سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان

 حميد سنڌي

صفحو :13

اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا

 

زليخا پنھنجن خوابن جي شھزاديءَ سان ڳالھيون پي ڪيون، ھوءَ ھن دنيا کان پري پرين جي ديس ۾ ويٺي ھئي، سندس شھزادو کانئس پري نھ ھو. سندس ڳالھين ھن جي ڪنن ۾ سرٻاٽ پي ڪيا. ھوءَ ھميشه جيان انھيءَ خواب ۾ الوٽ ھئي، جو ماڻس کيس جاڳائي وڌو. ھوءَ اڀا ساھھ کڻندي اٿي ويٺي. زليخا آھستي اٿي کٽ ھيٺان پيل جتي سوري ويجھي ڪئي، پوءِ جتي گھليندي ٻاھر نڪتي. ٻاھر نڪتي تھ ولھھ وڪوڙي ويس. ھن دري وٽ پيل بتي کي کنيو ۽ وٽ سوري مٿي ڪئي.

ھوءَ حويليءَ جو اڱڻ لتاڙي، رنڌڻي تائين پھتي تھ سڄي ڏڪي پي. ولھھ بھ ولھھ ھئي. کيس ننڊ اھڙي آئي ھئي، جو رات چڱو پھر ٽپي ھلي ھئي ۽ ھن کان ماءُ کي کير ڏيڻ بھ وسري ويو ھو. سڄي حويلي جي ڪمرن جا در بند ھئا، ورانڊن جون چکون ڏنل ھيون. ھوءَ اڪيلي اڱڻ ۾ ھئي. رنڌڻي جا ٻئي در ٻيڪڙيل ھئا. ھن جيئن ھڪ در کي ڌڪو ڏنو، در چيچراٽ ڪندو کلي پيو. اندر اوندھھ ھئي. ھوءَ جيئن لالٽين کڻي اندر داخل ٿي تھ ھن پاڻ کي ماڻھن ۾ گھريل ڀانيو. ھن انھن ڪنڊن ڏانھن نھاريو. ڪارن ڪپڙن، ڪارن کٿن ۽ ڪارن پٽڪن سان ٻھ جوان سندس سامھون بيٺا ھئا. ائين اوچتو ھڪ ھمراھھ جنھن جو رنگ صفا ڪارو ھو، شڪليون ٺاھيندو منھن مان گڦ ڪڍندو نچندو  ٽپا ڏيندو اڳتي وڌيو. زليخا اتي ئي ڄمي بيھي رھي، سندس ٽنگن ۾ اڳئي ساھھ ڪونھ ھو، ويتر ھي ڀوائتي شڪل ڏٺائين، تھ ڦھڪو کائي ڪري. ائين ٻئي جوان ڀاڪر ۾ ڀري کيس بيھارڻ جي ڪئي.

ھوءَ سڄي ڏڪي پي. انھيءَ جوان جنھن جو وري رنگ ڀورو ۽  شڪل سھڻي ھئس ۽ ڪنن ۾ ڪيوٽيون ھئس. زليخا کي ڏڪندو ڏٺائين تھ مٿان کڻي کٿي ورايائينس. ھوءَ سڄي ويڙھجي سيڙھجي انھيءَ جوان جي ڀاڪر ۾ ھلي ويئي. ھوءَ آھستي آھستي ھوش ۾ ايندي پئي وئي. ھن ڳيتون ڏئي، رڙ ڪرڻ چاھي ”جن – جن“ پر کانئس صرف ڀڻڪو نڪتو، جيڪو ھن ٻڌو. ڀوري جوان سندس منھن تي ھٿ ڏنو.

