سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ديوان نواز

باب:

صفحو:4 

” ص “

منهنجي هُن سان محبت واري حالت خاص،

قسمت ۾ هيءَ الفت واري دولت خاص.

 

ننڊ ۾ جنت هورون محلاتون ۽ تون،

تنهنجو هي آغوش به آهي نعمت خاص.

 

منهنجا سلام قبول ٿي قيمتي بنجي پيا،

رحمت عالم ڪئي آ مون تي رحمت خاص.

 

راضي ٿي به رسڻ پرچڻ ڪا راند هُئي،

ياد پوي ٿي هُن جي مون کي عادت خاص.

 

تنهنجو ساٿ ضروري ڪيڏو بنجي پيو،

توبِن وحشت تنهنجي هوندي راحت خاص.

*

لذت وغم عاشقيءَ ۾ آهي خاص،

شخص هڪڙو زندگيءَ ۾ آهي خاص.

 

نُور آ قرآن ختم المرسلين،

سڀ کان ظاهر روشنيءَ ۾ آهي خاص.

 

لذتن ۾ سوئي آ سڀ کان لذيذ،

تنهنجي جيڪو دل لڳيءَ ۾ آهي خاص.

 

هونئن به هُن کان ڪونه آهي ڪو حَسين،

جو رهي ٿو سادگيءَ ۾ آهي خاص.

 

نفس کي آرام و آسائش کپي،

غرض پنهنجي مطلبيءَ ۾ آهي خاص.

 

جيڪا حاصل ٿي به غم ڏئي ٿي وڃي،

ڇا مزو اهڙي خوشيءَ ۾ آهي خاص.

 

زندگي تو وٽ امانت آ ”نواز“،

پر سچائي بندگيءَ ۾ آهي خاص.

” ض “

 *

دور دنيا مٽيو ٿِي آ محبت مريض،

آهي انسان ۽ انسان جي جبلت مريض.

 

آتمناءِ بي تاب دل ڇا ڪيان،

آهي جذبن ۾ جيڪا به شدت مريض.

 

هيل برسات ۾ جيڪا غربت هئي،

سا ته ويتر وڌي ٿي آ غربت مريض.

 

سار اهڙي لڳي دل جي دل کي مٺا،

چين منهنجو سڪون ۽ ٿي فرحت مريض.

 

مان محبت ڪرڻ کان رهان ئي نٿو،

تو وڌي آهي وچ ۾ جو مهلت مريض.

 

مان مريضي کڻي پيو جئيان خير آ،

ذهينيت ڀي ذهن ڀي ۽ عادت مريض.

*

پريشان هان ڪافي سهي قرض مرض،

هي اميد ويندا لهي قرض مرض.

 

خدا جو وٺي نانءُ هَلُ تون هليو،

وري ڪونه ايندا ڪهي قرض مرض.

 

جو برسات، رحمت جي برسي پئي،

ته پاڻي ٿي ويندا وهي قرض مرض.

 

عروج آهي تن جو ته ايندو زوال،

ڪري ڇا به رهندا رهي قرض مرض.

 

موبائيل جي لغزش ۾ ڦاٿل آهن،

ڏسون ٿا نئين هيءَ ٽَهي قرض مرض.

 

رکيم دل ۾ ڳالهيون نه اوري سگهيس،

جمع جا ڪيم سا ٿهي قرض مرض.

 

جو تنهنجي محبت آ مون کي ملي،

ته ماکي مکڻ ۽ مهي قرض مرض.

 

سهارو جي تنهنجو ملي پئي ”نواز“،

پوءِ واري ۾ ايندا ٺهي قرض مرض.

” ط “

 

*

سوچ منهنجي غلط آئون ماڻهون غلط،

منهنجي مشقِ سخن منهنجون راهون غلط.

 

جي هي  شهريت لئه ٿيون هن ته پو سمجهبو،

هڪڙي مندر تي مسلم جون ڪاهون غلط.

 

تون ڪرين جي، ته محبت ۽ نازو ادا،

منهنجا ڀاڪر ۽ بوسه ۽ ٻانهون غلط.

 

جي ڏکائين ڏکي ٿي ته دل پيار جي،

يار دربار ۾ منهنجون دانهون غلط.

 

ساٿ سنگت خوشيون تو سلامي هجن،

منهنجا سڏڪا به ڳوڙها به آهون غلط.

 

ها ڪڍي پيش ڪانگن اڳيان سي ڪبيون،

جو نوازا نه کڻندو نگاهون غلط.

 

جو نظر سان نوازيندو آهي ”نواز“،

سو کڻي ڪيئن سگهندو نگاهون غلط.

