|
ڇپائيندڙ پاران
دؤر ِ حاضر جي شاعرن مان رئيس نواز علي ’نواز‘
اُنڙ به پنھنجي تَرَ... يعني قاضي احمد جو باڪمال
شاعر آهي جنھن شاعريءَ جي تقريباً هر صنف تي طبع
آزمائي ڪندي، ميدان سخن ۾ پاڻ ملھايو آهي. هيءُ
ڪتاب
”ديوان
نواز“سندن
الف- ب وار ترتيب تي مشتمل غزلن جو مجموعو آهي،
جنھن کي سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪري منظرِعام
تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سنڌي ادبي بورڊ شروع کان ئي آڳاٽي دؤر کان سواءِ
دؤر ِ حاضر جي شاعرن جا مجموعئه ڪلام شايع ڪري
منظرعام تي آڻڻ ۾ هميشه کان ڪوشان رهندو اچي.
پنھنجي روايت کي نڀائيندي هيءُ ڪتاب
”ديوان
نواز“
پڻ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جنھن جو شاعر سھڻو سڀاءُ
رکندڙ ۽ بيباڪ شخصيت جو مالڪ رئيس نواز علي ’نواز‘
اُنڙ جنھن جي
خوبصورت لفظن ۽ خيالن سان مزين
ديوان
کي
سنڌي ادبي بورڊ
شايع ڪري منظرعام تي آندو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته،
علمي، ادبي، سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام
کان سواءِ موجوده دور جي شاعرن جي معياري شاعري هن
’قومي اداري‘ پاران شايع ڪرائي منظرعام تي آنديون
وڃن، ته جيئن ادبي تاريخ جي مختلف دؤرن سان گڏ
موجوده وقت جي تاريخ محفوظ ڪري سگهجي. اِن ڏس ۾
مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي خصوصي تعاون تحت بورڊ طرفان معياري
ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن ۽
مخدوم صاحب جن طرفان تشڪيل ڏنل ”هڪ کان ڏيڍ سؤ
صفحن“ واري اسڪيم تحت شاندار ڪتاب بورڊ طرفان شايع
ڪيا پيا وڃن ۽ هيءُ ڪتاب پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪَڙي
آهي.
هن ڪتاب”ديوان
نواز“ جو پھريون ڇاپو آءٌ پنھنجي ايامڪاريءَ ۾
شايع ڪري رهيو آهيان. جنھن لاءِ آءٌ بورڊ جي
مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“
صاحب جن جو ٿورائتو آهيان، جن جي دلچسپيءَ تحت
سنڌي ادبي بورڊ طرفان معياري ڪتاب شايع ٿي رهيا
آهن.
آءٌ اميد ٿو ڪريان ته شاعريءَ سان چاهه رکندڙن ۽
پڙهندڙ حلقن وٽ اسان جي هيءَ ڪاوش ساراهي ويندي.
24 ربيع الاول 1448هه
ميرزا دبير حسين بيگ
07 سيپٽمبر 2026ع سيڪريٽري
ٻه اکر
سڀ کان اول ته مان قبله سائين جناب سعيدالزمان
صديقي صاحب جن جو شڪرگذار آهيان، جن مون کي ان
قابل سمجهيو ته نه فقط ڪتاب پر پاڻ خواهش ڪري مون
کي ديوان لکڻ جو حڪم ڪيو، جيڪو بفضلـﮧٖ تعاليٰ
ڪجهه وقت ۾ مڪمل ٿي ويو ۽ اهو ديوان ”ديوانِ نواز“
اوهان جي هٿن ۾ آهي.
مون پنهنجي شاعري لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي،
جڏهن مون قبله سائين طالب الموليٰ جن جي شاعري
پڙهي/ مطالعي هيٺ آندي. جيڪا سمجهه ۾ ايندي هئي ۽
ڪجهه ڪانه به ايندي هئي، پر اها سموري شاعري دل کي
ضرور وڻندي هئي، اُتان کان مون کي شاعري ڪرڻ جو
شوق پيدا ٿيو ۽ مون شاعري لکڻ شروع ڪئي.
