باب
چوٿون
مسلمانن جو ھنگامو – ھندن تي جلھھ – نائونمل جي پيءُ، سيٺ
ھوتچند کي حيدرآباد کان سڏ – پرسرام جو فرار ٿي
وڃڻ – ھوتچند سان وحشيانھ ورتاءُ – ڪڇ ۾ پناھھ وٺڻ
– مير مراد عليءَ کي ليلائڻ – شاھھ شجاع ھٿان ميرن
جي ھار – ڪلڪتي واري ڪوٺيءَ جو بند ڪرڻ – سر
اليگزينڊر برنس – ميرن جي مخالفت – ڪئپٽن ڪارليس
جو وارد ٿيڻ – نائونمل جو کيس نواب جي چنبي مان
بچائڻ – بندرگاھھ جي جاچ پڙتال – نائونمل کي، ڪرنل
پاٽنجر جي، سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ، فوج لاءِ، اٺن ۽
ٻئي سامان جي مھيا ڪري ڏيڻ لاءِ فرمائش – جو کين
جو ڄام – گھاري ۽ نائونمل سان آئوٽرام جي ملاقات –
نائونمل طرفان وھٽ ۽ ٻيو سامان مھيا ڪري ڏيڻ –
نائونمل گھوڙا ٻاريءَ وٽ انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ -
پاٽنجر، ايسٽوڪ ۽ سر جان ڪين سان ملاقات –
بامنيڪوٽ ۾.
سنبت ١٨٨٨ (٣٢-١٨٣١ع) ۾، ھڪڙي ڏينھن نصرپور جي ھڪ ھندو مزور جي
پٽ ڪندي، سان، سندس واجھي (استاد)، جنھن وٽ پڻس
کيس پڙھڻ لاءِ ويھاريو ھو، سختي ڪئي. ڇوڪر بيزار
ٿي وڃي ھڪ مسجد جي در جي ڀرسان بيھي رھيو. اھا
مسجد ان محلي ۾ ھئي، جتي ھاڻي ڌوٻي رھندا آھن. ڪن
مسلمانن جي ھن تي نظر پئي ۽ ريھي ريبي اندر وٺي
وڃي ويھاريائونس. ان تي ڪاوڙجي ھندو دڪاندارن
پنھنجا دڪان مسلمانن لاءِ بند ڪري ڇڏيا، ۽ ھنن کي سودي سودي ڏيڻ کان
انڪار ڪيائون. مسلمانن انتقام وٺڻ لاءِ لياري جي
پيٽ ۾ جي کوھھ ھئا ۽ جتان ھندو پيئڻ لاءِ پاڻي
ڀريندا ھئا، تن کي پليت ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينھن، نورل
شاھھ نالي ھڪ سيد، اسان جي محلي مان بدشد
ڳالھائيندو ۽ فاحش الفاظ چوندو لنگھي ويو. منھنجو
ننڍو ڀاءُ پرسرام جو ان وقت محلي جي ٻاھرين در وٽ
بيٺو ھو، تنھن سيد کي نرميءَ سان ورجايو تھ ھي گٿا
لفظ، بدسلوڪي ۽ بيمروتي تنھنجي منھن تي نٿي پئي.
ان تي ڇا تون ڇا ٿي ۽ نور شاھھ مذھبي جوش ۾ اچي
چيو تھ ”پرسرام منھنجي ۽ اسان جي رسول جي شان ۾
گستاخانھ الفاظ ڪم آندا آھن.“ مسلمانن جا ھشام اچي
ڪٺا ٿيا. جوش ۽ انتقام ھنن جي اکين مان پئي ٽپڪيو.
ھندو بھ گڏ ٿيا ۽ رٿون رٿيائون تھ ھاڻي ڇا ڪجي.
سيد نورل شاھھ ٺٽي، شاھھ بندر، مٽيارين، حيدرآباد
۽ ھالا وڃي، قرآن مصحف وجھي، مومنن کي ڀڙڪايو تھ
ٻيلي ھاڻي اٿي ڪا واھر ڪريو. اھا خبر سڄيءَ سنڌ ۾
پکڙجي وئي ۽ سڄي صوبي کي مذھبي جوش جي باھھ وڪوڙي
ويئي. مسلمان سڀ يڪمشت ٿي ويا. ھندو بھ گڏ ٿيڻ
لڳا. انھيءَ وچ ۾ منھنجو ڀاءُ پرسرام ڪنھن نموني
کسڪي سنڌ مان جيسلمير
ھليو ويو. مسلمان، وڏي تعداد ۾
اچي حيدرآباد ۾ گڏ ٿيا ۽ ڏاڍو شور ڪيائون. مير
مراد عليءَ تي زور ڀريائون تھ سيٺ ھوتچند کي فرمان
موڪلي تھ پنھنجي پٽ پرسرام کي
حيدرآباد روانو ڪري. پرسرام ڪراچيءَ ۾ ڪونھ ھو.
مير مراد عليءَ ٻيو فرمان موڪليو تھ پٽ جي بدران
تون اچي حاضر ٿيءُ. تنھنڪري سيٺ ھوتچند اٽڪل ٻھ
ھزار ھندو ساڻ وٺي پاڻ حيدرآباد روانو ٿيو. فرمان
سان گڏ سيٺ جي حفاظت لاءِ ھڪ فوجي دستو بھ آيو ھو.
ھن سيٺ کي جان جي سلامتيءَ جي خاطري ڏني ۽ چيائونس
تھ اسان سان گڏجي ھل. مسلمان ارھھ زورائي ۽
سرڪشيءَ کان ڪم وٺڻ لڳا، پر مير مراد عليءَ ھنن کي
منع ڪئي ۽ سيٺ ھوتچند جي خلاف ھٿ کڻڻ کان روڪيو.
پوءِ مسلمان وڃي مير مراد عليءَ جي ڌيءُ وٽ پھتا.
جا پڳ
جي وارث مير محمد جي زال ھئي. ھن کي ميڙون منٿون ڪري
پنھنجي طرف ڪيائون. پوءِ ھن کي قرآن ڏئي پڻس ڏي
ميڙ ڪري موڪليائون ھو کيس جواب تھ نھ ڏئي سگھيو،
پر چيائينس تھ سيدن کي سمجھاءِ تھ حيدرآباد ۾ ڪا
زيادتي نھ ڪن ۽ وڌيڪ ارشاد فرمايائين تھ مان ھنن
کي نصرپور
جي پير ڏي موڪليان ٿو، پوءِ
اتي جيڪي وڻين سو ڪن. پوءِ سڀ نصرپور ويا. مير
مراد عليءَ پاران، سيد ذوالفقار ۽ علي شاھھ بھ
ساڻن گڏجي ويا. پر مير جا عيوضي تعصبي مسلمان ھئا
۽ اندروني طرح ٻين مسلمانن سان مليل ھئا. نصرپور ۾
قاضيءَ مسلمانن کي ٻڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ پاڻ وٽ بحث
ڪرڻ جي اجازت نھ ڏنائين. ڇاڪاڻ تھ ھن ڏٺو تھ
مسلمان ظلم تي سنڌرو ٻڌي بيٺا آھن. پر مسلمان گھڻا
ھئا ۽ ڏاڍو شور ھون. ھو ھندن تي اوچتو حملو ڪري،
سيٺ ھوتچند کي وچان اغوا ڪري ويا. اتان ھو سڌو
حيدرآباد آيا، جتي ٻھ ٽي ڪلاڪ ترسي، ٻيڙي ڀاڙي
ڪري، ٺٽي ۽ شاھبندر تعلقي
۾ باگاڻيءَ ڏانھن روانا ٿي ويا. باگاڻيءَ ۾ ھو نورل شاھھ جي ھڪ
عزيز، منلو شاھھ جي گھر ۾ وڃي رھيا، جو ھڪ مشھور
ڪٽر سيد ھو. اتي ڏھھ – يارھن ڏينھن گذري ويا، پر
سيٺ ھوتچند ھڪڙي ڏينھن بھ کاڌو نھ کاڌو. ھو فقط
ڦلن جي مٺ ۽ ڀڳڙن
تي گذران ڪندو ھو، جو پروءَ نالي اسان جو ھڪ وفادار
ملازم کيس ڏيندو ھو. اھو پرو ويس ۾ نالو بدلائي،
سيٺ سان گڏ ويو ھو ۽ سمورو وقت ساڻ ھوس. آفرين آھي
منھنجي پيءُ کي، جو ھو ڪڏھن بھ ملول ٿيو ۽ نڪي دل
لاٿائين، ھن سڄا ڏھھ ڏينھن، بک ۽ اڃ، نھايت تحمل ۽
صبر سان برداشت ڪئي. انھن ڏينھن ۾ ھو فقط چڻن ۽
درياءَ جي پاڻيءَ تي گذران ڪندو ھو. ھن کي اھا ڄاڻ
ھئي تھ مسلمان کيس ڀڄي وڃڻ نھ ڏيندا، تنھنڪري ھو
جتي بھ کيس وٺي ٿي ويا، اتي ساڻن بي ڊپو ٿي ويو.
