سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ديوان نواز

باب:

صفحو:3 

” ڃ “

*

پيار وارا آهي تنهنجو پيار اُڃَ،

اچ کڻي ۽ لاهه منهنجي يار اُڃ.

 

ڪيترو عرصو مٽي آهي ويو،

آ ڪنن تائين به ڄڻ ڪي تار اُڃ.

 

تنهنجون اکڙيون ٿو اميدن سان ڏسان،

پُر پيالو پيار اڄ تون مار اڃ.

 

هجرو فرفت بيوسي آس و نراس،

دل تي بار آ ۽ اکين کي ڌار اُڃ.

 

هُن کي ڀي پهتي ته ڪر هيءَ اي ”نواز“،

اڄ جگر ۾ ٿي وجهي هي ڏار اُڃ.

*

جَلي جيءَ پيو ٿو، شفائون ڪري وڃ،

سدا خوش رهڻ جون دعائون ڪري وڃ.

 

سندم روڳ ڇاهي، توهان کي خبر آ،

مناسب تون دل جون دوائون ڪري وڃ.

 

وطن کي ڇڏڻ کان اڳي هڪڙو ڀيرو،

چوي دل ٿي هُن کي صدائون ڪري وڃ.

 

اچي من اڱڻ تي پرين پير پائي،

مُعطر هتي جون هوائون ڪري وڃ.

 

سندءِ دوستي ۾ حسد جون فضائون،

اچي دور بڇڙيون بلائون ڪري وڃ.

 

”نواز“ آهي توسان هليو ڪيئن زمانو،

ڀلي تون ٻين کان پڇائون ڪري وڃ.

*

ڪري وار دل تي ۽ ماري هليو وڃ،

ڪيل واعدا يا ته پاري هليو وڃ.

 

گهڻيءَ انتظاريءَ ۾ گذري ٿو پل پل،

اڱڻ تي قدم رک اجاري هليو وڃ.

 

جهان کي رسيو فائدو توکان دلبر،

اسان جي به حالت سڌاري هليو وڃ.

 

رکئي راز الفت جو سيني ۾ سانڍي،

اهو بار دل تان اتاري هليو وڃ.

 

اچي پهتو آهيان مرڻ جي ڪنڌيءَ تي،

کڻي نيڻ مون ڏي نهاري هليو وڃ.

 

اي هادي اوهان ۾ يقين آهي ڪامل،

ٻڍيءَ وانگي ٻيڙي کي ٻيڙي کي تاري هليو وڃ.

 

”نوازا“ وٺي راه حق جي هليو هَلُ،

سٺو ٿئي خُدا جي سهاري هليو وڃ.

” چ “

*

تون مزاج يار مٽجڻ لاءِ اچ،

راحتن جي رات بنجڻ لاءِ اچ.

 

سونهن جي قيمت ملي ٿي عشق کان،

وقت جا يوسف تون وڪجڻ لاءِ اچ.

 

ذهن ۾ سوچون هزارين قرب ڪر،

بنجي ڪا تحرير لکجڻ لاءِ اچ.

 

آبسشارن مان ٺهي تي پيارجي،

جو ندي آ تنهن ۾ وهنجڻ لاءِ اچ.

 

اڄ به هي هالار جو پيغام آ،

جهڪ نه اڳتي هاڻ ڪٽجڻ لاءِ اچ.

 

مان ڪووڻ ٿڌڪار ساوڪ باغ ٿيان،

تون به ٿڪجي ساهه پٽجڻ لاءِ اچ.

 

معاملو درپيش قسمت ئي ٻڏيل،

معاملو آهي ته مڪجڻ لاءِ اچ.

 

جو ”نواز“ آهي ڏکيو بحرِ خدا،

ٿي ڪو مرهم گهاءُ ڀرجڻ لاءِ اچ.
 

*

ڪيان پورا سڀئي ارمان هليو اچ،

اچي ڪر درد جو درمان هليو اچ.

 

تڪي راهون نگاهون ڪين ٿڪيون،

خدارا دل سندا مهمان هليو اچ.

 

اصل ۾ ڏوهه تنهنجو ڪونه آهي،

رهي ٿي دل سدا ويران هليو اچ.

 

تمنا آهه بڻجي ڄاڻ نڪتي،

مري پيو تولئه هڪ انسان هليو اچ.

 

”نوازا“ ڪونه پليو آسرو مون،

ڪرڻ دنيا کي تون حيران هليو اچ.

.

” ڇ “

*

مون ڪئي ڪهڙي خطا اي دلربا مون کان نه پڇ،

هن خطا جو خير پر جا ٿي عطا مون کان نه پڇ.

 

دور دل کان دور ٿيو هو ڪئين دفعا مون کان نه پڇ،

ڪهڙي ڪئي مون سان وفاهن بيوفا مون کان نه پڇ.

 

تنهنجي مرضي تون ئي ڄاڻين دلربا مون کان نه پڇ،

مونکي حاصل ٿي وئي تنهنجي رضا مون کان نه پڇ.

 

لا مڪان کان ڪو نه ايندا ڪي مسيحا دوستو،

هت ئي ڪنهن هٿ ٿيندي آ دادِ رسا مونکان نه پڇ.

 

پنهنجي ٻيڙي پاڻ ٻوڙڻ جي ڪيم پر جو نصيب،

هٿ وجهي ٻاهر ڪڍيو مشڪل ڪشا مونکان نه پڇ.

 

يا حسينؑ ابن عليؑ هاڻي نگاهه ڪرم ٿي،

منهنجي مرضي اي سخي آقا رضامون کان نه پڇ.

 

دل سندي صلوات پڙهندي هي ٿيو مون تي لقاءُ،

پنجتنن ڀي مون کي ڪئي آهي دعا مون کان پڇ.

