سيڪشن: شاعري

ڪتاب: گلشنِ عنصري

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

عنصريرحه جي شاعري

محترم مير محمد عنصريءَ ڪثير ڪلام شاعر هو، ان ۾ سندس ٽي (3) ديوان ۽ ٻه ٻيا ڪتاب (1) گلشن عنصري ۽ (2) گلزار عنصري شامل آهن، هڪ چوٿون ڪتاب پڻ هو، جيڪو پاڻ قبله مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جن کي اوڪراڙو پنھور واري دعوت ۾ تحفو ڪيائون. مخدوم صاحب کين گهڻي عزت ڏني ۽ سندن شاعري کي پسند ڪيائون. سندن ٻه ڪتاب اهو ٻڌائن ٿا ته هو مولوي احمد ملاح جو نه صرف همعصر پر سنڌي شاعري ۾ هم پلئه شاعر هو، جھڙي طرح علي بخش ڏورٿ مرحوم هو. معمور يوسفاڻي صاحب جي ڪجهه شعرن تي عنصري صاحب جو چٽو ۽ واضح اثر پڻ موجود آهي.

هي جيڪو ڪتاب معمور صاحب ترتيب ڏنو آهي اهو ڪنھن هڪ ديوان جو اڌوروحصو آهي. جنھن جا ڪجهه رديف ئي ڪافي آهن ۽ اهو ثبوت ڏين ٿا ته عنصري صاحب قادرالڪلام شاعر هو، نه صرف ايترو پر مٿس سندس استاد علامه محمد عثمان قرآني جي تعليم ۽ تربيت جو پڻ واضح اثر هو. انھيءَ ڪري سندس شاعري ۾ توحيد جي به تنوار آهي ته عشقِ رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان به سندس ڪلام ٽمٽار آهي. سندس هن ڪلام جي اختتام تي ڳوٺ محمد ابراهيم ساند لڳ ڇاڇرو ۽ سال 1946ع، 1947ع، ۽ 1948ع لکيل آهي. جنھن جو مطلب ته هيءُ ڪلام صرف ٽن سالن تي محيط آهي ۽ باقي ڪلام اسان جي اکين کان اوجهل آهي.

عنصري صاحب سنڌي زبان جي عروضي خواه ڪلاسيڪي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. نظم، بيت، ڪافي، قطعات، غزل ۽ مولود خواه ٽيھه اکري تي کيس مڪمل دسترس آهي.

حالانڪ اسان وٽ سندس ڪلام ٿورو آهي پر جي انھيءَ ڪلام جون خوبيون ڳڻايون يا وضاحتون ڪريون ته ڪيئي دفتر تيار ٿي سگهن ٿا. ڪنھن فطري ڪلام لاءِ جنھن جي پٺيان الھامي طاقت ڪارفرما هجي ائين ئي چئي سگهجي ٿو. خاص طرح هڪ عالم ۽ محطاط شاعر جنھن جا دل ۽ دماغ حق آگاه هجن اهو تعريفِ مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم لاءِ حرف ۽ معنيٰ جو محتاج ناهي بلڪه هو شاعري جي هنر کي پنھنجي منشا جو پابند بنائي سگهي ٿو. احتياط صرف اهو ٿو ڪري ته ڪٿي مون کان ذڪرِ سرڪار دوعالم ۾ ڪا ڪثر نه رهجي وڃي، ڇاڪاڻ ته شاعري جي هن ڪار هاءِ گران ۾ اهي ئي ڪامياب ويا آهن جن صرف ڪسب ناهي ڪمايو پر سندن نگاه حق بين ۽ دل حق آگاه آهي. عنصري صاحب جي مرغ تخيل جي پرواز آفاقي، اوچي ۽ اعليٰ آهي ۽ ان جو اثر ڪلام تي پوڻو آهي.

مدح، توصيف ۽ تعريف جا، قانون قواعد جا،

عجب تون عنصري، ڄاڻين ٿو سالڪ سخنداني جا!

ساڳي وقت ”مشڪل ڪشائي“ جو عقيدو ڪيترو چٽو ۽ واضح آهي ته:

مسڪين تي سو مھربان مشڪل ڪشا مجيد،

آهي سميع سڀن جي صاحب سوال جو.

