باب ڇھون
پاٽنجر جي ڪڇ مان روانگي – نائونمل کي دوستيءَ جي آڇ – حڪومت
عالي ڏانھن خط – نائونمل جي آئوٽرام سان
ملاقات – رسالي جو حساب - ڪتاب بند ڪرڻ –
نائونمل جي خفيھ سفارت مير شير محمد
ڏانھن، ۽ ھن جو ميرن جي حد ۾ فوج جي لاءِ
سيڌو سامان مھيا ڪري ڏيڻ – نائونمل جي
حرفت – مير سان ملاقات - مير صوبدار جي
منشيءَ جو پھچڻ – نائونمل جي مير شاھھ
محمد سان ملاقات ۽ مير جو کيس آئوٽرام جو
جعلي خط ڏيڻ – نائونمل جو آئوٽرام کي خط
حوالي ڪرڻ – جعلسازي ڪرڻ واري کي سزا –
مير شير محمد جو صوبدار ڏانھن خط ۽
آئوٽرام جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت جي آڇ
– اڀرئيمل جي مڪاري – حيدرآباد ۽ ميرپور
جي ميرن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ – نائونمل جي امانت
– مير صوبدار ڏانھن شير محمد جي لکيل خط
جو ھٿ اچڻ ۽ وري ان جي چوري ٿي وڃڻ – خط
ھڪدم ليفٽيننٽ ليڪيءَ جي حوالي نھ ڪرڻ ۾
نائونمل جي غلطي.
ڀڄ ۾ مون کي ڪرنل پاٽنجر ٻڌايو تھ بمبئي سرڪار ڪرنل آئوٽرام کي
سنڌ ۾ مقامي سفير مقرر ڪيو آھي ۽ ڀڄ جي
مقامي سفير جي عھدي لاءِ مسٽر ميلول کي
نامزد ڪيو ويو آھي. تنھنڪري ڪرنل پاٽنجر
بمبئيءَ وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. ھن، ھڪڙي
ڏينھن شام جو سفارتخاني جي منشيءَ، مسٽر
پيتامبر کي مون ڏي موڪليو تھ پڇي اچينس تھ
مان وڃڻ کان اڳ تنھنجي لاءِ ڇا ڪريان؟
مسٽر پيتامبر مون کي ڪرنل جي پاران چيو تھ
سرڪار ھن کي اجازت ڏني آھي تھ سنڌ جي باري
۾ تون جيڪي بھ رٿون پيش ڪندين، قبول ڪيون
وينديون. جيڪڏھن تنھنجي مرضي ھجي تھ ڪرنل
تنھنجن گوناگون ۽ اھم خدمتن لاءِ مستقل
طور ڪنھن روڪ رقم انعام ڏيارڻ لاءِ سفارش
ڪري، يا جيڪڏھن تون چاھين تھ توکي خاص
امتياز ڏيڻ لاءِ بمبئيءَ جي قانون ساز
ڪائونسل ۾ نشست لاءِ سفارش ڪري. مون مسٽر
پيتامبر کي جواب ڏنو تھ مان سڀاڻي پاڻيھي
ڪرنل سان ملي کيس پنھنجن خيالن کان واقف
ڪندس.
ٻئي ڏينھن مان ڪرنل پاٽنجر سان مليس. ھن مون سان ساڳئي موضوع تي
ڳالھايو. مون چيومانس تھ جيتريقدر روڪ
امداد جو سوال آھي. مون کي پئسي جي پرواھھ
ڪانھ آھي.اسان
جو وڏو گڏيل ڪٽنب آھي، انعام جي رقم ڪيڏي
بھ وڏي ھجي، اھا ڪيترو وقت ھلندي؟ دنيا
ناپائيدار ۽ بي بقا آھي. ٻيءَ رٿ جي باري
۾ چيومانس تھ مون کي سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ
بمبئيءَ ۾ گورنر جي ڪائونسل تي نامزدگيءَ
مان مون کي ڪھڙو دنيوي فائدو ٿيندو؟ خاص
ڪري جڏھن منھنجو اوڏانھن وڃڻ جو ڪو بھ
امڪان ڪونھ آھي. اسانجي خاندان کي شيدي
حڪمرانن جي زماني کان بمبئيءَ ۾ واپاري
ڪوٺي ھوندي ھئي پر اسان مان ڪوبھ بذات خود
ڪوٺي ڏسڻ نھ ويو ھو. تنھن کان سواءِ سنڌ
اڃا ٽالپرن جي ماتحت آھي ۽ انگريزن جو
صوبو نھ ٿي آھي. عرض ڪيومانس تھ اسان کي
پنھنجن خدمتن جي عيوض انگريز سرڪار جي
دوستي ۽ ڪرم جي عنايت ڪافي آھي ۽ اميد آھي
تھ اسان جو سرڪار سان ھميشھ ساڳيو ئي
واسطو رھندو. ان تي منھنجي روبرو ھڪ ڪاغذ
کڻي ان جا چارئي پاسا ڀريائين. تنھن کان
سواءِ انھيءَ دستاويز جا ٻھ نقل پنھنجي ھٿ
سان تيار ڪري، انھن مان ھڪ لفافي ۾ وجھي
منھنجي حوالي ڪيائين، ٻين ٻن نقلن جي باري
۾ چيائين تھ انھن مان ھڪ بمبئي سرڪار ڏي
موڪليندس ۽ ٻيو سنڌ جي درٻار ۾ انگريزي
سفير جي سرڪاري دفتر لاءِ ڪرنل آئوٽرام ڏي
موڪليندس. ھن اھو خط مون کي پڙھي ٻڌايو.
ان ۾ منھنجي لاءِ پرزور لفظن ۾ سرڪار جي
شفقت لاءِ سفارش ٿيل ھئي ۽ وڌيڪ لکيل ھو
تھ جڏھن انگريزن جي فوج، شاھھ شجاع کي تخت
تي ويھارڻ لاءِ ڪابل وڃي رھي ھئي، تڏھن
سنڌ مان حفاظت ۽ آرام سان فوج کي وٺي وڃڻ
جو ڪٺن ڪم ھن کي سونپيو ويو ھو ۽ ھن اھو
اھم ڪم خوشيءَ سان پاڻ تي ھموار ڪيو ھو.
مون کي انھيءَ ڳالھھ جو بھ اقرار ڪرڻو
پوندو تھ ھن جي مدد ۽ تعاون کان سواءِ مان
اھو ڪم شايد ئي نھ پورو ڪري سگھان ھا.
وڌيڪ لکيائين تھ ”سيٺ نائونمل منھنجون
ٻانھون ۽ ڄنگھون ھو، جي منھنجي جسم کي
کنيو بيٺيون ھيون. ھن جي مدد کان سواءِ
فوج، سر جان ڪين جي قيادت ھيٺ بامنيڪوٽ
کان شڪارپور تائين آساني سان مشڪل پھچي
سگھي ھا.“ مطلب تھ خط ۾ اھڙي قسم جو ٻيو
بھ گھڻو ڪجھھ لکيل ھو. صد افسوس جو اصل خط
مون وٽان چوري ٿي ويو. جيئن ھن ڪتاب جي
آخر ۾ ڏيکاريو ويندو تھ ان جو نقل بھ نھ
ملي سگھيو. ان کان سواءِ جلد ئي ڪرنل
آئوٽرام اچي ڪرنل پاٽنجر کان عھدو وٺي،
سنڀاليو.
