|
*
هوت حاڪم جي حسن جي مون جهلي پينار پُٺِ
منهن مٿي ماڻهن سندي، جانب سندي آهيمِ جُٺِ
ناهه ناقص جي نظر جو طعنزن جو دم تپاس
محب توسان مون مُٺيءَ ڏينهن ڪنان آهيم ڏِٺِ
ٿا هڻن هڪ ٻي مٿان هٿ حيف جا مون تي هزار
سڀ سيباڻم ساهه کي هيءَ هوت تولاءَ هيٺ ڦِٺِ
منهن اندر محبوب جي جا روشني رحمان ڪئي
آهِه حيرت ۾ هميشه بي مزه منهن کان مَڃٺِ
ڏڄڻ کي ڏينهن رات ۾ تهمت سندو آهي تباس
پر مٺيءَ کي منهن ٿي، آهي لڳي مردار مُٺِ
دک ڀرئي ڏيندو اچي دلبر دلاسا دلنواز
هوت مون کي پڻ حشر ۾ لطف سان لائيندو لَٺِ
سچ پرين وعدا سچا ۽ قول پاريندو قريب
جام جانب يار جي جاري گهڻي گلزار گَٺِ
من ڪميڻيءَ کي ڪُتيءَ جيئن ڪوڏ ڪُوڪاري ڪڏهن
مون جڏيءَ جوڙي جُتي تنهن چاهه سان آهيم چَٽِ
افترا مون تي عبث جون تهمتون جوڙي تيار
تنهن مئي موذيءَ ڀلڪار جو هوئيس بَٺُ
ڪام ٻي مون کي ڀلي جيڏيون مٺي جانب ڪنان
”عنصري“ آهم عبث اکين تي ساري ٽوڪ سِٺَ.
*
بي طلب بيڪار باطل برهه بازيءَ جو بحث
بيقدر اڳيان اجايو عشقبازي جو بحث
|
ٿي وڻيو محمود کي مضمون محبت جو مثال
جنهن ڪيو عاشق سچي مهندا ايازيءَ جو
بحث |
|
برهه کان بنجي ٿيو من طلبگارن جو تيار
نور ٿا ڄاڻن نماڻا نت نيازيءَ جو بحث |
|
ميڪده پيرِ مغان جيءَ جنتريءَ ٿيو جدا
ذڪر زاهد جو وري نافل نمازيءَ جو بحث |
|
نازنين کي نهايت نا مناسب ناگوار
نظر ۾ نابود ٿيو دم دل نوازيءَ جو بحث |
|
آهه مستن کي مدامي وضعدارن جي وصف
طلبگارن کي تمنا، ترڪ تازيءَ جو بحث |
|
عام اسرار العجيب کان مڙئي محروم ٿيا
مُورِ ڄاڻن ڪين موڳا مِڙ مجازيءَ جو
بحث |
|
مون کي آهي مهلقا جي تات ٿي تعريف جي
سيرتن سهڻي جي سالم سرفرازيءَ جو بحث |
|
مير هاڻي ماٺ ڪر نه ته راز سڀ ڏسندو
رقيب
راستبازن ساڻ آهي رڪ روازيءَ جو بحث
|
رقم عنصري روز شنبھ
وقت ظهر زوال
8_7_1347هه
قريه ابراهيم ساند، ڇاڇرو
*
مون مسافر کان مٺا ڪي پرت جا تون پار پڇ،
درد جا ڪي داستانا عشق جا آزار پڇ.
نينهن جا ناسور ٿي ويندا نفي آخر عدم،
ان ثمر سورن سندي گوليءَ ڪنان گفتار پڇ.
منهن مٿان محبوب پنهنجي هوت پاسي ڪر حجاب،
عشق جي احسان جي نت برطرف بازار پڇ.
ڇو ڪرين ظالم زبون ٿو حب وارن کي هلاڪ،
سر مٿي سالم اچيو تون سڪ وارن سئو وار پڇ.
سو لڱا سختيون اوهان جيون سالڪن ڪيڏيون سٺيون،
مڙ انهيءَ مذڪور جو تون عشق کان اقرار پڇ.
بي نصيبن کان رهين ڇو بر طرف بِاللهِ اڄ،
هوت هيڻيءَ کان هميشه هيبتي هسوار پڇ.
ڏي ٻڪي ٻيهر وري دم درد جي دلبر دوا،
اي طبيبا ترس مان تون برهه جا بيمار پڇ.
ڇو گهميو گهر گهر اڳيان سائل هڻين نڪمان صدا،
قرب مان ڪاهي وڃي ساجن سندي سرڪار پڇ.
دان دمڙا دوست ڏيندو دلربا ديدار جا،
ڌاکڙا ڏوري ڏکيا ڪي ڏيهه ۾ ڏاتار پڇ.
عنصري الحمدلله الدين انعم مليڪ،
مرتضى مشڪل ڪشائي بي حيدرِ ڪرّار پڇ.