جمله موجودات ۾ عنصري صاحب نبي آخرالزمان صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي درجي جو تعين ايترو چٽو ۽ واضح ٿو ڪري ڄڻ هڪ مومن مسلمان جي واردات قلبي جو اظھار  آهي.

عنصري الله کان پويون پيغمبرصه کي چوان،

جمله موجودات ۾ لائق محمّد لاجواب.

فني لحاظ کان عنصري صاحب جي ڪلام ۾ اهو سڀڪجهه آهي جيڪو هڪ قادرالڪلام شاعر وٽ هئڻ گهرجي. سندس ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت جا جوهر به آهن، صنايع ۽ بدايع جو باتيون به آهن، ته استعارا، ڪنايا، تشبيھون، پھاڪا ۽ لفاظي رمزون ته ڄڻ سندس لب ڪشائي جون منتظر آهن. نفاست نزاڪت ۽ باريڪ بينيءَ سان سندس شعر لبريز آهي. اها حقيقت آهي ته هڪ شاعر ۽ اديب جي زبان عام پڙهندڙ کان الڳ ۽ بلند رهي آهي. شاعرانه محفلون، ادبي مزاج خواه ماحول ادب جي قاري کي سخن فھم ته ٺاهي سگهي ٿو پر سخن سنج نٿو ٺاهي سگهي. عنصريرحه جو ڪلام پڙهي هرهڪ شاعر اندر ۾ اڇل ته کائي ٿو پر جڏهن قلم ٿو کڻي ته محسوس ٿي وڃي ٿو ته هيءَ پڃري کڻڻ کان ڳري آهي.

شاعريءَ ۾ صنعتون ۽ تجنيسون سندس ڏائي هٿ جو کيل آهي. بلڪ سندس ڪلام جي رواني ئي ڪلام جو اصل ڪارج آهي. اها رواني ئي آهي جيڪا صنعتن ۽ تجنيس جي آمد جو ميدان سنواري ٿي. سندس ڪلام جي اهڙي ڪا سٽ ئي ڪونھي جيڪا تجنيس حرفي سان اُڻيل نه هجي. وري جڏهن صنعت مڪرر جو ذڪر ٿو اچي يا اندرين قافين جي آميزش ٿي اچي ته ڪلام جي آميزش ايترو ميٺاڄ واري ٿي ٿئي جو خبر ئي نٿي پوي ته ڪلام ۾ اها ڪھڙي وصف سمايل آهي جيڪا شاعري کي ايڏو لذيذ ٺاهي ٿي.

هنن سڀني دعوائن جي دليل طور هي چند مثال پڙهجن:

بي طلب، بيڪار، باطل، بره بازي جو بحث،

بيقدر، اڳيان اجايو، عشق بازي جو بحث.

---

من ڪميڻيءَ کي ڪُتيءَ جيئن، ڪوڏ ڪوڪاري ڪڏهن،

مون جڏيءَ جوڙي جتي، تنھن چاهه سان آهيم چَٽِ.

يا

اُبتا ڏيکاري رنگ مقدر نوان نوان،

مامور مون کي پنھنجا مقرر نوان نوان.

---

سھڻي کي حسن سونھن جا سامان نوان نوان،

نازڪ بدن کي ناز جا نيشان نوان نوان!

تجنيس حرفي ۽ صنعت مڪرر کانپوءِ ڪافيءَ جي هيٺين بند مان اندرين قافين جي سُھڻي بيھڪ جو به لطف وٺجي.

ڪڪر قرب وارا، وسن مينھن موچارا،

منھنجا نيڻ نارا، وسن نت نھاري!

استاد شاعرن وٽ ’تضمين‘ جو شغل به جاري رهيو آهي، هو قرآن مجيد جي آيت، حديث پاڪ، تصوف جو مقولو، ڪنھن ٻي ٻوليءَ جو جملو، چوڻي ۽ ضرب المثل يا ڪنھن استاد شاعر جي سٽ تضمين طور استعمال ڪندا رهيا آهن. عنصري صاحب جي ڪلام ۾ تضمين جو چرچو باقاعده آهي.

’انما يخشيٰ‘ امر آهي، الھ العالمين،

عالمن جي لاءِ عزت، ڪئي گهڻي آهي غفار.

