سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مون مطالع سپرين

باب-

صفحو :6

سوز هالائي

 

غزل، گل گلاب جا

هر ورق ورق تي مون کنڀ مور جا رکئا،

ان کان وڌيڪ ڪهڙي ٻي آجيان ڪريان.

”اسوءَ“ جي ماڪ ڀنل چانڊوڪي رات ۾ منهنجي سوچ جا اڇا اجرا ڪبوتر، ڊگها ڊگها پر ڦهلائي، ذهن اڱڻ تي ”چهل قدمي“ ڪري رهيا آهن، ۽ مان رات کان ڏات جي بيک پني رهيو آهيان، چوڏهينءَ جو چنڊ چوٽ چڙهي آيو آهي. نيل آڪاش جي شفاف سيني تي ڦلن ڦلن جيان ستارا ٽڙيل آهن. منهنجي هنج ۾ سائين طالب الموليٰ جي سدا ملوڪ ۽ سدا بهار غزلن جو گلدستو ”ديوان طالب الموليٰ“ آهي. (جنهن کي ور ور ڏيئي پڙهيو اٿم ۽ اڃان به پيو پڙهان) پر مان اڄ لکڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان.

کير جهڙيءَ اڇيءَ اجريءَ روشنيءَ ۾ ڪلام جي ڪتابت نمايان نظر اچي رهي آهي ۽ انهن موتي موتي اکرن جا عڪس ”ڌنڌ لا ڌنڌلا“ نه پر روشن روشن ڪرڻن جيان آهن. کن لاءِ لڳو هوم ته بتي وسائي ڇڏيان ۽ ويهه سال اڳ واري ماضيءَ ۾ موٽي وڃان ۽ ”چنڊ“ جي ٿڌڙيءَ روشن ڇانءَ ۾ لکندو رهان، لکندو رهان. پر... ائين نه ڪري سگهيس.

مان مسلسل لکڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان، محسوس ڪيو اٿم ته مان ڇا لکي سگهندس. هو (سائين) ڪوهنور ۽ تاج محل جو حسن ۽ سينگار ۽ مان جهوپڙيءَ ۾ ٽم ٽم ڪندڙ ۽ تيز هوا ۾ اجهامي ويندڙ ٺڪر جو ڏيئو.

بهرحال! نوريءَ واري نوازش کي آڏو رکندي، نهايت ئي ادب ۽ احترام سان، سندن حڪم موجب پنهنجي ڄاڻ ۽ جذبن جو اظهار مهاڳ توڙي غزل جي روايت جي حوالي سان نهايت نرم لهجي ۽ پر خلوص انداز سان ڪرڻ چاهيندس.

1. سڀ کان پهرين مسئلو انهن مکيه اکرن جي مڃتا جو آهي، جن لاءِ سائينءَ جن جو اسرار ۽ راءِ آهي ته اهي اکر سنڌي صورتخطيءَ ۾ اچڻ گهرجن.

 مهاڳ جي مطالعي ۽ مٿين راءِ کي مد نظر رکندي، منهنجي ذهن ۾ ڪجهه سوال تري آيا آهن، جيڪي بهرحال جواب طلب آهن.

1883ع ۾ جڏهن موجوده صورتخطيءَ جڙي راس ٿي رهي هئي، تڏهن ٻن مخرج وارن اکرن جهڙوڪ ”جهه“ ۽ ”گهه“ کي شامل ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌي عالمن ۽ لسانيات جي ماهرن آڏو ڇا؟ هنن اکرن، ڙهه، لهه، نهه، ڻهه وغيره کي صورتخطيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز موجود نه هوندي؟ ۽ عقل مڃي ٿو ته غالباً اهو مسئلو بحث لاءِ کنيو ويو آهي، پر اها خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙي سبب انهن ماهرن انهن لفظن کي صورتخطيءَ ۾ شامل ڪرڻ کان راهي ڇڏيو.

2. انهن اکرن کي شامل ڪرڻ سان سنڌيءَ کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟ ۽ جڏهن ته هن وقت اهي اکر صورتخطيءَ ۾ شامل نه آهن ته ٻوليءَ کي ڪهڙو ڇيهو پهچي رهيو آهي؟

3. انهن اکرن جي شموليت سان پوئين ادب جو ڇا ٿيندو؟ ڇا؟ ان ۾ ڦير ڦار ممڪن ٿي سگهندي؟ ڪلاسيڪل ادب، لطيف جي شاعري قليچ جي نثري خزاني ۽ لوڪ ادب جو ڇا ٿيندو؟

4. مٿين اکرن کي صورتخطيءَ ۾ شامل ڪرڻ کان پوءِ ڪي پيچيدگيون ته پيدا نه ٿينديون؟ ادبي برادري طبقاتي ڪشمڪش، انشار ۽ گروه بنديءَ جو شڪار ته نه ٿيندي؟ ڪٿي ائين ته نه ٿيندو، جو جنهن ٻوليءَ کي دنيا جي پراڻي، شاهوڪار ۽ ترقي يافته ٻولي چيو وڃي ٿو ۽ قدر ڪيو وڃي ٿو، ان کي محض صورتخطيءَ جي اڻ پورائيءَ جي بنياد تي مشڪوڪ ته نه سمجهيو ويندو؟

اهي ۽ ٻيا ان قسم جا انيڪ سوال طلبيءَ جو حق رکن ٿا ۽ مان ٻين فاضلن ليکڪن ۽ ماهر لسانيات طرفان ان معاملي تي لکيل مقالن ۾ انهن سوالن جا جواب ڳولڻ لاءِ منتظر رهندس.

سنڌيءَ صورتخطيءَ ۾ ڦير ڦار متعلق ڪجهه وقت کان تجويزون ۽ رايا پيش ٿيڻ لڳا آهن.

ڪجهه سال اڳ ڀارت ۾ سنڌي اديبن طرفان سنڌيءَ کي ديوناگري لپڻيءَ ۾ لکڻ لاءِ ريڙهه پيڙهه هلي رهي هئي ۽ تازو ڪن سنڌي اديبن طرفان (سنڌ ۾) اها تجويز پيش ڪئي ويئي هئي ته سنڌي صورتخطيءَ مان هم آواز اکرن جو تعداد گهٽايو وڃي. اهي ٻئي تجويزون شايد ايتريون ته ناقص هيون، جو انهن تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو، مٿين ٻنهي تجويزن جي ڀيٽ ۾ مخدوم سائين جن جي اها تجويز خاصي وزندار، غور طلب ۽ داد و تحسين جي لائق آهي. سائين جن انهن اکرن جي اضافي جي نشاندهي ڪري نه فقط پنهنجي عظيم شاعر ۽ ماهر لسانيات هئڻ جو ثبوت مهيا ڪيو آهي پر انهن ماهر لسانيات جي جذبات کي پڻ جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن انهيءَ معاملي ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو آهي.

مهاڳ ۾ اها راءِ ۽ ٻيون تجويزون پڙهي منهنجو ويساه ويتر وڌيڪ پختو ٿي ويو آهي ته خوبصورت خيال فقط خوبصورت ۽ خوب سيرت ماڻهن وٽ ئي هوندا آهن. هونءَ به سائينءَ جن جي ادبي ڪاوشن، سنڌيءَ شاعريءَ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ ورتل ڪوششن ۽ ڪيل خدمتن کي عجب واري اک سان ڏسڻ جي گنجائش ئي نه آهي. بنهه ائين جيئن ماءُ ۽ پٽ جي رشتي ۾ ڪا نئين ڳالهه سوچي ناهي سگهبي ۽ يقينن انهن اکرن کي صورتخطيءَ ۾ شامل ڪرڻ واري راءِ به نيڪ نيتيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڀلائيءَ وٽان ئي هوندي.

هڪ ننڍڙي شاعر جي حيثيت ۾ هن شاعراڻي خواهش جو احترام ته ڪري سگهجي ٿو، پر لسانيات جي نقطه نظر کان اهو هڪ منجهيل ۽ گورک مسئلو آهي ۽ يقيناً لسانيات جي ماهرن جي راءِ ئي وڌيڪ معتبر ۽ مڃڻ جوڳي هوندي.

جيتري قدر سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي فارسي اکرن جي ميلاپ جو تعلق آهي، اها نهايت ئي جيئري جاڳندي حقيقت آهي ۽ اهو سچ به آهي ته موجوده سنڌيءَ ۾ ڪيترائي عربي ۽ فارسي الفاظ موجود آهن ۽ اهي الفاظ مزاج جي لحاظ کان ايترو ته عام فهم ۽ سليس آهن، جوهاڻي هو ڌاريان ناهن رهيا ۽ پاڻ ۾ ايتري قدر ته ملي ويا آهن جو انهن جا بدل به سنڌيءَ ۾ ملڻ اڻ لڀ ٿي ويا آهن ۽ ائين ٿو لڳي ته اهي ڄڻ اصل سنڌيءَ جا لفظ آهن، جيڪي فارسيءَ يا عربيءَ کان ئي اڌارا ورتا آهن، ۽ انهن لفظن کي سنڌيءَ مان خارج ڪرڻ بابت سوچي به نه ٿو سگهجي. سائينءَ جن بلڪل صحيح چيو آهي ته انهن لفظن جي اخراج سان سنڌي ٻسي ۽ بي مزه ٿي ويندي، هر چڱيءَ سوچ وارو ذهن ائين سوچيندو ۽ مان به ائين چوندس، پر مان ائين به چوندس ته انهن لفظن کي ترڪيبن، تشبيهن، اشارن ۽ ڪناين طور استعمال ڪرڻ اسڀاويڪ ۽ هاڃيڪار ٿيندو ان لاءِ مون وٽ دليل آهي ته خواب هميشہ ڌارين لفظن يا ڌارين ٻولين ۾ ناهن ڏسبا.

