيل ڪي رشتا، يار يارانه ته هئا،

مون ڪري ڳولا ڏٺي ڪو ڀي جدا حاصل نه ٿيو.

 

دل تريءَ تي جا هئي بي دام واپس ٿي ملي،

جو هجي ان تي فدا سو جان فدا حاصل نه ٿيو.

 

دل نٿي سمجهين ٻڌايان ڪيئن سمجهايان چري،

هو هئو هڪ بي وفا جو بي وفا حاصل نه ٿيو.

 

اُلفتن جي راهه هلندي ڪيئي ڪي مدفن ڏٺم،

ڪو اجهو ڪا جهوپڙي ڪو رهنما حاصل نه ٿيو.

 

مان اصولن تي هلي ورهائي ويٺس پاڻ کي،

دل هٿن مان ڌار وئي ۽ دلربا حاصل نه ٿيو.

 

دل ڪو ريگستان بي رخ، بي رخي سان پئي ’نواز‘،

نفرتون ۽ پيار يا جورو جفا حاصل نه ٿيو.

 

جنهن ڏکاريئي، تو ڏٺو جو خوب ٿو سمجهين ’نواز‘،

هاڻ چئجان ڪين تون مون کي خدا حاصل نه ٿيو.

بسم الله

 

پيا ڏسجن ڇوٽڪاري جا سڀئي آثار بِسم الله،

خدايا بخش ڪر مون کي به آخرڪار بِسم الله.

 

ورتو دامن محمد آل اطهر ۽ صحابن جو،

فتح ۾ ڪو به شڪ ناهي آ ٻيڙو پار بِسم الله.

 

بلاشڪ موت ايندو ۽ ملائڪ ڀي پڇڻ ايندا،

حسين ابن علي ٿيندو اُتي آڌار بِسم الله.

 

سدا صديق اڪبر جي پٺيان ايمان ڪامل آ،

پڙهي ڪلمون محمّد تي ڪيم اقرار بِسم الله.

 

حسابن ۾ آهيان ڪمزور مالڪ مهرباني ٿئي،

ڪيو آ ذات تنهنجي ساڻ ٿورو پيار بِسم الله.

 

ڌڪاريندي نه مون کي آهه ٿوري دير ئي ليڪن،

قبوليو پنهنجي در تي هي کڻي پينار بِسم الله.

 

هزارين بخششن ۾ تون نوازا بخشجي ويو آن،

فڪر ڇڏ تون علي سائين جو ڪر ديدار بِسم الله.
 

*

هيءَ راند رهي تو سربسته،

نئين چال هلي تو سربسته.

 

هِن حال کان واقف ٿي راڻا،

کيئين بار ڀري تو سربسته.

 

هي تنهنجي امانت تو تائين،

اڄ ڄاڻ پڳي تو سربسته.

 

مان ويٺو اداس فراق ۾ هئس،

ڏني پاڻ خوشي تو سربسته.

 

ڏس پيار ۾ ڪيڏي شهد شڪر،

سا پاڻ چکي ٿو سربسته.

 

ڪنهن ڳالهه ۾ ڀي ڪا اڳرائي،

آ ڪانه ڪئي تو سربسته.

 

مان ڪاوڙجي ويٺس ليڪن،

بن ڪانه سري تو سربسته.

 

هُئي بازي تنهنجي يار نواز،

سا ڪانه کٽي تو سربسته.

 *

پيار توسان مون ڪيو آ بي پناهه،

تنهنجي مرضي تي هلڻ منهنجو گناهه.

 

حُسن آڏو عشق گوڪمزور آ،

پوءِ به چوندس يار تون سينو نه ساهه.

 

ڪاميابي ۽ حمايت ٿئي مگر،

دشمنن مان آسرو هر گز نه لاهه.

 

عاشق بسمل تي اڄ خنجر کڻي،

پنهنجي هٿ سان ڪيو حلال و بِسم الله.

 

مان رهڻ ايندس اتي آخر نواز،

آشيانو ڪو ننڍو دل ۾ ته ٺاههِ.

” ء “

 

*

خدا جو قسم ڪا وڏائي نه آ ۽،

اها ڳالهه ئي ٿي اجائي نه آ ۽.

