سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان

 حميد سنڌي

صفحو :10

اسان اڌارا آڻي آونگ چاڙھيا

 

اسان وٽ تر ۾ دوستيون ٻڏنديون ۽ ترنديون آھن، پر اسان جيئن سيٺ خدا ڏني کي نياز محمد تي ساھ ڇڏيندو ڏٺو، اھا ڄڻ اڻ ٿيڻي ھئي. ٻي شادي نياز محمد ڪئي، ٽڙي اصل سيٺ خدا ڏنو پيو. ڏاڏي پوٽي تھ ھيس پر سيٺ خدا ڏني جو خيال ھو تھ زال مٽيل چڱي، سو نياز محمد ڳولي وڃي اھڙي لڌي جو کائنس تھ وڏي ھئي، ۽ ساڻس گڏ ھڪ پٽ بھ ھو. پر شادي، شادي ھئي، سا بھ نياز محمد عشق ڪمائي ڪئي ھئي. خوشيءَ ۾ نھ پئي ماپيو، ڄڻ کيپ کٽي ھئائين. سيٺ خدا ڏني بھ نچي ڪڏي پرڻايو ھيس.

اصل ۾ نياز محمد جڏھن ننڍو ھو تھ اچي سيٺ خدا ڏني جي پنسارڪي دڪان تي نوڪر ٿيو ۽ پڙيون ٻڌي وڏو ٿيو. اچي جو خدا ڏني کي ڀاڳ لڳو تھ وڏو واپاري ٿي ويو. ان سان گڏ نياز محمد بھ؛ سيٺ نياز محمد ٿي ويو. سيٺ خدا ڏني جو ڀائيوار ۽ ڪرتا ڌرتا اصل ۾ نياز محمد ئي تھ ھو. گيھھ جي ايجنسي ھجي يا ڀاڻ جي، ان جو واپار ھجي يا ڪنھن ٻي جنس جو، سيٺ خدا ڏنو ساڻس نھ رڳو ڀائيوار ھو، پر وک وک تي صلاحڪار بھ ھو.

چون ائين ٿا تھ سيٺ خدا ڏني جو نياز محمد سان ڏاڍو پيار ھو. اصل ڪا ميخ لڳل ھئس جو گھڙي بھ کيس پري نھ ڪندو ھو. رات ھجي يا ڏينھن، سيٺ خدا ڏنو ۽ نياز محمد جٽ ھوندا ھئا. گھڻو ڪري سيٺ خدا ڏنو ماني ئي نياز محمد وٽ کائيندو ھو. جڏھن کان نياز محمد نئين زال پرڻيو تھ سيٺ خدا ڏنو گھڻو وقت نياز محمد جي نئين گھر گذاريندو ھو. ھيءَ نئين مائي گلان، نياز جو عشق تھ ھو، پر ھئي چڱي عمر جي. سيٺ خدا ڏني سان تھ  سن مک ٿي ايندي ھئي ۽ پئي اور گھور ويندي ھيس. سيٺ خدا ڏنو ڏاڍو خوش ٿيندو ھو، جڏھن مائي گلان کيس زور ڏئي، ننڊڙي ڪرائيندي ھئي.

ھوڏانھن وري نياز محمد کي بھ ڪو سال ئي ڪونھ گذريو تھ اچي بيمار ٿيو ۽ کنگھھ کڙڪو ٿيس. چاليھن پنجتاليھن جو ھوندي بھ لڳو پئي تھ ڄڻ سٺ جو آھي. سيٺ خدا ڏني دوا درمل تھ ڪرايس، پر ڏس بھ ڏنائينس تھ ٽين شادي ڪر پر ننڍي نيٽي، بنھھ جوان ٿي پوندين. نياز محمد بھ سيٺ خدا ڏني جي ھشڪر ۽ ڏوڪڙن جي زور تي ٽين شادي بھ ڪري ورتي. ننڍي نيٽي حسنا خريد ڪري آيو. پر نياز محمد ۾ وت ۽ ست گھڻو ھو؟ نئين شادي اچي پاسا ورتس. خبر تڏھن پئي جو اچي کٽ تي پئجي رھيو. واپاري ڀلو ھو ۽ ساک چڱي ھيس، ڪجھھ ڏينھن تھ جالاري ويو، پر آھستي آھستي ھو پوئتي پئبو ويو.

سيٺ خدا ڏنو منجھند ٽاڻي دستور موجب وٽس ايندو ھو، ۽ کانئس طبيعت پڇي دوا دارون جي ڪري، ھو ٻئي ڪمري ۾ کٽ تي چڙھي ويھندو ھو. ھاڻ وري نياز محمد جي نئين زال حسنا ماني کڻي اچي اڳيان رکندي ھيس. ھو جيسين ماني کائيندو ھو، حسنا وڃڻو ھڻندي ھيس ۽ پوءِ جڏھن سيٺ خدا ڏنو ننڊاکرو ٿيندو ھو تھ حسنا کيس زور ڏئي سمھاريندي ھئي. ڪڏھن سيٺ جو خيال ڦرندو ھو تھ گلان واري پاسي، ان جي ڪمري ۾ ھلي ويندو ھو ۽ ھوءَ بھ ائين خدمت ڪندي ھيس، جيئن ھو وٽس اڳ ايندو ھو. ڪڏھن اوڀاريون لھواريون ڪندس، ڪڏھن ماني ٽڪر کارائي ننڊڙي ڪرائي، شام جو دڪان تي روانو ڪندي ھيس. باقي نياز محمد جي ڏاڏي پوٽيءَ واري گھر، ھاڻ گھٽ ويندو ھو. ڪنھن زماني ۾ تھ وڏا ڦيرا ھيس. ھاڻ جڏھن بھ ويندو ھو تھ سڄو گھر کيس پِير ڪري مٿي وھاريندو ھو. مائي ۽ نياڻيون پيرن ۾ بيٺيون ھونديون ھيس ۽ خدا ڏنو ات بھ پرسن ھوندو ھو.

