جاڳ بھ تنھنجي جيءَ
سان
ھو اڃا در تي اڱڻ ۾ داخل مس ٿيو تھ اڱڻ ۾ بيٺل نينگر
ھڪدم دانھن ڪئي: ”ھان! ھان! ڪير آن؟ ڪير آن؟ ائين گھڙي
اچبو آھي – ھل ھل ٻاھر.“
سليم جون وکون وڪوڙجي ويون ۽ ڄمي بيھي رھيو. وڄ وراڪو ڏنو ۽
پوءِ نينگر کڻي رئي سان منھن ڍڪيو. سليم ھوش ۾ ھو يا
بي ھوش، پوئين پير وريو ۽ در ٻاھران دڪيءَ تي اچي بيھي
رھيو. ھو ڪا گھڙي سوچيندو رھيو، پوءِ ھن گھٽيءَ جو
جائزو ورتو. گھر ۽ در کي ورائي ڏٺائين. گھٽي بھ ساڳي،
گھر ۽ گھر جو در بھ ساڳيو. ھن کي گھٽي ۽ گھر ڏانھن
لڙندي ورھيھ ضرور ٿيا ھئا، پر ايڏو بھ ھو بي ھوش ڪونھ
ھو، جو ھو ماسيءَ جو گھر نھ سڃاڻي. جنھن گھر ڏانھن
ماءُ سان گڏ ايندي سندس جتيون گسي ويون ھيون، جنھن گھر
جي اڱڻ ۾ ھو ماسات قادن سان گڏ کيڏي وڏو ٿيو ھو؛ جنھن
گھٽيءَ ۾ بيھي ھن ھوڪرون ڏنيون ھيون، اڄ ھن کي اھا
گھٽي ۽ گھر اوپرو لڳو. ھن سوچيو تھ ڪنھن راھگير کان
پڇي. ائين ٽپڙيءَ پويان آواز آيو:
”ابو سلڻ آھين؟“
ھن جو ساھ ساھھ ۾ آيو. اھو ماسي قادن – ماءُ جو آواز ھو. ماسي
قادن – ماءُ سندس سڳي ماسي نھ ھئي، پر سندس ماءُ جي
سوٽاڻي لڇ ۾ سوٽ ھئي. ھن لاءِ سڳن کان بھ وڌ ھئي. ننڍي
لاڪر سندس پر گھور لھڻ واري اھا ماسي تھ ھئي، جنھن کيس
سانڍيو ۽ لاڏ کنيا ماءُ جي گذرڻ کان پوءِ ھن ڳوٺ اچڻ
ڇڏي ڏنو. ورھين لاڪئون ماسيءَ جي چٺي مليس تھ دل سٽ
ڏنس. ھو ڪنھن کان پڇڻ بنا ھليو آيو. ڇڙٻ تھ کاڌائين،
پر پوءِ ماسيءَ جو مٺو آواز ٻڌائين تھ اندر ۾ ٽڙي پيو.
يڪدم اندر ڪاھي پيو. ھو ماسيءَ سان حجائتو ھو، يڪدم
ماسيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري کڻي مٿي کنيائين.
”ھا ماسي، مان سلڻ آھيان، پر ڪلاڪ کان ويل ۾ آھيان. ھيئن پنھنجن
جو آڌر ڀاءُ ڪبو آھي؟ اھڙا چوڪيدار وھاري ڇڏيا اٿئي
جو. . .“
سليم محسوس ڪيو تھ ماسيءَ جو بنھھ آواز نھ پئي نڪتو. صرف وڏن
ساھن جو آواز ھو. سليم محسوس ڪيو تھ تمام ھلڪو جسم، ڄڻ
ھڏائون پڃرو سندس ھنج ۾ آھي. ھن يڪدم ماسيءَ کي ڏٺو.
ھڪ ڪمزور ۽ نٻل جسم سندس ڀاڪر ۾ اڀا ساھھ کڻي رھيو ھو.
ھن يڪدم ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ماسيءَ کي اڱڻ ۾ پيل کٽ
تي ليٽايو. مڙھو جسم، سليم جي سٽ ۽ ڦيريون، ماسي قادن
– ماءُ اصل اڌ مئي ٿي پئي ھئي. اندران اھا نينگر، جنھن
سليم کي ڇڙٻ ڏني ھئي، ڊوڙندي آئي. يڪدم اچي ماسيءَ جون
تريون مھٽيائين ۽ پوءِ ڊوڙندي پاڻي کڻي آئي. ڪجھھ ترين
جي گرمائش، ڪجھھ پاڻيءَ جا ڇنڊا، ماسي ھوش ۾ اچي وئي.
