ڪريم بخش خالد
تبصرو
مهاڳ جي پهرئين صفحي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪاتب خطاط
جو هٿ هڪڙو نه آهي. ”ر“ جي ڪتابت توڙي ”ڪ“ جي
ڪتابت ۾ سڄي ڪتاب ۾ اگرو فرق نظر اچي ٿو. ان ڪري
اک ۾ عيب کٽڪي ٿو. اهڙي طرح ٻئي صفحي جي پوئين سٽ
۾ (متن) ۾ ”ٿ“ کي ”ٿي“ لکيو ويو آهي ۽ ڪتابت جي
اها اوڻائي گهڻو ڪري سڄي ديوان ۾ چئن نقطن واري
حرفن ۾ آهي ۽ جمال ديد بصارت تي بار ٿيو پوي اهڙي
طرح سڄي ڪتاب ۾ ڪتابت خطاطيءَ جي ڪنهن مڃيل اصول
سان مطابقت نٿي رکي ۽ ان ڪري (ديوان) جي طباعت
لاءِ ٽائيپ جي بدران خطاطي ڏانهن مراجعت سببان
ڪتاب جو حسن ۽ طباعتي خوبصورتي ختم ٿي وئي آهي.
معلوم ٿو ٿئي ته ڪاتب کي نه ته پنهنجي فن ۾ ڪا
مهارت حاصل آهي ۽ نه وري کيس پنهنجي نالي سان محبت
۽ فن خطاطي سان دلي لڳاءُ آهي.
ٻين علائقن ۾ واقع خانقاهي جي طرفان تصنيف، تاليف جو ڪم ٿيندو
رهي ٿو. سنڌ ۾ اهڙو رواج ڪونهي ان ڪري اسان پنهنجي
بزرگن جي رشد هدايت کان محروم رهندي سرحد پار جي
بزرگن جي پاڇن پويان پيا ڀٽڪندا رهون. البته هالن
جي بزرگن، نج عرب اسلامي ثقافت کي نه فقط قائم
رکيو آهي پر ان ثقافت جي فروغ لاءِ به ڪوششون ڪيون
آهن. پر ان تحريڪ ۾ سندن ٻانهن ٻيلي اهڙا ماڻهو
نظر اچن ٿا جيڪي شايد نه ته مقصد کي سمجهن ٿا ۽ نه
وري صدق دل سان سانئن جو ساٿ ڏئي رهيا آهن ورنه
صحتمند ۽ ڦلدائڪ ادب جي ڦهلاء جو نيڪ ڪم، جيڪو
هالن مان صدين کان جاري هو. ان ۾ نه ته ڪو رخنو
پوي ها ۽ نه وري زرڪثير جي صبر کان پوءِ ”ديوان“
جي شڪل ۾ ڪتاب منصيئه شهود تي اچي ها جيڪو پنهنجي
پيغام جي اهميت ۽ افاديت ٻوليءَ جي سونهن ۽
شگفتگي، ۽ شاعري جي هيئت ۾ تجربن جي بنياد تي
پندرهين صدي هجري جي مطبوعات ۾ اهم مقام جو حاصل
آهي، پر ڪتابت ۽ طباعت جي اوڻاين سببان ان کي بهتر
پروڊيڪشن چئي نٿو سگهجي. جڏهن ته ڪشف المحجوب،
ابيات باهو ۽ مهر منير، جهڙا ڪتاب پنجاب ۾ ڇپجي
چڪا آهن.
ديوان جي ڇپائي ۾ هڪ ڪري مس استعمال ٿيل ناهي. درستيون پڻ غلط
انداز سان ڪيون ويون آهن جنهن ڪري انهن جا نشان
باقي آهن، اهڙي طرح ڪاغذ ۾ پڻ فرق آهي معلوم ٿو
ٿئي ته ڪٿي نه ڪٿي حساب ڪتاب ۾ ڪو غلط اندازو
لڳايو ويو يا وري ڇپائي جي اصولن کان اڻڄاڻائي
سببان ايئن ٿيو آهي. بائينڊنگ ۾ به ڪتاب جي اهميت
کي نظر اندازڪيو ويو آهي. ڪتاب جي قيمت فقط صفحن
جي تعداد مطابق رکي وئي آهي پر ان جي ٻين لاڳاپيل
مسئلن ۽ معاملن ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو آهي. مثلن
مصنف جي خانداني، ادبي ۽ سماجي حيثيت، سندس قول ۽
عمل جو معاشر تي پهلو، علمي خدمت جو جذبو ۽ پيغام
جي اهميت، ڇو ته شاعر جي پيمبرانه حيثيت به آهي.
مختصر ائين چئجي ته شاعر جي جذبي جي صداقت کي ديوان جي طباعتي
اوڻاين مجروح ڪيو آهي ڇيهو رسايو آهي.
مهاڳ جي 2 صفحي تي 9 سٽ (متن) ۾ صدن جو لفظ (بمعنيٰ سوين سالن)
استعمال ٿيل آهي جيڪو صحيح ناهي. صد مذڪر آهي ۽
مرڪبات ۾ مستعمل آهي. مثال طور صد آفرين، صد برگ،
صد چراغ، صد شڪر وغيره صدي (مونث) بمعنيٰ سيڪڙو يا
سؤ سال مستعمل آهي. ان جو جمع (صدين) مستعمل آهي،
پر ”ڪافي“ ۾ سنڌي زبان جي اصطلاح جي اصولن بابت
بحث جي مدنظر ”ي“ کي حرف ڪيو ويو آهي، (شايد) اهڙي
طرح صورتخطي ۾ اصطلاح جو نمونو نائين سٽ ۾ ”ٻولي“
۽ ڏهين سٽ ۾ ”سنڌي“ جي حمزن کي حزف ڪري ”ي“ جي
مٿان زبر ڏيڻ آهي. مهاڳ صفحي 5. جي آخري سٽ ڪهڙي
ٻوليءَ جا بنيادي حرف اسان جي ٻوليءَ ۾ شامل ٿيل
آهن. اهڙو لفظ جنهن جي پويان ”ي“ تي زبر هجي ۽ ان
تي حمزو هجي ۽ شايد حمزي وارن سڀني لفظن جي آخري
حرف تي زبر هوندي آهي. صفحي 6. سٽ 18، سنڌي ٻولي
جي بدران سنڌي ٻولي هيٺان سي کي ”زبر“ آهي ان ڪري
جڏهن اصطلاح جي اصول مطابق حمزي کي حدف ڪري ”ي“ جي
مٿان زبر ڏبي پوءِ لفظ جو اچار ته سنڌي ۽ ٻولي
ٿيندو ۽ ان حالت ۾ ”سنڌي“ لفظ جي پنهنجي اصلوڪي
معنيٰ يعني ”سنڌي“ ختم ٿي ويندي ڇو ته سنڌي پنهنجي
گرامر جي حيثيت موجب بذات خود منفرد لفظ آهي.
البته ڌارين ٻولين جي لفظن جي محض املا تبديلي ڪري ان کي سنڌي
ٻوليءَ ۾ ٽنبڻ سان سنڌي ٻولي جو دامن ڀري نه
سگهبو. اٽلندو ان جي سونهن سوڀيا ۽ سماجي ڪارڻ ۽
ثقافتي ورثي سان هٿ چراند ٿيندي مصنف جي اهڙي خيال
جي تائيد هر طبقي طرفان تائيد ڪئي ويندي. مهاڳ جو
نهايت اهم حصو ۽ ڌيان طلب بحث، سنڌي الف ب جي
تخطيءَ ۾ ڪن اکرن جو اضافو آهي جيڪي قديم شاعرن
رديف طور به استعمال ڪيا ۽ هاڻي به ڳالهائڻ ۾ اچن
ٿا.