اها هڪ مڃيل حقيقت به آهي ته عظيم شاعري پنهنجي مقامي ثقافت ۽ تهذيب جي تخليقي عمل مان ئي آڪسيجن حاصل ڪندي آهي. لطيف سائين، شيخ اياز، سائين طالب الموليٰ ۽ امداد حسينيءَ لاءِ وڏي اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته انهن جي تخليقي عمل جون پاڙون  ثقافتي سونهن جي پاتال ۾ کتل آهن.

سائينءَ جن جي تازي ديوان ۾ جتي به عربي ۽ فارسي لفظن جي وچ ۾ نج ٻوليءَ جا رنگ ۽ روپ پسجن ٿا، ته انهن سٽن مان سچ پچ ته اهڙي سڳند ٿي اچي، جهڙي ٿڃ ڌائيندڙ ٻارن کي سڳن ڀيڻن ۽ ڀائرن مان ايندي آهي.

”ديوان طالب الموليٰ“ جا گهڻا تڻا موضوع  عشق جي تجربي ۽ دنيا جي بي ثباتيءَ مان سرجڻ جي باوجود اڻ ڇهيل ۽ بي ڪفار ڦهلاءَ تي ڦهليل آهن ۽ ذات کان ڪائنات جي ڪينواس تي هنن غزلن ۾ مواد ۽ مفهوم پکڙيل آهي.

جيڪا شاعري عشق جي موضوع جي تجربي مان اسرندي آهي، انهن جا سر جڻهار سدائين محبوب مهانڊن وارا، ملوڪ ۽ سٻاجهي شخصيت جا مالڪ هوندا آهن. سندن جاه و جلال، ۽ جمال جو وقار گنڀيرتا نماڻائيءَ ۽ خوش اخلاقيءَ ۾ هوندو آهي. مونکي سائينءَ جن جي شخصيت ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي خوبيون نمايان نظر آيون آهن.

ديوان جو مطالعو ڪندي ڪيترن ئي خوبصورت غزلن جي من موهيندڙ مکڙن ۽ وچ وارن بندن، اڳتي پڙهڻ کان روڪي بي ساختهء واه واه چوڻ تي مجبور ڪيو. ڪيترن ئي شعرن تي رشڪ به آيو ۽ انهن شعرن لاءِ ائين چئجي ته پڙهندي ائين محسوس ٿيو ڄڻ نٽهڻ اس ۾ هلندي هلندي اوچتو رستي ۾ روشن ڇانوري واري قداور ۽ گهاٽي وڻ جو ڍاٻو ملي ويو هجي، يا سڄي ڏينهن جي رولاڪي کان پوءِ جيئن رڻ ۾ رات ٺري پئي هجي.

مواد توڙي هئيت جي لحاظ کان ديوان جا غزل ڪلاسيڪل ۽ روايتي لاڙن جو سنگم آهن. غزلن ۾ نه فقط روايت جو پورو پورو احترام ڪيو ويو آهي، پر جديد غزل جا امڪان ۽ اهڃاڻ به چٽا پٽا نظر اچي رهيا آهن. ديوان سائينءَ جي غزل کي روايتي گهٽيون گهمايون آهن، اتي ڪيترائي نوان نوان رنگين، دلڪش ۽ دلفريب منظر به پسايا آهن.

سائين سونهن ورونهن ۽ سينهن سينهن جو حساس ۽ خوبصورت شاعر آهي. سندس لفظ لفظ ۾ لئه ڀريل ۽ سٽ سٽ ۾ سنگيت سمايل آهي. عروض هجي يا ڇند، سر هجي يا تال، هر صنف ۾ هر جاءِ يڪسان مهارت جهلڪا ڏيندي نظر ٿي اچي. جيڪڏهن ائن چئجي ته سنڌي شاعريءَ ۾ سائينءَ جن جي دنيا بلڪل الڳ الڳ آهي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. کين سندن هم خيال ۽ همعصر شاعرن سان ڀيٽ ڪندي منهنجي ذهن ۾ سچل سائينءَ جي هي سٽ اڀري آئي آهي.

”ڪل ستارا گم ٿيا، جڏهين اڀريو آفتاب“

ديوان طالب الموليٰ نه فقط خوبصورت شاعريءَ جو ڪتاب آهي پر ساڳئي وقت سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهم اضافو پڻ آهي، هي ديوان در اصل غزلن جو اٿاهه سمنڊ آهي، جنهن جي لهر لهر ۾ نئين رنگ رتي لهر نچندي ڪڏندي نظر ٿي اچي.

هي ديوان سنڌي عالمن، اديبن ۽ نقادن وٽ ڪيترو مان ماڻيندو ان جي ڪٿ هر ڪو پنهنجي خواهش ۽ ڄاڻ پٽاندڙ ڪندو، پر مان نهايت ادب، احترام ۽ اعتماد سان ايترو چوندس ته هن ديوان جي موجودگي سبب سنڌيءَ شاعريءَ ۾ مير عبدالحسين سانگي واري غزل جيڪو خال ڇڏيو سو هاڻي پُر ٿيل ٿو نظر اچي.

ياد ايو اٿم ايم اي سنڌيءَ جي نظم جي پرچي ۾ ڪافين جي شهنشاه مصري شاه تي لکي رهيو هوس. سائين مصري شاه جي ڪافين ۽ ان جي فن تي بحث ڪندي لکيو هوم ته سائين مصري شاه  ڪافيءَ جي مضمون جي لحاظ کان پنهنجي پيش رو ۽ هم خيال ڪافي گو شاعرن کان ايترو مختلف نه آهي ۽ غالباً پنهنجي وقت جو ڪافين جو شهنشاهه محض ان ڪري آهي، جو هن ڪافيءَ کي وسعت ۽ جدت ڏيئي، مصرعن جي سٽاءَ، بيهڪ سٽن (وراڻين) ۽ ڪافيءَ جي قافين ۾ مناسب اضافو ڪيو آهي. پر سائين طالب الموليٰ جي ڪافي ”تو دلڙي يار ڌتاري“ جنهن جي هر مصرع ۾ 8 سٽون (وراڻيون) آهن، پڙهڻي کان پوءِ ان اعتبار کان يقين سان چئي سگهبو ته موجوده وقت ڪافيءَ جو شهنشاهه سائين طالب الموليٰ آهي. مان اڄ به ان راءِ تي قائم آهيان ۽ ان ۾ اهو اضافو پڻ ڪندس ته سائين نه فقط ڪافيءَ جو شهنشاهه آهي، پر موجوده عروضي غزل ۾ به شهنشاهه آهي.

شال! اهي گلابي غزل هميشہ هيرن ۾ هٻڪارون ڦهلائيندا رهن.

هي مينهن وساڙن جهڙا رنگ رتا ۽ پوپٽن جهڙا نرم نرم غزل شال سدائين سريلن، ڪومل ۽ تيور ڪومل سرن ۾ آلا پجندا رهن.

شال! هي مهراڻ جي موجن جهڙا، مست، الست، غزل، سچل جي سر مستيءَ جيان سرمست ۽ سرشار رهن.

۽ شال! سنڌ ڌرتيءَ جهڙن امر ۽ پوتر غزلن کي ڪيئي چپ چاهه مان چمندا رهن ۽ لطف ماڻيندا رهن.

آخر ۾ سائينءَ جن کي مبارڪون ڏيندي چوندو هلان ته هي هيترا سارا لفظ نه لکي سگهان ها ته هوند، سائينءَ جن جو فقط هيءُ هڪ ئي شعر پيش ڪريان ها.

هو هميشہ ئي مڪمل، هر گهڙي يڪسان رهي،

ماه ۾ هڪڙو ئي ڀيرو، ماه ٿو ڪامل ٿئي.

