چڪ
سيٺ محمد ھاشم، تور واري اسپرنگ ڪانٽي کي ڇڪي ڏٺو، پوءِ ان جو
مٿيون ھڪ دروازي جي گول ڪڙي ۾ ڦاسايو ۽ پنھنجي
نوڪر پروءَ کي سڏ ڪيائين:
”پرو! مال کڻي آ.“
پروءَ کلن جو ڍير مٿي تي کڻي اچي اوطاق جي اڱڻ ۾ اڇلايو. سيٺ
ھاشم کلن جي ويڙھيل ھڙ جي ڳنڍ کولي ۽ ھڪ ھڪ کل
ڪڍي ڇنڊيندو ٻاھر ڪندو ويو. ڪا کل اڇي ٻڪر جي
ھئي تھ ڪا ڪاري جي تھ ڪا وري ناسڙي رنگ تي
ھئي.
”پرو، ڪيئن ٿو ڀانيئن رنگيءَ جا رنگ، مال بھ ڀلو تھ رنگ بھ
ڀلا.“
پروءَ پنھنجا پيلا ڏند ڪڍي ڪنڌ ڌوڻيو ۽ پوءِ وري مال واريءَ
جاءِ ڏي ٻيو مال کڻڻ لاءِ گھڙي ويو.
سيٺ ھاشم ھڪ ھڪ کل کي ڪانٽي ۾ چاڙھيندو ويو. ڳري تور تي تھ
ڪانٽو چريو پئي، باقي ھلڪي سلڪي کل تي تھ
ڪانٽي جو اسپرنگ ئي نھ پئي چريو.
”مار! ڪي بنھھ ھلڪيون آھن.“ سيٺ ھاشم ڀڻڪيو. بندي کنيائين. تور
لکيائين پئي تھ سندس نظر سامھون پئي. محمد پڃل
بيٺو ھو.
”ھي وري ڪٿان آيو. ھڪ ڪم جي مھل، ٻيو وري خيرات.“ سيٺ ھاشم
آھستي ڀڻڪيو.
محمد پڃل جو منھن لٿل ھو. ھڪ تھ سنگل ھڏي ماڻھو وري پيلو پڻ ٿيو
پيو ھو. سيٺ ھاشم کي قياس اچي ويو.
”ڪر خبر محمد پڃل، سور تنگ ڪيو آھي يا پيٽ!“
”مزوريءَ تي تھ لڳو آھيان، پر چيلھھ جي سور ماري ڇڏيو آھي. ٻن
ڏينھن کان ڪم تي بھ نھ ويو آھيان. ھڪ ٻچا بک
تي، ٻيو ھيءُ سور، اصل مري پيو آھيان. سيٺ، بس
تو وٽان چڪ ڪڍائي وڃان ٿو، ڏينھن ئي ڪونھ ٿا
گذرن تھ چيلھھ وٺجيو وڃي. پٺي اصل ڪمان ٿيو
پئي، ھاڻ ڪر ڪا سرداري.“
”محمد پڃل بابا! مون ڪڏھن انڪار ڪيو آھي. تون مون وٽ مزوريءَ تي
ھئين تھ بھ بنان پائي پئسي چڪ ڪڍندو ھئس.
بيروزگار ھئين تھ بھ چڪ ڪڍيمانءِ، ڪجھھ ڏنئھ
يا نھ، مون خيال نھ ڪيو، باقي ڪم جي وقت ڏکيو
ٿيو پئي. ڏسين ٿو، مال پيو توريان. اڃان کلن
کي ويڙھي وري تور ڪرڻي آھي. ھاڻ پروءَ کان بھ
ڪم ڪونھ پڄي. ڇلي سو وٺي ٿو باقي ڪڏھن لوڻ بھ
مان ڏيان ۽ صفائي تي بھ مان موڪليان. بُج لھيو
اچن تھ سڪائي بھ مان موڪليان بس بنھھ ھڄي پيو
آھيان.“
محمد پڃل جو منھن اھو ئي پِيلو ۽ سور بھ ڏاڍو پئي لکايائين. ڪا
گھڙي محمد پڃل بيٺو رھيو. سيٺ ھاشم بس نھ ڪئي
۽ وري شروع ٿي ويو.
”تون بھ ڪم جي مھل اچين، اسان پيٽ جي ڪيون يا وتون ماڻھن جي چڪ
ڪڍندا. ابي ڏاڏي جو اذن مليل آھي، ان جو مطلب
اھو تھ نھ آھي تھ ابي ڏاڏي جو ڌنڌو بھ ڇڏي
ڏيون. يار ھينئر تھ ڇڏ، ٻيءَ ويل اچجانءِ.“
سيٺ بنديءَ تي حساب لکڻ ۾ لڳي ويو. ڪنڌ مٿي کنيائين تھ محمد پڃل
کيسي مان ڪجھھ ڪڍي تريءَ تي کڻي رکيس، ۽
پنھنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيرائڻ لڳو. کيس خبر
ھئي تھ سيٺ مفت ۾ ٻرو بھ ڪونھ ڏئي.
