سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان

 حميد سنڌي

صفحو :11

زبرو ڌڪ

 

بس مان جيئن ھيٺ لٿس تھ سمجھيم ڪنھن قيد مان آزاد ٿيو آھيان. سامت ۾ اچڻ لاءِ پر ڀرو بيھي رھيس. ٿيلھو ھيٺ رکي مٿي تي رکيل ٽوال کي ڇنڊيم ۽ پوءِ بيٺس پاڻ کي ڇنڊڻ. ائين ڪو سڏ ٿيو. لوڻو ھنيم، ڏسان تھ استاد نبن سامھون واري دڪان تي چمڙائين پٽي تي پاڪي تکي ڪري رھيو ھو.

”پنھل سائين، انھيءَ ڇنڊ ڦوڪ لاءِ اسين حاضر آھيون.“

مون ٿيلھو کنيو ۽ اڳتي وڃي سندس دڪان تي چڙھيس. يڪدم ٻانھن کان وٺي کڻي ڪرسيءَ ۾ ھنيائين.

”ويھھ تھ سائين، مس مس ٿو ھٿ اچين.“

يڪدم ڦوڪارو ڪڍيائين. جو مان ٿڌڙي پاڻيءَ تي اصل ٺڙي پيس. ٽوال سان انگ انگ اگھيائين. ھو مالش کي لڳو تھ مون کڻي اکيون پوريون. سندس ڳالھاءُ ٻڌان تھ پيو، پر پري کان.

”انھيءَ ِٺڪر بس کان تھ پنڌ اچجي تھ بھتر. ھيڏو آفيسر ٿيو آھين، پر اچين انھيءَ ڇڪڙي بس ۾. ننڍو مختيارڪار ڪا معمولي ڳالھھ تھ ناھي. ڏس تھ سھين. اسان جا ڀورل ڪيئن نھ لٽجي ميرا ٿيو پون. سونھن تھ ڏس، جوانڙو اصل لھسجي پيو آھي. ڳاڙھا ڳلڙا ھيڊ پيا ڇڏين، گلڙا ڪومائجي ٿا وڃن.“

ائين ڪو آواز آيو: ”استاد، واندو آھين؟ سيرب ٺھرائڻا آھن.“

”بگن، جھٽ ترسي اچ. پنھل سائينءَ کي تيار ڪري وٺان.“ سندس ھٿ بيٺو تھ مون اکيون کوليون.

”بس، چاچا نبن، گھڻو ٿيو. اچي ھيءُ وٺ. مان ھلان ٿو. ابو انتظار ڪندو ھوندو.“

”پنھل سائين، ڇو ٿو بي عزتو ڪرين. پيسا نھ ڏيندو ڪر. بس اسان وارو ڪمڙو ڪري ڏي بنھھ پير ڌوئي پيئندومانءِ. ھو ڏسين ٿو، ڪيئن اسان وارو يار ڪومايو ويٺو آھي.“

مون ڏٺو، استاد جو پيارو ڪتو ڪومايو ويٺو ھو.

”بنھھ نج بُلٽري آھي. سندس ساٿي بھ بُلٽري نسل جا ھجن تھ واھھ واھھ ٿي وڃي. ايڏانھن اتر پاسي جو نوڪريءَ سانگي ويو آھين، تھ ڪجھھ تھ اسان فقيرن سان وھي وڃ. ڪيڏيون نھ منٿون ڪيون اٿمانءِ.“

”پر، استاد، مون کي خبر ئي نھ ٿي پوي تھ بُلٽري ڇا ٿيندو آھي؟“

استاد بتال کاڌو. ”سائين، ڪمال آ، سڄي ڄمار استاد نبن ۽ ان جي بُلٽرين سان گذاري اٿو. توھان کي بُلٽري ڪتي جي خبر نھ ٿي پوي، ھيڏانھن ڏسو.“