سنڌ جي سفارت لاءِ ڪرنل آئوٽرام جي نامزدگيءَ تي مان ڏاڍو خوش
ٿيس، پر ڪرنل پاٽنجر جي جدائي منھنجي لاءِ
وڏي ڏک جو باعث ھئي. ان کان پوءِ جلد ئي
مان وري پنھنجي پيءُ سيٺ ھوتچند سان گڏيس،
جو بھ ڪرنل آئوٽرام سان مليو. لکپت ۾ مون
ڪافي برھمڻن، فقيرن ۽ غريبن کي کارايو ۽
دان ڏنو. ان کان پوءِ چار ڏينھن اتي رھي
پيس. انھيءَ وچ ۾ ڪرنل آئوٽرام حيدرآباد
ويو، جتي مان بھ ٿوري وقت کان پوءِ وڃي
ساڻس گڏيس. ڏينھن جو مان انگريزن جي
ڇانوڻيءَ ۾ پنھنجي تنبوءَ ۾ (جو ڪرنل
آئوٽرام جي تنبوءَ جي ڀرسان ھو) رھندو ھوس
۽ رات جو روز ھن جي ھدايت مطابق، سياسي
معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ شھر ۾ وڃي پنھنجن
عزيزن وٽ رھندو ھوس. صبح جو ڇانوڻيءَ
ڏانھن موٽندي مان اڪثر نواب احمد خان
لغاريءَ وٽ ترسندو ھوس. ھو ان وقت چوٽيءَ
جي سردارن مان ھو ۽ سندس خاندان سان
منھنجي وڏن جو تعلق ھن جي ڏاڏي، ولي محمد
خان لغاريءَ جي زماني کان ھوندو ھو. نواب
احمد خان پڻ، ھفتي ۾ ھڪ دفعو، ڇانوڻيءَ ۾
مون سان ملڻ ايندو ھو ۽ مان ھن کي اڪثر
ڪرنل آئوٽرام وٽ وٺي ويندو ھوس. کانئس
اڪثر ڪري چڱيون خبرون ملنديون ھيون، پر
مون کي وڌيڪ معلومات ھن جي ديوان، فتح چند
سيوھاڻيءَ کان ملندي ھئي، جو روز صبح جو
مون سان گڏجي نيرن ڪندو ھو. ڪرنل آئوٽرام
بھ سفارتخاني جي منشيءَ مسٽر علي اڪبر جي
معرفت، خبرن وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، ھو پڻ
ڪرنل جي مشوري سان رات جي وقت حيدرآباد جي
شھر ۾ گذاريندو ھو. آءٌ ھن کي جيڪي خبرون
ٻڌائيندو ھوس، سي ھو غور سان ٻڌي، انھن
مان اھم خبرون پاڻ وٽ يادداشت لاءِ لکي
رکندو ھو. مان حيدرآباد ۾ ڪرنل آئوٽرام
جون ڪافي ڇوٽين موٽيون خدمتون ڪيون. انھن
جي فھرست ايتري لمبي آھي جو ھتي انھن جو
ذڪر ڪرڻ جي جڳھھ ئي نھ آھي.
ڪجھھ وقت کان پوءِ ڀڄ جو رسالو، ڪئپٽن واٽ جي قيادت ۾ حيدرآباد
آيو، جتان خانپور (جيڪب آباد) روانو ٿي
ويو. مون تي اھو ڪم رکيو ويو ھو تھ سپاھين
کي مھيني سر مھيني پگھار ڏيڻ لاءِ گماشتا
مقرر ڪري ۽ سندن خورد و نوش جو انتظام
ڪريان. مون اھو ڪم پنج – ڇھھ ميھنا ھلايو،
مگر پوءِ محسوس ڪيم تھ اھو ڪم ھڪ معمولي
صراف جو آھي ۽ منھنجي شان مطابق نھ آھي.
مون پنھنجا اعتراض ڪرنل آئوٽرام کي ٻڌايا
۽ چيومانس تھ مان نھايت مشڪور ٿيندس،
جيڪڏھن مون کي اجازت ڏيندؤ تھ ھي ڪم توھان
جي ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جي حوالي ڪريان. تنھن
کان سواءِ مون کي اھا بھ اجازت ڏيو تھ
رسالي جو پراڻو حساب – ڪتاب صاف ڪريان ۽
جيڪا رقم ڪئپٽن واٽ کي ڀڄ ۾ سپاھي ڀرتي
ڪرڻ لاءِ ڏني ھيم، سا بھ سرڪار کان وصول
ڪريان. ان تي ھن سرڪار کي لکي منھنجي قرض
ادا ڪرڻ جي منظوري گھرائي. مون رسالي سان
پنھنجو واسطو ٽوڙي، پنھنجن گماشتن کي واپس
گھرائي ورتو. ڪئپٽن واٽ جي جاءِ تي ڪرٽس
نالي ھڪ عملدار مقرر ٿيو ۽ ان جي وڃڻ کان
پوءِ وري ليفٽيننٽ جيڪب کي، جيڪو ھڪ ننڍو
عملدار ھو، تنھن کي رسالي جي ڪمان ڏني
ويئي. ھن خانپور شھر جو اڳوڻو نالو
بدلائي، مٿس جيڪب آباد جو نالو رکيو.
ھڪڙي ڏينھن سنبت ١٨٩٧ (٤١-١٨٤٠ع) جي پوھھ مھيني ۾، اڍائي بجي
شام جو ڪرنل آئوٽرام مون کي پاڻ وٽ
گھرايو. مان اڃا ويٺس ئي مس تھ پينسل کڻي،
اڀي ڪري، پڇيائين تھ ”ھن مھم کي ڪير منھن
ڏيندو؟“ مان اٿي بيھي رھيس ۽ چيومانس تھ
”ڳالھھ ڪھڙي آھي؟“ چيائين تھ ”مون کي
خاطري آھي تھ جيڪا ڳالھھ منھنجي دل ۾ آھي،
تنھن ۾ تون ڪامياب ٿيندين. دراصل تون ان
ڪم لاءِ نھايت موزون آھين، پر مان پنھنجي
تجويز تيستائين توکي نھ ٻڌائيندس،
جيستائين تون ان جي ذميواري قبول نھ
ڪندين.“ اھا ڳالھھ ٻڌي مون ھن کي سلام ڪيو
پينسل سندس ھٿ مان ورتي. پوءِ ھن مونکي
ٻڌايو تھ ”بمبئي سرڪار حڪم ڪيو آھي تھ ڀڄ
جي فوج جو ھڪ حصو خشڪيءَ
رستي، ٻيلاريءَ کان
شڪارپور وڃي. مون ان باري ۾ مير نورمحمد
ڏي لکيو آھي ۽ مير جواب ڏنو آھي تھ ”مون
کي سنڌ مان انگريزن جي فوج رواني ٿي وڃڻ
تي ذاتي طرح ڪوبھ اعتراض نھ آھي، پر
ٻيلاري ۽ ان جي آسپاس، ميرپور جي مير
شيرمحمد جي ملڪيت آھي ۽ ھن جي قبضي ۾
آھي.“ ڪرنل آئوٽرام وڌيڪ چيو تھ ”مير شير
محمد، انگريزن جو بدخواھھ آھي ۽ مون کي
خاطريءَ سان معلوم ٿيو آھي تھ مير اسان جي
فوج کي پنھنجي حد مان لنگھڻ نھ ڏيندو،
تنھنڪري لازما ٽڪر ٿيڻ جو امڪان آھي، تون
ھڪدم شير محمد جي ڳوٺ، ميرپور وڃي،
ٻيلاريءَ گماشتا موڪل تي فوج لاءِ کاڌي
پيتي ۽ وھٽن جو انتظام ڪن. تون فوج سان
تيستائين گڏ ھجج، جيستائين اھا شير محمد
جي علائقي مان لنگھي وڃي. تون پاڻ ميرپور
۾ وڃي رھھ، جتي شير محمد رھندو آھي ۽ اتي
مرڪز ٺاھي، شير محمد جي حرڪتن تي نظر رک ۽
منھنجن حڪمن مطابق گماشتن کي ھدايتون
ڏيندو رھھ.“ وڌيڪ چيائين تھ ”ھيءُ ڪم
تنھنجي حوالي ڪيو ويو آھي، سو ھڪ نھايت
نازڪ ۽ دشوار مھم آھي. مون کي تو ۾ سورھن
آنا اعتماد آھي، پر مان توکي اھا ڳالھھ
ذھن نشين ڪرڻ گھران ٿو تھ توکي نھايت
احتياط، خيال ۽ چالاڪيءَ کان ڪم وٺڻو
پوندو.