خانداني طرح سان مختصر ٻڌائيندو هلان ته منهنجو ۽
اسان جي وڏن جو روحاني تعلق سروري جماعت هالا شريف
سان رهيو آهي، ۽ رهندو اچي پيو. ڏاڏا سائين (رئيس
الحاج علي نواز خان انڙ) ڳالهه ڪندا هئا ته پنهنجا
وڏا مرشدن جي حاضري ڀرڻ لاءِ اُٺن تي چڙهي هالا
شريف ويندا هئا ته هڪ منزل سعيدآباد ڪري ٻئي ڏينهن
وڃي هالا شريف پهچندا هئا. ان کان پوءِ مرشدن جي
منشا مطابق موڪل وٺي ساڳي ريت پنهنجي منزل ڏي
موٽندا هئا.
اهو دؤر غالب گمان رئيس دوست محمد خان انڙ (اول)
يا ان جي لڳ ڀڳ وارو دؤر آهي، تڏهن کان وٺي هي
سلسلو قائم ۽ دائم آهي.
هتي اهو ٻڌائڻ مان ضروري نٿو سمجهان ته قبله سائين
پاڻ مون تي ڪيترا مهربان هئا ۽ آهن. ڏاڏا سائين
(رئيس الحاج علي نواز خان انڙ) کي هڪ مريد جي
حيثيت ملي ۽ پوءِ خليفو به پر وڏي مهرباني فرمائي
هڪ دوست واري حيثيت به ڏيڻ فرمائي اٿن. پر جيڪڏهن
مان چوان ته منهنجي ڏاڏي (رئيس الحاج علي نواز
انڙ) کان وڌيڪ مون تي مهربان هئا ته مان حق به
جانب آهيان، ليڪن ماڻهو يقين ڪونه ڪندا.
منهنجي خوشقسمتي اها به آهي ته مون کي شاعريءَ ۾
تخلص به قبله سائين طالب الموليٰ جن کان مليو،
اهو قصو ڪجهه هن ريت آهي ته هڪ دفعي ڏاڏا سائين
(رئيس الحاج علينواز خان انڙ) جن سان گڏجي هالا
شريف حاضري تي وڃڻ ٿيو، ان دفعي مون دل ۾ اهو پڪو
پهه ڪيو ته هن دفعي قبله سائين جن کي ”تخلص“ جي
لاءِ عرض ڪيو، منهنجي دل ۾ خواهش پيدا ٿي ته ڪاش
مون کي سائين جن وٽان ”نواز“ تخلص ملي ۽ ٿيو به
ائين جو ملاقات بعد مون عرض ٿو ته قبله مون کي
شاعري ڪرڻ جي لاءِ تخلص جي مهرباني ٿئي تنهن تي
پاڻ مهرباني ڪري، فرمايائون ته اوهان جو نالو به
نواز علي آهي تنهنڪري توهان جو تخلص به ”نواز“
بهتر ٿيندو، يعني نواز علي ”نواز“.
۽ پوءِ ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين پنهنجي شاعري ۾
”نواز“ تخلص طور استعمال ڪندو پيو اچان.
_
منهنجي شاعري ٽن دؤرن تي مشتمل آهي، هڪ دؤر 1990ع
کان 1995ع تائين، جنهن ۾ مختلف قسمن جي شوق سان گڏ
لکڻ پڙهڻ جو شوق به جاري رهيو. 1995ع ۾ ڪنهن سبب
جي ڪري شاعريءَ کي خيرباد چئي ڇڏيو. 1995ع کان
2015ع تائين شاعري ڪرڻ جي رفتار مڌهم ڪڏهن ڪڏهن ڪو
قطع، بيت ۽ چوستو، رباعي يا ڪو شعر لکي وٺبو هو نه
ته بس. ٽيون دؤر 2016ع کان وٺي، جڏهن کان وٺي سنڌي
ادبي سنگت شاخ قاضي احمد جي دوستن سان ويجهڙائي ٿي
۽ بزمِ طالب الموليٰ شاخ قاضي احمد جو بنياد تڏهن
کان ذهن ڦيرو کاڌو ۽ شاعري لکڻ جي رفتار تيز ٿي
وئي، مختلف پروگرامن ۽ مشاعرن ۾ شرڪت سبب ڏات ڄڻ
ته مهربان ٿي چڪي هئي ۽ ڏسندي ڏسندي ٿوري عرصي ۾
شاعريءَ جا 06 ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي ويا. جڏهن ته اڃا
به هڪ ٻن ڪتابن جو مواد موجود آهي، جيڪو وقت سر
ڇپائي وٺبو.