 

*

توهان جي به دل ٿي چيو احتياط،

اسان جي به دل ٿي ڪيو احتياط.

 

ڪجن ڪئين پوريون ڪجن من خوشيون به،

جو رستي ۾ هائل رهيو احتياط.

 

سڪايل مان سڪ مان رسيس تنهنجي درتي،

جو مون کان نه ٿيو توکان ٿيو احتياط.

 

ننڍي عمر کان هٿ ٻڌل مون رهيا جو،

انهي وقت بنياد پيو احتياط.

 

نهاريو نه مون پاس پنهنجو رکيو ڀي،

ته پوپيش منهنجي پيو احتياط.

 

کڻي ويٺو نظرون رهيو ڪين ٿس ته،

انهيءَ تي پو الزام هنيو احتياط.

 

جو آدم کي ڪرڻو هيو اي ”نواز“،

مگر کين دل مان ويو احتياط.

” ظ “

*

ڏانوَ ۽ ڏات جو ڪيو تحفظ،

رنگ هن رات جو ڪيو تحفظ.

 

خير سان هي گذر جي ٿيو ٿي وڃي،

پوءِ پرڀات جو ڪيو تحفظ.

 

ذات الله وحده سمجهي،

موت، سڪرات  جو ڪيو تحفظ.

 

جي نه ويسر هجي ته پو ڇا ٿئي،

يار فڪرات جو ڪيو تحفظ.

 

بيش قيمت آهن هي مُحبت جا،

وقت لمحات جو ڪيو تحفظ.

 

توکي محبوب کان ملي جا ”نواز“،

دل سان اُن مات جو ڪيو تحفظ.

*

ختم دل دل سان ڪئي آهي شناسائي خدا حافظ،

مبارڪ هجرو فرقت قيد تنهائي خدا حافظ.

 

وڃان پيو پر وري ايندس چيو هو تو ته ويندي مان،

ڏسي توکي اهائي ڳالهه ورجائي خدا حافظ.

 

توهان ٺاهيو ٺهي ويس جو به چاهيو سو ته ٿي ويو آ،

تماشو ٿيو ختم هاڻي تماشائي خدا حافظ.

 

سچي سا ڳالهه ٿي جيڪا اوهان جي سوچ مان نڪتي،

مڃيوسين ٿي اوهان جي وات جي وائي خدا حافظ.

 

اکيون پوري ”نوازا“ تو حياتي ڪيئن گذاري آ،

اسان ڌوڪي پٺيان هيءَ عمر خرچائي خدا حفظ.

” ع “

*

هي جواني، زندگاني، هي بهارون الوداع،

هاڻ اڏرڻ تي آهن ڪونجن قطارون الوداع.

 

نفرتون ڀي خاڪ ۾ ۽ دشمنن جو خير ٿئي،

هئه ڇڏيائون پيار واريون سي نهارون الوداع.

 

منهنجي حصي داڻو پاڻي ڪيترو ڪهڙي خبر،

موج سان ڪرندڙ مگر اي آبشارون، الوداع.

 

منهنجي خيالن ۾ ڪي سهڻا محل پيا تعمير ٿين،

پر ٽٽي آهن رهيون هي دل جون تارون الوداع.

 

امب، گدرا، ڇاهيون سردا ۽ پپيتا پيا پچن،

قسمتون ڏس ٿي وڃن ٿا ڦارون ڦارون الوداع.

 

جيسين پهچين، دير ٿيندئي پوءِ ڏسجان منتظر،

تولئه واجهائينديون منهنجون نهارون الوداع.

 

مختصر ٿئي وقت مومل راڻو من ريجهي پوي،

ڪاڪِ کي ڏي باهه ۽ پو ڪر پچارون الوداع.

 

پير فقراءِ ۽ مزارون ڇنڊا ڇُوڪارا مڙئي،

درد منهنجي جو نه هو ڪنهن وٽ به دارون الوداع.

 

دل خوشيءَ سان سڀ خوشيون تنهنجي حوالي ڪيون نواز

ڪاميابيون ٿئي مبارڪ منهنجون هارون الوداع.

 

مان پراڻو ۽ پراڻا خيال هن منهنجا ”نواز“،

وقت سان پهچن نه ٿيون منهنجون اڏارون الوداع.

*

الوداع اي حُسن وارا الوداع،

اي پرين دل جا پيارا الوداع.

 

دل قبولي آ ڇڏي پنهنجي شڪست،

تنهنجا وارا ٿيا نيارا الوداع.

 

منهنجي الفت ڪُنَ جي ور ويئي چڙهي،

تنهنجي قسمت ۾ ڪناره الوداع،

 

تنهنجون ڪمزوريون به يڪ جاءِ ٿي ويون.

