باب اٺون
١٨٤٣ع ۾، ملڪ، معظم جي سالگرھھ جي موقعي
تي، سر چارلس نيپئر جي درٻار پوليس جو
انتظام سردارن ۽ وڏن زميندارن کي ڪوٺ،
نيپئر جو نائونمل سان اڻسھائيندڙ برتاءُ
ڊپٽي ڪليڪٽر جي عھدي تيان استعيفا لٽ مار،
ھڪ پارسيءَ جو قتل سکرامداس جو قاتلن کي
گرفتار ڪرڻ، نائونمل جي سفارشين تي ديواني
عملدارن جو تقرر، ديوان چنديرام تي
فوجداري مقدمو، نائونمل ۽ ھن جي عزيزن کي
دڙڪا، صدر بزار وارين جڳھين جو ڪيرائڻ،
عالومل جي پيدئش ١٨٤٦ع، نائونمل ۾ شڪ،
خزاني موڪلڻ ۾ گھوٻين جو الزام، باعزت
رھائي، خانگي بٺيءَ جو بند ڪرائڻ، بيماري،
سر چارلس نيپئر جي روانگي ٿيڻ.
ٿورن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ، سر چارلس نيپئر
مون ڏي لکيو تھ مان ٢٤ مئي ١٨٤٣ع جي،
حيدرآباد ۾ درٻار ڪندس ۽ فقط انھن
جاگيردارن کي زمينن جي قبضي رکڻ جي اجازت
ڏني ويندي جيڪي درٻار ۾ شامل ٿيندا، باقي
ٻين
جون جاگيرون ضبط ڪيون
وينديون. درٻار ۾ شامل ٿيڻ ھر معزز ۽
باوقار شھريءَ جو فرض آھي. ڪئپٽن پريڊيءَ
مون تي بار رکيو تھ سمنڊ کان وٺي ڪاڇي ۽
لاڙڪاڻي تائين، سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ واري
علاقي جي سڀني سردارن، جاگيردارن ۽ معزز
ماڻھن کي درٻار جو اطلاع ڏي. چنانچ دربار
لاءِ دعوتناما موڪلڻ ۽ ٻيو ضروري انتظام
منھنجي حوالي ڪيو ويو. انھيءَ وچ ۾
ليفٽيننٽ گورنر، سر چارلس نيپئر، سنڌ جي
پوليس جي محڪمي
کي ترتيب ڏيئي، سارو
عملو، ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو. اھڙي طرح سڄو
صوبو ماليھ جي لحاظ کان بھ ٽن حصن ۾
ورھايو ھئائين. پنجويھين پلٽڻ جي
ليفٽيننٽ، مارسٽن
کي ڪراچي پوليس جو
سربراھھ مقرر ڪيو ويو. ياد رھي تھ
ليفٽيننٽ مارسٽن، سر چارلس نيپئر کي
مياڻيءَ جي لڙائيءَ ۾ ھڪ سر ڦريل ٻروچ جي
حملي کان بچائي، پنھنجي بھادريءَ جو ثبوت
ڏنو ھو. مارسٽن ٿوري وقت کان پوءِ،
ڪراچيءَ پھچي ويو. ھو ڪئپٽن پريڊيءَ وٽ
رھندو ھو، جنھن جو بھ ساڳيءَ پلٽڻ سان
واسطو ھو. ليفٽيننٽ مارسٽن، جڏھن پوليس جي
محڪمي جي سربراھيءَ لاءِ آيو تڏھن ان وقت
ارڙھن ورھين جي مس ٿي لڳو. ڪئپٽن پريڊيءَ
۽ ليفٽيننٽ مارسٽن، ٢٥ پلٽڻ جي چوڌري شيخ
غلام حسين کي، ڪراچيءَ جي فوجدار جي عھدي
تي مقرر ڪيو. سر چارلس نيپئر جي
سيڪريٽريءَ، برائون جي ننڍي ڀاءُ کي
ساريءَ سنڌ جي پوليس جي محڪمي جو سربراھھ
مقرر ڪيو ويو.
مون درٻار جا اطلاع، پنھنجن ماڻھن ھٿان
موڪليا. جوکين جي سردار جام مھرعليءَ،
ڪرمتين جي چڱي مڙس ملڪ ابراھيم خان ۽
نومڙين جي چڱي مڙس ملڪ احمد خان ھڪدم دعوت
قبول ڪئي. ڪيترا دعوتناما سيوھڻ ۽ ڪاڇي جي
چڱن مڙسن ۽ سردارن جھڙوڪ: رندن جو سردار،
بھاول خان، گبولن جو سردا، بلندو خان،
ڪاڇي جو سردار، حاجي خان لغاري، جمالين جو
سردار، بخشيو خان ۽ جھانگارن واري سيد
قائم شاھھ ڏانھن خاص ڪري موڪليا ويا ھئا.
انھن لکيو تھ ”اسان کي درٻار ۾ اچي انگريز
سرڪار جي اطاعت ڪرڻ جو تمام گھڻو فڪر آھي،
پر وقت تمام ٿورو آھي. انتھائي ڪوشش جي
باوجود جي اسان وقت تي درٻار ۾ شريڪ نھ ٿي
سگھون، تھ اسان جي استدعا آھي تھ اسان کي
انگريزن جي رعيت ۾ شمار ڪيو وڃي. چانڊڪيءَ
جي سردارن لکيو تھ ”اسان جا فصل لاباري
لاءِ تيار بيٺا آھن، تنھنڪري اسان جو نڪرڻ
محال آھي. پر اسان کي انگريز سرڪار جي
حڪومت قبول آھي، ۽ لابارن کان پوءِ اسان
پھرين موقعي تي حاضر ٿي اطاعت ڪنداسين.“
آءٌ ۽ ڪئپٽن پريڊي، جيڪي سردار ۽ سرخيل
ڪراچيءَ آيا ھئا، تن سان گڏجي حيدرآباد
روانا ٿياسين. رستي تي اسان ٺٽي ۾
”انگريزن جي ماڙي“ نالي ھڪ جاءِ ۾
ترسياسين. مان جاءِ جي ھڪڙي طرف رھيس ۽
ڪئپٽن پريڊي ٻئي پاسي. ٺٽو ان وقت مذھبي
جنون جو گھر ھو. اتي اڃان ڪو مختيارڪار
مقرر ڪونھ ٿيو. ھو. ڪئپٽن پريڊيءَ منھنجي
مشوري تي، ٺٽي جي ٻن وڏن واپارين ۽ بااثر
شخصن، ھڪ ھندو آسومل ۽ ٻيو مسلمان محمد
صالح کي اتان جو گڏيل مختيار ڪار نامزد
ڪيو. ٺٽي کان اسان جھرڪن وياسين، جتي مسٽر
مئٿيو ڊپٽي ڪليڪٽر ھو، پوءِ اتان حيدرآباد
روانا ٿياسين ڪئپٽن پريڊي، قلعي ۾ مسٽر
برائون سان رھيو ۽ مون کي بھ قلعي ۾ رھايو
ويو. مون کي وڏي اميد ھئي تھ سر چارلس
نيپئر مون کي منھنجن اھم ۽ مسلسل خدمتن جي
ڪري، خاص طرح امتياز سان نوازيندو.
