سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ديوان نواز

باب:

صفحو:2 

ڀلا ڇو اوهان منهن مٽايو هٿو هٿ،

توجهه کي مون تان هٽايو هٿو هٿ.

 

آ ردِ عمل هي توهان جي عمل جو،

اچي لاش منهنجو لٽايو هٿو هٿ.

 

رهاڻيون اچي مون سان جت تون ڪرين ير،

محل مون اکين ۾ اڏايو هٿو هٿ.

 

مريضِ محبت کي ايڏي سزا ڇو،

خدارا اچي سر بچايو هٿو هٿ.

 

هي ثابت ڪيو جي تضاد آ اسان سان،

اچي يا ته ڳالهيون مڃايو هٿو هٿ.

 

هي تقدير جا مُون لکائي وتي آ،

انهي ۾ ڪو ليئو ته پايو هٿو هٿ.

 

”نوازا“ توهان کي ڏني آ بناملهه،

انهي کي سُٺي ملهه کپايو هٿو هٿ.
 

” ٽ “

*

تون وڃي ڪر پنهنجي پوري گهٽ ۾ گهٽ،

مان ڪندس پيو جي حضوري گهٽ ۾ گهٽ.

 

ڇا حياتي ڀروسو ڪيسين هجي،

دور ڪر تون هاڻ دوري گهٽ ۾ گهٽ.

 

توئي هو مرهم رکيو ۽ اڄ وري،

توئي هي دلڙي آ جهوري گهٽ ۾ گهٽ.

 

تنهنجي دلجوئي سدا آهي ڪئي،

ڏي محبت مون کي پوري گهٽ ۾ گهٽ.

 

هر قدم سنڀال، آهي موٽڻو،

زندگي آ ڄاڻ پوري گهٽ ۾ گهٽ.

 

ڪئي وفا سان آبياري پيار جي،

ڏي ڀلي محنت مزوري گهٽ ۾ گهٽ.

 

روپ پٿر ۾ آ عاشق منتظر،

”هڪڙي ٺوڪر آ ضروري گهٽ ۾ گهٽ.“

 

پئي اکين جا جام پيتا پُر ”نواز“،

ائين گذر ٿي رات پوري گهٽ ۾ گهٽ.

*

اڄ ڳچيءَ ۾ مون کي پاتا هار چوٽَ،

مون طرف جو موڪلي هئي يار چوٽ.

 

بي ڌياني، بي رخي ڇا گهٽ هُئي،

پر جدائي جي ملي آ ڌار چوٽ.

 

پنهنجي پيرن تي بيهان شايد وري،

جي سنڀالڻ جو ڪري ڪردار چوٽ.

 

ماکي ماناري کي ڄڻ پٿر هنيم،

ڏنگ يعني هر پٿر هر وار چوٽ.

 

سهڻي ٻڏڻي هُئي سسئي پيئي سُمهي،

بي خبر کاڌي سسئي ميهار چوٽ.

 

لوڻ ٿا ٻُرڪن ڦٽن تي خوش هجن،

جي ڏني آ توکي تنهنجي يار چوٽ.

 

جلد بازي آ پڄڻ تائين ”نواز“،

بيشتر پڇتاءُ ڏئي رفتار چوٽ.

” ٺ “

*

ڇڏي باطلن کي سچا پير وَٺُ،

انهن جا به گفتا سي اڪثير وَٺُ.

 

سڏي جو پئي توکي تقدير وٺ،

صنم جي اٿس هٿ ۾ تصوير وٺ.

 

ڏٺو آ سُٺو آ نه ديريون ڪجن،

هٿن سان ٻنهي خواب تعبير وٺ.

 

متان ڀاڳيا ڌڻ کي ڌاڙو لڳي،

سجاڳي ڪجي يار شمثير وٺ.

 

ٻڏل ڀي تري ٿي سگهي جي نصيب،

اي ناکئا هلين ٿو ڀلي سير وٺ.

 

اڃا سهپ جا بند مضبوط ڪر،

ڀلي دل تي پنهنجي اڃا تير وٺ.

 

صِحَتَ جي اجازت ڏئي دل سان نواز،

مکڻ ماکي مصرين سندا کير وٺ.

