ضميمو ٤
(ريئر ائڊمرل سر فريڊرڪ ميٽلنڊ، بحري
ڪمانڊر ان چيف ڏانھن ڪرنل پاٽنجر جي
لکيل خط مان حوالو، جنھن ۾ سيٺ
نائونمل جي گھر جي حفاظت لاءِ ھدايت
ڪيل آھي.)
٢٨ جنوري، ١٨٣٩ع
جھرڪن جي ڇانوڻي،
انھن حالتن ھيٺ ھڪ فوجي دستو موڪلي،
ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻ کپي. مون کي اميد
آھي تھ ڪراچي بنا مخالفت جي وٺي
سگھبي، جنھن جا سبب مان، ڪرنل وئلئنٽ
کي موڪليل ھدايت ۾ اڳيئي ڄاڻايل آھن.
مگر جي مخالفت ٿي تھ ان کي ھرحالت ۾
ڪچلڻ کپي.
مان توھان جو ڌيان خاص طور جنھن نڪتي
ڏانھن ڇڪائڻ گھران ٿو، سو ھي آھي تھ
ڪراچيءَ جي سيٺ نائونمل جي گھر، ٻارن
۽ ملڪيت جي ھر حالت ۾ حفاظت ڪرڻ کپي.
ھي ماڻھو، ھن وقت فوج سان آھي ۽ ھن
اسان جي نھايت سرجوشيءِ سان اڻٿڪ مدد
ڪئي آھي. مان پرزور لفظن ۾ استدعا
ڪندس تھ ھن جي اھڙي حفاظت ڪرڻ گھرجي،
جھڙي ھندستان جي گورنر جنرل جي.
اوھان جو ايڇ. پاٽنجر
ضميمو ٥
(سنڌ جي مقامي سفير کان گورنر جنرل جي
پرائيويٽ سيڪريٽري جي آر ڪالون
ڏانھن.)
٤ فيبروري ١٨٣٩ع.
ڇانوڻي، حيدرآباد جي سامھون.
مٿين سٽ (حيدرآباد جي سامھون) لکندي،
مون کي ھڪ خوش خبري ملي آھي، جا ھيءَ
تھ جڏھن بحري آرماڙ ڪراچيءَ جي ويجھو
آيو تھ قلعي مان ”ويلسي جھاز“ تي ھڪ
ٻھ گولا اڇلايا ويا. اميرالبحر توبزني
ڪري قلعي جون ديواريون ڀڃي ڇڏيون.
ھيءَ خبر نائونمل جي ماڻھن تيز اٺن تي
آندي آھي، اميد صحيح ھوندي. ان مان
ھنن ماڻھن کي سبق سکڻ کپي، تھ آئيندي
انگريزن جي جھنڊي جو احترام ڪرڻ ضروري
آھي.
(٢ ڪراچيءَ ۾ فوج لاھڻ، جي باري ۾
قلعي ۽ شھر جي حالت متعلق برگيڊيئر
وئلئنٽ، سنڌ رزرو فورس جي ڪمانڊر جي
رپورٽ.)
ڪراچيءَ جي ڀرسان ڇانوڻي.
حضور انور،
منھنجي ٽين تاريخ واري خط جي سلسلي ۾
ڪمانڊر ان چيف جي اطلاع لاءِ عرض ڪجي
ٿو تھ ٤٠ نمبر فوج، ڪالھھ ھت، ٢ نمبر
گولا اندازي فوج سان شامل ٿي، سواءِ
چالھين سپاھين جي، جيڪي اڄ سائرن جھاز
مان لاٿا ويا آھن.
مون ڪراچيءَ جي شھر ۽ قلعي جو غور سان
معائنو ڪيو آھي. قلعو ظاھري مضبوط ھو.