”يار پڃل تون بھ زورآور آھين، مون تو کان ڏوڪڙ تھ نھ گھريا، بار
پيو چاڙھين، زور ڪرين ٿو تھ پوءِ ٺيڪ آ، پرو!
اچ تھ سھين، محمد پڃل جي چڪ ڪڍڻي آھي، ھٿ
ڌوئيو اچ.“
ھن سوا رپيو سوگھو جھليندي چيو ۽ پوءِ ململ جي چولي جي ٻاھرين
کيسي ۾ وجھي ڇڏيائين.
حقيقت ۾ سوا رپئي اذن جي مٺائيءَ سندس چھري تي رونق آڻي ڇڏي. ھن
يڪدم ڪونرو کنيو ۽ ويٺو ھٿ ملڻ. سيٺ ھاشم ابي
ڏاڏي چمڙي جو واپاري ھو. ھاڻ وڏڙا ويچارا ويا
گذاري ۽ پاڻ بھ جھونڙو ٿيو ھو، باقي ننڍن مان
ڪنھن بھ اھو ڪم ھٿ ۾ نھ کنيو. ”ھي تھ ڪم ڍيڍن
جو آھي،“ چئي ننڍن مان ڪي وڃي ڪھڙي ڪرت سان
لڳا، ڪي ڪنھن سان، پر محمد ھاشم اڃا سيٺ ئي
ھو ۽ اڪيلي سر چمڙي جي واپار سان دل لايو پئي
آيو. ورھاڱي کان پوءِ چمڙي جي واپار ۾ جا موڙي
آئي ھئي، تنھن ھڻي واپارين جا لاھھ ڪڍي ڇڏيا
ھئا. اگھھ بنھھ پٽ پيا ھئا. جيئن سيٺ محمد
ھاشم خانداني چمڙي جو واپاري ھو سو ھوشياري
سان ڪم ھلائڻ لڳو. ڪوٺيءَ تي چار – ڇھھ نوڪر
ھئس، اھي بھ ڪڍي ڇڏيائين. پاڻ ۽ پرو ٻئي سٺي
وقت جي انتظار ۾ ڪجھھ مال سوڌي، گذر سفر لاءِ
ڪم ٽپائيندا ھئا. ڪنھن مھل ڪو ھمراھھ وٽس چڪ
ڪڍائڻ ايندو ھو تھ سيٺڪي ڏيکاربي ضرور ھئي، پر
اندران خوش ٿيندو ھو تھ ابي ڏاڏي جو ھدو جيڪو
مليل ھوس، اھو بھ ڪمائي ڏيس پيو. سوا رپيو
ماڻھوءَ تي ڏينھن ۾ ٻھ – چار ھمراھھ شھر توڙي
ٻھراڙيءَ جا ايندا ھئس تھ ٽڙي پوندو ھو. ھڪ
ڌنڌي جي موڙي، ٻيو ڇوڪرا بھ ڇڏي ويس، گذر سفر
لاءِ اھو چڪ ڪڍڻ وارو ڌنڌو منجھس روح ڦوڪي
ڇڏيندو ھو. ھو جيئن مٽيءَ سان ھٿ ملي، ڌوئي
صاف ڪري اٿيو تھ پرو بھ پوتڙي سان ھٿ اگھندو
آيو.
سيٺ ھاشم اوطاق ۾ اندر ويو ۽ دري کولي، ڪٻٽڙيءَ مان انگوڇو
ڪڍيائين ۽ ناسي رنگ جو مر چڙھيل شيشو ڪڍيائين.
انگوڇو پروءَ کي ڏنائين، جيڪو بيٺو ان کي وٽڻ
۽ پوءِ وات ۾ ان جي پڇڙي جھلي ائين وٽيائين
جھڙو نوڙ. انھيءَ وچ ۾ سيٺ ھاشم تيل جو چنبو
ڀري پڃل جو پلو پري ڪري پٺي تي کڻي ھنيو ۽
بيٺي پير مالش وارو ھٿ ھڻي، ور ڪري وٽيل
انگوڇو چيلھھ کي سندرو ڪري ٻڌائينس ۽ ڇڪي آيس
اوطاق کان ٻاھر. وٽيل پوتڙي جو ھڪ ڇيڙو پاڻ
جھليائين ۽ ٻيو پروءَ ڇڪيو ويا ڇڪيندا ۽ پڃل
ويو ڌرتيءَ ڏانھن جھڪبو. سيٺ ھاشم جڏھن ڇڪي
بيٺو تھ رڙ ڪيائين،
”چڪ ڪڍانءِ“
محمد پڃيل ڪنجھيو ”ھا“
”چڪ ڪڍانءِ.“ پڃل ور ڪيو چوي، ”ھا“. ھو ٻيڻو ٿي ويو ھو. چيلھھ
جي سور کان بنھھ پگھرجي ويو ھو.