ڪرنل آئوٽرام جي ھدايتن مطابق مون ھڪدم ميرپور وڃڻ لاءِ تياري
ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ھن پنھنجي سامان لاءِ
رسد جي محڪمي کان ڏھھ اٺ ورتا ۽ ڪئپٽن واٽ
جي ڇڏيل ھڪ سؤ سوارن مان ويھن سپاھين کي
مون سان ھلڻ لاءِ حڪم ڪيو. ساڳئي وقت
سفارتخاني جي خزانچيءَ کي لکيل حڪم ڏنو تھ
انھيءَ ڪم لاءِ پنج ھزار رپيا منھنجن
گماشتن جي حوالي ڪن. مون چيومانس تھ مان
خزانو ساڻ کڻڻ نٿو گھران. پئسن جو عدم
موجودگيءَ ۾ منھنجي ڪم ۾ ڪابھ رڪاوٽ ڪانھ
پوندي. خاص ڪري سنڌ ۾، جيڪو منھنجو وطن
آھي. مان جتي بھ ويندس، اتي مون کي رھڻ
لاءِ جاءِ ملندي. سنڌ ۾، مون کي ٿر ۾ بھ
پئسا ملي سگھندا، تنھنڪري مون تي پئسن کڻڻ
جو بار نھ وجھو.“ جواب ڏنائين تھ ”اھي
سرڪار جا حڪم آھن، ڪجھھ رقم تھ ضرور ساڻ
کڻڻي پوندءِ. مير پور ۾ جيڪڏھن تون پئسن
جي صورت محسوس نھ ڪرين تھ خزانو پنھنجن
گماشتن جي معرفت، فوج جي ڪمانيءَ ڏانھن
پھچ رسيد وٺي موڪلي ڏي.“ آخر منھنجي چوڻ
تي رقم گھٽائي ٻھ ھزار رپيا ڪئي ويئي.
مان فوجي لباس پھري تيار ٿي، ڪرنل آئوٽرام کان موڪلائڻ ويس. ھو
مون کي وڃڻ لاءِ تيار ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽
مون کي آخري مشورو ڏنائين تھ ميرپور وڃڻ
جي خبر، جيستائين اتي پھچين، تيستائين
بلڪل مخفي رک ۽ جيترو ٿي سگھي اوترو جلد
وڃ. منھنجو وڏو پٽ ٽيڪمداس، حيدرآباد ۾
مون سان گڏ ھو. مون ھن کي پنھنجي تنبوءَ
۾، ھڪ وفادار گماشتي جي سنڀال ھيٺ ڇڏيو ۽
پوءِ ساڍي چئين بجي شام جو ميرپور لاءِ
روانو ٿيس. مون تمام تيز رفتار سان سفر
پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منھنجي سفر جو
دارومدار باربردار اٺن تي ھو، جو لاڏو اٺ
ھئا ۽ آھستي آھستي ٿي ھليا. مان اڃا ڦليلي
ٽپيس تھ سج لھي ويو. جڏھن دٻياريءَ پھتس،
جيڪا اٺن نون ميلن جي مفاصلي تي آھي، تڏھن
بلڪل اندھھ ٿي ويئي. ھڪ تھ رستا ڪونھ ھئا،
ٻيون کڏون کوٻا، واھن جي کاٽين ۽ ٻنين
ٻارن ۾ ھلڻ جي مشڪلاتن سبب، اڳتي وڌڻ محال
ٿي پيو. اسان جا ماڻھو رستو نھ لھي سگھيا،
تنھنڪري ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو لھي پياسين.
پر جڏھن ٻارھين بجي چنڊ نڪتو تھ اسان وري
اٺن تي چڙھي اڳتي وڌياسين. صبح جو پنجين
بجي، ٽنڊي الھيار جي ويجھو پھتاسين.
منھنجو شھر ۾ وڃڻ جو ارادو ڪونھ ھو ۽
سوچيم تھ ڏينھن جو ميرپور جي شھر ۾ پھچڻ
ناداني ٿيندي، تنھنڪري مان ٽنڊي کان ڏيڍ
ميل پري، ھڪ وا ھھ جي ڪپ تي ڌرمسالا
۾
وڃي رھيس. اتان وري شام جو پنجين بجي
روانو ٿيس ۽ ٽنڊي الھيار جي مڇي مارڪيٽ
وٽان لنگھي، اڳتي ويس. منھنجي اچڻ جي خبر
ڪيترن ماڻھن کي پئجي وئي، ٿوري وقت ۾ سوين
ماڻھو اچي گڏ ٿيا ۽ چوڻ لڳا تھ ڪجھھ وقت
اسان وٽ بھ ترسو. مون چيومان تھ مون کي
لکپت ۾ ضروري ڪم آھي، تنھنڪري ترسي نٿو
سگھان. آخر ھنن کان موڪلائي اڳتي ھليس. اڌ
رات جو ميرپور پھتس. شھر جي اوڀر ۾ ھڪ چڱو
خاصو پٽ ھو، مون اتي تنبن کوڙائڻ جو ارادو
ڪيو. پر خيال ڪيم تھ ڪوشش ڪرڻ سان شايد
ٻيو ڪو ان کان بھ چڱو ھنڌ ملي، تنھنڪري
سڌو بزار مان لنگھي، شھر جي ٻئي طرف ھليس.