 

رڳونيڻ ناتي نشو نينهن جو ۽،

سوا سُرڪ سا ڀي سوائي نه آ ۽.

 

محبت ۽ ايمان آ باليقين ۽،

سوا ان جي ٻي ڪا ڪمائي نه آ ۽.

 

مليا زخم اهڙا حيات چمن کي،

لڳي ٿو ته تن جي دوائي نه آ ۽.

 

لڳي دل لڳيءَ جي پٺيان مون ڪئي آ،

محبت توهان کان لڪائي نه آ ۽.

 

نه محبت کي محبت ملي مون لڳي ٿو،

مٿي لوح قسمت لکائي نه آ ۽.

 

نواز آهي ڪنهن جو هي دنيا سڏي پئي،

اسان ڳالهه اهڙي هلائي نه آ ۽.

 

ڪئين ڀيرا مُئاسن نوازا پٺيان تو،

چئين ٿو ته ٿي حق ادائي نه آ ۽.
 

*

حياتي هوندي ئي اچجان رُٺل سهڻا! ملڻ جي لئه،

اُجهائج ديد اکڙين جي بهانو ٿئي پڇڻ جي لئه.

 

اکيون بي نور پيون ٿين ۽ سنڌن ۾ ساهه ڪو بچيو،

سهاري جي ضرورت هاڻ مون کي پئي جيئڻ جي لئه.

 

جدائي هانءُ ڏاري پئي مرڻ کان اڳ مري وڃبو،

ذرا ٻيهر ڪيو ويچار ائين پاسو ڪرڻ جي لئه.

 

بچائي پي هليس دامن ڪٿي الجهي نه ڪنڊن ۾،

مگر قسمت ڪيس ليڙون اوهان آڏو جهلڻ جي لئه.

 

جياريو پيا اگر جيسين ته پنهنجي ۾ کڻي ڪريو،

ڪيم از حد گهڻي ڪوشش توهان جن ۾ سڏڻ جي لئه.

 

وڇوڙي تي پيو لکبو جڏهن کان منهن مٽيو آ تو،

قلم طاقت ڇڏي آ هاڻ الفت تي لکڻ جي لئه.

 

ذرا مشڪل ته آهي نئين سري سان نينهن لائڻ پر،

ڪري ڪوشش ته ڏس هِن پيار پنهنجي کي پسڻ جي لئه،

 

سنڀالي ڀي سگهان تن کي ڏيو ٿا زخم گهرا جي،

فقط ڪجهه وقت ڏيو مونکي نون زخمن سهڻ جي لئه.

 

نهوڙيو ننڊ هو مون کي مگر تو ڀي سُتي ڇڏيو،

گهڻي ڪوشش ڪيم سانول اوهان تائين پڄڻ جي لئه.

 

”نوازا“ تو پٺيان هليو، سڏايائين صدا تنهنجو،

هتي دربان بيٺا هِن اسان کي ڇو جهلڻ جي لئه.

” ي “

 

*

زندگي درد سموري ته بس ڪئين ٿيندي!؟

روشنائي جي بنان شمس و قمر ڪئين ٿيندي!؟

 

هار سينگار ادائون به ڪيم تون جي ڏسين،

تنهنجي زوريءَ ڪا ڀلا نور نظر ڪئين ٿيندي؟

 

تاج دل ڏئي ڪري جا تخت تي وهاري ٿئي،

تنهنجي چاهت تي سا قربان مگر ڪئين ٿيندي؟

 

شان اعليٰ آ جن جا ڳائبا حشر تائين،

ڪربلا جي به ۽ بي جنگ بدر ڪئين ٿيندي؟

 

تو ورهائي ڇڏيو آ پاڻ ضرورت آهر،

شامل خون تنهنجي جان جگر ڪئين ٿيندي؟

 

منهنجي هِڪ خواب جي نواز حقيقت ڄاڻين،

هُو ته حورين آ حورين بشر ڪئين ٿيندي؟

 

جي يتيمن تي ڪرين قياس نه ٿو پوءِ ته نواز،

ڪنهن جي نظرن جي توتي ڇانوَ ڇَپَر ڪئين ٿيندي؟

*

مون کان وڇڙي جو هُوءَ وئي آهي،

ساهه کي سوڙهه ٿي پئي آهي.