اهڙي طرح ڪن لفظن جي صورتخطيءَ ۾ تبديلين جي ضرورت بابت لسانيت
جي عالمن جو ڌيان ڇڪايو ويو آهي ۽ اهي تبديليون
سنڌ جي مختلف جاگرافيائي حصن ۾ مستعمل لفظن جي
هيئت کي معياري ڪرڻ جي سلسلي ۾ نيڪ خواهش جو اظهار
آهي، مگر سردست مهاڳ ۾ ان جو سبب، شاعري ۾ تقطيع
جي سهولت، لذت، رواني ۽ مدعا جي بهتر ادائيگي
ڄاڻايو ويو آهي پر ان جو نثر تي ڪهڙو اثر
پوندو...!؟ ان پهلو تي به غور ڪرڻ ضروري آهي. مثال
طور مهاڳ جي ص 18 تي ڪن سنڌي لفظن جا مخفف ڏنل
آهن. نثر ۾ توڙي شاعري ۾، انهن لفظن تي زير زبر نه
ڏيڻ سببان، تجنيسي ۽ تعداد جا مونجهارا پيدا
ٿيندا. انهيءَ کان علاوه زبان جي اوسر جو مدار
ماحول ۽ رواج تي آهي هڪ طرف سنڌ مٿان جيڪا ملڪي ۽
غير ملڪي ثقافتي يلغار هڪ ربردست شامت اعمال ما جي
مصداق نازل ٿي آهي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي
تهذيبي ورثي جو بچاءَ جو بندوبست ڪرڻ نهايت ضروري
آهي، ۽ ٻي طرف زنده رهڻ لاءِ ڪي طريقا به ضروري
آهن. اهو تاريخ جو ورثو آهي ۽ ان کي سنڀالي ۽
سوچي، ضروري ترميم ۽ ترتيب سان پنهنجي ضرورت مطابق
ڪارائتي نموني ۾، استعمال نه ڪرڻ وڏي قومي غفلت ۽
نئين نسل سان نا انصافي ٿيندي.
سنڌي تي برهمڻ، ٻڌن، عربن، ايرانين، مغلن، انگريزن جي زبانن جو
اثر پيو ۽ هاڻي اڙدو جو اثر آهي، پر اها زبان
ڌارئي يا اوپري ناهي جيئن مخدوم صاحب خود مهاڳ جي
شروعات ۾ اهڙو اظهار ڪيو آهي. حضرت قلندر شهباز
(1177. 1284ع) جي باري ۾، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،
مرحوم لکيو آهي ته هو ريختي به ڳالهائيندا هئا.
اهڙي طرح تڪملمه مقالات شعرا، مرتب، پير حسام
الدين راشدي (مرحوم) ۾ حضرت نقشبندي صاحب (مخدوم
ابوالقاسم نورالحق درس) (9. 1138) جو ذڪر ڪندي
مصنف مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ ٺٽوي لکيو آهي ته
مخدوم ابوالقاسم جڏهن شاهه سيف الدين صاحب جي خدمت
۾ سرهند شريف ويو. شاهه صاحب حضرت مجدد صاحب قدس
سره جي زيارت جي ارادي سان پالڪيءَ ۾ سوار منتظر
هو ۽ جڏهن حضرت نورالحق چند قدمن تي هو ته وڏي
پاٻوه سان ڀاڪر پائيندي کيس چيائين ته ”حضرت داد
صاحب تمهاري سفارش فرماتي هين.“ ان تي ٻئي بزرگ
گڏجي زيارت لاءِ روانا ٿيا.
ظاهر آهي ته سنڌ ۾ اڙدو جو رواج هو. پر هڪ ٻاهرين ٻوليءَ جي
حيثيت ۾ جيڪا عام طور ڪتب نه ايندو هئي مگر ان جي
حيثيت قومي زبان جي آهي، پر ان ۾ اصطلاح ۽ اضافي
جي، موجوده ماحول ۽ گهرجن مطابق، گهڻي ۽ اشد ضرورت
آهي ته جيئن ان ۾ سڀني پاڪستاني ٻولين جا خوشنما ۽
مهڪندڙ لفظ شامل ٿي وڃن. ان سان گڏوگڏ هي اصول به
نظر انداز ڪري نٿو سگهجي ته جڏهن مختلف ٻوليون
ڳالهائيندڙن جو هڪٻئي سان واهپو ٿئي ٿو ۽ واپار
ڌنڌي ۾ لهه وچڙ ٿئي ٿي، تڏهن هڪٻئي جا لفظ ۽
اصطلاح ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويندا آهن. اهڙي طرح ڪي
لفظ ۽ اصطلاح گهٽ استعمال ۾ اچڻ سببان متروڪ ٿيو
وڃن ۽ نوان لفظ ۽ اصطلاح انهن جي جاءِ ڀريو ڇڏين.
مثال طور:
ڪري
=
پرهيز
ٻڪي
=
دوا
ويڄ
=
طبيب، ڊاڪٽر
ڀونءِ
=
زمين
پرين
=
محبوب
مڪتب مدرسو
=
اسڪول
وڌيڪ رواج ۾ آهن ۽ عام طور سمجهيا وڃن ٿا لفظ ڪهڙا به هجن اصل
مقصد تخيل جي پاڪيزگي ۽ نوڙت ۽ معنيٰ توڙي مطلب جي
صفائي آهي.
سنڌي زبان ۾ سڀني عصبيتن جي نمائندگي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو
پاڪستان جي سڀني ٻولين جي ڀيٽ ۾، سنڌي جامع زبان
آهي، پر اسان جي پنهنجي ڳهر ۽ ڪمزور عصبيتن جي
سببان ان جو دائرو يا حلقو محدود رهيو آهي ۽ خدا
ڪري ته ان ۾ وڌيڪ تنگي نه اچي. انهي امڪاني صورت
حال جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته الف ب ۾ ڪنهن
اضافي ڪرڻ بدران سنڌي حرفن کي گهٽائي، طباعت ۽
تدريس جون وڌيڪ سهولتون پيدا ڪيون وڃن، ۽ جيئن ته
اشاعت جو سڄو دارو مدار به تدريس تي آهي. ان ڪري
پهرين اهميت ان جي آهي. اهو وقت ته اسان جهڙن ملڪن
۽ قومن لاءِ تمام گهڻو پري آهي. جڏهن لکڻ پڙهڻ جي
ضرورت نه پوندي فقط هڪ ڪارتوس نما چيز هڪ مشين ۾
وجهي، ڪا ڳالهه، معلومات تجربو، ايجاد، ڏسي ۽ ٻڌي
هيئن سان هنڊائي سگهبي، بلڪل ايئن ڄڻڪ سوه العلق،
جي نزول جو عملي تفسير تنقيدي طور ڏٺو وڃي ته سنڌي
الف بي جا مفرد حرف 42 آهن يعني 29 عربي، ٽي
فارسي، ٽي هندي ۽ ست نج سنڌي. اها مڪمل الف بي
آهي. باقي مرڪب آواز آهن. جيڪي ”هه“ يا ”ر“ جي
آواز سببان مرڪب اکر بڻيا آهن ۽ اهڙن حرفن جو
تعداد 9 آهي. اهڙي طرح شاعر حضرات جي سهولت خاطر
مزگان، ازدها وغيره فارسي لفظ آهن، جن لاءِ ڪو ڪو
سنڌي حرف هجڻ گهرجي. ”ي“ معروفي ۽ مجهوليءَ به
توجهه لهڻو، ۽ اتر ۾ سرائيڪي جي وڌندڙ اثر کي به
نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. ان ڪري ڊوهه (دروهه) ۽
ترهه (اڃ) جي لحاظ کان ”تر“ ۽ ”در“ به سنڌي الف ب
۾ وڌائڻا پوندا. ۽ انهيءَ حساب سان سنڌي الف ب ۾
65 حرف ٿيندا، جيڪي ٻارن جي پڙهائي ۽ طباعت ۾
گهڻيون الجهنون وڌيڪ مونجهارا، پريشانيون ۽ ذهني
بار جو سبب بڻجندا ۽ وڌيڪ هيءَ ته مرڪب حرفن جو ته
ڪاٿوئي ڪونهي، جيترو سوچبو، اوترو عنڪبوت جي تار ۾
ڦاسجي پئبو. بهرحال هي سمورو مامرو لساني ماهرن،
يونيورسٽي جي خالي دماغ پروفيسرن ۽ سنڌي جي احياء
سان واسطو رکندڙ ادارن لاءِ گهري سوچ ويچار، اڀياس
۽ تحقيق جو متقاضي آهي.