اسان مئي مھيني جي ٢٣ تاريخ حيدرآباد
پھتاسين. درٻار ٻئي ڏينھن ٿي. ان ۾ خيرپور
جو مير عليمراد بھ شريڪ ٿيو. ھو پاڻ سان
لاڙڪاڻي مان چانڊين جي سرخيل، ولي محمد کي
قيد ڪري وٺي آيو ھو. پر پوءِ ھن انگريز
سرڪار جي اطاعت قبول ڪئي ۽ سر چارلس نيپئر
کيس آزاد ڪري ڇڏيو. جڏھن ڪئپٽن پريڊيءَ جو
تعارف ڪرايو ويو تھ ان وقت مان بھ نياز
ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺس. پر چارلس نيپئر مون کي
غضبناڪ نظرن سان نھاري، ڪئپٽن پريڊيءَ ڏي
منھن ڪري ھن کي ڪجھھ انگريزيءَ ۾ چيائين،
جنھن جو مقصد ھو تھ ڪراچي پوليس جي
سربراھھ ليفٽيننٽ مارسٽن،
ھن جي خلاف شڪايت ڪئي آھي تھ ھي ڪراچيءَ ۾
جيڪي ڪاٺيون اچن ٿيون، سي سڀ خريد ڪري،
ماڻھن کي دک ۽ تڪليف ٿو پھچائي. چارلس
نيپئر خود ھڪ نيڪ، عالي منش ھو، پر ساڳئي
وقت ھو ساده لوه بھ ھو، ۽ ھندستاني ڪانھ
ڄاڻندو ھو. مون جواب ۾ ڪئپٽن پريڊيءَ کي
عرض ڪيو تھ صاحب کي ٻڌاءِ تھ اسان بندر تي
بيٺل انگريزن جي جھازن، آگبوٽن ۽ فوج جي
رسد واري محڪمي لاءِ ڪاٺيون خريد ڪندا
آھيون. مون سمجھيو تھ ڪنھن فتنھ انگيز
ماڻھوءَ، ليفٽيننٽ مارسٽن جي
ناتجربيڪاريءَ ۾ اڻواقفيت جو فائدو وٺي،
ھن کي برغلائي کانئس منھنجي خلاف شڪايت
ڪرائي آھي. اھا ڳالھھ مون ڪئپٽن پريڊيءَ
سان پڻ ڪئي. ھن کي انھيءَ معاملي جي ذاتي
خبر ھئي، تنھنڪري ھو سر چارلس نيپئرکي
چڱيءَ طرح سمجھائي سگھيو. پر ان ڳالھھ تي
مون کي ضرور ڏک ٿيو، تھ ڪيئن پرڊيءَ ڪيترا
دفعا سر چارلس نيپئر کي منھنجن گوناگون
خدمتن لکيل رپورٽون موڪليون ھيون پر تنھن
ھوندي بھ ھن کليءَ درٻار ۾ مون تي ھڪ خسيس
۽ معمولي ڳالھھ جي باري ۾ الزام لڳائيندي
ويرم ڪانھ ڪئي. مون دل ۾ چيو تھ ھي منھنجي
محنت ۽ ڪشالي جو سلو آھي. مون کي سر چارلس
نيپئر جي نيڪ دليءَ ۽ ساده لوحيءَ تي سخت
تعجب ٿيو. مون کي معلوم ٿيو تھ برائون
(وڏو) ۽ منشي علي اڪبر جو سرچارلس نيپئر
تي وڏو اثر ھو. درٻار کان پو٣ سڀني کي عام
رخصت ڏني وئي ۽ ٻئي ڏينھن ٢٥ تاريخ مئي جي
اسان گدوبندر وياسين. گدوبندر مان اسان ھڪ
سرڪاري آگبوٽ ۾ چڙھي ٺٽي وياسين. جتان
خشڪيءَ رستي ڪراچيءَ موٽي آياسين. ڪراچيءَ
۾ پھچڻ شرط ڪئپٽن پريڊيءَ، ليفٽيننٽ
مارسٽن کان پڇيو تھ ”ھيءَ شڪايت ڇا جي
بناء تي ڪئي اٿئي؟“ جواب ڏنائين تھ ”مان
نئون ھوس ۽ حقيقتن جي ذاتي خبر ڪانھ ھيم.
مون سان شيخ غلام حسين فوجدار ۽
خوشحالراءِ پنجابيءَ اھي خيرون ڪيون ھيون.
توھان بھ ھتي ڪونھ ھئو، تنھنڪري مون
سرچارلس نيپئر سان شڪايت ڪئي.“ اھڙيءَ ريت
مارسٽن پنھنجي تڪڙي قدم تي پڇتاءُ جو
اظھار تھ ڪيو، پر مون کي پوءِ خاطري ٿي تھ
اھا شڪايت عداوت جي بناء تي ڪئي وئي ھئي.
سنڌ ۾ غارتگري ۽ تشدد بند ڪين ٿيا. ماڻھن
کي جان ۽ مال جي خطري جو انديشو وڌڻ لڳو.
گھوڙاٻاريءَ طرف ميرن جو کجمتدار
(خدمتگار) سرڪاري ان جو ڀانڊو
جنھن ۾ چار ھزار خرار
ان رکيل ھو، ڦري پاڻ
کي ان علاقي جو حاڪم سڏائڻ لڳو. مانجھندن
طرف کوسن سنڌونديءَ جي ڪپ سان لٽ مار شروع
ڪري ڏني. ١٨٤٣ع ۾ گجي وٽ ھڪڙي پارسي
واپاريءَ کي، جيڪو ھڪ پانجيءَ ۾ ٺٽي ٿي
ويو، ان تي ڪيترن ٻروچن حملو ڪري، کيس
ماري ڇڏيو. ۽ ھن جو مال پڻ لٽي کڻي ويا.
ڪئپٽن پريڊيءَ کي خيال ھو تھ روينيو کاتي
جي تنظيم ڪري، ضلعي ۾ مختيار ڪار مقرر
ڪجن، پر ھو ڪجھھ نھ ڪري سگھيو، ڇاڪاڻ تھ
ملڪ ۾ اڃا امن امان قائم ڪونھ ٿيو ھو ۽
آواره گرد ماڻھن جي ڌاڙن ۽ ظلم زبردستيءَ
جي ڪا حد ئي ڪانھ ھئي.
جڏھن ڪئپٽن پريڊيءَ کي پارسيءَ جي قتل جي
خبر پئي، تڏھن ھن ٺٽي جي مختيار ڪار کي
اطلاع ڪيو ۽ مون کي چيائين تھ سکرامداس جي
ٻانھن ڏي تھ ھو اسان کي قاتل ڳولھي ڏئي.
چنانچ سکرامداس ويھھ سپاھي ڪئپٽن پريڊيءَ
جا ۽ ويھھ پنھنجا سوار ساڻ وٺي انھن سياھھ
ڪارن جي پٺيان پيو. ھن گھاري وڃي، ڏوھين
جي پتي لڳائڻ لاءِ آسپاس جاسوس موڪليا.
جاسوسن ٿوري وقت ۾ خبر آندي تھ ھي بزدلانھ
ڪم ڪن چانڊين ڪڙمين ڪيو ھو، جي ڪرمپور جي
ڳوٺ ۾، بگھاڙ جي ھن ڀر غلام الله طرف رھندا آھن.