 

مان ڪو توکان سوا به جي ويندس!؟

توسان هيءَ ڳالهه ڪنهن ڪئي آهي؟

 

پوءِ به هُن جي پٺيان ئي هلڻو آ،

ڇا کڻي ٿيو جي بي چئي آهي.

 

مان مڪمل نه آهيان هُن کان سواءِ،

مون عمارت جي هو لئي آهي.

 

ڇو شهيدن ۾ هُو شمار نه ٿئي،

عشق جو موت جو مُئي آهي.

 

گهر اباڻو ڇڏي وئي غير لئي،

منهن تي ڄڻ ان ملي تئي آهي.

 

جو هلايئي نواز مارڻ لاءِ،

سونشانو گُسي وئي آهي.

*

مون کان وڇڙي جو هُو ويو آهي،

ساهه سُک جو کڻڻ ڏکيو آهي.

 

هُن بنا ساهه ڪئين کڻي سگهندس،

جسم ۾ روح ٿي رهيو آهي.

 

مان تون آهين ته تون ئي مان آهيان،

تنهنجو ڇا خيال ڪجهه ٻيو آهي!؟

 

تو پٺيان عمر مون گذاري ۽،

بيوفا توئي خود چيو آهي!؟

 

تنهنجي دَرَ چوڪ جي هجئي پارت،

آسري ساهه اُت ٽنگيو آهي.

 

مان جدائي کان اڳ مري ويندس،

بي خبر ڇا تو سوچيو آهي.

 

هاڻي پوئتي هٽڻ آهي مشڪل

مون ڌڪي قافلو ڪڍيو آهي،

 

بين ڏئي جنهن بنايو جوڳي نواز،

بيوفا يار تنهن ڏنگيو آهي.

*

زندگي حادثو هئي قيامت هئي،

ڇا ٻڌايان مان ڪهڙي نه حالت هُئي.

 

پنهنجي نظرن ۾ مجرم هئس جنهن ڪري،

تن ڪمن ئي منهنجي شفاعت هُئي.

 

سرڪشي جنهن کي سمڌو تو منهنجا پرين،

سرڪشي ڪانه هئي سا عطائت هُئي.

 

توکان وڇڙي وڃڻ هيءَ شهادت ٿو ڏئي،

توسان گڏجي هلڻ ڀي عبادت هئي.

 

آڇ ڪوٺون مليون هون يزيدي مگر،

مون حسينڻ سندي ڪئي عطائت هئي.

 

ٻارڙا چار ٻوٽا ۽ ايماني وڻ،

واهه جو هئي ملي وئي ڪفالت هئي.

 

مون چيو ٿي سفر ۾ ڪٺي ٿي هلون،

هُن کي گڏجي هلڻ کان بغاوت هئي.

 

روضو اطهر اکين سان ڏٺم جو نواز،

مون ڏسڻ ساڻ ڄڻ ڪئي تلاوت هئي.

*

مند کائي موٽيو ناڪام ٿي،

ڪيترو هو خاص جو ويو عام ٿي.

 

دل ۾ ڪنهن جي عمر ٿي گهارڻ گهريم،

ڄاڻ وئي آ زندگي جي شام ٿي.

 

سر، سرن جو مٽ ايئن ٿو ڀانئيان،

مون کي چاهين ٿو ته منهنجو دام ٿي.

 

دوستو ڇا لئه ڪيو مشهور جو،

دل ته چاهيو پئي وڃان گمنام ٿي.

 

مونکي ڏس محسوس ڪر حالت سڄي،

هي سنيهوکڻ وڃي پيغام ٿي،

 

پيءَ ويو ۽ پياس ڀي ساڳي رهيس،

زندگي منهنجي آهُن لئه جام ٿي.

 

هُئي خبر مونکي گهڙو ڪچو هُيو،

دل وڃي آ پيار تي نيلام ٿي.

 

تنهنجي پويان هاڻ سانول ڇا لکان،

نام ايڏو جو ويو بدنام ٿي.

