سيڪشن: شاعري

ڪتاب: گلشنِ عنصري

باب:

صفحو:5 

نظم

اڄ وڏا احسان عالي، پاڪ ٿيا پروردگار،

مھربانيون ٿيون ڀلي، باريءَ سنديون اڄ بيشمار.

شڪر شاهنشاهه جا ٿيا، سربسر صاحب سڀاس،

حمد هاديءَ حڪمتيءَ جا، هر مھل ۾ لک هزار.

مؤمنا موليٰ ڪيو اڄ، هي مبارڪ موقعو،

مھر سان مالڪ هٿان اڄ، در سو ئي درالقرار.

آهه ٿيو راضي، رسول الله، رهبر رهنما،

ڏاج واري ڏينھن ۾، مرسل مٺو هو مختيار.

هيئن چوي هرهر مُھا، راضي رسول الله ٿي،

دين جا دربان اڄ، اسلام جا آڌار يار.

واڳ مون واري ڏنئين، اسلام جي علماء کي،

دين جا جي دوست دلبر، آهه تن کي اختيار.

ڏينھن قيامت جي قرب سان، دين جي دربان جا،

حشر ۾ حافظ اسين، مردانِ حق جا مددگار.

”مذاهب العلم و العلماءِ لم تعتب عليھ“،

ايئن چيو مرسل مٺي جو نور ڀريو نامدار.

دوستو دستاربندي، عالمن جي آهه اڄ،

سڀ اوهين الحمد چئو ۽ شڪر ڪريو شاندار.

هيئن چيو حضرت نبيءَ، مقبول مرسل مصطفيٰ،

جو پيارو پاڪ پرور عرب جو عالي وقار.

”ننڊ عالم جي ڀلي ٿي، جھد کان جاهل سندي“،

حيف ان کي، جنھن نه سمجهئو علم جو هي اشتھار.

علم جا اڳوان ٿيا، عِلّيِيُنَ جا دربان هي،

قرب اي قادر ڏنا، تن کي ڌڻي جو ڪردگار.

شان هن هاديءَ سندو، ٿيو آسمانن ۾ عيان،

مڙ ملائڪ مرحبا ٿا، چون عرشن ۾ اپار.

مصطفيٰ معجز نما، مھندار محفل گاه ۾،

عزَّ سان عربي اچي، مختار محمد مشڪبار.

آ اها اسلام جي شادي، حشر تائين هميشه،

عالمن تي آهه عربيءَ، جو عدالت اعتبار.

طالبو ان تاجپوشيءَ، تي چئو آمين اڄ،

رب راحم ۽ رسول الله جهُلائي جلوه دار.

دل منجهان سڀ ديندارو، دوستو گهرجو دعا،

عيبدارن کي عفو، صاحب ڪري سائين ستار.

مڙن جي مقبول ٿيندي، التجا ايمان جي،

جو ٿئو ياور نبيءَ جو يار آهي مددگار.

عرش ۾ آواز آهي، عاملن اڳيان هجوم،

رب ڪندو ان روز کي، عالي قدر ۽ اشڪبار.

مظھرالحق الھدايت کي، ڪندو هادي هميشه،

جنھن منجهان نائب نبين، جا ٿين ٿا طلبگار.

عالمن جي اثر مان، جاهل پسن جبار کي،

فيض کان فرقان جي، آجا ٿين ٿا عيبدار.

تاب تقريرن ڪنا، ابليس آهي آبريز،

علم جي آثار کان، شيطان آهي شرمسار.

دين جو دامن جهلي، مسرور ٿئا مؤمن مڙئي،

دور ٿيا انھي ضلالت کن نجس جي نابڪار.

ٿيا مڙئي تعليم جي طالب، طفيلِ تاج پوش،

جن ورائي واٽ آندا، غير تي  جي گناهگار.

دل مئل مَردن جياري، امر سان اسلام جي،

ٿو ڀڄي ابليس، ان کان فتنتي فاسق فرار.

نائبن نرمل نبيءَ جي، سر مٿي صاحب نظر،

نور ڀرئن تي ڪري، نافع سموري ٿو نروار.

بي علم کي قلم جوڙي، شر شيطان الرجيم،

منھن مٿي مردان جي اڄ، خوف جو آهي خرار.

ڪيئن چيون قادر ڌڻي، قرآن ۾ وصفون وڏيون،

جن اشارا عالمن ڏي، پاڪ رب ڪئا پائدار.

