سيڪشن: شآعري

ڪتاب: گلشنِ عنصري

باب:

صفحو:1

گلشنِ عنصري

معمور يوسفاڻي

ڇپائيندڙ پاران

اِها حقيقت آهي ته، سنڌ جي سرزمين تي جنم وٺندڙ اهڙا ڪيترائي شاعرَ... بلڪ ائين چئجي ته باڪمال شاعرَ، جن جي نالن کان اڃا تائين سنڌ واسي اڻواقف... اڻ ڄاڻ ... ۽ ناآشنا به انھن هستين کان، جيڪي پنھنجي ذات ۾ وڏي شخصيت رکندڙ، ڌرتيءَ جا عظيم شاعرَ... يا بي مثل قلمڪار... جن پنھنجي قلم جي قط مان فصاحت ۽ بلاغت جا اهي شھپارا سَرجي سنڌ ۽ سنڌي ادب کي ارپيا، جن تي اسين بجا طور تي اڄ به فخر ڪري سگھون ٿا؛ پر انھن ڏات ڌڻين  جي پُر وقار شخصيت کان اسين اڻڄاڻ بڻيل ...۽ ڀلا جيڪڏهن انھن جي شخصيت کان واقف آهيون به ته،  نه ڄاڻ سندن ڪلام سنڌ جي ڪھڙي تاريڪ گوشي ۾ لڪل... عوام الناس جي نظرن کان اوجھل!! ...۽ اهڙن شاعرن ۾ عمرڪوٽ ڄائو مير محمد ’عنصري‘ پنھنجي وقت جو تمام بھترين شاعر ۽ سٺو نثر نويس ٿي گذريو آهي. اهڙي گمنام شاعر، پنھنجي فھم ۽ فڪر وسيلي شاعريءَ جا ٽي ديوان لکيا... پر هھڙي معرڪة آرا  شاعر جو ايترو علمي ذخيرو به زماني جي دست بُرد کان بچي نه سگھيو!  جسُ لھڻي معمور يوسفاڻي صاحب، جنھن جي علمي ذخيري ۾ ”مير محمد عنصري“ شاعريءَ جو ڪجهه حصو ’عنصري جو ڪلام‘ جي نالي سان فائل ۾ محفوظ هو.

معمور يوسفاڻي صاحب جو سنڌي ادب ۾ وڏو نالو آهي ۽ سندن سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون ڀلا ڪنھن کان ڳجھيون آهن. خاص ڪري ٿرپارڪر جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام کي سھيڙي منظر عام تائين آڻڻ سندن اهم مقصد هو. پاڻ ’عنصري جو ڪلام‘ جيڪو کين هٿ اچي سگھيو، اهو سھيڙي هڪ فائل ۾ محفوظ ڪيو هو، جيڪو سندن لائق فرزند ۽ بورڊ جي معزز ميمبر ڊاڪٽر اسد جمال پَلي صاحب بورڊ کي اشاعت لاءِ ڏنو، جنھن جو نالو پاڻ ’گلشن عنصري‘ جيڪو عنصري صاحب جي گم ٿيل ڪتابن مان هڪ هو ۽ يادگيري طور اهو نالو تجويز ڪيو ۽ ان تي تحقيقي مقدمو لکي، شاعر جي زندگي جي احوال ۽ ڪلام جي خاصيتن جي ڄاڻ ڏني.

سنڌي ادبي بورڊ کي بجا طور اِهو فخر حاصل رهيو آهي ته، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي هر موضوع تي تمام اهم ۽ لاڀائتا ڪتاب هِن اداري طرفان شايع ٿي منظرعام تي آيا آهن.  هيءُ ڪتاب ’گلشن عنصري‘ به ان تسلسل جي ڪڙي آهي، جيڪو بورڊ جي چيئرمين  جناب  مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جن طرفان تشڪيل ڏنل، هڪ کان ڏيڍ سؤ صفحن واري اسڪيم تحت شايع ڪيو ويو آهي. جنھن جو اصل مقصد آهي، سنڌ جي اهڙن اديبن ۽ شاعرن جي ادبي پورهيي کي منظرِعام تي آڻڻ، جن جو ادبي پورهيو اڳ شايع ٿيل نه هجي.

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي اهڙي علمي ۽ ادبي خزاني کي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ، شروع کان ڪوشان رهندو پيو اچي، جيڪو عوام الناس جي نظرن کان اوجهل رهيو آهي. هن وقت بورڊ جي موجوده چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري، منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن.

سنڌي ادبي بورڊ طرفان هِن ڪتاب ”گلشن عنصري“ جو پھريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي دلچسپي تحت ۽ سندن سرڪردگيءَ ۾ شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، اسان جي هيءَ ڪاوش ادبي حلقن سان گڏوگڏ، مانائتن ادب دوستن ۽ پڙهندڙن وٽ مانُ ماڻيندي.