جيئن تھ سيٺ ھاشم ۽ پرو ڇڪي جھليو ھوس، ھو ڪنجھڻ لڳو ۽ پوءِ
آھستي آھستي ھو واپس سڌو ٿيڻ لڳو ۽ سمجھيائين
پئي تھ ھو ھاڻ آرام سان سڌو ٿي پئي سگھيو.
سيٺ ۽ پرو آھستي آھستي وٽيل پوتڙي کي ڍرو ڪندا ويا، تان تھ محمد
پڃل سنئون سڌو بيھي رھيو ۽ پوءِ جيئن ھنن
چيلھھ مان پوتڙو ڪڍيو تھ محمد پڃل ائين ڀڳو ڄڻ
ڇنائي ڀڳو ھجي. ھو ڊوڙندو وڃي ۽ نئڙي زمين تان
ڪا ٺڪري يا پٿري کڻي وري سڌو ٿي پٺيان اڇليندو
ويو. ائين ڊوڙندو ويو پئي ۽ ور ور نئڙي ٺڪريون
کڻندو پٺيان اڇليندو رستي جي موڙ وٽان غائب ٿي
ويو.
سيٺ ھاشم ٿڌو ساھھ کنيو. ”پرو ھاڻ ھل ڪم کي وٺ ٻيا ويٽا کڻي آ.
ڀيڻسان ھيل مال پشمي ڏاڍو آھي ڪئنرو بھ آھي تھ
بَج بھ ڏاڍي اٿس. ڳائو مال اڃا نھ کڻي
اچجانءِ. پھريائين ٻاڪرو توري وٺان. پڃل ڀلي
ڊوڙ پڄائي موٽي اچي تھ احوال وٺونس ٿا.“
سيٺ ھاشم کليو؛ پروءَ ور ڪري پيلا ڏند ڪڍيا ۽ ھاشم ڪنڌ ڌوڻي
اوطاق ۾ ويو، جت تور اڌو گابري پئي ھيس. ھن
کلون ور ڪري ويڙھيون. ڳنڍ ڏئي ھڙ ڪري ٻڌائين،
پوءِ ڪانٽي جي ھڪ ۾ ھڙ اٽڪايائين. ھڪ ڇڪجي ھيٺ
ھليو ۽ ڳپل تور ڏيکاريائين. سيٺ ھاشم ٽڙي پيو.
ھن ھڙ ڇڪي ڪانٽي جي ڪڙي مان ڪڍي ھيٺ اڇلي، ان
سان گڏ پروءَ اچي ٻي ھڙ سامھون اڇلايس ۽ پاڻ
تڪڙو وري کلن واري ڪوٺيءَ ڏانھن ھليو ويو. سيٺ
ھاشم جيئن سٽ ڏئي نئڙيو ۽ نئين ھڙ کي کولڻ لڳو
بنھھ ڄمي ويو. ھڪ سور جي ٽاٽ ھئي، جا ڪنڌ کان
ھلي پٺيءَ جو ڪنڊو ٽپي چيلھھ وٽ اچي بيھي رھي.
ھو جيئن نوڙيو تھ سڌو نھ پئي ٿي سگھيو، ڪجھھ
سڌو ٿيو تھ سڄو پگھرجي ويو. نراڙ تي پگھر جون
بوندون چمڪڻ لڳيون ھيس، ائين پڃل سھڪندو اوطاق
جي اڱڻ ۾ داخل ٿيو. آواز نھ پيو نڪريس، پر
ٽڙيو پئي.
”سيٺ واھھ واھھ ٿي وئي، ڏس نوبنو پيو لڳان ۽ ھي ڏس. . . “
محمد پڃل، جيڪو اڳ ۾ شيخ ٿيو پيو ھو، سو آرام سان نئڙيو وري سڌو
پئي ٿيو، وري نئڙي وري سڌو پئي ٿيو؛ ڄڻ چاٻي
اچي وئي ھجيس. ائين سندس نظر سيٺ ھاشم جي بيھڪ
تي پئي. ھو پاڻ بھ ڄمي بيھي رھيو. ھو انھيءَ
پوز کي ڏسي رھيو ھو، جيڪو اڳ ڪڏھن نھ ڏٺو
ھئائين. ھو ڇرڪندو اڳتي وڌيو، ھٿ لاتائينس،
سيٺ ھاشم شيخ ٿيو بيٺو ھو. ھن ھھڙي زبردست بي
رحم ماڻھوءَ کي بيوس ۽ لاچار ڏٺو تھ حيرت ٿيس.
ھيءُ سيٺ تھ اھو سيٺ ھو، جو مزورن لاءِ موت ھو
۽ سندن مزوري ائين ڳھي ويندو ھو جو ھو ڪجھھ
ڪڇي نھ سگھندا ھئا. اڄ ھو لاچار بيٺو ھو، نھ
چري نھ پري. سندس ڌڪيل سنوان ڪونھ ٿيا ھيا.