مير توتي مهلقا محبوب ٿيندو مهربان،
دم حياتيءَ جي هميشه صفدر سردار پڇ.
*
|
نه مون کان ٿي محابي مصطفيٰصه
شوخ
نه دامنگير کان دلربا شوخ |
|
هجين همراز مون سان شل حشرتڪ
نه جانب مون جڏيءَ کان ٿي جدا شوخ |
|
مٿي در دوست جي دائم دعاگو
سوالي هڻ صداقت سان صدا شوخ |
|
پني ديدار ٿو دلبر دياره
گل گلزار گوهر هي گدا شوخ |
|
رئن ٿا نيڻ نازڪ ٻئي نسورو
نه سئي نازڪ بدن ناقص ندا شوخ |
|
محبت جي مرض ۾ مبتلا جي
دلان ڪن ڪين ڪا دارون دوا شوخ |
|
زهر کي زيبور ڄاڻن ٿا زينت
ڀلي ٿا برهه جي ڀانئن بلا شوخ |
|
نه ٻئي سان حال ڪن حيرت هميشه
قبولن ڪوڏ مان قادر قضا شوخ |
|
نه مان هڪ ڏوهه ڏاهن کي ڏيان ٿو
رئڻ جي رب ڏني تن کي رضا شوخ |
|
سوا ديدار ٻيو دارون دغا ٿيو
ڏسن ڪنهن ڏانهن جانب ريءَ جڏا شوخ |
|
نه تنهنجو مير ماڻهن ساڻ مطلب
خلل خادم وڏي تو ۾ خطا شوخ |
|
عبث تون عنصري ڪر انتظاري
ڪندو عيبن مٿي عاجز عطا شوخ |
رقم عنصري 29 جمادي الثاني 1346هه
*
هنيون هوت گلزار جانب سان گڏ
ٻئا ٻول ٻانها ڀڃي ڇوهه ڇَڏِ
دلئون دوست دامن مان دلدار جي
نه هيڻي ڪڍج هوت جي مان تون هڏ
طعنه زن جي تهمت سهي سرمٿي
ليا ڪا مڙئي لوڪ لاهي تون لڏ
پٽئن پيچبازن کي پوندي پرک
صداقت منجهان سوڀ واري کي سڏ
مٺن منڪرن جي تون مولا مراد
حرامين جي هادي تون ٿو ٻيءَ جيئن ٿَڏِ
وڏي آهه محبوب منزل مقام
ڏکن ساڻ ڏورج وڏا ڏيهه ڏَڏِ
ڪڏهن پار پرين جي پهچيس پُري
همت آهه دم طلبگار تڏ
مدد ساڻ ملاح مهراڻ ۾
ڪو سالڪ کڻج ساڻ اونهيءَ اهڏ
کنيا بار برسر قبولي قريب
مڙئي ڪين منهنجي مداين جي مَڏِ
*
نالو نبيءَ ڪريم جو سهڻو سدا لذيذ
شيرين شهنشاهه جو سالم صفا لذيذ
يڪبار لفظ لا سندو مرسل مٺي مها
آندو عجيب ڪونه ڪو اشهد سوا لذيذ
سائل سوين سڌاريا هڪ نظر سان نبي
مدنيءَ مها ٿي نعم جي آڻي نِدا لذيذ
معراج مصطفى کي نافع ڪيو نصيب
موليٰ طفيل تنهن ڪيو عرش اعلى لذيذ
ياور يتيم ٿئڙو مهندار مرسلين
ڪلمو قرآن ڪڻس ڪئو آگي عطا لذيذ
مَقدس ۾ مرسلن سندو ازلي ٿيو امام
مالڪ مڙن جي مهند ڪيو مجتبى لذيذ
نبين پڙهي نياز سان نرمل پٺيان نماز
اهڙو پرين پيغمبر ٿيو پيشوا لذيذ
مجمع مڙي ڪيو ملڪن عرش عظيم تي
آئين اسان جي ڪاڻ تون شافع شفا لذيذ
ضلوات سربسر چئي ٿي سرور تي سڀين
محبت منجهان مڪيءَ کي ڪن مرحبا لذيذ
سردار مير سڀئي منزل ۾ ماڻيو
خيرالانام خوش لقا خيرالوريٰ لذيذ
جبريل جانشين ٿي موٽئو کان منتهى
رف رف طرف روان ٿيو رهبر هدى لذيذ
نرمل نبي جي خاطر سينگاريا فلڪ
خلوت ۾ خاص ڪوٺيو خالق خدا لذيذ
ظاهر منان نور کي عاصين لاءِ ڪيو اِلــٰھ
معبود محب کي ڪيو مشڪل ڪشا لذيذ
آگي ڏني امين کي ملڪن جي مالڪي
محبوب مصطفىصه
ٿيو معجز نما لذيذ
شافع مٺي جي شان ۾ صاحب چيو صريح
اخريت ائين الائيو موليٰ مها لذيذ
ثابت ثناخوان جا دلبر دستگير
مشڪل معاف ڪل ڪندو مَل مصطفىصه لذيذ
منان مدح گو کي هر لحظي ۾ حميد
ڏيندو عطا سان پنهنجي لائق لِوا لذيذ