”ھا اسين جن آھيون. ڪوھھ سليمان کان آيا آھيون. مان جنات جي بادشاھھ جو پٽ آھيان. ھيءُ منھنجو وزير آھي – اسين پرين جھڙي شھزادي کي نقصان نھ پھچائينداسين.“

زليخا ھن کي ماٺ ميٺ ۾ تڪيندي رھي. جنات جي شھزادي جو ٻڌي ھوءَ انھن خوابن واري شھزادي ڏي ھلي وئي. جنھن کي اڃان ھاڻ خواب ۾ ڇڏي آئي ھئي. ھوءَ آھستي پاڻ ڇڏائي پري ٿي بيھي رھي.

سندس اکيون حيرت ۾ ڀريل ھيون. ھيءُ تھ ساڳيو شھزادو آھي، سھڻين نيرين اکين، ڀوري رنگ وارو شھزادو. ھوءَ ھاڻ ڪنڌ جھڪائي بيھي رھي، ھو وٽس وري وڌي آيو. ھن سندس اڇڙو ھٿ ورتو، پوءِ ھڪ آڱر ۾ ڇلڙو پارايائينس. پيار مان کيس ويجھو ڪيائين ۽ ھٿڙو کڻي چپن تائين آندائين.

ھوءَ ان ڇھاءُ ۾ ٻڏي وئي ۽ اکيون بند ٿي ويس. ھن کي سمڪ ئي نھ رھي، اِئين اوچتو، ھن محسوس ڪيو تھ اتي ڪير بھ نھ ھو. ھن يڪدم اکيون کوليون. ھيڏانھن نھاري ھوڏي نھاري، يڪدم ٻاھر نڪتي. ماڻس ورانڊي جي ڇپري وٽ بيٺي ھئي، ”چور – چور“ ماڻس اوچتو رڙيون ڪيون. ھوءَ وٽس ڊوڙي آئي، ”نھ امان چور نھ ھئا. جن ھئا جن.“

”تو ڏٺا ڇا؟“

ماڻس تيئن رڙيون ڪيون، ”چور – چور – جن – جن – چور – چور – جن – جن . . . . “

زليخا سندس وات تي ھٿ ڏنو، پر ماڻس حالون بي حال ھئي. سڄي حويلي جاڳي پئي، زليخا جو پيءُ وڏو خان، آدم خان، بندوق سوڌو ٻاھر نڪتو. ھو سڌو حويلي جا ڪڙا ڪنڊا لاھيندو، ٻين پٽن سان گڏ ٻاھر نڪري ويو.

زليخا گم سم ورانڊي جي ٿنڀي کي جھليو بيٺي ھئي. اوچتو ھن بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌا. ھوءَ سڄي ڏڪي وئي.

”اڙي ھنن کي نھ ماريو. ھو جنات آھن. جنن جو شھزادو ۽ ساڻس وزير آھي. امان ھنن کي چئھ تھ بندوقون نھ ھڻن. ھو شھزادا آھن.“

ھوءَ ائين چوندي ساڻي ٿي ڪري پئي.

مون پڦي زليخا کي تڏھن ڏٺو، جڏھن پل ھيٺان گھڻو پاڻي وھي ويو ھو. پڦي زليخا جا وار چانديءَ جو روپ وٺي چڪا ھئا. پڦي زليخا لاءِ اھو مشھور ھو تھ ھن تي جنن جو اثر آھي. حقيقت ۾ پڦي زليخا جا وارث سندس ڀائر ھئا. جن ڪنھن بھاني سندس سڄي ڄمار وڃائي ڇڏي. متان ملڪيت ٻئي گھرن ۾ نھ وڃي. پڦي زليخا اسان جي ابي جي سوٽاڻي لڇ ۾ سؤٽ ھئي. مان جڏھن بھ پڦي زليخا جي گھر ويندو ھئس، ۽ ساڻس ملندو ھئس تھ سندس ٻھڪندڙ منھن جي ڏيا مون کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندي ھئي. مان ويجھو بھ ھئو سانس ۽ لاڏلو پڻ. پر پڇڻ جي ھمت مون ۾ نھ ھئي. پر ھڪ ڏينھن ھمٿ ڪري کائنس پڇي ويٺس. ھوءَ ان ويلي چلھھ تي ويٺي ھئي ۽ کير پئي گرم ڪيائين.