نياز محمد جي بيماريءَ ۾ بھ ھو سڀني گھرن کي خرچ پکو پھچائيندو رھيو ۽ سندس ڪاروبار کي بھ ھلائيندو رھيو. ھوڏانھن وري نياز محمد جي علاج ۾ وسان نھ گھٽايائين. ڪو ڊاڪٽر، ڪو شھر، ڪا اسپتال نھ ڇڏيائين. پر نياز محمد آھستي آھستي پوئتي پوندو ويو ۽ نيٺ پنجاھھ جي پيٽي ۾ ھيءُ جھان ڇڏيائين.

سيٺ خدا ڏنو نھايت جھان ديدو ۽ ڏاھو ماڻھو ھو. ڪرائڻ کي تھ ھن نياز محمد کي ٽي شاديون ڪرايون، ان ۾ سندس مرضي بھ شامل ھئي، پر ھاڻ جو ان مان عيال ٿيو ۽ خرچ پکو ايترو تھ پي ھليو جو سيٺ خدا ڏني جھڙو ماڻھو تھ بنھھ ويچار ۽ ڏچي ۾ پئجي ويو. نياز محمد کي پھرين زال مان ٽي جوان ڌيئر ۽ ھڪ پٽ ھو. گلان ھڪ جوان پٽ رانجھو کڻي تھ آئي پر بي اولاد رھي. حسنا ھڪ ڌيءَ ڄڻي ۽ اڃا ھنج تي ئي ھيس جو نياز محمد ھيءُ جھان ڇڏيو.

سيٺ خدا ڏنو پاڻ اڪيلو ھو جو ڪو زمانو ٿيو تھ سندس زال گذاري وئي ۽ نھ وري کيس ان مان ڪو اولاد ٿيو. سيٺ خدا ڏني جي زندگي، دڪان، ان سان لڳ پاسي ۾ اوطاق، نياز جي سنگت ۽ ان جا ٻار ھئا. پر ھن انھن سڀني کان اتم حقيقت ۾ پيسي کي رکيو. واپار ھڪ پئسي کان شروع ڪيائين. ھو اڄ لکن ۾ ھو. کانئس پئسو ڇڏائڻ بھ مشڪل ھو. سندس لاءِ مشھور ھو تھ وٽانئس ڪانگ بھ نيرانا ويندا ھئا. ھن جي ماني بھ ٻاھر ھوندي ھئي. نيرن منجھند نياز جي گھر تھ رات جي ماني، کير ۽ جوئر جي ماني ڀاءُ جي گھر کائيندو ھو ۽ اتي ئي اباڻي گھر ۾ رھندو ڪندو ھو.

گھر ھلائڻ جو ڪو خاص تجربو تھ ڪونھ ھئس، پر ھاڻ ٽي گھر سندس حوالي ھئا. نياز جو ڌنڌو پڻ کيس مليو. ڏوڪڙ پئسا ڌراوتون سڀئي ڄڻ تھ سندس ٿيا. نياز جي ٽنھي گھرن کيس اھو ئي پير ڪري پئي پوڄيو، جيئن اڳ ھو. ائين ئي ھر گھر ۾ ويندو ھو. مانڙي کائي زور ڏياريندو ھو جو زور سندس ڪمزوري ھوندا ھئا. شام ٽاڻي واپس دڪان تي ايندو ھو تھ سندس ٿڪ لٿل ھوندا ھئا. پر جيئن جيئن ھو پئسا روڪيندو ويو، ٽنھي گھرن ۾ مانڌاڻ مچندو ويو ۽ خدا ڏني ان ٽمجھڻ کان بچڻ لاءِ اچڻ وڃڻ بھ گھٽائي ڇڏيو ۽ ماني دڪان تي نياز جي اڳ ڄائي رانجھوءَ جي ھٿان گھرائي وٺندو ھو. ھاڻ منجھند اوطاق تي گذاريندو ھو. جڏھن ھن خرچ کان بنھھ ھٿ روڪيو، رانجھي جي ھٿان موڪليل نياپن تي بھ ھو نھ ويو تھ نياز محمد جا ٽئي گھر ڄڻ تھ لڏي ويا.

پھريون نياپو حسنا جو ھئس، جيڪو ور ور رانجھي پئي پھچايو. حسنا ٿڪي تھ رانجھي جي ماءُ گلان سنيھا موڪليس، پر سيٺ خدا ڏنو چري ڇو ٿو. ٿورو گھڻو ڳنڌڻ ۽ ان پاڻي موڪليو تھ واھھ واھھ نھ تھ مڙئي خير ٿيو.

