سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مون مطالع سپرين

باب-

صفحو :1

مون مطالع سپرين

انور هالائي

بزم طالب الموليٰ سنڌ

تاريخي پس منظر:

ادب ۽ ثقافت قومن جي سڃاڻپ جا اهڃاڻ آهن. جنهن قوم وٽ پنهنجو ادب ۽ ثقافت نه آهي اها قوم ڪڏهن به زنده قومن ۾ شمار نه ٿيندي. سنڌيءَ ٻوليءَ کي خاص طور اها اهميت حاصل آهي ته ان جو ادب ۽ ثقافت پنج هزار سال قبل مسيح کان به قديم آهي جو زماني جي حالتن ۽ ملڪي صورتحال جي مدِ نظر ترقي ڪندو رهي ٿو.

اڄ اسين جنهن دور ۾ رهون ٿا، اهو انگريزن جي دور حڪومت کان نئين صورتخطي جي روشنيءَ ۾ ترقي پذير آهي. قليچ، سانگي دور کان وٺي مختلف شاعرن، اديبن، سخن دانن، دانشورن، ۽ مفڪرن ادب کي ترقي وٺائڻ لاءِ نه رڳو نوان نوان تجربا ڪيا آهن بلڪ ان کي دنيا جي سڌريل ادب جي شانه بشانه ملائڻ ۾ قابل تحسين جدوجهد ڪئي آهي.

ويهينءَ صديءَ ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ادب ۾ جيڪا نواڻ آندي آهي يا فني وسعت بخشي آهي ان جو ذڪر نه ڪرڻ موجوده ادب جي ترقيءَ جي اسباب سان ناانصافي ٿيندي.

مخدوم طالب الموليٰ اوڻويهين آڪٽوبر اوڻويهه سؤ اوڻيهه مطابق نائين محرم تيرهن سؤ اٺٽيهه هجري تي تولد ٿيا، پاڻ حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح رحه جي خاندان جا چشم و چراغ آهن. حضرت مخدوم سرور نوح رحه جو سڄو خاندان روحاني سرچشمئه فيض سان گڏ علمي ادبي پڻ آهي، جنهن ڪري سندن تعليم و تربيت جو خاص خيال رکيو ويو. بهترين استادن ۽ ناياب ادبي ڪتابن جي مطالعي کين طبع فڪرو رسا بخشي آهي. علمي ادبي شخصيتن سان ڪچهريون ۽ مباحثا منجهن قوت فهم ادارڪ جو سبب بڻيا. اهڙن سڀني سهولتن کين شاعري جي منزل ڏانهن گامزن ڪيو. اٽڪل يارهن سالن جي عمر ۾ پاڻ هڪ شعر لکيائون.

”يا الاهي يار مون ايندو ڪڏهن

درد دل جو دور هي ٿيندو ڪڏهن“

اُن شعر چوڻ جو سال 1930ع چيو وڃي ٿو. ننڍي ٽهي، جواني ڏانهن قدم وڌائي رهي هئي ۽ شاعريءَ جو گهوڙو منزل ڏانهن روان دوان هو. اهو دور هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ سياسي اختلافن جي ڪري سنڌيءَ ٻوليءَ جي رسم الخط تي به تڪرار جو باعث بنيو. جڏهن 1940ع ۾ لاڙڪاڻي مان ”اديب سنڌ“ رسالو نڪرڻ لڳو ته مخدوم صاحب ان ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح شاعريءَ جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکيائون.  اچانڪ تاريخ 28 ذوالحج مطابق 15 ڊسمبر 1944ع سندن، والد بزرگوار مخدوم غلام محمد صديقي و قريشي عرف ”گل سائين“ جن دنيا مان برقعو مٽايو ۽ پاڻ 17 سجاده نشين جي حيثيت ۾ پهرين محرم الحرام 1364هه مطابق 18 ڊسمبر 1944ع تي گادي نشين ٿيا. اُن وقت سندن عمر صرف 24 سال هئي. نوخيز جوانيءَ جي ان دور ۾ مريدن  خادمن کي سنڀالڻ جي ذميواري جا فرائض به مٿن عائد ٿي ويا. ان هوندي به ادب جو شوق ترڪ ڪري نه سگهيا. نثر خواه نظم تي طبع آزمائي جاري رهي. سنڌي ٻوليءَ کي صحيح منزل ڏانهن وک وڌائڻ ۾ مخدوم صاحب  جو هٿ رهيو.

1946ع ۾ مسلم اسڪول هالا جي ميدان تي مرحوم ”انجم هالائي“ جي انتظام سان هڪ طرحي مشاعرو منعقد ٿيو. جنهن جي مصرع طرح هئي:

”چمن جو جلوه باعث آ سندم رنگين نوائي جو“

صاحب طرح هو محترم محمد اسماعيل ”فدا“ عرساڻي، جيڪو ان وقت هالا هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو. اهو هالا ۾ پهرين پبلڪ مشاعرو هو جنهن جي صدارت عاليجناب مخدوم محمد زمان طالب المولي صاحب جن ڪرڻ فرمائي ۽ اسٽيج سيڪريٽري راقم الحروف هو. اهڙيءَ طرح مخدوم صاحب جن هالا جي ادبي محفلن ۾ عملي حصو وٺڻ شروع ڪيو. 1944ع کان 1951ع واري دور ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري غزل کانسواءِ ڪافي تي به عبور حاصل ڪيو. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته مخدوم صاحب جن جون ڪافيون ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان نشر ٿيڻ لڳيون. 1950 کان 1960ع واري دور کي مخدوم طالب الموليٰ جي ادب کي ارتقائي دور سڏيو ويو آهي. ان زماني ۾ هندن جي لڏي وڃڻ ڪري جيڪو ادب کي نقصان پهچڻ جو انديشو هو ان کي بچائڻ ۾ مخدوم طالب الموليٰ پيش پيش هو. پاڻ هالا ۾ ”الزمان پرنٽنگ پريس“ قائم ڪري هفتيوار ”الزمان اخبار“ ۽ فردوس رسالي جو اجراءُ ڪيائون. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ هالا کي سنڌي ادب جي مرڪزي حيثيت حاصل ٿي وئي. انهن سڀني خدمتن کي سر انجام ڏيندي اچانڪ صوبي سنڌ کي ختم ڪري ”ون يونٽ“ قائم ڪرڻ جا جيڪي سانباهه ڪيا پي ويا جنهن ڪري سنڌيءَ ٻوليءَ جي ختم ٿيڻ جو خطرو درپيش ٿيڻ لڳو. قبله طالب الموليٰ نه رڳو ون يونٽ قائم ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي مگر سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ تحفظ لاءِ پڻ جدوجهد ڪئي.