 

ڌڙڪنون ڌڙڪي ٿڪي آ دل نواز،

مان ته ڀانئيان ٿو گهري آرام ٿي.

*

سونهن تي ڪر شاعري دل ٿي چوي،

سنڌ جي لک ڊائري دل ٿي چوي.

 

حسن کان انعام ملندو بااليقين،

عشق جي ڪر چاڪري دل ٿي چوي.

 

هڪ دفعو ديدار روضي جو ڪيم،

ها مديني لاءِ وري دل ٿي چوي.

 

ڪلمون طيب ئي هجي لب تي روان،

زندگيءَ ۾ آخري دل ٿي چوي.

 

دل جي دريا جي مڇي پاڻي بنا،

ڪئين جاليندي چري دل ٿي چوي.

 

سنڌ جي حالات ۾ منهنجا خُدا

ڪاش ٿئي ڪا بهتري دل تي چوي.

 

باطني گهرجون خُدا پوريون ڪيون،

پوريون ٿين سڀ ظاهري دل ٿي چوي.

 

يا خدا تنهنجو شڪر تو پٽ ڏنا،

هاڻ ڏي هڪ نينگري دل ٿي چوي.

 

دل صفا تن من صفا ٿئي اي نواز،

خاص عطا ٿئي طاهري دل ٿي چوي.

*

درد اهڙو مليو جو دوا ڪا نه ٿي،

مون کان اهڙي ڀي آخر خطا ڪا نه ٿي.

 

مون حياتي گذاري آ خدمت ڪندي،

پر اُجوري ۾ ڪاشي عطا ڪا نه ٿي.

 

مون سنيهو هوائن هٿان ئي ڏنو،

باوفا مون سان باد صبا ڪا نه ٿي.

 

عمر ساري اسان کي ڏنا درد تو،

ڪئين چوين ٿو ته ڪا ڀي سزا ڪا نه ٿي.

 

مون وضو ساريو ۽ ڀي نيت ڪئي،

پر نماز محبت ادا ڪا نه ٿي.

 

هڪڙو مخدوم گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو،

جنهن کان ڪاڀي عبادت قضا ڪا نه ٿي.

 

ڀل به ڪيڏو اکين کان تون روئين رڙين،

مان ٿو سمجهان ته پوري عزا ڪا نه ٿي.

 

ڪنهن کي ڳولين غمن جي اندر پيو نواز،

آ خوشيءَ کان وڏي ڪا غذا ڪا نه ٿي.

*

ٿئي ڪيڏانهن ٿو سفر ۽ ڪيڏانهن ٿو خيال بنجي،

ٿئي دائمي جدائي يا ٿو وصال بنجي.

 

ڪرڻي اها ڪجي ڪا دنيا ۾ ٿئي اثر ڪو،

دنيا لئه رشتو پنهنجو اهڙو مثال بنجي.

 

هر ڳالهه مون هضم ڪئي ۽ راز ڀي لڪايا،

ڀانيان ٿو ذات منهنجي هاڻي سوال بنجي.

 

محبت ۾ ڪي نشانيون تو ڏي ڪيم روانيون،

تن منجهه دل اسان جي ٿي ريشم رومال بنجي.

 

کيڙيان ٿو پوکيان ٿو اميد هي رکان ٿو،

کاوان ٿو جو گرهه ڀي مون لئه حلال بنجي.

 

ميلو مچي ٿو دل ۾ جنهن کي ڏسڻ سان يارو،

”ڪيڏو ٿو شخص هڪڙو دل ۾ ڌمال بڻجي.“

 

سينگار سڀ ٺهن ٿا هُن تي ”نواز“ ليڪن،

تنهن کان سواءِ به هو ٿو ڪيڏو ڪمال بنجي.

*

منهنجي جيون ۾ بهار آيو کڻي،

منهنجي شعرن ۾ نکار آيو کڻي.

 

منهنجي دل ڄڻ ڪو اڃايل رُڻ آ،

بنجي بارش هو سڪار آيو کڻي.

 

حُسن محور بنائي مون ڇڏيو،

بيقراريءَ ۾ قرار آيو کڻي.