”انما يخشيٰ“ امر، آهي الٰہ العالمين،

عالمن جي لاءِ عزت، ڪئي گهڻي آهي غفار.

ڪئي وڏي واکاڻ، واري عالمن عربي رسول،

مان سان جن کي ملي، مسند سندي آهي مھار.

رهنما رهبر رسول الله جي، رب راهه تي،

شل هجي شام و صبح تحصيل وارن جي تنوار.

صد مبارڪ مرحبا، اي دوستو دستاربند،

باعزت بازار باري، بخش ڪي آه بار بار.

حق هدايت تي هلائي، رحم سان رب الودود،

طلبگارن کي توهان کان شل ملي تھذيب تار.

علم جي درياهه مان سرڪون سڪايل سڀ پين،

جو ڏنو داور اوهان کي، علم جو آهي انبار.

ره روا نه ڪر ربنا، سانيم صراط المستقيم،

دين جي داور طفيل، ڄٽن کي تائين ڄار.

مدح گو لئه مومنا، رحمت گهرو رحمان کان،

هٿ کڻي هادي چئو، راحم ڪئن ڪر دستگار.

مڙ چئو مرسل مٿي، صلو عليھ وآلھ،

ائين الله چئو هردم، نبيءَ تي هوشيار.

”مير“ کي معبود ڪر، خالق تنين جو خاڪپاءِ،

”عنصري“ تن جو اڱڻ، ٻانھا ٻُڪن سان تون ٻھار.

مڙ وٺو واري وسيلو پاڪ پيغمبر سندو،

ڪوڏ ڪلمي سان ڪرئو اڄ پاڪ مرسل جي پڪار.

 

*

 


 

 

نظم

 

آهه اڄ آواز ٿئو، ملڪن ۾ آئي ميمبري،

هندو مسلم ٿا ڄاڻن، مڙ مبارڪ شستري.

ان حلاوت ۾ مڙئي حيران ٿيا هر دلعزيز،

قادري توڙي قريشي، هاشمي يا حيدري.

لسٽ ۾ نالو لکائي ادب سان اميدوار،

ڏين بورڊ تي بيھو، حسرت گڏيل ٿا حاضري.

اولئون آفيس ۾ ٿا، روپين جو سئو رکن،

جا ڊپازٽ ۽ سوگها، پيل سڀ سيم و زري.

پوءِ صاحب سؤ سندو ٿئي تعلقي بابت تيار،

پاس ٿيل پولينگ تي ڏياريندو ووٽن کي وري

چھچٽو چونڊن جو چورس وئو لڳي وهواه آهه،

جابجا جلوه نمائي، جان قربان جنتري.

شيرِ مادر جيئن ڪي مبلغ کي وڻن ٿا مرتشي،

سيم خور سنڌي گهڻا، ٿورا لڀي سگهندا ٿري.

ڪي لکن ڪاغذ ڪنين کي، لئه سفارش ٿا سچا،

پت ڪنين جي پائبوسيءَ کان ٿي پيرن جي پري.

خوب ڪامورا ڪٿي ڪي سيم، زر سيرين پيا،

ڪن دعا وارن کي، ڏيکاري ٿي دولت جي دري.

پرهه کان پولنگ تي ديڳن جا دس هئا وارگير،

ات هڻي صندوق کي، صاحب لکيو ٿي ليبري.

مجلسون مخفي طرح ٿيون، ووٽرن سان وِيرِ تنھن،

ڪن سندي ڪن کي اچي، ٿي ڳالھه ووٽن جي ڳري.

ڪن پڪارون پاڪ رب کي، وقت ووٽن جي وڏيون،

بي مثل باري ڏجان مون کي مڙن کان بھتري.

ڪي پريزيڊنٽ ڪي، ساڻس وائس پريزيڊنٽ ٿيا،

بخت ٿيو بيزار ڪن کان، بي حمايت ۽ بري.

ڊائري ڪن کي ملي، مشھور ڊسٽرڪٽ سندي،

ٿي ميسر ڪن کي ات، ميونسپل جي مھتري،

پاڪ ملت پست ڪيائون، عوض ۾ اقبال جي،

ڪوڙ جي ڪيائون قلم سان، جان دل جي دلبري.

ڇا قضا ۽ قدر ڏيندو، تن کي جنت ۾ جفا،

ڇا قيامت ۾ رسولِ حق، ڪندو تن رهبري.