---

آگو ڪڻيئي شل ”عنصري“، ايمان ڏي واحد وري،

تک تار مان ويندين تري، والله اعلم بالصواب.

محبوب کي معراج ٿيو، تعظيم وارو تاج ٿيو،

ڪُل ڪارڻي جو ڪاڄ ٿيو، ”بلغ العليٰ بڪمالھ“!

عنصري صاحب پنھنجي شعر ۾ صرف هڪ تخلص ’عنصري‘ نٿو استعمال ڪري پر هڪ بند ۾ ’مير‘ ٻئي ۾ ’عنصري‘ استعمال ڪري جيڪا شعر ۾ سھڻائي آڻي ٿو اها لاجواب آهي، ۽ هيءَ سھڻائي سندس ڪلام ۾ تسلسل سان آهي.

سندس ٻولي مٺي ۽ عوامي لھجي واري آهي. هونئن سڀ شاعري ائين آهي پر نظم جو حصو خاص عوامي لھجي وارو آهي. غزلن کان نظم ڏانھن ايندي ٻوليءَ جو هيءُ لھجو باقاعده تبديلي جو احساس ڏياري ٿو. جڏهن ’ڪليڪٽر‘ جي بجاءِ ’ڪلٽر‘ ٿو استعمال ڪري ۽ پاڻ عوامي ڪردارن کي انھن جي ئي زبان سان ٿو خطاب ڪري.

سندس معرڪة الآرا نظم’والله اعلم بالصواب‘ آهي. جنھن ۾ انگريز دور جي بگڙيل ثقافت جو نقشو چٽيل آهي. هيءُ ماحول جڏهن کان جڙيو آهي مصنوعيت جو هيءُ جھان وڌيو آهي گهٽيو ڪونھي. نقلي پير، بد رسمون، عورتن جي بي پردگي، نشي جو واهپو، شرڪ جي بي ايماني صفت ۽ پوئلڳي ۽ سيم و زر جا طالب مطلب ته هر طرف جھالت جي حڪمراني غالب آهي.

موليٰ ڪنا گهر مير تون، طالب سدا توقير تون،

ڪر ترڪ هي تقرير تون، والله اعلم بالصواب.

اليڪشن ۾ ٿيندڙ سياسي ڪارستانيون ۽ بي ايمانيون به ايمانداري سان ٿو بيان ڪري ۽ علم جي ڦھلاءُ ۽ دستاربندي جي جلسي لاءِ به دعاڳو آهي. وطن جا حسين نظارا، ساڻيھه جي سڪ، خصوصاً ٿر جا کاڌا ۽ کيڻ ۽ برسات جون بھارون پڻ سندس موضوع سخن آهن. مالڪِ دوجھان جي تعريف ’بيت‘ جھڙي مِٺي صنف ۾ تصوف جي طالب کي هيئن ٿو سمجهائي:

هردم حڪمت جو ڌڻي، هادي آهي حڪيم،

آهي مالڪ ملڪ جو، قادر رب قديم،

عشق جي انسان کي، جنھن ترت ڏني تعليم،

طالب کي تعظيم، سيکاري جنھن سڪ جي!

هن سڄي بحث ۽ مطالعي جي هڪ اهم نقطي جو ذڪر به لازم آهي اهو آهي غزل جو مطلع. هڪ پختي ۽ قادرالڪلام شاعر جو مقام مطلع مان ئي محسوس ٿيندو آهي، هي مطلع ڏسو:

نالو نبي ڪريم جو، سھڻو صفا لذيذ،

شيرين شھنشاهه جو سالم صفا لذيذ.

ٿو ڦِران سھڻن سندي، ديوار و در جي آسپاس،

جيئن ڪواڪب ٿا ڦِرن، قائم قمر جي آسپاس.

لذت جي هڪ سھڻي شڪل عرشِ عظيم جو لذيذ هجڻ آهي ۽ هيءُ لذت صرف شاعر جو ئي حسن ذوق محسوس ڪري سگهي ٿو.

معراج مصطفيٰ کي، نافع ڪيو نصيب،

موليٰ طفيلِ تنھن ڪيو، عرش عليٰ لذيذ.

---

نرمل نبي جي خاطر، سينگاريا فلڪ،

خلوت ۾ خاص ڪوٺيو، خالق خدا لذيذ.