سکرامداس، ان ڳوٺ ۾ اوچتو لنگھي وڃي
چانڊين جي گھرن جو جھاڙو ورتو. انھن جي
قبضي مان پارسيءَ جون ڪيتريون شيون مليون.
ست ماڻھو پڪڙي ڪراچيءَ عدالت ۾ پيش ڪرڻ
لاءِ آندائون. انھن مان ٻن ڄڻن کي، جن
پارسيءَ جو قتل ڪيو ھو، ڦاسيءَ جي سزا ڏني
وئي ۽ باقي ٻين کي جيل ڏانھن اماڻيو ويو.
مير شير محمد جو کجمتگار صادق، جنھن
گھوڙاٻاريءَ تي قبضو ڪيو ھو، ڦرمار جي
دولت کڻي ماٺ ميٺ ۾ ملڪ مان فرار ٿي ويو.
ڪئپٽن پريڊيءَ جي زوردار سفارش تي منھنجو
ڀاءُ سکرامداس، گھوڙاٻاريءَ جو مختيارڪار
مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ منھنجي سفارش
تي، ھيٺ ڏيکاريل عھديدار مقرر ڪيا ويا:
١. ديوان چنديرام،
ٽلٽيءَ وارو، سيوھڻ جو مختيارڪار.
ھن جو خاندان ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي صاحبيءَ
۾ وڏن عھدن تي ھوندو ھو. پھريان ھن کان
پڇيو ويو ھو، پر ھو نوڪري ڪرڻ تي راضي نھ
ھو. مون محسوس ڪيو تھ سرڪاري نوڪريءَ لاءِ
ھن کان ڪوبھ وڌيڪ معزز، آزمودگار ۽ وفادار
ماڻھو ٿي نٿو سگھي، تنھنڪري مون وري بھ ھن
ڏي پاڻ خط لکيو ۽ ھن اھو عھدو قبول ڪيو.
٢. ديوان پوھومل ٺٽئي، لڪيءَ جو مختيارڪار
نامزد ڪيو ويو.
٣. حيدرآباد جو ديوان ڄيٺمل، مانجھندن ۾
مقرر ڪيو ويو.
٤. ٺٽي جو منشي لعلچند، جھرڪن ۾ رکيو ويو.
٥. مسٽر آسومل ۽ ملان محمد، ٺٽي ۾ مقرر
ڪيا ويا.
٦. مسٽر ڀاريمل، ٺٽي ۾ رکيو ويو.
مختيارڪارن جي مقرر ٿيڻ کان پوءِ، روينيو
جو ڪم وڌيڪ سھولت سان ھلڻ لڳو. ١٨٤٣ع ۾،
سر چارلس نيپئر ڪراچيءَ آيو، جتي ڪئپٽن
پريڊيءَ جي نئين بنگلي ۾ اچي رھيو. مون
ڏٺو تھ ھو اڪثر برائون (وڏو) ۽ منشي علي
اڪبر، جو چار سؤ رپيا ماھوار پگھار کڻندو
ھو، تن جي چوڻ تي ھلندو ھو.
ان کان پوءِ جلدئي ڪراچيءَ ۾، پگھارن جون
يادداشتون پھچي ويون. جن ۾ ھرھڪ عملدار،
مختيارڪار، منشيءَ ۽ پٽيوالي جو نالو ۽
مھيني جي تنخواھھ ڏيکاريل ھئي. انھن ۾
ڪئپٽن پريڊيءَ جي تنخواھھ ڪليڪٽر جي حيثيت
۾، ١٢٠٠ رپيا مھينو ڏيکاريل ھئي ۽ منھنجي
فقط ٢٠٠ رپيا مھينو ھئي. مون ڪئپٽن
پريڊيءَ کي چيو تھ آءٌ سرڪار جي خدمت اڳي
وانگر مفت ڪندس ۽ مان ڪوبھ معاوضو نھ
وٺندس. مون محسوس ڪيو تھ ان ۾ سرچارلس
نيپئر جو قصور نھ ھو، پر ڪنھن جي دشمنيءَ
۾ ڪيني سبب منھنجي مقرر ٿيل تنخواھھ ۾ ڪتر
ڪئي وئي ھئي. ڪئپٽن پريڊيءَ جواب ڏنو تھ
جيڪي وھي واپري ٿو، تنھن کان مان غافل نھ
آھيان، بلڪ مون کي ساري حقيقت معلوم آھي.
صلاح ڏنائين تھ تون پنھنجي گذريل ستن اٺن
مھينن جو منظور ٿيل پگھار وٺ، مان جلد
ڪوشش ڪري تنھنجو پگھار وڌرائيندس. آءٌ
ڪئپٽن پريڊيءَ سان انڪار ڪري نھ سگھيس ۽
گذريل اٺن مھينن جي پگھار جي بقايا، ٻھ سؤ
رپيا مھيني جي حساب سان وٺڻ قبول ڪيم.
پھريان سرڪار جي تجويز ھئي تھ مون کي ٻين
ٻن ڊپٽي ڪليڪٽرن وانگر ست سؤ رپين مھيني
جي حساب سان معاوضو ڏنو وڃي، پر مون ڏٺو
تھ عھدن ۽ پگھارن جي فھرست ۾ اھڙي ڪا
ڦيرڦار ڪانھ ڪئي وئي ھئي، جنھن مان مون کي
ڪو فائدو پھچي.
ساڳئي سال جي آڪٽوبر مھيني ۾، يورپي
عملدار پنھنجن پنھنجن ضلعن ڏانھن موڪليا
ويا. برائون (ننڍو) ۽ ليفٽيننٽ مارسٽن
سيوھڻ ويا، جتي ھنن سڀني معزز ماڻھن سان
ملاقات ڪئي. انھن مان ڪن ملاقاتين ھنن تي
اھو اثر ويھاريو تھ ديوان چنديرام، انگريز
سرڪار جو خيرخواھھ نھ آھي. ھن جا وڏا سابق
حڪومت ۾ اھم عھدي تي فائز ھئا، ان ڪري ھن
کي مختيارڪار جھڙي اھم عھدي تي رکڻ مان
حڪومت کي ڪوبھ فائدو ڪونھ پھچندو. ديوان
چنديرام جي مخالفن ھن جي خلاف باقائدي
الزام ٺاھيا ۽ ليفٽيننٽ برائون ۽ مارسٽن
ھن جي خلاف سر چارلس نيپئر وٽ کليل
شڪايتون موڪليون. برائون خانگي طرح پنھنجي
ڀاءُ (سيڪريٽري) جي ڌيان تي، چنديرام جي
خلاف سندس مخالفن جون تيار ڪيل شڪايتون
آنديون ۽ چيائينس تھ جي چنديرام ملازمت ۾
رھيو تھ ان جا نتيجا ڏاڍا اگرا نڪرندا.
برائون جي وڏي ڀاءُ، سر چارلس نيپئر کان
چنديرام جي فورا گرفتاريءَ جي منظوري وٺي،
سيوھڻ ۾ برائون ڏانھن ڏياري موڪلي. چنانچ
ديوان چنديرام کي حوالات ۾، حيدرآباد آندو
ويو، جتي ھڪ مختصر ڪارروائيءَ کان پوءِ ھن
کي پنج ھزار رپيا ڏنڊ ۽ ٻھ سال قيد جي سزا
ڏني وئي.