نيٺ صلاح ڪري مائي وڏي کي دانھن ڏنائون، جيڪا ھاڻ پڻ ڏئي وٺي بيٺي ھئي. نيٺ تھ کاڌو پيتو ۽ چوڙ بھ کپي. سندس ٽي نياڻيون اچي جوان ٿيون ھيون. خدا ڏني کي ان جي نياپن بھ گھٽ اثر ڪيو. ھاڻ وٽس ٻھ دڪان، وڏو واپار، ايجنسيون، جايون جڳھيون جام ھيون. وٽس فرصت بھ نھ ھئي جو وسرام کڻي ڪري.

ھڪ ڏينھن جيئن ھو منجھند ٽاڻي دڪان بند ڪري، اوطاق ۾ وڃي ويٺو ۽ جيسين ماني اچي، تيسين ھو جوڙ ڪٽ ۾ مصروف ھو تھ سندس ڪمري جو در کليو ۽ ھن نياز جي پھرئين گھر واري جنھن کي سڀ مائي وڏي چوندا ھيا ان کي اندر گھڙندي ڏٺو. خدا ڏنو بيھي رھيو.

”جنان، تون ھيڏي ڇو آئي آھين؟“

”سڏن نياپن تي نھ لڙندين تھ آخر اينديس، نھ تھ ٻيو ڇا ڪنديس؟“

”اوطاقن تي مايون اينديون آھن ڇا؟“

”مان مائي نھ آھيان، سائين خدا ڏنا. اسين تنھنجو ننگ آھيون. مان جوان ٽن ڌيئرن جي ماءُ آھيان. توکي چڱي پر خبر آھي. مان ھاڻ ھنن جوان ڌيئرن کي ڪاڏي نيان. ھاڻ ھنن جي واھھ ڪڍ ۽ پنھنجا ننگ سنڀال. مان توکان پئسو ڏوڪڙ ڪونھ ٿي گھران يا نياز جي ڌنڌي جو ڪو حصو نھ ڪو حساب. سمجھيئھ خدا ڏنا؟“

خدا ڏنو سڄو پگھرجي ويو. ھو ڏڪندو ويھي رھيو. نيٺ ھمت ڪري چيائينس. ٺيڪ آھي، بھرحال مون کان جيڪي ٿيندو مان ڪندس. تون ھاڻ ھتان ھل.“

مائي وڏي کيس ھڪ دفعو گھوري ڏٺو. کيس پگھر ۾ شل ۽ ھٿ ڏڪندي ڏسي، وٽي ۾ پاڻي اوتي کيس پياريو ۽ ايترو چيو، ”سائين خدا ڏنا، تون اسان سڀني جو سڀڪجھھ آھين. موٽي آ. پيسو سڀڪجھھ نھ آھي. اسين توکان حصو نھ گھرنداسين. تون ئي اسان جو نياز آھين. تو اڳ بھ سنڀاليو ھو. ھاڻ بھ اسان تي ھٿ رک.“

ٿڪ ڀريل سيٺ خدا ڏنو آھلي پيو. مائي وڏي کيس زور ڏيڻ شروع ڪيا  کيس جڏھن سجاڳي ٿي تھ ڪمري ۾ ڪير بھ نھ ھو.

سيٺ خدا ڏني کي ائين لڳو تھ ھن خواب ڏٺو آھي. سندس پاسي ۾ حساب ڪتاب جون بنديون پيون ھيون. ھو وري انھن ۾ اھڙو رنبجي ويو جو کانئس اھو وسري ويو، تھ مائي وڏي وٽس آئي بھ ھئي ۽ کيس ڪجھھ چئي وئي ھئي.

”اڃان ڏينھن ئي ڪونھ گذريا تھ رانجھو، ماءُ کي وٺي سندس بيٺڪ ۾ آيو.“

”ھيءَ ڪھڙي مشڪري لاتي اٿو. ان ڏينھن مائي وڏي آئي، اڄ وري تون گلان آئي آھين. بابا، توھان جو حساب ڪتاب ئي تھ ٺاھيان ٿو، حصي ۾ جيڪي ايندو گھر ويٺي پھچائيندس.“

”تون ڇا حساب ڪتاب ڏيندين، خدا ڏنا، ٻھ سال گذري ويا آھن، اسين انگ لاءِ بھ واجھايون ٿا. تنھنجو ڄڻ تھ ننگ نھ ھئاسين. تو تھ جيئري سڀني کي دفنائي ڇڏيو آھي. تون گھر تھ اچ، اسين ڍڪ گھرون ٿا، اسين ڇپر ڇانو گھرون ٿا. اسان کي ائين نھ رول، خدا ڏنا.“

”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ. مان ايندس، ھاڻ تون گھر ھل. اڙي رانجھا، ماءُ کي وٺي وڃ ۽ ھيءَ اوطاق آھي، ھت نھ آڻيندو ڪر، سمجھيئھ؟“

”خدا ڏنا، رانجھو منھنجو جوان پٽ آھي، تنھنجي نوڪري ڪري پيو، ڏس ان کي بھ تون چڱي طرح پگھار نھ ٿو ڏين. ڏسجانءِ جوان جماڻ نينگر آھي، ڪا گستاخي نھ ڪري وجھي.“

”ھاڻ! توھين مون کي ڌمڪايو ٿا، ھاڻ نڪري وڃو، چوان ٿو تھ ھليا وڃو.“ خدا ڏنو ڏڪڻ لڳو.