رب سائين اوهان کي پنهنجي عزائم ۾ ڪامياب ۽ زندگي ۾ سرخرو ڪري.
آمين. اوهان هميشہ منهنجي تصور ۾ رهيا آهيو مرشد
جي حيثيت ۾ نه پر محبوب انسان جي صورت ۾، ۽ انهيءَ
اهڙي توجهه جو منهنجي عملي زندگي تي خوشگوار اثر
پئي پيو آهي. ويهارو سال کن اڳ اوهانجي ڪتاب،
ڪافي، تي ”عبرت“ ۾ لکيو هيم اهو عيدالفطر جو موقعو
هو ۽ هاڻي وري عيدالاضحيٰ، جي موقعي تي ”ديوان“ تي
لکيو اٿم. اڳ واري تحرير توصيفي ۽ تاثرات هئي، ۽
هاڻي اوهان جي دعوت تي دل کولي پر پريشان خيالي جي
عالم ۾ لکيو اٿم.
*
پروفيسر نعيم تقري
شاعر احساس
جنهن شاعر احساس ۽ جمال جي حسين عڪاسي ڪندڙ جي ديوان تي هن وقت
برجستو تبصره ڪرڻ لاءِ قلم کنيو اٿم جيڪڏهن انهيءَ
عظيم ادبي شخصيت جي فرمائش نه به هجي ها تاهم آءٌ
پنهنجي تنقيدي ذميداريءَ کان غافل نه رهان ها، ۽
اهڙيءَ طرح لکان ها جهڙي طرح اوهان هاڻي پڙهندا.
حقيقت هي آهي ته مخدوم طالب الموليٰ هن صديءَ جي هڪ منفرد صدا
آهي اهڙي صدا جو هر صدي شاهه ۽ سچل جهڙي شخصيتن
کان پوءِ کيس پاڻ ڏانهن منسوب ڪندي رهندي. انهيءَ
جو سبب سندس عظمت فن آهي. فڪر ۽ فن ڪنهن جي ذاتي
ميراث نه آهي. وڏا وڏا صاحب اقتدار ۽ با اثر به
انهيءَ کان محروم رهيا آهن ۽ سوين گوشه نشين فقير
انهيءَ دولت سان مالا مال رهيا آهن. ان حقيقت جي
پيش نظر مونکي جيڪي ڪجهه به لکڻو آهي، ان سلسلي ۾
مخدوم صاحب جو احترام بجا ليڪن فرائض منصبي تحت
آئون پنهنجي تحرير جو بيحد احترام ڪندو آهيان.
مونکي ڪامل يقين آهي ته انهيءَ حقيقت کي هر ذي
شعور تسليم ڪندو ۽ مخدوم صاحب جن منهنجي هن جملي
کي عزت جي نگاه سان نوازيندا جو مان کين خالص ترقي
پسند شاعر نه ٿو سڏيان ۽ نه وري پاڻ انهي صف ۾
داخل ٿي سگهن ٿا.
ان جو سبب هي آهي ته هو راويت جو امين ۽ صداقت جي نقيب جي نصيحت
سان چند ضروري اصولن کي مد نظر رکندي پنهنجي اعليٰ
فڪر سان شاعري جي دامن کي مالا مال ڪري رهيا آهن.
مگر منهنجو اهو مطلب نه آهي ته سندن غزل ۾ ترقي
پسند رجحانات نه آهن هو هن ڪشمڪش جي دور سان فڪري
طور ڳنڍيل آهن. سندن شعور بدلجندڙ نئي زندگي کان
پوري طرح مانوس آهي گويا مخدوم صاحب جن جي غزلن ۾
پنهنجي چو طرف پکڙيل ماحول جا تجربا ۽ مشاهدا مقدس
ادبي روايتن سان گڏ پر اثر انداز ۾ موجود آهن اهڙي
طرح سندن شاعري ۾ روايتي هڪجهڙائي ناهي بلڪ زندگي
جي مسئلن جي رنگيني آهي.
جيڪڏهن ڪو لکيل پڙهيل شخص اڃان تائين مخدوم صاحب جن سان ملاقات
کان محروم رهيو آهي ته انجو احساس محرومي به درست
ٿيندو مگر اها ڪا اهڙي ڳالهه نه آهي جو هو ايترو
پريشان رهي، ان جو سبب اهو آهي جو مخدوم صاحب جن
جي شخصيت ئي اهڙي آهي جو هڪ طرح سان کين روبرو ڏسڻ
يا ملاقات نه ڪرڻ تي افسوس ڪرڻ جي ڪا خاص گنجائش
نه آهي ڇاڪاڻ جو ڏسڻ کان سواءِ به ساڻن ملاقات ڪرڻ
تمام آسان آهي. ان جو ثبوت هي آهي جو هو نهايت
سچائيءَ سان پنهنجي فڪر ۽ فن ۾ چٽي طرح ڏسڻ م اچن
ٿا. اهوئي سبب آهي جو مان کين شاعر احساس سڏيان ٿو
۽ اهوئي هڪ فنڪار جو ڪمال آهي جو هو پنهنجي فن ۾
ايترو ٻڏل رهجي جو ان ۽ ان جي تخليق ۾ بيگانگي
باقي نه رهي. فن جو اهو معراج آهي جو تخليق ڪار ۽
تخليق جا تمام ويڇا ختم ٿي وڃن يعني تخليق ۽ تخليق
ڪار ٻئي هڪ ڏسڻ ۾ اچن. هيءُ امتيازي شان مخدوم
صاحب جن ۾ ان ڪري پيدا ٿيو جو انهي امانت ۽
ديانتداري کان ڪم وٺندي حقيقي تجربن جي نور سان
پنهنجي ڪلام کي منور ڪيو آهي. سڀ کان پهريائين
نموني طور سندن اهو ڪلام پيش ڪجي ٿو جنهن ۾ موجود
حالتن تحت اخلاق جي تلقين ڪئي اٿن.
اندر ۾ ٻيائي ۽ ٻاهر چڱي
ڍڪيدا نه ڪپڙا ها ڪا اگهڙ
دل سدائين شاد رک، دم دم بهاريءَ ۾ گذار
دوستن يارن سان لطف هم زباني چار ڏينهن
عيش و عشرت کان پري ٿي علم و تقويٰ ۾ گذار
تنهنجي سر تي آه نادان گل فشاني چار ڏينهن
تنهنجي هڪ نيڪي ئي رهندي هن جهان ۾ هوش ڪر
اي مرڻ وارا هي مرقد جي نشاني چار ڏينهن
رڳو دنيا جي طاقت سان ڪيون جن عظمتون حاصل
اکين سان سي سدا ٿيندا ڏٺاسون بي نشان ڪيئي
ڪو هوند ۾ بخيل ڪو اڻ هوند ۾ سخي
هر ڪنهن جي دل جدا آهي جرات جدا جدا.