ديوان چنديرام مختيار ڪار جي عھدي تي رھيو
ھو ۽ پگھار بھ فقط انھيءَ عرصي جي کنئي
ھئائين. جڏھن ھن تي ھٿ ٺوڪيا الزام مڙھيا
ويا، تڏھن اھا خبر ملڪ ۾ جلد پکڙجي ويئي.
سڀڪنھن جو اھو خيال ھو تھ ديوان چنديرام
دشمنيءَ جو شڪار ٿيو آھي. ليفٽيننٽ مارسٽن
کي ڪا خبر پيئي تھ لڪيءَ جي مختيارڪار
پوھومل، مانجھندن جي مختيارڪار ڄيٺمل ۽
بڊي ۽ پيٽاري جي ڪاردار ھاسيمل جو مون سان
ٿورو گھڻو رشتو آھي. ھنن تي الزام لاڳايو
ويو تھ ھو پن چريءَ جا پئسا وصول ڪري کائي
ويا آھن ۽ رڪارڊ ۾ داخلا ڪانھ ڪئي اٿن.
انھيءَ الزام ھيٺ کين گرفتار ڪيو ويو.
تھمت ثابت ڪرڻ لاءِ شاھد ھٿ ڪرڻ ڪا مشڪل
ڳالھھ ڪانھ ھئي. پوھومل کي ٻھ ھزار رپيا
ڏنڊ ۽ ھاسيمل کي ٻھ سال جيل ۽ ھزار رپيا
ڏنڊ جي سزا ڏني وئي.
انھيءَ دٻڙ دؤنس جي ڪري ساريءَ سنڌ ۾
ڏھڪاءُ پئجي ويو. منھنجو نالو بھ خراب
ٿيو، ڇاڪاڻ تھ انھن جو انتخاب مون ڪيو ھو.
مون کي مايوسي ۽ ڏک ٿيو، پر وس نھ پئي
ھليو. ڪئپٽن پريڊيءَ کي بھ ارمان ٿيو، پر
چيائين تھ مان ڇا ٿو ڪري سگھان، سرچارلس
جا حڪم مڃڻا آھن. دل کي آٿت ڏنم تھ ھي
سڀڪجھھ، خدا جي پاران آھي ۽ شايد ان ۾ بھ
ڪا ڀلائي ھجي. سر چارلس نيپئر گشت تان
موٽي آيو. موٽڻ کان پوءِ جلد، ھو ھڪڙي
ڏينھن پنھنجي مقرب منشيءَ علي اڪبر سان
بنگلي مان نڪري، مون سان ملڻ آيو. مون کي
ڪڙي نگاھھ سان ڏسي، علي اڪبر کي ڪجھھ
انگريزيءَ ۾ چيائين، جنھن جو ھن مون کي
ھندستانيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو. چيائين تھ
جتي جتي سر چارلس نيپئر پير پائي ٿو، اتي
’نائونمل، نائونمل‘ جو آواز ڪن تي پئيس
ٿو. سر چارلس تھ تلوار جي زور تي ملڪ فتح
ڪيو آھي، پر ڪھڙي تير ھنيو آھي، جو ماڻھو
انگريزن جي فتح لاءِ بھ توکي ٿا ذميوار
ٺھرائين. ائين چئي ھو بنگلي ۾ موٽي ويو.
انھيءَ کان پوءِ ٿوري وقت ۾، برائون
(وڏو)، علي اڪبر ۽ مارسٽن منھنجي خلاف سر
چارلس نيپئر جا ڪن ڀريا. ھڪڙي ڏينھن ڪاوڙ
۾ قلم کڻي، پنھنجي ھٿ سان منھنجي خلاف
ڪرنل پريڊيءَ کي لکيائين تھ ”جي مان گورنر
آھيان تھ ايندڙ ٻن مھينن جي اندر ھن
(نائونمل) کي جيل ۾ اماڻيندس.“ ڪئپٽن
پريڊيءَ خط پڙھيو تھ ڏڪڻي وٺي ويس. ان جو
لفظ لفظ مونکي پڙھي ٻڌايائين. چيائين تھ
”مون کي خبر آھي تھ ھي محض دشمنيءَ ۽ ڪيني
جو نتيجو آھي، پر مان لاچار آھيان، جو مان
بھ سرچارلس نيپئر جو زيردست آھيان. مون کي
خاطري ھئي تھ مون ڪو اھڙو گٿو ڪم نھ ڪيو
آھي، تنھنڪري ھمت ڪانھ ھاريم ۽ چيومانس تھ
”جيتريقدر روينيو کاتي جو سوال آھي تھ
منھنجو ان سان ڪو واسطو ڪونھي ۽ نڪي مون
کي ان لاءِ جوابدار ٺھرائي سگھجي ٿو،
ڇاڪاڻ تھ ھڪ جدا صراف ماليھ وصول ڪندو ۽
خرچ ھلائيندو آھي ۽ تون پاڻ حساب جا ڪتاب
صحيح ڪندو آھين. پر تنھن ھوندي بھ جيڪڏھن
سر چارلس جي مون تي مقدمي ھلائڻ جي مرضي
آھي، تھ مان ڪنھن بھ آزمائش لاءِ تيار
آھيان. مان گونگو تھ نھ آھيان، زبان اٿم.
مان نردوش آھيان ۽ ڪنھن کان ڊڄان ڪونھ
ٿو.“
منھنجن ذاتي دشمنن، جن ۾ شيخ غلام حسين ۽
خوشحالراءِ پنجابي سڀ کان اڳرا ھئا، تن
مون کي ڦاسائڻ لاءِ شاھدين ۽ ثابتين گڏ
ڪرڻ جي بيحد ڪوشش ڪئي. شڪاري ڪتن وانگي،
ڪنڊ ڪنڊ پئي نوسيائون تھ من ڪٿي ڪو پتو
لڳي. پر فارسيءَ واري جي چوڻي آھي تھ
”جڏھن ڪو مرض ئي ڪونھي، تڏھن حڪيم ڇا
ڪندو.“ اسان جي سٻاجھي سنڌيءَ ۾ بھ ھڪڙو
پھاڪو آھي تھ ”جي خدا جي پاران چڱائي لکيل
ھجي، تھ دشمن جي منھن ۾ ڌوڙ ئي ڌوڙ
ھوندي.“ منھنجي خلاف تمام باريڪ ۽ اونھي
تفتيش ڪئي وئي، پر مون کي عزت سان بري ڪيو
ويو. منھنجا دشمن شرم ۾ ٻڏي ويا. شال خدا
انھن کي بھ پناھھ ڏئي.
شيخ غلام حسين فوجدار ۽ ليفٽيننٽ مارسٽن،
منھنجي ڀاءَ سکرامداس کي نقصان رسائي، مون
کي صدمي پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي. انھيءَ ارادي
سان ھو گھوڙاٻاريءَ ۾ مھيني کان بھ گھڻو
وقت رھيا بيحد ڪوشش ڪيائون تھ ھن جي خلاف
ڪا شڪايت ملي. آخر ھو نااميد ٿي ڪراچيءَ
موٽي آيا.