هادي رسول هاشمي محشر ۾ ”مير“ کي
ڏيندو جناب هٿ وٺي جنت جزا لذيذ
ازلي امام عنصري ڪامل قيام ڏينهن
وريام وهر جي ڪندو توسان وفا لذيذ
ٿو ڦران سهڻن سندي ديوار، در جي آسپاس
جيئن ڪواڪب ٿا ڦرن قائم قمر جي آسپاس
ڪُو بڪو ڪوچه قريبن مير ٿيو منهنجو سدا
راست چپ ٿيو ناز پرورده نظر جي آسپاس
مال کان معمور ٿيا منعم مڙيئي مستفيد
سر فروشيءَ سان ڦرن ٿا سيم وزو جي آسپاس
خال جا خادم ٿيا خالي، مال ۽ ميراث کان
ٿا جڏا جالين جانب جلوه گر جي آسپاس
مون شهيد ناز ۽ مرقد مسافر جي مٿي
پير پائج پرت جا قاتل قبر جي آسپاس
دل هيين جا هوت ڏسندين پِئل ڪي پرزا پرين
شوخ دل شمشير ڪش شامل شهر جي آسپاس
مبتلا منهنجيءَ مثل پئندا شهادت جو ثواب
جي سينگاري سر کي آيا ستمگر جي آسپاس
داغ منهنجي دل مٿي سوراخ سيني ۾ سوين
جوش جا جيءَ ۾ جدائي جا جگر جي آسپاس
هم وطن منهنجا هم حيران هئا جي هيل سال
ماجرا تن مينهن جي ڪاري ڪڪر جي آسپاس
ٿو سڄڻ ساري ڪڻئي هي مير موٽيو هر مهل
ٿو ڪري آزيون ٿڪن جا ٿنڀ ٿر جي آسپاس
اکين جون لاهي اميدون ”عنصري“ آمين چئي
تڙ تراين تي پسي پاڻي پلر جي آسپاس
رقم عنصري
6_7_1947ع
از مڪان: ابراهيم ساند تعلقو ڇاڇرو
اندر جي آرزو ساري سڄڻ کي آئون سڻائيندس
نالو نيازي ناتو نينھن جو نيئي نڀائيندس
حسينن جي حسن جو هٿ ٻڌي چاڪر چوائيندس
اڳيان سرڪار سهڻن جي ڳچيءَ ڳل پاند پائيندس
مٽي پيرن جي پانيان لئي اکين اڪسير اعظم ٿو
خوشيءَ مان خاڪ قدمن کي اکين ۾ آزمائيندس
نتيجا نينھن جا سيني ۾ ۽ توشا تمنا جا
حبيبن کان سواءِ ٻي لوڪ کان لاشڪ لڪائيندس
شب ديدار تان دولت مڏيون ۽ مال سر صدقو
قريبن جي قدم تان مِلڪ لحظي ۾ لٽائيندس
وچين آءُ واٽ جي واري ٿو شوخن جي شفا ڀانئيان
کڻي آءُ خاص کهه خادم لڱن پنهنجن کي لائيندس
مٺا تنهنجون مڙئي مهربانيون ملڪ ۾ موٽيو
گداگر آءٌ گلي ڪوچه ۾ ڳالهيون ڇو نه ڳائيندس
مهل مشڪل ۽ سختي سوڙ ۾ سهڻا سندم سائين
سڄڻ سرڪار توکي آئون سوين ڀيرا ستائيندس
جڏهن پرچي سندي پاڙي ڪندو مل مير سان محفل
تڏهن محفل ۾ اي مهرُوار ڪلائيندس
جڏهن پرچيو سندي پاڙي ڪندو مل مير سان محفل
تڏهن محفل ۾ اي مھرو آرا ڪل لائيندس
اوهان سان عنصري جي آشنائي ازل کان آهي
اپر احسان عالي ۽ وڏا لک ڀال ڀائيندس
رقم عنصري 6_7_1347هه
از مڪان: ابراهيم ساند ڇاڇرو
|
ڪجان طلب مان تاجور جي تلاش
وڏي جوش مان جلوه گر جي تلاش
رهج رات ڏينهن هوت جي حال تي
نسوري نحس رک نظر جي تلاش
هجي هوت مونتي مٺو مهربان
رکان من ۾ محڪم مهر جي تلاش
گهران دوست ديدار ٿو دلربا
نه ظاهر ذري مون کي زر جي تلاش
سٺيم موج مهراڻ جي مهلقا
ٿي غواص کي دم گُهَر جي تلاش
ٻڌم صاف سندرو سلامت صحيح
منجهان ذوق ٿي زيبور جي تلاش
مٺا محب جاني هيين جا حبيب
ٿي دربان کي دوست در جي تلاش |
آهي ”عنصري“ عجيبن انجام
منجهان حب هيڻي حشر جي تلاش
سرو بالا سيم تن سهڻا صنوبر شادباش
دلربا دلدار جاني دوست دلبر شادباش