 

واسطي صديقِ اڪبر مون کي مرسل ديد ٿئي،

هي فقط هڪڙي دعا ٻي ڪا صدا مون کان نه پڇ.

 

تنهنجي در تان ڇو ڀلا آهي ڌڪاريو ويو ”نواز“

تنهنجي هوندي جو به ٿيو آهي روا مون کان نه پڇ.

*

واعظا ڪر مهرباني منهنجي محبت سان نه ڪڇ،

عشق آ دل جي طريقت دل جي دولت سان نه ڪڇ.

 

هي اکيون بي پير ڪن ٿيون ديد جي ساقي سندي،

جو مُئي ڀي ناهي وڃڻي اهڙي عادت سان نه ڪڇ.

 

رحمت عالم کي بهتر بس خدا ڄاڻي ٿو خود،

سرخرو آهي، ازل کان تنهن حقيقت سان نه ڪڇ.

 

قيس سان صحرا ۾ سودائي هليو پئي مست ٻيو،

عشق ۾ هرپر خطر حقداروحشت سان نه ڪڇ.

 

وقت کان ڀي قيمتي ها خواب ننڍپڻ جا ”نواز“،

راهه تنهنجي راڄ واري وقت فرصت سان نه ڪُڇ.

” ح “

*

منهنجو سڀ ڪجهه غلط تنهنجو سڀ ڪجهه صحيح،

تو سدائين ڪيو پنهنجو سڀ ڪجهه صحيح.

 

هي وڃي ٿو اي ڪاتب ڪو اهڙي طرف،

جي پڙهو ٿا غلط لکجو سڀ ڪجهه صحيح.

 

ڍيڍ جن ڀي سڌا مار سان ٿا هجن،

جنهن جي هٿ ۾ لڪڻ تنهن جو سڀ ڪجهه صحيح.

 

هاڻ طرفن سان سامان رکجن پيا،

جي وهم ڪونه آ رکجو سڀ ڪجهه صحيح.

 

جو نواز آ غلط ۽ پيو لکجي غلط،

ٿيندو ان ڏينهن بس منهنجو سڀ ڪجهه صحيح.

 

هُن کي دل سان دعائون ڪري ٿو ”نواز“،

ٿيندو ثابت سڄو هُن جو سڀ ڪجهه صحيح.

*

تنهنجو منهنجو اگر ٿي جي پوندو صُلح،

پو مون طرفان هميشه لئه رهندو صُلح.

 

هند افغان هن مڇريل ٿا ڏسون،

ڏينهن ڏکڙيا ڪي ڀانيان ته ڏسندو صُلح.

 

تنهنجي ڳولا ۾ ٿڪجي ته آهيون پيا،

قيمتي آهي ڪڏهين ته لڀندو صُلح.

 

ڀاڪرن کان سواءِ ٻيا مطالب به هِن،

ڪي نوان شوط ڀي يار سکندو صُلح.

 

وقت گهٽ آ ”نوازا“ وري يا نه هُو،

موت شايد نئون پو هي مرندو صُلح.

*

يار سان آ پيار ۾ حالت صريح،

هُن سان ازلئون باطني محبت صريح.

 

جي خدا ڪيو شاهديون ڏيندا سڀئي،

دل ڪئي وڏڙن سندي خدمت صريح.

 

منهنجو بوسيده جسم جذبه مڙئي،

جي ڪرين ٿو پوءِ ته ڪر مرمت صريح.

 

ڪئي ڪمائي ٿي وڃايم ڇا نه ٿيو،

تنهنجي محبت جي ملي دولت صريح.

 

آهي احسن يا نه بس، نامِ خدا،

محبتن ۾ ٿيندي آ بدعت صريح.

 

ڇو عذابن جي نظر ٿيندي ”نواز“،

رب جي آ سڀ کان گهڻي رحمت صريح.
 

” خ “

*

موٽي ايندو پيار وارو باوفا رُخ،

دل جي محبت آئينو لطف عطا رُخ.

 

روشني ڀي ڇانو راحت روح دل جي،

پيار ۾ درياهه ڪشتي نا خدا رُخ.

 

ڇو نه مان الله طرفان ڀائنيان،

جا وسيلن سان گهري اهڙي دعا رُخ.

 

ڇو نه تنهن جا خيال رکجن پيا سدائين،

سونهن جوڀن جي ته ڏسجي آ بقا رُخ.

 

ڪونه هو ملتج اگرچه خوش ڏٺو پي،

پربڻيو بيٺو ته هو هڪ التجا رُخ.

 

دل ”نواز“ آهي ته هُن جي ٿو نوازي،

دلربائي خوب هن جي دلربا رُخ.

*

دل اندر کان آ ملائم ۽ اٿس لهجو تلخ،

تنهنڪري ان کي ڪتابن ۾ نه ڪو لکجو تلخ،

 

دل کي ٽوڙڻ حسن لئه آ راند عادت تنهنڪري،

چال ان سان ۽ ضروري راند ڀي رهجو تلخ.

 

دﺂر اهڙو آ جو ان ۾ ڪجهه تکائي ڀي کپي،

هانوَ تي پٿر رکي ڀي ٻار کي پلجو تلخ.

 

جو چوي سچ ۽ ڪري حق ظلمتن جي باوجود،

ان جي جذبي ۾ چوان ڪيئن سوچ ڀي ڀرجو تلخ.

 

وقت ۽ حالات ۾ ٿيو ”قيس“ جهڙو آ ”نواز“،

پوءِ ڪڙو کارو تکو چئي کيس جو سهجو تلخ.

” د “

*

مون سان هُو ڊوهه ٿو ڪري شايد،

تنهن ۾ هُو پاڻ ئي ڪري شايد،

 

تنهنجي نظرن مان دل ۾ پهتو جو،

ٿي وڃي توکان اڄ پري شايد.