 

12 شوال المڪرم 1443هه               ميرزا دبير حسين بيگ

01 اپريل 2026ع                           سيڪريٽري

 

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

سوانح عمري

مير محمد ’عنصري‘ ساند رحه

مرحوم مير محمدرحه ولد ڀورو ساند جي ولادت 1899ع مطابق 1317هه ڌاري ڳوٺ جانھرو ضلعو عمرڪوٽ ۾ ٿي، پاڻ ساند قبيلي جا فرد هئا(1).

ساند قبيلي لاءِ اسان وٽ ٻه روايتون هلندڙ آهن.

(الف) پھرين روايت موجب ’ساند‘ سماٽ جي ’نُک‘ آهي. ’نسب نامي‘ ۾ هو ’ڄام هالي‘ جي اولاد مان آهي. (2) هيءُ نالو ڄام هالي جي اولاد ۾ ڪافي دفعا ورجايل آهي ۽ ڄام هالي جي پٽن جي اولاد سان گڏ اچي ٿو  ۽ ”سمون ساند“ سڏيو ويو.

(ب) ٻي روايت موجب ساند ’سوڍي‘ جي ڪل مان آهي. ۽ راٺوڙ نسل ۾ اچي ٿو. عرف عام ۾ اسان وٽ ”ساند سوڍو“ سڏيو ويو آهي. هن لفظ کي ’سائوند سوڍا‘ به اسان وٽ سڏيو ويو آهي. ٿرپارڪر جي علائقي جا ’ساند‘ سوڍا آهن ۽ سوڍا ڪَل جا سائوند يا ساند حضرت غوث بھاءالدين ذڪريارحه جي تبليغ سان مسلمان ٿيا(3).ساڳي طرح ’ساوند‘ قبيلي يا ذات جو به ذڪر اچي ٿو. هيءُ ذات سماٽ  ۾ ته آهي پر ’ڄام هالي‘ جي اولاد ۾ ناهي، محظ صورتخطي جي ٿوري گهڻي هڪجھڙائي سبب غلط فھمي پيدا ڪري ٿي ان کي ساند يا سائوند سان ملايو ويو آهي، جيڪو درست نٿو لڳي.

راجپوت نسل جي ’سوڍا‘ ڪل مان جيڪي ٻيون ذاتيون اسان وٽ مسلمان ٿيون آهن ۽ موجود آهن انھن ۾ ڏوهٽ، سنگراسي، مَڏا وغيره ٿر (ڍاٽ) ۾ آباد آهن. ’سوڍا ساند‘ ذات جا چار پاڙا آهن جن ۾:  1   آسَڙُ،
2    ڀَنو،   3   وِڄڙَ،   4  ويسو.

مرحوم مير محمد عنصري صاحب جي ذات مان ٻه ڳوٺ پراڻي ٿرپارڪر ۾ علم ۽ درويشي جي ڪري مشھور آهن. (الف) ولھيٽ ضلعي عمرڪوٽ جا عالم سڳورا ۽ مينئان (ب) ٻھه شريف جا عالم سڳورا ۽ ميئان.(1)

شجرو: محترم مير محمد ’عنصري رحه‘ جو خانداني شجرو سندن وڏي بزرگ محمد مقيم تائين هن طرح معلوم ٿيو آهي.(2)

 

تعليم: حضرت مير محمد عنصري مرحوم پھريائين پنھنجي ڳوٺ جي مڪتب ۾ ابتدائي ديني ۽ درسي تعليم سان گڏ قرآن مجيد ناظره مڪمل ڪيائون. ان بعد عربي جا ابتدائي ڪتاب ۽ فقھه جا ڪجهه ابتدائي ڪتاب ’چيلھه‘ جي ڳوٺ ۾ سيد حاجي محمد حسن شاهه وٽ پڙهيو. آخر ۾ عربي ۽ فارسي جي تعليم پنھنجي وقت جي جيّد عالم حضرت مولانا محمد عثمان قِرانيرحه وٽ مدرسه محمد عمر ڀنڀرو، پروڙ جي ڳوٺ ۾ پڙهيو. مولانا قِرانيرحه جي مدرسي ۾ طالب العلم جماعتن جي شڪل ۾ پڙهندا هئا ۽ پنھنجو حوالو قرآني جماعت اول، دوم وغيره طور ڏيندا هئا. پاڻ جڏهن دستاربندي جي قريب پھتا ته ڪجهه ذاتي مجبورين سبب پنھنجي ڳوٺ واپس آيا ۽ اچي پنھنجي مالداري ۽ زمينداري سنڀاليائون.

ان کان پوءِ ڪجهه سالن بعد ٻيھر تعليم جي حصول لاءِ هندستان اُسھيا ۽ ”ايوڌيا“ جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪيائون. ايوڌيا مان ڪڇ ۽ هندستان جي ڪافي شھرن جو سيرسفر پڻ ڪيائون. جنھن ۾ اجمير شريف، دهلي، لاهور، احمدآباد، بڙودا، بمبئي ۽ آگرو وغيره شامل آهن.

پاڻ جيڪي ٻوليون ڄاڻندا هئا انھن ۾ سنڌي زبان سان گڏ عربي، فارسي، اردو، هندي ۽ انگريزي زبانون شامل آهن.