نازنين نور البشر پاڪيزه رُو منھنجا پرين
پاڪ تن پارس مٺا پينار پرور شادباش
نظر سان عالم نمائي ملڪ کي تو ڪيو مطيع
جمله موجودات جا غازي غضنفر شادباش
خُوبرُو توکي خلق مھتاب چئي ٿي مرحبا
شاهه خوبين جا سڄڻ سرتاج سرور شادباش
ناز تنهنجي ڪئي نماني نينھن وارا سرنگون
نازنين نازي بدن اي نور نادر شادباش
جان جا، جئ جا، جگر جا، دل سندا دلخواه دوست
ساهه جا، سرجا سندا، سي جند جا جوهر شادباش
اکين جا آرام خوشتر منهنجي خاطر جا خليل
اي هيين جا هوت حامي محب مھتر شادباش
ناز جا بيحد نزاڪت جا سوين تو وٽ سپاه
فتح جون فوجون هزارين لک لشڪر شادباش
حسن جي حملي هڻي، فرمان ۾ آندا ڦريل
بي غرض، بالا نشين، بيشڪ بھادر شادباش
مدح گو محوب جا، مملوڪ محسن جا مريد
شادمان شيرين شائق، شاه شاعر شادباش
”مير“ من ڪُلُ الوجوح، اي عنصري آبادباش
هيئن چئج منھنجا پرين، عاشق جا افسر شادباش
آهه منهنجو عجيب سان اخلاص
محب مشڪل ڪشا جو دم خاص
نينهن نشي ۾ نماز کان قائم
روز شب رمز ۾ رباب رفاص
قرب جا قيد پئا پيرن ۾
خاڪپاءِ ڪيئن ٿي خدام خاص
هڪ نه مونکي ملي محب مهميز
بلڪ آهين مون جها اشخاص
جي پرين اڄ ٿين پسھه پورا
ڪين ڪامل وٺان قريب قصاص
پرين توسان هجان پرت پورو
منجهه محبت هجان غرق غواص
صاف وعدو سچو سپرين جو
مير محبوب جو اُتم ارهاص
العبد العنصري عفي عنھ 23 جمادي الثاني 1346هه
ابراهيم ساند
غمديده جان دل سندي درمان جو غرض
مون کي عجيب يار جي احسان جو غرض
پيرِ مغان پيار ڪو پيالو پيالو ڪري
مون کي مدام محفل مردان جو غرض
ساقي شراب ده ز مجروح دل رسان
مست صبح کي آ رهيو ميخان جو غرض
بلبل رساءِ بره جي بستان سرا جي بوءِ
نت نت نيازمند کي نالان جو غرض
سالم صبا صبوح جو
مژده
ملاءِ ڪا
محبوب مشڪبوءِ جي مهمان جو غرض
ديدار دوست جو ٿئي ناقص کي شل نصيب
بيڪار بيزار کي بستان جو غرض
محشر ۾ محب ساڻ هجان هم نشين هميشه
آهي عبث ٿئو روضھء رضوان جو غرض
همراز هوت ساڻ قيامت ۾ هي ڪمينه
هردم هجي نه غلغله غلمان جو غرض
مهروءَ مشڪبوءِ جي ٿي مهر جي اڄ مهر
ناهي نياز مند کي نقصان جو غرض
ڪشتھء اوهان جي قرب جا مشتاق ٿيا مزيد
ڪاڪل قريب يار جي قربان جو غرض
حاضر غلام هر گهڙيءَ ۾ گفتار لئه غريب
هردم فدا کي فڪر ۾ فرمان جو غرض
رهزن رقيب ڇو رکين خسته خراب دل
دلخواهه کي دوام ٿيو دربان جو غرض
ويري وئين وصال کان ڪاذب ٿيئين قبيح
اغيار گهر الله کان ايمان جو غرض
لعنت مٿي لئيم ٿي لحظي ۾ لک دفعه
مون کي ته مھ لقا جو ۽ مَنّان جو غرض
غافل رکن ٿا ڪين ڪو غمگين جو لحاظ
مردود ڪو نه ٿا رکن ڪو مسڪين جو لحاظ
پئسن جي پائمال ڪئا ماڻهو مڙئي مريد
خُد خوب خوش رکن ٿا خود بين جو لحاظ
عاجز غريب جو اچي سائل هڻي صدا
ڪنهن کي ٿئي تنهنجي ٿو تسڪين جو لحاظ
بي زر غريب کي ڪين ڪو پڇي ٿو هتي
سڀ هنڌ رواج صاحب خورزين جو لحاظ
اڄ ڪلهه ته ٿي ويو آ زماني جو هي حال
نيڪن کان نڪ مروڙ ۽ بي دين جو لحاظ
موذي مُٺي جي منهن مٿي مولا وجهي مِٽي