ڇڙوڇڙ منهنجا سهارا الوداع.

 

ناز هو جن تي سڀئي ڀرجهلا،

ويا ڇڏي تنهنجا گذارا الوداع.

 

وقت هو آغوش تنهنجي ۾ نصيب،

نور وارا ها نظارا الوداع.

 

بي وجه آ تو ڪڍي دل مان ڇڏيو،

منهنجي اکڙين جا ستارا الوداع.

 

مئڪدي پهچي نه مان مخمور ٿيس،

هاڻ موکي ۽ متارا الوداع.

 

بي رُخيءَ ماري ڇڏيو مون کي نواز“!.

حُسن جا اي ماه پارا الوداع.

” غ “

 

*

ناز پرور تنهنجو خواب آ ناز باغ،

تنهنجي تصور جو جواب آ ناز باغ.

 

جنهن ۾ ابدي ننڊ تون آهين سُتو،

زندگيءَ جو لبُ لباب آ ناز باغ.

 

گل ڀونئرا بلبليون نغما سرا،

رات جگنو ماهتاب آ ناز باغ.

 

هڪ نشاني تو ڏني آ آفتاب،

ٻيو ته فن جو آفتاب آ ناز باغ.

 

گينڊو ڊينٿس، ڊهليه ۽ دائودي،

مگرو چنبيلي گلاب آ ناز باغ.

 

مولسري هيٺان سُگهڙ ۽ ڪچهريون،

ڇانوَ ماڻهن لئه ثواب آ ناز باغ،

 

روز ٿو جنهن ۾ گهمان پڙهندو رهان،

هي کليل تولئه ڪتاب آ ناز باغ.

 

هي فن تعمير جو آ شاهڪار،

ڪين ڪي سمجهو سراب آ ناز باغ.
 

*

بيوفائن وَرِ چڙهي ويو دل دماغ،

۽ اميدن جو اجهامي ويو چراغ.

 

رات کان ڀي خوب گهرا سايا هِنِ،

روشنائي جو نه آ ڪو ڀي سراغ.

 

تشنگيءَ ۾ نيڪ وبد ڇا جو ڏسڻ،

پياس طلبن جي ڀري ورتو اياغ.

 

آخري آرام جي جاءِ کي ڏسڻ،

هَل گهمڻ جي ئي بهاني ناز باغ.

 

وحشتن توسان نڀايو آ ”نواز“،

راحتون ڀي جو ڇڏي ويون دل تي داغ.

*

ڪي ته مون کان ٿيا، ڪِن کان مان منحرف،

بي رُخن کان ڀلا ڇو نه ٿيان منحرف.

 

بيوفا بي رخو يا ستمگر صنم،

ذات پنهنجي کان يا ڪِ لکان منحرف.

 

هو يقين ٿو ڏياري اچڻ لاءِ چوي،

مون لاءِ آهي سٺو مان رهان منحرف.

 

پنهنجي دل کان پڇي فيصلو هي ڪجان،

مان جي آهيان ته تون ڀي ٿجان منحرف.

 

بيوفا هو سڄو سون ڀل ٿئي ”نواز“،

پوءِ رهندو هي منهنجو گمان منحرف.

”ف“

 

*

هُن جا انداز نازو ادا مختلف،

پيار منهنجي جي ٿي ابتدا مختلف.

 

هو رسڻ لئه رسي ويو خبر ڪانه هُئي،

مون کان اهڙي ڇا ٿي وئي خطا مختلف.

 

ديد خوشبوءَ سندس سوچ سهڻي سندس،

منهنجي محبت جي آهي غذا مختلف.

 

بخمل و چنڊ بادل ملڪ گُل بدن،

منجهه سهڻن هُو ماهه لقا مختلف.

 

جو اگهامي آ محبت جي دربار ۾،

هُئي صدائن ۾ منهنجي صدا مختلف.

 

منجهه محبت الله ۽ رسولؐ اَمين،

آ ڪهاڻي به غاز حِرا مختلف.

 

محبتن پيچرا پيچ ٿئي سو نواز،

ڪا متان ٿئي عبادت قَضا مختلف.

*

مان ٿو چاهيان ته تنهنجو هجان معطرف،

تون لکين مون کي توکي لکان معطرف.

 

مان به ان در جو گولو گداگر آهيان،

جنهن جا آهن هي ڪونون مڪان معطرف.

 

ڪا ڪرامت ڏسي پوءِ آڻج يقين،

ها وليءُ کيس سمجهي ٿجان معطرف.