”پڦي اڄ تھ ان جنن جي شھزادي واري ڳالھھ ٿي وڃي. ڀلا اھو شھزادو ڪيئن ھو؟“

ھوءَ مرڪي ويٺي، سندس اکين ۾ جوت اچي وئي.

”شيطان، توکي بھ ماڻھين ۽ ماسين ڀريو آھي. اھو شھزادو  تو جھڙو ھو، بس.“

”نھ پڦي، ڳالھھ تھ ڳالھھ آھي. پر مون کي تو کان ڳالھھ ٻڌڻي ضرور آھي. پڦي ڏس مان تنھنجو لاڏلو بھ آھيان نھ. توکي اصل ڳالھھ ٻڌائڻي پوندي پڦي!“

ھاڻ پڦي زليخا روئي ويٺي.

”مون کي سڀني ڏاڍو بدنام ۽ ڪوڙو ڪيو. مٺو اِنھيءَ ڪھاڻيءَ تھ منھنجي سڄي حياتي ويران ڪري ڇڏي. ڀائرن بنھھ ويھاري ڇڏيو، ڄڻ اھو شھزادو موٽندو ۽ مون کي وٺي ويندو. ڳالھھ ٿي سا ٿي. ان جي ڪھڙي پچار ڪجي. مون ڪھڙو گناھھ ڪيو آھي.“ ھوءَ ماٺ ٿي وئي.

مون کيس وڌيڪ ڏکوئڻ نھ پي چاھيو، پر  ورھين کان اندر  ۾ دٻيل ھڪ سوال ھيئين تي ھري آيو. بي اختيار پڇيومانس، ”پڦي چون ٿا تھ ھو جن نھ ھئا، ٻھ مشھور چور ھئا. جيڪي پوءِ وڏي خان، آدم خان ڳولي ڦولي ھٿ ڪيا ۽ مارائي ڇڏيا ھئا.“

پڦي جو منھن ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو. ھن لوئيءَ مان ھٿ ڪڍيو، ”بي گناھھ مارائين تھ ڀلي مارائين، پر پوءِ ھيءُ ڇا آھي.“ مون ڏٺو تھ سندس ھٿ تي سڙڻ جو  نشان ھو، ڄڻ تھ ٻن چپن جا نشان ھئا. ھوءَ فخر سان اٿي بيٺي ڏانگاڻي تان ھڪ داٻلو کنيائين ۽ پوءِ ان کي کولي ھڪ ڇلو ڪڍيائين. ھن جيئن مون کي ڇلو ڏنو، تھ مون ۾ عجيب ڪرنٽ ڊوڙي ويو. مون ڇلي کي ڏٺو ان تي ھڪ عجيب مھر اڪريل ھئي. مون ڇلي کي جيئن اٿلايو پئي تھ ڊپ پئي ٿيم ۽ مھر تان نگاھھ ئي نھ پي ھٽي. مون يڪدم پڦيءَ ڏي نھاريو.

پڦي ان ويلي کير جي ھنڊي ڏانھن جھڪي، کير اڀامي ويو ھو ۽ وھيو پي. ھن آرام سان اڀامندڙ کير جي ھنڊي پنھنجي ھٿن سان لاٿي، بنا ڪنھن ڪپڙي جي ۽ کير سندس ان سڄي ھٿ تي وھي ويو، جت چپن جھڙا نشان ھئا. ھن سوسٽ بھ نھ ڀريو. نھ وري سندس ڪو ھٿ سڙيو، ھوءَ جيئن سنئين ٿي تھ مون سندس چھري تي ايتري ڏيا، روشني ۽ پختائي ڏٺي، جو مان ڊڄي ويس. پوءِ مان آھستي آھستي اتان کسڪي آيس.

پڦي زليخا وٽ اڄ بھ ويندو آھيان، پر ساڻس وري ان جنن جي شھزادي جي باري ۾ ڳالھھ نھ ڪئي اٿم، ڇاڪاڻ تھ مان ھاڻ پڦي زليخا کان ڊڄندو آھيان.