جنهن کي نه ”عنصري“ سندي ارمان جو لحاظ
غفار آ غريب جو هر دم خدا حفيظ
دنيا ۾ در بدر ٿئو گولو گدا حفيظ
منعم مذاق مون جِھي مسڪين تي مدام
جائز رکن ٿا جابجا جاهل جفا حفيظ
بلڪل ته بينواءَ کي سمجهن پيا حقير
چرچا چٿر هميشه ٿا ڄاڻن هنيا حفيظ
پئسن جي پائمال ڪئا منعم مڙئي مريد
عياش عيش ۾ ٿو وٺي مڙ مزا حفيظ
راتو ڏينهان ٿا روح اندر روپيه رهن
دولت دلبر ٿي ڪري دائم دوتا حفيظ
مفلس ٿئي ته مسخري مغرور ڪن مڙئي
منهن تي رکن مباح ٿا گانڊو گِلا حفيظ
دولت وندا ڌيان ڪو دل ۾ ڌريو نٿا
ثابت اسان جي سر مٿي قادر قضا حفيظ
غافل شان غرور ۾ مردود پيا منجهي
بي رحم بي حيا مٿي بازي بلا حفيظ
مون کي انهيءَ مثل جي تصديق ٿي تمام
پسئن ڀريا عزير جي ڀائر ڀلا حفيظ
قسمت سان ڏينهن ڪيترا مون قيد ۾ ڪٽئا
پئسه پرمست جي هئا مائٽ مٺا حفيظ
مزدور جي مثال ٿي ڀانيوم ڀائرن
نوڪر نياز مند ٿي سمڌا صفا حفيظ
دنيا سڄيءِ جي دور جو وٺ ”مير“ ايءُ مثال
دولت مڙئي ٿي عزيز جي مشڪل ڪشا حفيظ
آگو الله ”عنصري“ معبود مھربان
هر دم هميشه شل هجي مَل مصطفى حفيظ
خلوت گزين مون ڪرين فتاح فضل سين
ڪلمي مهابي جَهَلَ کان، ڪرين جدا حفيظ
مھر پرور مون پرين رک هوت هيڻن جو لحاظ
قرب مان ڪامل مٺا ڪو دم ڪميڻن جو لحاظ
رک پرين هٿ ٻاجهه جا ٻانهي مٿي ٻيھر ٻئي
بي ريا ڌارين نه ڇو دم جي نصيبن جو لحاظ
دردمندن جو دل ۾ هوت ٿو آڻين حجاب
قرب وارن ڪيترو آهي عجيبن جو لحاظ
شھسوارن کي سدائين شوق ٿو شاهي رهي
ان غنوديءَ مان نه ڪن ٿا ڪو غريبن جو لحاظ
برهه جي بيمار کي خاطر ۾ ڏس ڪيڏو خيال
بِالفرض بيمار کي توڙان طبيبن جو لحاظ
هن اڃايل عشق جي کي وصل جو پاڻي پيار
ٿي ڪشش ڪامل رکي ڪيڏو قريبن جو لحاظ
برگِ گل سرسبز تي گهري ڏسي هي گفتگو
وا! مخالف ڪونه آندو عَندَلِيبُن جو لحاظ
منجهه اکين آرام تائين ڏينهن قيامت جي ڪڏهن
رب جي نالي نه رک رهزن رقيبن جو لحاظ
”مير“ تو تي مھ لقا محبوب ٿيندو مھربان
”عنصري“ عاجز پرين رکندو اديبن جو لحاظ
بي مزه بي نواءِ جو اڄ باغ
چربه گين چاپلوس جو ته چراغ
ننگ ناموس کي هو ناحق بين
دشمني ساڻ درز ڏين ٿا داغ
عشق وارن جي آهه، آتش جيئن
ٿي ڏنڀي ڏيل دشمنن جا داغ
يادگيري کان يار جي يڪدم
ڪجهه فڪر مان نٿي مليو فراغ
بلبلن جي ڏسي بهاري اڄ
ذوق ڪن ٿا زبون ظالم زاغ
دوست منهنجو ڏسو مڙئي مشتاق
بره وارن کي بالغرض ٿيو بلاغ
”عنصري“ چئو عدو کي ڀَلِ ابليس
ڪم نسل قُرطبان قُم ڪلاغ
سندم آهه خوشتي خيالي دماغ
لياقت ڀريو لاَ اُبالِي دماغ
ڪڏهن مغز مرڳو مذبذب رهي
ڪڏهن قيمتي چئي قوالي دماغ
ڪڏهن خال خويان جو خدمتگذار
ڪڏهن ذڪر چئي ذوالجلالي دماغ
ڪڏهن چاههِ غبغب ۾ غرقان آهه
بره ۾ بديع الجمالي دماغ
ڪڏهن بي گمان آهه بدرالجمال
بره مند بنده بلالي دماغ
ڪڏهن مير جي تيز تيغِ زبان
رکي رسم نازڪ نرالي دماغ
عجب ”عنصري“ آهه طبع رسان
گدا شاهه گاھے
سوالي دماغ
الراقم المعرف مير محمد عنصري عفي عنه
