سيڪشن: شاعري

ڪتاب: گلشنِ عنصري

باب:

صفحو:4 

قطعات

 

خال جي خطري مڙئي ڪئا، خسته دل ۽ خونريز،

تر آهي يا تير يا توب و تِير يا تيغ تيز

فائقن لئه في الحقيقت فخر يا ٿئو فتنئه خيز

جام نوشين جي جفر سان جنهن پڄاڻي جنتري

--*--

حب حسن جي جنهن رکي ٿيو جلوه بين جنسار جو

طالب تحفئه طريقت گوهرِ گفتار جو

راز روشن روبرو ات جنهن رسيو رخسار جو

پئو مٿن پرمار جيئن حملو حسيني حيدري

*

خلق جي خطري خلل ۽ خوف جو ناهي خيال،

پيروي ڪر پرت مان تون حيدر ڪرار پٺ.

 

هم نشين حاضر هجي سو قبر ۾ مون سان قريب،

مير وڃ تون مھ لقا ۽ مشڪبوء مختيار پٺ.

 

بي حيا بدڪار کي اي ”عنصري“ ڄاڻج عبث،

جنھن بُري بدنام بيحد جي ره ڀلڪار پٺ.

 

ڪافي

 

پياري پرينءَ جا پلپل، نه آئون وعدا وساريندس،

امر کي آئون اکين جي، آب سان البت اتاريندس.

 

ٻڌم جي  ٻول ٻانهون ٿي، پرت مان ڇو نه پاريندس،

گداگر جيئن گهٽيءَ تي دوست، جي گهڙيون آئون گذاريندس.

 

پنهون جا جي ميا تن جون، مهارون ڏاڻ ڏاگهن جا،

قبولي ڪيچ ڏي اُو قافلا، ڪرهن قطاريندس.

 

جهلي رستا جبل ۾ پٺ، وڃان پياري پنهونءَ جي پنڌ،

ڏکن ۾ رات ڏينهن روئي، مڙئي ڏونگر آءٌ ڏاريندس.

 

عمر! دهشت ۽ دڙڪا ٿو، ڏيکارين مون ڏوٿياڻيءَ کي،

ته پڻ جيڏيون، عمر اديون، ۽ سرتيون سڀ سنڀاريندس.

 

پڪا پنهنجن پنوهارن جا، مريڙا مرٽ مانڌاڻيون،

کٽا ۽ کير کائڙ جا، نه ور کي هڏ وساريندس.

 

ٿي ڀانيان تار تک تانگهيو، ملاحن سان نڪو مقصد،

ٻڙيون ات ماڳ ميهر جا، ٻڪن سان هنڌ ٻهاريندس.

 

نه ڏر ڏم جي ڏمر کان ٿي، ڏران آئون ڏيل ۾ ڏورهي،

وڃي ساهڙ جون ڪنڍيون آءٌ تري هن ڀر تنواريندس.

 

چنيسر ڄام جي توڙي، مَٽي مڻئي تي مون منڌ کي،

ته پڻ آءٌ ڪانڌ کي ڪنهن پر نه ڪڏهن ڪٿ ڪواريندس.

 

ستل کان سيج تي راڻو، رسي ٿيو رات رنجيدو،

سوا سوڍي سڀئي سرتيون وجهي ٻن ڪاڪ ٻاريندس.

 

وڌو اڄ ”مير“ کي موهي، چپن جي چاشني چوکي،

انهيءَ سودا ۾ ساري عمر گهڙيون گوندر گهاريندس.

 

امر کي عيش ڄاڻي ”عنصري“ ابروءَ اشاري سان،

هنيين جي هار لئه هر هر هنجون حسرت مان هاريندس.

 

رقم عنصري

1347-7-4

 

سرمائي

ڪافي (1)

 

اڪنڊ عمر ڄام ٿي، مون کي آهي اباڻي،

سانگي ساري سومرا، هيءَ ڪاهل ڪوماڻي.

 

مون کي ماروءَ ڄام ڏي نه توءِ عمر اماڻي،

قابو آهيان ڪوٽ ۾، ناحق نماڻي.