*

پرديسي پکيئڙا

 

ھن پٽ تي ڦھليل گليلن ۽ ڳوڙھن کي جاچيو ۽ پوءِ کانڀاڻي جي وچ تي ھڪ ڳوڙھو رکيو. سندس ننڍڙي ٻانھن ڏاڍي ڏانو سان کانڀاڻي کي گھمايو. ھڪ ٺڪاءُ نڪتو ۽ پنھنجي ننڍڙي ۽ نرم آواز کي وڏڙو ۽ کھرو ڪندي پڪاريو: ”ھو – ھو – ھو – وھيو – “

پکين چوڌاري ڀڙڪو کاڌو ۽ وھين جون قطارون سندس سامھون ڀورانھون ڪنديون کجين جي چوٽين کان اِئين نڪتيون، ڄڻ ھو ھيءُ باغ رڳو ڇڏي نھ ويندا، پر ملڪ بھ ٽپي ويندا.

ھن ڪيترن سالن کان وھين کي قطارون ڪندي، ڪتل جي مند ۾ کجين جي چوڌاري لامارا ڏيندي، ٻن ڳڙين خاطر جان جوکم ۾ وجھندي ڏٺو ۽ سندس پيءُ بچل باغائي جا ڌڪ بچائيندي ڏٺو. ھيءُ پھريون سال ھو، جو بچل بيماري سانگي، سچل کي کانڀاڻي سونپي ھئي، پر ھن ھدايت سان تھ ”سچل! کانڀاڻي وھندي پر جي ڪنھن پکي پکڻ جو کنڀ ڪريو، سمجھھ تھ ڪيس ڪري ڇڏيئھ. خاص طرح وھيي جو تھ خيال ڪجانءِ. ھيءُ پتڪڙو ڀورڙو پکي، پرديسي پکي اٿئي.“

سچل حيران ٿي پڇيو ھيس، ”پر بابا! ھيءُ پکي تھ ھتي جو آھي، پرديسي ڪيئن ٿيو؟“

”نھ من! ڏورانھين ملڪ جو پتڪڙو پکي آھي. ھيءُ ڪتل جو عاشق آھي. ڪي سوين ڪوھھ لتاڙي، کجين جي باغن ۾ اچيو منزل ھڻي. ڪتل جون ٻھ ڳڙيون سندس شوق بھ آھي تھ پيٽ پوڄا بھ. مڙئي سندس شوق ۽ پيٽڙي جو خيال ڪجانءِ ٻچا! ڇو تھ اسان بھ شوق ۽ پيٽ جا ماريل آھيون!“

سچل کي ڀلي ڀت ڄاڻ ھئي تھ پڻس پيٽ لاءِ جي باغائي ھو تھ باغ جي کجيءَ کجيءَ سان بھ چاھ ھيس ۽ کيس جھونو باغائي سمجھيو ويندو ھو. کجين جي باغن ۾ سندس موھھ ھوندو ھو. ڀلي رئيسن جو باغ ھجي يا سيٺين جو، وڏيرن جو ھجي يا پيرن جو بچل ھلي بھ کين صلاحون ڏيندو، پوءِ کڻي پاڻ پيرن وٽ نوڪر ڇو نھ جي. ھونئن بھ سندس پيرن سان جيئن ئي جيءُ ريجھيو ھو، ھن ھاڻ پيريءَ تائين پئي نباھيو.