انهن سڀني خدمتن جي اعتراف ۾ سنڌ جي هڪ مرد مجاهد دادوءَ جهڙي ڪوهسار ضلعي  ۾ بزم طالب الموليٰ قائم ڪئي. اهو مرد مجاهد هو پير علي محمد  ”اظهر قريشي“ جنهن پير رکيل ريلائي ۾ بزم طالب الموليٰ کولي ۽ سنڌ جي ارباب فڪر کي چئلنج ڪيو ته اسان هن سنڌ ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جي مجاهد مخدوم طالب الموليٰ جي خدمات جي اعزاز ۾ جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نٿا ڪري سگهون، ته سندس نالي سان بزم کولي هڪ مستقل يادگار قائم ڪريون. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ بزم طالب الموليٰ قائم ٿي. ان تقليد ۾ سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ بزم طالب الموليٰ جون شاخون قائم ٿيڻ لڳيون. ان چئلينج جي مدنظر سال 1958ع ۾ مخدوم امين فهيم، ڊاڪٽر اسد الله شاه حسيني، مولانا محمَّد گرامي، پير محبوب علي، پير شاهنواز شاه ”عارف الموليٰ“، پير علي بهادر، احسن الهاشمي، محبوب سروري، انور هالائي، محمد جمن هالو، پير علي محمد اظهر، غلام نبي ميمڻ، ڪمال الدين ميمڻ، شوڪت علي شيخ، سرشار عقيلي ۽ عبدالطيف راز بلڙائي، سڀني 3 سول لائينس حيدرآباد واري بنگلي تي يڪراءِ فيصلو ڪري مخدوم صاحب کان اجازت گهري ته بزم طالب الموليٰ کي مرڪزي حيثيت ڏجي جيئن ان جي شاخن کي سنڌ ۾ مرڪز جي سرپرستي حاصل ٿئي.

ٻن ڏينهن جي بحث مباحثي کان پوءِ مخدوم صاحب انهيءَ جي منظوري ڏني ۽ بزم طالب الموليٰ جو چرچو سڄي سنڌ ۾ عام ٿيڻ لڳو ۽ سرشار عقيلي ”بزم طالب الموليٰ“ جي نالي سان هڪ ڪتاب شايع ڪيو جنهن ۾ ادبي جماعت کي ”فقيرانه تحريڪ“ قرار ڏنو ۽ بزم طالب الموليٰ جي متن، ڪم جي طريقي ۽ انهيءَ جي وضاحت ڪئي ۽ هيٺين 29 شاخن جي وجود جي ان ڪتاب ۾ اشاعت ڪئي.

1. پير رکيل ريلائي 2. پٿورو 3. ميرپور بٺورو 4. ڪراچي 5. تاجپور 6. ٽنڊو آدم 7. ٽنڊو الهيار 8. ڄام صاحب 9. سعيد آباد 10. ٽنڊو حيدر 11. پٽڻي 12 ٺٽو 13. ڊگهڙي 14. خيرپور ناٿن شاهه 15. پير بخش ميربحر 16. قاضي احمد 17. ٿرڙي جادو شهيد 18. ڪرم خان نظاماڻي 19. کپرو 20. سنڌڙي 21. هالا 22. بدين 23. کاهي 24. ماتلي 25. بجياري شريف 26. حيدر آباد 27. قنبر 28. درويش 29. نواب شاهه.

دراصل انهن شاخن مان صرف ٻه ٽي شاخون ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪرڻ لڳيون هيون باقي سڀ شاخون براءِ نام هيون. مرڪز جو ته ڪنهن به شاخ سان ڪو رابطو ڪونه هو پر بزم طالب الموليٰ کي هڪ سنڌي ادب جي جماعتي حيثيت ملي ويئي. حسن اتفاق سان انهي سال لنڊن ۾ به بزم طالب الموليٰ جي شاخ کلي وئي. جنهن جو صدر عزيز صوفي آهي جيڪا اڄ تائين قائم آهي. اهڙيءَ طرح ڪم اڳتي هلندو رهيو ۽ سال 1963ع ۾ هن جماعت کي رجسٽر پڻ ڪرايو ويو. جنهن کان پوءِ چار سال مرڪز جي ڪارڪردگي معطل رهي ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ شاخون ڪم ڪنديون رهيون. 7 مئي 1967ع تي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ مرڪز ۽ شاخن کي منظم ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو ۽ جن نون ساٿين هن ادبي ڪم ۾ عملي ڪارڪردگي ڏيکاري اُنهن مان فقير محمَّد عسيٰ مست حسين بخش خادم، مصري مائل ڪاڪا، علي احمد شاهه، احمد خان آصف، رئيس دوست علي خان، هيسب خان نوادڻي، مهر علي طابع، گلشير ڪاڪا، پير منصور علي، امان الله شاد، غلام رسول راز باڊاهي، ولي سروري، امداد حسيني، مرتضيٰ ڏاڏاهي ۽ غلام هالائيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. اهڙي طرح بزم جي قاعدن قانونن تي نظر ثاني ڪرڻ، شاخن ۽ مرڪز جي وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ، الحاق جو طريقئه ڪار ٺاهڻ، تي بحث مباحثو ڪيو ويو، ليڪن پهرين آڪٽوبر 1968 تائين به اهو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو. وري 25 جون 1969 تي هڪ گڏجاڻي ۾ نين چونڊن وقت ٽن غير ذميدار ميمبرن، هڪ غلام نبي ميمڻ ٻيو ڪمال الدين ميمڻ ٽيون شوڪت علي شيخ جي ميبر شپ ختم ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح هڪ سال ۾ هڪ گڏجاڻيءَ جي حساب سان ڪم هلندو رهيو. پر اهڙو ڪو طريقه ڪار واضح نه ٿي سگهيو جو انتظامي ۽ الحاقي طور شاخن ۽ مرڪز جي وچ ۾ لاڳاپو قائم ٿي سگهي. 11 نومبر 1972 تي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ نه رڳو مرڪزي آفيس حيدرآباد کان هالا منتقل ڪئي وئي پر هڪ نئين آئين ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي ته جيئن آئين ۾ نئين سر سڌارا واڌارا آڻجن جنهن کي مستقل طور ۽ آسانيءَ سان عمل ۾ آڻي سگهجي.

آئين ڪميٽي جا ميمبر هئا: سيد حيدر شاهه ”حيدر“، ڊاڪٽر اسدالله شاه حسيني، ولي سروري، انور هالائي، محبوب سروري، ۽ مصري مائل ڪاڪا، ان آئين ٺهڻ ۾ وقت بوقت ڪورم پورو نه هجڻ جي ڪري 2 سال لڳي ويا. انهيءَ دوران مخدوم خليق الزمان خليق به اچي بزم ۾ نه رڳو شرڪت ڪئي پر کيس مرڪزي بزم جو نائب صدر چونڊيو ويو، هن صاحب آئين ٺهرائڻ لاءِ آئين ڪميٽي جي ميمبرن ۾ ردو بدل ڪرائي آئين ٺهرايو. موجوده آئين چئن ميمبرن 1. سيد حيدر شاه 2. مصري مائل سروري 3. ولي سروري 4. انور هالائي  جوڙيو. ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن جي زير صدارت هڪ گڏجاڻي جيڪا 15 اپريل کان شروع ٿي. آئين جي پهرين پڙهڻي بحال ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح 27 جولاءِ 1979 تي شام جو چئين بجي موجوده آئين ۽ با ئلاز مرڪزي بورڊ ٽن پڙهڻين سان بحال ڪيو ۽ ان آئين مطابق بزم جي چيئرمن قبله مخدوم طالب الموليٰ جن کي گذارش ڪئي وئي ته نئين آئين کي لاڳو ڪري ان تي عمل ڪرايو وڃي جنهن صاحب ان نئين آئين جي توثيق ڪئي. ان وقت سنڌ ۾ جن شاخن جو وجود هو، انهن جا نالا هي آهن.