باگاڻيءَ ۾ مسلمانن خيال ڪيو تھ ھن کي زوريءَ
مسلمان ڪجي. پر ايڏيءَ وڏيءَ عمر واري ماڻھوءَ (ھو
پنجاھھ ورھين کان وڌيڪ عمر جو ھو) جو طھر
ڪرڻ قرآن جي خلاف ھو. تنھن کان
سواءِ، ھو ڊنا بھ پئي تھ ان ڳالھھ جو سڀان ڪھڙو
حشر ٿيندو. تنھنڪري ھو ترسيا تھ من ڪو رستو نڪري
اچي. انھيءَ وچ ۾ مير مراد عليءَ کي ھنن جي ارادن
کان آگاھھ ڪيو ويو. ھن خيال ڪيو تھ خبر نھ آھي ان
ڳالھھ جو انجام ڪھڙو ٿيندو. ڇاڪاڻ تھ ھندن، سنڌ جي
ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين انھن ڪاررواين جي خلاف
احتجاج بلند ڪيو، ڪڇ ۽ جيسلمير جي راجائن بھ سنڌ ۾
جيڪي ٿي گذريو ھو، ان تي پنھنجي ڏک جو اظھار ڪيو
ھو. مير مراد عليءَ پنھنجي ڪئي تي پڇتايو ۽ ٺٽي جي
نواب، غلام حيدر ڇانگاڻيءَ کي واضح حڪم موڪليائين
تھ سيٺ ھوتچند کي مسلمانن جي چنبي مان آزاد ڪرائي،
ھڪدم پاڻ سان حيدرآباد وٺي اچي.
چنانچھ غلام حيدر سڌو باگاڻيءَ وڃي سيٺ ھوتچند کي آزاد ڪرائي،
حيدرآباد وٺي آيو. اھڙيءَ طرح سيٺ نصرپور مان اغوا
ٿيڻ بعد ڏھھ – يارھن ڏينھن ساندھھ، پنھنجي ڌرم جي
بچائڻ خاطر، سخت بکون ڪاٽي ۽ مسلمانن جي ھٿان
طرحين طرحين جون سختيون سھي، وري اچي حيدرآباد
پھتو. مسلمانن جي مرضي ھئي تھ سيٺ کي بکون ڏيئي،
مجبور ڪري، پنھنجي ٿانون ۾ کاڌو کارايون. آخر
حيدرآباد اچڻ سان سيٺ ھڪ ھندو رسويو رکيو، جنھن
روٽي تيار ڪئي، جا ھن ڪيترن ڏينھن کان پوءِ پھريون
دفعو کاڌي.
مير مراد عليءَ کي جڏھ سيٺ ھوتچند جي اچڻ جي خبر ملي، تڏھن ھڪدم
کيس پاڻ وٽ گھرائي، پڇيائين تھ ”ھاڻي تنھنجو ڪھڙو
ارادو آھي؟“ سيٺ جواب ڏنس تھ مون کي ھاڻي وري ھن
دنيا ۾ دنيوي ماڻھو ٿي رھڻ جي مرضي نھ آھي. مان
پنھنجا ڏينھن صوفي فقير
ٿي گذاريندس.“ مير مراد عليءَ
ان ھو جواب ٻڌندي پنھنجي طرفان ڏک جو اظھار ڪيو ۽
چيائينس تھ ”جيڪا تنھنجي مرضي.“ پوءِ رخصت وٺي مير
جي ھڪ خاصخيليءَ
،
سجاول جي خالي اوطاق ۾ وڃي رھيو. اسان جا حيدرآباد
۾ سوين رشتيدار ھئا. ھو سمورو وقت سيٺ ھوتچند جي
جاءِ جي ٻاھران پئي ڦريا. ھنن مخفي طرح ھاڻوڪي
ٽنڊي غلام عليءَ جي مير خان محمد جي والد بزرگ،
مير غلام علي خان فيروز سان ھن کي چوريءَ ڇپيءَ
ڪڍي وڃڻ جو انتظام ڪيو ھو. مير غلام علي، سيٺ
ھوتچند تي مھربان ھو. ھن جي وڏن جي سيٺ ڪيولرام
سان دوستي ھوندي ھئي، جنھنڪري بھ ھن جي ساڻس
ھمدردي ھئي. ھن جي مرضي ھئي تھ سيٺ ھوتچند جا دوست
ھن کي ڪنھن طرح ڦليليءَ
جي ڪپ تائين پھچائين، تھ ھو پاڻھي ھن کي سنڌ جي مسلمانن
جي چنبي کان ٻاھر ڪڍي وڃڻ جو بندوبست ڪندو.
چنانچھ، سيٺ کي مير مراد عليءَ اطلاع ڪيو تھ تون آزاد آھين ۽
ساڳيءَ رات منھن اونداھيءَ ۾ ھو دوستن جي مدد سان
ويس بدلائي ڦليليءَ جي ھن ڀر ويو. مير غلام علي
اتي پاڻ ترسيو ويٺو ھو، ۽ ھو کيس پرھھ ڦٽيءَ کان
گھڻو اڳ، مير محمود جي ٽنڊي جي ويجھو، راھن جي ڳوٺ
۾، خير سان پھچائي آيو. جتي وفادار محافظ کيس لکپت
پھچائڻ لاءِ تيار ويٺا ھئا. لکپت ۾ اسان جي ڪوٺي ھئي،
جتي گھڻائي گماشتا رھندا ھئا. اسان جو سرگماشتو،
ڪرمچند مولياڻي ھو، جو ڪڇ جي راءِ
کي سيٺ ھوتچند جي باري ۾ سڀ خبرون پھچائيندو ھو. جڏھن
راءُ کي اطلاع مليو تھ سيٺ کي لکپت ٿا وٺي اچن تھ
ھن پنھنجي مکيھ ڪمدار ڏي لکيو تھ سنڌ واري طرف،
ڪوريءَ جي ڪناري تي، ھڪ ٻيڙي کاڌي پيتي جي سامان
سان، پنجويھن سپاھين سميت تيار رکي، جي ھن کي ھڪدم
لکپت پھچائين. تنھنڪري سيٺ جڏھن اتي پڌاريو تھ ھن
جي پرجوش آجيان ڪئي ويئي. جڏھن مير مراد عليءَ ۽
سنڌ جي مسلمانن کي سيٺ جي لکپت پھچڻ ۽ استقبال جي
خبر پئي، تڏھن ھو ڏاڍا شرمسار ٿيا ۽ مير اھڙو تھ
سوگ ڪيو جو ڄڻ تھ ڪا قيمتي شيءِ ھن جي ھٿن مان
اوچتو نڪري وئي ھئي. ڪراچيءَ مان اسان پنھنجي
بمبئيءَ جي وڏي منيب، گدومل جي پٽ گلابراءِ ۽ ٻين
کي سيٺ ھوتچند سان ملڻ لاءِ لکپت موڪليو. ڪجھھ وقت
کان پوءِ منھنجو ڀاءُ پرسرام، جيسلمير جي راجا کان
اٺ ۽ ماڻھو وٺي لکپت ويو. لکپت کان سيٺ ھوتچند
ياترا لاءِ نارائن سر
ويو ۽ دان – پڃ، ٻانڀڻن ۽ اتان
جي ھندن کي کارائڻ تي گھڻو خرچ ڪيائين. نارائن سر
مان ٿي ھو لکپت موٽي آيو، جتي ڏھھ ورھيھ لکپت
واريءَ ڪوٺيءَ جي ڪاروبار جي نظرداري ڪندو رھيو.