 

نفيس احمد شيخ

ديوان طالب الموليٰ

نون سنڌي ڪتابن جي اشاعت ۾ اڄ ڪلهه جيڪو نمايان اضافو آيل آهي، سو سنڌي ادب لاءِ بلاشبه نيڪ فال آهي. ان جو هڪ پهلو جيڪو واضح آهي، سو اهو آهي ته شاعريءَ جا مجموعا، نثر جي بنسبت وڌيڪ منظر عام تي اچي رهيا آهن. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته عام پڙهندڙ نثري مواد کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا، ته ان جي برعڪس شعر جي تخليق جو سلسلو نثر جي نسبت سان اسان وٽ نه صرف هاڻي وڌيڪ آهي، پر مجموعي طرح سان اها روايت ڪافي پراڻي رهي آهي. سنڌي ڪتابن جي اشاعت، هميشہ وانگر، هاڻي به اسان وٽ ڪا سولي ڳالهه ڪانه آهي، پر ان هوندي به مبارڪن جا مستحق آهن اهي ادارا ۽ مصنف، جيڪي نامساعد حالتن جي باوجود سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪري رهيا آهن.

جيئن مٿي نالي مان ظاهر آهي، اهو ڪتاب سنڌ جي نامور ۽ برک شاعر جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي الف ب وار رديف تي مشتمل غزليه ڪلام جو مجموعو آهي، جيڪو سروري پبليڪيشن هالا وڏي اهتمام سان شايع ڪيو آهي.

محترم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي شخصيت، سنڌي ادب ۾ ڪنهن به رسمي تعارف جي محتاج نه آهي ۽ نه وري سندس فن ۽ ڪلام مجموعي طرح ڪنهن تفصيلي تعريف جي تقاضا ڪن ٿا سندن ڪلام جي عظمت سنڌي ادب لاءِ فخر جو باعث آهي.

مخدوم صاحب جي ڪلام جو هڪ نمائنده مجموعو ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ جي عنوان سان ڪافي ورهيه اڳ شايع ٿي پڙهندڙن وٽان مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي. هاڻي تازه شايع ٿيل ”ديوان طالب الموليٰ“ کي يقينن قدر جي نظر سان ڏٺو ويندو.

”ديوان طالب الموليٰ“ هر لحاظ کان سنڌي شعري ادب ۾ هڪ قيمتي واڌارو آهي، فڪر جي بلنديءَ جي لحاظ کان، پاڪيزه جذبات جي لحاظ کان، پهلودار خيالن جي لحاظ کان، ٻوليءَ جي شيرينيءَ جي لحاظ کان، تخيل جي لحاظ کان، ناصحانه اشارن جي لحاظ کان، مثبت ۽ تعميري انساني قدرن جي اظهار جي لحاظ کان، فن عروض جي پختگيءَ جي لحاظ کان، فڪر جي نواڻ ۽ پيشڪش جي دلڪش اسلوب جي لحاظ کان، ۽ انهن مضمونن جي جرآت مندانه اظهار جي لحاظ کان، جن کي هر طرح اشارن ۽ ڪناين تشبيهن ۽ محاورن، اصطلاحن ۽ تلميحن جي پردن ۾ ويڙهي پيش ڪيو ويندو آهي.

ديوان طالب الموليٰ جي گهري مطالع مان اهو صاف طرح معلوم ٿئي ٿو ته روشن ضمير ۽ حق گو شاعر، انساني پيڙا کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪوبه تامل نه ڪيو آهي ان ۾ اميرن جي محلاتن سان گڏ جهوپڙين جي درد ۽ ڪرب کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي.

”ديوان طالب الموليٰ“ جي خصوصيتن ۾ اها خوبي پڻ نمايان نظر اچي ٿي، جو بني نوع انسان جي رحمت ۽ شفقت، يعني پيغمبر آخر الزمان محمد مصطفيٰ صليٰ الله عليہ وسلم جن جي مبارڪ شخصيت جو جا بجا تذڪره نهايت روح پرور ۽ والهانه، دل گذار ۽ محبت آفرين انداز سان ڪيل آهي ۽ ان جي مواد جي پيشڪش ۾ پڻ نواڻ آهي. منهنجيءَ نظر ۾ ديوان طالب الموليٰ جو اهو نقطو، هر طرح نه صرف دل جو سرور آهي، پر اسان جي سنڌي شاعريءَ جي روايتي اظهار جو تسلسل پڻ قائم رکي ٿو.

”ديوان طالب الموليٰ“ جو هڪ مکيه پهلو پڻ نهايت اهم آهي، اهو هي آهي ته فاضل شاعر، سنڌي ادب ۾ بنيادي طرح سان ”ڪافي ڪلام“ جي قادرالڪلام شاعر جي حيثيت سان ڄاتل سڃاتل ۽ معروف آهي، ۽ ان نقطئه نظر سان. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاعر جي ڪلام کي ”مقبول عام“ جي حيثيت حاصل آهي، پر هن نئين مجموعي ”ديوان طالب الموليٰ“ جي ڳوڙهي اڀياس کانپوءِ اهو نقطو نهايت ڀرپور نموني سان اجاگر ٿي سامهون اچي ٿو ته سندس غزليه شاعري جنهن کي اسان وٽ سنڌي ادب ۾ عام طرح روايتي شاعريءَ جو اڻ وڻندڙ لقب ڏيئي ان کان عدم دلچسپي ۽ بيزاري ظاهر ڪئي ويندي آهي تنهن ۾ جيڪو عروض ۽ ڪمال موجود آهي ان سندن ”ڪافي ڪلام“ واري رنگ جي مقبول شاعريءَ تي سبقت حاصل ڪري ورتي آهي. ان طرح سان عروضي فن تي مشتمل سندن غزليه شاعريءَ جو پرواز، فاضل شاعر جي رسيلين ڪافين، سوز آفرين واين، روح پرور ڏوهيڙن ۽ دل نواز بيتن جي سموري ذخيري جي اڏام کان گهڻو گهڻو اتانهون ۽ مٿي آهي. شاعر جي معروف فن تي ڄڻ اهو هڪ ڇرڪائيندڙ نقطو آهي. جيڪو ڪم از ڪم مون شدت سان محسوس ڪيو آهي.

ديوان طالب الموليٰ ۾ سمايل ڪلام قبله مخدوم صاحب تقريبن ٽيهارو کن ورهين جي عرصي دوران چيو آهي. هن ڪتاب ۾ بهرحال سموري غزليه شاعري ڪانه ڏني ويئي آهي، پر انتخاب ۽ چونڊ آهي.

هڪ ڪهنه مشق ۽ قادرالڪلام شاعر جي حيثيت سان، عروضي شاعريءَ جي تقريبن مڙني بحرن ۽ وزنن کي جنهن پختگيءَ سان استعمال ڪري ڪاميابيءَ سان ٺاهيو ويو آهي، اها ڳالهه بنيادي طرح اسان جي نوآموز ۽ سنڌي شاعري لاءِ رهبريءَ جو وڏو ڪم ڏيندي.

غزليه شاعريءَ ۾ عام طرح سان چند رٽيل ڪٽيل موضوع ۽ محاورا هوندا آهن، پر ديوان طالب الموليٰ ۾ نواڻ موجود آهي، مضمونن جي ۽ اظهار جي پيشڪش جي ان حيثيت سان ديوان طالب الموليٰ، روايت ۾ جدت جو هڪ عمدو مثال آهي.

”ديوان طالب الموليٰ“ جي بحر ۾ شعر جا ڪيئي موتي موجود آهن، چند شعر پيش ڪرڻ مناسب رهندا.

وصل جي شب گل ٿيڻ تن جي ئي آهي زندگي،

ڪر قبول اي دلربا روشن چراغن جا سلام.

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

صفائي ۽ سچائيءَ جو اثر هو طالب الموليٰ،

مخالف جي پڳا ان وٽ عقيدت ڪيش ٿي موٽيا،.

همنشينو غور سان هر شخص ڏسبو، پرستان،

جن کي فرزانا ٿا سمجهو، سي ئي ديوانا هجن.

ڪتاب جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي ڏنل فرهنگ قيمتي اضافو آهي. مهڙ ۾ فاضل شاعر، لسانيات جي موضوع تي ويچار طلب بحث ڪيو آهي ۽ محترم انور هالائي صاحب ديوان جي فن تي، غزل جي حوالي سان، سير حاصل گفتگو ڪئي آهي.

پنج سئو اٺاويهه صفحن تي مشتمل ديوان طالب الموليٰ جوسرورق نهايت ديده زيب جاذب ۽ دل موهيندڙ آهي.