1. سونڊا 2. کپرو 3. جهڏو 4. پير بخش ميربحر 5. صوفي فقير 6. ڪراچي 7. نندو شهر 8. تلهار 9. ٽنڊوالهيار 10. خيرپورناٿن شاهه 11. باڊهه 12. پير رکيل ريلائي 13. پٿورو 14. مورو 15. هالا 16. روهڙي 17. لاڙڪاڻو 18. ميرپورخاص 19. نم شريف 20. اسلام آباد.

آئين تي عمل ڪرڻ لاءِ مرڪز ۽ شاخن جي وچ ۾ الحاق قائم ڪرڻ لاءِ شاخن سان خط و ڪتابت ڪئي ويئي ۽ هيٺيان عهديدار مرڪز ۾ چونڊيا ويا.

سينئر وائيس چيئرمن: مخدوم امين فهيم

جونيئر وائيس چيئرمن: 1. مخدوم خليق الزمان 2. سيد حيدر شاهه

سيڪريٽري جنرل: مصري مائل ڪاڪا

جوائنٽ سيڪريٽري: انور هالائي

خزانچي: غلام هالائي

انتظامي ڪائونسل تي هيٺيان ميمبر کنيا ويا.

1.محمد جمن هالو 2. امان الله شاد 3. پير علي محمد اظهر 4. محبوب سروري 5. غلام رسول راز باڊاهي 6. ولي سروري 7. احسن الهاشمي 8. ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني 9. امداد حسيني 10. مرتضيٰ ڏاڏاهي 11. پير علي بهادر.

جن نئين آئين ۾ مزيد درستي ڪري قبله مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جن کي سرپرست بدران مستقل چيئرمن قرار ڏنو.

نئين آئين بحال ڪرڻ کان پوءِ ٻن سالن تائين سيڪريٽري جنرل مائل سروري نه شاخن سان واسطو قائم ڪيو نه ڪا گڏجاڻي ڪوٺائي. انڪري جناب چيئرمن صاحب آئين ۾ کيس مليل اختيارات قلم پنجين تي (2) ٻي موجب مصري مائل ڪاڪا کي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان خارج ڪري اها اضافي چارج جوائنٽ سيڪريٽري انور هالائيءَ جي حوالي ڪئي، ۽ انتظامي ڪائونسل کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ حڪم صادر ڪيو ته بزم جي ڪاروبار کي في الحال ملتوي رکجي. اپريل 1981ع ۾ مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ سروري جن جي تعاون ۽ ڪوشش سان جناب چيئرمن صاحب جن ان ڳالهه جي منظوري ڏني ته شاخن کي از سرنو منظم ڪيو وڃي ۽ هيٺين نئين انتظامي ڪائونسل نامزد ڪرڻ جو حڪم فرمايو. 1. مخدوم امين فهيم 2. مخدوم زاده خليق الزمان ”خليق“ 3. مخدوم شفيق الزمان 4. سيد حيدرشاه 5. سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 6 ولي سروري 7. حسين بخش خادم 8. غلام هالائي 9. خوشتر سروري 10. سرفراز راڄڙ 11. انورهالائي. چيئرمن صاحب انهن ڪائونسلرن مان ضرورت سارو ڪن مصروف ماڻهن جي جاءِ تي ڪي ٻيا وقت پوري ٿيڻ کا اڳ مقرر ڪرڻ يا تعداد کي وڌائڻ يا ردو بدل جا اختيار پاڻ وٽ محفوظ رکيا ۽ سيڪريٽري جنرل انور هالائي کي حڪم ڏنو ته شاخن سان رابطو قائم ڪجي ۽ هڪ ڪل سنڌ ڪنوينشن 1981ع ۾ ئي ڪوٺائجي. اُنهيءَ اجازت ملڻ بعد سيپٽمبر جي آخري هفتي ۾ ويهن شاخن کي خط لکيا ويا ۽ کانئن رايا ۽ رٿون گهرايون ويون. جن مان پندرهن شاخن نه رڳو ڪنوينشن جو خير مقدم ڪيو بلڪ بزم طالب الموليٰ کي از سر نو تنظيم لاءِ هر قسم جي تعاون ۽ مدد لاءِ يقين ڏياريو ۽ پنهنجون رٿون ۽ تجويزون ڏياري موڪليون. اهڙيءَ طرح 11 ڊسمبر 1981ع تي جناب چيئرمن صاحب جن ڪنوينشن لاءِ 25 ڊسمبر 1981ع مقرر ڪري شاخن کي اطلاع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ خدا جي فضل سان 25 ڊسمبر وارو ڪنوينشن نهايت ئي ڪامياب ٿي گذريو جنهن ۾ هيٺين شاخن جو الحاق منظور ڪيو ويو.

1.هالا 2. نم شريف 3. روهڙي 4. پٽڻي 5. پٿورو 6. سونڊا 7. پير بخش ميربحر 8. ملنگ منڱريو 9. ڪراچي 10. خيرپور ناٿن شاه 11. باڊه 12. پير رکيل ريلائي 13. ٽنڊوالهيار.

کپرو، سرهاڙي ۽ هالا پراڻا جي شاخن کي تجرباتي طور منظور ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح بزم طالب الموليٰ جي شاخن ۽ مرڪز ۾ انتظامي ۽ عملي  رابطو قائم ڪيو ويو.

سال 1982ع دوران هيٺين ٽن بي عمل شاخن کي معطل ڪيو ويو.

نم شريف 2. سونڊا 3. ٽنڊوالهيار

۽ هيٺين ٽن شاخن جو الحاق پڪيءَ طرح منظور ڪيو ويو.

سرهاڙي 2. هالا پراڻا 3. کپرو.

مرڪزي انتظامي ڪائونسل ۾ جناب چيئرمن صاحب هيٺين ميمبرن جو اضافو ڪيو 1. اصغر علي هالو 2. عبدالنبي خاتم 3. جاويد بلوچ 4. الهنواز رڪڻائي، غلام هالائي پنهنجي طبع جي ناسازيءَ جي ڪري استعيفا ڏني ان ڪري ان جي جاءِ تي قاضي عبدالحق انصاريءَ کي نامزد ڪيو ويو، مرتضيٰ ڏاڏاهي مسلسل هڪ سال ڪنهن به ڪائونسل جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪانه ڪئي انڪري کيس سبڪدوش ڪري ان جي جاءِ تي شوڪت قريشيءَ کي نامزد ڪيو ويو.