سچل ويٺي ويٺي پنھنجي پيءُ بچل جي حال تي بھ سوچيو، جيڪو ھاڻ کٽ تي پيو ھو. کنگھي کنگھي سندس برو حال ٿيو ھو. باقي ڪي بچيو ھو. ھونئن بھ ڪمزورڙو تھ ھوئي. پر پر کان ھن بيماريءَ ھڻي ھڏا ڪري ڇڏيو ھوس. ماڻس ڪيئي حڪيم ڀيٽيا ھئا. ڪي چون تھ سلھھ اٿس، ڪي چون تھ دم جو مريض آھي، ڪن تھ مورڳو چيو تھ ”بابا اِھا بھ پيري!“

پر سچل کي اھا پڪ ھئي تھ بابو ڪڏھن اٿي اچي ڀيڙو ٿيندم. سندس ھڪ تھ پيءُ سان دل ھوندي ھئي، ٻيو ھيڏي وڏي باغ ۾ ھو اوٻاڻڪو بھ ٿيندو ۽ جھار ھڪلڻ بھ تھ سندس لاءِ سولو ڪم نھ ھو.

ائين سندس ويچارن کي وھين جي ڀورانھين قطارن پل لاءِ پري ڪري ڇڏيو، ھو ڇرڪ ڀري اٿيو، ھن جي جان پئي نظر وئي تھ کيس ڀورانھون پئي نظر آيون. ڪٿي تھ ھنن ڀڙڪا پئي ڏنا تھ ڪٿي چوٽيارا ويٺا ھيا. سندن ايڏي گھڻائي ڏسي نڍڙو سچل ڊڄي ويو. ھن عمر ۾ ايڏو وھيو نھ ڏٺو ھو. ھيل ولرن جا ولر ڏسي ھو حيران بھ ٿيو پي تھ ڊنو بھ پئي. ھن ڪا گھڙي تھ ھن ڀوراھين ڀڙڪي ۽ چوٽيءَ جا نظارا پئي پسيا. اڄ کيس ھيءُ کجين جو باغ ٻيو پئي لڳو. اوچتو کيس خيال آيو ۽ ھو ڊڄي ويو: ”جي سڄي ڪتل جھار ئي کائي وئي تھ پوءِ - !“ ھن يڪدم گليلا ۽ ڳوڙھا ميڙيا ۽ کانڀاڻيءَ جي وچ تي رکندو ويو، ٺڪاءُ ڪڍندو ان سان گڏ سندس رڙ بھ پئي پيئي: ”ھو – ھو – ھو – وھيو - !“

سندس ٻانھن ساڻي ٿي پئي، پر اڄ وھيو بھ چئي تھ ننڍڙي يار سچل جي ياري ڇڏي ڪاٿي ٿو وڃان. ڀڙڪو ڏيو، وريو ڦريو اچي، سو بھ ولرين، يا تھ گوشا رسائتا ٿيا ھيا يا تھ سچل جو باغ ئي مٺو ھو ۽ کين وڻيو ھو. سچل جڏھن ھيءُ لقاءُ ڏٺو تھ يڪدم گليلن ۽ ڳوڙھن سان کڻي کيسا ڀريائين ۽ باغ ۾ اندر ڪاھي پيو. کانڀاڻي وھندي پئي ھلي، پر وھيو جي پچر ڇڏي! نيٺ سچل کانڀاڻي اڀي ڪئي ۽ سڌي ھڻڻ لڳو. ڪنھن مھل ڪنھن ولر کي ٿي چٽيائين تھ ڪنھن مھل ڪو اڪيلو بھ ھٿ پئي چڙھيس تھ گليلي يا ڳوڙھي جو زوزاٽ ھيس. پر سائين اڳيان بھ وھيو ھو. کانڀاڻيءَ جي ٺڪاءُ سان ھن ڀڙڪو پئي کاڌو ۽ گليلي (ڳوڙھي) جي پھچڻ کان اڳ ئي ھنن يا تھ آسمان پئي کنيو يا لھوارا ٿيو وڃي پٽ پئي ورتائون. شايد ائين بھ ھجي جو سچل جي پتڪڙي وجود کي ھنن پاڻ جھڙو پتڪڙو سمجھيو ھجي. ڇو تھ جڏھن سچل کانڀاڻي ھڻي ساڻو ٿيو ۽ پگھر وڃي کڙي کنيس تھ ھو ھڪ کجيءَ جي ڇانو ۾ ويھي رھيو ۽ گھڙي ئي ڪانھ گذري تھ وھين اچي ديرو سندس پاسي ۾ ھنيو ۽ ٽپ ڏيندا، سندس آڏو پئي کيڏيا. ڪي تھ بنھھ سندس مٿي کان يا تھ بنھھ ڪنن وٽان ڀون ڪندا وڃي سندس پٺيان ٿي ويٺا. ائين پئي لڳو ڄڻ ھو سچل سان راند پيا ڪن. ڪا گھڙي سچل ھن نرمل نظاري ۾ گم ٿي ويو. کيس ھيءُ پتڪڙا پکي ڏاڍا وڻيا پئي. پر پوءِ جو ھن مٿي نھاريو تھ کيس باغ جي ڀينگ نظر آئي.