ازم مڪان: ابراهيم ساند
مورخ 25_8_47هه
سڀ سٺا مونکي سڄڻ جا صاف اڄ آهين سک
دور ڪئا دل جا مڙئي ديدار سان دلخواهه دک
گلشن و گلزار ۾ عياش آهي عندليب
بره واري ”بي“ رکي اڄ باغ ۾ آهي برک
سو وڏيون سختيون سفر جون محو ٿيون مجني مٿان
لطف سان ليلى مڙئي لحظي ۾ لاٿو ڏيل ڏک
رهه نمائي ساڻ رهبر عشق وارن تان عذاب
دوست ڪئا ديدار سان آسان مڙئي ايذاءَ اهک
هم نشين سان حذف ٿئڙا مرض مڙ مشتاق جا
برهه وارن جي بدن تان وئي لهي لاچار لک
عيب جوُ اغيار ڇو تون حسد ۾ آهين هلاڪ
ڪي چواني چلولاتون چاپلوسا چور چکُ
مون مٿي مهندار جاني محب آهي مهربان
ڇو هنيا مارين حراسين ٿو جڏا جولان جک
آئون وجهان ور ور ڏيو منڪر سندءَ منهن تي مٽي
ملڪ سڀ مردار تو تي روبرو ڍاري تو رک
آئون چوان آمين ٿو ڏينهن رات ۾ ڏهه ڏهه دفعا
حب ۾ هڪدم نه پئي ڪو قرب وچ۾ ڪوڙ ڪک
دل خرافيءَ سان ڏجان دلبر دلاسا دستگير
جيئن نه پئي منهنجا پرين ڪا پرت ۾ اوکي پرک
لڳ خدا لاٿئي لڱن تان عشق جو آگم عجيب
”عنصري“ آهي عدم ٿي روح تان رنجن جي رک
ڪئين هلئا ڪوڏا ٻڌي سنسار ۾ سردار سانگ
”ڪل نفس“ جي ڏئي ڪن ۾ ويو ڪو تن کي ٻانگ
ڪئين سڪندر سوڀ وارا موت ماري ڪئا مطيع
قرب جا جن جي مٿي ، ڪوڙين اڏيا ٿي ڪالهه ڪانگ
ٿي ڪڏيا ڪيڪان جن، حشمت منجهان هسوار سڀ
مڙن جي مقصد سندي ڏس، موت ٽوڙي آهه مانگ
جن سمند ڌاريا سٺا سنجانب ابلق آبدار
ٿيا مڙئي مدفون سي جن لاڏ مان واري ٿي لانگ
امر کان اڳ پوءِ نه ٿيو ان اجھَلهُم آگي انجام
من سندي جن جي مٿي ۾ هئي دنيا جي تانگ
عيش پرور لئه ڪيو آگي عَذَابُ النَّارِ آهه
ڏمر جا ڏيندو ڏوهارين ڏوهه کان نروار نانگ
”عنصري“ کي ڏي امن آگا اِلٰہ العالَمين
عبث ابليسن ڪنا ڇيهن ڀري آ جن جي ڇانگ
مون لنڊيءَ کي لک دفعا ساجن ڏنو آهي سهاڳ
هئو اصل کان عاشقن جو سربسر سالم سڀاڳ
دل شڪسته جي دوا داخل هئي ديدار ۾
جا ويچاري ور ڏئو لائق مٿان گهوري ٿي لاڳ
منهن مٿي ماڻهن سندي، محبت جا ماڻي ٿي مزا
همنشينيءَ ساڻ هوتن، چت گهرئا چؤطرف چاڳ
بخت تنهن بيدار ٿئو ۽ ننڊ ناقص ٿي نفي
ان توڪل جي طفيلي نحس ٿيو آهي نڀاڳ
مرڻ سيئن مهندار سان ڪي قرب جا ڀريان قدم
خاڪپاءِ جو شل کلئو ڀل بخت جو هوئس ڀاڳ
مون اڳيان مختيار جو ذاڪر گهڻو ڪر هو ذڪر
روح منهنجي کي وڻي ٿو رمز وارو روپ راڳ
سَوَ سلامي ٿيا سڄڻ کي شوق مان شاهه و گدا
مور ڪنهن کي مس لڀي ٿو منزلِ مقصود ماڳ
مير تو تي محب جا هوندا هميشه هٿ ٻئي
مرڻ سيئن محبوب جي وٺ ”عنصري“ وهواه واڳ
29 جمادي الثاني 1346هه
*
غم ۾ فراق ۾ ٿو سڄڻ پنهنجو ساريان
هَيُھَاتَ هنجهون هجر ۾ هر هر ٿو هاريان
محبت جا مقامات مون ڏوري سڀئي ڏٺا
ساجن سوا ٻئو ملڪ ٿو ناحق نهاريان
قسمت ۾ يا نصيب ۾ واليءَ لکئو وصال
يا مفت محنتن ۾ غمن ۾ گذاريان
باد نسيم نازنين سهڻو سقيم کي
ٿو ياد ڪري ياڪِ گنگهر ۾ ٿو گهاريان
رهبر جي راست باز تي راضي ٿئي رهنما
سرساهه سان مان سَوَ دفعا سيڄون سنواريان