انھيءَ وچ ۾ سليم ڦڪو ڦڪو بيٺو رھيو. ھو انھيءَ نينگر کي ڏسندو
رھيو، جنھن جا نيڻ نماڻا ھا. وار کليل، جھل ھنيو، ھيٺ
لھرون پئي ھنيائون. رنگ اڇڙو، منھن اھڙو اڇو اجرو ۽
ڌوتل پوتل جھڙو فرشتو. ھيءَ قدآور نينگر اڇلون ڏئي اڱڻ
۾ ھلي پئي ۽ سليم جي اک منجھس ھئي. ماسي کنگھيو کڙڪيو
تھ سليم بھ نينگر مان اک ڪڍي. ھو حيران ھو، ھن کي ھيڏي
سونھن ۽ اوجر ڪڏھن نظر ڪانھ آئي ھئي. جوان ئي ھو تھ
زال ٻھ ٻچا ڄڻي مولا جي ملڪ ھلي. ھيءُ اڪيلي نوڪري ڪري
ٻچا نپائي اصل ھڄي پيو. بيوه ڀيڻ کي اچي پاڻ سان
رھايائين. اڄ ننڍي نوڪري، سڀان وڏي. وڏو آفيسر ٿيو تھ
لوڻو نھ ھنيائين. اڄ ننڍي نيٽي نينگر ڏسي، بنھھ ھرکي
پيو. ماسيءَ سان ڳالھھ ٻولھھ ۾ ويٺو تھ کلي پيو.
”ماسي! توکي تھ خبر آھي اسان جي زندگيءَ جي. جيڏا اٺ تيڏا لوڏا،
نوڪري ۾ ئي پورا آھيون.“
”پر ابا، جوڻھين ھيءُ جھان ڇڏيو تھ توکي جھلي تھ ڪانھ وئي ھئي.
ٻچا ڀيڻ پالي وڏا ڪيا. ائين جواني جھوٽو ڪري ڇڏيئي،
عجب ماڻھو آھين.“
”ھا ماسي، ھونئن بھ جواني جھوٽو آھي. پر ماسي ھاڻي فيصلو ڪيو
اٿم تھ ڪو سڱ ملي، ڪيستائين اڪيلو رھبو؟“
ھن ان نينگر ڏانھن نھاريو، جيڪا ھاڻ مٿي تي پلئھ وجھيو چانھھ
کڻي آئي ھئي. ماسيءَ پراڻي عينڪ مان کيس ڏسي ورتو.
”تو شايد ھن کي نھ سڃاتو.“ سليم ڪنڌ ڌوڻي نھڪر ڪئي.
”شاھھ بانو اٿئي، منھنجي ڏوھٽي شانان جي ڌيءُ. شانان بھ ھن کي ۽
اڪبر کي ننڍو ئي ڇڏي گذاري وئي. توکي تھ خبر آھي، ھيءُ
ٻچا مون ڪيئن نپائي وڏا ڪيا آھن؟“
ماسي سڏڪي پئي. سليم حيران ھو تھ ھن ان ڇوڪر کي ڪنھن زماني ۾
شانان جي ھنج تي ئي ڏٺو ھو. اڄ ھوءَ ائين وڌي وڻ ٿي
وئي ھئي، جو سليم کي ان قدآور ڇوڪري کي ڏسڻ لاءِ ڪنڌ
مٿي ڪري ڳچي اڀي ڪرڻي پئي پيئي. ھاڻ ماسيءَ ساھھ کڻي
ڳوڙھا اگھيا.
”سلڻ! قادن جي روزگار جي تھ خبر اٿئي. ريزڪي دڪان، سو ڪڏھن موڙي
آھي، ڪڏھن مندي آھي. ڪڏھن ائين نھ چيائين تھ ھان امان
وٺ ھيل جھجھو ڪمايو اٿم. نھ ٻار نھ ٻچو، بس جيئن جوڻس
ڇڏي ويس تھ نھ پاڻ لوڻو ھنيائين نھ وري جوڻس موٽ کاڌي.