چوڌاري ڏسڻ لاءِ سڀني پاسن کان برج
ٺھيل ھئس. ھرھڪ برج ۾ ھڪ يا ٻھ مختلف
مقدار جون توبون رکيل ھيون. ڏسڻ ۾ ٿو
اچي تھ اھي اتي سالن کان پيل آھن.
ديواريون مٽيءَ جون ٺھيل آھن، برجن ۾
ڪجھھ ڪاٺ ڪم آندل آھي. ديواريون اٽڪل
سورھن فوٽ اوچيون ٿينديون ۽ ھٿرادو
بند تي ٺھيل آھن. قلعي جون ديواريون،
بند کان ڏھھ فوٽ مٿي آھن. برج ۽
ديواريون اڪثر زبون حالت ۾ آھن.
ديوارين ۾ ڪيترا خال آھن، جن مان
ماڻھو ايندا ويندا آھن. ڪوٽ کي ٻھ
شاھي درواز آھن، جن جي مٿان برج آھن.
برجن ۾ بلوچ پھريدار رھندا آھن، مون
ھرھڪ دروازي تي فقط ھڪ غير ڪميشن
يافتھ يورپي عملدار ۽ ھڪ سپاھي رکيا
آھن ۽ جيئن سپاھي اجازت کان سواءِ
قلعي ۽ شھر ۾ اندر نھ وڃن. ان کان
سواءِ ٿورا غير ڪميشن يافتھ عملدار ۽
سپاھي شھر ۾ گشت ڪرڻ لاءِ رکيا اٿم،
تھ جيئن اسان جا ماڻھو ڪا بيقاعدگي نھ
ڪن.
قلعي ۾ بندر جي منھن وٽ، ھن وقت مٺو
پاڻي ڪونھ آھي. پاڻي ڪراچيءَ کان يا
جھازن مان گھرائيندا آھيون.
ھتي گھڻائي مٺي پاڻيءَ جا کوھھ آھن،
جن جو پاڻي ھر ڪنھن ڪم ۾ آڻي سگھجي
ٿو. اڪثر کوھھ، باغن ۾ آھن پاڻي، زمين
جي سطح کان ڏھھ ٻارھن فوت ھيٺ ملندو
آھي. پاڻيءَ جي سھولت ڏسي اسان کي
البت تعجب ٿيو، جو اسان کي ٻڌايو ويو
ھو تھ ڪراچيءَ ۾ کارو پاڻي ھوندو آھي.
بندر تمام سٺو آھي. جھاز ڪنھن بھ موسم
۾ سلامتيءَ سان اچي وڃي سگھن ٿا.
منھنجو ناقص خيال آھي تھ اھڙو بندر
تيستائين اسان جي قبضي ۾ رھڻ کپي،
جيستائين اسان جي فوج سنڌ ۾ آھي.
(٣، ڪراچيءَ جي قبضي ڏيڻ لاءِ
عھدنامو.)
٧ فيبروري ١٨٣٩ع.
شرط پھريون: ڪراچيءَ جي قلعي ۽ شھر جو
قبضو مذڪور گورنر اڄ انگريزن جي فوج
جي حوالي ڪندو.
شرط ٻيو: انگريزن جي بري فوج ۽ ان جي
برگيڊيئر (وئلئنٽ) کي ھينئر يا جڏھن
ھو مناسب سمجھي، شھر جي ويجھو منزل
ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي ۽ ڏيھي حڪومت
گھربل ٻيڙين، اٺن ۽ ٻين وھٽن جو رواجي
ڀاڙي تي انتظام ڪري ڏيندي. تنھن کان
سواءِ فوج لاءِ کاڌي پيتي جو ۽ ٻيو
سامان، جيئن جيئن ضرورت پوندي تيئن
مناسب اگھن تي مھيا ڪري ڏيندي.