اڄ اسين مرڪزي بزم طالب الموليٰ سنڌ جو سلور جوبلي ڪنوينشن ملهائي رهيا آهيون جيئن ته تيرهن شاخن ۽ مرڪز جي وچ ۾ رابطو ۽ لاڳاپو گذريل ڪنوينشن کان وٺي اڄ تائين رهندو پيو اچي تنهن ڪري يقين آهي ته هي ادبي جماعت اڳتي هلي نمايان ڪارڪردگي ۽ بي لوث ادبي خدمتن جو ثبوت ڏيندي. اڄ اسين خوش آهيون جو ورهين کان بي ترتيب بزم کي منظم طور طريقي سان هلائي رهيا آهيون ۽ اسان سڀني جي دلين ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ اٿاهه پيار آهي جنهن کي وڏي خلوص سان نڀائڻ جو پڪو پهه ڪيو اٿئون.

پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ

پسي لهس م لچيا، سڙيا مٿي سچ

سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.

(تعارف: سوجهري تان ورتل)

اکين ڏٺو احوال.

 

ديوان طالب الموليٰ جي رونمائي

هالا، سنڌ جو علمي ادبي ۽ تاريخي شهر آهي جنهن ۾ ڪيترا عالم ، اديب، شاعر، محقق، تاريخدان، دانشور ۽ سخن ور ٿي گذريا آهن. هتي علمي ادبي محفلن ۽ تقريبن جو دور اڄ کان پنجاهه سال اڳ کان شروع ٿيو آهي ۽ اهو سلسلو ڪڏهن آهستي ته ڪڏهن تڪڙو هلندو اچي ٿو. هالا جي علمي ادبي جماعتن ۾ بزم طالب الموليٰ علمي ادبي سرگرمين کي جاري رکندو اچي.

سروري پبلڪيشن هالا، جيڪو سروري تنظيم جو ذيلي شعبو آهي ان طرفان قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي غزلن جو ڪتاب ”ديوان طالب الموليٰ“ شايع ڪيو ويو ته بزم طالب الموليٰ شاخ هالا، ان ڪتاب جي رونمائي جو بار پنهنجي سر تي کنيو

تاريخ 13 آگسٽ شام جو ڇهين بجي، رونمائي جي تقريب شروع ٿيڻي هئي ۽ 12 آگسٽ صبح کان وٺي بزم طالب الموليٰ جا ميمبر ۽ ڪارڪن تقريب کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ ۽ ڪم ڪار ۾ مشغول هئا جن جي نگراني شاخ جو صدر مخدوم سعيد الزمان عاطف پاڻ بذات خود ڪري رهيو هو.

13 آگسٽ هڪ روشن ۽ خوشگوار صبح هو، بزم جا ميمبر ۽ ڪارڪن هن تقريب کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ لڳل هئا مسلسل ڪم ڪرڻ هوندي به سندن چهرن تي خوشيءَ جون ريکائون هيون. هنن چاهيو ٿي ته هن تقريب کي تاريخي تقريب بنائڻ ۾ ذرو به پس و پيش نه ڪن. بزم طالب الموليٰ شاخ هالا جي آفيس کي ڪنوار وانگر سينگاريو ويو هو. آواز ۽ روشنائي جو بهترين انتظام ڪيل هو. ٽنهي طرفن کان مخدوم طالب الموليٰ سائين جي شعرن جي انتخاب جا بينرس لڳل هئا. ائين پي محسوس ٿيو ته ڄڻ سڄي شهر جو حسن ۽ نور هتي اچي گڏ ٿيو آهي. مخدوم رفيق الزمان، مخدوم جميل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان ۽ مخدوم عقيل الزمان جلسي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هر ڳالهه کي نظر مان ڪڍي رهيا هئا پر چوندا آهن:

ماد رچه خياليم، فلڪ درچه خيال

شام جو 4 وڳي آسمان ڪڪرن سان ڇائنجي ويو ۽ اوچتو ئي اوچتو سانوڻ جو مينهن لارون ڪري وسڻ لڳو. ميمبرن ڪارڪنن جلدي جلدي جلسه گاهه جو سامان اندر ڪيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳا ته من مينهن بند ٿئي ته هن ٿڌي موسم ۾ تقريب جو آغاز ٿئي. ٻاهران آيل مهمان گهڻو ڪري پهچي چڪا هئا. هالا جا معزز شهري به آهستي آهستي اچي رهيا هئا. پر مينهن جي ڦڙ ڦڙ 7 بجي تائين به جاري هئي ۽ اهو يقين نه پئي ٿيو ته مينهن جي رفتار گهٽبي، وڌندي يا بند ٿيندي. تقريب شروع ٿيڻ جو ٽائيم 4 هو. آخرڪار بزم جي عهديدارن، ميمبرن ۽ ڪارڪنن هن جلسي کي اندر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر بزم جي آفيس جو اندريون ڪمرو تمام ناڪافي هو انڪري هن سموري تقريب کي مخدوم صاحب جن جي اٺاس بنگلي ڏانهن منتقل ڪيو ويو. بوندا باري جاري هئي ۽ سامان جي منتقلي به، اٺاس بنگلي جي وڏي ۽ ويڪري ورانڊي ۾ وري نئين سر سجاوٽ شروع ڪئي ويئي ان وقت ائين محسوس نٿي ٿيو ته ڪير مخدوم آهي، ڪير پير آهي، ڪير امير آهي، ڪير عهديدار آهي يا ڪارڪن، سڀ مزدورن وانگر ڪم تي جنبي ويا. ۽ اهو به شڪر هو جو 8 بجي کان اڳ سمورو سامان منتقل ٿي ويو ڇاڪاڻ ته 8 وڳي رات جو مينهن وڏي شان مان سان وسڻ لڳو جيڪو مسلسل 11 وڳي تائين وسندو رهيو. ڏيڍ ڪلاڪ ۾ اٺاس بنگلي کي ائين سنيگاريو ۽ جوڙيو ويو ڄڻ ته اصل جلسو هتي ئي ٿيڻو هو. رات جو 9 وڳي وسندڙ مينهن ۾ صاحب ڪتاب قبله سائين مخدوم طالب الموليٰ صاحب، مخدوم امين فهيم، مخدوم خليق الزمان، مخدوم شفيق الزمان ۽ مهمان خصوصي احمد خان آصف جلسي گاه ۾ تشريف فرما ٿيا. سڀ کان وڏي ڳالهه اها  هئي ته هن سموري تقريب کي مووي ڪئميرا ذريعي فلمائڻ جا مڪمل انتظام ڪيا ويا هئا. پوري ساڍي نوين بجي وسندڙ مينهن ۾ شاخ جي جنرل سيڪريٽري رسول بخش منظور سروري تقريب جي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ رونمائي جي تقريب واري نشست لاءِ انور هالائي کي ڪاروائي هلائڻ لاءِ سڏ ڪيو. انورهالائي حڪم جي تعميل ڪندي مير مجلس ۽ مهمان خصوصي کي سندن جاين تي ويهڻ لاءِ گذارش ڪئي ۽ تقريب جو آغاز تلاوت قرآن پاڪ سان ڪرڻ لاءِ قاضي عبدالحق انصاري کي گذارش ڪئي. ان کان پوءِ مخدوم سعيد الزمان عاطف جن کي سڏ ٿيو جن سروري پبليڪيشن جي صدر جي حيثيت ۾ ديوان  طالب الموليٰ جي اشاعت جي اهميت ۽ پبليڪيشن جي نون پروگرامن کان سامعين کي آگاه ڪيو.