بندي آقا جي ملاقات (معراج) کي عنصري ئي ’لذيذ‘ جھڙي دلڪش لفظ سان اظھاري سگهيو آهي، سبحان الله.

غزل ۾ هيتريون سھڻايون عنصري جي ڪلام جو سينگار آهن. هو غزل جي نزاڪتن ۽ غزالي اُڏام جو خوب قائل آهي ۽ اهي هرڻن جي ڇالون ته هو غزل ۾ هينئن ٿو آڻي ته:

مون شھيد ناز ۽ مرقد مسافر جي مٿي،

پير پائج پرت جا، قاتل قبر جي آسپاس.

زمين سڪندي ۽ خشڪ ٿيندي آهي ته ان کي ٺوٺ چئبو آهي ۽ وڻ سُڪندو آهي ته ان کي ’بانگهو‘ چئبو آهي. واه عنصري صاحب غزل جي شاعري ۾ هن لفظ جو استعمال ڪيترو نه ٻوليءَ جي نِج نبار هجڻ جي دلالت ٿو ڪري ته:

قمر ڌيءَ جي چوڻ تي قيس ۾ بر ۾ ٿيو سڪي بانگها،

ميئين مجنون کان سکجو داستانا داغداري جا!

عنصري صاحب جي ڪلام ۾ هن دور جي تڪ بندي وارن شاعرن وارو لھجو نه آهي، بلڪ هو بلند خيالي ۽ جادو بياني جو تاثر ڏي ٿو. وٽس جديديت جي معنيٰ اڳ ۾ ڪيل ڳالھه کي نئين انداز سان بيان ڪرڻ آهي پر اعليٰ فھم ۽ فن سان نه ڪه فھم ۽ فن جي ڏيوالپڻي سان. ان ڪري سندس شيرين زباني ۽ دلآويزيءَ واري پُرتاثير شاعري لفظن جي ڳنڍ ٽوپ ۽ ڳٺجوڙ بدران پُرلطف، پر جذبه ۽ ولوله انگيز شاعري آهي. سندس شعر ۾ اها مقناطيسي سرمستي ۽ ڪيف و سرور آهي جيڪو پڙهندڙ جي دل تي ائين اثر ڪري ٿو جيئن سانوڻ جا اوهيرا پياسي ڀِٽن تي پلٽندا آهن. هيءَ حقيقت صرف هڪ سليم طبع ۽ خدا پرست شاعر جي ڪلام جو خاصو آهي.

هن دلپذير شاعري جي بحث کي وري ڪنھن ٻي مھل لاءِ موخر ڪري عنصري صاحب جي استاد سيد محمد حسن شاهه جي يادگيري تي پورو ٿا ڪريون ته:

سادات شرفدار ”ميان شاهه ’محمد حسن‘ شاهه،

باغ نبي جو تنھن کي، آئون گل ڦل نه چوان ڇو.

حرف آخر:

محترم معمور صاحب، عنصري صاحب جو هيءُ ڪلام پنھنجي ڪنھن تلميذ الرشيد کان نقل ڪريو هو. ان جا ڪافي پنا ضعيف آهن ۽ مس واري اکرن کي پاڻيءَ يا پگهر جي قطرن جي نشانن وڌيڪ ضعيف ڪيو آهي. ڪجهه ورق جهيڻي مس واري فوٽو اسٽيٽ مشين تان نقل ٿيل آهن. ڪجهه مدهم ڪاربان ڪاپي آهن. انھن مشڪلاتن سبب هِن غريب الوطن ۽ شاعر فطرت جي ڪلام ۾ اگر ڪو صورتخطي جو جهول يا فني فروگذاشتون نظر اچن ته اها مون ڪم علم جي ڪوتاهي يا ڪمپيوٽر جي فني ڪمزوري سمجهڻ گهرجي. پر شاعر جي شان ۽ عروج تي حرف نٿو اچي. اهڙين مڙني ڪوتاهين جون آڱريون مون ڏانھن جو مون جھڙي ڏڏ ۾ هيءَ علمي بار کڻڻ جي توفيق ڪٿي. هن ذميواري کي اِهو سمجهي نباهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته:

ڪٿي مھر علي ڪٿي تيري ثنا،

گستاخ اکيان ڪٿي جالڙيان.