ڪو هڪڙو وک اڳي وڌندو اسين ڏه ڏه ٿي وينداسون،
نه پئبو پوئتي جو قربدارن کي سڃاڻون ٿا.
هن دور جي طبقاتي ڪشمڪش، معاشي ۽ معاشرتي مسئلا هميشہ مخدوم
صاحب جن جي آڏو رهيا آهن هو سماجي حيثيت کي تاريخي
ارتقا کان جدا نٿا سمجهن. سندن سياسي نفسياتي ۽
فڪري شعور انساني رابطن ۽ رشتن کي پنهنجي گرفت ۾
رکي ٿو.
سماجي عمل کي مد نظر رکندي هن پنهنجي شعرن ۾ فلسفي ۽ مشاهدي کان
ڪم ورتو آهي. فلسفيانه انداز فڪر سان ڪيفيتن جو
اظهار ڪيو آهي ۽ مشاهدن ذريعي معاشري جي خارجي
اثرات کي مهذب ۽ شائسته انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
غلط راهن تي اڪثر ٿو کڻي هرڪو قدم پنهنجو
جو اڄ ڪلهه پيشوائن جا اهي ويچار مٽجي ويا.
پيڻ کان پوءِ بڦلڻ جو اچي ٿو دؤر اي همدم
اهي ساقي بدلجي ويا اهي ميخوار مٽجي ويا
پراون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون طالب الموليٰ
هو ننڍ پڻ جائي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا.
ٿيا زيب چمن سي گل نه آهي جن ۾ ڪا خوشبو،
ڪجي ڇا گلستانن جا سمورا باغبان بدليا.
نٿا پهچي سگهن منزل تي قومي قافلا اڄ ڪلهه،
سبب هي آهي جو آهن اميرڪاروان بدليا.
عمل ظاهر ۾ هڪڙو قوم جو باطن ۾ رمزون ٻيون،
ڀلا ڪيئن روح پيدا ٿئي جو سڀ روح روان بدليا.
سندس چهري تي ڇو آهي تردد طالب الموليٰ
ويل ڀلجي ٿو ڏسجي اڄ امير ڪاروان ڪجهه ڪجهه.
انسان ايثار ۽ انس جو مجسومو آهي انسانيت کي سيني سان لڳائڻ
وارا هن دنيا جي تصوير جي ٻئي رخ کان واقف هوندي
به پنهنجي صحيح راه تي گامزن رهن ٿا. اهڙن انسانن
مان هر فرد اها ئي اميد رکندو اهي ته ڪمال درجي جي
قربت سبب ملال جي ڪا گنجائش نه رهندي ۽ سندس سچا
جذبا پائمال نه ٿيندا. مگر جڏهن اهو سڀ ڪجهه خواب
و خيال ثابت ٿئي ٿو ته هو خود کي هڪ ڀيانڪ حيرت
ڪده ۾ قيدي محسوس ڪري ٿو دوست و احباب ۽ يار و
آشنا کان کيس اهي اذيتون ملن ٿيون جيڪي هن جي وهم
۽ گمان ۾ به نه هونديون آهن. سچائي جي لباس ۾ ڪوڙ،
مڪر ۽ فريب ڏسندو آهي ۽ پنهنجي اميدن جو گلشن
ويران ڏسڻ ۾ ايندو آهي، هي آباديون کيس سنسان
لڳنديون آهن. هن دنيا جي باغ ۾ هو خود کي نڌڻڪو
محسوس ڪندو آهي. هو ڏسي ٿو ته اهل گلشن جو عجب حال
آهي ۽ هر هڪ غم سبب پائمال آهي.
مخدوم صاحب هڪ اهڙي باشعور ۽ حساس انسان وانگر جائزو وٺندي نه
صرف پنهنجي ذاتي پريشانين کي بلڪ اجتمائي مسئلن کي
محسوس ڪري مافي الضمير جي ادائگي ڪئي آهي. سندن
عملي ادبي شخصيت انسانيت جي هر روپ جي آئينه دار
آهي هنن شروع کان ئي زندگي جي لاهن چاڙهن کي ڏٺو ۽
ٻين جي مقابلي ۾ هو پنهنجي شعوري پختگي ۽ عميق نظر
سبب گهڻو اڳتي وڌيل نظر اچي رهيا آهن.
فقط ئي جان فدائي جي رکن فطرت ٿا جي هردم
انهن شعله نوازن زنده پروانن کي پوڄيون ٿا.
جي ڪن ٿا نيست و نابود هڪدم آمريت کي
انهن سنگين قيامت خبيز طوفانن کي پوڄيون ٿا.
اميد آهي ڇڏينداسون نه هرگز جادهء منزل
نه ڪي گهٻرائبو گرد و غبارن کي سڃاڻون ٿا.
مخدوم طالب الموليٰ ادبي حيثيت سان هڪ مشهور ۽ لائق احترام ادبي
شخصيت هجڻ سان گڏ گڏ حضرت مخدوم نوح رحه جي درگاه
جا سجاده نشين پڻ آهن. ليڪن عملي طور هو عام سجاده
نشين کان مختلف ۽ منفرد نظر اچن ٿا. پيري مريدي جو
سلسلو سندن نزديڪ انوقت درست آهي جڏهن معرفت سان
دل روشن هجي. عبا، قبا، عمامه، دستار، سجاده ۽
تسبيح جيڪڏهن رواجي ۽ رياڪاري جي انداز ۾ هجن ته
اهو سلسلو محض ماڻهن کي فريب ڏيڻ جي مترادف هوندو
آهي. مخدوم صاحب جن پنهنجي ڪلام ۾ هر هنڌ اهڙن
فريبن جي مذمت ڪئي آهي.
عبائن ۽ قبائن ۾ اڳي ئي اهرمن آهن
نه ٿن ڪو خوف يزدان جو ڪي تن مان انا نڪتي،
جو آهي فقط خرقه و سجاده ۾ ڦاٿل
سو عشق گران مايه جو حقدار نه آهي.
خرقه پوشي طالب الموليٰ عذاب آهي اليه،
۽ سڪون دل جو رڳوئي راز رندانن ۾ آهه.
مطلب ته هو اهڙي شخصيت آهن جو تحريڪ عمل جا دلي طور قائل آهن ۽
خدمت خلق کي عبادت سمجهندا آهن.
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
هو زندگي جي هر شعبي ۾ اعتدال پسند رهيا آهن، هنن روايت سان
بغاوت به نه ڪئي ۽ ادب ۾ بيجاءِ ۽ سستي شهرت حاصل
ڪرڻ لاءِ ترقي پسند هجڻ جو ڪوڙو خول به نه چاڙهيو.