غريب غربي جو پويون ڏينھن ھو. اڄ ڪو قدرت وٺ
ڪيو ھوس.
محمد پڃل کلڻ تي ھو پر نھ کليو. مزور ماڻھو، سيٺ ھاشم وٽ بھ ڪي
سال ڪمائي ويو ھو. اڳيان موچڙا بھ پئي سجھيس.
ھو ڪا گھڙي سوچيندو رھيو. پوءِ يڪدم رڙ
ڪيائين، ”اڙي پرو! وارو ڪر سيٺ وٺجي ويو آھي،
اڙي وارو ڪر.“
ائين چئي ڊوڙ پائي اندران انگوڇو کڻي آيو ۽ ائين وٽڻ لڳو، جيئن
پرو وٽيندو ھو، ھڪ ڇيڙو وات ۾ جھلي، وٽي نوڙي
وانگر تيار ڪيائين، ائين پرو مال واريءَ جاءِ
مان جتي کلن واري ڪوٺي ھئي، ڊوڙندو نڪتو. جيئن
سيٺ جو اسٽل پوز ڏٺائين تھ الائجي ڇو سندس
پيلا ڏند نڪري آيا ۽ ٽھڪ ڏيڻ تي ھو جو پڃل اچي
آھستي چيس: ”ڀيڻان نھ کلجانءِ، بي موت مارجي
ويندين. سيٺ فوٽو ڪونھ پيو ڪڍائي، چڪ پئي اٿس
چڪ!“
پروءَ جا پيلا ڏند لڪي ويا. ھو وڌي ويجھو اچي بيٺو. سيٺ ڪڇي
ڪونھ پيو سگھي. ھاڻ تھ زبان بيھي وئي ھيس. سڄو
بت ڪمان مثل ڇڪجي ويو ھوس. نھ چري پيو، نھ
ڳالھائي پيو. سندس اکيون ڦريون پئي. ھو ائين
ڄميو بيٺو ھو، ڄڻ سياري جو سٽيل ھجي ۽ ڄمي
پارو ٿي ويو ھجي.
پرو تھ ھراسجي ويو، پر پڃل حرڪت ۾ ھو. ھن مر چڙھيل شيشي مان تيل
جي لپ ڀري سيٺ جي چيلھھ تي ملي. پوءِ مالش جو
ھٿ ھڻڻ لڳو. ھاڻ سيٺ ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو. ھڪ ٻانھن
چورڻ لڳو. اشاري سان منع ڪيائين. پر پڃل ھڪ
ڪاريگر وانگر ٻھ ٽي اھڙا مھٽا چاڙھيس جو سيٺ
جو ڪنجھڻ بھ بند ٿي ويو ۽ ٿڌو ٿيڻ لڳو. پڃل وٽ
ڏئي وٽيل سٽيل انگوڇو چيلھھ کي سندري وانگر
ٻڌي، پروءَ کي اشارو ڪيو تھ اچي ٻئي پاسي کان
وٺيس ۽ ڇڪيس، پر پرو پري بيھي رھيو. پوءِ ڪنڌ
سان اشارو ڪيائين تھ ائين نھ ڪري.
”پرو، وارو ڪر نھ تھ سيٺ ويو پيو اٿئي، جلدي ڪر ھمراھي ڪراءِ.“
پرو ڪا گھڙي سوچيو، پوءِ وڌيو. سيٺ وري ڪنڌ ڌوڻيو. گھڻي ھون ھون
ڪئي. پرو ڇرڪيو پر پڃل ٻانھن کان وٺي قابو ڪيس
۽ انگوڇي جي ھڪ ڪنڊ ڏنائينس ۽ پاڻ ٻئي پاسي
ڇڪڻ لڳو. آھستي آھستي ڇڪڻ لڳا، پر سيٺ نھ ڪو
جھڪي نھ ڪو ڇا. پڃل تڪڙ ۾ چوڻ شروع ڪيو:
”چڪ ڀڃانءِ سيٺ؟ چڪ ڀڃانءِ چئھ سيٺ چڪ ڀڃانءِ؟“
ھوڏانھن ڪو بھ ڦوٽ ٻوڏ جو اھڃاڻ بھ ڪونھ ھو. پڃل سٽ ۽ زور ڏئي
کيس نئڙايو پر سيٺ انھي سٽ سان ٻوٿ ڀر وڃي کلن
۾ ڪريو. پڃل تھ انگوڇو ڇڏيو، پر پرو ٽپ ڏئي
وڃي پري بيٺو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو.
”الاڙي بابا ڙي! سيٺ مري ويو – اڙي سيٺ مري ويو – اڌ رنگي ۾ مري
ويو – پڃل!