اسان کي پراسچيت جي ڪرياڪرم تي لک رپيا خرچ ڪرڻا
پيا.
اسان جي گھڻي وقت کان ڪلڪتي ۾ ڪوٺي ھوندي ھئي. ڪوٺيءَ جو مکيھ
منيم يا ڪارڪن، نڀومل موٽومل ھو.
سنبت ١٨٨٩ (٣٣-١٨٣٢ع) ۾، ھن ”آبگرس“ نالي ھڪ يورپي جھاز خريد
ڪيو، ۽ راچرس نالي ھڪ انگريز کي، ان جو ڪئپٽن مقرر
ڪيائين، جو چار سو رپيا ماھوار پگھار کڻندو ھو. ھن
جھاز ۾ ٻيا بھ مختلف عھدن وارا عملدار ھئا. ڪپتان
جي ھيٺان ھڪ انگريز نائب ھو، جنھن کي مھيني ۾ ٻھ
سؤ رپيا ملندا ھئا. ڪپتان سان سندس زال، جا بھ ھڪ
انگريز ھئي، گڏ ھئي. اھو جھاز چين ۽ جاوا جي وچ تي
ڀاڙو کڻندو ھو ۽ بعضي بمبئيءَ ۽ ملبار جي ڪناري تي
جيڪي شھر آھن، تن لاءِ مال کڻي ويندو آھي.
مير مراد عليءَ سنبت ١٨٩٠ (٣٤-١٨٣٣ع) جي اسوءَ مھيني ۾ گذاري
ويو. مرڻ کان اڳ، جڏھن اڃا ھن جا حواس سالم ھئا،
تڏھن ھن پنھنجي دل جا غبار لاھڻ ھيٺينءَ ريت ظاھر
ڪيا:
”مون کي ھاڻي بچڻ جي ڪابھ اميد ڪانھ آھي، پر مون کي ان ڳالھھ جو
سخت افسوس آھي تھ مان شاھھ شجاول کي لڌياني کان حيدرآباد اچڻ کان پوءِ، ڇو رھڻ جي اجازت
ڏني ۽ ھن جي رھائش جو انتظام ڇو ڪيو.
٢- انگريز سرڪار سان معاھدو ڇو ڪيو. جيڪڏھن مان جيئرو ھجان ھا
تھ اھو ضرور پاريان ھا، پر مون کي شڪ آھي تھ
منھنجا جانشين ان جي عزت يا پوئواري نھ ڪندا.
٣- مان پنھنجن پٽن جي وچ ۾ ٺاھھ ڪرائڻ ۾ ناڪامياب ٿيو آھيان.“
مير انھن احساسن جي اظھار ڪرڻ کان ٻھ ڏينھن پوءِ گذاري ويو. ھن
جي وفات کان پوءِ شاھھ سجاول، شڪارپور ۾ زور ورتو
۽ پنھنجو اثر وڌايو. ان تي حيدرآباد جا گڏيل
حڪمران مير نورمحمد، نصير خان، مير محمد خان ۽ مير
صوبدار خان، بنا سوچ سمجھھ جي، ھڪ وڏو ڪٽڪ (ڏسڻ جو
ڏيل) وٺي شاھھ سجاول تي ڪاھي ويا. ھو روھڙيءَ جي
ڀرسان سنڌونديءَ جي ڪناري تي ڇانوڻي ھنيو ويٺو ھو.
شاھھ سجاول (شجاع) جو وزير، سمندر خان، اٺ ھزار
روھيلن ۽ خراساني پٺاڻن جي فوج سان ھنن جو مقابلو
ڪيو. سنڌونديءَ جي ھن ڀر، سکر طرف سخت لڙائي لڳي،
جنھن ۾ ميرن جي پنجاھھ ھزار لشڪر شڪست فاش کاڌي.
ھن واقعي، يعني سمندر خان جي فتح ۽ ٽالپرن جي شڪست
جي سڀڪنھن کي خبر آھي، تنھنڪري ان کي تفصيلوار
دھرائڻ جي ضرورت نھ آھي.
سنبت ١٨٩٢ (٣٦-١٨٣٥ع) ۾ سيٺ ٺاڪرداس جو پٽ ويرومل گذاري ويو.
سنبت ١٨٩٢ (٣٦-١٨٣٥ع) ۾ منھنجي ڀائرن گوپالداس ۽
تلسيداس جون ڌام ڌوم سان شاديون ٿيون. تلسيداس جي
اھا ٻي شادي ھئي، ھن جي پھرين زال گذاري وئي ھئي.
سنبت ١٨٩٢ (٣٦-١٨٣٥ع) جي آخر ۾، ليفٽيننٽ ڪرنل (جو پوءِ سر
ھينري ٿيو ھو) پاٽنجر
، حيدرآباد آيو. منھنجي ساڻس ان وقت کان ڏيٺ ٿي، جنھن مان اڳتي
ھلي اسان جي وچ ۾ لکپڙھھ جو رستو پيدا ٿيو. سنبت
١٨٩٣ (٣٧-١٨٣٦ع جي اسوءَ مھيني ”سدتيراس“ ڏينھن
مون کي ٻيو پٽ، ٿانورداس ڄائو. سنبت ١٨٩٣
(٣٧-١٨٣٦ع) ۾ اسان جي بمبئيءَ واريءَ ڪوٺيءَ جي
منيم نارومل ڏٺو تھ ھوتچند لکپت ۾ ويٺو آھي ۽ ٻيا
جيڪي ڪراچيءَ ۾ آھن، سي يا ننڍا آھن يا لاغرض يا
اڻ آزمودگار آھن، سو اھو وجھھ وٺي، بي ايماني ڪري،
امانت ۾ خيانت ڪرڻ لڳو. اسان کي ھن جي بدعنوانين
جي خبر بمبئيءَ مان ڀيرومل ٺاڪرداس کان پھتي، جو
اسان جو عزيز ھو ۽ نارومل جي ھٿ ھيٺ بمبئيءَ ۾ ڪم
ڪندو ھو. انھيءَ خبر ملڻ تي اسان نارومل کي واپس
گھرائي، ڪوٺيءَ جو ڪم ڀيرومل جي حوالي ڪيو. خدا جو
شڪر آھي جو اسان جي وڏي سيٺ ساجنمل جي زماني کان
وٺي، اسان جي خاندان جو اصول ھوندو ھو تھ امانتون
پاڻ وٽ نھ رکندا ھئاسين ۽ واپار پنھنجي پڄنديءَ آھر
ڪندا ھئاسين. اسان جي سڀني منيمن ۽ گماشتن کي اھا
ھدايت ڪيل ھئي تھ انھيءَ اصول جي ھرحالت ۾ پيروي
ڪئي وڃي.