 

داتا تنهنجي در تي، آءٌ آهيان دانهياڻي،

قسمت قيدالماءِ ڪئي، آهي بيحد بندياڻي.

 

سبق چوان سورن جا، ڪي سرتيون سڃاڻي،

پيان پاڪ پٽن ۾، آءٌ پلر وڃي پاڻي.

 

سڀن سنگهارن سندو، ڍنگهر آهي ڍاڻي،

مارن سان ات ’مير‘ چئي، آءٌ سونهان سڀاڻي. 

*

پَنوهارن کي پلپل منھنجو ساهه ساري،

الله شل وطن ڏي وري واڳ واري.

 

گوندر ۾ گذاريان سانگي روز ساريان،

گهنگهر ۾ ٿي گهاريان ڪوٽن جي ڪناري

 

ڪڪر قرب وارا، وسن مينهن موچارا،

منهنجا نيڻ نارا، وسن نت نهاري

 

ڪيس ڌار ڌاڙي، پنوهارن جي پاڙي،

ترون منجهه تاڙي، هئي دل هچاري

 

اٿم انتظاري، روئان رات ساري

بدن بيقراري، غمن منجهه گذاري

 

مارو مير موٽن، ڀڃي قيد ڪوٽن،

اباڻن جي اوٽن گولي شال گهاري

 

*

ڪافي

 

ره راڻا ڪا راتڙي، محبت ماري آهيان،

حجت جهڙي حبيب سان نالائق آءٌ ناهيان.

 

آهيان عاجز تو اڳيان، ٻي حجت ڪانه هلائيان،

پانڌ ڳچيءَ پينار جيئن پرين تو وٽ پائيان.

 

منت ڪريان عريض ٿي، ٻيو سينو ڪهڙو ساهيان،

اچ اڱڻ عجيب تون آءٌ چاڪ تنهنجي چانيان.

 

هر گهڙي ۽ هر پلڪ ٿي نار نيڻن وهائيان،

اچڻ اهنجو منھنجي در، آءٌ ڀال ڀلايون ڀانيان.

 

ريت رسڻ جي ڇڏ تون راڻا عرض ٿي الائيان،

مرض مڙئي مير ڌوئي لڙڪن سان مان لاهيان.

 

*

ڪافي

سورن سڄڻ جي ڪئي دلڙي ديواني،

ڏيکاريان ڪيئن ڏيهه کي آءٌ هينئڙي حيراني.

 

نظر ناز نقطي سان نيائين نهوڙي،

هليو هوت مون کان ڪري ڏيهه ڏاني.

 

وڌو زلف مشڪين عشاقن الوڙي،

عجيب اکين ۾ وڌي ڪجل ڪاني.

 

وڌائين قيد ڪاڪل جي منجهه جيل جوڙي،

هجر ۾ هميشه وجهي جيءُ جاني.

 

چڙهي ناز نخري سان سهڻن سمندن،

بندن بره وارن پسائي پيشاني.

 

محب ”مير“ ڏي شل مهارون سو موڙي،

ڪري هوت هٿ سان منجهان ٻاجهه ٻانهي.

 

بيت

 

(1)

صفت ڪجي صاحب جي، جو خالق خلقڻهار،

جنهن عالم اپايا امر سين، حاتم ھژده هزار.

جيت پسون جانور، بي مثل بسيار،

ماڻهو مرون مالڪ جي ٿيا امر سين اظهار.

ڪي ظالم زوراور گهڻا، ڪي موذي ٿيا مردار،

ڪي سخي سرت سجان ٿيا، ڪي سندا ڌڻ ڌڻار.

ڪي هاديءَ هنرمند ڪئا، ڪي بي هنر بيڪار،

ڪي هميشه حسين ٿيا، جاني جلويدار.

ڪي آگي عاشق اڀاريا، ڪي محبتي منٺار،

ڪي موليٰ پنهنجي مهرسين، ڪئا سهڻا سين سينگار.

ڪي سدا عشق عيش ۾، ڪي جانب سين جنسار،

سڀ آگي جي اختيار، جو هادي حڪمت جو ڌڻي.