هي اهو مقام آهي جو هو پنهنجي فڪر جي پختگي ۽ فني
عظمت سان پنهنجي خصوص انداز ۾ نمايان آهن. مخدوم
طالب الموليٰ ۽ سندس عهد تي تبصرو ڪندي شيخ اياز ۽
تنوير عباسي جو به ذڪر لازمي آهي جن سنڌي ادب ۾
قابل قدر اضافو ڪيو آهي. ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل
جو ذڪر به ان لاءِ ضروري آهي جو هن سنڌ جي قديم
محسنن جي روح کي هن دؤر ۾ تازو ڪيو آهي ۽ هن جي
اهائي ڪوشش رهي ته ماضي سان اسان جو رشتو ٽٽي نه
سگهي. مخدوم صاحب جن جي شاعرانه عظمت پنهنجي
همعصرن ۾ ان ڪري ممتاز آهي جو هنن زندگي کي هر
پهلو کان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هو ان ڪوشش ۾
ڪامياب رهيا. ذاتي زندگي وانگر هو ادب ۾ به ڪنهن
گروهه جا قائل نه آهن ان ڪري هن کي حقيقي جذبات جي
ترجماني جو موقعو مليو. هو هڪ هر دلعزيز صاحب فڪر
۽ فن جي صورت ۾ زنده آهن ۽ زنده رهندا. ادب ۾ چند
اهڙيون حقيقتون آهن جن جو تعلق براه راست اعليٰ
فنڪار جي فڪري بلندي سان هوندو آهي، مان جيڪڏهن
ائين چوان ته هن دؤر ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن جي
شخصيت ئي اهڙي آهي جو موجوده غزل جي حوالي سان
سندن تعارف مناسب نه آهي ته غلط نه ٿيندو ڇا ڪاڻ
ته سندن ئي حوالي سان موجوده غزل جي شائسته شناخت
ٿئي ٿي. غزل سندن خاص موضوع آهي. انهن هن موضوع کي
ڀرپور انداز سان نباهيو آهي.
عشق جي باه جسم کي نه مگر روح کي به جلائي ڇڏيندي آهي مگر ماڻهو
فاني هوندي به امر ٿي ويندو آهي. وڇوڙي ۾ رهڻ وارن
کان پڇو ته هر گهڙي صدين کان به زياده طويل هوندي
آهي. جڏهن ڪنهن گل رخ ۽ رشڪ بهار جي جدائي ۾ عاشق
جي دل تي خزان جا پاڇولا ڇائنجي وڃن ٿا ته سندس
سامهون يادون ۽ واعدن جو حسين تاج محل سڙي رک ٿي
ويندو آهي. ان جي سونهري خوابن جي نگري جنهن ۾
تمنائن جا درياه موجزن هئا جڏهن هولناڪ جهنگل جي
صورت اختيار ڪندي آهي ته هن جي دل تي مايوسين جا
پهاڙ ٽٽي پوندا آهن. خيالن جي سمنڊ جو طوفان وڇوڙي
جي عالم ۾ آگ جو درياه بنجي ويندو آهي. دل ٻرندي
آ، جسم جلندو آ ۽ روح سڙندو آهي ۽ لڙڪن جو هڪ
سيلاب روان دوان ٿي پوندو آهي جنهن کي روڪڻ جي ڪا
صورت نظر نه ايندي آهي، هڪ لڙڪ ۾ حسين يادن جو عڪس
هوندو آهي.
عشق جي موضوع کي مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي شاعري جي ميخاني ۾
وڏي سرشاري سان پيش ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ منهنجي
نزديڪ انهي اعتبار کان مخدو صاحب جن جو ڪو به همسر
نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هو سنڌيءَ جي مايئه ناز غزل
گو مير عبدالحسين سانگي کان به اڳتي وڌيل نظر اچن
ٿا.
شڪر جو مس مس مليا هن جي بهانن جا سلام
خوش نصيبي آيا اڄ نا مهربانن جا سلام
هن شعر ۾ جيڪا جدت ۽ ندرت آهي ان جو داد ڏيڻ ضروري آهي، بهانن
جا سلام ۽ نا مهربانن جا سلام چئي پنهنجي انداز
فڪر ۽ اسلوب بيان جو مظاهرو ڪيو آهي. مخدوم صاحب
اهڙا خيال به پيش ڪيا آهن جيڪي عاشقي ۾ خاص اهميت
رکن ٿا. هڪ پيڪر حيا جيڪو سراپا وفا ڏسڻ ۾ اچي ٿو،
پنهنجي حسن تي نازان ٿي آشنا هوندي به نا آشنا ٿي
پوندو آهي.
هو وفائي جو گمان پر بيوفا تون ڪيئن ٿئين،
آشنا هوندي وري ناآشنا تون ڪيئن ٿئين.
تنهنجي فطرت ئي اها آهي ته ضد پورو ڪرين،
روز سورن ۾ ستائي تو سڄڻ غلطي نه ڪئي.
بي وفا ٻئي کي چوڻ آسان آهي دلربا،
با وفا خود کي سڏائي تو سڄڻ غلطي نه ڪئي.
مخدوم صاحب جن جي غم انگيزي تي ڳالهائيندي اهو چوڻ قطعي مناسب
ٿيندو ته هنن جي غمگين چهري جو وقار ئي عشق جي راه
۾ زنده رهڻ جو فن آهي.
جڏهن وفائن جو سج مڪر و فريب جي ڪڪر ۾ ڍڪجي وڃي ته هن جهڙو
ديوانو ئي پنهنجي روشن فڪر سان ٻين کي حسين پيغام
ڏئي سگهي ٿو. هن جي ديوانگي رشڪ فرزانگي بنجي ڏکن
۽ غمن جي شام کي صبح جي حسن ۾ تبديل ڪري ٿي هو غم
جي احساسن کان منفي اثرات قبول ڪرڻ نٿو چاهي البته
گذريل حادثن جو تذڪرو جيڪو ضروري هوندو آهي اُن کي
ڀرپور انداز ۾ پيش ڪري ٿو. انهن تي اهو وقت ڏاڍو
ڏکيو گذري ٿو جڏهن سوچين ٿا ته هن دنيا ۾ وسڻ وارا
هڪ ئي گهر جا افراد آهن ۽ گهر ۾ طرح طرح جون
ديوارون کڙيون ٿيل آهن. جن سبب هڪ فرد ٻئي کان
وڇڙي ويو. انهن لاءِ اهڙو مسئلو تمام تڪليف ده
هوندو آهي ته انسانيت سراب نظر هجي، زندگي فقط رقص
شرر هجي ۽ هر صبح هڪ فريب نظر هجي. اهڙي عالم ۾
مخدوم صاحب جن جي دل پاش پاش ڇو نه هجي، اهڙي
حقيقي حيات جي تلاش جيڪا صرف هن جي ذات تائين
محدود نه بلڪه معاشرتي حيات هجي.
آخر ۾ آءٌ هي ضروري سمجهان ٿو ته پڙهندڙن جو توجهه ديوان طالب
الموليٰ جي مهاڳ طرف ڇڪايان، هي مهاڳ هڪ اعليٰ
ادبي تحفو آهي جنهن ۾ مخدوم صاحب جن چند اهم لساني
مسئلن تي اظهار خيال ڪندي پنهنجي دور جي دانشورن
کي فڪر جي دعوت ڏني آهي. هنن زبان ۽ بيان جي جن
مختلف پهلوئن جي نشاندهي ڪئي آهي انهن مان اڪثر
انتهائي توجهه طلب آهن، مهاڳ پڙهڻ سان سندن لساني
شعور ۽ تنقيدي صلاحيتن جو اعتراف ڪرڻ تمام ضروري
آهي اڄ تائين سنڌي ۾ لکيل ديوان 58 سنڌي حرفن تي
مشتمل آهن مگر مخدوم صاحب جو ديوان 58 حرفن تي
مشتمل آهن. اها جدت ۽ نواڻ ٻئي ڪنهن ديوان ۾ نه ٿي
ملي.
آخر ۾ مان دعاگو آهيان ته ڌڻي تعاليٰ مخدوم صاحب جهڙي علمي ادبي
شخصيت کي سدائين شاد ۽ آباد رکي.