ھو ھر ھر خار مان اٿيو پئي ۽ کانڀاڻيءَ جو ٺڪاءُ ڪڍي وري ويھي پئي رھيو. ھن کي سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ھو ڇا ڪري. ڪا مھل ھو بي وس ويٺو رھيو ۽ پئي وھين جن رانديون پسيائين. ھاڻي تھ ھو ڇيڪ ڇڏيل ھئا ۽ پٽ تي لھي آيا ھيا. سچل ھنن کي بود ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندي مورڳو پوسريو پئي. سندس بي وسي ۽ لاچاري، ضد ۾ بدلجي وئي ھئي. ھن جو منھن ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿيندو پئي ويو. سندس ڏند ڀڪوڙبا ويا. چوڌاري وھين جو غوغاءُ ھو ۽ سندس ڪنن جون دھلڙيون ڦاٽيون پئي، لوندڙين ٺڪاءُ پئي ڏنا. ويٺي ويٺي سندس ھٿن ڪم ڪري ورتو ۽ ھن ھن دفعي ٻانھن کي گھڻو نھ گھمايو، بس سڌي ۽ اڀي کانڀاڻي وھي وئي ۽ سامھون کليل پٽ تي نچندڙ ڪڏندڙ بود ۾ چيچاٽن جو غوغاءُ ڪندڙ بي خبر پتڪڙن پکين ڀڙڪو کاڌو، پر ھڪ ساٿي سندن ساڻي نھ ٿيو ۽ ڌڪجي ڪريو. ھو پٽ تي کنڀڙاٽيون ھڻي پنھنجون کنڀڙاٽيون کوھيندو رھيو. سچل ھڪ وار تھ خوشيءَ ۾ رڙ ڪئي: ”اھو ٿو وڃيئي!“ پر پوءِ جو ڦٿڪڻ ۽ چين چين جو آواز ٻڌي ھو سمجھي ويو. گھڙي ڪا نھ گذري تھ سڄي باغ ۾ ماتم مچي ويو ۽ وھين رڙيون ڪري باغ مٿي تي کڻي ڏنو. ھو اڃان ويجھا تھ ڪونھ پئي آيا، پر سندن واڪا وڏي سڏ پئي ٻڌا. سچل کي ائين لڳو ڄڻ وھيا اڀ ڏاري وجھندا.

سچل کي وھين جي ڀڙڪن ۽ غلغلي ھيسائي ڇڏيو ھو. سچل ڊپ  ۾ آھستي آھستي چريو ۽ وڃي ڌڪيءَ کي کنيو، جنھن ھاڻي ڇڙيون ڪونھ پئي ھنيون پر ساڻو ٿيو پيو ھو. سچل جي ننڍڙي ھٿ ۾ ننڍڙو پکي جيئن آيو تھ سچل کي ڏاڍو قياس آيو.

ننڍڙو پتڪڙو ڪئنرو ھلڪڙو پکي ساڻو ٿيو سندس تريءَ تي پيو ھو. ڌڪ بھ ڪو زبرو لڳو ھيس، منجھس ڪا خاص چرپر نھ ھئي. ائين پي لڳو ڄڻ پوين پساھن ۾ ھجي.