اِھو مون پورھيا ڪري شانان جي ٻنھي جگر جي ٽڪرن کي
تاتي نپائي وڏو ڪيو آھي. اڪبر تھ اڃا پڙھي پيو پر شاھھ
بانو ٻئي وڏا امتحان پاس ڪري ورتا آھن. توکي چٺي بھ ان
لاءِ لکي ھيم تھ ھاڻ مون ۾ طاقت نھ آھي.“
ماسي وري ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي، پر سليم جي اکين ۾ ڄڻ تھ چمڪ اچي
ويئي. ھن جون نگاھون شاھھ بانوءَ کي ڳولڻ لڳيون. شاھھ
بانو پريان بيٺي ھئي ۽ پئي رسيءَ تان ڌوتل ڪپڙا
لاٿائين. ھن جنھن چستيءَ سان ڪپڙا لاٿا ۽ وري کٽ تي
رکي سنوان ڪندي ھڙ ٺاھي ورانڊي ڏانھن نڪتي، سليم کي
بنھھ خيال کنيو ويا. ھيءَ سنئين سيبتي سھڻي ڇوڪري ملي
وڃي تھ ٻيو ڇا کپي. ماسيءَ شايد ان لاءِ گھرايو آھي.
ماسيءَ جي کنگھھ کڙڪي کيس ور موٽايو.
”توکي تھ خبر آھي، ھن زماني ۾ گذر سفر ڪيڏو نھ ڏکيو آھي. چوان
ٿي تھ ڪا نوڪرڙي ابا ملي وڃيس تھ ڏاڍو چڱو. تون ھاڻي
چڱو وڏو آفيسر آھين. ھٿ ڊگھا اٿئي، وس ۾ بھ اٿئي، بس
شاھھ بانو کي ڪا نوڪري وٺي ڏي. ھت ھاڻي وڏا اسڪول بھ
کليا آھن، بس ابو ٿي، ڪا مدد ڪر. دعائون ڪندي سانءِ.“
ماسيءَ منٿون ڪندي چيس.
سليم ڪجھھ وسامي ويو، پر پوءِ ھمٿ نھ ھاريندي چيائين:
”ماسي اِھا ڪھڙي ڳالھھ آھي، شاھھ بانو لاءِ نوڪريون کوڙ، پر – “
ھو چپ ٿي ويو ۽ سوچيائين تھ ٺھيو ڳالھھ ٻئي ويلي ڪبي، پر ماسيءَ
يڪدم ڳالھھ کي ڇڪيو:
”پر ڇا ابا!“
”نھ ماسي اھا ڳالھھ تنھنجي سوچڻ جي نھ آھي. شاھھ بانو ڪاڏي وئي.
سڏ ڪيو، ڪجھھ مان بھ تھ انٽرويو وٺانس.“ سليم کلندي
چيو.
شاھھ بانو ڪو پريان بيٺي ٻڌو، تکي ڊوڙندي آئي. جيئن شاھھ بانو
ويجھو پھتي تھ سليم جي اک وڪوڙي ويس. ڇوڪر سندس اک جي
چمڪ پسي ھٻڪي. پير وچڙيس، پر اچي پھتي ۽ ڏاڍي ادب ۽
احترام سان چيائين:
”جيءُ چاچا! اوھان سڏيو“.
سليم جي اک مان چمڪ گم ٿي وئي. سندس منھن ون ون ڪرڻ لڳو. گھڙيءَ
۾ نراڙ پگھرجي ويس. ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيائين ۽ چيائين:
”ٺيڪ آ شاھھ بانو، توکي ماستري ملي ويندي.“
ائين چئي اٿيو ۽ ماسيءَ جي پيرن تي ھٿ رک ڏانھنس نئڙيو.
”چڱو ماسي، آءٌ موڪلايان ٿو. ڪم بھ اٿم، صبح جو ھليو ويندس. تون
دلجاءِ ڪر. شاھھ بانو جي ماستريءَ جو آرڊر توکي گھر
ويٺي ملي ويندو.“
ماسي في الحال تھ ماٺ ۾ اچي وئي، ۽ پوءِ سمڪ آيس تھ سليم چانئٺ
کان ٻاھر ھو.
ھن ٻاھر گھٽيءَ ۾ اچي وڏو اڀو ساھھ کنيو ۽ پوءِ ساھھ کڻندو
ھليو. کيس ائين محسوس ٿيو تھ ھو وڏي پورھيي کان آجو
ٿيو آھي.
پر ھو جيئن پنھنجي اباڻي گھر پھتو تھ سندس ھنيانءُ ڀري آيو.
ھيءُ گھر گھڻو ڪري سندس امڙ جي وفات کان پوءِ بند
رھندو ھو. امڙ جيسين جيئري ھئي تھ ھيءُ بھ پنڌ ڪندو
ھو. اڄ ورھين ڪرھين آيو تھ اڱڻ ۾ بيھي رھيو. ڪمرا کليل
ھئا. اندران سندس پراڻي جھور نوڪرياڻي، جنھن کيس بھ
پاليو ھو، لڏندي ٻاھر نڪتي.