اتي ھڪ مٿاھون پٽ نظر آيو، پر ويجھو وڃي
ڏٺوسين تھ رڍن ۽ ٻڪرين جو وٿاڻ ھو ۽
ڦولھڙين سان ڀريو پيو ھو. تنھنڪري مان
واپس ساڳيءَ جاءِ تي موٽي آيس. تعجب جھڙي
ڳالھھ ھئي تھ شھر ۾ بيگاھھ وقت اسان کي
ايندي ويندي ڪٿي ڪو ماڻھو ڪونھ گڏيو، پر
ڪتو بھ ڪونھ ڀونڪيو. ميرپور حڪومت جو مرڪز
۽ مير شير محمد جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. مون
کي خيال آيو تھ مير ڪھڙيءَ نھ غلط فھميءَ
۾ مبتلا آھي، جو پاڻ کي اھڙو محفوظ ٿو
سمجھي. مان پنھنجو تنبو شھر جي اوڀر طرف،
قلعي جي سامھون ھڻايو جتي مير شير محمد
رھندو ھو. مون کي ٻھ راتيون ننڊ ڪانھ آئي
۽ ٿڪل ھوس، تنھنڪري ٻين تنبن جي لڳائڻ جي
باري ۾ ھدايتون ڏيئي وڃي آرامي ٿيس. صبح
جو چئين بجي کان اڳ سمورو انتظام مڪمل ٿي
ويو ھو ۽ سڀ ڪم ڪار ٺيڪ ھو. مان پنھنجي
وڏي خيمي ۾ مقيم ھوس. مون پنھنجن ماڻھن کي
چئي ڇڏيو ھو تھ منھنجي اچڻ جي ڳالھھ ڪنھن
سان بھ نھ ڪن. پرھھ ڦٽي تھ ميرپور جا
ماڻھو ھيترا تنبو ڏسي حيران ٿي ويا. اسان
جا تنبو قلعي جي سامھون ميدان تي وڻن
وانگي اڀريا بيٺا ھئا ھر قسم جا افواھھ
ڦھلجي ويا. گھڻن سمجھيو تھ ڪو صاحبلوڪ آيو
آھي. ڏسندي ڏسندي ڪيترا ماڻھو اچي ڪٺا ٿيا
تھ ڏسون تھ تنبن ۾ ڪير ٿو رھي، ڪو پتو
پاند لھجي. سڄي شھر ۾ اڌم مچي ويو. اھو
رمضان جو مھينو ھو ۽ مسلمانن جي روزن رکڻ
جا ڏينھن ھئا. مير شير محمد پنھنجي رواج
مطابق رمضان ۾ دربار ڪونھ ڪندو ھو، بلڪ
سارو وقت اندر حرم سراءِ ۾ گذاريندو ھو.
پر جڏھن ھن کي خبر پئي تھ رات جو ڇا ٿي
ويو آھي تھ ھن جو آرام ڦٽي ويو. ھو درٻار
واري ديوان ۾ آيو ۽ ھڪٻئي پٺيان ماڻھو
موڪليائين تھ معلوم ڪري اچو تھ ڪير آيو
آھي. پر پھريدارن، ڪنھن ماڻھو کي منھنجي
تنبوءَ جي اندر اچڻ نھ ڏنو. مير کي ھيڪاري
گھڻو فڪر ٿيو ۽ھن جو انتظار وڌندو ويو.
آخر منھنجا ڪي ماڻھو شھر ڏانھن ڪم سان
ويا، ان کان پوءِ ماڻھن کي سڌ پئي تھ ڪير
آيو آھي. آخر اھا خبر مير شير محمد تائين
پھتي، جو سڄو وقت درٻار ۾ ويٺو ھو. ھن پڇا
ڪرائي تھ منھنجي صدر مقام ۾ سيٺ جي اچڻ جو
مقصد ڪھڙو آھي. انھيءَ خيال سان ٻھ ھندو،
مسٽر ڄيٺمل ۽ پريمل، جيڪي اڳ مير غلام علي
پيروز جا ملازم ھوندا ھئا ۽ پوءِ مير شير
محمد جي نوڪريءَ ۾ ھئا، تن انھيءَ خبر لھڻ
جو ڪم پاڻ تي کنيو. چنانچھ ھو منھنجي
تنبوءَ ڏي آيا ۽ چوڪيدارن کي چيائون تھ
سيٺ کي ٻڌائين تھ اسان نياز ڪرڻ آيا
آھيون. مون ھنن کي اندر گھرايو. ھيڏانھن
ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪري، آخر پڇيائون تھ
اسان جي ھن غريب شھر تي ڪيئن عنايت ڪئي
اٿو. مون جواب ڏنومان تھ ھوا بدلائڻ جي
ارادي سان آيو آھيان. ھنن اھا خبر وڃي مير
شير محمد سان ڪئي ۽ صلاح ڏنائونس تھ
تنھنجو مختيارڪار، ديوان چتر سنگھھ ھن جو
عزيز ٿئي، ان کي موڪليو تھ وڌيڪ معلومات
حاصل ڪري اچي. مير شير محمد، ديوان چتر
سنگھھ کي حڪم ڪيم تھ سيٺ سان ملي، ڪنھن
طرح اسان وٽ وٺي اچينس. ديوان چتر سنگھھ
واقعي منھنجو رشتيدار ھو. حڪم جو بندو شام
جو مون وٽ آيو. ھن بھ اوڀاريون لھواريون
ڳالھيون ڪري پڇيو تھ آخر تنھنجو ميرپور
اچڻ جو مقصد ڇا آھي؟ پر آءٌ صحيح جواب
ڏيڻ کان لھرائي ويس. ان پوءِ مون کي ٻڌايو
تھ مير شير محمد توکي سلام ڏنا آھن ۽ توکي
ياد ڪيو اٿس. وڌيڪ چيائين تھ مير کي
تنھنجي اچڻ جي خبر صبح جو ملي ھئي ۽ ھو
ميرپور سرڪار جي دستور جي خلاف، رمضان جي
مھيني ۾، خلوت ترڪ ڪري، تنھنجي انتظار ۾
درٻار واري ڪمري ۾ اچي ويٺو آھي. ھينئر
سانجھي اچي ٿي آھي ۽ مير شير محمد درٻار
مان ڪاڏي بھ نھ چريو آھي. مون کي موڪليو
اٿس تھ وڃي سيٺ کي وٺي اچ. مون چيومانس تھ
مان ٺيڪ نھ آھيان، ھن وقت مير سان ملڻ
مناسب نٿو سمجھان. مير جي وڏن ۽ منھنجي
وڏن جا دوستانا تعلقات ھوندا ھئا، جنھن
مھل بھتر ٿيس تھ اچي مير جو نياز ڪندس.
ديوان چيو تھ مير کي ٻڌايو ويو آھي تھ
تنھنجي مون سان مائٽي آھي، جي تون مون سان
نھ ھلندين تھ مير مون تي ناراض ٿيندو ۽
مون کي نقصان پھچائيندو. اتي مون خيال ڪيو
تھ ميرن سان ملي ، ھن جي دل جو احوال
معلوم ڪرڻ لاءِ ھيءُ چڱو موقعو مليو آھي.
پوءِ اٺ تي چڙھي پاڻ سان چار سوار وٺي،
مير جي بنگلي تي ويس. مير جو بنگلو مير
ٺاري خان جي زماني جو ٺھيل ھو ۽ نھايت
زبون ۽ بوسيده حالت ۾ ھو. مير درٻار ۾
ويٺو ھو. مون کي ويھڻ لاءِ منجي ڏنائين.