اظھار تشڪر:

سنڌي ادبي بورڊ جي معزز چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
جو وڏا وڙ جنھن هيءُ علمي سعادت عوام آڏو آڻڻ جي مھرباني ڪئي. پاڻ اهلِ علم ۽ قدرشناس آهي تڏهن وٽائنس هھڙا علمي ڪارناما سرانجام ٿين ٿا.

بورڊ جي سيڪريٽري محترم دبير ميرزا صاحب پبليڪيشن ڪميٽي ۽ پريس وارن جو تعاون به خصوصي رهيو. آخر ۾ ڀاءُ ابوبڪر ساند صاحب جي مھرباني جنھن هر گهڙي فون جي هر گهنٽي تي آواز ڏنو ۽ گهربل اهم معلومات فراهم ڪئي.

الله پاڪ سڀني کي هن نيڪ ڪم جا اجورا ڏيندو.

حمد

باري ۽ بي نياز جو هڪ بي مثال جو،

گهُرجي زبان تي ٿو ذڪر ذوالجلال جو.

هرڪنھن جڳائي حمد ذڪر لازوال جو،

سڀ جي لهي سنڀال ٿو صاحب سنڀال جو.

منعم نوازي مون ڌڻي سلطان سڪندري،

محتاج پالي پاڪ ڪروڙين ڪنگال جو.

عزت ادب ۽ آبرو اقبال رب کي،

حشمت حيا جهان ۾ جاهه و جلال جو.

برپٽ ۾ بيابان ۾ جهنگل ۾ جانور،

پرور ڀري ٿو پيٽ غذا سين غزال جو.

خشڪيءَ تريءَ جو آهه سو ناقر ٿئو نگهبان،

حافظ محيط حڪمتي قائم ڪمال جو.

نافع نپائي فضل سين فدوي فدا فقير،

خالق خبير خلق جي اهل و عيال جو.

لحظي ۾ ٿو لئيم جي زرسيم جو زبون،

خالق ڪري سو خاتمو ابخل جي مال جو.

مسڪين تي سو مهربان مشڪلڪشا مجيد،

آهي سميع سڀن جي صاحب سوال جو.

عاشق عذاب خار ۾ آواز ڪيو ”اَحَدُ“،

آگي قبوليو ”اَحَدُ“ سو بندي بلال جو.

رحمان رازدان ٿو سمجهي سڀئي حال،

پردي ۾ ڪر تو پاڪ کان قيل و مقال جو.

عقل و هنر ۽ حڪمتون هوش و هزار ڦند،

ايڏا ڪري قدير ٿو بندي سان ڀال جو.

علم و عمل امانت و ايمان جي عطا،

ملڪو وڌائي مغز ۾ خالص خيال جو.

روزي وڌائي رونق و راحت رحيم رب،

آهي غفور غيب دان هيڻن جي حال جو.

مولو نوازي مشرقي منان مغربي،

بنده نواز شاهه جنوب و شمال جو.

راحت رباجي رُخ مٿي نقطو نشان ڪيو،

خالق عجيب خرد بين خوبن جي خيال جو.

مشتاق ”مير“ توشي خوابن جا خاڪپاءِ،

واريندو ولها توتي واءُ والي وصال جو.

امداد ٿيندي ”عنصري“ توسان عجيب جي،

درسن ڪندين تون هوت جي ابرو هلال جو.

 

مورخه محرم الحرام 1348هه

نعت

اي محمد مصطفىصه معجز نما مِل مستجاب،

اي امام الانبياءِ عالم سڄي جا انتخاب.

نور هئو نروار تنهنجو اڳ ٿيل آدم ڪنا،

ابوالمخلوقات بين الماءِ هئو بين التراب.

نور کان نروار ٿي مڙ انبياء اظهار ٿيا،

فيض ور فياض فائق جي فضيلت انتساب.

روح هئو روح الامين کان مهند مخلوقات کان،

ذات هئي ظاهر تڏهن جواد تنهنجي اي جناب.

مڙ مقرّب جي ملائڪ پاڪ رب پيدا ڪيا،

نور نافع مان سندءِ نروار ٿيا نورالمَآبِ.