 

(2)

هردم حڪمت جو ڌڻي. هادي آه حڪيم،

آهي مالڪ ملڪ جو قادر رب قديم.

عشق جو انسان کي جنهن ترت ڏني تعليم،

طالب کي تعظيم، سيکاري جنهن سڪ جي.

(3)

سيکاري جنهن سڪ جي،طالب کي توقير،

محب جڏهن محبوب جي ترت ڏٺي تصوير.

اکين عجيب جي، وڌي طالب کي تڪبير،

راتو ڏينهان روح ۾، ٿيون ڪچهريون ڪثير.

ڪڏهن اوک اکين کي، ڪڏهن سوک سرير،

ته اچي پهتو اوچتو، سندو خان خمير.

ڏسي ڏيل ڏڪي ويو، نيڻن وهيا نير،

داد نه ٿيو دلگير، رئندي ئي رهجي ويو.

 

(4)

غني ڇڏ غنود، هلج صاحب سامهون

رات و ڏينھان رب کي، تون سالم ڪر سجود

پارج حق پرت مان، جو مُنَزَّهُ معبود

عبد ان افعال سان تون، ماڻيندين مقصود

حرص کي هن دار جي ڪر ناقص تون نابود

پَلين جي پرور کان ٿا، مُٺا سڀ مردود

تن بندن ڀيڙو ڇو ٿئين جي نسورا نمرود

ٿي آگي سان آسود، ته مرڪين محشر ماڳ ۾

 

(5)

هردم هوئج حق سين تون حيا ڇڏ حجاب

ڪڏهن رکج ڪين ڪي ڪو هيڻن جو حساب

اڳيان ڏيندين اڳرو، تون جابِرَ وٽ جواب

ساڻي کڻبا سفرا، ڪي منجهان سرت صواب

آگي جو عذاب، ساري ڏرجان ساند چئي

 

(6)

ثابت تنهنجي سر مٿي، قضا ٿي قائم

اوڳا ڇو الله کان، تون نحس ٿيئين نائم

دل ۾ رک دائم، تون خوف خلقڻهار جو

*


 

 

نظم

اڄ چال هي چوڌار ٿي نازڪ وڏي نروار ٿي،

ماڻھن اندر مختيار ٿي، وَاللهُ اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

بيحد وٺن بيدين ٿا، خواهه رکن خودبين ٿا،

آخر چون آمين ٿا، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ڪنھن کي مدد مسڪين جي ڪنھن غمزده غمگين جي،

بيهوده بي نمڪين جي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ناهي يتيمن ياوري، ظاهر رکن زوراوري،

دل ۾ نڪو غم داوري، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

منجل مرن ٿا مال لئه، بيدين پنھنجي ڀال لئه،

حيران انھي حال لئه، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

غافل روا ڄاڻن غضب، مؤقوة ئي تن جو ڪسب،

نافع ڪڍي تن جو نسب، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

مولا ملائين مال زر، ڪو بي نشانو بي خطر،

دولت سندو ڏيکار در، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

سائل سدائين سيم جا،  طالب رهن تڪريد جا،

تارڪ مٺا تقليد جا، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

انگريز ۾ اقبال جا، خواهش ڪنان خوشحال جا،

ٿيا مدعي مڙسال جا، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ليسن مٿي پيا سڀ لڙي، ان قيد جي پين ڪڙي،

انگريز هنئي تن کي اڙي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ڪلٽر سندي ڪرسي ملي، برطانيه جي مون ڀلي،

خوش ٿي اسان سامھون کلي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

جاڙا ملن جاگير ڪي، يا پُرس اڄ ٿيون پير ڪي،

مسند نشين ٿيون مير ڪي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

گورا اسان ڀيڙا گهمن، همراز شل هردم هجن،

افسر اسان وٽ ڪي اچن، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

اي بي حيا بدڪار اڄ، لالچ مٿي لاچار اڄ،

تو يورپي ڪيا يار اڄ، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

انگريز جي احسان ۾ آندءِ ضرر ايمان ۾،

ناقص پئين نقصان ۾، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ڪوڙو نجس نصرانيه، بي دين ٿئي برطانيه،