اوچتو استاد نبن شڪل ڦيرائي وٺي غر غر ڪيائين: ”ھيءُ ڏس، ھيءُ بُلٽري ھيئن ٿيندو آھي.“ وٺي زور سان ڀونڪيو. سندس شڪل ٻاھر ويٺل ڪتي کان ھيئن مختلف ھئي، جو ڪنھن خوفناڪ ڪتي جو روپ ڌاري بنھھ پئي ڏاڙھيائين. مون کيس ھٿ سان روڪيو. يڪدم حملو ڪري ھٿ ۾ چڪ ھنيائين. مون ھٿ ڇڏائي، دانھن ڪئي: ”استاد، ماڻھو جو روح اٿئي يا ڪتي جو.“

سندس ڏاڙھڻ بند ٿي ويو.

”ڀلا ھڻايان ڪورس سين جو.“

 بنھھ کلي پيو. مان دڪان تان ھيٺ لھي پروڀرو ٿي بيٺس.

”استاد، اصل بُلٽري تھ تون آن، باقي ھي لوسي تھ ڇوڙي ڇڏ.“

دڪان وٽ ٻڌل مرضيل ڪتي ڏي اشارو ڪندي چيومانس، اتان وٺي الر ڪيائين.

”ھي لوسي آ؟ ھي لوسي آ؟ واھھ، سائين، واھھ؛ واھھ جي عزت ڪئي اٿو، خانداني ڪتي جي! خانداني ماڻھو ٿي ڪري خاندان جو قدر نھ ٿا ڪريو.“

واھھ، سائين، واھھ! بُلٽري نھ وٺي ڏيو تھ توھان جي مرضي. پر ھھڙو ذليل تھ نھ ڪريو.

”استاد، ڪاوڙ نھ ڪر. بُلٽري ايندا، بنھھ ڀلي نسل جا بُلٽري، پر ويڙھھ ۾ نھ مارائجانءِ.“ ائين چئي مان گھر ڏي تکو ٿيس.

ھڪ تھ اٺين – پنڌرھين ڏينھن سئو ميل سٽي پھچ ۽ پھچڻ سان استاد نبن جي ور چڙھجي. ڏينھن ئي اصل گار ٿيو وڃي. استاد نبن جو ڏوھھ نھ ھو، سندس وڏا انھي ڪتن جي ميل ۾ مارجي ويا. ڀلا ڪتا وٺي ڌارڻ، رڇ ڪتي – يا سوئر – ڪتي جي ويڙھاند سندن پيشو ھو. وڏا زميندار سندن محتاج ھئا، ڀلي نسل جا ويڙھو ڪتا ملندا بھ نبن جي وڏڙن وٽ ھئا. خانداني ويڙھاڪ ھئا، پر وقت ساڻن ويڙھ وڙھي ويو. پھريائين نسل ڦٽو، پوءِ ڪئين نسل مئا. بُلٽري ھجي يا ھاؤنڊ، وٽن ڪتو نھ رھيو. ھيءُ شڪر جو استاد نبن حجامڪو ڌنڌو سکي پيو. اچي شھر جي منھن تي، ونگ وٽ، دڪانڙو کوليائين. شوق ڏاڍو ھيس. ڪي ڀلڙا ڪتڙا بھ ھيس، پر آھستي اھي بھ رڇ ۽ سوئر جي ميل ۾ مارائي ڇڏيائين، تھن پويان بُلٽرين جو کيس ڪو سٺو نسل نھ مليو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو ڪتو ور چڙھندو ھيس تھ ڪنھن شوقين کي وڪڻي ڇڏيندو ھو. ھاڻ وري ھي ڪتو ملي ويو ھئس، سو دڪان تي ٻڌي نشان بڻائي جڳ کي پيو ڏيکاريندو ھو تھ اڃان وٽس بُلٽرين جو نسل آھي. پر اسان ان ڪتي کي لوسي ڪتو چئي کيس چيڙائيندا ھئاسين. ڪڏھن وري ڪو وڏيرو ڦاسندو ھيس تھ ان جي اوطاق تي وڃي انھيءَ جي ڪتن جي سار سنڀال لھندو ھو ۽ صلاحون ڏيندو ھو. ٻھ چار ڏوڪڙ جڙي پوندا ھيس. ڪتن ۽ رڇن يا سوئر جي ميل ٿيندي ھئي تھ يڪدم پھچي ويندو ھو ۽ جيڪو ھوندو ھيس سو شرطن ۾ وڃائي ڇڏيندو ھو.