 

توسان گڏ خواب هو جيئڻ جنهن جو،

تنهنجي خاطر نه ڪٿ مري شايد.

 

سهسين سينگار هو ڪري ويٺي،

سونهن ۾ رنگ ٿي ڀري شايد.

 

مون کان ناراض ٿيو مگر ڏسجو،

مونکي ڀاڪر ۾ اڄ ڀري شايد.

 

پيار مان نيڻ پئي کڻي مون ڏي،

مون لاءِ اڄ باهه ٿي ٻري شايد.

 

تو جو ساڙي ڇڏيو نواز ته پو،

باهه آ خاڪ ٿي ٺري شايد.

 

بحر هِن عشق ۾ ”نوازُ“ ڏسون،

غوطه زن آ ٻڏي تري شايد.

*

ڇو ڀلا بيچين آهين فرحتن جي باوجود،

ڇا ڀلا گهرجي به دل کي رحمتن جي باوجود.

 

دل اڪيلي ٿي پئي جو دوستن جي باوجود،

دل شڪسته ٿي پيس ڄڻ همتن جي باوجود.

 

جنهن جي مان دنيا هيس ان کان رهيس مان بي خبر،

۽ سرابن جو سفر ٿيو محنتن جي باوجود.

 

مون پئي سمجهيو اڄ نمازِ عشق ٿي ويندي قبول،

بي رُخي پياسو رکيو پر مدتن جي باوجود.

 

ڪنهن جي ڪرمان تنهنجي در هان سونه تون سمجهين سگهئين،

آ عجب روڪيو ويس مان دعوتن جي باوجود.

 

منهنجي ميخون ۽ جڙون مضبوط جنهن سان هِن جڙيل،

پر غريبل هان وطن پنهنجي وطن جي باوجود.

 

پيار ويو پيزار ويو پينار ويو ۽ پوءِ به ڏس،

هاءِ عذابن ۾ گذر آ دولتن جي باوجود.

 

مئڪدو آ تون به آن دستور آ پر دل ٽٽي،

مون کان اڄ پيتو نه ٿيندو عادتن جي باوجود.

 

تو ڌڪاريو ۽ وساريو پر ملي وئي شاعري،

ڏس ته مان مصروف آهيان فرصتن جي باوجود.

 

ظاهري ڏيکاءَ تي دنيا نه ڀلجي پئي متان،

پر پراڻو آهيان سڀ جدتن جي باوجود.

 

ڪنهن جي بي ڌياني نماز آ پر نه ٽوڙيندس ”نواز“،

شڪر آ ڪجهه هوش آهي وحشتن جي باوجود.

 

بي چيو ۽ بي قدر ۽ مطلبي هوندي ”نواز“،

هي لقب آهن ڏنا ويا خدمتن جي باوجود.

*

بي وفا کان آ وفائن جي اميد،

هُن سان وابسطه صدائن جي اميد.

 

مون کان ٿيون غلطيون سڌارڻ جي پٺيان،

۽ اڃا آهي خطائن جي اميد.

 

بااليقين آهي يقين ان تي اهُو،

۽ کٽي ويندي دعائن جي اميد.

 

مرض لاءِ ڪافي ته آهي ديد پر،

توڏي ڏسندي آ دوائن جي اميد.

 

حُسن ظالم آ سخاوت ۾ مگر،

مان ته رکندو هان عطائن جي اميد.

 

توکان بِسمل ٿي ويو آخر ”نواز“،

باقي ڇا هوندي ادائن جي اميد.

” ڌ “

*

اٿي دل مان دونهون ٿي نڪري وئي سَڌَ،

وئي زندگي گذري، گذري وئي سَڌَ.

 

بهارون جوانيون ٿيون چار نظرون،

ڀري دل ڏسان توکي اُڀري وئي سڌ.

 

ملاقات جو موقعو پو جو مليو،

سنوري وئي دل ۽ سنوري وئي سڌ.

 

اچانڪ ڏسي توکي پٿر جيان ٿيس،

گهڙي کن جسم ساهه ٺهري وئي سَڌ.

 

گهڻئي وقت سيکاريا ڪجهه سبق جو،

انهي وقت ڪارڻ ئي سڌري وئي سڌ.

 

مٽياسين جنهين لئه انهي منهن مٽايو،

مري مٽجي آخر پو اُسري وئي سڌ.

*

کڻي پيچ محبت جو پايون اڌو اَڌُ،

پو غم ۽ خوشيون ٿا ورهايون اڌو اڌ.

 

ڪرڻ ئي کپي ڇو ته محنت کي ڦل آ،

ملي ٿو ته پو لِڱ سان لايُون اڌو اڌ.

 

ڪا مصرع چوين تون ڪا مصرع چوان مان،

ملي گيت محبت جو ڳايون اڌو اڌ.

 

ڀلي ڪا ڪهاڻي ڪنهين جي ٻڌون پر،

ڪهاڻي ته پنهنجي ٻڌايون اڌو اڌ.

 

هتي زلزلن ڀي نه ڏاريون هُيون جي،

ٿيون برسات ۾ پَٽِ ڪي جايون اڌو اڌ.

 

جي دل جي اندر کان ڪيل خدمتون هون،

قبوليون نه هُن ٿيون سچايون اڌو اڌ.

 

خوشيون کرب مون هُون لکايون ”نوازا“،

اسان جي ته حصي ۾ آيون اڌو اڌ.

*

پيار ئي منهنجي حقيقت حال ٿئي منهنجي به ٻُڌ،

پيار خاطر هي ڀلارو سال ٿئي منهنجي به ٻُڌ.

 

مان خموشيءَ کي ڪري سمجهو ۽ اپنايو آهي،

نفرتن ۽ دشمنن کان ڍال ٿئي منهنجي به ٻُڌ.