ائين رانجھو اڳتي وڌڻ لڳو، پر گلان ٻانھن کان وٺي ٻاھر ڪڍيس ۽ اندران در ڏئي ڇڏيائينس. خدا ڏنو پگھرجي ڪريو، مائي گلان وڃي سندس پير ورتا، تريون مھٽيائينس، وٽي ۾ پاڻي پياريائينس، پوءِ اچي زور ڏنائينس ۽ ائين سيٺ خدا ڏنو اتي ئي سمھي پيو. جڏھن جاڳيو تھ ات ڪجھھ بھ نھ ھو. اھي ئي بنديون، اھو ئي حساب ڪتاب، اھا ئي ملڪيت، اھو ئي موھھ. ھو سڀ کي  خواب ڄاڻي ملڪيت جي موھھ ۾ وري جنبي ويو.

ھن اھو خواب وساريو مس تھ ھڪ نٽھڻ جو حسنا سندس اوطاق ۾ گھڙي آئي. خدا ڏني ڇرڪ ڀريو، ”نيٺ تون بھ آئينءَ!“

”مان توسان آخري دفعو ملڻ ۽ ھن ننڍڙي کي ملائڻ آئي آھيان.“

خدا ڏني ان ٻارڙيءَ کي نھ ڏٺو، پر سندس نڪتل پيٽ تي نظر وڃي پئي ۽ ھو ان کي گھوريندو رھيو، ڄڻ تھ پڇندو ھجيس:

”اھو ڪٿان آيو؟“

حسنا سندس نظر جو پيڇو ڪندي چيو: ”تون وڏو ظالم آھين خدا ڏنا، تو اسان کي ڇا سمجھيو آھي ۽ ڇا بڻايو آھي. اچ تھ ڏيکاريانءِ.“

ائين چئي ھوءَ زوم سان ٻاھر نڪتي. خدا ڏنو پھريون دفعو اڳتي وڌيو ۽ سندس ڪڍ پيو.

جيئن حسنا اوطاق جي ٻاھران نڪتي تھ سيٺ خدا ڏنو بھ ٻاھر نڪتو. ھن پٺي ورائي خدا ڏني کي گھوري ڏٺو. زھريلي مشڪ مشڪي، ٻاھر گھٽيءَ وٽ بيٺل موٽر ۾ چڙھڻ کان اڳ ڪار جي در وٽ بيٺل ڀرت ڀريل بت واري شخص کي چيو، ”ھلو سائين.“

پوءِ پٺي ورائي چيو، ”سيٺ خدا ڏنا، ھيءُ رئيس الله بخش آھي، منھنجو مڙس. سمجھئھ. جي گوٿناٿ ڪئي اٿيئي ۽ نياز جي ملڪيت مان حصو نھ ڏيندين تھ آنڊا ڪڍرائي ڇڏيندينمانءِ. سمجھيئھ.“

ھن برقعي جو پلئھ ھيٺ ڪيو ۽ ڪار ۾ اڳينءَ سيٽ تي ٽپ ڏئي چڙھي ويٺي ۽ ڪڪڙيءَ کي بھ پاڻ سان وھاريائين ۽ سيٺ خدا ڏني ڏانھن اشارو ڪندي چيائينس، ”بيبي، پنھنجي بابا کي سلام ڪر.“

رئيس الله بخش سندس پاسي وارو در بند ڪيو ۽ سيٺ خدا ڏني کي گھوري ڏٺو، شھپرن تي ھٿ رکيو ۽ پوءِ ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويھي، ھڪ ئي سٽ ۾ گھٽيءَ مان ڪار ڪڍي ويو.

سيٺ خدا ڏنو ات ئي بيٺو رھيو. سندس ھڪ ھٿ اوطاق جي ڀت تي ھو ۽ پوءِ آھستي آھستي ڀت کي ٽيڪ ڏئي گسڪندي وڃي فرش کنيائين. رانجھو، جيڪو ماني کنيو پئي آيو، سو ماني ڇڏي ڊوڙندي وڌيو.

ھن نٽھڻ ۾، ھن کي سيٺ خدا ڏني جو بت برف لڳو. خدا ڏني ھڪ وار اک پٽڻ جي ڪئي. ھن رانجھي کي ڏٺو. ھن کي ھيءَ ويل خواب جي ويل نھ لڳي. کيس سڀ سچ ۽ ساڀيان لڳو. سندس اک مان ٻھ لڙڪ لڙيا ۽ رانجھي جو ھٿ وٺي چپن تي رکڻ جي ڪئي، پر ائين نھ ڪري سگھيو، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ آخري گھڙيءَ ۾ ائين ٿيندو آھي. اھا ڪا نئين پراڻي ڳالھھ ڪانھي!

*


 

زوراور

 

ھيءُ انھن ڏينھن جون ڳالھيون آھن، جڏھن گھر جو ڪم ڪار عورتون پاڻ ڪنديون ھيون. ماني پاڻ پچائينديون ھيون، پاروٿي ماني کائڻ عيب نھ ھوندو ھو. ٻار وڏن جا ڪٽيل يا آلٽر ٿيل ڪپڙا پائيندا ھئا. خاص طرح سڪي پڪي پگھار وارا سرڪاري ڪامورا گھڻو ڪري انھيءَ ڳڻتيءَ ۾ ھوندا ھئا تھ ھيڏو عيال ڪيئن پالجي. جيڪڏھن ڪنھن کي ڪو اباڻو نوڪر ملي ويو تھ عيش ٿي ويندا ھئا. منھنجو ابو – امان انھيءَ ۾ خوش ھئا تھ کين مامو محمد ملي ويو ھو. مامو نوڪر ڪونھ ھو، نھ لڇ ۾ مائٽ، پر درزڪو ڪم ڄاڻندو ھو.