اسان کي مخفي طور ڪلڪتي مان ھڪڙي دوست کان خبر پئي تھ اسان جي
منيم، نيڀومل جو ڀائٽيو، ڄيٺانند پرمانند، اسان جي
پئسي سان خوب عيش ۽ شرابخوري ڪري رھيو آھي ۽ ھنن
جو چاچو ان باري ۾ ھن کي ڪابھ ملامت نٿو ڪري. چون
ٿا تھ ھڪ ڏينھن نشي جي حالت ۾ ھن ھڪ طائفھ کي ھزار
رپيي جي ”رٿ“ (موٽر) ڏني ھئي. انھيءَ تي اسان
نيڀومل کي لکيو تھ ڪلڪتي جي ڪوٺيءَ جو ڪاروبار
ھڪدم بند ڪري، ڪتاب کڻي ڪراچيءَ ھليو اچي. نارومل
بھ اسان جي لکڻ تي حساب – ڪتاب ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ
کان موٽي آيو. ھن ڏانھن اسان جا گھڻا پئسا نڪتا.
منھنجي ڪنھن بھ ڀاءُ کي حساب – ڪتاب نھ ايندو ھو ۽
مان ان وقت انگريز عملدارن سان رابطو رکي چڪو ھوس
۽ پنھنجو سمورو وقت ھنن جي فرمائش ۽ حڪمن جي تعميل
ڪرڻ ۾ صرف ڪندو ھوس. تنھنڪري مون کي نارومل جي
حساب – ڪتاب ڏسڻ جو وقت ڪونھ ھو
.
ھن جو چوڻ ھو تھ مان غريب آھيان ۽ پورو ڪپڙو بھ
انگ تي نھ اٿم.
سنبت ١٨٩٢ (٣٦-١٨٣٥ع) ۾، مسٽر (پوءِسر) اليگزينڊر برنس، جو ڀڄ ۾
ميجر پاٽنجر جو نائب ھو، مسٽر ليڪيءَ سان گڏجي سنڌ
۾ آيو، جتان ھن کي بمبئي سرڪار جي حڪم مطابق لاھور
۽ ڪابل وڃڻو ھو. ڪابل کان موٽڻ بعد، مسٽر اي. برنس
کي لاھور ۾ رکيو ويو، جتان ھن سنبت ١٨٩٤ (١٨٣٧) ۾
ھڪ خط لکيو تھ جيڪڏھن تون سرڪار جون خدمتون منھنجي
معرفت ڪرين ھا تھ مان توکي اڄ ڪنھن وڏي عھدي تي
رسايان ھا. ھوڏانھن مسٽر ليڪيءَ جو پٺيان قلات ۾
رھي پيو ھو، تنھن مون کي لکيو تھ اڍائي سؤ رڍون
وٺي بمبئيءَ موڪل، جو انھن جي
انگلنڊ ۾ ضرورت آھي. اھي رڍون، دجا سوڍو، سون
مياڻي ڪاھي آيو ۽ مون پنھنجي گماشتي کي لکيو تھ
بمبئيءَ ڏياري موڪلي.
سنبت ١٨٩٣ (٣٧-١٨٣٦ع) ۾، ڪرنل پاٽنجر مون کي لکيو تھ مسٽر برنس
جي ننڍي ڀاءُ، ڊاڪٽر برنس کي سنڌ جي رستي لاھور
وڃڻو آھي. ھو ڪراچيءَ ۾ لھندو، جتان حيدرآباد
ڏسندو، اڳتي ويندو. تون وڃي ھن سان مل ۽ سندس واھر
ڪر. حيدرآباد جي ميرن کي بھ اطلاع ڪيو يو تھ ڊاڪٽر
برنس ڪراچي ڏسڻ گھري ٿو. ھنن پنھنجي نواب ڏي لکيو
تھ ڊاڪٽر برنس کي ڪراچيءَ ۾ لھڻ جي اجازت نھ ڏني
وڃي، بلڪ ھن کي گذري
تي لاھي وري ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ چاڙھي، ڪيٽي بندر رستي
حيدرآباد نيو وڃي. مير جا ماڻھو ڊاڪٽر برنس جي تاڙ
۾ ويٺا ھئا. ھو جيئن پھتو تھ ھن کي گذري نيئي،
اتان ٻيڙيءَ ۾ چاڙھي حيدرآباد روانو ڪري ڇڏيائون.
منھنجا ماڻھو بھ ھوشيار ھئا. جيئن ئي موقعو ملين
تيئن وڃي ڊاڪٽر برنس سان مليا ۽ کيس منھنجا سلام
ڏنائون ۽ منھنجي طرفان مکڻ ۽ سڪو ميوو نذر
رکيائون. ھن کي ڪرنل پاٽنجر جي خط جي خبر ھئي ۽
منھنجو شڪريو ادا ڪيائين.
سنبت ١٨٩٤ (٣٨-١٨٣٧ع) ۾، ڪرنل پاٽنجر لکيو تھ ڪپتان ڪارليس
ٻارھن ٻين صاحب لوڪن سان ”پالينوس“ جھاز ۾،
ڪراچيءَ جي بندرگاھھ جي منھن جون ماپون وٺڻ لاءِ،
اچي ٿو. ڪپتان ڪارليس جي پارت ھجيو ۽ ھن جي ھر طرح
واھر ڪندا. اھڙو اطلاع حيدرآباد جي ميرن ڏانھن بھ
موڪليو ھو ۽ کين عرض ڪيو ھئائين تھ ھن جي مدد ڪن ۽
ھن جي ڪم ۾ رنڊڪون نھ وجھن. انھيءَ تي ميرن،
ڪراچيءَ جي نواب، حسن خان ڏي لکيو تھ ڪپتان ڪارليس
جو انتظار ڪري. ھو صاحب ٥ – مارچ سنبت ١٨٩٤
(١٨٣٧ع) آچر جي ڏينھن، ٻارھن صاحبن سان پھتو. مان
ھن سان گھاٽ تي وڃي مليس ۽ کيس شھر ۾ وٺي آيس ۽
ٻڌايومانس تھ ميرن کيس ماپن وٺڻ جي اجازت ڏني آھي.
نواب سان ملي، ڪئپٽن ڪارليس ۾ ھن جا ٻيا صاحبلوڪ
ساٿي، منھنجي گھر آيا، پر ھو گھڻو وقت نھ ترسيا جو
اھو آرتوار جو ڏينھن ھو. موڪلائڻ وقت چيائون تھ
سڀاڻي اسان سان ملجانءِ. مان ھنن کي ڪرنل پاٽنجر
جو جنسي خط ڏيکاريو، جيڪو ھن مون کي سندن باري ۾
لکيو ھو. ٻئي ڏينھن نيرن ڪري مان ڪپتان ڪارليس سان
منھوڙي جي پريان جھاز تي ملڻ ويس. جھاز، منھوڙي
کان ايترو پري بيٺو ھو جيترو منھوڙو ڪراچيءَ کان
پري آھي. ھو جيترو وقت ڪراچيءَ ۾ ھو، اوترو وقت
آءُ کيس سيڌو سامان وٺي ڏيندو ھوس. جيڪي يورپي
صاحب ھن سان گڏ ھئا، انھن مان ٻھ – ٽي رات جو
”پالينيورس“ جھاز تي رھيا ۽ ٻيا سج لٿي کان پوءِ
مون وٽ اچي رھيا.
ڪراچيءَ جي مالگذاريءَ جو مقاطعو الھرکيي لوھر کي مليل ھو. ھڪڙي
ڏينھن ھن جو ڀائٽيو احمد، ڪئپٽن ڪارليس وٽ وڃي کيس
ٽڪرين ۾ شڪار جي دعوت ڏئي آيو. مون سواريءَ لاءِ
اٺ ۽ گھوڙا تيار ڪرائي، بندر تي بيھاري ڇڏيا.