ٿين جي قربان جيڪر، ايترو اسلام تان،

دين سان جي دل رکي، پايو وٺن پيغمبري.

خرچ ڪن خيرات ۾، راهِه خدا ۽ خير ۾،

هوند ٿئي تن سان وڏي، يَومُ الجَزَآءِ ۾ ياوري.

نام ننگ دنيا مٿي، دولت کي ڪيائون دربدر،

”اُمراءِ اخوان الشَّياطين“ قول پورو قادري.

مال کي مَبذُول ڪيائون، عيش ۽ اسراف ۾،

”مير“ محشر ۾ نه ايندي، آڏي اي آفيسري،

يا خدا ڪر خلق کي، هادي هدايت حق جي،

بي ريا رب باطني، اي ذُولمَتَنِ سڀ ظاهري.

تيز ٿي تيغ زبان، مضمون نويسي ۾ مزيد،

قاعدو ڪُلي ڏجان، آب طبع کي ’عنصري‘.

 

مير محمد عنصري عفي عنھ

28 شعبان 1347هه

از مڪان: ابراهيم ساند ڇاڇرو.

 

نظم

دو گهڙي اي دل نه ڪئو تو ياد حق يزدان کي،

مھربان معبود مالڪ، ملڪ جي منان کي.

نحس ڇا توتي نوازش، قادرِ مطلق ڪئي،

نعمتون ڏيئي نوازيو، نوبنو نادان کي.

ڪڻڪ جي ماني ڪَتيءَ کي، رٻ عوض واحد ڏني،

ڪيئن وگهارئين اي وِلھي، آگي سندي احسان کي.

ڪا گهڙي غافل نه ڏين ڇو، گوش ٿي گفتار تي،

پل نه هڪ پاريين ذرو فتاح جي فرمان کي.

غرق غفلت ۾ رهين، ناقص نه توکي ڪو نياز،

بي نيازيءَ ڪيو شَقِيٌ ۽ شرمگين شيطان کي.

خوش ٿئين پئو خزانا، تر مغز کايو طعام،

شاد ٿين سؤ ورهيه جي، پسئو سُڃي سامان کي.

ڏر نه ڪو ڏاتار جو، پئو قلب ۾ توک قبيح،

ڪجهه بقا آهي نه برپا، عيش اطمينان کي.

خاص خلوت ۾ رهي خالص خدا جي خوف ۾،

روئي ڪر راضي رياضت ۾ رليا رحمان کي.

من سلويٰ جا مزا، حُلوا اساور من نَفحَةً،

پست ڪن ٿا پڪ چوان اسباب اِي ايمان کي.

آرزو ’اقبال‘ جي توشا تمنا جا تمام،

ٿا وڌائن بيوفا، اڪثر سندءِ عصيان کي.

لذتون لاوطن جون اي دل سندءِ دشمن ٿيون،

خصلتون اي خود وڌائن خاص ٿيون خيزان کي.

تون شڪنجي ۾ شرم جي ڇو نه پئين هردم هِنيا،

ترڪ ڏئي تدبير جي باغِ ارَم بستان کي.

ٿو ڪري هردم سندءِ پڪ پالنا پروردِگار،

ياد تا يوم الجزا آهين سخي سلطان کي.

حيف! توکي اي هِنيان! باري کان آهين بيخبر،

دل مٿي دم ٿو نه آڻين دزد تون زبان کي.

حيف اي ٻانھا ٻڏي مر ڍڪ ڀري ڍڪڻيءَ ۾ تون،

ٿو مرين موڳا اجائي مفت شان و مان کي.

هر گهڙي تنھنجي لُٽا، سرڪار وٽ آهي سنڀال،

هٽ مٿي هارين هِنيان ڇو، شرم واري شان کي.

پيٽ خاطر ٿو ڪڍين، شبِ روز تڪليفون هزار،

رزق روزي لئه ڪڍين، پيرن مان ريگستان.

ديس ۽ پرديس جا ٿو، ڏک وڏا سِر تي سھين،

نت وڃي گذران لئه گجرات هند و سنڌ کي.

هي هڻي حيران ڪيو، تو حرص ۾ پنھنجو هنيون،

سُڪ جهليئي سوگهو ڪري، دولت سندي دامان کي.

جي هزارين هٿ هڻي ميڙي رکي ڪو مال و زر،

ڪفن ڌاران ڪين ملندو ڌن سندي دربان کي.