هي ديوان ”ديوانِ نواز“ سائين قبله سعيدالزمان
”عاطف“ صديقي صاحب جن جي خاص مهرباني سان سنڌي
ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي مون کي
انتهائي خوشي ٿي آهي.
هيءُ ڪتاب ”ديوانِ نواز“ اوهان جي هٿن ۾ آهي اميد
ته پڙهڻ بعد پنهنجي راءِ ضرور قائم ڪندا.
نواز علي ”نواز“
ناز باغ قاضي احمد
0300-3232032
” الف “
غزل
*
مَن جي رولاڪي، آوارگيءَ جا قصا،
چلولائي ڀريل دل لڳيءَ جا قصا.
مون سي ڦاڙي سنڌوءَ جي حوالي ڪيا،
درد ديوانگي دل لڳيءَ جا
قصا.
آستانه ئي مون پنهنجا ڊاهي ڇڏيا،
تو پُڇيا رنگ
و
بُو روشنيءَ جا قصا.
ذات تنهنجيءَ سان لاڳو هجن ٿا سڀئي،
جي اکين کي ڏنا تو نميءَ جا قصا.
مون کي احساس ڪم تر ڏياريو ويو،
ياد ڏياريا ويا هر ڪميءَ جا قصا.
دل جي ڦرهي تان آخر مون ڊاهي ڇڏيا،
جيڪي داخل هُيا دشمنيءَ جا قصا.
ڀل پيا ناز ڪن منهنجي آڏو اچي،
خوبصورت لڳا
آرسيءَ
جا قصا.
سياهه ٿي هو ويو پاڻي دجله سندو،
مون ٻُڌا ها به اهڙي نديءَ جا قصا.
خوب ڳالهيون ٻڌائي ريجهائي ويو،
ياد مون کي پيا اجنبيءَ جا قصا.
ڪهڙي رعنائي رنگيني هُن ۾ ”نواز“،
ڇا سلي سي ڪيان زندگيءَ جا قصا.
.
*
ساز وسري ويا تون نه آئين اڃا،
سر به نسري ويا تون نه آئين اڃا.
مرحلا غم سندا مون تي اٽڪيل رهي،
سر تان گذري
ويا تون نه آئين اڃا.
جيڪي انجام تي خوب روشن ڏيئا،
سوز پهري ويا تون نه آئين اڃا.
موقعا فتحن سندا جيڪي حاصل ٿيا،
هٿ مان نڪري ويا تون نه
آئين اڃا.
تنهنجي خوبين اهو فائدو آ ڏنو،
ماڻهو سڌري ويا تون نه آئين اڃا.
نيڪ ساعت هُئي نيڪ ماڻهو هُئا،
نيٺ اسري ويا تون نه آئين اڃا.
منهنجون نظرون رَهيون آسمان ۾ کُتل،
سج اڀري ويا تون نه آئين اڃا.
هيل بارش وٺي جو گهرن تي هئي،
رنگ اُتري ويا تون نه آئين اڃا.
محفل رنگ و بو جيڪا جاري هئي،
ساز ٺَهِري ويا تون نه آئين اڃا.
توکي ڳولڻ ”نوازا“ ڪي جاسوس ڪئين،
باز بحري ويا تون نه آئين اڃا.
*
محبت ۾ مري ويو
جو نواز
آهي
چون ٿا،
پڇو
اُن
کان
جنهين
۾
پو
خوشيءَ سان
جي
مرن ٿا.
اسان تان موت گذريو آ
ڪئين
ڀيرا مگر ٻُڌ،
جدائي نام کان
ڀِي
لِڱ سچ پچ پيا ڏڪن ٿا.
اسان لئه زندگي ۽ موت جو ڪو مرحلو هو،
اڄو ڪا جوان سمجهي پيار کي رانديون رهن ٿا.
وسائي ڪئي ڏکن کي ڪِن خوشين
سان هيل سانوڻ،
پُراڻا وَڻ ڪريا گهر، پر نوانَ ٻوٽا ڦٽن ٿا.
ڪيئن
ڪي ڏينهن خوشبوءِ
۽
خوشي دل ۾ رهي ٿي،
”نواز“
جي خيال ۾ ڀي جي اچو راتيون رهن ٿا.
.
*
جن ڏٺو
توکي ديوانا ٿي ويا.
پر ڏٺي توکي زمانا ٿي ويا.
هُو چمن
آيو ته بدليون موسمون،
خيال ڀي پوءِ عاشقانه ٿي ويا.