ڪيپٽن ڪارليس ۽ اٺ ٻيا صاحب لوڪ احمد سان گڏجي پھاڙي طرف روانا
ٿي ويا. مان گھر اچي سنان ڪري ناشتي تي ويٺس تھ
ايتري ۾ ھڪڙي نفر اچي ٻڌايو تھ ڪراچي جو نواب حسن
خان ان ڳالھھ تي ڪاوڙيو آھي تھ صاحب لوڪن کي اھڙي
ھمت ٿي آھي جو ھو بنان اجازت جي احمد سان گڏجي
اسان جي ملڪ اندر ھليا ويا آھن. وڌيڪ چيائين تھ ھو
سؤ ماڻھو وٺي ھنن جي تعاقب ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو آھي
۽ چئي پيو تھ مان ھنن کي قتل ڪندس. مون کي جڏھن
اھا خبر پئي، تڏھن چار – پنج ماڻھو وٺي گھوڙن تي
تڪڙو تڪڙو صاحب لوڪن جي پٺيان ويس ۽ جارا بُٺيءَ
جي ٽڪرين وٽ وڃي انھن کي پھتس ۽ چيومانس تھ حسن
خان، نواب، سخت ڏمريو آھي، چڱو ائين ٿيندو تھ
توھان موٽي اچو تھ متان ھو توھان جو پيڇو نھ ڪري.
احمد خان کي جڏھن خبر پئي تھ حسن خان ھنن کي
مارائيندو تھ ھو ھوا وانگي فرار ٿي ويو ۽ مان صاحب
لوڪن کي واپس وٺي آيس. موٽ تي حسن خان کي ايندو
ڏٺم. ھو گھوڙي تي ھو ۽ پٺيان ڪيترا ھٿياربند ماڻھو
پيدل ٿي آيس. گھوڙو ڊوڙائي وڃي کيس پھتس ۽ صاحب
لوڪن کي چيم تھ توھان اتي ترسو. مون حسن خان کان
پڇيو تھ ڇا ماجرا آھي؟ چيائين تھ صاحب لوڪن کي نھ
ڇڏيندس. ھنن جو حوصلو اھڙو وڌي ويو آھي، جو ھو
اجازت کان سواءِ منھنجي علائقي ۾ شڪار لاءِ گھڙي
آيا آھن. مون چيومانس تھ ان ۾ صاحب لوڪن جو ڪھڙو
قصور؟ مقاطيدار جو ڀائٽيو، جيڪو خود درٻار جو
عملدار آھي، سو کين دعوت ڏئي شڪار لاءِ وٺي آيو
آھي. غصي ۾ جواب ڏنائين تھ مان احمد کي بھ جھلي
سبق سيکاريندس. تنھن تي مون ٻڌايومانس تھ احمد ڀڄي
ويو آھي پر صاحب منھنجن ماڻھن سان بيٺا آھن.
چيومانس تھ تون خوفناڪ ھٿيارن سان ٿو کيڏين، ميرن
کي اھا روش نھ وڻندي ۽ ھو توکي ملامت ڪندا. ان تي
ھو ڪجھھ ٿڌو ٿيو ۽ چيائين تھ ڀلا صاحبن کي چؤ تھ
ھو شھر جي ٻاھران سڌو جھازن تي وڃن. مون ھن سان
واعدو ڪيو تھ صاحب ائين ڪندا، جڏھن ڏٺائين تھ صاحب
بندر ڏانھن وڃن ٿا، تڏھن ھو بھ پويان پير ڪري
روانو ٿيو. اسان بندر پھتاسين، تنھن کان گھڻو اڳ
وير لھي وئي ھئي ۽ سمنڊ ڪناري کان گھڻو ھٽي ويو
ھو. مان سڀني صاحب لوڪن کي کٽن تي ويھاري، مزدورن
کان کڻائي سندن ٻيڙيءَ تي پھچايو. ٻيڙي وير سان گڏ
گھڻو پري ھلي ويئي ھئي ۽ مزدورن کي گپ مان لنگھڻو
پيو. ڪپتان ڪارليس مون کي چيو تھ تون تيستائين
بندر تي ترس، جيستائين اسان جي ٻيڙي رواني ٿي وڃي
۽ اسان بندوق جو ٺڪاءَ ڪيون. مان اتي ايستائين
بيٺو ھوس، جيستائين انھن جي ٻيڙي ڪياماڙيءَ جي راس
کان لنگھي، نظر کان غائب ٿي ويئي. مان سج لٿي کان
پوءِ گھر موٽي آيس. ٻي ڏينھن صبح جو جھاز تي ويس،
حالانڪ ٿڌ ڏاڍي ھئي ۽ واءُ بھ لڳو. مون ڪپتان
ڪارليس سان گذريل ڏينھن جي واقعات جي باري ۾
ڳالھايو ۽ صلاح ڏنيمانس تھ جيڪي ٿي گذريو آھي، ان
جو سمورو احوال حيدرآباد ۾ ميرن جي درٻار ۾
بمبئيءَ سرڪار جي طرفان مقرر ڪيل سفير ڄيٺانند جي
معرفت، لکي ڏياري موڪل. آخر منشي بابلي، جو ڪرنل
پاٽنجر جي چوڻ تي ڪپتان ڪارليس سان گڏ آيو ھو،
فارسيءَ ۾ ھڪ خط لکيو، جو مون ھڪ قاصد جي ھٿان
منشي ڄيٺانند ڏي موڪليو. اٺيتاليھن ڪلاڪن کان پوءِ
اھو خط منشي کي پھتو. ھن حيدرآباد جي ميرن کي خط
جي مطلب کان واقف ڪيو. مير نورمحمد کي حسن خان جي
روش تان مٺيان لڳي ۽ حڪم ڪيائينس تھ صاحب لوڪن کان
انھيءَ ھتڪ جي ھڪدم معافي وٺي. اھو حڪم نامو،
پنجين ڏينھن ھڪ چٺيءَ سان مون کي مليو. حسن خان
اچي ڊنو، سو سڌو مون وٽ آيو تھ تون وچ ۾ پئي ڪپتان
ڪارليس ۽ ھن جي دوستن کان معافي وٺي ڏي. منشي
ڄيٺانند جو خط مون کي شام جو مليو ۽ مان اھو ڪپتان
ڪارليس ڏي موڪليو ۽ اھو بھ چوائي موڪليومانس تھ
حسن خان ھاڻي پشميان ٿيو آھي. ٻئي ڏينھن جڏھن مان
ڪپتان ڪارليس ڏانھن ويس تھ حسن خان ٻي ٻيڙيءَ ۾
منھنجي ڪڍ آيو. ھن بار بار معافي گھري ۽ پڇتاءُ
ظاھر ڪيو. پوءِ ڪپتان ڪارليس، منشي ڄيٺانند جي
نالي ھڪ خط لکايو تھ حسن خان وڏي خطا ڪئي آھي، پر
جنھن صورت ۾ ھن پڇتايو آھي ۽ معافي ورتي اٿس، تنھن
صورت ۾ ھن جو ڏوھھ نظر انداز ڪجي ٿو.
ڪپتان ڪارليس ٽي مھينا ڪراچيءَ ۾ ھو. ھن جا يورپي عملدار سڄو
ڏينھن جھاز تي ماپن وٺڻ ۾ مشغول ھوندا ھئا ۽ رات
جو ھو موٽي منھنجي گھر ايندا ھئا. ٽن مھينن جي
گذرڻ کان پوءِ، ڪپتان ڪارليس، سون مياڻيءَ روانو
ٿي ويو. جتان پوءِ ھو بصري ويو. مون ھن کي ٻنھي
شھرن ۾ پنھنجن گماشتن لاءِ تعارفي چٺيون ڏنيون.