سيٺ اڌ رنگي ۾ مري ويو
اٿئي اڌ رنگي ۾. چڪ ڪانھي اڙي! چڪ ڪانھي!“
پوءِ ھو رڙيون ڪندو اوطاق کان ٻاھر نڪتو ۽ گھل
گھوڙا ڪندو سيٺ جي گھر ڏانھن ڀڳو.
پڃل ھاڻ ھراسجي ويو ھو. سڄي حڪمت ۽ چڪ ڪڍڻ وارو شوق ھوا ٿي ويو
ھوس. ھو آھستي وڌيو ۽ سيٺ کي ڪنڌ کان وٺي مٿي
کڻڻ جي ڪيائين.
ھو کيس سنئون ڪري نھ سگھيو. ھو ڪا دير کڻڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو ۽
انھيءَ ويڙھھ سيڙھھ ۾ سيٺ تھ کلن ۾ جھڙوڪر
ويڙھبو ويو. ھن آخري ڪوشش ڪئي. ھو کيس فرش کان
ڪا دير مٿي جھلي بيٺو. ھاڻ تھ سيٺ جي چھري تي
زندگيءَ جو واقعي ڪو اھڃاڻ نھ ھو. ھن سيٺ کي
جيئن واپس فرش تي ڇڏيو تھ سندس نظر ململ جي
چولي ۾ پيل انھيءَ سوا رپئي تي پئي، جيڪو ھن
صبح جو بکئي پيٽ ٻچن کي نھ کارائي بھ سيٺ جو
ڏن ڀريو ھو.
سيٺ جيئن واپس ٻوٿ ڀر ڪريو تھ ھن بھ ھٿ وجھي ململ جي چولي مان
سوا رپيو ڪڍي ورتو. ھن ھيڏانھن ھوڏانھن
نھاريو. اڃا اوطاق ۾ ڪير نھ پھتو ھو. ھن جيئن
سوا رپيو کيسي ۾ رکيو تھ سندس ھٿ ڏڪيا پئي ۽
سندس پيشاني ايستائين پگھرجي بھ وئي ھئي. ھو
پوءِ تڪڙو اوطاق جي ٻاھرين در تائين پھتو ۽ ور
ڪري پٺيان نھاريائين. سيٺ ائين کلن ۾ ويڙھيو
پيو ھو. پڃل کي ان ويلي ھن ئي اوطاق تي
ڳالھيرن جي کنيل انھيءَ بادشاھھ جي ڳالھھ ياد
آئي، جيڪو ظالم ۽ ڏوھاري ماڻھوءَ کي جيئري ئي
کلن ۾ ويڙھائي ڇڏيندو ھو. ھاڻ ھو جيئن واپس
وريو تھ سندس وک شاھاڻي ھئي.
*
وڏو ماڻھو
ماضيءَ جي گم ٿيل رستن کي ڳولڻ جي ڪندي ھن کي شام ٿي ويئي. سندس
پيءُ گذرئي ڪي گھڻا ڏينھن ڪونھ ٿيا ھئا.
پھريائين تھ سندس گھر ماين جا ميڙ ۽ اوطاق تي
ماڻھن جي اچ وڃ ھئي. آھستي آھستي ھرڪو ٽڙي
پکڙي ويو. اِئين لڳو، ڄڻ ڪو ميلو ھو ۽ ھر ڪو
ويکڻ آيو ھو ۽ ھاڻ تھ ميلي جي موٽ وارا ڏينھن
بھ ماضيءَ جي دز بڻبا پئي ويا. ھو نھ نوڪريءَ
تي وڃي پئي سگھيو، نھ وري ھن جي دل پي لڳي. ھو
اٻاڻڪو اوطاق تي ويٺو ھوندو ھو ڪڏھن ڪڏھن
اباڻي ٻنيءَ جو ڪو ھاري يا پري جا رھيل مٽ
مائٽ، سڃاڻو يا دوست تعزيت لاءِ گھڙيءَ لاءِ
ڦرڪو ڦيرائيندا ھيا، نھ تھ ھو واڻ جي وڏي کٽ
تي پاسا ورائيندي بيحال ٿيو پيو ھوندو ھو.
سندس ڀرسان پيل ڪتابن ۾ بھ سندس دل نھ لڳندي
ھئي. ھو ھر ھر ائين چاھيندو ھو تھ ھو ھاڻ ھتان
ھليو وڃي، پر سندس ماءُ، عزيزن جو حڪم ھيو تھ
چاليھو ڪري پوءِ يڪو نڪري. ھن وچ ۾ ڪوشش ڪئي
تھ ھو ڪجھھ ڏينھن لاءِ شھر وڃي نوڪريءَ ۽ ٻين
گھرجن جي پورائي لاءِ ڪجھھ ڪري اچي، پر ڪڏھن
جماڻو تھ ڪڏھن مائٽن جي اچ وڃ، سندس وڃڻ ھٽبو
ويو. ھاڻ ذري گھٽ اچي مھينو پئي ٿيو.