 

سوچي سمجهي فيصلو آهي ڪيو تنهنجو قسم،

ڪورٽ ۾ تنهنجي ئي هاڻي بال ٿئي منهنجي به ٻُڌ.

 

پنهنجي قسمت کي سنواريو ٿي ڪري مون کان پري،

منهنجي گهر ۾ ير ٺلو بس دال ٿئي منهنجي به ٻُڌ.

 

چند لکڻيون ڪجهه حڪايت ڪجهه شڪايت ڪجهه فضول،

ملڪيت ۾ هي فقط بس مال ٿئي منهنجي ٻُڌ.

 

هُو رُني جا کيس پرچا يا رُسي وَڃُ تون ”نواز“،

عورتاڻوهي به هڪڙو تال ٿئي منهنجي به ٻُڌ.
 

” ڏ “

*

توحيد وارو رستو ئي رهه گذر ڪري ڇڏ،

ان جو وٺي سهارو جيون بسر ڪري ڇڏ.

 

چاهت مان الفتن جي اوچائين تي پهچان،

ڪا ٻاجهه واري اهڙي مهر و نظر ڪري ڇڏ.

 

ڪمزور گر پوي ٿو ڪنهن جو يقين خدا تي،

يادِ بيان ۾ پو تون جنگِ بدر ڪري ڇڏ.

 

آسانُ زندگيءَ جا هي پيچرا ڪٿي هِن،

خود لاءِ راهه ڪائي تون پر خطر ڪري ڇڏ.

 

ڪو دهريو اوهان جي ويجهو اگر هُجي ٿو،

توحيد وارو ان تي پنهنجو اثر ڪري ڇڏ.

 

قانع مان پختو ان تي شافع رسولِ عربيؐ،

ٻيا قاعدا سڀئي تون زير و زبر ڪري ڇڏ.

 

هنگلاج ۾ خدا آ مسجد ۾ ڀي خدا آ،

تون پنهنجي دل خدا جو بهتر ئي گهر ڪري ڇڏ.

 

گذران منهنجو تو بن ممڪن ”نواز“ ناهي،

اچ دل ملاءِ دل سان سو سربسر ڪري ڇڏ.

*

دل چيو هي پيار آ هِن پيار کي هرگز نه ڇڏ،

مشڪلاتن پوءِ ٿيو آ يار کي هرگز نه ڇڏ.

 

نئين زماني کان قدامت جي پسند آهي ته پوءِ،

تنهن جي ڀي رفتار آ رفتار کي هرگز نه ڇڏ.

 

گو سنڀالڻ پاڻ پنهنجو ڀي ڏکيو ليڪن وري،

هُن جي نالي تي ٿيل وهنوار کي هرگز نه ڇڏ.

 

ڏک مليا اهڙا جو غم جو غم نه ٿو گرچي ٿئي،

پرڏنو قسمت آهي غم خوار کي هرگز نه ڇڏ.

 

وقت جي مٽي چڙهي وئي عمر ۽ جذبن تي ته به،

دل ۾ پنهان عاشقِ ناچار کي هرگز نه ڇڏ.

 

هِن کي ڀي اڄ شڪ پوي ٿو دل ۾ رهندو آ ”نواز“،

حق حقيقت ڏي ٿيڻ تڪرار کي هرگز نه ڇڏ.
 

” ڊ “

*

ڇڪ لڪيرون ۽ ڪري رستا به ونڊ،

غم خوشيون ورهاءِ ڀل جذبا به ونڊ،

 

بي رخي برداشت ٿيندي ڪانه آ،

پرڀلي دڙڪا به ڏي لهجا به ونڊ.

 

مان ته تنهنجي حاضريءَ حاضر آهيان،

مان ته بيٺو هان تون ٿي تنها به ونڊ.

 

آسمان آهي سڀن لئه تون ڀلي،

ڪِين ڏسڻا ڪي ڏسان تارا به ونڊ.

 

باغبان مان بلبلون گلڙا عزيز،

وڻ ڪي ٽاريون ڇا سُڪا ساوا به ونڊ.

 

چونڊجي جي خار گُل تو وٽ پُڳا،

مان نه چاهيان ٿو سي گلدستا به ونڊ.

 

محبتن تي حق ته آهي اي ”نواز“،

جنهن تي دعويٰ سائي ڀل تقويٰ به ونڊ.

*

دل دردن ۾ تنهنجي يار اُڪنڊ،

جذبن ڏياري مون کي تار اُڪنڊ.

 

ڀرجي ٿي جا سا هارجي ٿي،

اڄ ڀرجي وئي سا هار اُڪنڊ.

 

مان پرتي وڃي ڀي ٿڪجي پيس،

پر پرتي تائين ڪيو مار اُڪنڊ.

 

توکان به رهيو ڪو ڪونه ٿو ٿئي،

اک اکڙين سان ٿي چار اُڪنڊ.

 

هڪ وار قصوئي پورو ڪر،

پر هانُو نه منهنجو ڏار اُڪنڊ.

 

هر وار ٿي ماري پو به ”نواز“،

دل ڌڙڪي ئي هروار اُڪنڊ.

” ڍ “

*

اگر دل ۾ آهي ته اغيار کي ڪَڍ،

وڏو ٿي اندر مان ننڍي ٻار کي ڪَڍ.

 

وڏائي اگرچي ذرو ڀي جي آهي،

ته دل مان سموري ئي مقدار کي ڪَڍ.

 

خفا جي ڏسين ٿو زمانو تون خود کان،

طبيعت مان پنهنجي تون تک تار کي ڪَڍ.

 

ڏسڻ مون کي چاهين اي سانول جي خوشتر،

ته دل ۾ لڳل تار خم دار کي ڪَڍ.