انھن شرطن جي بجاآوريءَ تي، مذڪور
انگريز عملدار مانواريءَ ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جي پاران وعدو ٿا ڪن تھ قلعي
۽ شھر جي رھواسين جي مال ۽ جان کي ھٿ
نھ لاتو ويندو. ھو پنھنجو وھنوار، اڳي
وانگر آزاديءَ سان ڪري سگھندا. ھنن جي
واپاري جھازن کي دستور مطابق بندر تي
اچڻ ۽ سواءِ ڪنھن روڪ ٿام جي واپار
ڪرڻ جي اجازت ھوندي ۽ شھر جي مڪاني
حڪومت جو انتطام، شھر جي اختياريءَ
وارا ڪندا.
(صحيح فريڊرڪ، ليوئنس، ميٽلنڊ ۽ ٻيا.
ضميمو ٦
سنڌ جي مقامي سفير وتان گورنر جنرل جي
سيڪريٽريءَ ڏانھن.
١٨. فيبروري ١٨٣٩ع
سنڌ جو مقامي سفارتخانو
ھن وقت حيدرآباد ۾ ھڪ دکدائڪ حادثو
ٿيو آھي. مناسب آھي تھ ان جو احوال
حضور جن اڳيان پيش ڪجي. اسان گھڻي
ڪوشش ڪئي ھئي تھ ڇانوڻيءَ ۾ ڪو ڏيھي
ماڻھو يورپي سپاھين کي شراب وڪرو نھ
ڪري پر ھڪ بلوچ لڪچوريءَ شراب وڪڻندي
پڪڙيو ويو. ھن کي منھنجي تنبوءَ ۾ وٺي
آيا. ان وقت اتفاق سان ٺٽي جو منشي
مون وٽ ويٺو ھو. ھن کيس سمجھايو تھ
توکي سزا لاءِ نواب احمد خان ڏي
موڪليو ويندو، جو تو ھڪ اھم قانون جي
ڀڃڪڙي ڪئي آھي.
مون حڪم ڏنو تھ جيستائين ھن کي احمد
خان وٽ موڪلڻ جي فرصت ملي، تيستائين
ھن کي حوالات ۾ رکيو وڃي. رستي تي ھن
ترار ڪڍي ملڪ معظم جي ١٧ پيادل فوج جي
ھڪ ڪارپول تي قاتلانھ حملو ڪيو. پر ھن
پنھنجي بندوق سان وار ٽاري ورتو. ٻروچ
جان بچائي دانھون ڪندو، تلوار
ڦيرائيندو، ڇانوڻيءَ جي تنبن جي وچان
وٺي ڀڳو. ١٧ ديسي پيادل فوج جي ھڪ
سپاھيءَ ان وقت سپھھ سالار جي تحسين
جوڳيءَ ڦڙتائيءَ سان بندوق ڀري، ھن کي
ھڪ ئي ڌڪ سان اتي جو اتي ڪيرائي ڇڏيو.
ھن جو لاش ھڪدم اتان کڻايو ويو. شام
جو مون نواب کي چوائي موڪليو تھ سرجان
ڪين ۽ مون کي ھن حادثي لاءِ نھايت ئي
افسوس آھي. مگر ٻروچ ھن اھم انجام
لاءِ پاڻ ئي جوابدار آھي. تنھن ھوندي
بھ مان ھن جي ٻارن کي لٽو ڪپڙو يا ڪا
رقم، جيڪا نواب مناسب سمجھي، ڏيڻ لاءِ
تيار آھيان. نواب ۽ ھن جا تمام ساٿي
وڏيون ڳالھيون ڪرڻ لڳا. چون تھ اسان
جو ٻروچ ناحق ماريو ويو آھي، جيڪڏھن
ھن ڪا خطا ڪئي ھئي تھ کيس جيئرو
گرفتار ڪريو ھا. (جيئرو تڏھن گرفتار
ٿي سگھي ھا، جڏھن ڪو سپاھي جان جوکي ۾
وجھي ھن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ھا.)