 

مئڪدي تائين ڪين پهچي سگهيس،

پنهنجي نظرن ۾ خمار آيو کڻي.

 

مون جڏهن هن لاءِ جيئڻ چاهيو پو،

هو اضافي ڄمار آيو کڻي.

 

مون ڇڏيا ان جا ها گُدام ڀري،

جو مقدر هو ڏڪار آيو کڻي.

 

هُن جي تعريف لکڻ ويٺو هئس،

مون لئه لفظن جي قطار آيو کڻي.

 

قيد سنگت ”نواز“ کي جو ڪيو،

مون تي قابض ٿيو سڌار آيو کڻي.

*

مون سان جي هم ڪنار ٿي پوندي،

زندگي پوءِ بهار ٿي پوندي.

 

ان کي رانجهو ئي سمجهبو بيشڪ،

هير جنهن جي ڪنوار ٿي پوندي.

 

عشقِ حسنينؑ ۾ آ سارو بدن،

يعني ڪِ دل زنوار ٿي پوندي.

 

تنهنجي هڪڙي نگاهه جي ڪارڻ،

جاودان هيءَ ڄمار ٿي پوندي.

 

مون کي ٿيو ماٺ جو حڪم آهي،

پيڙهه منهنجي پڪار ٿي پوندي.

 

جنهن لئه مون کي قرار ڪونهي ڪو،

مون لئه سا بيقرار ٿي پوندي.

 

نينهن سان مئڪشي ڪيم جيڪا،

عمر ڀر جو خمار ٿي پوندي.

 

دل جوان عمر ڀر ئي رهندي آ،

ڇا خبر هئي غدار ٿي پوندي.

 

موت مون تي اچڻ ته ڏيو يارو،

هر نظر اشڪبار ٿي پوندي.

 

اي حڪمران ڪجهه سڌر ورنه،

ڌرتي سڀ لئه ڏڪار ٿي پوندي.

 

تون جو مرڪي مٺا نهاريندي،

تنهنجي مون تي اڌار ٿي پوندي.

 

مڙس ٿي منهن ڏبو پو مشڪل کي،

جيڪڏهن درڪنار ٿي پوندي.

 

جان جنهن لاءِ ”نواز“ ڪئي حاضر،

سا ئي ان تي نثار ٿي پوندي.

.

*

پيار ۾ ابتدا ڪري ڏسبي،

توسان ئي انتها ڪري ڏسبي.

 

خون گردش ڪندو پيو جيسين،

تيسين توسان وفا ڪري ڏسبي.

 

مَنَ ورين تون وفا جي راهن ۾،

خاص اهڙي دعا ڪري ڏسبي.

 

ڇيهه ٿيو درد کي سهڻ پنهنجو،

هاڻي ان جي دوا ڪري ڏسبي.

 

ڪنهن چيو پيار هڪ خطا آهي،

”بارها هيءَ خطا ڪري ڏسبي.“

 

جا وڇوڙي جي سام مون وٽ آ،

سا ئي توکي عطا ڪري ڏسبي.

 

زندگي جي اداس رستن تي،

پنهنجي دل رهنما ڪري ڏسبي.

 

چنڊ چاهت جو لائي راهن ۾،

زندگي خوشنما ڪري ڏسبي.

 

تنهنجي تعريف ۾ لکڻ گهرجي،

ڏات جي ارتقا ڪري ڏسبي.

 

پاڻ توکان اسان پليو پنهنجو،

دل به توکان جدا ڪري ڏسبي.

 

اي نوازا وڃي صنم جي در،

دل سان هڪڙي صدا ڪري ڏسبي.

*

منهنجا حواس ڪر کڻي بحال خيال تي،

جنڊيءَ تي ڍر جي آئي آهي فال خيال تي،

 

اڳتي هلي متان به ڪي دشواريون ٿين،

آهي وڏن جي پڳ سا سنڀال خيال تي.

 

هڪ بوسڪي بدن ۽ ٻيو بوسڪي وڳو،

هُن پاتي ڪارڙي جا آ شال خيال تي.