هو وٺي جا واٽ آيو دوستو!
هر قدم ظاهر خزانا ٿي ويا.
مون نظر چورائي پيشاني ڏٺي،
تنهن تي ابرو قاتلانه ٿي ويا.
هوش ڪونهي مون کي
ڀي
اي دوستو!
هو ڏٺو جن
ڀي
يگانا
ٿي ويا.
عشق هڪڙو ڏوهه آ ملندي سزا،
خيال هُن جا جابرانه ٿي ويا.
اڄ نگاهون چار ٿيون ۽ ديد ٿي،
اڄ خطا هُن جا نشانا ٿي ويا.
ڪيئن بچندو ڪاڏي
ويندو پو ”نواز“،
جي لڪل ظاهر فسانا ٿي ويا.
*
الفتن کان ئي ڪنارا تو ڪيا،
نيڻ منهنجا ڀي ڏکارا تو ڪيا.
تنهنجي پويان راڄ هو تو سوچيو؟
ڪيترا ڪئين بي سهارا تو ڪيا.
پو جڏهن موٽڻ
به هو مشڪل مون کي،
واپسيءَ لئه پئي اشارا تو ڪيا.
منهنجي ٻيڙي وئي
ڀَنور
جي ور چڙهي،
۽ ڪنارن کان نظارا تو ڪيا.
منهنجي اکين ۾ اچي سانوڻ ڀريو،
راز منهنجا آشڪاره تو ڪيا.
محو گردش پنهنجي رستي پئه هليا،
دربدر
ڇو
هي ستارا تو ڪيا.
توکان پر
اُميد
اهڙي ڪا نه هُئي،
پنهنجي ويجهو منهنجا مارا تو ڪيا.
منهنجو وڻ مضبوط
آنڌين کان هيو،
منهنجا ٽڪرا ٽارا ٽارا تو ڪيا.
ڪين تدبيريون
هليون تقدير تي،
ته به ”نوازا“ پئي گُذارا تو ڪيا.
*
حُسن تي جو جمال ايندو
آ،
گڏجي هلجي خيال ايندو
آ.
محنتون عمر ڀر جون لڳنديون هن،
تنهن جي پويان ڪمال ايندو آ.
تِر گُٿيءَ جي آ چوٽ لئه نڪتي،
ڏاڍو ان تي ملال ايندو آ.
سج نه اڀريو
آذان
جي خاطر،
نيٺ حضرت بلال ايندو آ.
آخر ان بي وفا جو
ڇا ڪريان،
دل ۾ اڪثر سوال ايندو آ.
گڏ هليا ۽ جدا نه ٿيا جيڪي،
تنهنجو منهنجو مثال ايندو آ.
پنهنجي جوڀن تي ناهي ناز
”نواز“،
جلد تر ئي زوال ايندو آ.
.*
طويل آ منزلاتي هن مصافت مار کاڌي آ،
اسان وٽ وقتي هئي ان لئه مهارت مار کاڌي آ.
محبت ۾ ڪوئي ماري وڃي ته به ڀي قبول آهي،
مگر نفرت ملي جو منهنجي چاهت مار کاڌي آ.
رکون ڪو مسئلو ڇا چپڪلش ئي ڪو نه ٿا دل ۾،
اسان ڀلجي نه ڪئي ڪنهن سان عداوت مار کاڌي آ.
وئي نيڪي زماني مان اُڏي
آ وقت مٽجي ويو،
اسان سيني سان لائي آ صداقت مار کاڌي آ.
صبر سان ڀي ٻڌو ناهي بيان الفت هي افسوس آ،
فصاحت مار کاڌي آ بلاغت مار کاڌي آ.
وڃي ٽولن کي پهتا ۽ بيان تعداد کان ٻاهر،
فقه آ فاقهن ۾ ۽ شريعت مار کاڌي آ.
مان پنهنجي هستي مستيءَ جو لکان مستان ٿو خود کي،
نتيجو ٻيو ڇا نڪري ها طبيعت مار کاڌي آ.
سعادت جو کڻي پرچم ”نواز“ آهي وڙهيو ليڪن،
زماني ۾ رهيو ناهي سعادت مار کاڌي آ.
” ب “
*
ناز ۽ انداز تنهنجا اي جناب،
عشق جو ڪاتب
لکي ٿو سڀ ثواب.