انھيءَ دور ۾ عيال جا ڪپڙا لٽا سبڻ ۽ سبرائڻ وڏو مسئلو ھوندو ھو. اتي مامي محمد جو وجود ابي امان لاءِ وڏو ڏڍ ھوندو ھو. مامو اصل مقيم شڪارپور؛ حال مقيم ھر اھو گھر جتي ڪو ڪامورو پنھنجي وڏي اھل عيال سان رھندو ھجي ۽ رڳو کاڌي پيتي ۾ پورو ھجي. مامو محمد بنيادي طرح سان پراڻو، انگريزن جي دور جو ڪاريگر ھو، پر سندس سبڻي اھڙي ھوندي ھئي، جو ڪنھن جي پتلون ٺاھيندو ھو تھ چڍي ٺھي ويندي ھئي، جي چڍي ٺاھيندو ھو تھ ڪڇو ٺھي ويندو ھو. جيترو وقت گورا ھئا، اوترو وقت تھ مامي محمد جو درزڪو ڪينچي ڇاپ دڪان مشھور ھو، ڇاڪاڻ تھ گورن لاءِ چڍيون بھ ڪار ھيون.

مامي جي ڏھھ سيري خوفناڪ ڪينچي مشھور ھوندي ھئي، جنھن سان نھ رڳو ڪپڙا ڪٽڻ وقت ماڻھن جي ٻيڙي ٻڏندي ھئي،  پر جيستائين ڪپڙو مشين تائين پھچي يا ڪاريگر وٽ وڃي، اڳ ئي مامو اڌ ڪپڙو کڻي وٺندو ھو.

مامي جي اِنھن حالن ھوندي بھ سندس دڪان تي ميڙاڪو ھوندو ھو.

ڳالھين جو ڳھير، ڀوڳائي، پيو سنگت ساٿ کي وندرائيندو ھو. ڪم ڪار مليس تھ واھھ واھھ، نھ تھ آئي وئي سان ڪچھري، ڪو سگريٽ ڇڪائيندس تھ ٽڙي پوندو.

”ير ڏاڍو ڪو زوراور آن.“

اِھو مامي جو خاص جملو ھوندو ھو. ڪم ويلي ڳائڻ جو شوق پراڻو ھيس، رھي وڃ رات ڀنڀور ۾. . . “ ٿلھن ڊوڻن چپن سان ڳائيندو ھو تھ ويٺل اٿي ويندا ھئا.

جڏھن گھر ۾ ٽڀو اونڌو ھيس تھ پئسي ڏوڪڙ تي ٻڙڌڪ مچندو ھو. جوڻس اچي تپائيندي ھيس ۽ مامو، دڪان ڪنھن موالي ڪاريگر جي حوالي ڪري، ڏيندو ھو کڙيءَ تي زور. پوءِ ڪنھن نھ ڪنھن ڪاموري وٽ ڪڏھن سکر، ڪڏھن روھڙي، ڪڏھن دادو، ڪڏھن لاڙڪاڻي وڃي نڪرندو ھو. جنھن بھ ڪاموري وٽ ٽڪندو ھو، ان جي گھر جي ڀاتين کي بنھھ پنھنجو ڪري وٺندو ھو ۽ گھر ڌياڻي سندس ڀيڻ ھوندي ھئي ۽ ٻار ڀاڻيجا. جلد ھو ”مامو“ بڻجي راڄ ڪندو ھو. نھ رڳو ھو، صاحب جا ڪپڙا لٽا ڪٽي ٻارن لاءِ ٺاھيندو ھو، پر سڄي گھر تي بھ رعب ھلائيندو ھو. کيس ڏوڪڙ پئسي جي ڳڻتي نھ ھوندي ھئي. جڏھن اتان راڄ ڪري، حڪم ھلائي، سڄي گھر کي منجھائي بيزار ڪري نڪرندو ھو تھ جي ڪجھھ پئسا مالڪن ڏنا تھ واھھ واھھ، نھ تھ ٻيو شھر ۽ ٻيو گھر. پر جلد مامي جو اھو گھڻو رلڻ گھٽبو ويو. شايد عمر سارو، پر ان جو ڪارڻ مان سمجھان ٿو تھ مامي جو اسان جي گھر سان لڳاءُ ھو. امڙ جي ھو خاص عزت ڪندو ھو. ھو جڏھن بھ گھر ڇڏيندو ھو يا بابي جو نياپو پھچندو ھئس تھ سڌو اسان وٽ ٽڪندو ھو.