”ابا اچي وئين. مان ڇنڊ ڦوڪ ڪري ڇڏي اٿمانءِ. تون ڀلي ھاڻ اندر
ويھھ آرام ڪر. مان گھڙيءَ ۾ چانھھ ٺاھي ٿي وٺان.“
”ٺيڪ آ ڏاڏي.“
ھو اڱڻ ڇڏي ڪمري ۾ آيو. ڪمري ۾ ٻوسٽ ھو. ھن کي پھريائين ٻوسٽ
محسوس ٿيو. پوءِ ھو ڄڻ تھ ٻوسٽ جو ھيراڪ ٿي ويو. ھو ات
پيل امڙ واريءَ کٽ تي پيرانديءَ کان ويھي رھيو.
ھن ڪڏھن ائين نھ سوچيو ھو، نھ محسوس ڪيو ھو. اڄ ھو ھڪ ننڍي ٻار
وانگي ڪو رانديڪو ڏسي ھرکي پيو ۽ پوءِ ھن جا ھئا ٿڌا
ساھھ. سچي جھوٽي واري جواني صدين وارا پل ٿي لڳس. ھن
ڪڏھن اڪيلائيءَ لاءِ سوچيو بھ نھ ھو. اڄ ھو پاڻ کي
ايڏو اڪيلو سمجھي رھيو ھو، جو احساس وچان ڳوڙھا ڳڙي
آيس. ھو ڪا مھل ائين ويٺو رھيو. کڙڪي تي ھو سجاڳ ٿيو.
ڳوڙھا اگھي پٺڀرو ٿي چيائين، ”ڏاڏي چانھھ رکي وڃ. مان
پاڻھي پيان ٿو.“
ڪمري ۾ اوندھڙي ھئي. پر ھن ڏٺو تھ ڪنھن وڌي اچي بتي ٻاري ۽ ھن
جيئن روشني پسي مٿي ڪنڌ کنيو تھ ھن جي سامھون شاھھ
بانو پاڻي ۽ چانھھ کنيو بيٺي ھئي.
”سائين! چانھھ پيو.“ ھن جون اکيون تيئن ڀرجي آيون. ھن اٿڻ
چاھيو. شاھھ بانو پاسي ۾ پيل ٽيبل تي پاڻي ۽ ڪوپ رکيو
۽ کيس وھاري ڇڏيو. پوءِ ٽپ ڏيئي ڀر ۾ ويھي رھيس. ھن
ڳوڙھا ڳڙندا ڏٺا ۽ پوءِ رئي سان سندس ڳوڙھا اگھڻ لڳي.
ھو تيئن جھڄي پيو.
”نھ منھنجا سائين! ائين روئبو آھي ڇا. توھان تھ منھنجا سائين
آھيو.“
شاھ بانو اھڙي پيار ۽ پاٻوھھ سان چيس جو ھو فدا ٿي پيو. ھن کڻي
ڀاڪر ۾ ڀريس.
”شاھھ بانو تون مون سان ھلندينءَ، منھنجي ٿيندينءَ.“
”ھا سائين. ناني چئي ٿي اوھان منھنجا چاچا ٿورائي آھيو. اوھان
سائين آھيو ۽ جيئن سائين چئي تيئن ڪر. توھان جيئن چئو
سائين.“
ھو اٿي بيٺو ۽ کانئس ٿورو پرڀرو وڃي بيٺو. شاھھ بانو بھ اٿي
بيھي رھي. ھو کيس گھوريندو رھيو. ھو ٻڏتر ۾ ھو. ڇوڪر
صفا بدليل ھئي. ھن جو انداز ۽ رخ ئي ٻيو ھو. ھو سندس
موھيندڙ انداز پسي، ويو ويچارن ۾ ويڙھبو.
پاڻ پنجاھھ جي ويجھو ھو ۽ ڇوڪر ويھن پنجويھن کان مٿي کيس نھ
لڳي. ھن کي ڪا گھڙي لوڪ لڄا جو خيال آيو ۽ جوان ٻارن
جو. ھو ائين سوچيندو رھيو. ايئن شاھھ بانو اڇل ڏئي
ويجھو ھلي آيس. ھن ڇرڪ ڀريو پر ڇوڪر منجھيل نھ ھئي.
”ڇا ٿا سوچيو. ناني چئي پئي تھ سائينءَ کي پريشان ٿيڻ نھ
ڏجانءِ. ڏاڍو خيال ڪجائينس.“
پوءِ ھن چانھھ جو ڪوپ کنيو.