ھو جيتوڻيڪ وساميل پيو ھو، پر ھميشه وانگر ڪجھھ وقت ماضيءَ جي
رستن تي ڀٽڪڻ لاءِ نڪري ويو. سندس ذھن انھيءَ
رستي تي ھليو ويو، جت کيس پيءُ ھٿ کان وٺي ھلڻ
سيکايو ھو. پيءُ کي ياد ڪرڻ جي بھاني ان ڳالھھ
کي ضرور ياد ڪندو ھو تھ کيس وڏي ماڻھو ٿيڻ
لاءِ محنت ڪرڻ سان گڏ ڪنھن بھ نموني سان وڏو
ماڻھو ٿيڻو آھي. ھو پيءُ جي وڏ ماڻھائپ ڏسي
سڌون ڪندو ھو. پيءُ جي آفيسري جو دور ھجي يا
سندس رٽائر ٿيڻ کان پوءِ زمينداري جي دور ۾
جيڪي ڏسندو ھو، اھو کيس ناممڪن لڳندو ھو. ھو
سمجھي نھ سگھندو ھو تھ ھو ھن گپا گيھھ ۽
مقابلي جي دور ۾ بي.اي جي ڊگريءَ سان ڇا ڪندو.
پڻس جي اثر رسوخ سان ڇڪي تاڻي ھاءِ اسڪول جي
ماستريءَ جي جيڪا نوڪري کيس ملي ھئي؛ ان جو
پگھار ۽ الائونس کڻي جڏھن گھر ويندو ھو تھ ھڪ
سٽ سان زال سڀڪجھھ کڻي ويندي ھيس. ھو ڪڏھن
ٽيوشن ڪندو ھو، ڪڏھن پڻس ڪجھھ ڏئي ويندو ھوس
مڙئي گذر ٿي ويندو ھون. پر ھن سک جو ساھھ ڪڏھن
بھ نھ کنيو. ايم.اي ۽ ايل. ايل. بي جي امتحان
سان بھ وچڙندو آيو پر اڃا ڪاميابيءَ کان پري
ھو. ھر ھر ويلي اِھا ڳالھھ سمجھڻ جي ڪندو ھو
تھ ھو ڪند ذھن آھي يا نصيب جو ماريل. ھر ڪوشش
موٽ کائي ٻھ وکون پوئتي ڪري ڇڏيندي ھيس، جيڪي
سندس ڪلھي اچي لڳا ھئا، خاص ڪري وڏو پٽ انور.
سندس شھري زندگيءَ سان چاھھ ھاڻ ڳچيءَ ۾ پيو ھوس. ھو گھر جي
ڪري يا ٻار پڙھائي يا پنھنجي بقا جي جڌ لڙي.
پنھنجي پيءُ جي تڏي تي ويھي. ھن ڪجھھ ڏينھن
وڏا ٿڌا ساھھ کنيا. ھر ويلي، چڱو چوکو کائي،
ماءُ کي آٿت ڏيندو ھو ۽ گھر واري ۽ ٻچن ڏي
نھاريندو ھو، جن جي منھن تي بھ رونق آئي پئي.
پر ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ جڏھن کيس خبر پئي تھ
ھاڻ انھيءَ گھر کي بھ کيس ئي ھلائڻو آھي ۽ پڻس
بئنڪ ۾ جھڙوڪ ڪجھھ بھ نھ، صرف پينشن ۽ ٻنيءَ
جو ٽڪر ڇڏي ويو ھو، جنھن تي پڻ قرض ھو. ھو
ڪيئن ٺٺ ٺانگر رکيو ويٺو ھو، ان جي کيس سمڪ
ڪانھ ٿي پئي. ھو جيئن جيئن ڏينھن گھاريندو
ويو، واڻ واري کٽ سندس اگھاڙن پٺن تي نشان
ڪندي وئي. ھو گرمي ۾ پگھر ڳاڙيندي، ڪڏھن وڃڻو
ھڻي ھيانءُ ٺاريندو ھو، يا وڃڻي سان پٺي
کنھندو ھو.
ان ڏينھن ھو گھڻو وقت ماضيءَ جي رستي تي ڀٽڪيو، پر کيس ڪي بھ
اھڃاڻ نھ مليا، جن سان سندس مسئلا حل ٿين. ھن
مھل تائين تھ گھر جو خرچ جيڪي ڪجھھ ماءُ وٽ
پاڇي ھو يا ماڻھن پھت ڪري ڏنو ھو. ان مان پئي
ھليو، مٿان چاليھو ھو ۽ ختمي جي مانيءَ جو
بندوبست جھڙي تھڙي ڳالھھ نھ ھئي. ماني بھ ڀري
ڪرڻي ھئي، ڇو تھ پڻس تر جو چڱو مڙس ۽ وڏو
ماڻھو ھو.