محض ڇو اي ’مير‘ تو مولا کان آهي منھن مٽيو،

سر نمائي صاف سجدا ڪر سچي سبحان کي.

ڪل ڪڍي ڇڏ قلب مان ڪوڙا ڪچا سڀ ڪم قصور،

(يا حبيبي) ياد ڪر تون ذوالمَتَنِ ذيشان کي.

’عنصري‘ کي اوڏي نه ايندئي موت ويلي ڪا مھل،

لھر لوڏي ناهه ڪو ڪلمي سندي قربان کي.

 

 

نظم

شاعر شيرين بيان اڄ بيحد و بسيار ٿيا،

فخرِ عالم فقره گو، سو سخنور سرشار ٿيا.

ڪيئن فصاحت جي فنن تي سوبسو آهن محيط،

نڪتهءِ چين نمناڪ ۽ نوخيز اڄ نروار ٿيا.

ڪنز جي آهن قواعد جا وڏا قابل ڪليد،

عشق جي درد و الم جا عالم الاسرار ٿيا.

طرز تَتَّبِعُ قافيه ۽ بحر جا آهن بليغ،

سه حروفي هنر ۽ حرڪات جا هوشيار ٿيا.

’انوري‘ استاد کان سالم سکن علم و عروض،

جي اچي آخر زماني ۾ علم جا اظھار ٿيا.

قابلن جي آهه ڪثرت ملڪ ۾ مشھور ٿي،

دهر ۾ درِفشانيءَ جا سي دفتر دار ٿيا.

شھر ۾ شعراءِ جي ٿي آهه شھرت شھر گر،

عام اخبارن سندا جلوه فگن جنسار ٿيا.

وئا وڌي آهن و ليڪن گام ۾ گوهر فشان،

قصبهءِ قريه ۾ قابل ڪيترا ڪمدار ٿيا.

وئو وڌي اڄ شعر جو انداز آهي بي عدد،

الوحيد و مسلمان جا يڪ سخن سڀ يار ٿيا.

ٿيا ٿري ٿوهر بري بحري مڙيئي بيت گو،

ڪرڙ ڪانڊيرا ڪنڊا قابل سڀئي ڪھيار ٿيا.

ٿو نه هڪ پرچو پَنو اهڙو لڀي اخبار جو،

جنھن ۾ ناهن ڪي هنرمندن جا حڪمت هار ٿيا.

ٿا لکن آغاز ۾، ابيات ايڊيٽر انھن،

بي غزل پيچيده پرچا، بي مزه بيڪار ٿيا.

ترت ڪن تحرير ٿا، بدلي ۾ بسم الله جي،

مھتمم، مينيجر و ليڊر، مڙيئ لاچار ٿيا.

’عرس‘ ۽ ’محمدعلي‘، ’حيدري‘، ’حامد‘، ’گدا‘،

تلف تحفا تن توائي سابقن سوار ٿيا.

جي گلا گندگار جا آهن پروفيسر پڪا،

سي مڙئي منظور مقبل سيم خور صدبار ٿيا.

عيب انسانو سندا ٿيا نڪته چين نامه نگار،

سرزنش جا زجر ۽ توبيخ جا تلوار ٿيا.

سيرتن سان ڪيئن مساوي مور ٿيندي من وجھ،

جي مڙئي موزون طبع ۽ شعر جي مساوي ٿيا.

تن کي هيءَ طبع و رسا پھچي نه تنھنجي پائمال،

چھر چٽڻي جي مثل جي مربهءَ آچار ٿيا.

 

*

 

 


 

 

مناجات

ٽيهه اکري

 

’الف‘ الله الصمد، بي مثل آهين بادشاه،

آسرو عالم سندو، پرور سڀن جو تون پناه،

هيٺ ٻيا حاڪم همئه، تون شان وارو شھنشاه،

تو هٿان هرڪو ٿئي، هن  ڏيھه جو ڏاتارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’ب‘ عجب باري بنائين، حڪمتون هرجاءِ ۾،

اُڀ زمينون اي ڌڻي! رازق اوهان جي راءِ م،

سِپَ اندر سوگها ڪرين، دُر بي بھا درياءَ ۾،

ڪير ٻيو هيئن ٿو ڪري، حاڪم حڪومت دارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’تي‘ توائي تار ۾، تاراج تو ڪيئن تخت ڪيا،