ٿوري وقت کان پوءِ، ڄام محمد نالي
گھوڙاٻاريءَ جو ھڪ زميندار، پنھنجي زمين
جي ڪاروبار جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ آيو. ھو
مارسٽن ۽ غلام حسين جو واقف ھو. غلام حسين
ھن کي ھڪڙي ڏينھن چيو تھ ”ليفٽيننٽ مارسٽن
جي مرضي آھي تھ سکرامداس کي ڪيئن بھ ڪري
ڦاسائجي، تون قرآن تي شاھدي ڏي تھ مون ھن
کي رشوت ڏني آھي. ڄام محمد چيس تھ ”توکي
غلط اثر ويٺل آھي، ۽ اھو خام خيال آھي
سکرامداس فطرتا لالچ کان پري آھي ۽
رشوتخوري جي خلاف آھي.“ غلام حسين چيس تھ
”ھڪ سچو مسلمان، ٻئي سچي مسلمان جي اڳيان
سر تسليم خم ڪندو، پر ھندوءَ کي جڏھن بھ
ڪو موقعو ملي تھ پيٽ ۾ ڇرو ھڻڻ کپيس.“ ڄام
محمد قرآن تي قسم کڻي چيو تھ ”مان
سکرامداس جي خلاف رشوت جي شڪايت ڪڏھن ڪانھ
ٻڌي آھي. مان ڪڏھن بھ ڪوڙو قسم کڻي پنھنجو
محشر خراب نھ ڪندس.“ پوءِ ڄام محمد مون وٽ
آيو ۽ غلام حسين سان ملاقات جو احوال
ٻڌايائين. اھا ڳالھھ مون وڃي ڪئپتن
پريڊيءَ کي ٻڌائي. اسان ٻنھي کي عجب بھ
لڳو ۽ ڏک بھ ٿيو. ھو حيران ھو تھ ماڻھو
ايترا بيحيا ۽ ذليل ٿي سگھن ٿا، پر وري
چيائين تھ منھنجو وس نٿو ھلي. مون ڏٺو تھ
اھڙي حسد ۽ ساڙ ۾ نوڪري ڪرڻ ۾ عافيت نھ
آھي، تنھنڪري سکرامداس ڏي لکي موڪليم تھ
استعيفا ڏئي. ھو استعيفا ڏئي، پنڌرھن
مھينن جي نوڪريءَ کان پوءِ واپس موٽي آيو.
شرير ۽ بدڪار ماڻھو مون کي نقصان پھچائڻ ۾
ڪامياب نھ ٿي سگھيا. مون کي صدر ۾ ڪيتريون
جڳھيون
ھيون، جي مون سنڌ جي
فتح کان اڳ، ڪئپٽن پريڊي ۽ جنرل بائلوءَ
جي چوڻ تي ٽالپرن جو ناراضپو کڻي ٺھرايون
ھيون. مير نصير خان ڪن سوارن کي حڪم ڪيو
ھو تھ ڪراچيءَ وڃي نائونمل کي گرفتار ڪيو،
جو ھن اھي جڳھيون ٺھرائي ڇانوڻيءَ ۾ واپار
کي ھمٿايو آھي ۽ ڪراچيءَ جي واپار کي
ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي. انھن جاين مان مون
کي ٻھ سؤ رپيا مھينو مسواڙ ملندي ھئي ۽
انھن جي ڪل قيمت ھڪ لک رپيا ھئا. ميجر
بائلو ان وقت ڇانوڻيءَ ۾ ملڪيت رکڻ ۽ ٻھ
سؤ رپيا مھينو مسواڙ اڳاڙڻ جي اجازت ڏيڻ
ناروا آھي، تنھنڪري ھن کي حڪم ڏنو وڃي تھ
ھو جايون ڊھرائي، پنھنجو سامان کڻي وڃي.
آخر ڪئپٽن پريڊيءَ کي لکيو ويو تھ اھو حڪم
ھنجي ڌيان تي آڻي. پر ھن انھن جاين جي
ٺھرائڻ جو قصو شروع کان سمجھائي، لکيو تھ
ھيءَ ناانصافي ٿيندي. ھن ھڪ خط سڌو سر
چارلس نيپئر ڏي بھ لکيو، پر ھو مڙڻ جو نھ
ھو. مون پاڻ جايون ڪيرائي، سامان کڻي وڃڻ
کان انڪار ڪيو، تنھن تي ملڪيت جي قيمت ڪٿڻ
لاءِ ھڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جنھن ان جي
قيمت ١٢٤٠ رپيا ٺھرائي. جايون ڊاھي، اھو
پٽ ڇانوڻيءَ ۾ دوستن کي تقسيم ڪري ڏنائون.
١٢٤٠ رپين جي رقم ڪئپٽن پريڊيءَ کي ڏني
وئي، پر مون وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ پئسا
خزاني ۾ پياريا ويا. ڏيڍ سال کان پوءِ
ڪئپٽن پريڊيءَ مون ڏي پئسا ھڪ خط سان گڏ
ڏياري موڪليا، جنھن ۾ لکيل ھو تھ ھيءَ رقم
ڪيتري وقت کان حساب ۾ بقايا ڪري ڏيکاري
ويندي آھي، جي تون ھاڻي اھا قبول نھ ڪندي
تھ ضبط ٿي ويندي آھي، مان لاچار ھوس ۽
ڪجھھ بھ نٿي ڪري سگھيس، پر دل م ضرور ڏک
ھئم. منجھن دوستن آنجھاني مئڪ ليد ۽
اسٽوئرٽ مون سان وڏيءَ ھمدرديءَ جو اظھار
ڪيو ۽ مون سان ٿيل بي انصافي لاءِ نفرت
ڏيکاريائون. انھن ٻن صاحبن چيو تھ اميد نھ
لاھجي، نيٺ چڱا ڏينھن ايندا. مان انھيءَ
نيڪ صلاح لاءِ ھنن جو بيحد شڪر گذار
آھيان.
سنبت ١٩٠٢ جي ڄيٽ مھيني، مطابق جون ١٨٤٦ع
۾، ٽيڪمداس کي پٽ (منھنجو پوٽو) ڄائو،
جنھن جو نالو عالمچند
رکيو ويو. سنبت ١٩٠٣
(١٨٤٧ع) ۾ آکاڙ مھيني ۾، سنڌ ۾ ڪالرا جي
مرض منھن ڪڍيو، جنھن ۾ ڏاڍا ماڻھو مئا.
منھنجو ڀاءُ سکرامداس بھ ان موذي مرض جو
بک ٿيو. ساڳئي سال ۾ منھنجي پيءُ، ھوتچند
پنھنجي موروثي ملڪيت، جايون، جھاز ۽
واپاري ڪوٺيون وغيره پنھنجن پٽن کي
ھڪجيترن حصن ۾ تقسيم ڪري ڏنيون ۽ پنھنجي
لاءِ بھ اوتروئي حصو رکيائون. ان کان پوءِ
ھو سڀني ڳالھين ۾ ھڪٻئي کان آزاد ھئا، پر
ھنن کي گڏجي اڳئين وانگر ڪارخانا کولي،
واپار ڪرڻ جي منع ڪانھ ھئي.