ھاڻ ھو جڏھن بھ اڪيلو ٿيندو ھو تھ اھو سوچيندو ھو تھ ھو ڪيئن
وڏو ماڻھو بڻجي، پر پنھنجي پيءُ کان وڏو
ماڻھو، جيڪو پئسي ۾ بنھھ وڏو نھ ھو. ھو ڪڏھن
ناڪاميءَ جي انديشن ۾ ٻڏل، ڪڏھن اميد جي ڪرڻن
سان روشن پل پيو گھاريندو ھو ۽ من ئي من ۾
واريءَ جا گھر ٺاھي ڊاھيندو ھو.
ھيءَ شام تھ کيس ڏاڍي ڌمڪيل ۽ اجھاميل لڳي. ھو جيئن تيئن ڪري
اٿيو. پاڻيءَ لاءِ پيءُ جي جھونڙي نوڪر گلوءَ
کي سڏ ڪيائين، پر کيس سڏ نھ مليو. ھو پاڻ
اٿيو، پاڻي پيتائين، پوءِ سڌو گھر ڏي رخ
ڪيائين. ماڻس فرش تي ليٽي پئي ھئي. سندس زال ۽
ٻار انھيءَ فرش تي ويٺا ھئا، سواءِ سندس وڏي
پٽ انور جي.
گھر ۾ ڪو بھ مٽ مائٽ نظر نھ آيو. ھو ماءُ جي پيرن کان ويھي کيس
زور ڏيڻ لڳو. ھوءَ اٿي ويٺي.
”اڃا مقام تي نھ ويو آھين. ٽپھري بھ اچي لڙي آھي. شام پئي ٿئي،
پنڌ پري آھي. جي وڃڻو اٿئي تھ جلد ٿي اچ.
منھنجي راڻل کي سلام چئجانءِ، جيڪو ھاڻ مڻين
مٽيءَ ھيٺ ائين ڇڏي آيا آھيو.“ ماڻس روئي
ويٺي.
ھو بھ اداس ٿي ويو. ھو اٿيو، زال کي سڏ ڪيائين، ۽ پاسي تي وٺي
وڃي چيائينس:
”ڪجھھ پئسا اٿئي، سگريٽ بھ کپي ويا آھن.“
”مون وٽ تھ ڪجھھ بھ نھ آھي، چئين تھ امان کان وٺي ڏيانءِ.“
”نھ نھ، ڀلا انور ڪاٿي آھي سونجھڙو آھي، متان ڪجھھ پيسا ھجنس.“
ائين انور سندس وڏو پٽ اندر گھڙيو. مرڪي پيءُ ڏي ڏٺائين، پوءِ
کيسي مان سگريٽ ڪڍي کيس ڏنائين.
”مان مامي جي دوڪان تان کنيو آيو ھيم. اوطاق تي ويم تھ ڪڙو ڏنو
پيو ھيو“
”ڀلا مان بھ ھلانو مقام تي؟“
”نھ، بابا. ٿڪجي پوندين. مان بس اچان ٿو.“
ھن گھر کان ٻاھر نڪري سگريٽ دکايو. مرڪي ويٺو. انور سندس وڏو پٽ
ھو. اڃا مئٽرڪ مس پاس ڪئي ھئائين ۽ ڪاليج ۾
داخلا ورتي ھئائين جو ھو ھيڏانھن قضيي تي ھليا
آيا. پر الائجي ڇو ھو کيس تمام وڏو سمجھندو
ھو. سياڻو، ڏاھو ۽ اميد ھيس تھ ھو وڏو ماڻھو
بڻبو، ڏاڏي کان بھ وڏو. پاڻ تھ ڪجھھ بھ نھ ھو.