دستوري خوش خيرعافيت کان پوءِ پڇيائين تھ
”منھنجي لاءِ ڪرنل آئوٽرام جو ڪو خط يا
نياپو ڪونھ آندو اٿئي ڇا؟ سلام بھ ڪونھ
موڪليا اٿس؟“ مون چيومانس تھ ”مون کي ڪرنل
آئوٽرام نڪي سلام ڏنا آھن نڪي نياپو ۽ نڪي
آءٌ انھيءَ طرفان ھتي آيو آھيان. منھنجو
اھو جواب ٻڌي، چيائين تھ ”ڪرنل آئوٽرام ۽
اوھان پاڻ ۾ دوست آھيو.“ مون جواب ڏنومانس
تھ ائين نھ آھي، بلڪ پاڻ ھڪ ملڪ جا آھيون
۽ اسان جي وڏن جا پاڻ ۾ دوستانھ تعلقات
ھوندا ھئا، تنھنڪري مان پنھنجي ليکي توھان
جو سلام ڪري نياز حاصل ڪرڻ آيو آھيان.“
امام بخش نالي، ناگور جو ھڪ سيد، جو ان وقت درٻار ۾ حاضر ھو،
تنھن پڇيو تھ ”ھندستان ۾، جوڌپور جي
ڀرسان، انگريزن ۽ ٻين جي وچ ۾ جا جنگ لڳي
ھئي، تنھن جي ڪا توکي خبر آھي؟“ ھن اھو
سوال مون کان پڇيو، پر ان سوال جا ڪيترن
ئي ماڻھن ھڪ ئي وقت پنھنجا وات کولي جواب
ڏنا. ڪن چيو تھ انگريزن پادر کاڌا آھن ۽
ڪن چيو تھ ھنن کي شڪست فاش ملي آھي. مطلب
تھ سڀني ساڳيو سر آلاپيو ۽ انگريزن جي فوج
جي باري ۾ گھٽ وڌ ڳالھايو ۽ ھنن جي شان ۾
گستاخي ڪئي. مون ماٺ ڪري ويٺي ٻڌو ان وقت
مير مون ڏي منھن ڪري پڇيو تھ ”جواب ڇو نٿو
ڏين؟“ مون ورندي ڏني تھ ”سيد امام بخش مون
کي سوال پڇيو ۽ جيستائين مان جواب ڏيان ئي
ڏيان، تنھن کان اڳ ھنن ماڻھن انگريز سرڪار
جي بازي ۾ ناشائستھ گفتا، ناشائستھ لفظن ۾
چوڻ شروع ڪيا، مگر ائين ڪرڻ سان ھنن فقط
پنھنجي ناداني ۽ جھالت ڏيکاري آھي. چڱو
ھاڻي مير صاحب مون کي ٻڌو، توھان جا وڏا
لکين رپيا خرچ ڪري مختلف بادشاھن جي
درٻارين ۾ ايلچي موڪليندا ھئا، جي کين
صحيح معلومات فراھم ڪري ڏيندا ھئا. توھان
ننڍيءَ عمر وارا خورد سال امير آھيو ۽
توھان، اھو خرچ فضول سمجھي، اھو رواج ئي
بند ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان جي بدران ذاتي عيش
آرام ۽ آرائش جي سامان خريد ڪرڻ تي وڏيون
رقمون خرچ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آھن. ان جو
نتيجو ڇا آھي؟ توھان وٽ صحيح ۽ اعتبار
جوڳين خبرن جي بدران، جي بادشاھن جي
درٻارين ۾ ٻڌائڻ کپن، بزاري گپ ۽ آفيمين،
چرسين
۽ گانجي پيئڻ وارن جا افسانا ڦھلايا وڃن
ٿا. مير صاحب، جيڪڏھن ڪنھن جي روبرو ھن
خدا ڌرم، گروءَ يا مالڪ، جنھن جو ھو نمڪ
کائي ٿو، تنھن جي توھين ٿئي تھ ھن تي واجب
آھي تھ جي وس پڄيس تھ توھين ڪندڙ جي زبان
ڪٽي ڇڏي، پر جي ھن جي وس ۾ ائين نھ آھي تھ
ھن کي ٻڌو اڻٻڌو ڪري، ٽاري ڇڏي. مون
انگريز سرڪار جي توھين ٻڌي آھي ۽ سو بھ
توھان جي درٻار ۾. ان تي مون کي نھايت رنج
ٿيو آھي. پر مان سنڌ جو رھاڪو ۽ توھان جي
رعيت آھيان، تنھنڪري مان لاچار آھيان ۽ وس
نٿو ھلي!“ ائين چئي مان اٿي موڪلائڻ لاءِ
کڙو ٿيس. مون کي ويندو ڏسي چيائين تھ ”تر،
ترس!“ پر مان موڪلائي ھليو ويس، ۽ چيومانس
تھ ”توھان سان ڪنھن ٻئي موقعي تي ملاقات
ڪندس.“
مير شيرمحمد وٽان موٽي مون پنھنجي خاص گماشتي، ريواچند ميھر چند
کي چيو تھ تون تيار ٿي ٻيلاريءَ ۾ انگريزن
جي ڇانوڻي ۾، ڪرنل آئوٽرام جو ڏنل خزانو،
فوج جي سالار کي ڏئي، کانئس رسيد وٺي اچ.
وڌيڪ ھدايت ڪئيمانس تھ تون تيستائين فوج
سان رھي ان جي مدد ڪر، جيستائين ھو مير
شير محمد جي علائقي مان لنگھي حيدرآباد جي
ميرن جي حد ۾ وڃي پھچن. تنھن کان پوءِ تون
ميرپور موٽي اچ جتي مان تنھنجي لاءِ
ترسندس. ان کان سواءِ انگريزي فوج جي
سالار کان پنھنجن خدمتن جو چٺو ضرور
وٺجانءِ. مون ھن کي سورھن سوار ساڻ ڏنا ۽
ھو روانو ٿيو، پر دل ۾ ڏاڍو ڏر ھوس. مير
شير محمد وٽ جيڪي ڪجھھ وھيو واپرايو ھو،
تنھن جي باري ۾ مون ھن کي ڪجھھ بھ ڪونھ
چيو. جڏھن مير شير محمد کي پنھنجي صدر
مقام ۾ منھنجي اچڻ جي مقصد جي ڪابھ خبر نھ
پئجي سگھي، تڏھن حيدرآباد جي ميرصوبدار کي
لکيائين تھ ھن جي اچڻ جو مقصد ڇا آھي؟ مير
شير محمد، مير صوبدار سان ھمصلاح ھوندو ھو
۽ ھميشھ ھن سان صلاح مشورو ڪندو ھو. ھو
ڏاڍو بيچين ٿيو ۽ جيئن حقيقت معلوم ڪرڻ ۾
دير پئي ٿي، تيئن ھو وڌيڪ بيتاب پئي ٿيو.
آخر خبرن وٺڻ لاءِ حيدرآباد سان باقاعدي
ٽپال جو سلسلو شروع ڪيائين. مير صوبدار،
مير شير محمد جا شڪ شبھا دور ڪرڻ ۾ کيس
اطمينان ڏيڻ لاءِ پنھجا خاص عملدار، منشي
آوتراءِ ۽ منشي سلامتراءِ ميرپور موڪليا.
ھو وڏي طمطراق سان اچي پھتا. ھنن جي گھوڙن
کي سون ۽ چانديءَ جا سنج پيل ھئا. ديوان
سلامتراءِ، منھنجو دوست عزيز ھو. ھو منشي
آتراءِ جي چوڻ تي سڌو مون وٽ آيو. ھن
منھنجي دل جي منجھھ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
۽ بار بار پڇيائين تھ ”ميرپور ڇا جي لاءِ
آيو آھين؟“ مون ھڪ ئي جواب ڏنومانس تھ
”ميرپور جو پاڻي ۽ ھوا مشھور آھن، مون کي
صلاح ملي آھي تھ صحت لاءِ اتي وڃي رھھ.“
ھو ميرپور ۾ اٺ ڏينھن رھيا. انھيءَ وچ ۾
ديوان سلامتراءِ روز مون وٽ ايندو ھو.