***

شوڪت ابڙو

ديوان طالب الموليٰ جي مهاڳ تي راءِ

ڪلامن جا مجموعا ڇپبا رهندا آهن، علم و ادب ۾ اضافو آڻيندا رهندا آهن، آسمان ادب تي پنهنجو مقام پيدا ڪندا رهندا آهن، پر ڪلام جو ڪو به مجموعو ديوان جي صورت ۾ ڇپجي اچڻ مان صاحب ديوان جي نه رڳو حسن ذوق جو پتو پوي ٿو، پر ٻوليءَ سان ان جو فطري چاهه پڻ اجاگر ٿئي ٿو. ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته طالب الموليٰ جو ديوان علم و ادب جي آسمان تي [1] وهائو تاري جي حيثيت رکي ٿو. ڪجهه وقت اڳي جڏهن رحيم بخش قمر جو ديوان منهجي نظر مان گذريو ته مون سمجهيو هو ته رحيم بخش قمر کان پوءِ سنڌي علم و ادب ۾ شايد ئي ڪو صاحب ديوان منظر عام تي اچي. پر سالن کانپوءِ اڄ جڏهن پنهنجي هٿن ۾ طالب الموليٰ جو ديوان موجود ڏٺم ته حيرت و مسرت جا مليل جليل احساسات پنهنجي دل ۾ جانگزين پاتم. حيران ان ڪري ٿيم جو مخدوم صاحب جهڙيءَ مصروف ترين شخصيت ديوان جهڙي رفيق ۽ محنت طلب ادبي ڪاوش کي پنهنجي نوڪ قلم سان تخليق ڪري ان کي قرطاس ابيض تي پکيڙڻ جي جيڪا همت ڪئي آهي ان مان سندس ادبي ذوق ۽ ٻوليءَ سان انسيت جي انتها جو پتو پوي ٿو. مسرت ان ڪري ٿيم جو ديوان جي اشاعت سان نه رڳو علم و ادب جو افق روشن نظر آيو آهي پر ٻوليءَ جي بنيادي اکرن ۾ هڪ نئين ۽ قابلِ قدر اضافي جي باعث ٻولي هڪ اهڙي موڙ تي اچي پهتي آهي جتي عروج جا نوان لاڙا جنم وٺي سگهن ٿا. جدت جي تقاضا به اهائي آهي ڇو ته هر هڪ نئون نڪتو ارباب علم و فڪر جي ڏو جڏهن دعوت غور و فڪر جي حيثيت وٺندو آهي ته ان جي ڪسوٽي ۽ پرک هميشہ عوام الناس بنبي آهي. ادب جو دارو مدار ٻوليءَ تي آهي پر ٻوليءَ جو دارو مدار عوام الناس تي آهي. عام ماڻهو جنهن لب و لهجي ۾ لفظن کي اچاري ٿو اهي ئي اچار ۽ آواز ٻوليءَ جو ست ۽ رت هوندا آهن. ان ڪري صاحب ديوا الف ب جي جن اکرن تي غور و فڪر جي دعوت ڏني آهي تن کي تجويز ڪيل مقام ڏيڻ لاءِ ارباب علم و فڪر با اختيار محض تڏهن بنجي سگهن ٿا جڏهن انهن آوازن ۽ اچارن کي عام ماڻهوءَ جي گفتگو ۾ استعمال جو عام واهپو هوندو. صاحب ديوان پنهنجي نظرئي کي سچي ثابت ڪرڻ لاءِ جن متقدين شاعرن جي شعرن جا حوالا ڏنا آهن تن مان انهن اکرن جي عام ۾ استعمال ۾ اچڻ جا چٽا ثبوت ملي وڃن ٿا.

سنڌي صورتخطيءَ کي صحيح بيهڪ ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي پيش ڪيل رٿن تي 1965ع جي 3. 4 سماهي مهراڻ رسالي ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو ڇپيل هڪ مضمون بعنوان ”سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت ۾ فاضل مضمون نگار لکي ٿو ته:

”سنڌي ساهت کي معياري صورت ڏيڻ لاءِ اول ته صورتخطيءَ کي صحيح بيهڪ ڏيارڻ ضروري آهي. جو هن وقت تائين سنڌيءَ جو ڪو ڌڻي ڌوڻي جاڳيوئي ڪونهي. ساڳيائي لفظ هڪڙا هڪڙيءَ طرح ته ٻيا ٻيءَ طرح پيا لکجن. مثلاً ايٽ، ائٽ، هنئر، هينئر، جڏهن، جڏهين، تڏهن، تڏهين، ڏئو، ڏيو ڏيئو، سئارو، سيارو، سيئارو، ڪئو، ڪوئو، زالون ويون، زالون ويئون، هو آيا هوا، هو آيا هئا، وغيره“ (صفحو 196)

صاحب ديوان به اهڙا لفظ ٻنهي صورتن ۾ پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيا آهن، جيتوڻيڪ اهڙن لفظن جي هڪڙي ئي بيهڪ عام ڪرڻ جو جتن ڪرڻ جڳائي هيلتائين اهي هر صورت ۾ ڪم ايندا رهيا آهن جنهن باعث ابتدائي جماعتن جي ٻارن ۾ اهڙن لفظن جي لکڻيءَ ۾ پيدا ٿيل مونجهارن کي ٻنجي ڏيڻ بدران ويتر تقويت ملي رهي آهي.

صاحب ديوان جن اکرن بابت دعوت غور و فڪر ڏنو آهي سي آهن ڃ، ڱ، ڻ، وغيره جن ۾ غنون موجود محسوس ٿئي ٿو ان سلسلي ۾ به ڀيرومل آڏواڻي صاحب ساڳئي مضمون ۾ ٻي هنڌ رقمطراز آهي ته:

”سنڌي درسي ڪتاب جي ننڍڙي هوندي مون پاڻ پڙهيا هئا تن ۾ اڃان، چڱون وغيره لفظ لکيل هوندا هئا. هن وقت ڪي لکن اڃا ته ڪي لکن اڃان. ساڳيءَ ريت ڪي چڱيون ته ڪي چڱون لکن ٿا. جنهن صورت ۾ ڃ ۽ ڱ اکرن ۾ نڪ جو اچار اڳيئي سمايل آهي تنهن صورت ۾ چڱو ائين ٿيندو ته اڃا، چڱو، مڱڻو، سڱ، مڱ، وغيره ۾ ”ن“ نون نه وجهي (صفحو 791)

ان منجهان جيتوڻيڪ انهن اکرن جي غنون جي موجودگيءَ يا غير موجودگيءَ جو ٺوس فيصلو ملي وڃي ٿو پر ته به غور طلب مسئلو اڃا به پنهنجي جاءِ تي قائم ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

به، نه، ته، ٻه جهڙا لفظ هڪ اکر تي مشتمل آهن. آخر (هه) جو تصور ڪڏهن به هن کان اڳ ۾ شايد ڪنهن جي غور هيٺ نه آيو آهي، جيتوڻيڪ آئون ڪو ٻولي جو ماهر ڪونه آهيان پر هڪ طفل مڪتب جي حيثيت سان سمجهان ٿو ته ٻوليءَ جي ماهرن اُن کي فارسيءَ کان متاثر ٿي تشڪيل ڏنو ٿو ڏسجي، ڇو ته فارسي اسانجي علائقي جي ايتري جهوني زبان ٿي رهي آهي جيترو هن علائقي ۾ مسلمانن جي تواريخ قديم آهي. انهن هڪ اکري لفظن جي اها شڪل ٻوليءَ ۾ اهڙو ته رچي بسي ويئي ٿي ڏسجي جو ”ه“ جو آواز ۽ اچارڻ سان ڪوبه واسطو نه رهيو پر لکيت ۾ ان ڪري اهميت ڏيڻي پئي ٿي ته جيئن اهي اکر نه، پر ”لفظ“ پڙهڻ ۾ اچن.

تنوين جي سلسلي ۾ آئون ايترو ضرور چوندس ته جتي يقينن لفظ کي اسين يقينن لکڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون اتي اهو عام مروج لفظ پڻ پيو لڳي. اهڙيءَ طرح سان ان جي شڪل جي تعين جوڙجڪ طئي ٿيل آهي. اگر انهن لفظن کي غور هيٺ آڻڻ مقصود آهي ته پوءِ جيتوڻيڪ تنوين سان انهن لفظن جو ڪوبه واسطو نه آهي پر شڪل و صورت جي تعين لاءِ هنن لفظن ڀلا ڪهڙو ڏوهه ڪيو جن کي يڪسر نظر انداز ڪري ڇڏجي. اهي لفظ آهن:

موليٰ (مولا)، عقبيٰ (عقبا)، تقويٰ (تقوا) وغيره. اهڙي قسم جي لفظن جي صحيح بيهڪ جوبه تعين ضرور پيو محسوس ٿئي، ٿي سگهي ٿو ته ان نوع جا ٻيا به ڪي لفظ هجن جيڪي نه مخدوم صاحب جي ذهن ۾ آيا آهن نه منهنجي ذهن ۾. ڪنهن ٻي کي سجهندا هوندا ته اهي به اهڙا ئي تعين جا اڃايل معلوم ٿيندا.

مطلب ته ٻوليءَ جي ماهرن، تعليم جي ماهرن، توڙي اهل علم حضرات لاءِ لهجه فڪر آهي. ان کي با اختيار بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪو سيمينار ڪوٺايو وڃي جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، پروفيسر الانا صاحب ۽ اياز قادريءَ صاحب جي پايي جا ماهر لسانيات پنهنجن مقالن جي ذريعي ٻوليءَ جي انهن پيچيدگين تي روشني وجهي وقت جي با اختيار حضرات کي الف ب جي نئين تجويز ڪيل تختيءَ کي رائج ڪرڻ لاءِ زور ڀرين. اهو سيمينار سنڌي ادبي بور کي ڪوٺائڻ گهرجي يا ته ان جو اهتمام نيشنل بُڪ فائونڊيشن پاڪستان کي ڪرڻ جڳائي. انهن ٻنهين ادارن کي ان سلسلي ۾ هينئر کان ئي تحريڪ ۾ آڻڻ گهرجي. ان لاءِ هڪ ڀرپور مهم جي ضرورت آهي.