سوچيندو، ڳوٺ لتاڙيندو ڳوٺ جي ٻاھران وھندڙ وڏي واھھ وٽ جڏھن
پھتو تھ کيس ٿڌڪار جو احساس ٿيو. ھن گرمي ۾
واھھ ۾ وھندڙ گجي ڪندڙ پاڻي جو ٿڌڪار ھٻڪار
ڪندڙ ھو. ھو تيز تيز واھھ جي مٿان ٺھيل پل ۽
ريگيوليٽر تي پھتو تھ پاڻيءَ جي گوڙ واري آواز
۽ ڇولين کيس بيھاري ڇڏيو. ھو ڪا گھڙي تھ ڇولين
جي مستي ۽ پاڻيءَ جي وھڪري کي ڏسندو رھيو،
جيڪو اڳتي وڃي، ويندڙ واٽ وانگر ماٺو ٿي ڪنھن
پنڌ پرانھين جو ڏس ڏيندو رھندو پئي ويو. ھو
پاڻيءَ جي انھيءَ ٺھندڙ رستي کي ڏسي مرڪي ويٺو
۽ پوءِ اڳتي ويندڙ رستي ڏي ڏٺائين، جيڪو مقام
تائين کيس نيندو ھيو. ھو ڪا گھڙي انھي رستي کي
بھ ڏسندو رھيو ۽ پوءِ سامھون پري کان پيءَ جي
تازي ٺھيل قبر ڏسي کيس ڪجھھ ياد آيو. ھو تڪڙو
پل ٽپي واھھ سان ٿورو اڳتي لھوارو ھليو، جتي
وڃي پاڻي ماٺار ڪري واٽ وٺيو پئي ويو. ھن کي
ڪي ھمراھھ ڳوٺائي مليا، جيڪي وضو ڪري مقام تي
پئي ويا ۽ ڪي وري مقام تان پئي موٽيا. شفن
وڏيري تھ رڙ ڪري چيس:
”ابا، دير ٿي ٿئي، جلدي اچ. نما شام جو مقام تي تھ نھ وڃبو.“
ھو تڪڙو تڪڙو وڃي واھھ جي ڪناري تي ويٺو ۽ جھڪي جلدي جلدي وضو
ڪرڻ لڳو. ھو جيئن جيئن جلدي ڪندو ويو، تيئن
کيس محسوس ٿيو تھ ھو انھيءَ گپ ۾ ويھندو پيو
وڃي ۽ گھڙيءَ کان پوءِ ھو سڄو پاڻيءَ ۾ ھو.
الائجي ڇو کانئس ڪا بھ دانھن نھ نڪتي، نھ ھن
پريان ويندڙ ڳوٺائين يا شفن وڏيري کي سڏ ڪيو
تھ مان پاڻيءَ ۾ ڪري پيو آھيان ۽ اچي مون کي
ٻاھر ڪڍو. ھن سمجھيو تھ کاڌل ڪناري جي ڪرندڙ
ڀڪ سان گڏ ھو ھيٺ ھليو ويو
آھي. ھن کي ھيءُ ٿڌڪار وڻيو پئي. ھو ڪناري وٽ
اڌ کان مٿي ٻڏل بيٺو ھو. ھن سامھون وھندڙ
وھڪرو ويندڙ واٽ وانگر ڏٺو. ھو تارون ھو. ھو
ھن وھڪري ڏانھن وڌيو. ھن کي خيال آيو تھ ڀِڳو
ھو تھ سڄو ڀڄي ۽ گپ لاھي نڪري. ھو جيئن ان واٽ
تي ويو تھ وھڪري پير ڪڍي وڌس. ھيءُ نھ حياتيءَ
جو وھڪرو ھو، نھ وري خيالي وھڪرو ۽ نھ ڪو ماضي
جو ٺڳيندڙ وھڪرو ھو. ھو انھيءَ وھڪري ۾ ئي ھڪ
سٽ سان وھي ويو. ان ۾ ھن وھندي ھڪ جھلڪ ماڻھن،
قبرستان ۽ آخر ۾ پيءُ جي قبر جي ڏٺي. ھو ھميشه
جيان ڪنھن کي بھ نھ سڏي سگھيو. ھو ائين وھي
ويو جيئن ڄڻ تھ پاڻ بھ ھڪ پاڻي ھو، جو پاڻيءَ
۾ سمائجي ويو.
ھاڻ ھن جي لاءِ اھو ئي قبرستان ھو، اھو ئي واھھ جو ڪنارو ۽ اھو
ئي ماضي ۽ ماضيءَ جا رستا، پر ھو ھاڻي مڻين
مٽيءَ ھيٺ ھو، پنھنجي پيءُ جھڙي قبر اندر.
ھن جي قبر تي سندس پٽ انور صرف ٽي ڏينھن آيو ۽ ٽئين ڏينھن ھن
قبر اندران بھ ڏٺو ۽ ٻڌو. ھو قبر وٽ ويھي ڏاڍي
کڙائيءَ سان چئي رھيو ھو؛
”بابا، مون کي واقعي وڏو ماڻھو ٿيڻو آھي، ان ڪري مون وٽ وقت نھ
آھي. مان وڃان پيو، نھ مان اوطاق تي واڻ واري
کٽ تي پٺا اگھاڙا ڪري وھندس، نھ ڪنھن آسري يا
اميد جا ويچار ڪندس، منھنجي منزل پري آھي. مان
جڏھن وڏو ماڻھو ٿي ويندس تھ عيد براد تي تو وٽ
ضرور ايندس. ھاڻ مون وٽ وقت نھ آھي، مان وڃان
ٿو، منھنجي منزل پري آھي.“
ھو قبر مان کيس ڪو بھ جواب ڏئي نھ سگھيو ۽ پوءِ ھن ھميشه لاءِ
اکيون ٻوٽيون؛ دل جا دروازا بند ڪيا، ماضيءَ
جي گم ٿيل رستن کي ھميشه لاءِ وڃائي پاڻ ھڪ
ماضيءَ جي رستي جي دز بڻجي ڌوڙ ۾ گڏجي ويو.