وڌيڪ چيائيون تھ اھڙن حادثن لاءِ نور
محمد خان کان اسان ڪيترا دفعا معافي
ورتي آھي. ھاڻي ھن ڳالھھ کي ختم ڪرڻ
لاءِ چڱو ائين ٿيندو تھ تون پاڻ
فوتيءَ جي عزيزن کي ڪپڙا پھچائي ڏي.
٢٣ تاريخ فوج ٺٽي طرف رواني ٿي ۽ ٢٥
تاريخ جھرڪن پھتي. آثار ڏيکارين ٿا تھ
ڪشمڪش جلد شروع ٿيڻ واري آھي. اسان جي
قاصدن کي ھرھنڌ روڪيو ويو آھي. پندرھن
ويھھ ھزار سنڌي فوج، حيدرآباد ۾ ڪٺي
ڪئي وئي آھي. سفارتخاني جي عملدارن کي
پنھنجي جڳھھ ڇڏڻي پئي آھي. ديسي
گماشتي تي پھرو آھي. اسان جي فوج لاءِ
اناج ۽ گاھھ ات ڪٺو ڪيو ويو ھو، سو
ٻروچن ڦري ناس ڪري ڇڏيو آھي. ڏيھي
گماشتي خفيھ نياپو موڪليو آھي تھ ٻروچ
مقابلي لاءِ بيتاب آھن.
ضميمو ٧
(ڪرنل آئوٽرام جو، سيٺ نائونمل کي
موڪلڻ مير شير محمد وٽ سفارت ۽ ھن جي
ڪاميابيءَ جي باري ۾، سرڪار کي
رپورٽ.)
٨ ڊسمبر، ١٨٤٠ع
حيدرآباد
ٻن ھفتن کان پوءِ، جڏھن مون ڏٺو تھ
منھنجي خطن تي ڪو ڌيان نٿو ڏنو وڃي،
تڏھن، مون سوارن جي ھڪ دستي کي (جو ان
وقت سنڌ مان لنگھيو ٿي) حڪم ڏنو تھ
ميرپور جي ويجھو منزل ڪري، ظاھر ڪن تھ
اسان گجرات جي فوج جي انتظار ۾ ترسيل
آھيون. مون کي سنئين سڌي دڙڪي ڏيڻ جو
ارادو ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ انديشو ھو تھ
سردار ڪا اھڙي حماقت نھ ڪري، جھڙي
گذريل سال حيدرآباد جي ميرن ڪئي ھئي.
مون کي خاطري ھئي تھ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ
جي ضرورت نھ آھي. ساڳئي ڏينھن مون سيٺ
نائونمل کي موڪليو ۽ ظاھري سبب اھو
ڏيکاريو تھ فوج کي سامان مھيا ڪري
ڏيندو. گڏوگڏ ھن کي اھا بھ ھدايت ڪئي
وئي تھ سردار کي سمجھائي تھ ڪا
نامناسب حرڪت نھ ڪري. ھو جيڪڏھن پڇي
تھ فوج ڇو اتي منزل انداز ٿي آھي؟ تھ
جواب ڏئيس تھ مون کي خبر نھ آھي تھ
گجرات جي فوج ڪھڙي مقصد سان ترسائي
وئي آھي. شايد پلٽڻ اتان خرچ وٺڻ کان
سواءِ پوئتي نھ ھٽندي ۽ فوج جو خرچ
انھن کي ڀرڻو پوندو، جيڪي ان کي
ترسائڻ جا ذميدار ھوندا.
نائونمل کي اھا بھ ھدايت ڪئي ويئي تھ
ھو اھا ڳالھھ قبول نھ ڪري تھ کيس ان
موضوع تي ڳالھائڻ لاءِ ڪا مون کان
اختياري مليل آھي. انھيءَ ڪري، ھن کي
سردار لاءِ ڪوبھ خط پٽ ڪونھ ڏنو ويو
ھو. مون کي خاطري ھئي تھ منھنجو مقصد
ھڪدم پورو ٿيندو، تنھنڪري فوج جي
سربراھھ لاءِ شاھوڪار کي ھڪ بند ٿيل
خط ڏنم، جنھن ۾ لکيل ھو تھ ھو پنھنجو
سفر جاري رکي. نائونمل کي چيو ويو ھو
تھ سردار اسان جي گھر قبول ڪري تھ اھو
خط ھڪدم فوج جي سربراھھ کي موڪلي ڏئي.