 

هو نگاهون ڪرامت کان گهٽ ڪو نه هن،

دل به آهي هي دل جي هٿان معطرف.

 

ديد دلبر سندي پر گهري ٿو ”نواز“،

جي ٿو چاهين ته بنجي رهان معطرف.

”ڦ“

 *

آهه بنجي نيٺ نڪتي هُئي دٻايل دل ۾ ٻاڦ،

ٿي ڪڪر برسي يا پهجي عرش تي مشڪل ۾ ٻاڦ.

 

منزلون ۽ همتون ۽ ڪوششون ناڪاميون،

هي عجب آ حآصلاتن ۾ به لاحاصل ۾ ٻاڦ.

 

جو اٿي آيو ڇڏي پُر جام ساقي مئڪدو،

سوچجي شايد ڪڍي هُو ڪونه ٿو محفل ۾ ٻاڦ.

 

ڪين ڪڇيو ۽ رضا راضي ڪيائين سڀ قبول،

مام منصوري آ نڪتي ڪين ڪي مقتل ۾ ٻاڦ.

 

سئن مان دل سان هڻان ٿو ڪو ٻڌڻ وارو هجي،

دل مان سائل جي آنڪتي پو رهي منزل ۾ ٻاڦ.

 

صُبر ڪر ۽ فيصلا وقتائتا جيڪر ”نواز“،

پوءِ تدبيرون سڦل ۽ ٿي رهي تحمل ۾ ٻاڦ.

*

رقيبا منهنجي دلبر ساڻ ڪر تون ڪين ڪائي داڦ،

گهڻو ماضيءَ ۾ ٿيو پر هاڻ ڪر تون ڪين ڪائي داڦ.

 

سنواري هاڻ پنهنجو پاڻ ڪر تون ڪين ڪائي داڦ،

ختم ٿيندي ڪڏهن ڇڪتاڻ ڪر تون ڪين ڪائي داڦ.

 

اسان جي پيار جي خوشبو چمن ۾ ٿي فضا رهندي،

صدا هوندي اها سرهاڻ ڪر تون ڪين ڪائي داڦ.

 

اماوس سوچ تنهنجي ۽ مقدر ڀي انڌيرو ٿئي،

سٺي هوندي آهي چانڊاڻ ڪر تون ڪين ڪائي داڦ.

 

سرنهن ڪڻڪون ۽ سردي پيار جي موسم مگر هڪ تون،

اهو ساڳيو اٽو ۽ ڇاڻ ڪر تون ڪين ڪائي داڦ.

 

سدائين سرگرم آهين اسان کي ڏُک ڏيڻ پويان،

”نواز“ جي اک نه ڏي آلاڻ ڪر تون ڪين ڪائي داڦ

” ق “

 

*

هڪ باز بي لغام سان ٿيو بي لغام عشق،

بدلي ۾ بي وفائي جو مليو انعام عشق.

 

وسري ته وئي حسين صُبح شام جي تڙپ،

پوءِ ڀي خيال خواب ۾ ٿئي هم ڪلام عشق.

 

آڏو اچن اکيون ته ڪڏهن مان اکين اڳيان،

ڪانهي خبر ته مان يا منهنجو غلام عشق.

 

جهمور فوج يا وري بادشاهي ڀي ڀلي،

منهنجي آ دل محبت منهنجو نِظام عشق.

 

هُن بيِ رخُيءَ جي پويان ڇو پنهنجي روش مٽيان،

پاسو وٺي گو اُن جو ڏنا هِن آلامِ عشق.

 

راڻو نه مان پنهون نه مان آهيان نواز پر،

تنهنجو ڪو خاص هوندو منهنجو هو عام عشق.

 

صدقي ٿي پو ”نواز“ وڃي دل ۽ جان سان،

ڪنهن بي نياز آڏو جي پهچي سلام عشق.

.

*

تنهنجي نظرن ۾ آخر ٿيان مستحق.

زندگاني به ساري جيان مستحق.

 

قسمتون قيمتي تنهنجو نور نظر،

پر مان بحرِ خدا ير هُجان مستحق.

 

مون کي قسمت لِکڻ جو اِذن جي ملي،

حَق به حقدار کي ۽ لکان مستحق.

 

مان به محبت بحر ۾ تري يار پوان،

تون به نظرن ۾ منهنجي ٿجان مستحق.

 

جنهن کي محبت به ازخود ڌڪاري ”نواز“،

تنهن جي بدلي پو ڪنهن کي چوان مستحق.

” ڪ “

*

ڪين ٿو سمجهان ڪو مون تي مهربان توکان وڌيڪ،

پيار ۾ چاهيان ٿو توکي چاهيان توکان وڌيڪ.