١٨٤٧ع ۾، ڪن يورپي ماڻھن، جن کي مون عمر ۾
ڪڏھن بھ ڪونھ ڏکويو ھو، منھنجن بيشمار ۽
اھم خدمتن جي عيوض، مون تي ظلمن مٿان ظلمن
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مون کي حيدرآباد جي ڪن
شودن جي معرفت ڦاسائڻ جو منصبو رٿيو.
انھيءَ ارادي سان ھنن، انھن شودن تي ھٿ
رکن شروع ڪيو. انھن مان ھڪڙو شودو اڀريومل
ھو، جنھن جا ڪن، مير شيرمحمد ڪنھن ٺڳيءَ
جي ڏوھھ ۾ ڪپايا ھئا ۽ ھو مون کان نو سؤ
رپيا ٺڳي ڪري وٺي ويو ھو، جيئن ھن کان اڳ
بيان ڪيو ويو آھي. ٻيو ھوتچند نالي ھڪڙو
عامل ھو، جو اڀرئيمل جو دوست ۽ رشتيدار
ھو. انھن جو ھڪ ٻيو ساٿي، سيوھڻ جو عامل
گلابراءِ رانوگو ھو. اھي ٽيئي روز برائون
ڀائرن ۽ مارسٽن سان ملندا ۽ سٽون سٽيندا
ھئا. آخر اھو فصلو ٿيو تھ سيٺ ھوتچند جي
گماشتي، چيلارام جي ڪوٺيءَ جون بنديون
اوچتو ضبط ڪجن. مارسٽن کي اھڙو اطلاع ڪيو
ويو ۽ ھن سڌو فوجدار شيخ غلام حسين کي
ڪيترن سپاھين سان چاڙھي موڪليو تھ وڃي
دفتر ھٿ ڪن. ساڳئي ڏينھن دفتر گاڏين ۾
کڻي، ڇانوڻيءَ ۾ پھچايو ويو. ڪئپٽن
پريڊيءَ کي بھ اوچتو حڪم آيو تھ مون کي
معطل ڪري. ھن مون کي حڪم پڙھي ٻڌايو ۽ مون
ان کي تسليم ڪيو. ٻن ڏينھن کان پوءِ، سنڌ
جي جج، ائڊوڪيٽ جنرل، ڪئپٽن ينگ کان عدالت
۾ تفتيش لاءِ حاضر رھڻ جو حڪم مليو. عدالت
ٽن منصنفن تي مشتمل ھئي. ڪئپٽن ينگ ۽ ٻھ
ٻيا. مان ڪورٽ ۾ حاضر ٿيس مون کي ويھڻ
لاءِ ڪرسي ڏيڻ کان انڪار ڪيائون، بلڪ زمين
تي ويھڻ جو حڪم ڪيائون. مارسٽن، غلام حسين
۽ خوشحالراءِ پنجابي جي صلاح سان
خوشحالراءِ جي گماشتي، ڪرمينل برھمڻ ۽
رامومل ڪڪري پنجابيءَ کي چيلا رام جي دفتر
واچڻ لاءِ مقرر ڪيو ھو. اڀريو مل، ھوتچند
۽ گلابراءِ فريادي ۽ مدعي ٿيا. چيلا رام
مدعاعليھ ھو. ھن کي دفتر ڏسي ڪرمينل ۽
رامومل جا جواب ڏيڻا ھئا. مون کي فقط حاضر
رھي ڪارروائي ٻڌڻ جي اجازت ھئي. ڇھھ ڏينھن
دفتر جي جاچ پڙتال ھلي، منھنجي خلاف ڪابھ
ڳالھھ ڪانھ ملين، سواءِ ان جي تھ ھڪ وقت
ڪئپٽن پريڊيءَ منھنجي معرفت لک رپيئي جون
سرڪاري ھنڊيون وڪيون ھيون ۽ اھي منھنجي
پيءُ جي گماشتي چيلا رام ھڪ في صدي لاٿ جي
حساب سان خريد ڪيون ھيون. بس، منھنجي خلاف
اھائي ڳالھھ ملين. اتي فرياديءَ جي طرف جي
پاران ڪاروائي ختم ڪئي وئي.
ٻئي ڏينھن مون کان بچاءُ گھريو ويو. مون
ھنڊين جي باري ۾ جواب ڏنو تھ فتح کان جلد
پوءِ، جڏھن ملڪ ۾ اڃا ھراس ۽ انتشار ھو،
تڏھن سيوھڻ جي مختيار ڪار شڪايت ڪئي ھئي
تھ ھن وٽ روز ڍل جا ڪيترائي پئسا جمع
ٿيندا ھئا. ھن وٽ اڳيئي گھڻا پئسا ڪٺا
ٿيا ھئا ۽ خبر نھ پئي پيس تھ خزانو ڪيئن
موڪليان. ملڪ چوڌاري لٽيرن ۽ ڦورن سان
ڀريو پيو ھو ۽ رستن تي سلامتي ڪانھ ھئي،
اھڙين حالتن ۾ پھرين ھيٺ خزانو نھ پئي
موڪلي سگھيو. سيوھڻ ۾ ھڪڙو بھ اھڙو صراف
ڪونھ ھو، جنھن جي معرفت وڏيون رقمون موڪلي
سگھجن. مختيارڪار رپورٽ تي رپورٽ پئي
موڪلي تھ ملڪ جي حالت خراب آھي ۽ خزاني جي
حفاظت جو انتظام ٿيڻ کپي. چيائين تھ
جيڪڏھن خزاني جي سلامتيءَ جو بندوبست نھ
ڪيو ويو، تھ مون کي ڪو ڏوھھ نھ ڏيندا.