نظر جا تيور ترارن کان تکا،
سر ننگون آهن نوابن جا نواب.
داخلِ
محبت نوان عاشق ٻڌو،
منهنَجيِ شعرن کي ته
ڄڻ
سمجهو نصاب.
مُنهنجا
همدم هم نفس، منهنجو نصيب،
قسمتن سان ٿي ويو هان هم رقاب.
جي چوي
ٿو
هارَ
ها تون هارَ
پاءِ،
محبتن
۾ ٿو ڪرين ڪهڙا حساب.
موت برحق آ وڏي تڪليف
پر،
هي جدائي ۽ وڇوڙو
آ
عذاب.
بي رُخيون
اهڙئون
رهايئي
اي
”نواز“،
هَاءِ ڪومائي ويو دِل
جو گلاب
.
*
ڪو سچو ڪونه هو بيوفا جو سبب،
پوءِ ڇاهي هي ناز
و ادا هو سبب.
سڀ زمان
و مڪان منجهه قبضي سندس،
پوءِ به سمجهي نٿو ڪو خدا جو سبب.
هُو جميل و حسين منجهه پردي ٺهن،
هاشمي خوب ڄاڻن حيا جو
سبب
پنهنجي وَسِ
پاڻ هوندو ته آهيان مگر،
هي اکيون پڪ ته هونديون خطا جو سبب.
هُو سنڀالي
ٿو مون ڏي نياپا مُڪي،
مان ٿو ڄاڻان هي بادِ صبا جو سبب.
پنهنجي وس ۾ نه آهي ڪري ڇا نواز،
تون ته ڄاڻين
ٿو منهنجي دوا جو سبب،
جي هتي ڪونه هُت ٿيندو حاصل
”نواز“،
تون
پڇين
ٿو
ته ڇاهي دعا جو سبب.
” ٻ “
*
پيار جا راهي مسافر پاڻ ٻه،
دل ۽ جذبن
جا
متاثر
پاڻ ٻه.
چاندوڪيءَ
۾
ٻيا
سڀئي آهن لِڪيا،
جي بچيا ظاهر ته
ٻاهر
پاڻ ٻه.
عشق محبت تي حڪومت ٿا ڪيون،
جذبو شدت
ساڻ ماهر
پاڻ ٻه.
پنهنجو نالو اڄ
به
اول ٿي وٺي،
دنيا ۾ اول ۽ آخر پاڻ ٻه.
محبتون اللهج
۽ محمدؐ ساڻ ڪيون،
آل ۽ ان جا گداگر پاڻ ٻه.
هڪڙي دل ۽ روح
هڪ آهي
”نواز“،
پر مٿان
ٻاهر
ته ظاهر پاڻ ٻه.
.
*
پيار منهنجي جي ڪئي واکاڻ اُٻ،
تنهن
جي
آخِر
آ
بچي
بس هاڻ
اُٻ.
هي رويو
هو انهي جو آ سبب،
دل مان نڪري ٿي انهي جي ڪاڻ اُٻ.
هي غبارن ۽ گرم ساهن ۾ آ،
پر ڪري ٿي ڪين ڪٿ
ڇڪتاڻ اُٻ.
چنڊ راتيون ٿي اماوس ٿيون سگهن،
چنڊ آڏو
جي ڪري واکاڻ اُٻ.
رات تارن کي تڪيندو پئي رهيس،
چنڊ هو ڇا چنڊ جي چانڊاڻ
اُٻ.
جي جلائي ٿي ته چُپ
آهي
”نواز“،
دل تَپِي
بنجي
نه پئي خُود
پاڻ اُٻ.
” ڀ “
*
جام الفت جو خوشيءَ سان پيار سوڀ،
واعدو پنهنجو ته آخر
پارِ
سوڀ.
جام هٿ ۾ ۽ نه
لَبَ
کي جي رسي،
منهنجي خوشين ۾ نه وجهه ڪي
ڏار
سوڀ.
ديد محبوبن سندي اميد آ،
اڄ
اکيون
ٿينديون
به توسان
چار
سوڀ.
ڇا خوشي دولت ڀلا
عيش و طرب،
يار همدم کان سوا بيڪار
سوڀ.
جو
حسينڻؑ
جا قدم
چميا
”نواز“،
پو
نصيبن
جي بڻي سالار سوڀ.
*
سچ چوان جي پيار ۾ اقرار ۾ سڀ،
خوبيون منهنجي ته آهن يار ۾ سڀ.