محبت مان مهه لقا کي حاضر چوان حبيب
هر ويل وقت هوت کي ساريان سنڀاريان
بي يار بينوا کي دولت دنيا ۾ ناهه
ڪنهن پر ڪري طبع جا وعدا وساريان
پلپل آءٌ پَري چھره کي سڪ مان ٿو سڏ ڪريان
تاڙن جي مثل طلب مان تهدل تنواريان
دل کي آئون درد داغ ۾ ٿو دلاسا ڏيان دروغ
دلگير جان ٿو دل مان دم دم ڌتاريان
اي عملدار عشق جي خوني خراج ۾
بوس و ڪنار عيش ۾ ڪنهن کان اڌاريان
هر هر هجر کي حال هيين تان هميشه ڪيئن
اي مير پنهنجي من مٿان ٽارئو آءٌ ٽاريان
هر مهل وضعدار جا احسان ”عنصري“
ڪامل پرين جا ڪيئن مان اندر مان اتاريان
سهڻي کي حسن سونهن جا سامان نوان نوان
نازڪ بدن کي ناز جا نيشان نوان نوان
حيرت فزاءِ هنر حسينن کي ٿيا حصول
حسرت ۾ ڪن هيين کي ٿا حيران نوان نوان
نازڪ نظاره سرمگين سهڻو سڀن کان ٿيو
مشتاق ٿين مڙ پيا مستان نوان نوان
ڪمل البصر قريب جي اکين ۾ ٿيو عجيب
جنسار جلوه دار ڪئا جانان نوان نوان
چشمان سياه چست جي چنبي ۾ ٿا چون
قابل جي قدردان مڙ قربان نوان نوان
پسئو پرينءَ کي درد ۾ داخل ٿين دلير
عبرت پذير عشق ۾ ارمان نوان نوان
شاهي هلي ڪنهن جي شجاعت ٿي شوخ سان
منجهيو پون ٿا مرد جو ميدان نوان نوان
قائل ٿين ٿا ڪيترا قابل اڳيان قريب
حاڪم، حڪيم، هنر، حڪمران نوان نوان
ڏسجن ٿا سو سڪندري طالع وندا تلف
سرتاج شان شاهي سليمان نوان نوان
ڪوچئه گلي ۾ حڪمتي هوشيار هنرمند
در تي وڏا دلير ٿيا دربان نوان نوان
عاشق امير عشق ۾ آيا جي ”عنصري“
تن سان وڏا ٿيا عشق ۾ احسان نوان نوان
مير محمد عنصري عفي عنه
ازمڪان: ابراهيم ساند
ابتا ڏيکاري رنگ مقدر نوان نوان
مامور مون کي پنهنجا مقرر نوان نوان
ابرو هِلال يار جو تيغ و سنان کان تيز
خادم جي لئه کڙا ٿيا خنجر نوان نوان
جور و جفا ٿئو جان جڏيءَ لاءِ جلوه گر
سرڪش ستم ڪئا مون تي ستم گر نوان نوان
اقرار جي عوض ۾ انڪار جا اکر
گلرنگ کان ٻڌن ٿا گداگر نوان نوان
مژگان
تير قوس جي زه کان ظهور ٿيا
صياد سنگدل جا نشانبر نوان نوان
شام و صبوح شوخ چشم جو شڪار ٿئس
حملا پسائي حسن ٿو هر هر نوان نوان
هٿ کان حبيب هوت جي ڪراماتي ڪرشمه
ذرذر ٿين ٿا ضوفشان ظاهر نوان نوان
ڪوڙين انهيءَ قطار ۾ ظاهر ٿيا درخشان
قابل وڏا ڪبير قلندر نوان نوان
مون کي سڄڻ سيکاريا محبت جا مرتبا
مضمون ڪريان ٿو ڪيترا مظھر نوان نوان
پسند ين گهڻا تون پائبوس کان قابل قسم گهڻا
درد و الم جا داغ جا دفتر نوان نوان
چالاڪ چوم گير تون مفتون مريض کان
سکندين هزارين داستان ديگر نوان نوان
تحفا جي بحر باهه جا احسان عشق جا
تيغ زبان گڏ ڪيا گوهر نوان نوان
ساقي شراب عشق ۾ شيرين وصال جا
سر شار کي پيار تون ساغر نوان نوان
محروم مير کي ڪندين قاتل تون ڪيترو
ڏيکار ناز نوبنو نادر نوان نوان
ابيات عنصري جا عديم المثل ٿيا
راسخ رديف رهنما رهبر نوان نوان
ازدست عنصري عفي عنه
مورخه 3_7_47هه ازکان ابراهيم ساند ڇاڇرو
*
هر هر ڏسان ٿو جابجا جلوه جناب جو،
ظاهر چکان ٿو ذائقو، عاشق عذاب جو.