مون کي خوشي آھي تھ منھنجن گماشتن ھن جي خاطر
خواھھ خدمت ڪئي. ھن اتان موڪلائڻ وقت اسان جي سڀني
گماشتن کي سفارشي چٺيون ڏنيون. ڪراچيءَ جي ڪئپٽن
ڪارليس جي مون سان دوستي ھئي ۽ ھو مون وٽ رھندو
ھو. ان ڪري سنڌ توڙي سنڌ جي پاڙيوارن ملڪن جي
ماڻھن سمجھيو تھ انگريز سرڪار سنڌ ۾ مون کي پنھنجو
سفير مقرر ڪيو آھي.
سنبت ١٨٧٥ (١٨٣٨ع) جي بڊي مھيني ۾ ڪرنل پاٽنجر، ڀڄ کان حيدرآباد
پھتو، جتان مون کي لکيائين تھ انگريزن جي ھڪ وڏي
فوج سر جان ڪين جي قيادت ھيٺ، بمبئيءَ کان گھوڙا
ٻاريءَ رستي بامنيڪوٽ لاءِ رواني ٿي چڪي آھي، جتان اھا
سنڌونديءَ رستي شڪارپور ويندي. سموري سفر ۾ ان جي
آسائش ۽ رسد جو انتظام ڪرڻو آھي. آءٌ توکان سواءِ،
ڪنھن ٻئي کي اھڙو ڏکيو ۽ اھم ڪم حوالي نٿو ڪري
سگھان. ڇاڪاڻ تھ منھنجو تو ۾ پورو پورو اعتماد
آھي. اميد تھ تون ھي ڪم عقل، قابليت ۽ پوريءَ
جانفشائيءَ سان نباھيندين. ھن انھيءَ خط سان گڏ ھڪ
ٻن لکن ڪوڙين (ڀڄ جو سڪو) جي ڀڄ جي واپارين تي
ھنڊي
۽ ٻيون بمبئيءَ ۽ ڪلڪتي جون ھنڊيون بھ موڪلي ڏنيون. انھن کي
ضرورت مطابق مٽائي، رسد جي محڪمي لاءِ چانور، ڪڻڪ،
جو ۽ ٻاجھري خريد ڪرڻي ھئي. اھو سامان وري آھستي
آھستي، مختلف ٻيڙين جي رستي ڀڄ واري ماڌي ڏانھن،
گھوڙاٻاريءَ موڪلڻو ھو. ماڌو، انگريزن جو گماشتو
ھو ھن کي ھدايت ڪئي وئي ھئي تھ ھو رسد جي محڪمي جي
عملدارن سان گڏجي، مال سنڀالي لھرائي. ان کان
پوءِ سواءِ، مون کي چيو ويو تھ ٻھ ھزار اٺ ۽ اٺ
سؤ يا ھزار ڍڳا، مھيني جي حساب سان ڀاڙي ڪري،
اعتبار جھڙن ماڻھن سان گڏ موجود ڪري بيھاريان جو
انھن جي ڪنھن بھ وقت ضرورت پئي تھ ڪم اچي سگھن.
مون انھن ھدايتن مطابق اناج خريد ڪري، گھوڙاٻاريءَ موڪلڻ شروع
ڪيو. انھيءَ خريداريءَ ڪري، ڪراچيءَ جي بزار ۾ ان
جون قيمتون وڌي ويون ۽ ميرن جي عملدارن رنڊڪون
وجھڻ شروع ڪيون. ھنن ڪراچيءَ جي غريب مسلمانن کي
ڀڙڪايو تھ ھو منھنجي در تي ڌرنو ماري شور ڪن.
چنانچھ ھڪڙي ڏينھن صبح جو ھزار مسلمانن جو ميڙ اچي
منھنجي در تي ڪٺو ٿيو، ۽ پڪارڻ لڳا تھ تو ڏڪر پيدا
ڪيو آھي ۽ غريبن کي بک ماريو آھي. ميرن جي عملدارن
اھڙيءَ طرح اڻسڌيءَ طرح مخالفت شروع ڪئي، پر ھو
اسان جو ڪوبھ نقصان ڪونھ ڪري سگھيا. مون ڪنھن جي
بھ پرواھھ ڪانھ ڪئي. منھنجا گھڻين ھنڌين گماشتا
ھئا. سوين مياڻي ۾، وئيسميل منھنجي ڪوٺي سنڀاليندو
ھو. ھو اتان سستي اگھھ تي اناج خريد ڪري ڪراچيءَ
موڪليندو ھو، جتان اھو ڏسي چڪاسي گھوڙاٻاريءَ
روانو ڪيو ويندو ھو. سيوھڻ ۾ بھ منھنجا گماشتا
منھنجي حڪم پٽاندر، ان خريد ڪري، ايماندار نوڪرن
جي ھٿان، سنڌونديءَ جي رستي گھوڙاٻاريءَ موڪليندا
ھئا ۽ اتي منشي ماڌي ۽ ٻين گماشتن جي حوالي ڪري،
رسيدون وٺي باقاعدي مون ڏي ڪراچيءَ موڪلي ڏيندا
ھئا.
ان وقت ۾ مان اٺن جو انتظام ڪندو رھيس. ٽالپر حڪومت جا عملدار
ھر وقت منھنجن ڪوششن کي ناڪام بنائڻ جو سعيو ڪندا
رھيا. ھو اوٺيسوارن کي ڳجھھ ڳوھھ ۾ ڊيڄاريندا ھئا
۽ ھنن جي دلين تي اھو اثر ويھاريندا ھئا تھ ٽالپرن
جي علائقي مان لنگھي وڃڻ ڪا اڪ جي ماکي لاھڻي نھ
آھي. فرنگين جي فوج جو ضرور مقابلو ڪيو ويندو ۽
شايد لڙائي لڳي، جنھن ۾ اوھان غريب اٺن وارن کي
اجايو نقصان رسندو ۽ مفت مارجي ويندو. اوھان جي
ڀلائي انھيءَ ۾ آھي تھ ڀاڙي تي اٺن ڏيڻ کان انڪار
ڪريون. اھي ڳالھيون تفصيلوار منھنجي ڌيان تي آيون.
مون برھماڻي بلوچن کي، جي اسان جي وڏن کان ملازم
ھوندا ھئا ۽ منھنجي اخلاقي اثر ھيٺ ھئا، گھرائي
کانئن پنج سؤ اٺ خريد ڪيا، جي ھنن جي قبيلي جي
ملڪيت ھئا. اھڙيءَ طرح مون ڪن ٻين ماڻھن کان، جن
تي منھنجو اعتبار ھو، اٺ ڀاڙي ڪيا. پوءِ مون خيال
ڪيو تھ ڪراچيءَ کان ٽي ڪوھھ پري، گھاري
۾، جتي اسان جي سؤ سالن کان ڪوٺي ھوندي ھئي، اتي وڃي ڪجھھ وقت
رھجي تھ جيئن زياده آسانيءَ سان اٺ ھٿ ڪري سگھجن.
ڇاڪاڻ تھ ڪراچيءَ ۾ امڪان ھو تھ اٺن جو گھربل
تعداد نھ بھ ملي سگھي. اھو فيصلو ڪري، ڀاڙي تي ھٿ
ڪيل اٺن جي مالڪن کي صلاح ڏنم تھ اٺ ڪاھي گھاري
ھلو، جو اتي چارو جام اٿو. پوءِ آءٌ بھ ماٺ ميٺ ۾
گھاري ھليو ويس. گھاري ۾ پنھنجي سرگماشتي نانڪرام
کي چيم تھ آءٌ جوکين کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ۽ ھو بھ
مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻن. نانڪرام منھنجن ھدايتن
مطابق ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٻن ڏينھن اندر منھنجيءَ
جاءِ تي ملير جي ميمڻن
۽ جوکين جي قبيلن مومت، تبير،
بند، ستر ۽ ھوٿيءَ جي چڱن مڙسن ۽ ٻين اٺن وارن کي
اچي حاضر ڪيائون. مون ھنن کان قبوليتون لکائي
ورتيون، پوءِ وڌيڪ خاطريءَ لاءِ ابتدائي انتظام
ڪري، ماڻھن کي چيم تھ اٺ گھاري ۾ ڪاھي اچو تھ انھن
جي داخلا ڪري، ڳوٺ جي آسپاس ٻن – ٽن ڪوھن جي اندر
چاري لاءِ ڇڏيون، جيستائين انھن جي ضرورت پوي. ان
کان پوءِ جلدئي جوکين جي سردار، ڄام مھر عليءَ کي
انھيءَ سودي جي خبر ڪيم، ڇاڪاڻ تھ مون ھن جي قوم
وارن سان سودو ڪيو ھو، تنھنڪري ٻڌائڻ ضروري ڄاتم.