 

انتها مضبوط تعلق باهمي پنهنجو هجي،

تنهن  لئه پنهنجي خوديءَ کي لاهيان توکان وڌيڪ.

 

تون رهڻ ايندي ته آخر جاءِ لائق ڀي هجي،

يادگيرين جا محل ٿو ٺاهيان توکان وڌيڪ.

 

مهربانيءَ کان وڌيڪ آ تنهنجي دل ۾ ٿورهان،

۽ چوين ٿو تنهنجي دل ۾ آهيان توکان وڌيڪ.

 

هر دفعي تنهنجي اکين مان مات جو ماڻيم مزو،

ڪيترو چاهيم به البت ٿي سگهان توکان وڌيڪ.

 

منهنجي ساقيءَ لاءِ موکيءَ هي چيو اڄ برملا،

مون نه آهي ڪو ڏٺو پير مغان توکان وڌيڪ.

 

هوئي اول هوئي آخر وحده آهي ”نواز“،

ڇو نه ان کي دل ۾ پنهان ئي رکان توکان وڌيڪ.

*

هي حسينن جو ڏٺو سين پيار ڌوڪي کان وڌيڪ،

جو نصيبن ۾ مليو هڪ يار ڌوڪي کان وڌيڪ.

 

گلبدن رشڪِ چمن جون خواهشون پُوريون ڪرڻ.

اعتباريءَ تي ٿيو آ وار ڌوڪي کان وڌيڪ.

 

هوش ۾ هاڻي رهڻ چاهيندو ڇا عاشق بيمار،

موکي پئمانو ڀري ڪو پيار ڌوڪي کان وڌيڪ.

 

ٿي نظر انداز ويون غلطين تي غلطيون ڀي مگر،

اڄ انهن جي پوري ٿي مقدار ڌوڪي کان وڌيڪ.

 

عهد ۽ پئمان تي اڄ ڀي دل چوي ڪر اعتبار،

پر سندءِ بيٺو وڃي معيار ڌوڪي کان وڌيڪ.

 

بدحواسيءَ ۾ اچي پهتو آهيان پير مغان،

منهنجي لاءِ اڄ مئڪدو سينگار ڌوڪي کان وڌيڪ.

 

حسن مومل چال سومل ڇا ڪري آخر ”نواز“،

۽ ڪَيئين پٽڪي سندو ڪردار ڌوڪي کان وڌيڪ.

*

يارن کان ير ڪهڙي لِڪَ،

ڪا نه ڪبي ڪا اهڙي لِڪَ.

 

تنهنجو چهرو ڍَڪ ڍڪيل،

مان ٿو ڀائنيان جهڙي لِڪَ.

 

لِڪَ ڪبي تان لِڪ لڪِي،

ڪهڙي جهڙي تهڙي لِڪَ.

 

عشق ڪيو سين اکڙين سان،

معشوقن هيءَ پڪڙي لِڪَ.

 

خوشبو نيٺ ٿي ڦهلائي،

چاهه جي آهي مکڙي لِڪَ.

 

اکڙيون اکڙين چار ٿيون،

پوءِ ڪئي هُن تڪڙي لِڪَ.

 

هاءِ ”نوازا“ پهچڻ تي،

آخر ڏاڪي اکڙي لِڪَ.


 

” ک “

 

*

جي ڏوهه آهي محبت ٿا ڏسجن وڏا ڏک،

انهيءَ جا ذميوار سهڻا سٺا مُکَ.

 

هوا جي هٿان منهنجا پيغام پهچن،

سنڀاريو ستايل جي عادت هئا سُک.

 

مهانگو اٽو گيهه سبزيون وغيرهه،

انهيءَ کان مهانگي بکايل جي خود بُک.

 

ڦٽن لوڻ ٻرڪي ويو گفتگوءَ سان،

جليو پي جو ويتر جگر ۾ لڳي چُک.

 

زماني کي منهن پيو ڏجي ٿو مگر هي،

محبت جو پيڙاءِ تقدير جي لُک.

 

اکيون ديد ماريون ۽ دل جي به راحت،

سوا تنهن جي سچ پچ ته جهوريءَ منجهان جُک.

 

سُمهان چين جي ننڊ آخر ”نوازا“،

اسان کي کپي هُن جي آغوش جي نُک.

*

دوستين کان دور ٿي ۽ محبتون اهڙيون نه رَکُ،

ٿي وڃين مغلوب جن ۾ رغبتون اهڙيون نه رَکُ.