 

يقين ئي کٽيندو آهي اي ”نواز“،

دوا مان شفا واري تاثير وٺ.

*

سڄو پڙهيم نه سمجهه پيو ڪتاب ماٺ،

تڏهن به زندگيءَ جو لب لباب ماٺ.

 

چڙهي پيو سولي هجي حق تي جي اگر،

ته پو رهڻ به چُپ آهي خراب ماٺ.

 

حضور يار ۾ تعريف دل ڪري،

اگر نه ٿي سگهي ائين ثواب ماٺ.

 

رڳو زبان بڪف نه مان نه مون پارا،

اڳيان انهن جي شهنشاه نواب ماٺ.

 

حسين ظلم و ستم هو حسين جو،

وٺي، وَٺِي ته سگهي ٿو حساب ماٺ.

 

ننڍو سوال پيار آهي ناهي ڇا؟

تون چپ عذاب آهي يا عتاب ماٺ.

 

هو خوشبو ناز باغ آئي جو گهمڻ،

انهي تي موتيو چبنيلي گلاب ماٺ.

 

هي منهنجو حق هو احتجاج مون ڪيو،

اکين ۾ آڻي وڇوڙي، جو آب ماٺ.

 

هليو اڪيلو سفر تي هيو ”نواز“،

کڻي صُبر جو سمورو نصاب ماٺ.
 

” ث “

*

محبتن ريءَ پل گهڙيون ڇا زندگاني آ عَبث،

دوستن ريءَ ڪاميابي ڪامراني آ عَبث

 

جيڪڏهن آيل مٿي تي ۽ سنڀالي ڪانه ٿي،

پو يقينن ڄڻ ته توتي خانداني آ عَبث.

 

يا خدا ايمان تي ٿئي خاتمو آرام سان،

موت جهڙي شئي سا ڀي ناگهاني آ عَبث.

 

تو بنان سينگار مومل جي ڪري ڪنهن لئه ڪري،

جا وڇوڙي جي ڏني توهي نشاني آ عَبث.

 

يا سزا ڏي يا جزا ڏي ڪو ملي آخر جواب،

بي رُخي تنهنجي انهيءَ تي بي زباني آ عَبث.

 

مونکي مارو مارويءَ جيان جيءَ سان آهن جڙيل،

تن بنان سڻڀو ڳڀو ڇا دال ماني آ عَبث.

 

محبتن سان جي محبت دل رکي آهي ”نواز“،

مون تي هي الزام تهمت بدگماني آ عَبث.

*

حسن پياري يا نه پياري جام تي ٿيندو بحث،

واعظن پهتي ڪيل پيغام تي ٿيندو بحث.

 

تنهنجي واحد وحده الله تي ايندا ڦري،

جي هري ڪرشن يا توڙي رام تي ٿيندو بحث.

 

جو وڪامي آوئي ناياب قدمن کي پڳي،

مون کي حيرت آ ته منهنجي دام تي ٿيندو بحث.

 

مون جدائي جي عبادت دل حوالي هُئي ڪئي،

درد کان واندي گذاريل شام تي ٿيندو بحث.

 

زندگيءَ جي جستجو آ فرحتون ڪيڏانهن وڃن،

تنهنجي جاڳڻ تي به ۽ آرام تي ٿيندو بحث.

 

يا رسول اللهؐ ڪافي آ قبر جي واسطي،

جو الله کان پوءِ سندن ئي نام تي ٿيندو بحث.

 

جيڪڏهن تدبير نظرون چار ڪيون مون سان ”نواز“،

 پنهنجي کاتي ۾ پيل آلام تي ٿيندو بحث.

*

قبولي ڇڏيسينِ خطائن جي ميراث،

ملي منتخب تي دوائن جي ميراث.

 

هُئي ڪڻڪ رنگي سٺا نقش بيشڪ،

مگر دل کي موهيو ادائن جي ميراث.

 

وفائن جا درياهه ساگر ملي ويا،

مگر هُن جي هٿ ۾ دغائن جي ميراث.

 

عذابن مثل مهل قيدي هيس مان،

اتي ڪم نه آئي صدائن جي ميراث.