هو
لڪائي
ٿو اگر
چاهي
لڪائڻ،
۽ ڪريو ظاهر ڇڏي اظهار ۾ سڀ.
هي اکيون نم هُيون مگر ٿي ويون پٿرهن،
خشڪ اکڙيون
ٿي
ويون هڪ سار ۾ سڀ.
هُو کلي ٿو ۽ روئي ٿو پرچي پئي ٿو،
آسچي دل واري عادت ٻار ۾ سڀ.
تنهنجي زلفن جي گهٽا آغوش تنهنجو،
اڄ پري
تائين
آ
منهنجي مار
۾ سڀ.
مون ڏٺو
آخر به تائين اک ۾ تنهنجي،
توڪيو هو فيصلو تکِ تار
۾ سڀ.
عشق ۾ فتويٰ به تنهنجي ۽ عدل ڀي،
هي
”نواز“
آهي ڏٺو هڪ وار ۾ سڀ.
.
” ت “
*
باغِ الفت ۾ پئي ياد ملاقات جي رات،
قيد زلفن
۾
ٿيس ان جي حوالات جي رات.
عشق جو اوج جوانيءَ ۾ حُسن کي پهتو،
جلوءِ حُسن جو آغوش هئي جذبات جي رات.
سانوڻي مند نظارن ۾ پيار ٿو ڇُلڪي،
منهنجي سيني مان اٿي يار هُئي برسات جي رات.
حُسن ۽ عشق ملن ٿا خوشيون ضروري هن،
دُور ڪر ظلم اسان کان هتي ظلمات جي رات.
احترامن جي عبادت هجي جائز ته ڪجي،
مرتبو مان آ مرسل جو عبادات جي رات.
رنگ پائي خوشين جا رقص
۾
مَحُوَ
آهن،
پيار آ مؤجزن انهن ۾ علامات جي رات.
ذات سان ذات جُڙي توکي ياد ڪونهي ڪو،
مون کي پر ياد آهي سائي مقافات جي رات.
آ يقين دل کي مون تي مهربان مرسل آ،
نيٺ هڪ رات ٿيندي مون لئه انعامات جي رات.
رنگُ بوءِ اڄ به ناز باغ ميزبان آهي،
ڪا پري ڳائي پئي ”نواز“ آ نغمات جي رات.
پنهنجي مالڪ جي حوالي ”نواز“ پاڻ ڪيو،
ڪاش جلدي ئي ملي هاڻ عطاعات جي رات.
*
عشق ۾ وسري وڃي ٿي ذات پات،
عشق وارا ڪين
ڄاڻن
ڇُوت
ڇاتِ.
تو ته منهنجي شاعري ٿي بندڪئي،
پراندر ڇوليون
هڻي ٿي ڏات ڏات.
تو وساريو مون کي دل ۽ ذهن تان،
مان ٿو ساريان تنهنجي هر هڪ بات بات.
مچ ڪچهريون ميڙ ماڻهن منجهه
تون،
ڪيئن ڪٽيان ڪاريون اڪيلو رات رات.
راند جو
جاري
به رکڻي هئي مون کي،
ڪيئن
چوان
توکي اچي وئي مات
مات.
تون گلابي گل سڄو
بخمل
نفيس،
تنهنجو
لهجو
ماکي
مصري
۽ نبات.
ريگزار
آ زندگي توکان سوا،
تنهنجي دم سان منهنجي آهي ڪائنات.
مان روئي
مارو
مڃائينديس
”نواز“،
تون نه وٺجان
منهنجي غلطين
جي زڪوات.
” ٿ “
مٺا شال مَن
تي ڪا تنهنجي هلي منٿ،
اسان سان ته اندريون
پئي اوريون سلي
منٿ.
گلابن سان ڪنڊا
هجڻ فطرتي آ،
رقيبن کان توکي ڪو پرتي پلي منٿ.
اسان پاڻ پنهنجو حوالي ڪيو جو،
ڏسون ٿا ته ڪهڙي طرف
موڪلي
منٿ.
وڙهي ٿورڙيءَ
تان ختم ڪن ٿا رشتا،
ڪا
دانگي
به تن جي ته منهن تي ملي منٿ.
اسان مجتن
مان نه گهٽ
ڪئي
”نوازا“،
سوتن سان ته
پاڻهي
ئي پوندي گلي منٿ. |