مون کي شڪار شوخ چشم شهسوار ڪيو،
ڪنهن کي ٻڌايان حال هي حسرت حساب جو.
رخسار تي ڪيو رازدان سمسم سياه کي،
خوني چوان سو خال، يا نقطو ڪتاب جو.
سنبل چوان يا نرگس، شهلا چوان يا ڇا؟
نازڪ نظارو نوبنو ئي، نيم خواب جو،
جادو چوان جمال ڪِ صورت پري ڪِ حور،
نازڪ بدن يا نور يا غنچو گلاب جو.
لب کي چوان آئون لعل يا غنچو چوان عقيق،
آتش چوان يا مي مزه شيرين شراب جو.
دل کي چوان آئون داغ يا، خسته خراب دل،
قربان چوان ڪِ ياوري قيمون ڪباب جو.
الحان خوش بيان جي گفتي کي ڇا چوان؟
طوطي زبان يا چوان رخنو رباب جو.
مطلب ته موهي مست ڪئو مون کي ميان مُوءِ،
ارمان عشق آه ڪئو خانه خراب جو.
پهرين پسائي ناز، رهن ٿا پوءِ رُوءِ پوش،
قاتل ٿا قربدار سڀ ڪم ڪن قصاب جو.
بيوس ٿا بردبار ڪن، فرياد في الفراق،
جن کي نياز آهه ٿيو، نُورُالمَآب جو.
مهروءِ جو مير آهه ٿيو نوڪر نيازمند،
ٻانهيءَ جو ٻار بنده بس بوتراب جو.
دامن ۾ جنهن جي دست تو، داخل ڪئو داغدار،
ڏيندءِ اوڀالو ”عنصري“ آخر عتاب جو.
25 ذولحج 1347هه
از مڪان: ابراهيم ساند
زلف دوتا کي يار جي سنبل نه چوان ڇو
ڪارا ڪنڍا قريب جا ڪاڪل نه چوان ڇو؟
مارِ سيه کي دام دلين جو چئي وري،
گيسو دراز محب مسلسل نه چوان ڇو؟
خدمتگذار جانِ جا ايران ۽ عرب
ڪشمير ۽ قنڌار يا ڪابل نه چوان ڇو؟
دل ۾ جگر ۾ جان ۾ يا ساهه ۾ سندم
دلبر جو دست دلڪشا داخل نه چوان ڇو؟
اهڙي عجيب يار جي ساراهه سو دفعه
پابوس آئون پرين جي پلپل نه چوان ڇو؟
سورن جا، سوز جا، ۽ جگر جا فراق جا
مڪتوب محبتن جا مُفَصَّل نه چوان ڇو؟
عاشق کي آبريزي ۽ صابر سڀين پرين
محبت جو بردبار تحمل نه چوان ڇو؟
ديوث ديو دُز وڏي دشمن کي دل منجهان
ملعون کي مردود ۽ مُعَجِّل نه چوان ڇو؟
عابد اڳيان ٿي عشق جي تسبيح برطرف
بي درد کي آءٌ برهه کان باطل نه چوان ڇو؟
سادات شرفدار ”ميان شاه“ ”محمد حسن“
باغ نبي جو تنهن کي آئون گل ڦل نه چوان ڇو؟
مر سور ۾ سڙي ته نبي سَرَ ۾ نا خلف
ديگر جي درد ۾ ڀري سا دل نه چوان ڇو؟
ڪر مير جي مٺا پرين جايون تون جان ۾
عالم کان ڪيئن اوهان کي اول نه چوان ڇو؟
الفت کي ”عنصري“ ڇو نعمت جا خوشنصيب
هر دور ۾ حبيب جي، حاصل نه چوان ڇو؟
26 جمادي الااول1347هه
از مڪان: ابراهيم ساند
ڇاڇرو ٿرپارڪر
بتڙئي بيڪار باطل، ٿي عدم وئا آذري،
رمزان رخسار کان، پرده گزين آهي پري.
حُسن ان مان حور کي ڪجهه زيب جي ناهي ذري،
سَئو ثناگر، صفت چئي، مذڪور ان ۾ ويا مري.
اي مٺا، منھنجا محب! لائق مٿي لڳ خدا،
غلط گوئي تي ڌريجا، مھرپوش مھتري.
خاڪ پا خونِ جگر سان ناظرينو، هي نوشت،
غنچئه اِسرار، گلدستھء امانت ’عنصري‘.
-----
سور ۽ سختيون ڪيئي، مون کي مٺا منظور ٻئي،
مون قبوليا قرب مان، ساجن سندئي هي سور ٻئي.
عنصري ان ڳالھه کان، ارمان ڇو آڻين عبث،
غم الم غافل ڪندئي، مڙ مھ لقا مغفور ٻئي.
دوست ڪنھن دلگير کان، جيئري جدائي ڇو ڪجي؟
پاءِ جو سن کان پرين هيئن، پر پرائي ڇو ڪجي؟ |