شادي ۽ اولاد: پاڻ جوڌپور شھر مان ”ڪرنل“ مَڇو خان پٺاڻ جي نياڻي محترمه رحمت بيگم (ولادت 1931ع) سان شادي ڪيائون، جوڌپور ۾ سندس سھري جي ائڊريس رهائش مَڇو خان ڪي حويلي گلاب ساگر تلاءَ جوڌپور رقم ٿيل آهي.

کين الله پاڪ چار فرزند عطا ڪيا: (1) محمد عارف (ولادت 1951ع لاولد ۽ 12- آگسٽ 2013ع تي وفات ڪري ويو) (2) نظر محمد (ولادت 1953ع هي وڏي عمر ۾ پڙهيو. مرحوم نظرمحمد 1976ع ۾ عمرڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ ۾ منھنجو ڪلاس فيلو هو، سندس شادي ڪونه ٿي. وڌيڪ تعليم کي خدا حافظ ڪري اچي ڳوٺ ۾ ٻني ٻاري جي ڪِرت سنڀاليائين. سال 12-نومبر 2017ع ۾ وفات ڪيائين) (3) تاج محمد (1955ع ۾ پيدا ٿيو، ۽ 29 مئي 2014ع تي وفات ڪيائين، کيس هڪ فرزند ٿيو جيڪو حال حيات آهي ۽ سندس نالو مير محمد (ثاني) آهي. مير محمد کي ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي آهي). (4) محمد رمضان (ولادت 1957ع ۽ وفات، 20 آگسٽ 2025ع) تي وفات ڪيائين، کيس هڪ نياڻي آهي جيڪا محترم ڪريم بخش جي گهر ۾ آهي).(1)

حُليو ۽ لباس: سندس لباس ۾ شلوار، قميص، پھراڻ ۽ شيرواني شامل هئا. بدن ڏٻرو، قد پنج فوٽ ڇھه انچ، رنگ سانورو، مٿي جي وارن جو رنگ ڀورو هو. ٿورو ڳالھائڻ ٿورو کائڻ ۽ گهڻي عبادت ڪرڻ سندس مزاج ۾ شامل هو. خوش الحان هئا مجلس ۾ ڪڏهن ڪڏهن ترنم سان شعر پڙهندا هئا. وڏي عمر ۾ سندن رنگ ڳوراڻ مائل محسوس ٿيندو هو. سندس هڪ اک مبارڪ تي نشان هو.

سندن رشد و هدايت جو سلسلو برصغير ۾ نقشبندي سلسلي جي وڏي درسگاهه ۽ درگاهه لنواري شريف سان رهيو. جڏهن انگريزن جي آخري ايامن ۾ درگاهه شريف کي اختلافن جي جنگاه ۾ منجهايو ويو(2) ته عنصري صاحب انھن سڀني معاملن کان مايوس ٿي هندستان طرف هليو ويو ۽ ڪجهه وقت ايوڌيا ۽ جوڌپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين.

آخري عمر ۾ بزرگن، درويشن ۽ الله وارن جي صحبت اختيار ڪيائون، ڳوٺ ۾ دنياداري کان پري الله الله جي ذڪر ۾ مشغول هئا.

درس ۽ تدريس: پاڻ ابراهيم ساند جو تڙ(1) لڳ ڇاڇرو ۾ مدرسو قائم ڪري درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيائون. اتي ڪجهه سال، تعليم ڏيڻ کانپوءِ پاڻ ننگرپارڪر جي ڳوٺ ’ستيءَ جا ڏهرا‘ ۾ مدرسو جاري ڪري درس تدريس جاري ڪيائون. هن مدرسي ۽ اسڪول کي سرڪاري گرانٽ پڻ ملندي هئي. سندس شاگردن ۾ علي محمد نھڙي، سبحان مڱريو کان علاوه اوٺا ۽ گجو ذاتين جا افراد شامل آهن. آخر ۾ اچي پنھنجي ڳوٺ جانھرو ۾ به ڪجهه وقت تعليم ڏنائون.

پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ گرهوڙ شريف جي سيد احمد شاهه گرهوڙي (هنن سيدن سان عنصري صاحب جي خاندان جي رشتيداري به هئي) کين پابند ڪيو ته پاڻ عيد جي نماز گرهوڙ شريف ۾ پڙهائيندا. عنصري صاحب پنھنجي حياتي جي آخري ايامن تائين اُها ذميواري نباهيائون. عنصري صاحب علم رياضي، ڪيافھ، لغت، تصوف ۽ حديث جي علمن جا ماهر هئا. اهڙي طرح شاعري جي فن ۽ فڪر جي علمن کان به آگاهه هئا. عروض، بيان، صرف ۽ نحو تي ملڪو هئن.