 

جتي نظر جا آخري هِن ڪناره،

مون کي موڪلي ڇڏ خلائن جي ميراث.

 

”نوازا“ مٽي ۽ تڏي تونري بهتر،

ڏُکي آ عبائن قبائن جي ميراث.

 

” پ “

*

ڏسي ان کي تصور ٿيو ته ڄڻ آهي دعا جو روپ،

اسان جي محبتن عيوض عطا ٿيو آ وفا جو روپ.

 

سُڪا ساوا سڙي ٿيا خاڪ مون کي هوش جو ڪونهي،

اسان جي پيار جي شدت وتو آ انتها جو روپ.

 

خدا جي ويجهڙائي لاءِ خدا خودئي آ فرمايو،

ته ان جي خلق لئه وٺڻو آهي حآجت روا جو روپ.

 

پرهه تائين پُڪارڻ جو سلو هن ريت ملندو آ،

صُبح محسوس ٿيو بنجي هو ايندو آ هوا جو روپ.

 

اميدون پنهنجي سائل جون اونائج رحمت عالم،

سلامن روئي روئي ورتو آهي هڪ صدا جو روپ.

 

گهڻائي همتن ۽ حوصلي وارا به هوندا پر،

حسينڻ ئي وٺي آيو شهيد ڪربلا جو روپ.

 

وسيع هنِ رحمتون تنهنجون خدايا سڀ گناهن کان،

اسان اولادِ آدم ئي نوازا هُون خطا جو روپ.

 

*

هيل برساتن ۾ گهر جا ڏار چُپ،

هي اگڻ ۽ هي درو ديوار چُپ.

 

تو ڪرائي مون ڪئي دلدار چُپ،

سمجهه وارن لئه نه آهي هار چُپ.

 

انتقامن مون نه ڪجهه ڳالهائيو،

ڀل پو دشمن کي لڳي هيءَ گار چُپ.

 

تنهنجو منهنجو ٺاهه ڀي ٿيندو ڪڏهن،

تون به هوڏانهن مان به هيڏانهن ڌار چُپ.

 

دفعتاً محفل ۾ هُو آيو، مليون،

هُن اکين سان هي اکيون ٿيون چار چُپ.

 

هو ته شرمنده اڳئي آهي جڏهن،

پو سزا هُن کي ڀلا چو مار چُپ.

 

تو ته ساڙي آ ڇڏيو جئيري نواز،

۽ اڃا تائين به اُن جي ڇارِ چُپ.

 

هي ڪهاڻي سمجهه ۾ آئي تڏهن،

هو ”نواز“ ان جو به هڪ ڪردار چُپ.

” ج “

*

مون ڪيو آ پيار جو واپار نج،

جنهن ڪري مون کي عطا ٿيو يارُ نج.

 

سنڌ جا سنڌي مرڻ ٻولي نه ڏيو،

سو تلفظ ۽ هجي گفتار نج.

 

مون وتي آ واٽ محبت جي ته پوءِ،

مون کي عاشق جي ٻڌو دستار نج.

 

لب مثل البت نه آهن هي مٺا،

گل گلابي يار جا رخسار نج.

 

رحمتِ عالم ﷴ مصطفيٰؐ،

باليقين منهنجي به لهندا سار نج.

.

*

بي رخي تي بي اثر هي احتجاج،

مون ڪيو سو مختصر هي احتجاج.

 

پاڻي پاڻي سنڌ ساري ٿي وئي،

ان تي آهي منحصر هي احتجاج.

 

محبتون اڄ بي رخيءَ لئه ٿيون ڪٺي،

تو لئه باقي منتظر هي احتجاج.

 

جي ٿي ان مان ٿي پوي ڪا حاصلات،

ان لئه نورِ نظر هي احتجاج.

 

جي حضوريءَ سان مسلسل جو ڪيم،

ذهن لئه ٿي پيو مضر هي احتجاج.

 

سوچ اکڙين تي آ پابندي پيل،

اڄ ڪجي زير و زبر هي احتجاج.

 

جي ضروري ٿي پوي پو ڀي ”نواز“،

با تحمل ۽ صبرُ هي احتجاج.