ھاڻ ھن ٻيا گھر ڇڏي ڏنا. سندس لاءِ بنگلي ۾ ھڪ الڳ ڪمرو ھوندو ھو، جتي ڪپڙن جا ڍير ۽ مامو ھوندو ھو. پر اصل ۾ سڄي گھر جو حاڪم ٿيو ويٺو ھوندو ھو. صبح جو ٻوڙ ٻاڙي آڻڻ، نوڪر چاڪر کي دڙڪي ۾ رکڻ، صفائي وغيره ڪرائڻ بھ سندس ڪم ھو. امان آجي ٿي ويٺي ھوندي ھئي. نوڪر مامي جون دانھون بابي وٽ ڪندا ھئا تھ بابو کلي ڏيندو ھو ۽ دڙڪو ڏيندو ھئن؛ ”ڇورا، ڪٿي مامو مون کي نھ مار ڪڍي. ڪم ڪيو ۽ سڌا ٿي ھلو.“

مامو پنھنجو درزڪو ڪم گھٽ ڪندو ھو. ڏھھ سيري ڪينچي جنھن ڏينھن ھلندي ھئي، اسان ڊڄندا ھئاسين، اِجھو ٿو پتلون کي نڪر ڪري ۽ نڪر کي ڪڇو. ان ڪري وڃي پاسو ڏيندا ھئاسين. بس پوءِ مامي جون ڪير ڳالھيون ٻڌي! امڙ نيٺ اچي چوندي ھيس: ”ادا، ڪجھھ ڪم کي بھ اڪلاءِ.“

يڪدم گوڙ ڪندو ھو، ”ادي ير، ڪا ڏاڍي زوراور آن. مان مان تنگ ٿي آن ڇا؟“

”نھ، ادا، ائين نھ چئھ.“ امڙ کلي ھلي ويندي ھئي ۽ اسان جي عيد ٿي ويندي ھئي. ويٺا کيس چوريندا ۽ چرچا ڪندا ھئاسين. مامو ھو تھ جھونو جھاز، پر کاڌي پيتي جو شوقين ھو. پر اصل وڏو شوق کيس فلم جو ھوندو ھو. مامو ايندو ھو تھ منھنجا تھ مزا ھوندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ مون کي فلم ڏسڻ جو جنون ھوندو ھو.

ھونئن ئي مون لاءِ منجھند ھجي يا رات، موقعو مليو ناھي ۽ گولي ٿي ويندو ھوس. بابي جي وڏي آفيسر ھئڻ ڪري فلمون بھ ڀلا مفت، بنھھ جھل پل نھ ھوندي ھئي. سکر شھر ۾ سئنيمائون بھ گھڻيون ھيون، تنھنڪري ڪڏھن تھ مسئلو اھو ھوندو ھو تھ ڪھڙي فلم ڏسجي؟ مامي جي اچڻ ڪري ڪڏھن تھ قانوني طرح سان بابي کي ٻڌائي، ڪڏھن امڙ تي زور بار آڻي وڃيو فلم ڏسي ايندا ھئاسين. ڪڏھن منجھند جو وس نھ ھلندو ھو، تھ جڏھن سڀ سمھي پوندا ھئا، تھ بنگلي جي پويان جبل ۽ پٽ لتاڙيندا پير پٿون ڪندا، ڪاڙھي جو وڃي ڪنھن سئنيما ڀيڙو ٿيندا ھئاسين. مامو سئنيما تي پھچڻ تائين ساڻو ٿي پوندو ھو. جھونڙي کي مان بھ ڊوڙائيندو ايندس ھيس، ”ماما، جلدي ڪر، کيل شروع ٿي ويندو.“

”ير، ڏاڍو ڪو زوراور آن، پر تون فڪر نھ ڪر، کيل تي مان پڄائيندو مانءِ.“ ائين لڳندو ھو، ڄڻ ھو سچ پچ مون کي ڪلھي تي کنيو کيل تي پڄائڻ پيو ھلي. سنھڙو سيپڪڙو مامو، لڏندو لمندو نيٺ اچي سئنيما تي پھچندو ۽ پھچڻ سان دانھن ڪندو، ”ير، ٻاٽلي تھ پيار.“

ڏوڪڙ پئسي جي ھوندي ھئي ڪڙڪائي. ٻھ آنا ملي خرچي، سو مامي لاءِ ٻاٽلي ڪٿان اچي؟ مان سڌو مئنيجر جي ڪمري ۾ وڃي کانئس پھريائين تھ ٻھ پاسون وٺندو ھئس. بابي جو لحاظ ڪري مئنيجر اٿي ملندو ھو، پر جڏھن چوندو ھو مانس، مئنيجر صاحب ”ٻاٽلي تھ پيار“ ، تھ سندس منھن ڦري ويندو ھو. ڇِپ ڪري پوندي ھيس، پر بابي جي ڊپ کان يڪدم ٻاٽليون گھرائي اندر ھال ۾ پھچرائي ڏيندو ھو. مامو ٻاٽلي پِي ايڏي وڏي اوڳرائي ڏيندو ھو، جو اوسي پاسي وارا اھڙيءَ طرح اسان کي ڏسندا ھئا، جو سندن اکيون اوندھھ ھوندي بھ اسان کي ڦوٽاريل نظر اينديون ھيون.