تنھن کان پوءِ ھو حيدرآباد موٽي ويا. مون
کي خبر پئي تھ منشي آوتراءِ، مير شير محمد
سان وعدو ڪيو ھو تھ مان ڪرنل آئوٽرام سان
تنھنجي دوستي ڪرائيندس. مير کيس انھيءَ
خرچ – پکي جي عيوض ويھھ ھزار رپيا ڏيڻا
ڪيا ۽ اھڙو خط پڻ مير صوبدار ڏي لکيائين،
جنھن ۾ ڄاڻايائين تھ ڪرنل آئوٽرام سان
منھنجي دوستي بھ ساڳين شرطن تي ڪرايو، جن
تي حيدرآباد جي ميرن ڪئي آھي. چون ٿا تھ
منشي آوتراءِ اھو خط وٺي، ھڪدم حيدرآباد
روانو ٿي ويو. مان ميرپور ۾ ھوس جو ٻڌم تھ
مير نورمحمد گذاري ويو آھي. پنجاب جي راجا
رنجيت سنگھھ جي وڏي پٽ، راجا کڙڪ سنگھھ بھ
ساڳئي وقت پر ان تياڳيا ۽ ھن جو پوٽو نھال
سنگھھ پيءُ جي چکيا تان موٽندي، لاھور جي
قلعي جي ھڪ ونگ جي ڪرڻ ڪري مري ويو ھو.
منھنجو گماشتو ريواچند، انگريزن جي فوج کي حيدرآباد جي ميرن جي
علائقي ۾ سلامتيءَ سان پھچائي، منھنجا سڀ
احڪام پورا ڪري، مھيني کان پوءِ موٽي آيو،
جتي مان سمورو وقت رھيو پيو ھوس. ھو فوج
جي سالار کان پئسن جي پھچ جي رسيد ۽
پنھنجن خدمتن جو چٺو بھ وٺي آيو ھو.
انھيءَ وچ ۾ مان ڪڏھن بھ شير محمد سان ملڻ نھ ويس. ٽنڊي الھيار
۾ ھڪ ڏينھن ترسيس. شھر جي سڀني معزز ماڻھن
سنڌ جي رواج مطابق، ھر ھڪ پاڻ سان مصري يا
مکڻ سوکڙيءَ طور کڻي آيو ھو. ستين بجي شام
جو، مير شير محمد جي ننڍي ڀاءُ، مير شاھھ
محمد، جو ٽنڊي الھيار ۾ رھندو ھو، تنھن جا
ڪي خاص ملازم، مير جي پاران مون سان ملڻ
آيا مير جا سلام ڏئي چيائون تھ ”مير توسان
ڪنھن ضروري ڪم لاءِ، خانگي طرح ملڻ ٿو
گھري. ھو ھن وقت، ڀر واري باغ ۾، ھڪ ننڍي
بنگلي ۾ تنھنجو انتظار ڪري رھيو آھي. ھنن
جي بار پوڻ تي مان مير سان ملڻ لاءِ ويس.
ھو مون سان عزت سان پيش آيو ۽ چيائين تھ
منھنجي ڪرنل آئوٽرام سان دوستي آھي. مون
سندس اھا ڳالھھ قبول ڪانھ ڪئي، پر ھن پوءِ
بھ ساڳيءَ ڳالھھ کي وري دھرايو. چيائين تھ
”ڪرنل آئوٽرام مون ڏي تازو دوستيءَ ۾،
پنھنجي سرڪاري مھر سان خط لکيو آھي ۽ ان
سان گڏ ٻھ يورپي پستول پڻ موڪليا آھن.“
وڌيڪ چيائين تھ ”اسان جي دوستي آغا
اسماعيل شاھھ جي پٽ آغا ابراھيم شاھھ
ڪرائي آھي، جنھن جي عيوض مون ھن کي ھزار
بگن جي جاگير ڏني آھي. ان کان سواءِ مون
کيس اڍائي ھزار رپيا روڪ پڻ ڏنا آھن تھ
ڪرنل آئوٽرام کي ڪيمخاب وٺي ڏي. انھيءَ
کان سواءِ مون ھن کي ڪرنل آئوٽرام سان
ڳالھيون ھلائڻ لاءِ، سؤ رپيا (ڪوڙيون)
ماھوار ٻھ ڏيڻا ڪيا آھن. تون چئين تھ توکي
تسليءَ خاطر خط ۽ پستول ٻئي ڏيکاريان.“
مون ھن کي چيو تھ ”ڏيکار!“ جنھن تي ھڪدم
اھي ٻئي چيزون ڪڍي پيش ڪيون. مون خط ڏٺو
تھ اھو پارسيءَ ۾ لکيل ھو. لفافي تي لاک
جي مٿان فارسي اکرن ۾ چورسي مھرن پڻ لڳل
ھئي. مون ھن کي خاطري ڏني ۽ چيومانس تھ
”ھمت نھ ھار“. پڇيومانس تھ ”اھو خط مون کي
ٻھ – ٽي ڏينھن ڏيندين؟“ ھن خوشيءَ سان اھو
خط منھنجي حوالي ڪيو. پوءِ مان ھن کان
موڪلائي ستوءَ مل جي کوھھ وٽ پنھنجي
تنبوءَ ۾ آيس ۽ ڪوچ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو.
منھنجي روٽي تيار ھئي، پر ڄام ھالي جي
ٽنڊي پھچڻو ھو، جو ٽنڊي الھيار کان اٺن
ميلن جي مفاصلي تي آھي. اتي مان ٻھ – ٽي
ڪلاڪ ترسي، وري رات جو ئي حيدرآباد ڏانھن
روانو ٿيس. آءٌ صبح جو انگريزن جي
ڇانوڻيءَ ۾ پھتس ۽ ڪرنل آئوٽرام سان ٻيھر
ملي خوشي حاصل ٿيم. مون ھن کي ميرپور جو
سمورو احوال ٻڌايو ۽ مير شيرمحمد سان
گفتگو ۽ ھن جي سموري حالت کان کيس واقف
ڪيم. اھو بھ ٻڌايومانس تھ ڪيئن منھنجي
گماشتي ريواچند، مير شير محمد جي علائقي ۾
انگريزن جي فوج جي ڪھڙي خدمت ڪئي ھئي ۽
کيس سپھھ سالار جو اھو خط پڻ ڏيکاريم،
جنھن ۾ ھن ريواچند جي خدمتن جي تعريف ڪئي
ھئي. جو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ منھنجو شڪريو ادا
ڪيائين. ٨- ڊسمبر ١٨٤١ع تي ھن ھند سرڪار
ڏي ھڪ خط لکيو، جنھن ۾ منھنجن خدمتن جو
سرڪاري طور، ھيٺين لفظن ۾ اعتراف ڪيل آھي.