سندس حجامڪو دوڪان بھ ڄڻ تھ اوطاق ھوندي ھئي. ڪتن جي شوقينن جو ميڙاڪو ھوندو ھو. منھنجو نوڪري سانگي بس اسٽينڊ تي پنڌ ھوندو ھو. چڙھان تھ سامھون ھيءُ، جي لھان تھ بھ ھيءُ سڄڻ سامھون. کيس ڪنھن ٻڌايو ھو تھ اتر ڏي ڪتن جو نسل ڀلو ٿئي ٿو. منھنجي نوڪري روينيو کاتي ۾ ھئي، ھو ھرو ڀرو اِھو زور لائيندو ھو تھ کيس جوڙي بُلٽري نسل جي ڪتن جي وٺي ڏيان. ھڪ تھ نوڪري، ٻيو اٺين ڏينھن ڳوٺ اچڻ، وري دنيا داري، اسان کان خيال ئي لھيو وڃي. ھڪ ڏينھن جيئن گشت تان موٽي جاءِ تي پھتس تھ ڏسان چاچو نبن ويٺو آھي.

”اڙي چاچا، ڏي خبر، نيٺ پنڌ پئين.“

”پنھل سائين، ڪاٿي ٿو ڇڏيانءِ. اسان جي تھ ڀينگ ٿي وئي آھي. ھو شھنشاھ بُلٽري ڏٺو ھيئھ، اھو بھ نيٺ ميدان ۾ لاٿم. يارن زور ڀريو، ھن ڌڪ ئي نھ جھليو. پھرين ئي سٽ ۾ رڇ چڪ ھنيس، شھنشاھھ ڪئون ئي نھ ڪئي ۽ الله ڏي ھليو.“

”استاد، چوندو ھو مانءِ تھ زوريءَ تو ھن کي ٿوم مان جافران بڻايو ھو اصل ۾ ھو شھنشاھھ نھ ھو، لوسي ھو.“

استاد نبن ڳاڙھو ٿي ويو پر سور پي چيائين:

”پنھل سائين، تنھنجي تڏي تي آيو آھيان، بي عزتو تھ نھ ڪر. شھنشاھھ جا جوھر مون ڏٺا. ھڪ واري رئيس خاوند ڏني واري سوئر کي وچڙيو تھ رئيس سو جو نوٽ مون کي ڏنو ھو. خير توھان آفيسر ماڻھو ڇا ڄاڻو انھيءَ شوق مان، بس ھاڻي ڀلائي ڪري، جوڙي ڪتن جي وٺي ڏي، پر ھجن بُلٽري.“

مون سوچي ٻئي ڏينھن رئيس عارب کي، جو ڪتن جو وڏو شوقين ھو، ماڻھو موڪليو. ھو بنھن جوڙي ڪتن سان اچي نڪتو. واقعي سنھڙا سيپڙا سھڻا ڪتا ھئا. چيائين پي تھ بُلٽري نسل جا آھن ۽ ويڙھھ جي ڏانءَ جا بھ ھئا. استاد نبن جو ھي ڀلوڙ ڪتا ڏٺا تھ بنھھ ٽڙي پيو. چئ:

”بس، سائين، لئي ٿي وئي. ڏسان ٿو تھ تر ۾ ڪير ٿو مون کي وٺي.“

واقعي ھن جي لئي ٿي وئي، سندس در تي جو ھھڙا ڀلوڙ ڪتا ھجن تھ چڱا شوقين رئيس بھ ايندا ھئس. مان ھاڻ جڏھن بھ وٽانئس لنگھندو ھئس تھ دانھن ڪندو:

”پنھل سائين، ڦڻي ڦوڪاري کانسواءِ نھ ڇڏيندو مانءِ. ھلي آ، ھلي آ.“

مان ڪڏھن تھ ڇڏايو وڃانس، ڪڏھن ويھانس تھ مائٽ ڳولي اچي دڪان تان کڻندا ھئا تھ ويل ٽري وئي، راڻو گھر نھ آيو. پر اساد نبن وٽ ويل ھجي نھ ھجي، ھو راڻو پيو ڳائيندو ھو.

ٻنھي بُلٽرين کي ھاڻ دڪان جي پويان اڱڻ ۾ ٻڌندو ھو. شوقين کي سھائي ڏيکاريندو ھو. ھڪ ڏينھن پڇيو مانس:

”ڏي خبر، استاد، ٻنھي ڪا ميل ماري يا رکيو ويٺو آھين؟“

”سائين، ڪا ھڪ ميل ھجي. اصل تر کي ويل ۾ وجھي ڇڏيو اٿن. رئيس خاوند ڏني جي ڪتن سان ڇڏيندو آھيان، باقي سندن ڪو رنگ ڏسي.

سائين، بس دعا ٿو ڪيانءِ، فقيرن تي وڙ ڪيو اٿئي. باقي ھڪ وڙ ڪر. آھين وڏو صاحب پر منھنجو عرض نھ موٽاءِ. اڄ رئيس جي ڳوٺ ميل آھي. شام ڪا مھرباني ڪر.“

مون عمر اھڙو ڪم نھ ڪيو سو جان ڇڏائڻ لاءِ چيو مانس تھ ”چڱو چڱو ڏسنداسين.“

شام ئي مس ٿي تھ ڏسان استاد نبن ٽانگو جھلي بيٺو آھي، ”ابا، ڇاھي؟“

چئي: ”بس، سھڻا، ھل.“

مان بھ نڪري پيس، ٽانگي جي ھودي ۾ ٻئي بُلٽري ويٺا ھئا. ڏاڍا معصوم وڻيا پي. کڙا تڙا، سڄاڳ ڪتا ھئا. استاد نبن پويان وٽن ويٺو ھو. مان اڳيان ويٺل ھيس. ٽِدڳي ٽپي پنھنجو ڳوٺ ڇڏي اڳڀرو ٿياسين تھ ٽانگي واري ڳالھايو:

”استاد، اڄ خبرون پونديون. تو وارن بُلٽرين چڱن رڇن جا لاھھ ڪڍيا آھن، پر اڄ ميل آھي سوئر جي، ڀانيان ٿو تھ تو وارن شينھن سوئر اڃا ڏٺو نھ آھي.“

مان بھ چوان تھ استاد چپ ڇو ھو ۽ مون کي وٺيو وڃي، وڏو ڪو مسئلو سامھون ھيس. استاد نبن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ھوشيار ٿي گلو ٽانگي واري کي جواب ڏنائين:

”گلڻ ٽانگا! توکي ڪھڙي خبر تھ ھيءُ شينھن کڻي ڪٿان آيو آھيان. اصل سوئرن جي دن مان ڪڍي آيو آھيان. پليا وڏا ٿيا ئي سوئرن وٽ آھن.“

مون سندس لٻاڙ ٻڌي کلي کيس چيو، ”وري وڙھن بھ سوئرن سان ٿا.“

”سوئر آھن ئي وڙھڻ لاءِ. سوئر مارڻ ثواب آ.“ استاد ٺھھ پھھ جواب ڏنو:

”پر، سائين، ڏسون تھ ھي ٿا وڙھن يا سوئر ٿو وڙھين.“ گلو ٽانگي واري ٽوڪ سان چيو:

”او ٽانگا، گھڻو نھ ڳالھاءِ. مون وارا شينھن ڪٿي توکي نھ ڦاڙي وجھن!“

اسان ائين ڳالھيون ڪندا، استاد کي چيڙائيندا، رئيس خاوند ڏني جي ڪوٽ وٽ پھتاسين. خلق ڪوٽ ٻاھران چڙھيو بيٺي ھئي. مون کي بھ مٿي وھاريائين. رئيس خاوند ڏنو ٽڙي پيو ٽڙي.