 

” ڄ “

*

منهنجي محفل کي ڇڏي اي بي وفا ڀَڄُ،

محبتون خود ٿي پيون توکان خفا ڀڄ.

 

دل ۾ داخل رَتَ ۾ شامل دلربا اڄ،

ذهن ۾ گردش ڪندي بي انتها ڀڄ.

 

جلد حاصل ڪر وڃي پهچيس پهرين،

اڄ قبولي آ خدا تنهنجي دعا ڀڄ.

 

زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ آهي ضروري،

حق سندو ساٿي ڪري ٿي همنوا ڀڄ.

 

ڪيترو ساريان ٿو هُن کي هي ٻڌائج،

منهنجي نِياپَن کي کڻي باد صبَا ڀڄ.

 

تو لئه مُشّقت ڀي ضروري آ ”نواز“،

هر دوا ساڳي ڪري ٿي التجا ڀڄ.

.

*

توهان کان به محبت جو ٿيندو سوال اَڄُ،

ڏسون ڪير اهڙو ڪري ٿو ڪمال اڄ.

 

هئين سونهن تنهنجي مثالي آ تنهن تي،

نئين آ جواني نئون آ جمال اڄ.

 

جي دل جي اکين سان ڪئي تو آ محبت،

اچي ڇا سگهي ٿو به ان تي زوال اڄ.

 

ڪڏهن موت ماريو اکين سان انهي کي،

جو بِسمل اڳئي آ ڪيو سو هلال اڄ.

 

ٿي مومل پئي دل ٿي سهڻي سڏائي،

نئون داستان درج ٿيندو مثال اڄ.

 

نه هئي لوح قسمت ته پو ڪئين تنهنجي،

انهي ڳالهه جو ڪهڙو ٿئي ڀي ملال اڄ.

 

اچي دل جو مالڪ ٿئي مهمان دل وٽ،

نه منهنجو نه دل جو پڇيو يار حال اڄ.

 

متان ڪا ڪثر ڀي رهي اي ”نوازا“،

وضو سار محبت جو ٿيندو خلال اڄ.
 

” جهه “

*

جان دلبر ايمان ۽ سڀ ڪجهه،

جوڙ منهنجو آ شان ۽ سڀ ڪجهه.

 

سنڌ جي حال زار ڪئين ڏسجي،

نان نفقهه يا جان ۽ سڀ ڪجهه.

 

سال ڪئين سال ٿئي تڏهن ترقي،

منهنجو پورو گمان ۽ سڀ ڪجهه.

 

هي نڪو ٻول آ ٻچن سمجهو،

منهنجي حاضر آ جان ۽ سڀ ڪجهه.

 

چور ڳولي لڌو ته آهي بس،

ڪنهن جي هٿ آ ڪمان ۽ سڀ ڪجهه.

 

هاءِ افسوس ڇا ائين رهندو،

ڪير ڏيندو نه ڌيان ۽ سڀ ڪجهه.

 

منهنجا اي شيث تو ڏسڻ کان پوءِ،

لهندي آهي ٿڪان ۽ سڀ ڪجهه.

 

تو تان گهوري ”نواز“ اڻ ملهه ئي،

زندگي ۽ مڪان ۽ سڀ ڪجهه.

*

ڇڏي جو ويا ڪي وفاداريون ڪجهه ڪجهه،

هُيون وقت جون ڄڻ اداڪاريون ڪجهه ڪجهه.

 

اسان جا لکيل گيت وايون غزل ڀي،

پون ياد توکي صداڪاريون ڪجهه ڪجهه.

 

ڪري ياد حسنينؑ زنده ڪيم دل،

اسان ڀي ڪيون هن عزاداريون ڪجهه ڪجهه.

 

زماني کي شهه مات ڏئي پي سگهياسين،

توهان ڪاڻ بازيون آهن هاريون ڪجهه ڪجهه.

 

انهن جا ڪنڊا پيا ڪڍون اڄ به سوڌا،

توهان کان ٿيون هنِ جي منهن ماريون ڪجهه.

 

ڀلي ڇيهه ٿئي دير خير آ ”نوازا“،

اسان جون به اينديون ڪڏهن واريون ڪجهه ڪلجهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org