مشرڪ مُٺو مروانيه، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

نفعو سندس نقصان ٿيو ابليس جو ارڪان ٿيو،

فرقان ۾ فرمان ٿيو، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

سڀ ياد ڪريو يار کي، مالڪ مٺي مختار کي،

صاحب سندي سرڪار کي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

آگي ڪنان ايمان جي، محشر سندي ميدان جي،

گهُر التجا احسان جي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

آمين چئو اخوان اڄ، مڙ محبتي مردان اڄ،

راضي ٿئي رحمان اڄ، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

گڏ ٿين گورستان ۾، مجمع ڪريو ميدان ۾،

آهيان انھيءَ ارمان ۾، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ميلا مقامن تي متا، ڪي راڄ ڀيڙا ٿئو رتا،

ڀلئا رڌئو آڻن ڀتا، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

زالون زنا جي ذوق لئه، شائق وڏيون ان شوق لئه،

تڪڙيون اچن ان طوق لئه، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ان موقعي تي مڙ ملن، خوش ٿي اڳيان تنھنجي کلن،

ٿا ٽور سان ٽھه ٽھه ٽلن، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

يڪدم ملن ٿيون يار کي، دلبر سندن دلدار کي،

حب مان هيئين جي هار کي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

سھڻي سٺي سينگار سين، جلوه نما جنسار سين،

ڪا دم گهڙي ديدار سين، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

قبرن مٿي رويو رنون، ميت اڳيان ڪن بي منون،

ڀِڄيو قلب جو پئي ڪنو، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ڀوپا اچن ڀيڙا ڀنگي، ٻيا ساز کڻيو سونگي،

ناهي تنبورن جي سورنگي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

راتيون سڄيون ڪن راڳ ٿا، لوري گهرن جيئن لاڳ ٿا،

جانٺا ڏين سڀ جاڳ ٿا، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ڪافيون چون سھڻيون سٺيون، ڪي قرب جون هونديون ڪٺيون،

من ڏين مصريءَ جون مُٺيون، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ظاهر دنبا ڇيلا ذبح، ڪو ڪوڏ مان ڪيئي قبح،

سانجهيءَ ڪنان تائين صبح، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

مڃتا اسان جي شل ميون، جا ڏيھه ٿا ڏوري ڏيون،

نرمل قبولي جا نيون، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

گهيٽو ۽ ريٽو مون ڏنو، پيرين پئي هيئن ٿا پنون،

منھنجو بچي شل هي مِنون، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

خوش ٿي بنائن کاڄ ٿا، ڪوڙي سَرن هت ڪاڄ ٿا،

راتيون ٽڪن هت راڄ ٿا، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

مصري سوا روپي سندي، بيشڪ مڃي ٿي هيءَ بندي،

قربان پيرن سان رندي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

پيرن اگهاڙن سان اچي چانئٺ چميان سانئيم سچي،

آءٌ قرب مان ڪوڙي ڪچي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

من جون مرادون ميرتون، پارس پڄائج پير تون،

هينئڙي ڏيارج هير تون، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ٻيا مرد تن مجهول ٿئا، سڀ نحس نامعقول ٿئا،

مفعول نامقبول ٿئا، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

پسماند جي پيرن پئا، لالچ پٺيان آهن لئا،

مڙ ملڪيت جي لئه مئا، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ناذر کي ڏاڍي ناز مان، رحمت ڀرئي ڪنھن راز مان،