 

تون مسافر، دنيا هي مهمان خانو سمجهه ڪر،

دل لڳيءَ کان دوُر ٿي ۽ حسرتون اهڙيون نه رَکُ.

 

جي پکيءَ کي پيار هوندو موٽي ايندو ماڳ تي،

لالچن ۽ غرض واريون نسبتون اهڙيون نه رَکُ.

 

رنگ جو توکي مليو سو رنگ تنهنجو ئي آهي،

رنگ جو توتي ڇڏن سي صحبتون اهڙيون نه رَکُ.

 

هُو به هڪ انسان آءِ تون به هڪ انسان آهين،

نازڪي خاصو آ هن جو سبقتون اهڙيون نه رَکُ.

 

دل ئي خود ناراض جنهن ۾ خون جهڙو سوعمل،

جي ضميري زنده آهي حرڪتون اهڙيون نه رَکُ.

 

حق وٺي حقدار کي ڏي يا يتيمن يار ٿي،

حق کسين يا دل ڪا ٽوڙين همتون اهڙيون نه رَکُ.

 

آ قبر هڪ گهر جتي رهڻو آ ڪجهه تياري ته ڪر،

جي اتي تڪليف ڏين سي فرحتون اهڙيون نه رَکُ.

”گ“

 

*

دل کي ئي وڻندو رهي ٿو راڳ رنگ،

سا ته هي قيمت لهي ٿو راڳ رنگ.

 

ساز سُر جا موتي پويل جي هُجن،

پوءِ سڄي محفل ڪُهي ٿو راڳ رنگ.

 

ڪنهن جي سوچن سمجهه کان بالا رهيو،

روح کي ڪنهن جي ٿو موهي ٿو راڳ رنگ.

 

شادمانه ۽ خوشي رسمون هُجن،

منجهه تن ڪيڏو ٺهي ٿو راڳ رنگ.

 

ٿو غزل وائي کي هو آواز ڏئي،

ڪهڙيون اوچايون ڇهي ٿو راڳ رنگ.

 

شاعري گمنام رهندي آ ”نواز“،

تنهن سان ونگارون وهي ٿو راڳ رنگ.

 

منهنجي محفل آ ٻُسي توکان سواءِ،

تنهنجي محفل ۾ سونهي ٿو راڳ رنگ.

*

وار جهڙيون گهٽائون وڪڙ سهڻا ونگ،

چنڊ کان ڀي حسين ڪين ماپي ۾ دنگ.

 

بخمل و ريشمي نازڪن ۾ نفيس،

هُن جي آواز تي چاهه چوري ٿي چنگ.

 

عشق جذبات، دل جي ۽ راحت به هو،

هُن ۾ قدرت ڀريا قسمين قسمين جا رنگ.

 

ساڻ هُن جي خوشيون خود ۾ ماپن نٿيون،

جي جدا آ جدائي هڻي ڏاڍا ڏنگ.

 

آ رسڻ کان به ڏاڍو ۽ ماکيءَ مٺو،

’شيث‘ پنهنجي مڃائڻ جا ڄآڻي ٿو ڍنگ.

 

جو نواز آهي منهنجو مان هُن جو ”نواز“،

چاهي ظاهر ۾ آهن جدا انگ انگ.

” ڳ “

*

مان مري ويندس ٿو ڀانيان تنهنجي پهچڻ کان به اڳ،

جو رٺو رهجو وڃان پيو هاڻ پرچڻ کان به اڳ.

 

محبتن جي آ عدالت ڏنڊ ڪجهه اهڙو رکيو،

مان ٿيو نيلام آهيان يار وڪجڻ کان به اڳ.

 

روئي مالهي بلبلون چپ ڀونئرا ڳوليندا وتن،

گل آهي ڪومائي ويندو ٽاري پٽجڻ کان به اڳ.

 

منهنجي حالت جو ٻڌي تو سار سنبت جو ڪئي،

روح کي راحت ملي وئي تنهنجي پهچڻ کان به اڳ.

 

ڇا خبر تو بي رُخي ڪيئن زهر ٿي پياري ”نواز“،

زندگي مونکان رسي وئي تنهنجي مٽجڻ کان به اڳ.

*

مشڪلن سان ٿي سگهي ٿو ٿي وڃي همت سجاڳ،

هونئن به چوندا هن سجاڳي ساڻ آ قسمت سجاڳ.

 

تنهنجو ڪم آ دل سان ڪوشش ۽ وفائون يار سان،

پاڻ ڏسجان نيٺ ٿيندي ڏينهن هڪ محبت سجاڳ.

 

غور قدرت تي ڪرڻ آهي عبادت بااليقين،

قادر مطلق جي آهي هر گهڙي قدرت سجاڳ.