 

سڄڻ دوستي آ برابر جو سودو،

ته وچ مان انهي جيت ۽ هار کي ڪَڍ.

 

گهرين جي اگر عشق پوهي چوي ٿو،

سڄڻ سِر به حاضر تون تلوار کي ڪَڍ.

 

”نوازا“ ”رتن“ اهميت جي رکن ٿا،

ڪري چونڊ همدم تنهن ڪردار کي ڪَڍ.

.

*

سموري زندگيءَ ۾ هِن ڏنا مون کي وچوڙي وَڍَ،

دماغ و دل حقيقت ۾ ڇڏيندا هن سي ٽوڙي وَڍَ.

 

اگر هي عشق جي گهر آ ته پوءِ پنهنجي ئي هٿڙن سان،

ڏيو احساس جذبن جي به سنڌَ سنڌَ تي جنجهوڙي وَڍَ.

 

صبح سان مائي قسمت جي وجهي ساري سنڀاري هٿ،

کنيو هي وقت جي چاڏي اکين آڏو ولوڙي وَڍَ.

 

سمهڻ جي بات ڪانهي ڪا سسئي کي ٿي سجاڳي جو،

پنهون ڳولي جبل جهانگي وڌس نينهن جي نهوڙي وَڍَ.

 

اهائي ياد تنهنجي آ انهي جي ئي ڪري هي آ،

نشان مٽجن جي هڪڙا ٿا نوان ٺاهي ٿي جوڙي وَڍَ.

 

اڳئي بِسمل ته هو آهي ذرا ان جي ضرورت آ،

”نواز“ ان جي ڳچيءَ تي لت ڏيو کوڙي مروڙي وَڍَ.

.

” ذ “

*

سچي آهي محبت ته محبت لذيذ،

سُٺن دوستن جي به صحبت لذيذ.

 

سٺو صاف تن من خوشوع ۽ خضوع،

لڳي دل کي ٿي وئي عبادت لذيذ.

 

قبولن ڌڪارن آ مرضي سندن،

اسان کي انهن جي آ خدمت لذيذ.

 

ڪري ڪُوڙ جوڙيون ته ڪم جي نه آهه،

نه ڪا اهڙي دولت آ عزت لذيذ.

 

ڪڙي آهي سچ جي دوا ظاهري به،

آ تاثير ان ۾ ۽ لذت لذيذ.

 

هتي نام گم ٿيو هُتي نام گم،

کپي ڪانه سستي ڪا شهرت لذيذ.

 

جو دل ۾ آ ان تي لکي ٿو ”نواز“،

وغرنه به ان کي آ فرصت لذيذ.

*

ڪڏهن ٿيو باوفا ڪاغذ ڪڏهن ٿيو بيوفا ڪاغذ،

ڪڏهن لفظن ڀريل آهي ڪڏهن آهي صفا ڪاغذ.

 

نه جيڪو چئي سگهي ڪا ڳالهه دل جي دلبرن آڏو،

اها لکڻي جي صورت چئي سگهي ٿو برملا ڪاغذ.

 

ڏسي حالت طبيبن متفق ٿي هي چيو آخر،

لکيل محبوب جو شايد ڪو ٿئي هن جي دوا ڪاغذ.

 

ڪڏهن ڀرجو وڃن ڪاغذ قلم ۽ ڏات ساڻ آجي،

وغرنه انتظاري، بيقراري ۽ خفا ڪاغذ.

 

الائي ڇا پڙهي ۽ ڇا لکي عامل ڏنو هن کي،

بظاهر پئي لڳو ڪارڻ انهي جو آ شفا ڪاغذ.

 

اسان جي ساهه سان سانڍيا چمي لکيا اوهان جي لئه،

اوهان جي اک کي پهچي پوءِ الئه ڇو ٿيا ڦٽا ڪاغذ.

 

لکي ڊاهيم لکي ڊاهيم لکي ڊاهيم لکي ڊاهيم،

”نوازا“ لک نوازا لک چيو هي هر دفعه ڪاغذ.

” ر “

*

عشق جي واديءَ سندو هو شهنشاهه ايندو ضرور،

يا ته ناصح روپ ۾ پائي عبا ايندو ضرور.

 

پر خطر رستو اماوس رات ۽ هي وحشتون،

شمع روشن جت ٿئي اُت جان فدا ايندو ضرور.

 

وقت ڪافي مان سندس صحبت کان ڪجهه پرتي رهيس،

لغزشن کي در گذر لاءِ ماهِ لقا ايندو ضرور.

 

پيار جي صدقي ورهايا مون آهِن اڄ هي گلاب،

هيءَ به هڪڙي آ صدا ٻڌندي صدا ايندو ضرور.

 

شهنشاهه هو جيستائين هن مان نه هئي اهڙي اميد،

اڄ ويو آ تخت سو هو ٿي گدا ايندو ضرور.

 

عشق جي تڪميل ڪئي رب پاڪ پنهنجي سر شروع،

جت مٺو محبوب هو غارِ حِرا ايندو ضرور.

 

ڪيترو مان وقت آهيان ڪا مون کي ناهي خبر،

جيئن کنيا مون هٿ ٻڌائين هي دعا ايندو ضرور.

 

پاڻ جهڙي ڪو غلامي ڏي سندس ممڪن نه آ،

’پڪ هجر کان تنگ ٿي اڄ دلربا ايندو ضرور‘.

 

شل سڃاڻي عاشقِ ابتر جي حالت ۽ طبع،

تون ”نوازا“ نيڻ رستي تي وڇا ايندو ضرور.

*

قبلو پنهنجو سُڌار جلدي ڪر،

لاهه خود تان اُڌار جلدي ڪر.

 

منهنجو محبوب ايندو گلڙن ۾،

پنهنجو گلشن سنوار جلدي ڪر.