اُن کان پوءِ تاڙين جي گونج ۾ احمد خان آصف کي مخدوم سعيد الزمان عاطف ديوان طالب الموليٰ جو نسخو پيش ڪيو جنهن ڪتاب جي ربن ٽوڙي، رونمائي ڪئي. هن رسم ۾ قبله مخدوم طالب الموليٰ جن به ڪجهه دير لاءِ شرڪت ڪئي. قاضي عبدالحق انصاري، ديوان جي اشاعت تي مرحبائي نظم پڙهيو جنهن کي ڏاڍو ساراهيو ويو. ڪتاب تي ڳالهائيندڙن ۾ پهرين پهرين مخدوم خليق الزمان کي گذارش ڪئي ويئي. ان مهل مينهن وري زور ورتو. ٻاهر مينهن پئجي رهيو هو ۽ اندر مخدوم خليق الزمان پنهنجي انگريزي زبان جي مقالي جي بارش وسائي رهيا هئا. پاڻ انگريزي ۾ پڙهڻ جو اهو سبب ٻڌايائون ته جيئن غير زبان به ديوان جي اهميت ۽ مواد کي پروڙي سگهن. مخدوم خليق الزمان ثابت ڪيو ته ديوان طالب الموليٰ غزل جي دنيا ۾ هڪ نئون انقلاب آهي. تجربن ۽ مشاهدن جي روشنيءَ ۾ غزل کي عظيم تر بنايو ويو آهي. الحاج رحيم بخش قمر، پنهنجي مقالي ۾ ديوان طالب الموليٰ جي مهاڳ تي تبصرو ڪندي نون اکرن کي ٻوليءَ ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته فڪر و تخيل جو هي ادبي گلدستو، سنڌ جي گوشي گوشي کي سرهاڻ بخشيندو. اُن کان پوءِ انورهالائي پنهنجي مقالي ۾ هالا ۾ ڇپيل ڪتابن جي ارتقا تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه هن خطي جا پهريان شاعر هئا ۽ ميين عيسيٰ جي سنڌي هالا جو پهريون شاعريءَ جو ڇپيل ڪتاب آهي. هن ديوان طالب جي مرحلن ۽ ڇپائي جي تڪليفن جو پڻ مختصر ذڪر ڪيو. مرزا عباس علي بيگ ديوان طالب الموليٰ جي اشاعت تي بيحد مسرت جو اظهار ڪندي قبله مخدوم صاحب جن کي غزل جو شهنشاهه ڪوٺيو ۽ زندگيءَ جي مختلف عنوانن جا مثال سندن ئي ديوان مان ڏيندي چيو ته مخدوم صاحب جي قلم تي سنڌ کي سدائين ناز رهندو.

اُن کان پوءِ جناب عبدالطيف ساقي، هڪ نظم ديوان جي اشاعت تي پڙهيو ۽ سامعين کان داد حاصل ڪيو. مهمان خصوصي احمد خان آصف پنهنجي تحقيقاتي مقالي ۾ ثابت ڪيو ته سنڌ ۾ ڪل 38 ديوان شايع ٿيا آهن جن مان 32 سندن ڪتب خاني ۾ پڻ موجود آهن. هن ٻڌايو ته سڀ کان پهريون ديوان 1934ع ۾ ديوان گل به هالا مان ئي شايع ٿيو ۽ 48 سالن کان پوءِ وري هي ديوان به هالا مان شايع ٿيو آهي. هن چيو ته هي پنجون ديوان آهي جيڪو هالا مان شايع ٿيو آهي. انڪري به هالا جو ڪر مٿانهون آهي. هن مخدوم محمد زمان صاحب جن جي الف ب ۾ وڌايل ڇهن اکرن جي پرزور حمايت ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي اکر ٻوليءَ جي الف ب ۾ شامل ڪيا وڃن. ان کانسواءِ حڪومت کان گهر ڪئي ته ديوان طالب الموليٰ، ايم اي جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي.

آخر ۾ صاحب ديوان قبله سائين مخدوم طالب الموليٰ جن پنهنجا تاثرات بيان ڪندي سروري پبليڪيشن هالا جو ديوان ڇپائڻ تي ۽ بزم طالب الموليٰ شاخ هالا نوان جو هن تقريب منعقد ڪرڻ تي شڪريو مڃيو. پاڻ انهن مقاله نگارن جو ٿورو به مڃيائون جن سندن ڪتاب تي پنهنجا زرين خيالات پيش ڪيا پر تعجب جو اظهار ڪيو ته هنن ڪوبه اختلافي  تبصرو ڪونه ڪيو آهي جيئن کين پنهنجي اوڻاين جي نشاندهي ٿي سگهي. پاڻ وري به  انهن مقاله نگارن، پڙهندڙن ۽ سامعين کي گذارش ڪيائون ته هو بنا ڪنهن امتياز جي پنهنجا اختلافي تبصرا لکي موڪلين.

مخدوم صاحب جن چيو ته ادب جو موجوده دور، پنهنجي اصلوڪي ٻوليءَ کان پري وڃي رهيو آهي جيڪو اسان جي ادب لاءِ هاڃيڪار آهي. پاڻ چيائون ته آئون لکڻ جي ڪنهن به صنف سان مخالفت نٿو ڪريان ڇاڪاڻ ته ان طرح سنڌي ادب کان سندس سرمايو کسجي ڪونه ٿو پر ملي ٿو. پر اديبن ۽ شاعرن کي گهرجي ته جيڪي پاڻ ڳالهائين ٿا ان زبان ۾ لکن. جيئن هرڪو ان کي پروڙي سگهي. مخدوم صاحب جن شاعريءَ جي سڀني صنفن جي فائدي ۾ ڳالهايو ۽ چيو ته اهو ضروري آهي ته هر صنف ۾ ان جي مزاج واري ٻولي استعمال ڪئي وڃي جيئن سنڌي ادب ۾ ڪابه ڌاريائپ محسوس نه ٿئي. پاڻ چيائون ته ٻوليءَ ۾ جن اکرن جي مون تجويز ڏني آهي، ۽ دليلن طور انهن جا غزل به پيش ڪيا آهن. اُنهن کي ٻوليءَ ۾ شامل نه ڪرڻ سنڌي ٻوليءَ لاءِ هاڃيڪار آهي، ڇاڪاڻ ته اسان ٻوليءَ جي اچارن، آوازن ۽ ان جي فني اصولن تي پرکڻ کان پوءِ انهن جي سالميت کان انڪار ڪري نٿا سگهون.