اهڙو ڪو مسئلو جيڪڏهن ڪنهن ڌارينءَ ٻوليءَ آڏو درپيش هجي ها ته هوند سيمينار ته ڇا ان تي کوجنائون شروع ٿي وڃن ها ۽ تيستائين ساهه نه پٽين ها جيستائين رائج العمل نه بنائين ها. پر خبر نه آهي ته اسان جا سنڌي غفلت جي الائجي ڪهڙي ننڊ ۾ ستا پيا آهن اگر ڪو جاڳائين ٿو، بيدار ڪرين ٿو ته به اگهور ننڊ مان سجاڳ هر گز نٿا ٿين. خدا ڄاڻي ته هو الائجي ڪهڙي نشي ۾ آهن جو نشو هرگز لهين ئي نٿو. خدا شال کين پنهنجي ٻوليءَ سان چاهه جي توفيق عطا فرمائي. آمين.

 

ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي

 

ديوان طالب الموليٰ ڪتاب جي مهاڳ بابت راءِ

سنڌي علم و ادب جي هڪ ممتاز شخصيت ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا جناب حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جو هيءُ سورهون ڪتاب ديوان طالب الموليٰ 1983ع جي سنڌي نظم جي ڇپيل ڪتابن ۾ گهڻن ڳالهين کان سر فهرست آهي.

481 صفحن تي پکڙيل هيءَ ضخيم ادبي سوکڙي طالب الموليٰ جن جي شاعرانه زندگيءَ جي طويل سفر جي مختلف دورن جي عڪاسي ڪري ٿي جن کي جناب انور هالائي چئن مکيه دورن ۾ ورهائي ٿو.

سال 1935ع کان موجوده دور تائين (بلڪ 1977 تائين) چيل طالب الموليٰ جن جو ڪلام هن ديوان ۾ بفضل خدا محفوظ ٿي چڪو آهي.

ناقد ۽ پارکو ڀل هن ديوان جي ڪلام کي مختلف زاوين کان پرکين، پر ايترو ضرور چوڻو پوندو ته، طالب الموليٰ جو ڪلام 1935ع کان اڄ تائين پنهنجي پختگي برتري، بهتري ۽ مقبوليت جي مڙني منزلن کي برابر عبور ڪندو اڳتي وڌندو رهيو آهي.

شاعرانه حسن تغزل ۽ محبوبانه حجتون ۽ رندانه ڪيفيتون هن ڪتاب جون نمايان خوبيون آهن، اگرچه طالب الموليٰ جو سمورو ڪلام سندن عظيم منصب جي شايان شان آهي پر تڏهن به پاڻ اڪثر هنڌن تي اهڙو اظهار ڪندا اچن ٿا ته رندي ۽ مخدومي ۾ مان رنديءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏيان ٿو ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته حضرت طالب الموليٰ جن پنهنجي شاعرانه فن کي ڪمال جي عروج تي پهچائڻ ۽ حائل سڀني رسمي ۽ روايتي ديوارن کي پاش پاش ڪندا اڳتي وڌيا آهن ۽ ان طرح پاڻ شاعرانه عظمتن سان همڪنار ٿيڻ لاءِ سمورا لوازمات بدرجهء اتم پورا ڪندا رهيا آهن.

حضرت طالب الموليٰ جن جي ادبي شخصيت بابت مختصر کان مختصر طور لکڻ ۾ به تمام گهڻو اوراق درڪار آهن. مجموعي طور طالب الموليٰ جن جي تصنيفن ۾ ڪجهه نثر جا ڪتاب آهن ڪجهه نظم جا. نثر جي ڪتابن ۾ ڪي بلڪل ٺيٺ تحقيقي نوعيت جا ڪتاب آهن جيئن ”ڪافي“ ۽ ڪي ديني مواد تي مشتمل آهن ۽ ڪي ترجمو ٿيل آهن.

نثر جي ڪتابن ۾ سندن لکيل ڪتاب ”ڪافي“ ڪافي شهرت جو حامل رهيو آهي ۽ علمي ادبي حلقن ۾ هن تحقيقي ڪتاب جي گهڻي تعريف ڪئي وئي آهي ۽ اهو گذريل ڏهن سالن کان لاڳيتو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايم اي جي ڪورس تي رکيل هڪ اهم نصابي ڪتاب آهي.

حضرت طالب الموليٰ جن جون سموريون ئي تصنيفون ٻين لکندڙن کان هڪ ڳالهه ۾ بلڪل نمايان ۽ منفرد رهيون آهن اها ڳالهه آهي ته جن سندن محققانه مهاڳ ڪافي ڪتاب جو مطالعو ڪيو هوندو سي منهنجي هن راءِ سان ضرور متفق هوندا ته طالب الموليٰ جي ڪتابن جو مهاڳ پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم ادبي شاهڪار هوندو آهي.

ساڳي طرح حضرت طالب الموليٰ جن جو ديوان طالب الموليٰ بابت طويل مهاڳ جو مطالعو ڪندڙ يقينن طالب الموليٰ جي شاعرانه عظمت سان سندن محققانه حيثيت ۽ اهميت جو به اعتراف ڪندا. هن ۾ پاڻ اهڙن ادبي اهميت جي نڪتن جي نشاندهي ڪن ٿا جن تي هن کان پهرين اهل ادب اڪثر خاموش رهندا آيا آهن.

طالب الموليٰ جن جو هي مهاڳ سندن طويل مطالعي ۽ محققانه طبعيت جو پڌرو ثبوت آهي. جنهن جي پڙهڻ سان چئي سگهبو ته هي روحاني پيشوا ۽ هڪ عظيم شاعر هڪ ماهر لسانيات ۽ مسلسل مطالعو ڪندڙ سنڌي ادب جو گهڻگهرو ۽ خير خواهه آهي. اهوئي سبب آهي جو حڪومت کين ڏهن سالن تائين لاڳيتو سنڌي ادبي بورڊ جهڙي عظيم اداري جو چيئرمن نامزد ڪيو جنهن اداري کي سندن تقرر مان هيڪاري چار چنڊ لڳي ويا ۽ سندن موجودگي ادبي بورڊ لاءِ باعث افتخار رهي.

هن مهاڳ ۾ طالب الموليٰ جن انساني تهذيب جي تمام قديم دورن تي روشني وڌي آهي ۽ انساني تهذيب ۽ تمدن ۽ سماجي لاڳاپن جي لاڳيتي ۽ تقابلي مطالعي مان پاڻ اهو ثابت ڪن ٿا ته ٻوليون آواز ۽ مخرجون ڪيئن وجود ۾ آيون ۽ انهن ڪيئن ترقي ۽ بهتريءَ جون منزلون عبور ڪيون ان لاءِ پاڻ سندن مشرقي زبانن جي تاريخي جغرافيائي ادبي ۽ شاعرانه اندازن ۽ لهجن جي مسلسل ۽ تقابلي مطالعي جي نچوڙ کي هن ڪتاب ۾ پيش ڪري ڪيترا گرانقدر مشوره ڏنا اٿن ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي سچي نج سون ۽ دانستا يا اڻ ڄاڻائي کان ملندڙ مٺ کي ڪڍي ڌار ڪرڻ لاءِ اهم مشوره ڏين ٿا ۽ ان کان لاپرواهي ڪرڻ جي نتيجن کان به خبردار ڪن ٿا.

هڪ مصروف ترين شخصيت جون اهي ادبي خدمتون قابل قدر آهن. سندن فيلڊ شاعري ضرور آهي پر شاعريءَ جي توصيف ۽ دائري ۾ ايڏيون محنتون شامل نه آهن سندن گوناگون مصروفيتن جي باوجود پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي هنن ضرورتن طرف اهل علم جو توجهه ڇڪائڻ لاءِ وقت ڪڍيو اٿن ان لاءِ اهل ادب ۽ سنڌي ادب سندن ٿورائتو رهندو.