ھن پنھنجن ماڻھن تي ڏاڍا ڇوھھ ڇنڊيا تھ توھان ڇو
منھنجي صلاح کانسواءِ اٺ ڏيڻا ڪيا آھن. ڄام جيڪي
سٽون سٽيون ھيون، تن جي مون کي خبر پئجي ويئي،
تنھنڪري مون پنھنجي گماشتي نانڪرام کي ھن جي ڳوٺ
ملير موڪليو تھ وڃي وٺي اچيس. ھو ڄام کي وٺي آيو.
منھجي ڄام سان ڊگھي ملاقات ٿي ۽ آخر ھن کي باز آڻڻ
۾ ڪامياب ٿيس. ڄام ھڪ بکيو شينھن ھو ۽ ھن کي ڪجھھ
ان ۽ ڪجھھ وات مٺائي کپندي ھئي. چيائين تھ مان
گھرجائو آھيان، قرض کپيم تنھن تي مون پنھنجي
گماشتي، نانڪرام کي چيو تھ ھن کي ٻھ ھزار رپيا ڏي
مگر نانڪرام جو ھن تي اڳيئي ٻئي ڪنھن حساب ۾ پنج
ھزار رپيا قرض ھو. ھو کانئس ھميشھ قرض کڻندو ھو،
جو پنھنجي جاگير جي پيدائش ۽ گھاري جي ماليھ مان،
جنھن جو ھن کي مقاطعو مليل ھو، ڏيندو ھو. نانڪرام
ھن کي ٻھ ھزار رپيا وڌيڪ ڏنا. ڪجھھ روڪ ۽ ڪجھھ ان
بھ. ڄام واعدو ڪيو تھ مان ھاڻي وفادار ٿي رھندس.
مون ساڪري ۾ پنج سؤ باربردار ڍڳا مھيني جي حساب سان ڀاڙي تي ھٿ
ڪيا ۽ انھن جي مالڪن کان قبوليتون ورتم ۽ سمورا اٺ
گھاري ۾ گھرائي ورتم. ان کان پوءِ، اناج ۽ ٻئي
سيڌي سامان ڪٺي ڪرڻ ۽ اٺن ۽ باربردار ڍڳن جي ھٿ
ڪرڻ متعلق ڪرنل پاٽنجر کي احوال لکي موڪليم. ھو
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ منھنجي لياقت ۽ دانشمنديءَ جي
تعريف ڪيائين. جلدئي پوءِ ڪرنل پاٽنجر، حيدرآباد
کان گھوڙاٻاريءَ ۽ اتان بامنيڪوٽ روانو ٿيو. ھن کي
ٻھ نائب ھئا: ھڪڙو ليفٽيننٽ، ڊبليو. جي. ايسٽوڪ
۽ ٻيو ليڪي. انھيءَ وقت ڌاري، سر جان ڪين ھڪ شاھي فوج سان،
بمبئيءَ کان گھوڙاٻاريءَ پھتو. ان کان اڳ سر جان
ڪين جي نائب ڪئپٽن، آئوٽرام، کي بمبيءَ جي گورنر، ڪراچيءَ موڪلي ڏنو ھو. ھن کي ھدايت ڪئي
وئي ھئي تھ مون وٽ رھي معلوم ڪري تھ ڪرنل پاٽنجر
مون کي فوج جي رسد لاءِ اناج گڏ ڪرڻ ۽ اٺن ۽
باربردارن ڍڳن ھٿ ڪرڻ لاءِ جيڪي فرمائشون ڪيون
ھيون، تن جي مون ڪيتريقدر پوئواري ڪئي آھي. ھو ھڪ
ننڍيءَ ديسيءَ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي اچي پھتو. بندر تي
کيس منھنجا ڀائر پريتمداس ۽ سکرامداس وٺڻ ويا،
سکرامداس کيس ٻيڙيءَ کان ڪناري تائين وٺي آيو.
ڪئپٽن آئوٽرام سان لاشڪ ڪي نوڪر ساڻ ھئا، پر ھو
سنڌين جي ڊپ کان ساڻس گڏجي ڪناري تي ڪونھ لٿا.
آئوٽرام ڪجھھ بسڪوٽ ڊٻل روٽيون رومال ۾ ٻڌي، ھڪ لٺ
ھٿ ۾ کڻي، منھنجي ڀاءُ سکرامداس سان گڏجي آيو. اچڻ
سان منھنجي پڇا ڪيائين. چيائونس تھ ٽالپرن جي
حڪومت جي عملدارن، ڪراچيءَ ۾ اٺن ڍڳن ھٿ ڪرڻ ۾
رنڊڪون پئي وڌيون، تنھنڪري ھو پاڻ ڪوشش ڪرڻ لاءِ
گھاري ويل آھي. ڪئپٽن آئوٽرام ٻھ ڏينھن منھنجي
ڪوٺيءَ، يعني واپار جي ڪاروبار واريءَ جاءِ تي
ترسيل ھو. ھو ماني ٿوري کائيندو ھو ۽ زياده گذر
کير تي ھوندو ھوس. ھو مون سان ملڻ لاءِ منتظر ھو،
تنھنڪري سکرامداس کي چيائين تھ مون سان گڏجي
گھاري
ھل. ھن جواب ڏنس تھ مان
ڪراچيءَ ۾ سيٺ جي ھدايتن تي عمل ڪري رھيو آھيان،
آءٌ اعتبار جوڳو ملازم تنھنجي خدمت ۾ ڏيڻ لاءِ
تيار آھيان. پر ڪئپٽن آئوٽرام زور ڀريس تھ تون
ڪيئن بھ مون سان ضرور گڏجي ھل. لاچار ٻھ سواريءَ
جا اٺ ھڪدم پلاڻيا ويا، ھڪ تي سيٺ سکرامداس ۽
ڪئپٽن آئوٽرام ٻيلھھ سوار ٿيا ۽ ٻئي تي ٻن نوڪرن
کي ساڻ کنيو ويو. شام جو مان پنھنجي گھر جي اڱڻ ۾
ڪرسيءَ تي ويٺو ھوس، ڇا ڏسان تھ منھنجو ڀاءُ اٺ تي
سوار آھي ۽ پٺيان ھڪ فرنگي ويٺو اٿس. مان يورپيءَ
کي باعزت وٺي اچي ھڪ کٽ تي ويھاريو، جنھن تي گديلو
پيو ھو. دستوري خوش خير عافيت کان پوءِ، ڪئپٽن
آئوٽرام مون کي پنھنجي اچڻ جي مقصد کان واقف ڪيو،
۽ چيائين تھ بمبئيءَ جي گورنر مون کي موڪليو آھي
تھ سيٺ کان پڇي اچ تھ تو ڪئپٽن پاٽنجر جي حڪمن جي
ڪيتريقدر تعميل ڪئي آھي؟ مون خاطري ڏنيمانس تھ
ڪرنل پاٽنجر جي حڪمن جي ھر طرح پوئواري ڪئي ويئي
آھي. اھا خبر ٻڏي ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين تھ مون
کي سڀاڻي بامنيڪوٽ وڃڻو آھي، سواريءَ جو انتظام ڪر
۽ مون کي پنجاھھ سوار ۽ پنھنجو ڀاءُ سکرامداس بھ
ساڻ ڏي. ٻئي ڏينھن پرھھ ڦٽيءَ جو ڪئپٽن آئوٽرام،
گھاري کان بامنيڪوٽ روانو ٿي ويو. منھنجو ڀاءُ ۽
ھو ٻيئي ھڪ اٺ تي سوار ٿيا. وڃڻ وقت چيائين تھ تون