من ڪنين جا ميڻ ۽ سينا ڪنين جا سخت ڪيا،

بي وسيلن جا وڏا تو، بادشاهي بخت ڪيا،

ڪو جڏو جالي هميشھ، لادوا لاچارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’ثي‘ ثباتي تو سندي، فاني همھ ٻيو جڳ جھان،

”ڪُلُّ نَفسً“ جو ضروري، ذائقو چکندي زبان،

مون مٿي ان مھل، مشڪل ڪشا، ٿج مھربان،

ڪرم فرما ڪارڻي، ناقص آهيان نادارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’جيم‘ جيڪو دم جيان پيو، سو ڪمايان ٿو قصور،

مون بجا آندو نه هڪ، عاصي عبادت جو اُمور،

لطف پنھنجي سان لنگهائين، آخرت وارو عبور،

ڪل ڪچو قادر سندم، ڪمزور ڪاروبارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’حي‘ حلاوت حق جي، مٽجي ويئي منھنجي مَنا،

نفس ۽ شيطان جي، فرمان تان آهيان فنا،

پَل گهڙي پرور سندئي، مون ڪانه ڪئي ساره ثنا،

هئه نھوڙيس نفس جو، موذي سندم مردارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’خي‘ خيانت ۽ خلل، پٺ پاپ مون پرواز ڪيو،

سڀ منجهان سوجهي، سٺو هڪ نفس سان مون ناز ڪيو،

تِل نه تسبيح و تلاوت جو، اصل آواز ڪيو،

لعنتي مون کي لھر، لالچ ۾ ڪيو لھوارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’دال‘ داتا دل سندم، محبت منجهان ’معمور‘ ڪر!

وسوسا ويريءَ وڏي، ديوّت جا سڀ دور ڪر!

عرض هِن عاصيءَ سندا، سڀ مھربان منظور ڪر!

مَئي محبت جي ڏيئي، مخمور ڪر ميخوارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’ذال‘ پنھنجي ذڪر جي، هِن قلب کي قوت ڏجان،

ذوق واري ذهن تي، تون قيمتي قدرت ڏجان،

نفس ۽ شيطان کان، نت نت گهڻي نفرت ڏجان،

قدح ڏيئي قرب جو ڪر، سرخرو سرشارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’ري‘ روان ڪر روح منھنجو، رب رياضت ڏانھن رخ،

زهد، تقويٰ، طلبگاري، تي لڳي طاعت تلخ،

مون ملايو ڪين موليٰ، نيڪنامي جو نرخ،

هئه وريو مون تي هچارو، الامان امّارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’زي‘ زياده زور منھنجا، عيب ۽ عصيان ٿيا،

۽ خلل، خاميون، خطائون، مون ڪروڙين ڏوهه ڪيا،

لطف جو ”لاتقنطو“ سڻدي، وهم وڍجي ويا،

هِن بندي جو تو بنان، ٻيو ڪير بخشڻھارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’سين‘ اي ستّار منھنجو، صاف رک سينو سدا،

”خاشعاً، متصدِّعاً مِّن خشيةِ اللهِ“، اي خدا،

جيئن ٿيان فرمان کان، دم ڪونه ربّ، مان جدا،

سجدا، صلواتون هجن، سر ساهه جو سينگارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’ش‘ مون کي شوق ڏين، تان شل سدا سب ميز ٿيان،

نينھن سان ’نصر من الله‘، جي عشق آميز ٿيان،

معرفت جي ماڳ منزل ۾ سدا شب ريز ٿيان،

جانشين جنت ۾ ٿي، جلدي پسان جنسارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’صاد‘ ڪر صانع مٿم، سولو ٿيڻ سڪرات جو،

سخت وقت اوکو، ٿو سڄي عرصات جو،

حق تعاليٰ ڏي حياتي ۾، حصو حسنات جو،

ٻاجهه ڀريا تو سندي، ٻانھي جو آهيان ٻارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’ضاد‘ ضايع سڀ سندم ٿي، زندگي ويئي زبون،

پاپ آئون پنھنجا پسيو، صدبار آهيان سرَنگون،

پُر گنھ مون کي ڪيو، اُفتان ويريءَ پُرفتون،

آهه جو ابليس اصلي، خر خصومتدارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’طوئي‘ طرح مان نيڪ نيت، ناس ۽ نابود ٿي،

بندگي مون بيخبر کان، هوءِ نه هڪ معبود ٿي،

ڪار ڪوتاهيءَ سندي، مون وٽ مڙيئي موجود ٿي،

ڪونه مون قاصر کي آيو، وحدت ويچارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’ظوئي‘ ظلم مون پاڻ تي پرور ڪيو پاڻھي پسي،