نثرنگاري ۽ شاعري: محترم مير محمد ’عنصري‘ تمام مٿاهين فھم ۽ فڪر وارو معرڪة الآرا شاعر هو، جناب معمور يوسفاڻي صاحب پنھنجي ڪتاب ”مھراڻي جا  مور“ ۾ لکي ٿو ته ”عنصري صاحب تمام اعليٰ پايي جو شاعر ۽ نثرنويس هو. عربي ۽ فارسي ٻولين جو ڄاڻو هو. سندس ڪلام جو بياض موجود آهي، ڪجهه وقت پاڻ صوفي فقير جي ڳوٺ ۾ فقير قلندر بخش شھيدرحه جي فرمائش تي ”صوفي صديق فقير صادقرحه“جي سوانح ترتيب ڏنائون، جيڪا قلمي صورت ۾ صوفي صاحب جي پونئرن وٽ موجود آهي. سندس ڪلام فن ۽ فڪر جي لحاظ کان ڪنھن به طرح پنھنجي دور جي نمائنده شاعرن کان گهٽ ڪونھي. دراصل ناري پٽ ۾ هن دور ۾ هڪ علمي ٽمورتي هئي، جنھن ۾ نيڪ محمد سمون ’باطن‘، حافظ درمحمد پلي ۽ مير محمد ”عنصري“ شامل آهن. هيءُ ٽمورتي سنڌي ادب جي باغ ۾ هڪ سھڻي گل مثل هئي.(1)

اڳتي هلي معمور صاحب لکيو آهي ته هن دور ۾ حاجي مولوي محمد مبارڪ ’اثيم‘، مير محمد عنصري ۽ نيڪ محمد ’باطن‘ ٽئي صاحب: ديوان شاعر هئا(2).

هڪ ٻي ڳالھه به قابل غور آهي ته عنصري صاحب پنھنجي نالي پٺيان هڪ جڳھه تي مير محمد عنصري ’عباسي‘ پڻ لکيو آهي. هن ڳالھه جي وضاحت ڪٿان به نه ملي سگهي آهي. اندازي سان چئي سگهجي ٿو ته اِها علمي نسبت ٿي سگهي ٿي، يا سندس سھراڻي آڪھه جي نسبت به ٿي سگهي ٿي.

عنصري صاحب جي ”ديوان عنصري“ جا ٽي جلد هئا ۽ سندس شاعري جا ٻه ٻيا ڪتاب گلزار عنصري ۽ گلشن عنصري پڻ موجود هئا. هنن نالن سان مولوي احمد ملاح جي شاعري دور، همعصري ۽ همسري سمجهه ۾ اچي ٿي. افسوس اهو ٿو ٿئي ته هن هيڏي وڏي شاعر جي ايتري علمي دولت ڪٿي گم ٿي ويئي. ڇا ڪنھن حاسد نظر پنھنجي گوڏي هيٺيان ڏپائي ڇڏي يا اڃان به قدرت ڪنھن ڪرشمي سان ڪنھن ٿپيل تھي مان ظاهر ڪندي. الله پاڪ کي سڀ توفيقون آهن ۽ نااميدي گناهه آهي.

جيڪو ڪتاب پاڻ صوفي صديق فقير صادقرحه جي سوانح تي تيار ڪيائون ان ۾ صوفي صاحب جون ’صدائون‘ به ڏيندا آيا آهن. اهڙي طرح سوانح جي موضوع سان ڪافي ڪلام به صحيح پڙهڻين سان گڏ آيو آهي. سندن نثر ۾ شائستگي، پختگي، سادگي ۽ سلاست آهي. هن ئي ڪتاب جو نالو ”صوفيءَ جو سفر“ آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪتاب هن موضوع تي موجود ناهي. ”صوفيءَ جو سفر“ ۾ جيڪي روايتون ڏنيون ويون آهن اُهي گهڻو ڪري صوفي خيرمحمد صاحب ولد صوفي عبدالله مرحوم جون روايت ڪيل آهن. عنصري صاحب ايترو ذهين هو جو راويءَ جي راويت جيئن ٻڌي آهيس ائين ئي نقل ڪئي آهيس، روايتن جو انتخاب به سھڻو ته زبان به معياري آهي.

ادا علي محمد ۽ محمد قاسم ٻڌايو ته عنصري صاحب جي آخري ايامن ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ناري جي سفر تي (غالباً 61-1960ع) آيا. سندن هڪ دعوت اوڪراڙي جي پنھورن ۾ هئي. هتي مخدوم صاحب سان عنصري صاحب ملاقي ٿيو. علمي ادبي ڪچھري ٿي ۽ پنھنجو هڪ بياض مخدوم صاحب جن کي تحفه طور ڏنائون، قبله مخدوم صاحب علم وارن جو قدردان هو ۽ عنصري صاحب جي هڪ سُٺي شاعر طور عزت افزائي ڪيائون.

وفات: عنصري صاحب ڪلمي پاڪ جي تنوار سان پھرين محرم 1381هه مطابق 1963ع جمع جي ڏينھن وڃي پنھنجي مالڪ حقيقي سان مليو. سندن آخري آرامگاهه حضرت خواجه عيسيٰ دشتيرحه جي قبرستان ۾ آهي.