 

بيشڪ ادائون ناز هي سهڻل تي پيا ٺهن،

آ ڦوهه جواني مٿان جمال خيال تي.

 

صدقي وڃي حضور جي عيال خيال تي،

اي ڪاش پورو ٿي وڃي هي مثال خيال تي.

 

منهنجي مٿان هي واري سڄڻ جي ڀلي هلي،

ڏسڻو اهو آ ڪيڏو ٿس ڪمال خيال تي.

 

مون فيصلو چمن کي ڇڏڻ جو ڪيو نواز،

هن ڳالهه جو پيو سڄو وبال خيال تي.

 

ڪنهن سان ٿو مان هلي سگهان ڪنهن سان نٿو هلان،

منهنجو نظر ۾ جو رکي هو حال خيال تي.

 

قصدن کنئي نگاهه هئي هاڻي ته ڏينهن رات،

هر وقت ٿو رهي پيو هي خيال خيال تي.

 

بازي ته مات ٿِي ٿَي سگهي اي نواز پر،

منهنجي نظر چڙهي نه سگهي چال خيال تي.

     

*

اوهان سان اهڙي آ الفت ڪو سمجهي ڪو نٿو سمجهي،

ملي وئي مون کي آ شهرت ڪو سمجهي ڪو نٿو سمجهي.

 

ڪڏهن معشوق عاشق آ ڪڏهن عاشق آهي معشوق،

ڪرامت جهڙي آ قربت ڪو سمجهي ڪو نٿو سمجهي.

 

شروع کان زينه الفت جا مان چڙهندو پيو وڃا يارو،

محبت ۾ اٿم عادت ڪو سمجهي ڪو نٿو سمجهي.

 

اڪيلو پاڻ ۾ آهي هو يڪته ذات پاڪ آهي،

انهيءَ رب پاڪ جي وحدت ڪو سمجهي ڪو نٿو سمجهي.

 

ملي لولي مٺي محبوب جي سيرت ۽ صورت جي،

مٺي مرسل سندي صورت ڪو سمجهي ڪو نٿو سمجهي.

 

اسان ات هون جتي هئاسين اسان جا مشغلا ساڳيا،

هي ماههِ و سال جي جدت ڪو سمجهي ڪو نٿو سمجهي.

 

وڃي محسوس ڪيو آ مون چوان ٿو ساک سان يارو،

”وليءَ تي ٿي وسي رحمت ڪو سمجهي ڪو نٿو سمجهي.“

 

محبت ئي عبادت آ اسان هون پيار جي پاسي،

نوازا ڇو ڪيون نفرت ڪو سمجهي ڪو نٿو سمجهي.

 

ڏيئو مڌهم جهڪي روشني ٿي لڳي،

زندگي تو سوا بي چسي ٿي لڳي.

 

باغ مان شوخ چنچل حسينه مٽي،

حسن تي پنهنجي جنهن کي مڳي ٿي لڳي.

 

ويهي کن پل ۽ دامن ڇڏائي وڃڻ،

خوب دلبر سندي دلبري ٿي لڳي.

 

ٿئي هميشه ٿو آڌر سندم چانهه سان،

مون کي تنهنجي هي عادت چڱي ٿي لڳي.

 

خوب مشڪي ٿو ماڻهن کي مائل ڪرين،

مُرڪ تنهنجي صنم طلمسي ٿي لڳي.

 

تو بنا مون طهورا به پي آ ڏٺو،

زهر توکان سواءِ زندگي ٿي لڳي.

 

تنهنجي ديدار لئه مان سڪان پيو يڪو،

مون کي ضايع سندم بندگي ٿي لڳي.

 

ڇا روا آهه تعلق کي ٽوڙي ڇڏڻ،

صاف تنهنجي اها بي رخي ٿي لڳي.

 

هُويهو نقش تنهنجا ڏٺم هڪ حَسين،

هُو رويي منهجان اجنبي ٿي لڳي.

 

آ فصاحت بلاغت ۾ يڪتا مگر،

منجهه قول و فعل گڙٻڙي ٿي لڳي.

 

باغ ۾ انتظاري آ تنهنجي نواز،

تو لاءِ واجهائيندي هر ڪلي ٿي لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org