حفيظ قريشي
قلبي واردات
خيال، جذبو ۽ فعل ماڻهو جي زندگيءَ جا ٽي اظهار آهن، ٽنهي جي
پاڻ ۾ ترتيب ۽ تربيت جي ماڻهو کي ضرورت آهي ۽ اها
ترتيب سمجهڻ ۽ تربيب ٿيڻ کان پوءِ ئي ماڻهوءَ جو
ذهن خمير ۽ زبان ڪنهن فائدي جو فرض ادا ڪري سگهن
ٿا.
اگرچه علم ڄاڻڻ لاءِ مطالع، محبت، سير وسفر، تجربو ويچار دعا و
عنايت الاهي گهرجي مگر جيڪڏهن ماڻهو تاثر حاصل ڪرڻ
جو اهل ڪونهي يا ڪنهن کي تاثر پيدا ٿيڻ جا اسباب
ڪونهن ته اهو خيال، جذبه کان خالي ۽ ان جو ذهن،
ضمير ۽ زبان محروم تربيب رهجي ويندا، البت جبلي
تقاضائن جي زير اثر حيواني عمل تي مجبور هوندو.
ڪتاب لاريب ته ڀلي هدايت متقين هجي مگر جيڪڏهين ڪو
متقي نه هجي ته پوءِ اهو متقي ڪيئن ٿئي ۽ جي متقي
ٿيڻ جو هن لاءِ مدرسوئي نه هجي ته پوءِ اهو
ڪيڏانهن وڃي! متقي جي معنيٰ آئون اثر وٺندڙ ڪريان
ٿو.
مون پاڻ تي تجربو ڪيو آهي ته شعر ۽ راڳ اثر جي پيداوار ۽ اثر جا
پيدا ڪرڻ وارا آهن. جڏهن خيال يا جذبو نازل ٿئي ٿو
ته اهو زبان جي ضرب خاني ۾ ڍلجي نڪري ٿو. جڏهن اهو
شعر پڙهجي ٿو ته
REVENE PWERE
۾ لفظ صرف ٿي وڃن ٿا. خيال ۽ جذبه طاري ٿي وڃن ٿا
۽ جڏهن ڳائڻ جاري رهي ٿو تڏهن آخر لفظ غير ضروري ۽
ڪيفيتون موجود ٿي وڃن ٿيون. ڌرم ۽ مذهب جون ريتون
رسمون روايتون حديثون اکين تي مگر اصل ته آخر
عبادت ڪيفيت قلب جي نتيجي ۾ ڪجي ٿي ۽ عبادت جيڪڏهن
گهربل ڪيفيت قلب نه پيدا ڪري ته عبادت ڪهڙي؟ تنهن
ڪري نماز (موقوت) پابند وقت آهي ۽ وقت عبادت جي
تابع آهي هر وقت قلبي ڪيفيت کي سجاڳ رکڻ لاءِ راڳ
به ڏينهن جي هر گهڙي ۽ پلڪ لاءِ ترتيب ڏنو ويو.
ديوان طالب الموليٰ مون کي هميشہ تازه رهڻ واري غمزدگي ۽ لا
حاصل فراق جي ڪيفيت ۾ پهتو آهي. جنهن فراق جو آئون
ماريل آهيان سو مون کي گهڻا ڀيرا فنا جو احساس
ڏياري ٿو ۽ آئون هر هر مران ٿو هر هر جيئان ٿو ياد
ڪريان ٿو ته درد ٿئي ٿو وساريان ٿو يا وسري ٿو ته
شرم ٿئي ٿو. راڳ منهن جو درد وڌائي ٿو راڳ منهن جو
درد گهٽائي ٿو.
مون ديوان طالب الموليٰ لوڪ ستي ٿورو ٿورو ڪري ترنم سان هوريان
هوريان ڪري پڙهي اڄ 8 آڪٽومبر 1982ع جي هڪ بجي رات
پورو ڪيو. مون تي جيڪي قلبي وارداتون نازل ٿيون سي
لکڻ لڳو آهيان. جڏهن مون گهڻو تڻو ڪلام آڌي رات
ترنم سان پڙهي ڳايو ته شايد هتي ڪو اهڙو مقام آيو
جتي منهنجي قلب جو ساز ٽٽو هجي. مون ائين به
محسوس ڪيو ته ڄڻ آئون جهونا ڳڙهه ۾ بهاء الدين خان
جي محل نما رهائش ۾ جگر مراد آبادي جي روبرو غزل
ٻڌي رهيو آهيان. جيئن جيئن ديوان پڙهيم ته محسوس
ڪيم ته هن زندگيءَ ۾ شرافت سان جيئڻ جو فلسفو مون
تي جسته جسته نازل ٿي رهيو آهي ۽ پنهنجي ئي ٻولي ۾
مون کي وضلين جي بيان جون سندون مليون آهن. البته
فراق جي جنهن دردناڪ ڪيفيت ۾ آئون زخمي آهيان ان
جو پهو يا ملم ڪونه مليو جو ملي ڪٿان، ڪٿي به آهي
ئي ڪونه.
ديوان پهرين پڙهيم، ديپاچو پوءِ پڙهيم. ياد آيم ته سيد حيدر
شاهه هڪڙي ڀيري گهرو واقعه بيان ڪري ٻڌايو هو ته
ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن ۾ لڳن غلط آهي.
صحيح آهي ڳلهن، جو ڳل ٻيا ۽ ڳلهه ٻيا. ديپاچي جي
مطالع کان پوءِ ئي اهڙي صاف ڳالهه سمجهيم ته
منهنجي ٻوليءَ جا 52 کان به وڌيڪ آواز ۽ اکر آهن
جي واقعي خبر ناهي ته وڏڙن ڇو الف بي ۾ شريڪ ڪونه
ڪيا. مخدوم صاحب ضروري ياد دهاني ڪرائي آهي مون کي
خبر ناهي ته ٻولين جي حق ۾ گهڻا اکر آهن يا ٿورا،
ڇو ته ٻنهي ڳالهين جي حق ۾ گهڻا دليل آهن، مگر
منهنجو اهو مضمون ڪونهي.
ابڙو عبدالطيف ”ساقي“
طالب الموليٰ جي منصب کان بيزاري
ڪافي مدت کانپوءِ هالا جي سر زمين نئين ”ديوان“ جي پيدائش جو
فخر حاصل ڪيو آهي. هيءُ اهو منفرد ديوان آهي جيڪو
اڳ ئي جهانگين جي جهونگار بنيل آهي. ”ديوان طالب
الموليٰ“ سنڌ جي مشهور ڪهنه مشق شاعر، هالا جي
بزرگ هستي، درگاهه حضرت مخدوم نوح رحه جي موجوده
سجاده نشين حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن
جي عظيم تر تصنيف آهي.
هن تصنيف ظاهر ڪيو آهي ته سائين طالب الموليٰ جنهن کي اڪثر اهل
قلم حضرات ڪافي گو شاعر تسليم ڪيو آهي، اڄ انهن
جون سوچون غلط ثابت ٿيون!
غزل جي اٿاهه سمنڊ ۾ ڇوليون هڻندڙ ديوان طالب الموليٰ دعوت
نظاره ڏئي رهيو آهي ته اي اهل قلم اچو ۽ ڏسو ته
منهنجي ڀيٽ ۾ غزل جون ويرون حويلين جي ڪوٽن کان به
اوچيون آهن يا نه!!.