”سائين، وڏا ڀاڳ جو اوھان اسان وٽ ٻھ پير ڀري آيا آھيو. استاد نبن اڄ ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آھي.“

”ڪارنامو اصل تڏھن ٿيندو جو سندس شينھن ۽ اوھان جا بگھڙ انھيءَ سوئر کي دسين.“

”سائين ڏسجو ۽ پاڻ فيصلو ڪجو. رئيس شمس الدين ۽ ڀليڏني ٺيڪيدار جا ڪتا بھ ميل ۾ شامل آھن. وڏو ميل آھي. تر ۾ اھڙو ميل اڳ ۾ ڪڏھن نھ ٿيو آھي.“

واقعي انبوھھ ھجن، ماڻھن پئي شرطون ھنيون. رئيس جي ماڻھن بھ اوڳڙ پئي ڪئي. اوچتو رڙ مچي وئي. ٿم مان سوئر نڪتو ۽ ميدان ۾ ھڪ ڊوڙ پائي، گپ واري ميدان ۾ منھن ھڻي ويھي رھيو. رڙيون ۽ ھش ھش گھڻي ٿي، پر ھو ماٺ ڪيو ويٺو ھو.

مون کلي رئيس کي چيو، ”مرون لوسي ٿو لڳي.“

”نھ سائين، وڄ ڏسوس ٿا، رڳو ڪتا لھن، پوءِ رنگ ڏسجو.“

ائين ڪندي باھوڙ ٿي. ست اٺ ڪتا ميدان ۾ آيا، اچي مرون کي ورتئون. مرون آھستي لاچار اٿيو، پر گھڙيءَ ۾ ٻھ چڪر ڏنائين ۽ ٻھ ٽي ڪتا ڌڪي وڌائين. ھمراه ڪوٽ کان ھيٺ پاسن کان پاسيرا بيٺل ھئا. ڌڪي ڪتن کي کنيو ڊوڙيو مٿي چڙھي ٿي آيا، سوئر جا وڄ واقعي تکا ھئا. ڪي ٿڪيا. ائين ڪندي نوان ڪتا لاٿئون ٿي. مرون بھ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪو ضرور ھو پر ڪو خاص اثر نھ ٿيو ھيس. ائين ڏٺم استاد نبن پنھنجا ٻھ ڪتا  ٽي ٻيا جيڪي شايد رئيس جا ھئا، ميدان ۾ ڇڏيا، واقعي ويڙھو ھئا. ويڙھھ مزي واري ٿي وئي ھئي. مون جھڙو ماڻھو بھ انساني جذبن کان پري جوش ۾ اچي، واھھ واھھ ڪرڻ لڳو. ڪتا ڌڪيا، مون تي اثر نھ ھو. ھاڻ جوش ۾ رڙيون پئي ڪيم ”وٺينس، وٺينس“ ڪتڙا ويچارا ڦٽجي ڪريا. مون رئيس کي چيو، ٻيا لاھيو. رئيس آخري ٻھ ٽي لاٿا، پر سوئر ھاڻ تپيو بيٺو ھو، منٽ ٿي ڪيائين. رئيس ھاڻ بي چين ھو.