جي وري مامي کي ڪو گانو وڻيو تھ بھ ڏاڍيان سر سر ۾ ملائي ڳائيندو. ڀلا مامو ڳائي تھ پوءِ بنھھ ڀينگ ٿي وئي! يڪدم ھال ۾ رڙيون ٿي وينديون ھيون، ”او ڀائي او ڀائي.“ پر ڀائي بھ بَس ڪري! تڏھن بس ڪندو ھو، جڏھن پٺيان ڪو ويٺل اچي ٻھ ٽي لوڏا ڏيندو ھئس. مامو ڳائڻ بند ڪري ٿلھن چپن سان ڊڻ ڊڻ جھڙو آواز ڪڍي مون کي چوندو ھو، ”ڏاڍا بدذوق آھن. اھڙا بدذوق آھن تھ ھتي ڇو ٿا اچن؟“

انٽرول ۾ پوسٽر ۽ فوٽو ڏسي ٽڙي پوندو ھو.

”ير، ڏس تھ سھين، فيشن ڪاٿي پھتو آھي. ڊيزائين تھ ڏسينس.“

”ماما، قميص جي ڊيزائين يا منھن جي؟“

”ير، بنھھ ڪو زوراور آن، مزو وڃائي ڇڏيئھ.“

اسان جي اِھا ياري پئي ھلندي ھئي. مامو جڏھن ايندو ھو تھ مان ڪتاب ڇڏيندو ھئس. ڪڏھن تھ اسڪول گسائي بھ وٺندو ھئس. مامي کي جيئن چوندو ھئس، ھو بھ رونشي ۾ خوش. امڙ کان خرچي کاٻاري لاءِ ڏوڪڙ ڪڍڻ لاءِ مامو ڪافي ھو. بس ڏوڪڙ مليس، ٽِڙي پوندو. ”ادي ير، ڏاڍي ڪا زوراور آھين.“ پوءِ کڻي پيسا قابو ڪندو.

”ماما، حصو ڇڏاءِ.“

”ير، ڏاڍو ڪو زوراور آن، اچي وٺ.“

بس پوءِ مامو ۽ مان شھر گھمي ڦري کائي پي سڌو کيل تي. ھڪ ڏينھن جيئن کيل ڏسي شام جو موٽياسين تھ گھر ۾ ٻڙڌڪ متو پيو ھو. ٿورن ڏينھن ۾ مئٽرڪ جا امتحان شروع ٿيڻ وارا ھئا. مون تھ ڄڻ امتحان کي کنگھيو ئي ڪونھ ٿي. اسان جي رفتار اھا ئي. الله سولي ڪري اسان جي ھڪ مائٽ جي، جيڪو ان ڏينھن ڳوٺان آيو ھو شھر ۾ امتحان ڏيڻ. ان سڄو ٽائيم ٽيبل بابي کي ٻڌائي ڇڏيو. بابي ليکي تھ اڃا امتحان ۾ ڏينھن اٿس. ويتر جو اچڻ ساڻ ھن ھمراھھ کي پڙھندو ڏٺائين، بنھھ بِر ٿيو بيٺو ھجي. اسان کي جو ڏٺائين تھ ڳاڙھو ٿي ويو. پھرين الر مون تي ڪيائين. مون ڀڄي پاسو ڪيو. پوءِ مامي کي اچي کنيائين، ”ماما، ھن عمر ۾ توکي بھ فلم جو شوق. پاڻ ڀلي وڃ، پر ھن کي ڇو کاريو اٿئي. تو تھ ھن کي بنھھ کاري ڇڏيو آھي. تو اسان سان دشمني ڪئي آھي. تون ھيءَ مھرباني ٿو ڪرين.“

مامو ڪڇي جھڙي ڀِت. امڙ کي نيٺ خيال آيو، وڌي ابي وٽ آئي. ”وڏي سڏي جو تھ خيال ڪر.“

”ھيءُ وڏو آ، ٻار جي آئيندي جو ڪو اٿس خيال؟“ بابو چوندو ھليو. امڙ مامي کي وٺي اچي ڪوٺيءَ ۾ ويھاريو. مامو بنھھ پگھرجي ويو ھو. امڙ شربت ٺاھي آڻي ڏنس. ڦڪي کل کلي چيائينس: ”ادي، ير، ڏاڍي زوراور آن.“

ان رات گھر ۾ ڏاڍي خاموشي ھئي، مون دل ئي دل ۾ ان مائٽ کي ڏاڍيون گاريون ڏنيون. مامي وٽ ٻھ دفعا ويس پر ھو پاسو ورايو بنگلي آڏو ٻاھر کليل ميدان تي کٽ تي ليٽيو پيو ھو. ماني کڻي ويو مانس.

”ير، ڏاڍو زوراور آن. ماني اڄ کڻي نھ ٿا کائون.“ ماني موٽايائين تھ امڙ سڏايس. اندر آيو تھ امڙ پوتي کڻي پيرن تي رکيس بنھھ جھڄِي پيو: ”ادي ير، ڪا ڏاڍي زوراور آن، ائين تھ نھ مار.“ رئو کڻي مٿي تي رکيائينس. پوءِ کٽ تي چڙھي ويٺو، ماني ڀور کاڌائين. نھ امڙ پئي ڳالھايو نھ ھن. رکيو رکيو امڙ ڳوڙھا پئي اگھيا. مامو چپ ھو.