بھ جلد ئي اسان جي پويان بامنيڪوٽ اچ. مون وعدو
ڪيومانس تھ باربردار وھٽ موڪلي مان بھ ايندس، تھ
جيئن ڪي وھٽ پٺيان رھجي نھ وڃن. ٻھ ڏينھن کان
پوءِ، مان بامنيڪوٽ وڃڻ لاءِ فارغ ٿيس. انگريزن جي
ڇانوڻيءَ جو انتظام ۽ فوج جي تربيت ڏسي مان تھ
حيران ٿي ويس. پڇا ڪري وڃي ڪئپٽن آئوٽرام ۽
سکرامداس سان مليس. منھنجو ڀاءُ، ھڪ بافتي جي استر
ڏنل دو چوبي تنبوءَ ۾ رھيل ھو جو کيس ميجر آئوٽرام
رھڻ لاءِ ڏنو ھو. مان بھ وڃي ھن سان رھيس. منشي
علي اڪبر ايراني، منھنجي ڀاءُ جي خدمت لاءِ مقرر
ويو ھو. ھو، ادي تي ڏاڍو مھربان ھو. مون سان
ڪيترائي گماشتا ساڻ ھئا. ڇانوڻي چئن ميلن جي
ايراضيءَ ۾ پکڙيل ھئي ۽ ھر ڪنھن ڳالھھ جو اعليٰ
بندوبست ۽ انتظام ھو. مون اھا رات ادي ساڻ گڏجي
گذاري. ٻئي ڏينھن ڏھين بجي، مان ڪرنل پاٽنجر سان
ملڻ ويس. آءٌ ھن جي حليمت، اخلاق ۽ دورانديشيءَ
کان ڏاڍو متاثر ٿيس. مون کي يورپي ماڻھن جي صحبت
جو شرف اڳي ڪڏھن بھ حاصل ڪونھ ٿيو ھو ۽ مان ھنن جي
رسمن، رواجن ۽ عادتن کان پڻ غير واقف ھوس. مان
ڪرنل پاٽنجر جي پھرين نائب، ليفٽيننٽ ايسٽوڪ جو
شڪر گذار آھيان، جنھن مون کي پنھنجن رسمن رواجن
کان چڱيءَ طرح واقف ڪيو ۽ چيائين تھ اسان سان
لاڳاپي رکڻ مان توھان کي وڏا فائدا ٿيندا. ان کان
پوءِ مان وڌيڪ سرجوشيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳس. ليفٽيننٽ
ايسٽوڪ، ھڪ نھايت خوش مزاج، بي تڪلف، خوش گفتار،
حليم طبع ۽ صاف گو ماڻھو ھو. ھن پنھنجي نيڪ عادتن
سان ھر ڪنھن جون دليون موھي ڇڏيون ھيون. ھو سنڌ ۾
پنھنجي خوش مزاجيءَ سببان مشھور ھو.
آءٌ جڏھن ڪرنل پاٽنجر سان مليس، تڏھن ھن مون کان وھٽن ۽ فوج جي
رسد بابت پڇيو. مون ھن کي مڪمل تفصيلوار احوال
ڏنو. احوال ٻڌي نھايت خوش ٿيو ۽ چيائين تھ جيڪي
شيون ۽ سامان تو رسد جي محڪمي جي اعليٰ عملدار،
ميجر ڊيوڊسن کي وٺي ڏنو آھي، تنھن جي مون کي
تفصيلوار فھرست ٺاھي ڏي ۽ جيڪي اٺ ۽ ڍڳا ڀاڙي تي
ڪيا اٿئي، سي پڻ ھن جي حوالي ڪر. پوءِ ھن مون کي
فوج جي سالار سر جان ڪين، لاءِ ھڪ تعارفي خط ڏنو ۽
چيائين تھ وڃي ساڻس مل. چنانچ مان سر جان ڪين جي
خيمي ڏانھن ويس ۽ ڪرنل پاٽنجر جو رقعو اندر
موڪليم. سپھھ سالار مون کي نھايت شفقت سان پيش
آيو. سر جان ڪين پاڻ ھندستاني نھ ڳالھائي سگھندو
ھو. ھن جي ھيٺان ٽي نائب ھئا: ڪئپٽن آئوٽرام،
ڪئپٽن پاويل ۽ ميجر ڪين. ھن مون کان سيڌي سامان جي
باري ۾ سوال ڪيا. مون ٻڌايومانس تھ سڀڪجھھ ٺيڪ
آھي. تنھن تي حڪم ڪيائين تھ سمورو سامان رسد جي
ڪميسري جنرل (اعليٰ افسر)، ميجر ڊيوڊسن جي حوالي
ڪر. مون حڪم جي تعميل ڪئي ۽ جيڪو سامان سرڪاري
گماشتي، ماڌوجيءَ ڏانھن گھوڙاٻاريءَ موڪليو ھوم،
تنھن جو پڻ تفصيلوار احوال جنرل کي ڏنم. ان کان
پوءِ جيڪي ڪجھھ موڪليو ھوم، سو بھ ٻڌايومانس. ھن
اٺ ۽ ڍڳا ڏسي، ڳڻي، پنھنجي حوالي ڪيا. ڪرنل پاٽنجر
مون کي ھدايت ڪئي تھ ڪميسري جنرل جي حڪمن جي پوري
پوري تعميل ڪجانءِ ۽ رسد ۽ وھٽن وغيره لاءِ ھو
جيڪي فرمائشون ڪري تن جو ڌيان رکجانءِ. وڌيڪ
چيائين تھ پنھنجي ڀاءُ سکرامداس کي چؤ تھ اٺن ۽
ڍڳن جي سنڀال ڪري ۽ جتن کي خوش رکي. مون اھو سمورو
ڪاروبار، بنا ڪنھن اجوري جي ڪرڻ جو وعدو ڪيو. در
حقيقت شروع ۾ مون انگريزن جي جيڪا بھ خدمت ڪئي
ھئي، سا سموري بنا ڪنھن اجوري جي ڪئي ھئي. مان
سيڌي سامان جو مقعاطيدار ڪونھ ھوس. مون سياسي خدمت
مالي نفعي جي ارادي سان ڪانھ ڪئي ھئي. منھنجي جان
۽ مال ھر وقت جوکي ۾ ھوندي ھئي. ھر ڪنھن کي معلوم
ھو تھ ٽالپرن جي حڪومت، جنھن جو مان زيردست ھوس،
سنڌ مان انگريزن جي فوج کي رستي ڏيڻ جي خلاف ھئي،
۽ ھنن جي نظر ۾ انگريزن جي مدد ڪرڻ سندن مفاد جي
خلاف، بلڪ حڪومت جي توھين ھئي. پر منھنجي خاندان
سان، پوين ميرن جي مذھبي تعصب جي اثر ھيٺ، جيڪي
ظلم ڪيا ويا ھئا، تن جي ڪري اسان کي سخت رنج ھو.
انگريز سرڪار لاءِ قربانيون، مون فقط پنھنجي
خاندان جي مفاد ۽ ڀلائيءَ خاطر ڪيون. تنھنڪري جيڪي
مون کي ڪرنل پاٽنجر چيو، تنھن جي مون خوشيءَ سان
تعميل ڪئي ۽ خدا جو شڪر آھي تھ مان پنھنجن خانگي
نوڪرن، منشين ۽ سپاھين جي مدد مان، سڀ ڪم خاطر
خواھھ نموني ۾ پورا ڪيا.
|