جڳ جڙي جلوه نما اهنجي طفيلي ٿيو تيار،

ڪل ڪرامت ساڻ بنجي ڪارگر ٿيو ڪامياب.

عرب جو آباد خانو آهه عربيءَ ڪيو اچي،

روم توڻي شام فاتح خود فتح ڪيو فارياب.

ڄام تون ڄائين ڀلي ڄاموٽ تنهنجي سڀ ڄمار،

آمنه جي وئو اندر مان آب ٿي ڪل اضطراب.

ملتون منسوخ ٿيون مذهب اڳيان ڪل منهدم،

پيو عدوّن ۾ وڏو عربي اوهان کان انقلاب.

لوح کان لاهي اوهان کي رب ڪنان روح الامين،

قدرتي آڻي ڏنو قادر وٽان آهي ڪتاب.

دشمن جا دين ٿي وئا دربدر بي دسترس،

ٿيا ڪسي ڪوڙا مڙئي ڪاذب ڪميڻا ڪل  ڪباب.

واڳ واليءَ هٿ اوهان جي ڪئي عطا ڪونين جي،

يڪ به يڪ ياور اوهان کي يا نبي يوم الحساب.

”مير“ هيءَ ناهي مدح جي ترشل ڪائي تميز،

بس جوان مڙ ملڪ جا لامثل آهيو لُب لباب.

”عنصري“ الله کان پويون پيغمبر کي چوان،

جمله موجودات ۾ لائق محمّد لاجواب.

 

رقم عنصري سرشنبه وقت صبح 4/7/1347هه

قريه ابراهيم ساند ڇاڇرو

نعتيه

تضمين -1

 

آگي وڏي عزت ڏني حضرت کي حق حشمت ڏني،

خالص عجب خصلت ڏني، بلغ العلى بڪمالھ.

 

جاني لنگهئو جبروت کان، مرسل ٿئو ملڪوت کان،

لحظي اندر لاهوت کان،، بلغ العلى بڪمالھ.

 

محبوب کي معراج ٿيو، تعظيم وارو تاج ٿيو،

ڪل ڪارڻيءَ جو ڪاڄ ٿيو، بلغ العلى بڪمالھ.

 

ٿيو سير سبحاني سندس، مَلڪن ڪي مهماني سندس،

ٻيو ڪير آ ثاني سندس، بلغ العلى بڪمالھ.

 

*

تضمين -2

 

جو سيد سرور کي ملئو، عربي لنگهئو آسمان،

سو برگزيده بيڪران، بلغ العلى بڪمالھ.

 

سندس مدينو پاڪ ٿئو، تعظيم وارو تختگاهه،

رب جي مٿس نافع نگاهه، بلغ العلى بڪمالھ.

 

ڪامل قريشي ڪارڻي، پرور پيارو پيغمبر،

ماڻھن ملڪ سڀ کان معتبر، بلغ العلى بڪمالھ.

 

عزّت جا عربي ڄام کي، خوبي ڏني خالص خدا،

جمله نبين کان جدا، بلغ العلى بڪمالھ.

 

مولود

 

سڀن سالار سرور ٿئو، اتاهون شان انور کي.

 

شفيع المذنبين رهبر، ٿيو لولاڪ جو افسر،

شفاعت جو ٿئو ڪوثر، خدا ڪيو خاص سرور کي.

 

ٿئو معراج تنهن حاصل، ٿئو الله سين واصل،

ٻيو مرسل نه هو شامل، ڪسر قادر ڪئو اڪبر کي.

 

زياده وصف احمد جي، ڪرڻ جن انس کان ان جي

خدا ساره ڪئي محمدصه جي، اها ڪافي ٿي منور کي.

 

ڪيو قادر قريشيءَ جو، اتم عالي تنهن عربيءَ جو

نسب نرمل تنهن نوريءَ، جو پيارو پاڪ پرور کي.

 

اگهائين عرض هن سائل، مدامي ”مير“ کي مائل،

هميشه هي رهي قائل، ڪري ساره پيغمبر کي.


 

غزليات

سوين ڄاڻي ٿو  سهڻو داستانا دل ستانيءَ جا،

مبارڪ مهلقا جاني، منور مهربانيءَ جا.