ڪئپٽن پريڊيءَ مون کي استدعا ڪئي تھ خزانو
ڪراچيءَ موڪلڻ لاءِ ڪو طريقو ڪڍ. آخر
فيصلو ٿيو تھ ھو سيوھڻ جي مختيارڪار تي
ھنڊيون ڪڍندو، جيڪي شھر جا واپاري خريد
ڪندا. مون شھر ۾ ڍنڍورو ڦيرايو، پر اھڙو
ڪوبھ ماڻھو ڪونھ نڪتو، جو سرڪاري ھنڊيون
خريد ڪري، روڪ پئسا ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر کي
ڏئي، تنھنڪري مون ڪئپٽن پريڊيءَ ۽ وڏي
برائون جي صلاح سان ۽ ڪئپٽن پريڊيءَ جي
پرزور استدعا تي پنھنجي پيءُ جي ڪوٺيءَ جي
معرفت انھيءَ خدمت جي ذميداري پاڻ تي
ھموار ڪئي. پھريائين ڪارخاني جي ڪارڪن
ڀائيوار، چيلارام، منھنجي تجويز قبول نھ
پئي ڪئي، پر مون ھن جي حوصلھ افزائي ڪئي ۽
چيومانس تھ اھا بھ سرڪار جي ھڪ خدمت ٿيندي
۽ سرڪار جي نظر ۾ خاندان جي عزت وڌندي آخر
مس مس اھا ڳالھھ قبول ڪئي. انھيءَ وچ ۾
مون سيوھڻ جي صرافن کان لکي پڇيو تھ توھان
چيلارام جون ھنڊيون سيوھن ۾ مٽائي، ھن جي
پاران پئسا وٺي، اھي چيلارام ڏانھن سنڌ جي
مختلف علاقن تي نڪتل ننڍين ننڍين ھنڊين جي
رستي موڪلي سگھندا؟ ھنن چيو تھ ”اسان اھو
ڪم چيلارام جي جوکي تي ڪنداسين، بشرطيڪ
اسان کي چڱي ڪميشن يا لاٿ ڏني وڃي.“ مون
اھا ڳالھھ قبول ڪئي تھ جوکو چيلارام جو
رھندو، پر ڪميشن اڌو اڌ ڪندا آخر مون
چيلارام کي انھيءَ ڳالھھ تي بيھاريو. پوءِ
جيئن ھن کي پئسا ملندا ويندا ھئا، تيئن
ھوڪوٺيءَ جي نالي ۾،
سيوھڻ جي مختيارڪار تي، ڪئپٽن پريڊيءَ جون
نڪتل ھنڊيون خريد ڪندو ويندو ھو. اھي
ھنڊيون سيوھڻ ۾ لاٿ لاھي وصول ڪيون
وينديون ھيون ۽ انھن جي عيوض چيلارام کي
حيدرآباد ۽ ٻين شھرن جون ننڍيون ننڍيون
ھنڊيون ملنديون ھيون. انھيءَ ڪاروبار ۾
پنج سؤ رپيا صافي نفعو ٿيو، جنھن مان
چيلارام کي فقط ٢٥٠ رپيا پلئي پيا باقي
٢٥٠ رپيا سيوھڻ جي صرافن کي مليا. اھو سڀ
وھين (بندين) ۾ ڏيکاريل ھو ۽ ڪميشن جي
ميمبرن ڏٺو ۽ پڙھيو ھو. مون عرض ڪيو تھ
ڪئپٽن پريڊي، جنھن کي سڀڪجھھ معلوم آھي.
تنھن جي بھ شاھدي ورتي وڃي. مون کي افسوس
۽ تعجيب آھي تھ منھنجي خدمتن جي ھن نموني
م غلط معنيٰ ڪڍي وڃي ٿي.“ آخر ڪئپٽن
پريڊيءَ کي گھرايو ويو. ھن ساک تي، جيڪي
مون اظھار ڪيو ھو، تنھنجي تصديق ڪئي ۽
چيائين تھ ”ھن منھنجي خاص استدعا تي ۽ وڏي
برائون جي ڄاڻ سان اھو ڪم پاڻ تي کڻي،
سرڪار تي خاص احسان ڪيو ھو.“ اتي عدالت
برخاست ٿي.
ٿوري وقت کان پوءِ، مون کي وري گھرايو ويو
۽ ڪئپٽن ينگ، مون ڏي منھن ڪري چيو تھ
”توکي عزت سان رھا ڪجي ٿو، جو توتي ڪا
ڳالھھ ثابت ڪانھ ٿي آھي. پر صوبي ۾ تنھنجي
مرتبي، منزلت ۽ مفاد جو لحاظ رکندي، اسان
جو خيال آھي تھ توکي سنڌ کان ٻاھر سرڪار
جي ڪنھن ٻئي علاقي ۾ ڪنھن ٻئي عھدي تي
مقرر ڪجي.“ اھڙيءَ طرح منھنجي مقدمي جو
خاتمو ٿيو.
مون اٿي جواب ڏنو تھ ”مان ڌڻي تعاليٰ جي
شڪرگذار آھيان، جو منھنجو مقدمو ختم ٿيو.
حڪومت جي آئندي ملازمت جي باري ۾ مون کي
ھيءُ عرض ڪرڻو آھي تھ مون کي ان جي ضرورت
نھ آھي. توھان ڪئپٽن پريڊيءَ کان قسم ڏئي
پڇو تھ مون ڪيتري بار پوڻ کان پوءِ، ڊپٽي
ڪليڪٽر جو عھدو شروع ۾ قبول ڪيو ھو ۽ تنھن
کان پوءِ بھ دوستن جي استدعا ۽ التماس تي
ملازمت ۾ رھندو آيس. اٺن مھينن کان پوءِ،
مون کي ٻڌايو ويو تھ مون کي ٻھ سؤ رپيا
مھيني کان وڌيڪ تنخواھھ نھ ملندي. منھنجي
اھڙيءَ نوڪريءَ ڪرڻ جي مرضي نھ اڳي ھئي ۽
نھ ھاڻي آھي، جا منھنجي عزت ۽ حيثيت جي
مطابق نھ ھجي. مون سرڪار جي خدمت شريفاڻي
طريقي سان ڪئي آھي. خدا جو شڪر آھي، جنھن
مون کي دشمنن جي دلسوز آگ ۽ نجس نانگن جي
زھر کان بچايو آھي. ١٨٣١ع کان وٺي مان
انگريز سرڪار جي خدمت پئي ڪئي آھي ۽ انھن
جي پاران اھم مھمون سر انجام پئي ڪيون اٿم
۽ ھي سڀڪجھھ بنا معاوضي ۽ پنھنجي جان جوکي
۾ وجھي ڪيو اٿم. مان فقط چار سال اڳ اجورو
وٺڻ قبول ڪيو ھو ۽ توھان خانداني دفتر مان
ڏٺو ھوندو تھ انھن چئن سالن ۾ مون کي جيڪا
تنخواھھ ملي آھي، سا مون پنھنجن پراڻن
نوڪرن ۽ ملازمن جي کاڌي خوراڪ تي خرچ ڪئي
آھي ۽ ان جو ڪوبھ حصو پنھنجي لاءِ نھ رکيو
ھوم. مان توھان جو شڪرگذار آھيان جو سرڪار
جي ٻئي ڪنھن علاقي ۾ ملازمت جي آڇ ڪئي
اٿو. توھان ھيءُ مشھور قصو ٻڌو ھوندو تھ
پنجاب ۾ فريد نالي ھڪ فقير رھندو ھو. ھو
نھايت متقي ۽ خداپرست ھو. ھڪڙي ڏينھن ھو
گدرن جي واڙيءَ وٽان لنگھيو. ڏٺائين تھ
ڪنھن شخص گدرا کائي، کلون چٽي صاف ڪري،
اڇلي ڇڏيون ھيون. ھو ٻھ ٽي کلون چٽڻ لڳو.