”مان ھن موقعي تي، توھان جو ڌيان پنھنجي چوٿينءَ جون مھيني جي
خط ڏانھن ڇڪائڻ گھران ٿو، جنھن ۾ مون سيٺ
نائونمل جي لاءِ، ھن جي اڳين خدمتن جي
عيوض، ٿورڙي پينشن ۽ خلعت جي سفارش ڪئي
آھي. ان خط جو جواب اڃا ڪونھ موصول ٿيو
آھي. ان کانپوءِ بھ ھن انگريز سرڪار جي
شيدائي کان مون کي مزيد امداد ملندي پئي
رھي آھي، فوج جي امداد متعلق مير شير محمد
سان جيڪي ڳالھيون ٻولھيون ھلايون ويون
آھن، انھن ۾ ھن نمايان بھرو ورتو آھي ۽ ھن
منشي ڄيٺانند جي ٺڳين ظاھر ڪرڻ ۾ بھ اسان
سان وڏو تعاون ڪيو آھي، جنھنڪري ھن، منشي
ڄيٺانند ۽ شھر جي ٻين بااثر شاھوڪارن جن
جو انھن ٺڳين ۾ ھٿ ھو، تن جو پڻ دشمني
پرائي آھي.“
مون جڏھين ڪرنل آئوٽرام کي، مير شاھھ محمد سان ملڻ ۽ وٽانئس
جعلي خط ھٿ ڪرڻ جي خبر ٻڌائي، تڏھن ھو
ڏاڍو خوش ٿيو. مون کيس اھو جنسي خط جو ان
وقت مون وٽ موجود ھو، ڪڍي ڏيکاريو. خط
پڙھي چيائين تھ ”ھي خط منھنجي نالي آھي ۽
ان تي، فارسيءَ ۾ جعلي مھر لڳل آھي. خط ۾
ڪيمخاب جي پھچ ۽ پستولن موڪلڻ جو پڻ ذڪر
ڪيل آھي.“ ان کان پوءِ مون ٻڌايومانس تھ
”مير مون کي ٻڌايو آھي تھ اسان جي اھا
دوستي آغا ابراھيم شاھھ ڪرائي آھي، جنھن
کي مون انھيءَ خدمت جي عيوض ڪافي انعام پڻ
ڏنا آھن.“ تنھن تي چيائين تھ ”ھي انگريز
سرڪار سان ھڪ وڏو دوکو آھي. تو ھڪ وڏو
ڄرڪو ڦاسايو آھي.“ تنھن کان پوءِ ھن ھڪدم
مير نصير خان ڏي ھڪ سخت خط لکيو، جنھن ۾
اھا گھر ڪئي وئي تھ آغا ابراھيم شاھھ
تفتيش لاءِ، سفارتخاني ۾ موڪليو وڃي. مير
نصير خان، ابراھيم شاھھ ۽ ھن جي سڀني وڏن
ڀائرن کي پاڻ وٽ درٻار ۾ گھرائي، جاچ ڪئي
۽ آخر ابراھيم شاھھ پنھنجو ڏوھھ قبول ڪيو.
تنھن کان پوءِ ھڪڙي ڏينھن شام جو ستين
بجي، مير نصير خان خود گھوڙي تي چڙھي،
ڪرنل آئوٽرام وٽ آيو ۽ چيائينس تھ ”جاچ
توھان پاڻ نھ ڪريو ڇاڪاڻ تھ آغا ابراھيم
شاھھ، سنڌ درٻار جي وڏي سردار، آغا
اسماعيل شاھھ جو پٽ آھي، جنھن کي خاص
امتياز طور پالڪيءَ ۾ چڙھڻ جي اجازت مليل
آھي. جيڪڏھن مان آغا ابراھيم شاھھ کي
توھان جي حوالي ڪندس، تھ ان ۾ سنڌ جي
درٻار جي توھين ٿيندي. مان پاڻ آغا کي
مناسب سزا ڏيندس، جو ھن پنھنجو ڏوھھ قبول
ڪيو آھي.“ چنانچھ آغا ابراھيم شاھھ کي مير
ٻھ سال قيد جي سزا ڏني ۽ ھن کي انگريزن جي
ڇانوڻيءَ ۾ ھڪ توبچيءَ جي نگرانيءَ ۾ رکيو
ويو. تنھن کان پوءِ ڪرنل آئوٽرام مون کي
چيو تھ ھاڻي مون کي اھو خط ھٿ ڪري ڏي، جو
مير شير محمد پنھنجي عملدار منشيءَ
آوتراءِ جي معرفت، مير صوبدار ڏي، ويھھ
ھزار رپين جي معاوضي تي مون سان دوستي
ڪرائي ڏيڻ لاءِ لکيو ھو. مون ڪرنل آئوٽرام
کي چيو تھ ان معاملي تي ڪافي خرچ ٿيندو.“
ھن مون کي خاطري ڏني تھ ھند سرڪار مناسب
خرچ ڀري ڏيندي. ان کان پوءِ مون مناسب
ڪارروائي شروع ڪئي ۽ انھيءَ دستاويز ھٿ
ڪرڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوشش ۽ جفاڪشي ڪندو رھيس.
آخر اڀرئيمل نالي، ھڪ حيدرآباد جي عامل
وعدو ڪيو تھ مون کي ٩٠٠ رپيا (ڪوڙيون)
اجورو ڏيو، تھ مان جنسي خط پيش ڪندس.
اڀرئومل مشھور و معروف ماڻھو ھو. مير شير
محمد ھن جا ڪنھن ٺڳيءَ جي ڏوھھ ۾ ٻيئي ڪن
ڪپرايا ھئا. مون ڏٺو تھ ڪرنل آئوٽرام خط
ھٿ ڪرڻ لاءِ ھيترو منتظر آھي، تنھنڪري
جڏھن اڀرئيمل ھڪدم خط آڻي ڏيڻ جو وعدو ڪيو
۽ ساک ڏني، تڏھن مون خوشيءَ سان کيس ٩٠٠
رپيا اڳواٽ ڪڍي ڏنا. ان کان پوءِ مون وري
اڀرئيمل جي شڪل ڪانھ ڏٺي ۽ ھو حيدرآباد
ڇڏي ڪيڏانھن گم ٿي ويو. مون اھا حقيقت
ڪرنل آئوٽرام سان ڪئي، جنھن چيو تھ ”اھي
پئسا پاڻيءَ ۾ ويا. سرڪار توکي پائي بھ
ڪانھ ڏيندي، پئسن ڏيڻ کان اڳ توکي ان
ماڻھوءَ متعلق خاطري ڪرڻ کپندي ھئي.“
تنھن کان پوءِ، جلد ئي مير شير محمد ۽ مير نصير خان جي وچ ۾ حد
بنديءَ تان تڪرار ٿيو ۽ ٻيئي ڌريون
لڙائيءَ جي تياري ڪرڻ لڳيون. ڪرنل آئوٽرام
وچ ۾ پئي، ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ باعزت صلح
ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. آخر ھن جي ڪوشش تي
امين مقرر ٿيا ۽ ڌرين فيصلي قبول ڪرڻ جو
وعدو ڪيو. ڪرنل آئوٽرام، انگريز سرڪار جي
پاران پنھنجي نائب مسٽر وائيٽ لاڪ ۽ مون
کي امين مقرر ڪيو. مير نصير خان، نواب
احمد خان لغاري، محمد يوسف (وڏو) ۽ منشي
وھيرام آڏواڻيءَ کي پنھنجا عيوضي ڪري
موڪليو. اھڙيءَ ريت مير شير محمد جي پاران
ھن جو سھرو علي خان ٽالپر ۽ جعفر خان
نظاماڻي وڪيل مقرر ڪيا ويا. اسان الھيار
جي ٽنڊي ۾ وڃي پندرھن ڏينھن رھي فيصلو
ڪيو.