هئي وڃايم سڀ حياتي، حب دنيا تي هسي،

ختم ٿي ان خيال ۾، هَئي عمر آخر کي رسي،

هِن گهڙي سوڌو نه ٿيس، حسرت زده هشيارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’عين‘ عربي پاڪصه جي روضي اڳيان مون کي رساءِ،

پاس پيغمبر سندي، پابوس کي پرور پڄاءِ،

حب مان هيڻيءَ کي، هوتن ڏانھن، حاجين سان هلاءِ،

مُلھه ڳڌل محبوب جو، ٻانھو ٻھاريدارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’غين‘ غافل ٿو پِنان، ڏي مغفرت مسڪين کي،

ڏوهه سڀ ڏاتار ڇڏ، هِن غمزده غمگين کي،

بخش ڪر باري بديون، خاسر بندي خودبين کي،

موت ۽ محشر ۾ خاطي، ڪج نه خالق خوارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’في‘ نه آ مون ۾ فضيلت، علم، اخلاق و ادب،

بي ريا بندو اوهان جو آهيان بند بُولُقَيبِ،

ڪرم ڪر قادر مٿم، اي برگزيده بي سبب!

مون خزاني خير مان، والي ڪيو واپارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’قاف‘ قدرت سان ڪميڻي، کي قناعت ڏي قوي،

دان، دولت خير جو، سائل مٿي ڪر اي سخي،

ٻھر ڪَر ٻانھون سندئي، غفلت غنودي مان غبي،

لب تان لاهي ڪدورت، معاف ڪر مونجهارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’ڪاف‘ وچ ۾ ٻن ڪريمن، آهيان اميدوار،

قاضِيءَ الحاجات سائين، ڪرم فرما ڪردگار،

ٻيو وسيلو واهرو، ڪريين محمّدصه مختيار،

دفع دامنگير تان، ٿيندو الم آزارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’لام‘ لاهيان لطف مان، ڪيئن آسرو آزردگي،

فضل جت ٿيندو اتي، تحقيق ملندي تازگي،

ڪانه ڪوڏئ جيتري، رهندي ذري ناراضگي،

ات تري هُن پار پوندو، پُر خطا پيزارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’ميم‘ مون جھڙو لڀي، مس عيب وارو اُمتي،

مون اندر سُستي سدا، ٻي بي بيان بي همتي،

رحم فرماءِ رحمت للعالمين، رب رحمتي،

ماڳ مون مذنب کي ڏج، محشر اندر موچارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’نون‘ مون کي نور ايمان، ساڻ ڪر روشن ضمير،

”وَهُوَ معڪم اين ماڪنتم“، تون داور دستگير،

تون هو الله الغني آءٌ في الحقيقت قصير،

تون سخاوت جو سمنڊ، سوالي آءٌ صد بارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’واء‘ چئي واحد وڏا آخر مران ٿي مسلمان،

موت ويلي شل وري، ذاتي ذڪر تي هيءَ زبان،

پنجتن ڪر پار منھنجي، جي ضعيفن جا ضمان،

ڏينھن قيامت جو ٻڌان ٿو، ڏڏ وڏو ڏهڪارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’هي‘ هڻان هٿڙا، مگر حاصل نه هاڻي سا گهڙي،

جا گذاريم غافلن جي، غير جي ميڙي مڙي،

ڪي به ڪونھي هڙ سندم ۾ جو ٿئي آڳھ اَڙي،

لطف پنھنجي ساڻ لاهج، هي غمن غبارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’ء‘ ان عرصات ۾ آگا ڪجان آزاد جان،

مھل مشڪل ۾ مٿم، معبود ٿيجان مھربان،

تاب سان تُرندو تراڙو تر، نيڪ بد ٿيندو نشان،

پاڪ اُت پرتو ڪڻيئي، هي بي عمل بدڪارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

’يي‘ حقيقي يار کي، ڪريان ٿو عاجز ”عنصري“،

دار دنيا جو ڇڏي، اي ”مير“ تون ويندين مري،

قبر ۾ ٿيندين ڪڏهن، هڪ ڏينھن ٿانيڪو ٿري،

ڪوڏ مان ڪلمون چيو جنھن، سو سدا سوڀارڙو!

بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،

در اڳيان داور سندئي، پلپل رهان پينارڙو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org