نائونمل، جنھن قابليت سان اھو اھم ڪم
سرانجام ڪيو، تنھن جو احوال ھن خط سان
شامل آھي. سردار پنھنجي خط ۾ معافيءَ
جو اظھار ڪيو ۽ منھنجا سمورا واجبي
مطالبا قبول ڪيا. ٻن ڏينھن کان پوءِ
مون سپاھين کي حڪم ڏنو تھ وڃي فوج سان
شامل ٿين. پٺيان جيڪو فوجي دستو آيو
پئي، ان ڏانھن سپاھين موڪلڻ جي ضرورت
ڪانھ ھئي.
(لاڙ جي سياسي سفير جو ليفٽيننٽ وائيٽ
لاڪ ڏانھن خط، جنھن ۾ ھن کي اطلاع ڪيل
آھي تھ نائونمل ھن سان گڏجي مير شير
محمد جي علاقي ڏانھن ھلندو ۽ ھن کي
پڇا ڳاڇا ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.)
١٣ جنوري، ١٨٤١ع
حيدرآباد،
لاڙ جي سياسي سفير طرفان ليفٽيننٽ
وائيٽ لاڪ ڏانھن. نائونمل سيٺ کي عرض
ڪبو تھ ھو توھان سان گڏ رھي. ھو مقامي
حالتن کان واقف آھي ۽ توھان ھن کان
جيڪا مناسب پڇا ڳاڇا ڪندؤ، تنھن ۾ ھو
توھان جي مدد ڪندو.
توھان جي حفاظت لاءِ ھڪ ديسي عملدار،
٨ پلٽڻ جا ٻھ حولدار، پنجويھھ سپاھي،
سنڌ اريگيولر ھارس جو ھڪ دفعدار ۽
چوويھھ سمورا سرڪاري اٺ (اٽڪل ويھھ)،
جي ھن وقت ھت موجود آھن، سي توھان جي
حوالي ڪجن ٿا تھ جيئن ميرن کان اٺن
گھرڻ جي ضرورت نھ پئيو. ھن وقت ڀاڙي
تي اٺ ملڻ مشڪل آھن.
انھن ڪمن جي بجا آوريءَ ۾ اوھان کي
مير شير محمد جي علاقي جي جائزي وٺڻ
جو پڻ موقعو ملندو. منھنجو عرض آھي تھ
اھا معلومات ھر موقعي ۽ ھر قيمت سان
حاصل ڪندا. ساڳئي وقت توھان جو اصلي
مقصد بھ ظاھر نھ ٿيڻ کپي. نائونمل سيٺ
کي ان ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ خاص طرح
موڪليو ويو آھي. ھو مقامي حالتن کان
چڱيءَ طرح واقف آھي ۽ ھن جي وفاداريءَ
۾ ڪوبھ شڪ نھ آھي. توھان کي معلوم
ھوندو تھ ھڪ اھڙو منصوبو رٿيو ويو
آھي، جنھن مان مير شير محمد کي،
حيدرآباد جي ميرن جي مقابلي ۾، سندس
مالي حالتن مطابق، وڌيڪ فائدي وارا
شرط ملن، تنھنڪري، اھو ضروري آھي تھ
مير جي ڪابھ اھڙي رٿ، جا آءٌ گورنر
جنرل ڏانھن موڪليان، تنھن کان اڳ مون
کي ان باري ۾ مڪمل معلومات مھيا ڪري
ڏني وڃي.