وضاحتون:

        (1) معمور يوسفاڻي صاحب سنڌي ادب ۾ جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو، اهو اظھر من الشمس آهي، ان تحقيقي ڪم جو هڪ حصو پراڻي ٿرپارڪر جي مشھور ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جي سھيڙ آهي، انھن بزرگ شاعرن ۾: حافظ درمحمد پلي، سيد راضي شاهه لڪياري، نيڪ محمد باطن ۽ مير محمد ’عنصري‘ خاص آهن.

جناب مير محمد عنصريرحه جا شاعري ۾ گهڻا ڪتاب هئا جيڪي هٿ نه اچي سگهيا. هيءُ جيڪو ڪلام اسان جي هٿن ۾ آهي ان جي فائل تي لکيل آهي، ”عنصري جو ڪلام“ مرتب: معمور يوسفاڻي. هن وقت جڏهن اسين هيءُ ڪلام اشاعت جي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي پيا ڪريون ته اسان هن مسودي جو نالو عنصري صاحب جي گم ٿيل ڪتابن مان يادگيري طور ”گلشن عنصري“ منتخب ڪيو آهي.

(2) جانھرو ۾ ڪچھري: تاريخ 24 ڊسمبر 2025ع تي اربع جي ڏينھن صبح جو 10 بجه عمرڪوٽ مان برادرم ابوبڪر ولد مولوي عبدالسميع ساند کي ساڻ ڪري جانھرو شريف جي تاريخي ڳوٺ ۾ پھتاسين. هتي اسان جا ميزبان ۽ عنصري صاحب جو ڀائٽو محترم علي محمد ساند ۽ سندس فرزند هئا. ٿر ۽ ناري جي سنگم تي ’ڪس‘ جي علائقي ۾ ’مھراڻي‘ جي مھڪ واري هن ڳوٺ ۾ آباد اوطاق جي منظر ڏاڍو متاثر ڪيو. اوطاق جي ٻاهران جديد زرعي اوزارن سان گڏ چوپائي مال جي موجودگي، عاليشان خاطر تواضع ۽ اجرڪن جي اوڍاڻي انھيءَ اعتقاد جي پڪ ڏياري ته واقعي ڀاڳين جا ڀاڻ قدرت خالي ناهي ڪندي.

هن ڪچھري ۾ ادا علي محمد جي اوطاق تي ڳوٺ جو معزز، وڏيري محمد صديق مرحوم جو ننڍو فرزند ۽ مرحوم محمد يوسف جو ننڍو ڀاءُ محمد قاسم ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر محمد صديق به آڌرڀاءُ لاءِ اچي پھتا ۽ ڪچھريءَ جو حصو بنيا. محمد قاسم ۽ ادا علي محمد کي اڳ ۾ عنصري صاحب جي ڪلام جي اشاعت جو اطلاع هو. محمد قاسم ٻه ڪتاب، مقولات تصوف مصنف: محمد ابراهيم سوڍڙو ۽ پارس، مصنف: نالي چڱو. شير محمد خاصخيلي (ٽنڊو جان محمد) به تحفي طور ڏنا. ادا علي محمد صاحب، عنصري صاحب جي هڪ پراڻي ڊائري ۽ پاسپورٽ پڻ ڏيکاريا، ڊائري ۾ ڪجهه اردو ۽ فارسي شعر عنصري صاحب جا ۽ زمينداري ليکو پڻ لکيل هئا. هڪ اردو منقبت جا ڪجهه شعر پڻ رقم ٿيل هئا. اردو شعر سڀ علامه اقبالرحه جا هئا. ادا علي محمد عمرڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ اسان کان هڪ سال اڳ ۾ پڙهندو هو ۽ ادا نظرمحمد ولد مير محمد عنصري 76-1975ع ۾ مئٽرڪ ۾ منھنجو ڪلاس فيلو هو ۽ برادرم ابوبڪر مون کان هڪ سال پوءِ هو. اسين سڀ هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ گڏ رهندا هئاسين، هن هاسٽل جا ڪل اَٺ ڪمرا هئا ۽ هرهڪ ڪمري ۾ چار چار شاگرد رهندا هئا. اڄ احساس ٿئي ٿوته ڪاش ان وقت عنصري صاحب جي سوانح لاءِ جستجو ڪريون ها جو ان وقت محترم محمد صديق ساند، عنصري صاحب جا فرزند، استاد محمد قاسم پلي (عنصري صاحب جو دلي دوست) ۽ ٻيا به گهڻا بزرگ حياتي هئا، پر مڃڻو پوي ٿو ته هر ڪنھن ڪم ۾ قدرت جون مصلحتون آهن ۽ وقت مقرر آهي.