”سائين ھاڻ بس ٿا ڪيون. سوئر ڪاري ڪري ڇڏي آھي. ڏاڍا ڀلوڙ مارايا اٿئون.“

”رئيس! ڇڏڻو ناھي، ھاڻي ڌڪيو بھ آھي، ڇڏيوس نھ.“

ائين ڪندي ڏٺم تھ نبن پاڻ ميدان ۾ لٿو. ڪنھن رڙ ڪيس: ”ُستاد نبن، اِيڏانھن نھ، اِيڏانھن نھ.“

”يار شيھن ٿا مرن.“ سوئر جي گھمري ھجي، بِر ٿيو بيٺو ھو. بس نبن جيئن ڌڪيل ڪتن کي کڻڻ لاءِ نئڙيو تھ سوئر ڦيرو ڏئي اچي ڪڙڪيس. بس کنيو ويس، وڃي ڪوٽ جي ٻي ڪنڊ کان ڪڍيائينس. چوڌاري رڙ مچي وئي. مان اٿي بيھي رھيس. ڪنڌ ڌوڻي نظارو ڏٺم. ڄڻ تھ ميدان جنگ ھو. ڏاڍو خون وھيو ھو. ڪئين ڪتا ڦٽيا ڌڪيا پيا ھئا. اسان جو استاد نبن ڌڪيو پيو ھو. مون کي پاڻ کان نفرت اچڻ لڳي. مان ڪٿي کان ڪٿي ھليو ويو ھيس. بس مان بھ ڪوٽ تان گھيڙ تي ٽپو ڏنو. ائين ڏٺم تھ ڪئين ھمراھھ ڏڦا کڻي ھيٺ لٿا. رئيس خاوند ڏني جو ڏٺو تھ پاڻ گھيڙ لھي آيو، مون کي ٻانھن کان اڳتي وڃڻ کان روڪيائين. جوانن گھڙيءَ ۾ سوئر جو ڏڦن سان ڪم لاھي ڇڏيو. استاد نبن وٽ بھ ھمراھھ پھچي ويا ھئا. سڄو چچريو پيو ھو.

”استاد ھي ڪھڙو قھر ڪيئھ.“ منھنجي اکين ۾ پاڻي ھو.

”سائين، ھيءُ بُلٽري ٻچا ڪري پاليا ھئم، اصل جھٻي اچي ويم. ڏاڍا وڻندا ھئم، ٻچا مارائڻا تھ نھ ھئا.“

”استاد ھي پنھنجا پاليل ھيئھ، وڻندا ھيئھ، تڏھن ني!“

استاد چپ ھو، اکين ۾ پاڻي ھيس.

استاد بچي ويو، سندس جسم سڄو ڌڪيل ۽ چچريل ھو. ھاڻ بھ مون کي دڪان تي چمڙائين پٽي تي پاڪي تکي ڪندي ملندو آھي، پر مون کي سڏ نھ ڪندو آھي. جي مان پنھنجي ليکي سيرب ٺھرائڻ يا ڦڻي ڦوڪاري لاءِ ويندو آھيان تھ ھو بُلٽري ڪتن جي نھ ڳالھھ ڪندو آھي نھ فرمائش. ھن جي دڪان تي باقي بچيل ٻن ڪتن مان ھڪ ڌڪيل ڪتو، زمين ۾ منھن ھنيو پيو ھوندو آھي. مون ھڪ ڏينھن استاد کي چيڙائڻ لاءِ چيو:

”استاد ھيءُ بُلٽري بھ لوسي ٿي ويو آھي.“

استاد ھن دفعي نھ چڙيو،  رڳو مرڪيو ۽ پوءِ چيائين:

”پنھل سائين! اسين ئي لوسي ٿي ويا آھيون، ٻچن جا ڌڪ ڏاڍا ڪي زبرا آھن.“

مون ڌرتيءَ ۾ منھن ھنيل ڌڪيل، معذور ڪتڙي ڏانھن ڏٺو، جيڪو ھاڻ بُلٽري تھ ڇا پر لوسي بھ نھ رھيو ھو. پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي کيس چيو:

”ھا استاد، ٻچن جو ڌڪ برابر زبرو آھي.“

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org