 

دوستي ناياب کان وڌ جيڪڏهن آهي سچي،

ڪئين هُو ناڪام ٿيندو جنهن جي آ محبت سجاڳ.

 

ياد ڪونهي تو کان غافل ٿي سگهي ٿو ٿيو هجان،

هر گهڙي هِن دل ۾ تنهنجي ياد جي عادت سجاڳ.

 

موت کي جي موت ڏين ٿا آ جيئڻ تن جو ”نواز“،

جي ڪمائي پو سمهن ٿا تن جي آ تربت سجاڳ.

”گهه“

 

*

جنهن جو پئسو ان جو آهي يار اگهه،

هاڻ خود پنهنجو ڪري واپار اگهه.

 

بيش قيمت هان وٺين ٿو اي حسين،

دل ۾ رکندي پوءِ ته ٿورو پيار اگهه.

 

مون وڪاڻل کي وٺڻ ممڪن نه آ،

ڇاڪيان منهنجو آ خود مختيار اگهه.

 

وقت جو پيڙهي ڇڏيو مون کي اڳئي،

ڇا ڪندو منهنجو وجهي آچار اگهه.

 

تون ملين جي پاڻ مان وڪڻي ڇڏيان،

تنهن ڪري منهنجي اڳيان لاچار اگهه.

 

وقت جي چادر مهانگي آ ”نواز“،

تنهن مٿان هر وقت آ بيدار اگهه.

*

منهنجي ڪمزوري به الفت منهنجي آهي پيار سگهه،

ڀرجهلو همدم به طاقت دل سندو دلدار سگهه.

 

دُور تڪليفون نه ٿين ٿيون توکان ڪنهن سائل سنديون،

پوءِ ته حڪمت، بار دولت، تنهنجي آ بيڪار سگهه.

 

ملهه ڀي طاقت توازن جو مثال آ ڳنڍ ٻڌ،

هي هُنر بازي الڳ ٿئي يار ٿئي هي ڌار سگهه.

 

منهنجي دل جي چو طرف آڙاهه جي آهن ٻريل،

منهن ڏجي تن مڙس ٿي ڪو ڏي مون کي سرڪار سگهه.

 

چار نظرن کي ڪرڻ جون همتون مون کي ملن،

هُن نگاهه ناز مان سيراب ٿيان ڏي يار سگهه.

 

ناتواني قسمتن تي ڏوهه ڏيڻ آهي فضول،

محنتون پوءِ فتح لئه راهون ڪري هموارسگهه.

 

جي رواج و رسم سان تنهنجي لڙائي آ ”نواز“،

همتون ڀي گڏ هجن ۽ پڻ هجي غمخوار سگهه.

”ڱ“

*

پنهنجي رنگ ۾ منهنجي دل کي هاڻ رَڱ،

سوچ منهنجي ۾ سڄي سرهاڻ رَڱ.

 

مان به تنهنجو رنگ هٿ تنهنجا سڄڻ،

پوءِ ضروري آ ته مون کي پاڻ رَڱ.

 

هِن زماني ۾ هلي سولو سگهان،

ذهن ۾ منهنجي ضروري ڄاڻ رَڱ.

 

تنهنجي محفل تنهنجا شيدائي ڪئين،

پو ڀلا غيرن کي ڪنهن جي ڪاڻ رَڱ.

 

منهنجي لفظن ۾ سندءِ خوشبو آهي،

جا ڪئي دل سان اٿم واکاڻ رَڱ.

 

سنڌ ساري ۽ سُڪا ٿر ماٿريون،

چنڊ تارا ۽ سڄي چانڊاڻ رڱ.

 

هاري مزدورو سڄو واپار ۽،

مال ڀاڳيا ۽ سڀيئي ڀاڻ رَڱ.

 

التجا دل جي دعا آهي ”نواز“،

نظر نظرن ۾ ۽ دل دل ساڻ رَڱ.

*

تون به سڄڻن جا ڪي ساري سار سَڱ،

بي خودي ٿي هاڻ ماري سار سَڱ.

 

گيت ڪي جهونگار تن جي ياد ۾،

يار اڄ سنڌوءَ ڪناري سار سَڱ.

 

چار ڪُل الحمد پڙهندي ۽ صلوات،

رحمتن جو روپ ڌاري  سار سَڱ.

 

تون نه وسرين، مون کان، توکان، مان سڄڻ،

مدتن جا قول پاري سار سَڱ.

 

ساڻ ڪي هِن ڪي ڇڏي آهن ويا،

ڳالهڙيون تن جون پچاري سار سَڱ.