 

هُن جي نظرن کان بچ ته آ بهتر،

هُو ڪندو آشڪار جلدي ڪر.

 

ساقي مدهوش تو ڪيو آهي،

مون تي ڪانهي ميار جلدي ڪر.

 

لمحو لمحو ٿو زندگي ڀانئيان،

ڪجهه گهڙيون گڏ گذار جلدي ڪر.

 

هل هلي درد ڪي خريد ڪجن،

بند پئي ٿئي بازار جلدي ڪر.

 

حسن وارا هتان هليو وڃ تون،

مون کي ٿيندو خمار جلدي ڪر.

 

دوستي! دشمنيءَ مان ڪڍ مون کي،

پيار ۾ ڪر شمار جلدي ڪي.

 

تو ڏٺي ڪونه ”نواز“ ايندو آ،

دل کي قلبي قرار جلدي ڪر.

*

چوٽ تي الفت پڄائيندس ضرور،

مهه لقا سان اک اڙائيندس ضرور.

 

جي نه ملندو تو کان واضح ڪو جواب،

روز درُ تنهنجو وڄائيندس ضرور.

 

تون سفر تي تيار مون سان ٿي پوين،

ڪا ولايت ڀي گهمائيندس ضرور.

 

تون نه جيسين مون کي حاصل ٿي پوين،

عقل گهوڙا پيو ڀڄائيندس ضرور.

 

شان تنهنجي ۾ ٺهان گر ڪين ٿو،

تنهنجي لائق ٿي ٻڌائيندس ضرور.

 

عشق ۾ تون باز مان بلبل آهيان،

”باز سان بلبل لڙائيندس ضرور“.

 

قيد صيادن ڪيون جي بُلبلون،

سي فضائن ۾ اڏائيندس ضرور.

 

توکي گلشن ۾ جيئڻ جو حق اَهي،

مان جهڳي بر ۾ اڏائيندس ضرور.

 

زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي آ گُذر،

توکي سربسته ٻڌائيندس ضرور.

 

مهل آئي منهن ڏئي وڃبو ”نواز“،

سر وڃڻ تائين نڀائيندس ضرور.

*

جي ماني مڇي ٿئي پنڻ بند ڪر،

تون خيرات اهڙي وٺڻ بند ڪر.

 

فقط چند پئسن جي خاطر ادا،

ضميري جو سودو ڪرڻ بند ڪر.

 

حقيقت کي منهن ڏئي ڀڄڻ بند ڪر،

مسيحائي ٿيندي ڊڄڻ بند ڪر.

 

رکيو آهي شهرن ۾ ڇا دوستو!

اباڻن ڪکن کي ڇڏڻ بند ڪر.

 

پُڇين ٿو ته ڇا لاءِ تڪليف آ،

صنم غير سان تون هلڻ بند ڪر.

 

ڪو رستو، ڪو ناتو گندي پوتي ٿي،

پرائي نياڻي تڪڻ بند ڪر.

 

” ڙ “

*

ڄڻ ته مان آهيان دفن ۽ ٿي مٿان اهڙي لتاڙ،

مڻ مٽي تنهن تي زياده ڪنهن وڌا آهن پهاڙ.

 

جي گهڻوئي خوش ٿيا پئي منهنجي وئي آزاد ٿيا،

هاڻ ساڳيو پيا چون تنهنجي پٺيان ٿيا هِن بگاڙ.

 

معاملو آ عشق جو ۽ ڪِين لاءِ وارث آهي،

محبتن ۾ موت آيس ڪِين ٿيندي چير ڦاڙ.

 

هو ڪري خاقان ناهي پوءِ به ٿو طاقت رکي،

ڪو نتيجو سخت نڪري جي ڪري ٿو ڪنهن تي جاڙ.

 

جو ڪري ٿو ڳالهه ڪوئي تان اتي پورو لهي،

جانچجي منتطق تي پوري ٿي لهي يا هي لٻاڙ.

 

جي نه هو فولادي پر مضبوط هو جيڪو ”نواز“،

شخصيت کي بند هو جو ٿي پئي ان ۾ به ڳاڙ.

.*

اوهان سان ملڻ گفتگو ٿي وڏا وڙ،

ڀريو ڪِين ليڪن اڃا جيءُ وڏا وڙ.

 

اسان جي اڱڻ تي اچين مهرباني،

ڀري جام محبت وٽان پي وڏا وڙ.

 

اي همدم هلان هم قدم ٿي اوهان جو،

ڪيو پوري دل جي هي مرضي وڏا وڙ.

 

انهيءَ بي رُخيءَ کان ته بهترهي ٿيندو،

ڏيو ٿا اسان کي جي مڪتي وڏا وڙ.

 

سڪي محبتن جو فصل پيو ”نوازا“،

وسي پئو پُسي دل جي ڌرتي وڏا وڙ.

” ز “

*

هل ته ساحل سان هلي ڪا دوستي ڪريون ”نواز“

پنهنجي نظرن سان اتي ڪا دل لڳي ڪريون ”نواز“.

 

پوءِ ان ڪوشش ۾ دامن ڀل سڙي پئي خير آ،

وحشتِ ماحول ۾ ڪا روشني ڪريون ”نواز“.

 

ڪائناتِ عشق ۾ ٿو خير سڀ لئه چاهيان،

دشمنيءَ جي نانءُ سان ڀي دشمني ڪريون ”نواز“.

 

صبر جو دامن ڇڏي ۽ عشق کي دل سونپيان،

پوءِ حسد جائز ڪري دل مطلبي ڪريون ”نواز“.

 

۽ تؤڪل برخدا سڀ حال ڀي احوال ڀي،

پوءِ هٿين خالي ٿي حاصل بيوسي ڪريون ”نواز“.

 

رات ڪر روشن ڪنهين جي ڪنهن جون راهون صاف ڪر،

ڪنهنجي وحشت دور جيون جنتي ڪريون ”نواز“.