 

فراقِ يار جا آهي، ڏني فرقت ۾ فهمائش،

ته اي ڪمتر ڪڏهن قائل، نه قاتل  قدردانيءَ جا.

 

عنايت جا، اکر احساس جا، عاشق نوازيءَ جا،

نه سڻندين شوخدل کان، شيوه شيرين زبانيءَ جا.

 

ظلم ۽ زور ۽ زوراوري ظاهر ضعيفن تي،

ستم ۽ سرڪشي، جور و جفا جنسار، جانيءَ جا.

 

ادب ۽ عجز آزيءَ جا، ارادا آرزوئيءَ جا،

بِلآ پوڪار جي قابل، اسين پڪ پاسبانيءَ جا.

 

مبارڪ فال جي مسند، سندس آهيون ملازم ٿيا،

اسين خادم رهون خوبن جي، خوشتر خاندانيءَ جا.

 

اچي ٿي تازگي تن کي، ٺرن ٿا نيڻ ٻئي نوڪر،

پسئو پرزا پگهر موتي، جي پارس ٿئا پيشانيءَ جا.

 

مِيان مُوءِ ٿي موهي جا، نازڪ نيم خوابن جي،

ٿا ڏسجن ڏهه دفعا  ڏينهڪ، سندس جلوا جوانيءَ جا.

ڏنا مون کي وصل جا يار، وعدا وره ۾ ويتر،

وڌا حلقا حبيبن پاڻ، نوڪر کي نشانيءَ جا.

 

سخي سڀ سوال پورا ڇو نه، سڻندو مون سڪايل جا،

ڪندو دک دور سڀ دلبر، پسي ڏاتار ڏانيءَ جا.

 

لئيم الطبع جي دل ۾، دغا بازيءَ سندا دريا،

انبار آهين بدظن کي، بلاشڪ بي گمانيءَ جا.

 

محبت جا سودة جا ۽ شوخن جي شجاعت جا،

مڙئي مضمون ڄاڻين ”مير“، دفتر درفشانيءَ جا.

 

مدح توصيف ۽ تعريف جا، قول قانون جا،

عجب تون ”عنصري“ ڄاڻين سالڪ سخندانيءَ جا.

 

رقم عنصري 25 شعبان 1347هه


 

*

غلامي بندگي ۽ نوڪريءَ خدمت گذاريءَ جا،

مفلسي بينوائي بيڪسي ۽ غم گساريءَ جا.

 

نيازي  عاجزي ۽ پائبوسي نمڪساريءَ جا،

قواعد ڪيترا ڄاڻون ٿا خادم خاڪساريءَ جا.

 

محبت جا ۽ الفت جا صداقت ۽ ارادت جا،

بدن بيچارگيءَ جا ۽ مودَّت انتظاريءَ جا.

 

مدرس عشق کان موزون، طبع مون سڀ مطالع ڪئا،

درس ديوانگيءَ جا باب پورا بيقراريءَ جا.

 

ڏٺم ميخاني ۾ پيرِ مغان جي خاص خدمت ۾،

وڏا صاحب رياضت، پارسا پرهيزگاريءَ جا.

 

نزاڪت ناز جا ۽ ڪج ادائي بيوفائيءَ جا،

ڏٺاسون  شوخ چشمن کان ته شيوا شهواريءَ جا.

 

منجهان مڪتب محبت جي تواضع جا ملئم تحفا،

غريبي ۽ گدائيءَ جا برهه کان بردباريءَ جا.

 

فڪر جي فوج ۾ ڪي سال چاڪر ٿي چوايوسون،

حبيبن کان ڪئم حاصل امر ايمانداريءَ جا.

 

لکين لشڪر ۾ لغبت جي مثل عاشق اڏامي ويا،

لنڱيا ٿي نيهن مان آواز آهه و زاريءَ جا.

 

پسر شيرِ خدا کي شربت شيرين پيارڻ ۾،

نه آيا شرم جا شيوا، شمر کي شرمساريءَ جا.

 

بلوچن بي ننگن پيارو پنهون نئو ظالمن زوري،

هوا دشمن دورنگا جي، وڏا ويري ويچاريءَ جا.

 

ڪيون درياهه ۾ دانهون درد مان سهڻيءَ ٿي ساهڙ کي،

ڀَڄي پئا سير ۾ ترنديئي ترها طلبگاريءَ جا.