افسح پٺي آواز مان، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

ڏاڏو ڪندو سڀڪا ڀلي، مون جهوڪ آ جنھن جي جهلي،

منھنجي دعا آهي دلي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

مولا ٿئي مشڪلڪشا، ڪم جي ڪري واحد دفعا،

مالڪ محابي مصطفيٰ، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

مجهول واري وير ڏي، پارس هڻي تنھن پير ڏي،

اکين سندي اڪسير ڏي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

سررو ميين کي سڌ سڄي، رک ڀيٽ انھيءَ جي ڀڄي،

وه وه منڊل پيا اڄ وڄي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

گهوڙي چڙهي آيو گِهڙي، ماڻھن ڪيو مجمع مِڙي،

ڀرجي وئي هڪدم پڙي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

لائق پرين آيو لُڏي، گوهر مٺو بنجي گُڏي،

ٻانھي سندي ٻيڙي ٻڏي، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

داڻو ڪڻو پھرين دفع، روزي سندس ڪن پوءِ دفع،

مڙو ڪرن مان ئي نفع، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

مولا ڪنا گهر ’مير‘ تون، طالب سدا توقير تون،

ڪر ترڪ هي تقرير تون، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

آگو ڪڻئي شل ”عنصري“ ايمان ڏي واحد وري،

تک تارَ مان ويندين تري، والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

مولا طفيلِ مجتبيٰ

مشڪل ڪشا ۽ مرتضيٰ

ڪلمون مٿي چئو مصطفيٰ

والله اَعَلمُ بِالصَّوَابِ.

 

 


 

 

نظم

دوست دلبر محب منور، عرض ٻڌ اظھار اڄ،

مشفقم مھندار عالي، مولوي مھندار اڄ.

دل سندا دلدار جاني، قلب منھنجي جا قريب،

دستگاري راهه جي، رهبر رکان رفتار اڄ.

اي حبيب الله هاتف، دوست دل جا دلنواز،

سر سندئي سالم سدا، ساجن اهي سؤ وار اڄ.

مون آ ناقص کي نظر ۾، خوب آيو هي خيال،

خوشنما ڪو خط لکان، هڪ نينھن مان نروار اڄ.

درد پنھنجيءَ دل سندا، ڪريان ته عالم آشڪار،

سور سيني جا سڀئي، ٻاهر ڪيان ٻيھار اڄ.

پاڪ پھريان پوسيتني، ري حشو حق اليقين،

برهه وارن لاءِ جوڙيان، برطرف بازار اڄ.

گوش جي بيھوش ۽ مدهوش ٿئا هن جا مدام،

جوش مان مي نوش ڪن ۽ پوش ڪن پيزار اڄ.

زير منت پيا مڙئي، اخلاص سان ڪن آبنوش،

ڪار پردازن ۾ ڪاهل، ڪين ڪا ڪوڪار اڄ.

مون لکيا ڪئين مفت مان، پرزا پرت جا ڪيترا،

هي اڃا پڻ آهه البت، خوب خدمتگار اڄ.

يا ته شايد هئا گهڻا ڪي، قرب جا ڪاغذ ڪروڙ،

گاهه ۽ بيگاهه، گوناگون ٿيا گلزار اڄ.

يا ڪو مجنونُ ۽ مفتونُ يا ڪِ ديوانو ٿئس،

ان سبب اڪثر لکيا، مون بي اثر بيڪار اڄ.

يا ته اوقاتات صالح، صَرَف ٿيا سود سڀ،

يا ته صفراء سرنگون، ڪئو قلب جو ڪردار اڄ.

يا ته مالياخوليا منحوس، ڪئو مون کي مريد،

يا پڙهيم ڪو بيوقوفيءَ، جو سبق سينگار اڄ.

ڪيترا ڪاغذ لکي اُن کي، چڪس آءٌ چوطرف،

ٿي ته ظاهر هن ذرو، گوئڙ سندي گفتار اڄ.

معذرت ان جي مڱان، ساجن اوهان کان سئو دفعه،

پرت مان پائي پلئه، هي پُر درد پينار اڄ.

مخلصن محبن ڪَنين، مون کان پڇيو آهي وري،

دل گهريا جي دوست دلبر، هڪ هنيين جا هار اڄ.

تن ڏنو آهي ڏمر جو، هي ڏوراپو ڏهه دفعه،

اِيَ وفا تو ساڻ ڪئي، جانيءَ سندئي جنسار اڄ.

ان ڏمر جي ڪئو ڏوراپي، ڏيل کي ڏاري ڏهي،

ڪئو خنجالت خاڪپاءِ، خالي خجل ۽ خوار اڄ.