آخر ۾ مخدوم صاحب جن احمد خان آصف جو ٿورو مڃيو جنهن سندن هن ڪتاب جي رونمائي جي دعوت قبول ڪئي ۽ تڪليف وٺي آيو. پاڻ سامعين کان جلسي جي دير لاءِ معافي ورتائون پر ان جو سبب موسم جي خرابي هئي. پاڻ وري به سروري پبليڪيشن ۽ بزم طالب الموليٰ هالا شاخ جو ٿورو مڃيائون.

اهڙيءَ طرح رات جو 12 بجي هي پروقار تقريب پوري ٿي. هڪ ڪلاڪ جي مانيءَ جي وقفي کان پوءِ وري 1 بجي قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي صدارت ۾ طرحي مشاعرو شروع ٿيو جنهن ۾ مقامي ۽ مهمان شاعرن حصو ورتو بعد ۾ محفل موسيقي ٿي. 14 تاريخ صبح جو 5 بجي هي يادگار تقريب پوري ٿي.


 

 

مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ

 

مقدمه

هي صدارتي تقرير، ديوان طالب الموليٰ جي رونمائي واري موقعي تي، عاليجناب قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن ڪرڻ فرمائي، جيڪا پاڻ بطور مقدمه هن سوينئر لاءِ شايع ڪرڻ جي اجازت ڏني اٿن (مرتب)

 

دل چاهي ٿي ته آئون ديوان طالب الموليٰ تي نه ڳالهايان، ڇو ته ان تي گهڻو ڪجهه چوڻ وارن چيو آهي ۽ پڙهيو آهي. آئون خود حيران آهيان ته منهنجي شاعريءَ ۾ ڪي ايتريون خوبيون آهن ڇا؟ انهن دوستن جي مهرباني جن منهنجي ديوان تي لکيو ۽ ڳالهايو آهي. دراصل ڪتابن جا مهورت، افتتاح، تعارف، نقاب ڪشائي يا رونمائي جي رسم ٻاهران زنده قومن وٽان آئي آهي. زنده قومون پنهنجي فنڪارن جي سندن ئي زندگيءَ ۾ پنهنجي طرفان حوصله افزائي ڪنديون آهن سندن فن تي تذڪرا لکندا آهن، مجالس ڪندا آهن، ڪتاب شايع ڪندا آهن جيئن هو پنهنجي فن ۾ وڌيڪ ترقي ۽ ڪمال حاصل ڪن. اسان جي قوم مرده پرست آهي، ڪو صاحب ڪمال، اهل فن، سخندان، جڏهين گذاري ويندو ته پوءِ ان جي ياد ۾ ورسيون ملهايون وينديون، تعزيتي جلسا ٿيندا، اخبارون خاص نمبر ڪڍنديون آهن. ان وقت اسان جي سڄي قوم جا قلم تيز ٿي ويندا آهن. هيءُ نه شڪايت آهي نه حڪايت پر هڪ تجربي جي ڳالهه آهي. اسان جي قوم جا ماڻهو پوءِ قبرن تي گل چاڙهيندا، ان جي ثنا ۽ ساراهه جا گيت ڳائيندا آهن. اڄوڪن نوجوانن کي آفرين آهي جو انهن زنده پرست ٿيڻ جو عزم ڪيو آهي. اڄ ڪلهه شاعرن ۽ فنڪارن سان شامون ملهايون وڃن ٿيون اخبارن ۾ انهن جي همت افزائي ٿئي ٿي ۽ توقع ٿي ڪجي ته اڳتي هلي موجوده نسل ان کي ترقي ڏيندو. منهنجي تجربي موجب اڪثر هر صاحب ڪتاب ڇپائڻ جو خرچ پاڻ ڪندو آهي ۽ رونمائي جا دعوت نامه خواه ٻيو سمورو خرچ به پاڻ ڪندو آهي جيڪو دراصل ائين نه ٿيڻ کپي بلڪ اهڙن عملي ادبي ادارن مثلا سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، يونيورسٽي وغيره طرفان مصنفن جي قدرو قيمت ڪرڻ گهرجي.

اڄوڪي رونمائي جي تقريب ۾ شرڪت ڪري مون کي خوشي ٿي آهي. دراصل جنهن کي مهورت چيو وڃي ٿو ان جي لغوي معنيٰ آهي مبارڪ گهڙي يا علم نجوم مطابق مبارڪ وقت يا سعد ڏينهن مقرر ڪرڻ، جيڪو ستارن جي رفتار مطابق معلوم ڪيو ويندو آهي. اڄوڪي تقريب بزم طالب الموليٰ شاخ هالا نوان پاڻ پنهنجي سر ڪئي مون ان ۾ ڪوبه خرچ نه ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان.

دراصل جڏهين ڪتاب ڇپجڻ لاءِ پريس ۾ ويو هو ته ڪن دوستن رونمائي لاءِ تجويز ڏني پر مون ان کي خودنمائي يا خود ثناء سمجهي رد ڪيو. جڏهين ڪتاب ڇپجي آيو ته هڪ دوست ان ڪوشش ۾ رهيو ته جيئن ان ڪتاب جي نقاب ڪشائي ضرور ٿئي. منهنجا فرزند به ان راءِ سان شامل هئا پر آئون ان خود نمائي کان گريز ڪرڻ جي فائدي ۾ هوس. ڪنهن دوست اهو ذڪر ڪيو ته خواه مخواه تنقيد ٿيندي تنهن ڪري رونمائي نه ڪجي ان راءِ تي مون هڪدم رونمائي جي اجازت ڏني ڇاڪاڻ ته جيستائين ڪنهن به ڪتاب تي تنقيد نه ٿيندي تيستائين مون کي  پنهنجي عيبن ۽ اوڻاين جي خبر ڪانه پوندي ۽ جيڪي غلطيون هونديون انهن کي درست ڪرڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو نه ملندو. رونمائي کان سواءِ به ديوان تي تنقيد ٿي سگهي ٿي پر ان جو پڙلاءُ مون تائين پهچي يا نه؟ اڄوڪي تقريب ۾ جن دوستن ديوان تي لکيو آهي پڙهيو آهي انهن رڳو تعريف ڪئي آهي آئون انهن کي گذارش ٿو ڪريان ته جيڪي ڳالهيون تنقيد ۾ شامل آهن. اهي ۽ هن کي کلي مجلس ۾ ڪنهن مصلحت جي ڪري هو بيان ڪري نه سگهيا آهن اهي مون ڏانهن ذاتي طور لکي موڪلين ته جيئن آئون انهن مان فيض حاصل ڪري سگهان. صاحب ڪتاب هونئن به لاشعوري طرح چاهيندو آهي ته  منهنجي ڪتاب تي ماڻهو ڳالهائين ۽ تعريف ڪن جنهن مان کيس ذهني سرور ايندو آهي پر آئون تنقيد مان به سرور حاصل ڪندس. جنهن مان ئي منهنجي رهنمائي ٿيندي رونمائي مان منهنجي نظر ۾ فائدو. اهي به آهن ته نه رڳو ڪتاب جي مشهوري ٿيندي بلڪ وڪرو به ٿيندو ۽ عوام کي خبر پوندي ته فلاڻو ڪتاب فلاڻي فن تي ڇپجي چڪو آهي.