هن سجاڳ سخندان ۽ سخن پرور ۽ سخن شناس بابت جناب مولانا غلام محمد گرامي صاحب جن بڪل بجا لکيو آهي ته؛

”طالب الموليٰ جي فن کي مخلص ۽ محقق فنڪار جي حيثيت سان، جديد ۽ قديم معيارن ۽ قدرن تي پرکڻ کان پوءِ ڪلام جي تاثر کي ڏسي ائين ٿو معلوم ٿئي ته طالب الموليٰ جي شاعري تصنع ۽ تڪلف جي پيداوار ئي ناهي پر شاعري سندن فڪر ۽ فن، ذوق جماليات ۽ روحاني واردات مان ائين وهڪرا ڪري نڪتي آهي جيئن پهاڙ مان ڌارا“

”طالب الموليٰ جي ڪلام ۾ زباندانن لاءِ سنڌي زبان جي لغوي صحت ۽ درست استعمال لاءِ نادر مثال به موجود آهن ۽ هڪ صاحب ذوق ۽ شعر فهم جي اعليٰ ۽ اوچي شعري معيار جي تسڪين لاءِ جاذب نگاره عنصر به آهن.“

صاحب ديوان طالب الموليٰ جن جو هي خيال ته ٻوليءَ سان ”زور آزمائي ۽ هٿ چوراند ڪرڻ، ٻوليءَ سان خيانت ڪرڻي آهي جا هر گز نٿي ٺهي؛“ بلڪل معقول ۽ مناسب آهي ته اڳتي هلي اهو به اظهار ڪن ٿا ته ٻولي ۾ ”ڄاڻي واڻي ڌاريا لفظ ٽنبيا نه وڃن ڇو ته سنڌي ٻوليءَ وٽ پنهنجو عظيم خزانو موجود آهي ته پوءِ اڌار ڇو کڻجي، منهنجي هن راءِ مان پڻ اهل علم متفق هوندا ته لفظ ”تمام“ جو استعمال پڻ اسان وٽ صحيح نه ٿو ڪيو وڃي مثلاً

”پوري تمام رات ٿي رازو نياز ۾“

چوندڙ جو مطلب هي هوندو ته سڄي رات راز ۽ نياز ۾ گذري وئي. پر لفظ تمام جو استعمال سنڌي مزاج مطابق نه ڪيو ويو آهي. اسان وٽ لفظ تمام جي معنيٰ آهي ”تمام گهڻو“ يا ”انتهائي“ ۽ نه ڪ ”سڄي يا سڄو يا سمورو“ ساڳي طرح ”پوري“ يا ”پورو“ لفظ به اهڙي طرح استعمال ڪيو وڃي ٿو مثلن:

”پوري قوم توهان جي مشڪور ۽ ممنون آهي.“

چوندڙ جو مطلب هي هوندو ته سڄي قوم توهان جي شڪر گذار آهي پر هتي پوري لفظ جو استعمال اڻ ٺهندڙ آهي چوڻ کپي ته:

”سڄي قوم توهان جي مشڪور ۽ ممنون آهي.“

سنڌيءَ ۾ پوري لفظ جو استعمال هيئن ٿيندو آهي،

”چانهه مهمانن ۾ پوري ٿي آئي.“

”جڏهن تقرير پوري ٿي ته موسيقي جو پروگرام چالو ٿيو.“

”ءَ“ جي آواز بابت ڪڏهن ڪڏهن اسان وٽ بي پرواهي ۽ زيادتي ڪئي وڃي ٿي مثال طور چوندا آهن ”سفر ۾ بستري ۽ پيتي جو خانو خراب ٿي ويو. هنڊي جي قلعي ختم ٿي چڪي آهي.“

دراصل هنن لفظن کي ههڙن جملن ۾ پيتي جي بدران پيتيءَ چوڻ کپي ۽ هنڊي جي بدران هنڊيءَ چوڻ کپي.

اهڙي طرح حضرت طالب الموليٰ جن جا ٻوليءَ جي صحت بابت هي مشوره پڻ وزندار ۽ وقتائتا آهن ته ٻين زبانن جا لفظ هروڀرو ۽ زورمس ڪري ۽ بگيڙي ڪم نه آڻجن جيئن ڌلائڻ هرائڻ ۽ مسڪرائڻ وغيره اسان وٽ لفظ ”اپنائڻ“ جو استعمال پڻ ڪثرت سان ڪيو وڃي ٿو ان کان به احتراز ڪرڻ چڱو ٿيندو اهڙي طرح مخدوم صاحب جن جا اهي دليل ۽ مشوره دراصل ٻوليءَ جي صحتمندي برقرار رکڻ لاءِ معقول چتاءُ آهن.

هن مهاڳ ۾ جنهن مکيه ڳالهه طرف عالمن ۽ لسانيات جي ماهرن، دانشورن ۽ ادبين ۽ شاعرن جو ڌيان ڇڪايو ويو آهي اهي اکر يا آواز هي آهن جيڪي آهستي آهستي اسان ترڪ ڪندا اچون ٿا.

ڙهه، لهه، مهه، نهه، ڻهه،

انهن اکرن ۽ آوازن جي ضرورت ۽ اهميت کي نظرانداز ڪرڻ ٻوليءَ سان زيادتي ڪرڻ جي برابر آهي ۽ انهن جي آوازن ۽ اکرن جو بهتر ۽ شاندار استعمال ڪرڻ لاءِ حضرت طالب الموليٰ پنهنجي ديوان ۾ ڪيترا خوشگوار تجربا ڪيا آهن.

بلڪ ائين کڻي چئجي ته ان مقصد کي اڳيان رکي پاڻ پنهنجو ديوان مرتب ڪيو اٿن ۽انهن آوازن کي رديف بنائي عملي نموني پيش ڪيو اٿن جيئن پاڻ لکن ٿا ته ”ڪو زمانو هو جڏهن صاحب ديوان شاعري جي وڏي اهميت هئي مگر گهڻي وقت کان ديوان مرتب ڪرڻ جي ضرورت هن ڪري محسوس ٿي ته اهي اکر جيڪي الف ب واري تخطيءَ ۾ شامل نه ڪيل آهن انهن کي رديف بنائي عملي نموني پيش ڪريان. (ص 7.) اهي حرف اکر يا آواز جن طرف جناب طالب الموليٰ جن ماهرن جو توجهه ڇڪائين ٿا لسانياتي ۽ صوتي سائنس جي اعتبار کان سمورا ڳرا آواز آهن ۽ وسرگ آواز آهن ڇو ته انهن جي اچارڻ ۾ هو ڌوڪ ڌڪامي سان گڏ شامل آهن. جيڪي ڳالهائڻ جي مختلف عضون جي مدد سان اچارجن ٿا مثال طور:

گهه                             نرم تارون سان

جهه                            سخت تارون سان

ڻهه                     موردينه يا زبان موڙ

لهه                             ”   ”      ”  ”

ڙهه                             ”  ”     ”   ”

رهه                      مهارن سان

لهه                     ”  ”  ”

نهه                      ” ” ”

مهه                      ٻن چپن سان

حضرت طالب الموليٰ جن هن تحقيقي مهاڳ ۾ سنڌ جي عرب ۽ ايران مان لاڳاپن تي به روشني وڌي آهي انهن لاڳاپن جي سنڌي ٻوليءَ تي پيل اثر جو جائزو ورتو آهي ۽ پڻ سنڌ ۾ اردو زبان جي ابتدا نيپاج بابت ماهرن جا رايا قلمبند ڪيا اٿن ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو علائقو ايترو ته پکڙيل هو جو ملتان به ان ۾ اچي ٿي ويو. ان بابت پڻ مخدوم صاحب جن تاريخي حوالا پيش ڪري سنڌي ادب ۾ محققن لاءِ راهون هموار ڪيون آهن.

حضرت طالب الموليٰ جن سنڌي شاعرن جي رهنمائي لاءِ ۽ پڻ جديد تنقيدي رجحانن کي صحيح ۽ صحتمند سمت ڏيڻ لاءِ مشوره ڏيندي لکن ٿا ته:

”سنڌي زبان ۾ پرديسي شاعري ڪجي ته ان کي عربي فارسي ومحاورن ۽ ترڪيبن سان سينگارجي ۽ ديسي شاعري (بيت ڪافيون) ڪجي ته ان کي سنڌي محاورن ۽ ترڪيبن سان سنوارجي پرهيترو ڌيان ضرور رکجي ته ان ۾ سنسڪرت ۽ هندي جا لفظ جملا ۽ ترڪيبون حرف اهي استعمال ڪجن جن کي سنڌي ٻوليءَ پنهنجو بنائي ڇڏيو آهي.“

ديوان طالب الموليٰ ۾ درحقيقت هڪ ئي جلد ۾ ٻه اهم ڪتاب محفوظ ڪيل آهن ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جو مهاڳ پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم تحقيقي مقالو آهي جيڪو عالمن ۽ نقادن ۽ محققن ۽ لسانيات جي ماهرن کي دعوت فڪري ڏئي ٿو.

جيڪڏهن هي مقالو الڳ شايع ڪجي ها ته به پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم ادبي دستاويز هجي ها (جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻي جو مقدمه لطيفي) ۽ ديوان طالب الموليٰ به شاعريءَ جي لحاظ کان هونئن به هڪ مقبول ادبي سوکڙي هجي ها پر هنن ٻنهي ڪتابن کي يڪجا ڪرڻ کي طالب الموليٰ جن ان ڪري ضرور سمجهيو هوندو ته جيئن پاڻ ڪيترن ترڪ ڪيل آوازن کي رديف بنائي جيڪي مثال پيش ڪن ٿا تن جي حوالي لاءِ پڙهندڙن کي فوري طور مناسب ۽ معقول مواد دستياب ٿي سگهي.