(3) ٿرپارڪر جا جيڪي به شاگرد ايم.اي سنڌي ڪندا هئا ۽ سائين معمور يوسفاڻي سان رابطي ۾ هوندا هئا ته پاڻ انھن کي ڪنھن نه ڪنھن موضوع تي ايم.اي فائنل جي آخري پيپر ۾ مونوگراف لکائيندا هئا. خاص طرح جيترو وقت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي سنڌي شعبي جو صدر (Head of Department) هو، هيءُ شغل خاص رهيو. جوڻيجو صاحب معمور صاحب جو شاعري جي ابتدائي مرحلن ۾ شاگرد رهيو هو. ان ڪري تمام گهڻو احترام ڪندو هو ۽ معمور صاحب جي اها خواهش هئي ته پنھنجي علائقي جي تاريخ، ادبي تاريخ ۽ آثار قديم تي گهڻو ڪم ٿئي ۽ هن علائقي جا نوجوان ئي ڪن ۽ آگاهه ٿين.

هن سلسلي ۾ ڪافي شاگردن مونوگراف لکيا ۽ انھن مان ڪجهه مونوگراف ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ٿيا آهن. هن سلسلي ۾ سال 81-1980ع ۾ ولھيٽ ضلع عمرڪوٽ جي محترم استاد محمد عرس ’خادم‘ مڱريو صاحب پڻ مونوگراف لکيو. سندس عنوان هو ”ميرمحمد عنصري جي سوانح ۽ ڪلام“ تاريخ 31 ڊسمبر 2025ع تي مون کي هن مونوگراف جي هڪ ڪاپي ڪجهه ڪلاڪ مطالع لاءِ محترم دوست فياض لطيف صاحب، ڊائريڪٽر سنڌالاجي کان سندس آفيس ۾ ملي. اها سندس خاص عنايت هئي ۽ مون هن ڪتاب مان ڪجهه نوٽس ورتا. سندس هن ادبي تعاون لاءِ شڪرگذار آهيان.

محترم مير محمد عنصري صاحب تي اها واحد تحرير آهي جيڪا قلمي صورت ۾ موجود آهي. هن مونوگراف ۾ محترم سائين محمد عرس خادم صاحب واضح لکيو آهي ته استاد معمور يوسفاڻي هيءُ عنوان مون کي کڻايو پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان منظور ڪرايو ۽ پوءِ وٽس موجود عنصري صاحب جو ڪلام به ڏنائين ۽ سوانح جي به تياري ڪرايائين. اهڙي طرح عنصري صاحب تي اها پھرين قلمي ڪاوش آهي جيڪا ڇپائي جي انتظار ۾ موجود آهي.

(4) ڪتاب ”صوفي جو سفر“ شھيد قلندر بخشرحه جي پونئرن وٽ موجود آهي. مون هن ڪتاب جي هڪ فوٽو ڪاپي محترم ”پريتم پياسي“ وٽ ڏٺي ۽ تازو صوفي فقير جو هڪ نوجوان به هن ڪتاب جي فوٽو ڪاپي کڻي آيو ۽ ڪجهه ڏينھن مون مطالع ڪئي پر هن ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪتاب جو نالو ’صوفيءَ جو سفر‘ لکيل نه هو.

(5) جانهرو: ڪٿي ڪٿي تحرير ۾ ’جانھيرو‘ به لکجي ٿو پر معنيٰ جي اعتبار سان هيءُ ’جانھرو‘ ئي آهي. هيءُ ڳوٺ عمرڪوٽ کان ڪنري روڊ تي موجوده روڊ جي اوڀر ۾ بئريج ۽ ٿر جي ميلاپ (ڪس) تي آهي هن علائقي کي مھراڻو چيو وڃي ٿو. عمرڪوٽ شھر کان ڏکڻ اچبو ته تاريخي ڳوٺن جو هڪ سلسلو آهي جيڪو وهرو، کيجڙياري، اوڪراڙو، سڀڙي، جانھرو، ساڏوري کانپوءِ چيلھه وٽ پھچي پوءِ اولھه طرف ڪنري ڏانھن مڙي ٿو.

هيءُ اهوئي رستو آهي جيڪو ميان نورمحمد ڪلھوڙي جي کوٽايل ’نور واهه‘ جي ڦٽل وهڪري جي ڪناري تي ٺھيل آهي. موجوده نور واهه هن کان اولھه آهي ۽ سڄي علائقي کي پيچ ڪري ٿو. پراڻو نور واهه اهو آهي جنھن جي لاءِ ڪلھوڙا دور جي بزرگ ابن فقير دهلڙي واري ميان نورمحمد ڪلھوڙي کي، وهري شريف جي مدرسي جي شاگردن کي ڪوٽ جي تعمير لاءِ بيگر ۾ وٺڻ سبب پاراتو ڏنو هو ته:

واه وهندو ڪين ڪي مَ ڪر ماڻھن کي ماه،

ڪوٽ اڏبو ڪين ڪي، سِرن جي سانباه،

ڳوڙهياري وٽ ڳاهه وڃي ’نورو‘ ٿيندين نڪري.

هيءُ پاراتو حرف به حرف سچ ٿيو جنھن جا تفصيل معمور صاحب جي ڪتابن ”سنڌ ۾ شاهه ولي الله جا همعصر بزرگ“ ۽ ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ ۾ موجود آهن.