ڪتاب جي مهاڳ ۾ مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اها اڄ جي سوچ ڪونهي پر اڄ کان ويهه سال اڳ به آئون ان راءِ جو هوس ۽ هينئر به آهيان جڏهن مسٽر غلام مصطفيٰ جتوئي سنڌ جو وزير اعليٰ هو، ان وقت جي ڳالهه آهي ته اسلام آباد ۾ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس پي هليو، جتوئي صاحب به اتي هو، مون ٻنپهرن جي مانيءَ جي دعوت ڪئي جنهن ۾ جتوئي صاحب کان سواءِ ان وقت وارو سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير پيار علي الانا صاحب ۽ تعليم کاتي جي ٻن آفيسرن پناه علي شاه ۽ ڊاڪٽر اسدالله شاه ٽکڙائي کي به مدعو ڪيو هوم. دوران گفتگو مون اها ڳالهه چوري ته سنڌي الف ب ۾ فلان فلان اکر به موجود آهن جن کي شامل ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي. اڪثر ماڻهو هڪ ڪن کان ٻڌي ٻي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندا آهن، پر هنن صاحبن به هڪ ڪن کان به ڳالهه ڪانه ٻڌي.، ان مان به مون سٺو تاثر نه ورتو، اُنڪري مون فيصلو ڪيو ته انهن اکرن جي رديف تي غزل لکجن ۽ پنهنجو ديوان ڇپرائي پيش ڪريان جيئن انهن تي اديب راءِ زنيڪن، اهل قلم، اهل سخن غور و فڪر ڪن. هيءَ منهنجي راءِ آهي جيڪا حرف آخر ڪانهي. ڪو ڪلام الاهي نه آهي ڪلام طالب الموليٰ آهي جنهن ۾ غلطيون به ٿي سگهن ٿيون بقول ڀٽائي صاحب:

مون ۾ عيب آپار، آءٌ عيبن هاڻي آهيان.

اهوئي سبب آهي جو اهو غلطين ڀريل ڪتاب مون ٻي ڪنهن سان منسوب ڪرڻ جي عيوض پنهنجي پاڻ سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي.

اڄوڪي رونمائي ۾ ڪو وزير، امير، ڪبير، سردار، وغيره نهايت آسانيءَ سان اچي ٿي سگهيو، پر مون اهو پسند ڪيو ته هن علمي ادبي ڪتاب جي نقاب ڪشائي ڪو اديب ڪري ۽ مون ذاتي طور محترم احمد خان آصف جو انتخاب ڪيو.

اڄوڪي تقريب ۾ جن دوستن مقالا پڙهيا آهن، انهن مان قمر لاکو صاحب، مرزا عباس علي بيگ صاحب، انور هالائي صاحب ۽ منهنجو پٽ مخدوم خليق صاحب جن آهن (خليق انگريزي مقالو لکيو آهي) احمد خان آصف خوشامند پسند ڪونه آهن. در حقيقت خليق جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان لاءِ آئون ايئن (معذرت سان) چوندس ته ”زبان يار من انگلش ومن انگلش نمي دانم“ پر سمجهان ٿو ته هن صاحب کي جيڪا خوبي ديوان ۾ نظر آئي آهي، اها لکي آهي مون کي ان تي فخر آهي هن صاحب سنڌي عالمن ۽ اديبن جي اڳيان هڪ سٺي شيءِ پيش ڪئي آهي.

دراصل غزل جي زبان هڪ سٺي عروضي زبان آهي جنهن ۾ مروج عربي فارسي الفاظ ۽ ترڪيبون استعمال ڪرڻ ضروري آهن. ان لاءِ آئون هڪ سٺي شاعر جو مثال پيش ڪندس، جيڪو جڏهن وائي ۽ گيت لکي ٿو ته اصلوڪي سنڌي زبان استعمال ڪري ٿو ۽ جڏهين غزل لکي ٿو ته فارسي، عربي زبان استعمال ڪري ٿو. مثال:

اي سراپا شباب ويجهو آءٌ

مثل شعر و شراب ويجهو آءٌ

ڪيترو  وقت آ خدا معلوم

هي جهان خراب ويجهو آءٌ

مرمرين جسم احمرين اکڙيون

هاءِ تنهنجو شباب ويجهو آءٌ

شبنم آلود لب کڻي مون وٽ

مثل برگ گلاب ويجهو آءٌ

سينئه ساز تي هڻي مضراب

روح چنگ و رباب ويجهو آءٌ

پابه جولان آرخش عمر روان

تون به ٿي هم رڪاب ويجهو آءٌ

ياد آيو ”اياز“ کي هو جسم

اي شب ماهتاب ويجهو آءٌ

(ڀونئر ڀري آڪاس صفحه 194)

عروضي شاعري ڪرڻي آهي ته اها زبان سکڻ کپي. جيئن آصف صاحب هندن جو مثال ڏنو، انهن جي زبان جدا هئي. ليکراج عزيز جي موزون شاعري به شيخ اياز جي موزون شاعري وانگر آهي. مرزا عباس علي بيگ کان معلومات ملي ته سنڌ جو مرثيه گو شاعر مرحوم ثابت علي شاه اٽڪل 1225هجري ۾ وفات ڪئي ان جي مرثيه جو هڪ دعائيه بند آهي ته:

يا الاهي واسطي حسنين جي،

ان جي عترت داور دارين جي.

ان جي ناني قبلئر ڪونين جي،

ان جي بابي سيدالثقلين جي،

رحمت عظميٰ منجهان ڀاڱو ڏيار،

واز ڪرم ڪبرى شفاعت ڏي نهار.

هي زبان اڄ کان ٻه سئو ورهه اڳ جي آهي. مير حسن علي خان حسن به اهائي زبان ڪم آندي آهي:

عطارد کان قلم قدرت ڪري پيو،

دل مهتاب ۾ داغِ الم ٿيو.