ڪتاب جي آخر ۾ فرهنگ ديوان طالب الموليٰ جي شامل ڪرڻ سان پڙهندڙن لاءِ وڌيڪ سهو لتون پئدا ٿيون آهن. ديوان جي ڪتاب لاءِ مسٽر خدا بخش ابڙي جهڙي خوشخط فنڪار جي واضح ۽ سهڻي تحرير هن ڪتاب جي نمايان خصوصيت آهي ڪتاب جو انتساب به انوکو آهي ۽ صاحب ديوان جي جاذب ۽ دلڪش تصوير ۽ ان سان گڏ ڪهنه مشق اديب ۽ دانشور جناب انور هالائي جا جناب طالب الموليٰ جي شاعري ۽ هن ديوان بابت نهايت ۽ وزندار رايا وضاحتون ۽ سندن ترتيب ۽ ادارت هن ڪتاب جون مکيه خوبيون آهن.

 

خط ۽ رايا

 

 

السلام عليڪم         امابعد!

سرڪار جو نوازش نامو ۽ ديوان طالب الموليٰ جو نسخو عنايت ٿيو بي حد ممنون مشڪور آهيان.

الحمدالله اوهان جو ذوق علم و ادب پنهنجي جاءِ تي مثل ستاري قطب نمايان آهي. اوهان پنهنجي ايام غنفوان وشباب کان وٺي انهي دشت جي سياحي فرمائي رهيا آهيو. ازانسواءِ خانداني اعتبار سان به اوهان سنڌ جي اعليٰ خاندانن مان واحد خوش قسمت آهيو جن کي علم ادب جي ورثي سان گڏ شعر وشاعري به ورثي ۾ ملي آهي. اوهان ان ورثي تي ڪڏه قناعت ڪونه ڪئي بلڪ پنهنجون نيون راهون فن ۾ تلاش ڪيون ۽ نئين دنيا جي تلاش ڪئي.

آءٌ بلا مبالغه عرض ڪندس ته اوهان ان راه ۾ ڪامياب رهيا آهيو. شعر وادب جي لاءِ درد دل جو هجڻ ۽ طبعيت جو حسن پسند هجڻ به لازمي آهي جو به فياض ايدي اوهان کي ڪافي فراخ دلي سان عطا فرمايو آهي.

ديوان ماشا الله ديده زيب آهي، پر اندر ۾ ڪاتبن جي ڪارواين کان آءٌ متاثر نه ٿيو آهيان فن خطاطي ته سنڌ جي مشهور هئي خدا ڄاڻي ڪنهن جي نظر لڳيس.

ديوان جي مطالعي لاءِ جمعيت خاطر ۽ يڪسوئي درڪار آهي جنهن کان هن وقت محروم آهيان. ليڪن ڪتاب هٿ ۾ اچي ان جي ورق گرداني نه ڪجي اهو به منهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي ڇاڪاڻ ته ڪتاب ڏسڻ کان پوءِ طبعيت بي قابو هوندي آهي.

ديوان حافظ جي فال وانگر سرڪار جي ديوان مان به چند هنڌن تي ٽٻيون هيم جن مان جيڪي مون کي پسند آيو آهي اهو عرض رکان ٿو:

 

1.      جو ڪم آزار آهي سوئي چئبو خوبتر ماڻهو

چڱائي ٿو سکي جڏه ٿئي زير و زبر ماڻهو

 

2.      وڏي هڪ تجربي ۽ تجزئي کان پوءِ چوان ٿو مان،

اکين هوندي تيئن الله کان ڪيئن بي خبر ماڻهو.

 

3.      فرشتن کان فضيلت ۾ بشر هر طرح افضل ٿيو

خدا جي راز جا مظهر به ٿيا پيغامبر ماڻهو

ماشا الله پورو غزل مرصع آهي ۽

 

4.      رڳوئي ليڪو پيو ٿو ڪٽجي ۽ نانگ نڪري ويو ڪڏهو ڪو

نه دين مذهب رهيو آه باقي مگر زبان تي فقط فسانا

 

5.      اڄ نگاه ساقي ۽ مهوش کان پي آيو آهيان

زيست نئين حاصل ڪيم محفل مان ٿي آيو آهيان.

 

6.      مون عبائن ۽ قبائن ۾ ڏٺا لات و منات

تنهن جي در پير مغان ڄاڻي ٻجهي آيو آهيان

 

7.      ڄڻ اڄ زمين و آسمان پيوست ٿي ويا،

جذبات مان جو سيني تي سينو اچي ويو.

سو خود ڪفيل طالب الموليٰ سدا رهي

هٿ جنهن کي عشق وارو خزانو اچي ويو.

 

سرڪار! هي اشعار ڪنهن منهن جي ڪاوش جو قطع نتيجو ڪونه آهن بلڪ سراسري نظر آهي. مون کي يقين آهي ديوان طالب الموليٰ مان ڪيئي جواهر پارا ملندا جيڪي زبان وزد عام ٿيندا ۽ ياد رهندا خداوند ڪريم سرڪار کي وڏي عمر عطا فرمائي سدائين خيروعافيت سان هجو صاحبزادن ۽ خاندان سان خوشين سان هجو، آمين

طالب دعا

خادم اوهان جو علي احمد ٽالپر

***

گذارش ته اوهان جي ادبي محنت ”ديوان“ جي صورت ۾ منظر عام تي پهچي چڪي آهي، جنهن لاءِ دل جي گهراين سان مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو.

اميد ته پريقينن اوهان جا ادبي شهپارا ادبي راه ۾ اسان پارن نون ادبي پانڌيئڙن جي رهنمائي ڪندا.

نياز مند

مقصود گل

ابن قاضي عبدالحي ”قائل“

لطيف ادبي سنگت رتوديرو

***

طالب الموليٰ صاحب، زادالله اقبالکم

بخدمت جناب خجسته خطاب،. سرور ثاني، قبله

بعد از آداب وتسليمات، تڪريم و تعظيمات وعيلڪم السلام ورحمت الله و برڪاتہ عرض ته سائينءَ جن جو دعانامو، عنبر شمامو ۽ ڪتاب جو گرانقدر تحفو حاصل ٿيو دل کي گهڻو سرور حاصل ٿيو. سائين جن واقعي مون جهڙن مسڪين تي وڏا وڙ ۽ احسان ڪرڻ فرمائين ٿا. سائين جن جي هن شعر موجب مون کي:

ياد ڪونهي مون سوالي کي ڪڏهن خالي ڇڏيئن،

شڪر، سائين، صاحب جو دو سخا حاصل ڪيم.

گستاخي معاف، اوهان جي شعر مان دلبر، لفظ جي جاءِ تي سائين وڌو اٿم. 2. عرض ته مون پنهنجي ليک ۾ هڪ اڌ لفظن جي نشاندهي ڪئي هئي. والله باالله ته اهي غلطيون نه آهن. فقط طالب الموليٰ سائين جو، انهن لفظن ڏانهن ڌيان نه ويو آهي جهڙيءَ طرح ”ماڻهو“ رديف واري غزل جي مقطع ۾ لکيو ويو آهي. ”صاحب نظر ماڻهو“ بلڪل صحيح آهي، مگر ٿورو ڌيان ڏبو ته صاحب نظر ۾ زير اضافت گم ٿي وڃي ٿي اتي جيڪڏهن اهل نظر لکبو ته منهنجي هڪ دوست جي چوڻ موجب، وڌيڪ فصيح ٿيندو. حالانڪ صاحب نظر ۾ غلط ڪونهي.

3. عرض ته گذريل جمع تي اسان جي ڳوٺ جي مسجد ۾ هڪ مولوي صاحب تشريف فرما ٿيو هو. هن سان خصوصي ڪچهري ۾ حضرت آدم عليہ السلام ۽ ٻولي بابت ڪجهه گفتگو ٿي. مولوي صاحب جديد خيالن جو ماڻهو به هو، هن فرمايو ته: مون ڪنهن ڪتاب ۾ محمد هاشم ٺٽوي عليہ رحمت سان پڙهيو آهي، ته حضرت آدم عيلہ السلام کي (80) جدا جدا ٻوليون سيکاريون ويون هيون. ٻيو ته جڏهن عرفات تي حضرت آدم ۽ بيبي حوا پهتا هئا ته هڪٻئي کي سڃاتائون ۽ گفتگو ڪيائون تڏهن انهي هنڌ عرفات يعني سڃاڻڻ وارو هنڌ نالو پيو حضرت آدم جيڪا دعا گهري هئي جنهن هجو قرآن شريف ۾ عربي ۾ ترجمو آيو آهي: (ياالله) تون اسان کي معاف ڪر اسان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي... دعا گهرڻ مهل حضرت آدمؑ ڪا ٻولي ڳالهائي هئي. ڪتاب رهنمائي شاعري مصنف خيال هو ته ان دردناڪ واقعي کان متاثر ٿي حضرت آدمء هڪ دردناڪ شعر چيو هو...

اهي ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته آدم ۽ ان جو اولاد (آدمي) ٻوليون سکيل هئا.

عرض ته آءٌ اهڙي ٻهراڙيءَ ۾ رهانٿو جتي اخبار روزانه ڪانه ايندي آهي. ڪو ماڻهو خيرپور ناٿن شاهه يا دودو ويندو آهي ته اخبار آڻيدو آهي تازو هڪ اخبار ۾ پڙهيم ته حضرت طالب الموليٰ جپان علاج لاءِ اسري ٿو...