صبح جو مامي جي اھا ئي گجگوڙ پي پئي. نوڪرن کي اٿاريائين. امڙ کان پيسا ورتائين. پنڊي کڻي بازار ويو. ڳنڌڻ وٺي ڏنائين. پوءِ اچي ڪم کي لڳو. سندس مشين ھلندي وڃي. ھيءُ ڳائيندو بھ وڃي! ”او رھي وڃ رات ڀنڀور ۾. . . . او رھي وڃ . . .“

ھن دفعي ڪپڙا ڏاڍا ڀلا ڪٽيائين. اسان سڀني کي پارايائين. کلي امان کي چيائين، ”ادي ير، ڏس ھي سڀ زوراور آھن نھ.“

امڙ ڏاڍي خوش ھئي. ھن سمجھيو، مامي من ۾ ڳالھھ نھ رکي آھي. رات جو دير تائين امڙ ۽ ٻين ٻارن سان ڪچھري ڪندو رھيو ۽ مون وٽ  ھر ھر اچيو ڏاڍيان چئي. ”ير، پڙھھ. . . بس، ھاڻي رڳو پڙھھ. جڏھن وڏو ماڻھو ٿين تھ پنھنجي مامي کي ضرور گھرائجانءِ. تنھنجن ٻچڙن جا ڪپڙا بھ ڪٽي ڏيندس. پڙھھ، ير، پڙھھ. . . .“

صبح جو مامو ٻڌائڻ کان سواءِ ھليو ويو. بابي کي ڏاڍو ارمان ٿيو. کيس افسوس ڏاڍو ھو. دل ھيس تھ مامي کان معافي وٺي. جيسين دل ٻڌي، مامو وڃي شڪارپور نڪتو. بابو ٻھ ٽي ڏينھن گشت ۾ ھليو ويو. موٽيو تھ فڪرمند ھو. يڪدم اچي امان کي چيائين:

”تيار ٿي، مامو ڏاڍو بيمار آ، شڪارپور ھلنداسين.“ امڙ، بابو ۽ اسين سڀ ڀائر ڀينر اچي شڪارپور نڪتاسين. مامي جي گھر اوريان مامي جو دڪان ھو. اھو بند پيو ھو. ڪو ڪاريگر بھ ڪونھ ھو. گھر ۾ اندر گھڙياسين تھ مامو ڄڻ سنئون ٿي پيو.

”اڙي ير، زوراور آيا آھن ڇا؟“ اسان سان ڀاڪر پائيندي ڪنھن جي پتلون پيو ڇڪي، ڪنھن جي چڍي؛ ڪنھن جو فراڪ، ڪنھن جو چولو، ۽ ھر ھڪ کي چئي پيو: ”ڪيئن ٿا ڀانيو فٽنگ. ڪاريگر جا ھٿ آھن ير.“ بابي کي ڏٺائين. اٿڻ جي ڪيائين، ”اچو صاحب. ”بابي کي ھو ”صاحب“ چوندو ھو. بابي اچي پيرن تي ھٿ رکيس. بابي کي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا. مامو بھ روئي پيو. ”صاحب ير، ڏاڍو ڪو زوراور آن. اِئين ڪبو آ ڇا؟“ امڙ جي مٿي تي ھٿ رکيائين. امڙ وڌي ڳراٽڙي پاتس. ”ادا، ھاڻ اسان کي بخش ڪر!“ ادي ير، ڪھڙيون ڳالھيون ٿي ڪرين؟ ڏاڍي ڪا زوراور آن.“ ھو ان ويلي اٿي ويٺو ھو. کلي خوش ٿيو. سڀني سان ور ور ڪيو پيو ڳالھائي. ٻار ٻچا ھيڏي ھوڏي ٿيا تھ مان بھ مامي سان گڏجي وڃي ويٺم. ھو ھڏائين پڃري جيان پيو ھو. ”ماما“، سڏيو مانس. يڪدم وراڻيائين: ”جي چوانءِ.“ ”ماما، کيل تي ھلون.“ کلي پيو. ”ماما، راڳ ڳايون.“

گھڙي لاءِ ھو چپ ٿي ويو. پوءِ سندس ٿلھڙا چپڙا ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا. آواز چٽو ٿيندو ويو. اڄ مامو سر ۾ ڳائي پيو. ”رھي وڃ رات ڀنڀور ۾، الا رھي وڃ رات.“ مامي جي ڳلن تان ڳوڙھا ڳڙيا پئي. بابو جيئن پاسيرو ويٺو ھو، تيئن منھن سڌو نھ ڪيائين. شايد رنو پئي. مامي جو آواز جھڪو ٿيندو پئي ويو. مان اکين ۾ ڳوڙھا کڻي ٻاھر ھليو آيس. اسان سکر موٽياسين مس تھ خبر پئي تھ مامو گذاري ويو.

مان مامي جي حڪم تي ڏاڍو پڙھيو. پڙھي وڏو ماڻھو بھ ٿيس، پر اِھا حسرت رھي تھ منھنجا ٻار سندس ڪٽيل ڪپڙا پائين. مون ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي آھي تھ منھنجو اولاد ڪٽيل يا آلٽر ٿيل ڪپڙا پائي، نيٺ ھڪ ڏينھن مون واري پٽ مون کي چئي ڏنو: ”بابا، ڪھڙيون ڳالھيون ٿا ڪريو، ھن زماني ۾ ڪٽيل الٽرڊ ڪپڙا؟ ڏاڍا ڪي زوراور آھيو!“ مون کي ان ويلي مامو ڏاڍو ياد آيو. مان زماني جي زوراوري تي چپ آھيان.

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org