 

مڃيا مارئيءَ عمر جي ڪوٽ جا زنجير زوراور،

ڪڍڻ جي قيد مان هئا سڀ عمر جي اختياريءَ جا.

 

ڪٽر کان ڪانڌ ڪئو ڪونرو هٿان ئي هارجو حيلو،

بهانا ڪئا چنيسر ڄام ٿي مطلب براريءَ جا.

 

ڪلهي سر ڪينرو چائي منگت سر جو سوالي ٿيو،

چيا چارڻ کي سورٺ، سَوَ خزانا خوشگواريءَ جا.

 

مصر ۾ ماه ڪنعاني مٿي هو برهه بيبيءَ جي،

زليخا ٿي هلايا هنر يوسفعه ساڻ ياريءَ جا.

 

چڙهي چانگي مٿي راڻو وئو سرڪاڪ جي ڪاهي،

وڃي جت مينڌري ماڻيا مزا مومل موچاريءَ جا.

قمر ڌيءَ جي چوڻ تي قيس، بر ۾ ٿيو سُڪي بانگها،

ميين مجنون  کان سکجو داستانا داغداريءَ جا.

 

نماڻا نينهن وارا روز شب سرڪار ۾ سائل(الف)،

ٻڌن ٿا نا اميديءَ جا ندا ۽ ناگواريءَ جا.

 

حسن جا سونهن جا رخسار جا سينگار سرمي جا،

ملازم ٿيا مڙئي مشتاق جي تازي تياريءَ جا.

 

يهود و گبرو ترسا ۽ مجوسي، حيدري هٿ کان،

ڪٺل آهن ڪروڙين روز ميدان ذوالفقاريءَ جا.

 

جدائيءَ ۾ هجر فرقت ۾ نامقصود منزل ۾،

آهن تعريف جوڳا ترت عاشق اشڪباريءَ جا.

 

ملڻ جي ”مير“ کي آهي هيئين ۾ يار جي حاجت،

اندر ۾ ”عنصري“ آهن عرض اميدواريءَ جا.


 

عمر ڪوٽ جو در الله لڳ اپٽ،

ولر ساڻ وڙڪان وڃي ڍول ڍَٽَ.

 

مڃر موڪ مکڻيون پڪا منجهه ملير،

نه مربن مليدن کي ڀانيان ٿي مَٽُ.

 

پنو هارن سان پرڀي رهان رات ڏينهن،

ڏسي ملڪ مارو لهي قلب ڪَٽُ.

 

ٿڌا ٿاڪ ٿر ۾ چڀڙ شل چکان،

وڏي ويڙهه ۾ ٿي لسي جي ته لُٺَ.

 

ڀٽن ۾ ڀونگا موڪ مارن اڏيا،

نڪا سوڙهه سختي نڪا گهور گهُٽَ.

 

سندم سيل صاحب سڌاري سڀئي،

ميان ڄام آهيان ڪميڻي ڪپٽ.

 

عمرڪوٽ جا اهنج مارن ملي،

سبق سڀ سنگهارن پوان سور سِٽَ.

 

رکي امن ۾ مون عُمَرَ کان الله،

وڻي مون کي ويتر ٿي ڇيلن جي ڇَٽَ.

 

بنا محب مارو سلان سور ڪنهن،

اندر ۾ اباڻن سندا ڦالَ ڦَٽَ.

 

مرڪ مير مارن سندو منجهه ملير،

وڃي ويڙهه وڙڪن ولهارن جي وَٽَ.

 

ڪتيان قرب مان ويڙهه ۾ شل وڃي،

اڳيان ”عنصري“ ان اڇي سين اَرَٽَ.

 

رکي پوش پردو مون پرديس ۾،

پوي پاڪ پرور جو قيدن ڪَرَٽ.

 

وطن ۾ ولهاريون ٿيون سايون سونهن،

پلر ڪي پياسين پياري پلٽَ.

 

رقم عنصري 2 رجب 1346هه

روز دوشنبه وقت شام

ابراهيم ساند ڇاڇرو


(الف) ٻي پڙهڻي:

نماڻا نينھن وارا، سونھن جي سرڪار ۾ سائل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org