جيئن وئو پيلڪ پڙهي، دانه ڪري دستار بند،

تيئن وري تنھن ڪانه ڪئي، سنگتين سندي ڪا سار اڄ.

مظھرالحق و الھدايت، ۾ نه آيو سو هلي،

اي وڌي آهس کڻي، بيحد گهڻي ڀلڪار اڄ.

اي ٻڌي احوال ان جي، بيوفائيءَ جو بيان،

مون انھيءَ اظھار نامي، کان ڪيو انڪار اڄ.

ترت ٿي مون کي تسلي، خوب ٿي خاطر جمع،

ان دورنگي دوستيءَ کان، دور ٿئس دلدار اڄ.

شوق شاديءَ جي ڪيو آهي، شڪي آن کي شھيد،

ان مزي اُن کي ڏني، مضبوط آهي مار اڄ.

علم جا آثار ڪيا، عورت اوهان کان سڀ عدم،

حسن سان هر هر ڪري، سالم سٺا سينگار اڄ.

بزرگن وٽ بي عدد ڪثرت سين مڙئي ڪائنات،

حب مان هر دم اچن، ٿا ياد ڪرئو يار اڄ.

مڙ ته موجودات جو ٿيو، ذوق مان زائر اچن،

ملڪ مخلوقات سڀ، ظاهر ڳيا تن ڌار اڄ.

تو مٿي احسان ان جا، بيوفا لک بيشمار،

اي مڙئي ماڻھو چون، پختا اوهان جا پار اڄ.

ان ملامت جو ڪڻم، آهي گهڻو ارمان ٿئو،

ڇو ٿيو آهي اوهان تي، علم جو آزار اڄ.

نيڪ صالح جي نصيحت، سڻ ميان تون مولوي،

صاف ٻڌ، سالم سڌر، هاتف رهج هوشيار اڄ.

خاص تنھنجو خاڪپا ٿي، ’مير‘ تون مردن مثال،

جي پيارا پاڪ پرور، علم جا اسرار اڄ.

پائبوسي پرت مان ڪر، ”عنصري“ آزاد جان،

سچ صداقت سربسر، ڏيندو ڪڻئي ڏاتار اڄ.

نيڪ ناصح جي نصيحت، سڻ ميان تون مولوي،

صاف ٻڌ سالم سڌر، هاتف رهج هوشيار اڄ.

ٻيون گهڻيون گهوريون گدايون، ٿيون ميارون ’مير‘ تان،

’ساند‘ توکي سَوَ منجهان، هڪ صاف چئي سردار اڄ.

ڪي مزا ماڻيا اسان پڻ، ذوق مان زالن سندا،

هاڻ آهي هڪ ٻڌي، توبھ سندي ڪا تار اڄ.

غرض جو دل ۾ عرض، سانڍي نه ٿيندس صاف دل،

راستگو ۽ رحمدل ٿي، رهج تون رهوار اڄ.

زجر ۽ نوبيخ ظاهر، زيب ور آهي زياد،

جابجا جائز رکي، آهي سڀئي سينگار اڄ.

دم حياتي در مٿي، تون دوست حق جي دوستا،

پاڪ ڀر پاڻي سندن، تون، عجز مان ابرار اڄ.

ڪلب کي آهي قلب ۾، ڌڻيءَ جو ڏاڍو ڌيان،

ڏس سچائي سربسر، محب ڪئي سردار اڄ.

هڪ حرف آهي حقي، انسان تي اظھر عيان،

ڇو ٿجي آزاد ان پر، آبخور اغيار اڄ.

ٿو جڳائي هيئن چوڻ، هر هر انھيءَ جي حال ۾،

بي ادب لئه بالغرض، گهر جي تکي تلوار اڄ.

خانهءِ اسلام کي، خالق ڌڻيءَ ڪيو خوشنصيب،

بي عدد بھرا ملن ٿا، مفت ۾ موچار اڄ.

ريگجوئي رب ڪنان، مڙ دوستن لئه گهر دعا،

ڪوڏ ڪلمي مان قباحت حرف ٿئي هڪوار اڄ.

رقم عنصري 27 محرم 1346هه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org