اسان حيدرآباد موٽي آياسين، تنھن کان پوءِ ڪرنل آئوٽرام ھڪ
مھيني لاءِ بمبئيءَ ويو. وڃڻ وقت چيائين
تھ ”اميد آھي تھ جڏھن مان موٽي ايندس تھ
مير شير محمد وارو خط مون کي ڏيندين. خط
ھٿ ڪري پاڻ وٽ حفاظت سان رکجانءِ. ڪرنل
آئوٽرام جي مرضيءَ مطابق مان سرٽوڙ ڪوشش
شروع ڪري ڏني. آخر گھڻي محنت، جانفشانيءَ
۽ خرچ خان پوءِ اھو جنسي خط ھٿ ڪري، ڪرنل
آئوٽرام جي نائب ڪئپٽن ليڪيءَ کي سفارخاني
۾ وڃي ڏيکاريم. ھن، اھو خط پڙھائي مون کي
چيو تھ ”اھو منھنجي حوالي ڪر.“ پر مون
بيوقوفي ڪري، کيس جواب ڏنو تھ ’ڪرنل
آئوٽرام مون کي چئي ويو آھي تھ اھو خط پاڻ
وٽ محفوظ ڪري رکجانءِ‘، مان واپس اچي
توکان وٺندس، تنھنڪري ڪرنل آئوٽرام ڏي خط
لکي ساڻس مشورو ڪر تھ ڪنھن جي حوالي ڪجي.“
منھنجو جواب ٻڌي، ھن اھو مون کي موٽائي
ڏنو، پر سندس شڪل مان ظاھر ھو تھ ھن کي
اھا ڳالھھ نھ وڻي ھئي. ٿورن ڏينھن کان
پوءِ ڪرنل آئوٽرام موٽي آيو ۽ ڪئپٽن
ليڪيءَ منھنجي خلاف ھن جا ڪن ڀرڻ شروع
ڪيا. مان پنھنجي ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾
ڪرنل آئوٽرام وٽ فخر سان ملڻ ويس. ھن کي
منھنجو اطلاع ڪيائون تھ چوائي موڪليائين
تھ ”مون کي ملڻ جو وقت ڪونھ آھي، تو وڃي
ڪئپٽن ليڪيءَ سان مل“. مان حيران ٿي ويس.
مون کي ڪرنل آئوٽرام جي شفقت جو ايترو
ڀروسو ھوندو ھو، جو اھڙي رکي جواب ملڻ تي
ڪڏھن سوچي ئي ڪين ٿي سگھيس. ڏک ٿيم تھ
جنھن دستاويز ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪرنل کي ھيڏو
انتظار ھو ۽ جنھن لاءِ ھيتري تڪليف، محنت
۽ خرچ ڪيم، سي سڀ رائگان ويا. مون ھميشھ
بي لوث خدمت ڪئي ھئي، پر ان جو ڪوبھ قدر
ڪونھ ڪيو ويو! مان نااميد ٿي، گھر موٽي
آيس ۽ ان کان پوءِ مون کي ڪرنل آئوٽرام يا
ڪئپٽن ليڪيءَ وٽ وڃڻ لاءِ دل ئي ڪانھ ٿي.
ھن واقعي کان ڏھن – ٻارھن ڏينھن پوءِ،
ھڪڙيءَ رات مان سمھيو پيو ھوس تھ منھنجي
مخفي صندوق چوري ٿي وئي، جنھن ۾ مير شير
محمد وارو خط، ڪرنل پاٽنجر جو سنڌ مان
روانگيءَ وقت سرڪار ڏانھن موڪليل تحرير جو
تصديق ٿيل نقل، ڇھھ سؤ رپين جي قيمت جو
موتين جو جوڙو ۽ ڪي ٻيون قيمتي شيون پيل
ھيون. مان انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ رھندو
ھوس، جنھن ۾ خاطريءَ جھڙو انتظام ۽ پھرو
ھوندو ھو. مون سمجھيو تھ شايد ڪنھن چرچو
ڪري پيتي لڪائي ڇڏي آھي. پر جڏھن گھڻيءَ
ڳولھا ۽ تفتيش کان پوءِ بھ صندوق نھ ملي،
تڏھن مون سخت ارمان محسوس ڪيو ۽ سوچيم تھ
انھيءَ ڪڍي ڪم لاءِ ڪينو ۽ حسد ذميوار
آھن، نھ ذاتي طمع. مون کي صندوق ۾ پيل
زيورن ۽ جواھرن جي چوريءَ ٿي وڃڻ جي ڪابھ
پرواھھ ڪانھ ھئي ۽ نڪي مون کي شير محمد جي
خط کڄي وڃڻ جي ڪا ڳڻتي ھئي. مون کي جيڪڏھن
ڪنھن ڳالھھ جو فڪر ھو، تھ ڪرنل پاٽنجر
واري خط جي نقل جي چوري ٿي وڃڻ جو. ڪرنل
پاٽنجر مون سان انھيءَ خط جي ڏاڍي ساراھھ
ڪئي ھئي ۽ مون کي خاطري ڏني ھئائين تھ
جيتوڻيڪ سنڌ اڃا ميرن جي تابع آھي، پر
توکي ڪنھن ڏينھن ضرور انھيءَ خط مان فائدو
رسندو. مون خيال ڪيو تھ اھو بيش بھا خط،
ميرپور واري دستاويز جي ڪري گم ٿيو آھي
ڏاڍو پڇتايم تھ اھي ٻئي خط ھڪ صندوق ۾ گڏ
ڇو رکيا ھئم. مون کي ياد ھو تھ ھڪڙي ڏينھن
ڪرنل پاٽنجر مون کي ٻڌايو ھو تھ ”مون
تنھنجي انھيءَ خط جو نقل ڪرنل آئوٽرام ڏي،
سنڌ جي سفارتخاني جي دفتر لاءِ موڪليو
ھو.“ مون پوءِ ڪرنل آئوٽرام جي وڏي منشيءِ
کي چيو تھ ”مون کي سفير جي دفتر مان
انھيءَ خط جو ٻيو نقل آڻي ڏي.“ ھن اھا
ڳالھھ قبول ڪئي، پر پوءِ جواب ڏنائين تھ
مون ڳولھا ڪئي آھي، پر اھو خط دفتر ۾ آھي
ئي ڪونھ،
حالانڪھ مون پاڻ ڪنھن وقت ساڳيو خط دفتر ۾
ڏٺو ھو. انھيءَ خبر، منھنجي ڏک ۾ پاڻ
اضافو ڪري ڇڏيو ۽ ساڳئي وقت حيدرآباد جي
آرھڙ جي گرميءَ بھ مون تي پنھنجو چڱو اثر
ڏيکاريو ۽ مون کي بخار ۽ الٽيون ٿي پيون.
سفارتخاني جو ڊاڪٽر منھنجو علاج ڪندو ھو ۽
دوا درمل ڏيندو ھو. ھڪڙي ڏينھن منھنجي
تمام نازڪ حالت ٿي ويئي. ڪرنل آئوٽرام کي
جڏھن خبر پئي تھ ھو ھڪ ڊاڪٽر کي ساڻ وٺي
مون کي پڇڻ آيو. ڊاڪٽر جي موچاري علاج،
تيمارداريءَ ۽ خدا جي فضل سان منھنجي حالت
سڌرندي وئي، پر پوريءَ طرح شفاياب ٿيڻ ۾
گھڻو وقت لڳو. چاق ٿيڻ کان پوءِ ڪرنل
پاٽنجر جي سفارشي خط جي چوري ٿي وڃڻ جو ڏک
منھنجي دل مان ڪين ويو.