وري ٻئي دوست ڳالهه ڪئي ته ٻي اخبار ۾ اوهان ترديد ڪئي آهي براه ڪرم ناچيز کي معتارف ڪرڻ فرمائيندا ته حقيقت ڇا آهي؟ الله الشافي اوهان کي صحت عاجله و ڪامله عطا فرمائي.

آخر ۾ عاجزانه عرض ته خصوصي دعائن ۾ ياد فرمائيندا، ڇو ته:

نگاه مرد مومن سي بدل جاتي هين تقديرين

احمد خان آصف

جنرل سيڪريٽري، بزم طالب الموليٰ شاخ

پير رکيل ريلائي

***

حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب

جيئن ته توهان صاحبن جو (ديوان طالب الموليٰ) پڙهڻ جو شرف مليو، حالانڪ مڪمل پڙهي نه سگهيو آهيان بلڪ جيڪي ٻه چار ورق پڙهيا اٿم سي قابل تحسين آهن ۽ سچ پچ ته آفرين ۽ مبارڪ ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ هيءُ مقالو، مضمون يا راءِ نه آهي پر، موتين کي ميڙي خوبصورت مالها ٺاهڻ تي هن عاجز طرفان مبارڪ اميد ته قبول پوندي .

اسان کي يقين آهي ته اهڙن ناياب ڪتابن کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ مان اسان کي گهڻو ڪجهه ملندو. ۽ دعا ڪندا ته اسان پاڻ اوهان جهڙن بزرگ هستين جي صحبت ۾ ڪجهه پرائي سگهون (آمين)

خلوص سان

”عاشق“ هالائي هالا پراڻا

***

اديب العصرو فياض الدهر  دام مجده

السلام عليڪم

اوهان صاحبن جو ڪتاب ديوان طالب الموليٰ پهتو ياد آوريءَ لاءِ مهرباني.

قبله سائين دل جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان، تنهنڪري ڊاڪٽرن جي مشوره موجب لکڻ پڙهڻ مطلق بند ڪري ڇڏيو اٿم. مبادا مرض وري اٿلي پوي هينئر به ڪراچي جي مشهور ڊاڪٽر ايس ايم رضا ”ماهر امراض دل“ کي ڏيکارڻ ويو هوس، ۽ تازو ڪالهه آيو آهيان.

ديوان جي ديباچه ۾ لهه، ڙهه، وغيره جو نهايت دلچسپ ۽ عجيب بحث ڇيڙيو اٿو، جنهن تي علم لغات ۽ لسانيات جا ماهر گهڻو ڪجهه لکي سگهن ٿا. ڏسجي ته ڪو ميدان تي اچي ٿو!

طبعيت جي ناسازيءَ سبب، ٽي ڪتاب پريس جو منهن ڏسي نٿا سگهن، جو اڃا مٿن نظر ثاني ڪرڻي آهي.

(1) اشتقاقي لغات لطيف (2) لاڙڪاڻي ضلعي جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (3) اصلاحن جي اصليت

اميد ته سائين جن خوش هوندا،

مزيد خير والسلام

طالب دعا سنديلو

***

بخدمت گرامي اعليٰ حضرت مخدوم صاحب قلبه

السلام عليڪم: ديوان به مليو، ان کان پوءِ ڇپيل خطه به. جواب ۾ دير ٿي ويئي آهي. تنهن لاءِ شرمسار ۽ معافي طلب آهيان.

اوهان جو ديوان اعليٰ درجي جي عملي ڪارنامو آهي. غزل اسان جي شيءِ نه آهي، اسان جو ورثو ۽ مرڪ ڪافيون ۽ بيت آهن، ان هوندي به اوهان ان بديشي زمين ۾ ڪمال جي پوک پوکي ڇڏي آهي. اوهان کي ياد هوندو ته جڏهن مون حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن کولي، ان جو افتتاح اوهان صاحبن کان ڪرايو هو ته مون پابندي عائد ڪئي هئي ته ان اسٽيشن تان ڪافيون نشر ڪيون وڃن ۽ ٻيءَ بڪواس سان سنڌ جي مزاج ۽ مذاق بگاڙيا نه وڃن. ان مان ظاهر هو ته شعر جي باقي جنسن کان آءٌ ڪيتريقدر پري ڀڄندڙ هوس.

پر اصولي ڳالهيون درڪنار، سائين جن جا جوڙيل غزل مون لاءِ تبرڪ جي حيثيت رکن ٿا. ٺيٺ علمي زبان جي لحاظ کان انهن جو مقابلو ئي ڪنهن به غزل گو سنڌي شاعر جو ڪلام ڪري ڪو نه ٿو سگهي. آءُ بعد نيازو آداب مبارڪباد جو ناچيز هديه پيش ڪريان ٿو. اوهان علم جو ڏيئو ٻاريو ويٺا آهيون. الله تعاليٰ اوهان کي عمر خضري عطا فرمائي. اوهان اسان جي مٿي جا موڙ آهيو، علم جي جڳ جي جنسار آهيو.

دل ڏاڍي گهري ٿي ته ٻه ٽي ڏينهن اوهان جي خدمت ۾ رهي ڪي محفلون ڪجن. پر شايد اهيو تڏهن ٿئي جڏهن ملاقات جي موسم موٽي اچي.

صاحبزادن جي خدمت ۾ نياز

دعاگو

علي محمد راشدي

***

سائين منهنجا، السلام عليڪم؛

”ديوان طالب الموليٰ“ ۽ ”صبح و شام ڪوه مري“ جي ڪاپين لاءِ مهرباني، انهي ٻنهي ڪتابن جي اشاعت جو (مرحوم) ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني سان اڪثر ذڪر ٿيندو هو. شڪر آهي جو ٻيئي ڪتاب شايع ٿي ويا.

اوهان راءِ پڇي آهي، ادب ۽ تنقيد مستقل فن آهي ۽ مان ان فن جو ماهر ڪونه آهيان. پر اوهان جي ارشاد جي تعميل خاطر پنهنجي ذاتي تاثر کي بيان ڪريانٿو.

1. شام ۽ صبح ڪوه مري کي هڪ طويل نظم ڪوٺجي ته شايد مناسب ٿئي. مون حيدرآباد کان ڪراچيءَ ويندي، ان کي اطمينان ۽ توجهه سان پڙهيو ۽ جڏهن ان کي پڙهي پورو ڪيم ته اوهان کي ڏاڍي محبت سان ياد ڪيم. اوهان سان محبت ته هونئن به ۽ هميشہ رهي آهي، ۽ اوهان جي اندر ۾ جيڪو شاعر آهي، اهو انهيءَ نظم پڙهڻ بعد ڏاڍو وڻيو ۽ سڪ سان ياد آيو. شال ان شاعر کي الله پاڪ هميشہ شاد ۽ آباد رکي. سنڌ،. جيجل ماءُ جا مٿس سوين سلام هجن!

اڳ هئين در تان ڌڪيندو، اڄ خوشامند ٿو ڪرين

هاڻ شايد تنگ ٿي پئين پنهنجي ديواني منجهان

 

تون صنم ٻي هر ڪنهن شيءِ کان پيارو ٿو لڳين

پر فقط اي بيوفا، منهنجي وفا تو کان وڌيڪ

 

يقيناً پوري عالم کي نظر شق القمر ايندو

ڪو بيهاري ڏسي محبوب کي بدرالد جيٰ سان گڏ

 

چنڊ ۽ چانڊوڪين سان دلبر ئي ختم ٿي

پر اڃا ئي ڏينهن جا تارا ڳڻيندا ٿا وتون

 

اڄ ايترو ته دختر - رز سرد مهر هئي

جو جام جي جبين تي پسينو اچي ويو

 

محسب کي ڏسي ميڪش جو لڳا جلد پيڻ

رڙ ڪري هن چيو مون لئه به بچايو ته سهي

 

هڪ متعرف گناه جو ٻي غرورِ زهد

ڏسجي ته هو ٿو ڪنهن تي سزا ۽ جزا ڪري


[1] هيءَ تارو فجر وقت اُڀرندي طرف آسمان تي نظر ايندو آهي. ان کي انگريزي ۾ وينس، عربي ۾ زهره، هندي ۾ شڪر ۽ فارسي ۾ ناهيد چوندا آهن. يونان وارا ان تاري کي عشق و محبت جو سيارو چوندا آهن.

اهو سيارو نظام شمسي جو ٻيو نمبر ستارو آهي. سندس گولائي 7700 ميل آهي ۽ سج کان 6 ڪروڙ ۽ 72 لک ميل پري آهي. سج جي چؤداري 225 ڏينهن ۾ دورو پورو ڪري ٿو.

حسن ۽ سفيد رنگ سان ان جي تشبيهه ڏبي آهي مثلاً زهره جبين وغيره قريش جي هڪ قبيلي جو به نالو (زهره) آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org