 

ها اماوس آ ۽ واڳون راهزن جي وس مگر،

حوصلو ڏياريون سڀن کي همتي ڪريون ”نواز“.
 

*

پيار ۾ ڏسڻا پون ٿا هي نشيب و هي فراز،

حُسن رِيءَ عاشق ڪري ٿو ڪِين ڪنهن جو امتياز.

 

عشق طالب ۽ تمنا حُسن آهي بي نياز،

تشنه لب عاشق رهي ٿو حُسن ساري سازباز.

 

ڪاڪ ۾ ڇا باهه ٿي گلزار مومل واسطي؟

ڳولڻي آهي حقيقت جو اڳيان آهي مجاز.

 

پيار ۽ خوشيون نه هڪڙي ٿانو ۾ ماپي سگهيون،

يار جي صحبت به وئي ۽ ٿي قضا مون کان نماز.

 

منهنجي غم جي واڳ اڄ منهنجي هٿن کي آ ملي،

دل سهي صدمون اسان جي نيٺ ٿيندي سرفراز.

 

پيار ڀي آهي جبل ۽ ماٿرين جو سلسلو،

عشق کي ڏسڻا پون ٿا هي نشيب و هي فراز.

 

اڄ پڇين ٿو حال ڇو بي حال ٿيا تنهنجا نواز،

هن شڪسته دل ۾ پنهان دل آهي سوز و غداز.

 

ٻئي اکيون مون لاءِ برابر آزمائش آ ”نواز“،

جي اَمين مون کي ٿو وارين ڪيئن ڪيان مان امتياز.


 

” س “

*

صاحبِ ديوان شاعر ٿي ويس،

پيار ۾ پنهنجي به ماهر ٿي ويس.

 

ٿي ڀريل بندوق محبت هُن هٿان،

هر حڪم تي آئون فائر ٿي ويس.

 

تو کان پرتي ڀي رهي تنهنجو رهيس،

پي لڪايم نيٺ ظاهر ٿي ويس.

 

سايعِ محبوب جو احسان آ،

جو حسد ڪيني کان برتر ٿي ويس.

 

عشق ۾ قربان ٿي ويس خير آ،

تنهنجي سوچن جو ته محور ٿي ويس.

 

دل تريءَ تي ڪونه ٿي مون کان رکي،

پنهنجي گردن لاءِ خنجر ٿي ويس.

 

ظلم هئس سختي ٿيس ناهي خبر،

تنهنجي چئي تي حڪم نادر ٿي ويس.

 

مون ڪئي اکرن ۽ لفظن جي ”نواز“،

راند شطرنج ۾ شاطر ٿي ويس

*

سانڍي رکيو صنم کي مون دل جي آس پاس،

پاڻهي وڃي پڳو هو مشڪل جي آ پاس.

 

آواز هر لهر جو چٽو صاف پئي ٻڌم،

ڪنهن ڪنهن مچايو شور هي ساحل جي آس پاس.

 

مون پير پنهنجا روڪيا تون ڀي ته غور ڪر،

وڌندو وڃين پيو سايئي باطل جي آس پاس.

 

ڇا معاف ٿو ڪرائي هو لغزشون نواز،

جو پاڻ ئي رهي ٿو هو غافل جي آس پاس.

 

روڪيو ويو هو مون کي ڇا هي صحيح ٿيو،

مشڪل سان مان پڳو هئس منزل جي آس پاس.

 

نعمات ئي سحر آ ڪيو دل ۾ ٿيو سرور،

آکيرو ٺاهڻو آهي بلبل جي آس پاس.

 

شيرين سخن آهي هو نازڪ بدن آهي،

تنهنڪر ته هو رهي ٿو بخمل جي آس پاس.

 

مرده يا نيم مرده ڇا فرق ٿو پوي،

ڪامل صحت پُڳي وڃي بسمل جي آس پاس.

 

ساقي سنڀال منهنجي وحشت نه ٿئي ختم،

ڪو زيان ئي متان ٿئي محفل جي آس پاس.

 

هن جي نظر ۾ آيس اهڙي ڏنئين اڏار،

منهنجو وطن وڃي ٿيو بادل جي آس پاس.

 

مسڪن پڇو نه منهنجو هوندو ”نواز“ بس،

”قاتل جي در تي يا دِر قاتل جي آس پاس.“

*

منهنجي مئخاني مهربان ٿيو اچن سردار ڏس،

مون گداگر جي مٿان ڇا راز ٿن ۽ پيار ڏس.

 

تار دامن رت ٽمي پهتو وڃي نعلين ۾،

پوءِ به طائف ۾ سندن ڏس صَبر ۽ پرچار ڏس.

 

عقل ڪُل سمجهي پيو خود کي وڏو نادان آ،

خود خدا سان هم ڪلامي اهڙو آ وينجهار ڏس.

 

مون خدا جي ورڇ تي ڪيو آ سر تسليم خم،

تون وڃي ڍاون سندي ماڻهن جا بس پرڪار ڏس.

 

نوٽڻي توکي مبارڪ ڀل وڃي شطرنج سنڀال،

حال دل منهنجو به ڏس ۽ هي قلع مسمار ڏس.

 

طالب الموليٰ سان ريسون مينهن ڀي ناهن ڪيون،

هِن اکين ۾ ڀي ڪنن تائين نديون سي تار ڏس.

 

دار سڳيو – ساڳيا مقتل ساڳي سنگ ساري ”نواز“

تون انالحق جو هڻي نعرو ڀلي هڪ وار ڏس.

*

شهر تنهنجي ۾ نه اچبو هاڻ بس،

دلربا توکي نه چئبو هاڻ بس.