آئون ڪو مفڪر نه آهيان، نه ئي ڪو دانشور آهيان. ۽ نه وري تبصره
نگار يا نقاد! فقط هڪ روحاني جذبي تحت سائين طالب
الموليٰ جن جي گفتار و اشعار جو ديوانو ضرور
آهيان! مون کي ياد آهي ته آئون ٻئي يا ٽئي درجي
سنڌيءَ ۾ پڙهندو هوس، ته ڀاءُ غلام رسول ”غلام
هالائي“ وٽ پيل ڪتاب ”تذڪره شعرا هالا“ اڪثر
پڙهندو هوس، جنهن ۾ وڏي ڀاءُ مرحوم قائم الدين
قائم، هالائي، اختر هالائي، سليم هالائي ۽ سائين
طالب الموليٰ جي اوائلي شاعري ”طالب“ جي تخلص سان
اهل سخن جي ذهن کي جهنجهوڙي رهي هئي. ان وقت ۾
سائين طالب الموليٰ اردو فلمن جي گانن جي طرز تي
پنهنجا ڪلام چوڻ شروع ڪيا. مونکي چٽو ياد آهي ته
جڏهن گڏيل هندوستان جي اردو فلم ”جگنو“ رليز ٿي ته
سندس مشهور عام گانو:
آواز دي کهان هي دنيا ميري جوان هي.
هر ننڍي وڏي جي زبان تي ٻرڻ لڳو، سائين طالب الموليٰ به ان سر ۽
ڌن کان محظوظ ٿيندي پنهنجي محبوب کي هن طرح صدا ٿو
ڏي:
آ يار دلربا تون - محبوب مام لقا تون
آ دل ۾ درد آهي - ٻيو ڪير هنکي دلبر تون کان سولاهي
بيمار آهيان بسمل دارو ڀي تون دوا تون.
ان وقت ۾ ڪراچيءَ جو مسئلو سنڌين جي لاءِ غيرت جو مسئلو بنجي
چڪو هو. جڏهن سائين ”جي ايم سيد“ سن واري
انگريزيءَ ۾ پهريون ڪتاب ”SAVE
THE SIND“
(سنڌ بچايو) شايع ڪيو هو. انوقت مرحوم خليفه محمد
عمر اختر هالائي به مذڪوره گاني جي طرز تي ڪراچيءَ
جي مسئلي تي وطنيت جو اظهار ڪندي هن ريت چيو هو:
آباد شهر ڪراچي - جان وجگر ڪراچي
آيا ڪٿان هي ڪاهي، غيرن کي ڪهڙو حق آهي، ملڪيت اسانجي آهي،
صدين کان آهي اسانجو جان و جگر ڪراچي، آباد شهر ڪراچي.
هالا جو انوقت نوجوان شوقيه ڳائڻو، (ميان شفيع محمد ”چاپائي“
جيڪو هن وقت به زنده آهي) جنهن وقت مٿيان ٻئي ڪلام
”آڏاڻي“ ۾ ويهي ”نڙي“ جي ٺوڪ تي ڳائڻ شروع ڪندو هو
ته هڪڙي پاسي لفظن جون لطافتون ته ٻئي پاسي وطن جي
محبت ننڍڙي ذهن کي ايڏو ته متاثر ڪنديون هيون جو
بدن جا وار ئي ڪانڊارجي ويندا هئا. منهنجي چوڻ جو
مقصد فقط اهو آهي ته سائين طالب الموليٰ جي شعر
وشاعري جي پسند ۾ منهنجو ننڍپڻ به شامل آهي.
اڄ جيڪو قلم کنيو اٿم، اهو ”ساڻن“ والهانه محبت جو ثبوت آهي،
جيڪو ڪم علمي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ هوندي به بي ڊپو سندس
شاعريءَ تي رقم طراز آهي:
ڪتاب جي سرورق جي سري تي لکيل آهي؛
شاعري ذهن جي احساس جو نالو آهي
مون وڃي آه ڏٺو حسن بشر کي ويجهو.
سائين طالب الموليٰ اعتراف ڪيو آهي ته شاعر جي ذهن مان جڙي
نڪرندڙ الفاظ سندس صحيح احساسات جي ترجماني ڪن ٿا،
يعني هو جيڪي لکي ٿو سو سندس اندر جو نظريه آهي ۽
هو چاهي ٿو ته جيڪي لکيو اٿم ائين ٿيڻ به گهرجي!
ڇو جو اها سندس دلي طلب آهي ۽ آس پڻ!!
سائين طالب الموليٰ هونءَ ته هر ميدان جستجو مان پنهنجي شاعريءَ
کي گذاريو آهي، ان ۾ هو رندن سان ڪچهريون ٿو ڪري،
ساقيءَ کان مئي جي طلب پيو ڪري ته واعظ و زاهد سان
اره زورايون پيو ڪري، ڪٿي وري شيخ سان جهيڙو جوٽيو
ويٺو آهي ته ڪٿي ناصح سان معذرت پيو ڪري، حالانڪ
اهي سڀئي وصفون غزل جي جان آهن، جيڪي هر غزل گو
شاعر استعمال ڪري ٿو. مگر هتي آئون جنهن نقطه کي
بيان ڪندس سو آهي...:
طالب الموليٰ جي سندس منصب کان بيزاري.
الله تبارڪ وتعاليٰ جي طرفان جيڪي نعمتون کين عطا ٿيل آهن انهن
جو ڪاٿو ۽ ڳاڻاٽو ته آهي ئي ڪونه! هو صاحب طريقت
آهي، صاحب شريعت به آهي، صاحب اولاد به آهي ته
صاحب عظمت ڀي، صاحب دولت ڀي آهي ته صاحب تقدس ڀي،
صاحب علم ڀي آهي ته صاحب فهيم ڀي، مگر پاڻ قبول ٿا
ڪن ته هي نعمتون مفت نه مليون انهن کي حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪيترين پيڙهين جاکوڙ ڪئي آهي! فرمائين ٿا ته؛
ڦل مليو ڪنهن کي جي دنيا ۾ رياضت جي سبب،
جي ڪو مخدوم ٿيو آهي ته خدمت جي سبب.
اڳتي ساڳيءَ ڳالهه کي دهرائيندي فرمائين ٿا ته:
ٿو ٿيئي مخدوم خدمت جي ڪري،
قوم جا ٿيندا ئي خدمتگار ڏڍ.
مگر جيڪڏهن ائين نٿو ڪري سگهين ته پوءِ هيءُ چوڻ درست ٿيندو
ته؛
اگر خدمت ڪرڻ جي ناه طاقت طالب الموليٰ
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
پوءِ خدا ڄاڻي ته زماني جي بدلجندڙ فضا مطابق سندن طبعيت تي ڪو
اهڙو اثر پيو جو آداب و اخلاق جي روايتي بندشن کان
آزادي حاصل ڪري مڪروه حجت تي ڪمربسته ٿي بيٺا،
فرمائين ٿا ته:
پنڻ هو عيب پر، پير طريقت جو شعار اڄ ٿيو
خدا وڪڻن ٿا پئسي تي سندن ڪردار مٽجي ويا.
نه فيض جا چشمه ٿا ڦٽن نه ڪرامتن جا معجزا ٿا ظهور ۾ اچن، جيڪي
اصل ۾ بزرگن جو اهڃاڻ آهن، انهيءَ کان سواءِ...
اها پيري ۽ مخدومي به هڪڙي ڍنگ اڄ آهي
فقط رندن سان الفت آه مستانن کي پوڄيون ٿا.
جيڪي آهيان اهو ڏسڻ ۾ نٿو اچان، جيڪو حقيقت ۾ ناهيان انتي زماني
کي اعتبار آهي، ان لاءِ چٽو چتاءُ ڏين ٿا ته؛
اوهانجي طالب الموليٰ کي، سمجهڻ جي ڪجو هردم،
سندس ظاهر جي شانن شاهڪارن تي متان ڀلجو.