سچل آھستي آھستي مناھين ڏانھن ھليو. ھو ھاڻ تڪڙو تڪڙو ٻنا ٽپڻ لڳو ۽ جيئن ھو مناھين ويجھو پھتو تھ ڪو ماڻھو پٽ تي ڪريل ڏٺائين. ڪا گھڙي ھو ڄمي بيھي رھيو، پوءِ اڀي رڙ ڪيائين، ”بابا - !“

ڊوڙندو وڃي پيءُ جي جسي کي چنبڙيو.

ڌڪي وھي کي ھن پٽ تي کڻي رکيو ۽ پوءِ ھو پيءُ کي جاچڻ لڳو. سندس لوندڙي ۽ منھن تي ڌڪن جا نشان نظر آيا، جن مان رت وھي ڄمي ھليو ھو.

سچل ڌڪ سھي ڪري ويو تھ اِھي گليلن ۽ ڳوڙھن جا ڌڪ ھيا. ھو سڄو ڏڪڻ لڳو، پوءِ روئڻ لڳو. ھن کي پنھنجا ھنيل جوشيلا کانڀاڻين جا اڀا ڌڪ ياد آيا. ھن کي يقين ٿي ويو تھ پڻس پوين پساھن ۾ آھي، ڇو جو بي سرت پيو ھو. ھن کي ويٺي خيال آيو ۽ ھو مناھين ڏانھن ڊوڙيو. ھن ٺڪر وارو کمرو پاڻيءَ سان ڀريو ۽ ڊوڙندو وريو. ھن مٿي کي ٻڌل ليڙون ليڙون ٿيل پوتڙو لاٿو، پاڻيءَ ۾ آلو ڪري پيءُ جو منھن اگھڻ لڳو. ھو سندس منھن اگھندو پيو وڃي ۽ روئندو بھ پيو وڃي. سندس ڳوڙھا نھ پيا بيھن. ڪي تھ انھيءَ پاڻي ۾ پئي ڳڙيا، جنھن سان ھن پڻس جا ڌڪڙا پئي چيٺيا. ائين پڻس ڀڻڪو ڪيو ۽ بت ۾ چرپر آيس. گھڙيءَ کان پوءِ پڻس ڪنجھندو اٿيو ۽ ور ڪريو پئي جو سچل سھارو ڏئي سنڀالي ورتس. پڻس سچل ڏي نھاريو، سندس ڪومايل مک پسي مرڪي پيو. پوءِ جيئن ٿورو سنئون ٿيو تھ سندس نظر ڌڪي پکيئڙي تي پئي:

”سچل پٽ، گھٻراءِ نھ. پرواھھ ناھي. ھر ھڪ پرديسي آھي. اڄ پرديسين جو وارو ھيو. جھڙو وھيو پرديسي پکي، تھڙو مان - !“

ھن ھٿ وڌائي پٽ تي پيل ڌڪي وھيو ھٿ ۾ کنيو ۽ پوءِ سندس چھنب وات ۾ وجھي، ان ۾ ساھھ ڦوڪڻ جي ڪئي، پر پوءِ ھن پکيءَ کي چميو ۽ ڀڻڪيو، ”مٺا معاف ڪجان!“ پوءِ بچل جو ڪنڌ، سچل جي ھنج ۾ لڙڪي پيو. ان سان گڏ پکي بھ سندس ھنج ۾ ڪريو. ھن ويلي سچل دانھن بھ نھ ڪري سگھيو. صرف ھو ٻن جسن کي محسوس ڪري سگھيو پئي، کيس ائين لڳو تھ نٻل پتڪڙي وھي ۽ نٻل پيءُ جي جھور جسم ۾ ڪو فرق نھ ھو.

ھن مٿي نھاريو، چوڌاري ڪو بھ غوغاءُ نھ ھو. سانت ئي سانت ھئي ۽ ائين ٿي لڳو تھ پرديسي پکيئڙا ھاڻ اڏامي ويا ھئا.

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org