 

سر نمائي تو پٺيان ڪافي هليس،

سر جهُڪائي ڪو نه هلبو هاڻ بس.

 

جي خوشي منهنجي اوهان تي بوجهه آ،

هر خوشي ۾ درد پلبو هاڻ بس.

 

بار ٿو منهنجو کلڻ توکي لڳي،

تنهنجي سامهون ڪين کلبو هاڻ بس.

 

سور دل جو دل ۾ ئي رهجي ويو،

سور ڪنهن سان ڪين سلبو هاڻ بس.

 

حسن وارا بيوفا مشهور هِن،

سونهن تنهنجيءَ تي نه لکبو هاڻ بس.

 

تنهنجي يادن کي ڀلا مان ڇا ڪيان،

تنهنجي يادن ۾ نه رهبو هاڻ بس.

 

گهرج ناهي ڪنهن سهاري جي مون کي،

پاڻ کي پاڻهئيءَ بدلبو هاڻ بس.

 

جنهن شناسائي وڃائي آ ڇڏي،

ساٿ ۾ تنهن سان نه هلبو هاڻ بس.

 

ڇو لڪي چوري ملاقاتون ڪجن،

اڄ کان پوءِ چوريءَ نه ملبو هاڻ بس.

 

عمر گذري جنهن جي ڳالهين ۾ ”نواز“،

تنهن جي ڳالهين ۾ نه اچبو هاڻ بس.

.

*

نگاهه يار ۾ حائل هُئس خنجر بڻي ويٺس،

اگرچ حق به هو منهنجو مگر ڌاڙو هڻي ويٺس.

 

مڪمل پوک ڪا ناهي پڪل ۽ هٿ ۾ ڏانٽو آ،

صنم هي هڪ ڳجهارت ٿئي ٻڌا ڇا لئه لڻي ويٺس

 

صفت ڪا اهڙي مون ۾ ڪا نه آهي طالب الموليٰ،

خُدا جو شان آ موليٰ جي طالب کي وڻي ويٺس.

 

مون کي روحانيت اڻ کُٽ ملي ”سلطان سرور“ کان،

مگر سا واءِ قسمت ڇو ڀلا هامون هڻي ويٺس.

 

مون کي جيڪا ملي آهي اوهان جي ئي عنايت آ،

ٻَڌي ٻانهون اکيون پُوري جهلي جهولي کڻي ويٺس.

 

اگر سامهون آهن تن جو ”نوازا“ احترام آهي،

انهن ساڳين جي واتان ئي گِلا پنهنجي سڻي ويٺس.

.

*

سڀ واعدا پار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس،

هر ڪنهن سان پيار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

ڇا تنهنجي جدائي جو ڏُک ڪو نه ڪيو هوندم؟

اکڙين کي نار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

هڪ باغ آ بلبل آ گل ڀونرا ۽ پوپٽ،

تن کي لاچار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

دفنايون ڪفنايون ڪيئن سانڍي رکون دل ۾،

مشڪل دو چار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

جو ٺاهي پچايو ٿئون، انمول کان وڌ آهي،

سو ڪوزو تار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

هي سر گهورا منهنجا ڇو سي به وڙهيل ڇڏيان،

هڪ ٻئي جا يار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

آغوشِ محبت ۾ ۽ ڌيان ڌري تنهنجو،

ٻانهن جا هار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

هر بازي کٽيم دلبر اُن ڏينهن مگر واعدو،

مان پنهنجي هار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

منظور نظر ڀي هئس نظرن کان ڪيرايو ويس،

تهمت بيڪار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

هر نقش قدم تنهنجو دل تي اڪريل آهي،

سينو سردار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

الله! پڄاڻي ۾ هڪ نامِ محمدؐ ۽،

وحدت سالار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

حسنينؑ جي دامن ۽ ديدار محمدؐ لئه،

مان خود کي تيار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

 

مان ڪين ”نواز“ آهيان هڪ پاڇوهان ڪنهن جو،

ڳالهيون نروار ڪري هڪ ڏينهن هليو ويندس.

” ش “

*

سونهن سنسار جي آهي محور ڪشش،

منهنجي دلدار جي آهي بهتر ڪشش.

 

موتي الماس پکراج ياقوت لعل،

زمرد و نليم و سنگمرمر ڪشش.

 

چنڊ جهڙو ته رنگ آ گلن جو بدن،

وار واسنيگ جيئن جن جو وَرُوَرُ ڪشش.

 

مُنهن مبارڪ ڏسان دل ته ڀرجي نه ٿي،

جيئن ڏسان تئين وڌي دل ۾ هر هر ڪشش.

 

دل چوي هي اُجالو وڃي تون ورهاءِ،

هاشمي نور محبت جي در در ڪشش.

 

ديد مرسل ٿئي زندگي ڀي سڦل،

موت جو مون لئه ٿي پوندو منظر ڪشش.

*

منهنجي نظرن ته ڪئي هئي ڪوشش،

پنڌ پرتي کُٽي پئي ڪوشش.

 

تنهنجي خاطر مون ڇا مان ڇا نه ڪيو،

حآصلاتون نه ٿيون ٿئي ڪوشش.

 

هاڻ بس ڪر، نه ٿو ٿئي تنهنجو،

هي چيو آ روئي روئي ڪوشش.

 

ڪنهن کي پرچائي ڪنهن کي پرچايان،

هاڻ مون کان رُسي وئي ڪوشش.

 

تنهنجي تابع به هوندي هٿ وس ۾،

منهنجي هٿ ۾ نه بي چئي ڪوشش.

 

ٿي وڃان هان سندسُ هميشيه لاءِ،

ڪانه اهڙي ڪا هُن ڪئي ڪوشش.

 

سانگو سِرَ تان کڻي ته نڪتي ”نواز“،

تنهنجي درتي پڄي مُئي ڪوشش.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org