 

مال مارن جو ڌنار آهين نواز،

ڍئو تي سو دل ساڻ چاري سار سڱ.

”ل“

*

دل جي درياهه ۾ اُٿل آهي پُٿل،

موج منهنجي من اندر آهي متل.

 

حاصلاتون ئي ڪري تن کي وٺان،

پر اسان جا عرض ڀي آهن وڪيل.

 

ديد جنهن تي ساهه سر صدقو ڪجي،

هيسين تائين سي رهيا آهن لڪل.

 

جنهن پٺيان هن ميڙ ماڻهن جا لڳا،

مان ٿو سمجهان سي سڀئي آهن ڀليل.

 

ڪيئن دوا دارون به ٿيندو ٻئي جي در،

جو نظر تنهنجي کان ٿيو آهي ڪُٺل.

 

ڪهڙيون خوشيون پو ملهايان عاشقي،

مون کان جيسين يار منهنجو آ رُٺل.

 

خيالي محلاتون اڏيم تنهنجي ڪري،

ڀت انهيءَ جي اڄ ڏٺي آهي ڊٺل.

 

هي ته ماڻهو آ مڙي ٿو لوهه ڀي،

چوٽ هڻجي جيڪڏهن آهي تتل.

 

باغ ۾ هُٻڪار ٿي پئي آ ”نواز“،

هڪ نئون ڏسجي پيو ٿو گل ٽڙيل.

*

رات ڪاري ڪٽڻ آهي مشڪل،

راهه اوکي مٽڻ آهي مشڪل.

 

مون جو مضبوط ڪيو وفائن سان،

رشتي ان جو ٽٽڻ آهي مشڪل.

 

ياد تنهنجي هلي وئي دل مان،

موٽي ان جو ورڻ آهي مشڪل.

 

منهنجا مون کي ڏي ٽهڪ موٽائي،

هاڻي ٿي پيو کلڻ آهي مشڪل.

 

الفتن جي بساط تي توکان،

بازي بلڪل کٽڻ آهي مشڪل.

 

معاملو سِير ۾ پڳو آهي،

هاڻ پوئتي هٽڻ آهي مشڪل.

 

لاش منهنجي وفا جو تنهنجي در،

توکان ليڪن لٽڻ آهي مشڪل.

”م“

*

زندگي هُن کي چيم، هي ڇا ڪيم،

پيار پٿر کان پنيم هي ڇا ڪيم.

 

راهه بدليم ڪونه ٽوڙيم واسطا،

ساڳيو آهي صنم هي ڇا ڪيم.

 

حسن ۾ برتر آ منهنجو دلرُبا،

تنهن جي دامن کي ڇڏيُم هي ڇا ڪيم.

 

زندگاني جت لکي ڏيڻي هُئي،

ڪين ات پهچي سگهيم هي ڇا ڪيم.

 

دل اڙي پئي بيوفا سان بي سبب،

راس آ رنج و الم هي ڇا ڪيم.

 

يادگيرين جو عذاب آ زندگي،

جو لکي ڪنهن کي ڏنم هي ڇا ڪيم.

 

گيت ڌرتيءَ تي نه لکيا ٿيا ’نواز‘،

پوءِ اچي پڇتاءُ ٿيم هي ڇا ڪيم.

.

*

توسان ٿي ويو پيار آ منهنجو جرم،

مون ڪيو اظهار آ منهنجو جرم.

 

بارها حملن کان آخر تنگ ٿي،

دشمنن تي وار آ منهنجو جرم.

 

تو وساري ئي ڇڏيو يڪسر مگر،

تانگهه تنهنجي تار آ منهنجو جرم.

 

جو اٽل حق کي وٺي ويهي رهيس،

دشمنن جي هار آ منهنجو جرم.

 

منهنجي وس هي ڪين بي پيريون آهن،

ٿي اکيون ويون چار آ منهنجو جرم.

 

مون سنڀالي ساهه کان وڌ آ رکي،

دوستي ۾ ڏار آ منهنجو جرم.

 

پيار ۾ سڀ ڪجهه لڳي ويو داءُ تي،

مون کي ئي لاچار آ منهنجو جرم.

 

پئي ڪتابن ۾ ٿي گذري زندگي،

حق سندو پرچار آ منهنجو جرم.

 

بي نقاب آيو صنم منهنجي اڳيان،

جو ڏٺم رخسار آ منهنجو جرم.

 

حسن آڏو عشق جهولي آ جهلي،

ٿي پيس پئنار آ منهنجو جرم.

 

ساٿ سنگت جي ڪري آخر ’نواز‘،

ٿي پيو مئخوار آ منهنجو جرم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org