هيءُ سڄو علائقو هاڪڙي جي اڀرندينءَ ڪناري سان آهي جيڪو سڄو اسلام کان اڳ ۾ ’ٻڌ ڌرم‘ جي اثر هيٺ هو. ٻوڌين جي عبادتن جا آستان ’وهار‘ سڏجن ٿا ۽ هن علائقي ۾ ڪيترائي نالا آهن جيڪي ’وهار‘ ڏانھن اشارو ڪن ٿا جيئن کڻھار، ولھار وغيره ائين وهرو ۽ جانھرو به انھيءَ تسلسل جا نالا آهن.

ميان عبدالنبي ڪلھوڙي جي دور ۾ ڇاڇرو ڦرڻ ۽ لٽڻ بعد جڏهن ”مدد خان پٺاڻ“ (جيڪو سنڌ جي برفت قبيلي جو فرد هو ۽ افغان بادشاهه وٽ فوج ۾ ملازم هو) جانھرو ڦُر ڪرڻ لاءِ پھتو ته جانھري جي هڪ عالم سڳوري جنھن جو نالو حافظ عبدالرحيم ولد عبدالحميد پلي هو تنھن کيس عرض ڪيو ته مدد خان تون به حافظِ قرآن آهين ۽ آءٌ به حافظ آهيان. انھي حفظ جي صدقي ڳوٺ تان ڦر بند ڪر، پوءِ مدد خان حافظ عبدالرحيم کان ڪجهه ’سورتن‘ جا ابتا سبتا رڪوع امتحان طور پڙهايا ۽ جڏهن حفظ جي تسلي ٿي ته ڦر بند ڪرايائين. (حوالو: معمور صاحب جا ڪتاب ٿر پارڪر جو مطالعو ۽ ڪائو ڪمايوم).

هيءُ جانھرو پوءِ ڳوٺ بجاءِ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ آباد ٿيو ۽ ”جانھرو پَٽُ“ سڏاڻو. هتي تمام وڏو مدرسو هو جنھن مان جيڪي به عالم پڙهي نڪتا اُهي ’بحرالعلوم‘ سڏيا ويا.

موجوده جانھرو ڳوٺ جو سلڇڻو ۽ لائق وڏيرو محمد صديق ساند مرحوم هو ۽ پوءِ سندس وڏو فرزند محمد يوسف مرحوم ٿيو. هنن وڏيرن سنڌ جي ڪلاسيڪي وڏيري جو ڪردار نباهيو آهي. ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول ۽ اسپتال هن ڳالھه جو ثبوت آهن. هن وقت نوجوان محمد قاسم ولد محمد صديق جي ذمي سڀ ذميواريون آهن.

اسان جو ”بيچ ميٽ“ محترم کٽومل ’جيون‘ به هن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو. هڪ غريب گهر مان محنت ڪري اٿي ڪراچيءَ مان ڊاڪٽر جي تعليم حاصل ڪري پوءِ سياست جي ميدان ۾ آيو ۽ ڪامياب ٿيو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان هن مظلومن جو ميڙاڪو گڏ ڪري قومي اسيمبلي جي سيٽ حاصل ڪئي ۽ برجستگي سان پنھنجي راڄ ڀاڳ ۽ عوام جي خدمت ڪندو رهي ٿو.

جانھري جي سياسي، سماجي ۽ علمي پسمنظر مان ئي مرحوم ميرمحمد عنصر صاحب اٿيو ۽ پنھنجي علم ۽ شعور جي ڌاڪ ڄمائي، علائقي جي علمي ساک کي اتاهون ڪيائين بھتر آهي ته ڪنھن به دور جي ڪنھن شاعر کي ٻئي سان نه ڀيٽجي. جو گلستان جي هر گل جي پنھنجي خوشبوءِ آهي. عنصري صاحب جو ڪلام پڙهجي ٿو ته حيرت ٿي لڳي ته هو واقعي ’قادرالڪلام‘ شاعر آهي. سندس شعر کي انھيءَ ڪري به دوام آهي جو سندس عقيدي ۽ نظريي کي دوام آهي. سندس شاعري شعر جي مڙني رنگينين مان گذري توحيد ۽ رسالت تي مرڪوز آهي ۽ توحيد ۽ رسالت جو پيغام ئي دنيا ۾ دوام وارو پيغام آهي. سندس ئي ڊائري ۾ تحرير ٿيل علامه اقبالرحه جا هي شعر هن سڄي بحث جو لبِ لباب آهن ته:

حوالا:

1-     ڪتاب مھراڻي جا مور، مصنف: معمور يوسفاڻي

2-    نسب نامه سنڌ، عبدالڪريم آزاد سميجو

3-    مقولات تصوف، محمد ابراهيم سوڍڙو

4-    شاهه ولي الله جا سنڌي همعصر بزرگ، معمور يوسفاڻي

5-     لطيف جا ٿر تان ڀيرا، معمور يوسفاڻي

6-    ٿرپارڪر جو مطالعو، معمور يوسفاڻي

7-    مير محمد عنصري جي سوانح ۽ ڪلام، محمد عرس خادم مڱريو، قلمي

8-    ٽماهي ”مھراڻ“ 1/2021ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

9-    ٽماهي ”مھراڻ“ 2/2023ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

 