اندر جو احوال کولي ٻڌائڻ به وڏو جهاد آهي، جيڪو سندن لفظن مان
ظاهر آهي ۽ سڌو پڌو چيو ڏين ته؛
اوهانجو طالب الموليٰ حقيقت ۾ فقير آهي،
مگر ظاهر ۾ هو مخدوم ۽ هڪ پير سمجهيو ويو.
سروريه خاندان اول کان وٺي پيري ۽ فقيري ٻنهين کي گڏو گڏ هلائڻ
جو مثال قائم ڪيو آهي، معنيٰ، هڪ رخ مخدومي ته ٻيو
رخ فقيري! پنهنجي ئي قلم سان تحرير ڪن ٿا ته:
اميري ۾ فقير آهي فقيري ۾ امير آهي،
اهو هڪ طالب الموليٰ ئي سجاده نشينن ۾.
مڃيان ٿو ته مخدوم آهيان، پير ڀي آهيان، فقير به آهيان، مگر ان
هوندي به جهان آڏو خادم ۽ خاڪسار آهيان فرمائين ٿا
ته...
فقير، پير ۽ مخدوم طالب الموليٰ،
مگر جهان جو خادم ۽ خاڪسار آهيان.
مگر اڳتي هلندي سندن خيالن ۾ بيزاري ايتري قدر وڌندي وڃي جو
پنهنجي شان و شوڪت کي لت هڻيو ڇڏي ۽ قدرت طرفان
مليل نعمتن کي جسم تي بار محسوس ڪندي پنهنجي عظيم
تر طاقت کي هيچ سمجهندي فرمائين ٿا ته...
مان ڄاڻان فقط رندي ۽ پيري، نه مخدومي،
سجاده نشيني پڻ مون لاءِ ٿي محڪومي.
انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته سندن ذهن مٿين جوابدارين کان آجو
رهڻ ٿو چاهي، ٻيءَ صورت ۾ پنهنجي وجود کي روايتن
جي قيد ۾ بند ٿا محسوس ڪن ۽ تصور ئي تصور ۾ انهن
بندشن کان پاڻ کي آجو ڪري کليل فضا ۾ ساه کڻندي
اعلان ٿا فرمائين ته ...
طالب الموليٰ تي سجاده نشيني داغ هئي،
هم نوائو! اڄ انهي کي لت هڻي موٽيو آهيان.
۽ پنهنجي ئي کنيل تصوراتي قدم تي خود ئي شاباس ڏيندي فرمائين ٿا
ته...
پيري ۽ مخدومي کي ڇڏيئي، ڄڻ عشق جي محرومي کي ڇڏيئي!
هي جرات اي طالب الموليٰ سبحان الله، سبحان الله.
۽ انسان انتهائي قدم تڏهن کڻندو آهي جڏهن سڀئي واهون ختم ٿي
وينديون آهن!
”رهن“ (گروي) هڪ بي بسي ۽ مجبوريءَ جي علامت آهي مگر مطلوبه شي
کي حاصل ڪرڻ لاءِ، يا، اهم ترين طلب کي پوري ڪرڻ
لاءِ پنهنجو قيمتي اثاثو گروي رکي خوشي حاصل ڪرڻ،
سائين طالب الموليٰ جوئي شيوه آهي! جام ۾ پيل هڪ
سرڪ کي ماڻڻ لاءِ پنهنجو منصب رهن رکڻ جو انوکو
قدم سائين طالب الموليٰ ئي کنيو آهي! راقم ٿا ڪن
ته:
پيري مخدومي رکي ٿم رهن هڪڙي جام لئه
سڀ ڏئي آيو آهيان ۽ ڪجهه وٺي آيو آهيان
جيڪي ڪجهه هٿ ۾ اٿن اهو سڀئي ڏئي ٿورو حاصل ڪري به خوشي ٿا
محسوس ڪن اهڙي طرح ٻئي هنڌ ساقي کي صدا هڻندا
فرمائين ٿا ته
سجاده نشيني کي رک رهن اي ساقي
پئمانا پياري ڀڃ، ظاهر واري معصومي
سبحان الله! ڪيڏو نه وجود جي شان و شوڪت سان جهيڙو کاڌو اٿن،
ظاهر ٿا ڪن ته جيڪي اندر ۾ آڙاه ٿا ٻرن سي ظاهر
ڏسڻ ۾ ٿا اچن، اهي اندر جا راز تڏهن کلي ظاهر
ٿيندا جڏهن ساقي پنهنجن ئي هٿن سان پئمانا ڀري
پياريندو، ڇو ته... نشو هر راز کي کولي ٿو ڇڏي!
مگر ساقي به شايد زباني صدائن تي طلب پوري ڪرڻ
وارو نه آهي، آخر نا اميد ٿي وٽس سجاده نشني (مڪمل
عزت و عظمت) رهن رکڻ لاءِ تيار آهن. آخر ۾ پنهنجي
وجود سان جهيڙو ڪندي فرمائين ٿا ته...
اڃا پيري ۽ مخدومي کي چنبڙيو پيو آهين
چريا! هو نيهن وارا جي ها نذرانا ٿيا اڻ لڀ.
پوءِ به... کوٽو نفس دنيوي جاه و جلال تان هٿ کڻڻ نٿو ڏي ته
فرمائين ٿا ته...
لباس پيري مخدومي ٿيا نا جنس منهنجي لئه،
گذاري ڪين ڪي سگهيس عبا سان گڏ قبا سان گڏ.
مگر وري به پنهنجي عمل تي نازان آهن ۽ باور ٿا ڪرائين ته پاڻ
مخدوميءَ کان بلڪل ڪناره ڪش آهن، جيئن فرمائين
ٿا...
ڇڏي مون عشق ۾ مخدومي، پيري، طالب الموليٰ
انهيءَ اعمال جا خود شان شاهانه اٿو شاهد.
اڃا اڳتي هلي دلي طلبون ختم ڪري ڇڏي، جام و جم کي حقير سمجهي
پري ٿو اڇلائي! ڇو جو فقيرن جي محفل ۾ جام و جم جو
ڇا مقصد فرمائين ٿا...
فقيراڻوئي ڪشڪول آهي طالب الموليٰ
ملي جيڪو ته اڇلايان مان جام جم کي ڇا ڪريان.
مطلب ته سائين طالب الموليٰ جي شاعري سنڌ ۽ سنڌي زبان تي هڪ
احسان آهي.
مطلب ته هيءُ عظيم شاعر مهراڻ جو منهن مٿاهون ڪندڙ ۽ سندس
ڌرتيءَ جو شان چئجي ته مبالغو نه آهي. سندس صاف ۽
سلوڻا الفاظ جيڪي شهرين ۽ جهانگين کي هڪجهڙا پيارا
آهن. مونکي خاص ڪري سندن عجيب و غريب رديف سان
پيار آهي، جيڪي گهڻو ڪري ٺيٺ سنڌي هوندا آهن. هيءُ
هڪ ئي خيال جو نمونو پيش ڪيو اٿم، جيڪڏهن ”سندن“
شعر کي هر نقطه نگاه کان ڪسوٽي آڏو رکي پرکجي ته
شايد سندن ديوان کان به وڌيڪ مواد مڙي پئي! مون تي
عين فرض هو ته ”ساڻن“ انس و محبت جوثبوت ڏيان، سو
پنهجن ڪچن ڦڪن جملن ۾ پيش ڪيو اٿم اميد ته شرف
قبوليت حاصل ڪندا!
آخر ۾ هيئن چوندي نه رهندس...
فقط ديد تنهنجي جو ساقي آ طالب،
سدائين جو راهون ٿو تنهنجون نهاري. |