”ڀلا چانھھ پيو. چانھھ ٿي ٺري. اڙي چانھھ تھ ٺري ويئي. بيھھ گرم
ڪري اچان. ناني ڪاوڙجي ويندي.“ سليم وڌي وڃي کانئس ڪوپ
ورتو ۽ رکي ڇڏيو. ھن فيصلو ڪري ورتو. پوءِ کيس پاڻ
ڏانھن ڇڪيو. ويجھو ڪندي چيائينس:
”پنھنجي نانيءَ جي ڳالھھ ڇڏ شاھھ بانو، تون بھ تھ ڳالھھ ڪر.
تنھنجي مرضي ڇا آھي؟“
شاھھ بانو ڪا گھڙي چپ ٿي وئي ۽ پوءِ چيائين:
”ناني چئي ٿي تھ جيئن سائين جي مرضي ۽ تون ھاڻ ھن جي ٻانھي
آھين. توھان ڪاوڙجي ويؤ تھ نانيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان
ويل برقعو پارائي وٺي آئي اٿم.“
”ماسي ڪٿي آ.“ سليم کانئس پڇيو.
”ناني ٻاھر ڏاڏيءَ سان ويٺي آھي. مون کي نانيءَ چيو آھي تھ جيئن
سائين چئي. جي وٺي ھلي تھ بھ حاضر، جي ھٿ ٻانھي ڪري
ويھاري تھ بھ جيئن سندس مرضي.“
سليم وري سوچ ۾ پئجي ويو. شاديءَ جو چوڻ سولو، پر ان سان گڏ
ڪئين مسئلا، ڪئين مرحلا خيال ۾ آيس. جيئن شاھھ بانو
وڌيڪ ويجھو ٿيس ۽ ڳچيءَ ۾ ٻانھون پيس تھ سليم بنھھ
پاڻي ٿي پيو. يڪدم سٽ ڏئي ٻاھر نڪتو. ماسي اڱڻ ۾ بيٺي،
ڏاڏيءَ سان ٻولاچاري ڪئي. بنھھ اور گھور ٿيو ڊوڙندي
آئي.
”مان صدقو وڃانءِ. ائين ڪاوڙجي وڃبو آھي. شاھھ بانو ڪھڙي شيءِ
آھي، تون حڪم ڪر، شاھھ بانو جڏھن کپئي کڻي وڃ. اڄ کان
تنھنجي ملڪيت ٿي.“
”پر ماسي – “
”پر ٻر ناھي. توکي وڻي ٿي ۽ مان سلڻ کان اھا شيءِ رکان؟ مان
پاڻھي شاھھ بانوءَ جي پيءُ قادن سان منھن ڏينديس. جڏھن
وڻئي تڏھن نڪاح ڪرينس، شيءِ تنھنجي ٿي.“
سليم وري سوچ ۾ پئجي ويو. يڪدم پٺتي موٽ کاڌائين. ھن ٻڌو ڏاڏي
وڏي واڪ چئي رھي ھئي: ”ادي قادن ماءُ! شاھھ بانو ڪا
وڏن ڀاڳن واري آھي، جو ھھڙو ماڻھو مليو اٿس. ھيڏو وڏو
آفيسر، لکن جي ملڪيت، عمرن جي فرق کي ڇا ڪبو. پاڻ بھ
تھ لکن جو مٽ آھي. اسان جو ابو، بس تنھنجي ڇوڪري راڄ
ڪندي راڄ.“
ھو اندر گھڙيو تھ حيران ٿي ويو. شاھھ بانو بي خبر ٿيو ويٺي ھئي.
ھن پئي ھٿ مھٽيا، سندس ھٿ ڏڪيا پئي. ھو جيئن ويجھو ويس
تھ کيس ھوءَ اڇي نظر آئي، ڄڻ بنھھ رت ئي نھ ھجيس. ھو
ويجھو ويس تھ ڏٺائين سڄو ڏڪي ۽ سھڪي پئي. ھن سڏ ڪيس،
”شاھھ بانو، شاھھ بانو“ ھو ڇرڪ ڀري ائين اٿي ڄڻ ڪنھن
ڊپائتي خواب مان سجاڳ ٿي ھجي. شاھھ بانو کيس ڏٺو، ڪا
گھڙي ھوءَ ڏڪندي رھي، ھٿ مھٽيندي رھي، پوءِ ڏڪندڙ ھٿن
سان ھن سندس ھٿ پڪڙيا.
(وڌيڪ پڙهو)
|