 

عنصري صاحب جي دستياب ٿيل پاسپورٽ جي ڪجهه صفحن جا عڪس


(1) تاريخ 24 ڊسمبر 1925ع تي ڳوٺ جانھرو ۾ عنصري صاحب جي ڀائٽي محترم علي محمد ولد فتح محمد سان سندس اوطاق تي ڪچھري ٿي، پاڻ اتي عنصري صاحب جو پاسپورٽ مون کي ڏنائون ۽ مون ان جا ڪجهه صفحا نقل ڪيا، مذڪوره احوال ان پاسپورٽ تان ۽ ڪچھري مان نقل ڪيو ويو. اهو پاسپورٽ عنصري صاحب 6 مارچ 1957ع تي ٺھرايو. ان وقت محمد رمضان اڃان ڪونه پيدا ٿيو هو، انڪري سندس داخلا پاسپورٽ ۾ ڪونھي. باقي ٽن فرزندن جي داخلا آهي. هن پاسپورٽ جي مُدي ختم ٿيڻ جي تاريخ 6 مارچ 1962ع آهي، هن پاسپورٽ ۾ عنصري صاحب جي ولادت جو سال 1901ع ڄاڻايل آهي جيڪو اندازي تي آهي. هن پاسپورٽ ۾ عنصري صاحب جو ڪجهه حُليو به ڄاڻايل آهي.

(2) ٽماهي ”مھراڻ“ 2/2023ع، مضمون گرهوڙي ڏانھن منسوب پيشنگوئي، صفحو 219، ليکڪ ڊاڪٽر اسد جمال پلي

(1) ڪتاب مقولاتِ تصوف: مؤلف: فقير محمد ابراهيم سوڍڙ، هي محمد ابراهيم فقير ساند اُهو بزرگ آهي جيڪو مخدوم شھيد عبدالرحيم گرهوڙيرحه سان گڏ ’ساميءَ جي مڙهي‘ واري جھاد ۾ ساٿي هو، ۽ هن ئي گرهوڙيرحه کي مشورو ڏنو هئو ته جنگ جي اعلان کان پھرين ساميءَ سان جزيه جو شرط رکجي، مگر گرهوڙي صاحب فرمايو ته مرشد ڪامل هوندي به تومان ڪفر جي بدبوءُ ٿي اچي.

            هي فقير محمد ابراهيم پاڻ سوڍو جي بدران ’سوڍڙو‘ سڏائيندو هو، 1188هه ۾ پاڻ شھيد عبدالرحيم گرهوڙيرحه جي چوڻ تي حضرت خواجه محمد زمان لنواري شريف واري کان پڇيل سوال ڪتابي صورت ۾ آندا، جنھن کي پو ءِ محترم غلام حسين دايو 1952ع ۾ ترجمو ڪيو جنھن کان پوءِ چند ملفوظات سڌاري، سنواري، قرآن پاڪ جي آيتن، ۽ عربي ۽ فارسي جملن جي ترجمي ۽ تشريح سنڌي ۾ لکي ”مقولاتِ تصوف“ جي نالي سان 26 جون 1972ع (14 جمادي الاول 1392هه) تي محترم عبدالڪريم جان محمد ٽالپر صاحب ڇپايو ۽ ٻيھر 2017ع ۾ ناجيه جماعت ڳوٺ جانھيرو شريف شايع ڪرايو. محترم محمد قاسم ساند صاحب هن ڪتاب جي ڪاپي عنايت ڪئي.

            فقير ابراهيم سوڍڙو جا معتقد ٺڪر آهن جن مٿانئس مقبرو تعمير ڪرايو آهي، جيڪو هندستان جي حدن ۾ آهي ۽ ٺڪر ئي ان جو سنڀال ڪندا آهن.

(1) ڪتاب: مھراڻي جا مور، مصنف: معمور يوسفاڻي، ضلعي سرڪار عمرڪوٽ، سنڌ، صفحه 159.

(2) ڪتاب: مھراڻي جا مور، مصنف: معمور يوسفاڻي، ضلعي سرڪار عمرڪوٽ، سنڌ، صفحه 159.


(1) ڪتاب ’مھراڻي جا مور‘ مصنف: معمور يوسفاڻي.

(2) نسب نامه سنڌ، مصنف: عبدالڪريم آزاد سميجو، مھاڳ: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، صفحه 5، انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ: فار پرزرويشن آف دي هيريٽيج آف سنڌ، 2018ع

(3) ) ٽماهي ”مھراڻ“ 1/2021ع، صفحو 81

مولانا عبدالرحمٰن جمالي صاحب جو مضمون: ”حضرت مولانا عزيزالله ساندرحه.

(1 مير محمدعنصري جو ڪلام ۽ سوانح: ايم.اي سنڌي 81-1980ع لاءِ لکيل محمد عرس ’خادم‘ مڱريو مونوگراف (سنڌالاجي لائبريري ۾ موجود).

(2) ادا علي محمد طرفان تصديق ٿيل شجرو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org