انھيءَ وچ ۾ پوک جو مالڪ اچي نڪتو، ۽ ھن
کي جھلي چوڻ لڳو تھ ”آخر اسان کي چور
مليو، جنھن اسان جي واڙي ڀيلي چٽ ڪري ڇڏي
ھئي.“ اصل چور تھ ڪک پن ٿي ويا ھئا، پر
ڪڙميءَ، ويچاري فريد جي خوب مرمت ڪئي
ويچاري فريد صبر سان حيرت ۾ محو ٿي،
سڀڪجھھ ويٺي سٺو. جڏھن ڪڙميءَ جي دل ٺري
بس ڪيائين، تڏھن فريد ھيٺيان بيت، پنجابي
زبان ۾ چيا:
”او فريد، ڪيئن مزو چکيئي؟
توکي ڪيڏو نھ دک ۽ درد سھڻو پيو،
جڏھن خالي ڇلڪي کائڻ تي موچڙا ٿا پون،
تڏھن
خود گدري کائڻ واري کي ڇا نصيب ٿيندو!“
ائين چئي مان عدالت مان ٻاھر نڪري ھليو
ويس. مون کي اھا اميد ھئي تھ ھو ھاڻي
سمجھندا تھ مون انگريز سرڪار جي خدمت ھڪ
ڏکئي ۽ آزمائش جي وقت ايمانداريءَ ۽
وفاداريءَ سان ڪئي ھئي جنھن جي عوض مون کي
ڏکن ۽ سورن جو صلو مليو ھو، ان ڪري جو مون
ٻھ سؤ رپيا ماھوار ڪجھھ وقت لاءِ قبول ڪيا
ھئا. ھاڻي توھان ٻڌايو تھ مون کي شڪايت جي
لاءِ معقول سبب آھي يا نھ؟
ڪلھوڙن جي زماني کان وٺي اسان جي گھر کي
ذاتي ڪتب لاءِ، شراب ٺاھڻ ۽ بٺيءَ رکڻ جي
رعايت مليل ھئي، اھا رعايت قلات جي حڪومت
بھ بند نھ ڪئي ھئي ۽ جڏھن ڪراچيءَ تي مير
نصير خان قبضو ڪيو ھو، تڏھن ٽالپر گھراڻي
جي پھرئين مير بھ انھيءَ رعايت جي تصديق
ڪيئ ھئي ۽ چئن يار
جي جاءِ نشين بھ رعايت
قائم رکي ھئي. اسان وٽ سابق حڪومتن جون
سندون ھيون، جن ۾ اڳ مليل رعايتن جي تصديق
ٿيل ھئي. صوبي جي فتح کان پوءِ، مون سڀ
سندون، ڪئپٽن پريڊيءَ کي ڏيکاريون، جنھن
ٽالپرن جي سند جا، پنھنجي دفتر لاءِ نقل
ڪرائي، اصل تي صحيح ڪري، مھرون ھڻي،
منھنجي حوالي ڪئي. فتح کان پوءِ، سڄن سارن
پنجن سالن تائين انھيءَ رعايت جو فائدو
وٺي، پنھنجي بٺيءَ ۾، پنھنجي ذاتي استعمال
لاءِ شراب ٺاھيندا رھياسين. مٿئين واقعي
کان جلد پوءِ، جڏھن وڏي برائون کي انھيءَ
ڳالھھ جي خبر پئي، تڏھن ليفٽيننٽ مارسٽن
کي لکيائين تھ ”اھا بٺي ھڪدم بند ڪراءِ.“
ليفٽيننٽ مارسٽن حڪم جي تعميل ڪئي. بٺي ۽
سڀ برتن وغيره کڻائي ويو. مان اھا ڳالھھ
ڪئپٽن پريڊيءَ جي ڌيان تي آندي ۽ ھن
برائون ڏي لکيو تھ ”اھا رعايت اڳين حڪومتن
جي تحريرن جي بنياد تي ۽ سر چارلس نيپئر
جي حڪمن جي صحيح معنيٰ مطابق، تصديق ڪئي
وئي ھئي.“ جواب ڏنائونس تھ ”ساري برٽش
انڊيا
۾ اھڙيون رعايتون ڪٿي بھ ۽ ڪنھن کي بھ نھ
ڏنيون ويون آھن. اھا توھان جي غلطي ھئي،
جو ايترو وقت ھن خاندان کي انھيءَ رعايت
جو فائدو وٺڻ ڏنو اٿو.“
منھنجيءَ نظر ۾ اھا سھولت، جا ايتري
جلدبازيءَ سان بند ڪئي ويئي ھئي، سا اسان
جي خاندان کي ھڪ نھايت قيمتي ۽ پوتر رعايت
ھئي. ھڪ تھ اھا اسان کي قديم زماني کان
مليل ھئي، ٻيو تھ اسان جي لاءِ شراب ھڪ
زندگيءَ جي اھم ضرورت ھئي. پنھنجي بٺيءَ ۾
شراب تيار ڪرڻ آسان بھ ھو ۽ ڪم خرچ بھ.
مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر ڇا ڪريان بيوس
ھوس.
انھن واقعن منھنجي دماغ ۾ فڪر پيدا ڪيا،
جن جو اثر منھنجي صحت تي پيو. نتيجو اھو
نڪتو جو سنبت ١٨٠٥ (١٨٤٩ع) ۾، مون کي ھڪ
اھڙي پردرد ۽ خطرناڪ بيماري ٿي، جو اڳي
ڪڏھن ڪانھ ھئي. روز ڪيترو خون ويندو ھو ۽
مان بلڪل ڪمزور ٿي ويس. منھنجي بچڻ جي
ڪنھن کي بھ اميد ڪانھ ٿي ھئي. پر خدا جل
شانه جا لک شڪرانا جو ھڪ انگريز سرڪار
ڊاڪٽر، مسٽر رامسيءَ جي علاج مان فائدو
ٿيو. مان اھڙو ضعيف ٿي ويو ھوس، جو منھنجا
دوست ۽ عزيز اميد لاھي ويٺا ھئا. ھڪڙي
ڏينھن تھ ليٽائي ھٿ پير سڌا ڪرڻ ويٺا، پر
منھنجو اندر آگاھھ ھو ۽ مون کي شاسترن جا
گيان ياد اچڻ لڳا. ”ڀڳوت گيتا“ جا ٻول پيو
ٻوليان. مطلب تھ دل کي اھڙو تھ آنند سرور
اچي ويو جو مون کان ڪڏھن بھ ڪونھ وسرندو.
جڏھن ڪجھھ طاقت آئي، تڏھن ڪپئٽن اسٽوئرٽ
جنھن جي مون سان ھميشه
ھمدردي ھوندي ھئي ۽ جنھن جو مان ھميشه
شڪرگذار رھندس، مونکي پاڻ سان ھوا بدلائڻ
لاءِ ضلعي ۾ گشت تي وٺي ويو. مان ھن سان
گھوڙاٻاري ڊويزن ۾ ويس، جتي ھو ڊپٽي ڪمشنر
ھو. ڏيڊ مھيني کان پوءِ آءٌ ڪراچي موٽي
آيس. منھنجي صحت ھاڻي گھڻو سڌري وئي ھئي.
سر چارلس نيپئر، سنڌ مان روانو ٿي ويو. ھن
جي دؤر ۾ جي ظلم ۽ زبردستيون ٿيون، تن جو
مان ذڪر ڪونھ ڪندس ۽ نھ وري اھي عقوبتون،
جيڪي مون سان ۽ منھنجن عزيزن سان ڪيون
ويون، تن کي ورجائيندس. سر چارلس نيپئر
خود ھڪ سادو، نيڪدل ۽ ڌرم آتما شخص ھو. ھن
جو قصور فقط ھيءُ ھو تھ ھن کي پنھنجن
قريبي ملازمن ۾ بيجا اعتقاد ھوندو ھو ۽
انتظاميھ جي معاملن ۾ فقط انھن جي ئي
مشوري تي ھلندو ھو.