منهنجو مطلب اهو نه آهي ته زبان کي ڦيرايو وڃي پر قائم رکڻ کپي. موجوده زبان کي هندي زبان جي آميزش سان استعمال نه ڪيو وڃي. آئون ان جي مخالفت نه ٿو ڪريان پر ايترو ضرور چوندس ته اها اسان جي ٻوليءَ جي مستقبل لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. منهنجي اها راءِ آهي ته ڪافي، گيت وغيره ۾ سنڌي لفظ ڪتب آڻجن مگر غزل ۾ اها زبان ڪم آڻجي جنهن ۾ صحيح طور غزل لکيو وڃي ٿو. هندي لکڻي آهي ته صاف هندي ڇو نه لکجي.

مون مهاڳ ۾ مخففن جو ذڪر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ قاضي محمد هالا پراڻائي مون کان فون تي سوال پڇيو مون صدين کي صدن ڇو استعمال ڪيو آهي. جواب ۾ چيم ته ان باري ۾ ارادو آهي ته  ساڻس روبرو به ڪچهري ڪبي جڏهين صدن ۽ ساقن کي عام طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. عام ماڻهو صدين ۽ ساقن جي (ي) حذف ٿو ڪري تنهن ڪري اهو غلط العام صحيح آهي. منهنجو هڪ غزل آهي جنهن کي منقبت به چئي سگهجي ٿو ان جي مطلع آهي:

چئي صلو عليٰ پئندس ڀلي پيو جام ڀر ساقي،

ڇڏيندس ڪين ڪي هرگز ڀلارا تنهنجي پر ساقي.

مقطع آهي: 

هتي دنيا جا ساقي خودبخود ميخوار بنجن ٿا،

مليو سو طالب الموليٰ کي ساقن جو صدر ساقي.

جيئن شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڀونئر ڀري آڪاس“ ۾ لفظ دلين استعمال ڪيو آهي ”دلين جا درياءَ اٿلي پيا اوچتو“ يا پير حسام الدين راشدي جي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ ”اڻ ڏٺل دليون“ ۾ (ي) ڏسڻ ۾ ايندي. ان کي مخفف نٿو ڪري سگهجي.

سنڌي ۾ دلون غير فصيح آهي بلڪ ”ي“ اضافي آهي انڪري دلن غلط العام صحيح آهي، منهنجو خيال آهي ته انهن ڳالهين تي آزادانه بحث ٿئي ۽ غور و فڪر ڪجي جيئن منهنجو تصنيف ڪتاب ”سنڌي لغات مخففات“ هڪ سٺو ڪتاب بنجي پوي.

مون کي افسوس آهي جو مقاله نگارن ديوان تي ڪابه تنقيد ڪانه ڪئي. جيڪا ٿيڻ کپي ها. ان باري ۾ آئون دوستن سان ڳالهائيندس.

پڇاڙيءَ ۾ آئون بزم طالب الموليٰ هالا جي صدر ۽ اراڪين، بزم ۽ سروري پبليڪيشن جو ٿورائتو آهيان جن هي تقريب منعقد ڪئي آهي. آئون سڀني مقاله نگارن صاحبن جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي هن ڪتاب تي اڄ سير حاصل تبصرو ڪيو آهي. انورهالائي ڇپائڻ ۾ هن ڪتاب تي ڪافي محنت ڪئي آهي. احمد خان آصف بنا چوڻ جي مادهء تاريخ لکي موڪليو آهي.

اوهان سڀني جي مهرباني جو اوهان هن برسات وسندڙ رات ۾ دير ٿي وڃڻ هوندي به مقاله نگارن کي دلچسپي ۽ سڪون سان ٻڌو ۽ هتي شرڪت ڪري تقريب کي ڪامياب ڪيو.

نوازش، ڪرم، شڪريه مهرباني.

*

مخدوم خليق الزمان خليق

 

 

منهنجو شاعر

قدرت ازل کان انسان جي تخليقي خيالن جو وڏو ذريعو پي رهي آهي. انسان جي تخليقي سوچ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ رب تعاليٰ اسان کي ڪيتريون ئي نعمتون عنايت ڪيون آهن مثلاً پاڻي، کير، ماکي، ميوا، ڀاڄيون، گل، خوشبو، سونهن، پيار ۽ شاعري وغيره.

ڪائنات عجيب و غريب ۽ حيرت انگيز واقعن سان ڀريل آهي جن مان ڪي  دلچسپ ته ڪي اڻ وڻندڙ ٿين ٿا اچو ته ڪجهه وقت لاءِ زندگي جي تلخ حقيقتن کي پاسيرو رکي شاعريءَ جي هٻڪاريل ۽ وڻندڙ پهلوئن تي ڳالهايون.

شاعري، شاعر جي خيالن جي دنيا ۾ موجود لڪل خزاني کي ظاهر ڪري ٿي، شاعري شاعر جي جذبن، احساسن، خيالن، تجربن ۽ اڀياس جي خزاني سان ڀرپور هڪ مڪمل دنيا آهي ۽ شاعر تي سندس ماحول جو اثر ٿئي ٿو.

اهڙا تمام ٿورا شاعر آهن جن جو ذهني رويو مثبت ۽ بي عيب هوندو آهي، جن کي وساري ئي نه سگهبو آهي. انهن ڪن ٿورن شاعرن مان هڪ نمايان شاعر جنهن تي آئون لکڻ گهران ٿو سو آهي طالب الموليٰ.

محرم الحرام جي نائين تاريخ 1338هه مطابق 19 آڪٽوبر 1919ع ڏينهن جو سج جڏهن چوٽ تي رسيو ته هن دنيا۾ هڪ اهڙي ٻار جو جنم ٿيو جنهن جي شروعاتي وهي فرمانبرداري جو مثال رهي آهي ۽ پوءِ جي زندگي خلق خدا جي اهنجن ۽ ڏکن ڏولاون کي ڏور ڪرڻ ۾ پي گذري آهي.

مشهور آهي ته تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائي ٿي اهوئي سبب آهي جو طالب الموليٰ جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳندو آهي ڄڻ ته سعدي وري ڄائو هجي، خيام تي نئون جوڀن آيو هجي يا حافظ ٻيو جنم ورتو هجي.

آئون پنهنجو نقطئه نظر سمجهائڻ لاءِ مٿن شاعرن جو ڪجهه ڪلام پنهنجي شاعر جي ڪلام سان ڀيٽيندي پيش ڪريان ٿو:

طالب الموليٰ جن جي فارسي جي شاعرن سان دلچسپي آهي، انهن شاعرن مان خاص طرح حافظ شيرازي آهي جنهن جي شاعري جو اثر طالب الموليٰ جي ڪلام تي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين آهي تنهن ڪري هاڻي آئون چند شعر حافظ شيرازي جا پيش ڪندس ۽ ان جي خيالن سان ملندڙ طالب الموليٰ جا خيال ٻڌائيندس. حافظ چيو آهي:

مادر پياله عڪس، رخ يار ديده ايم

اي بي خبر زلذتِ شرب مدام ما

يعني اسان پيالي ۾ پنهنجي يار جو رخ ڏٺو آهي، اسان جي مي نوشيءَ جي لذت کان بي خبرئو طعنو نه ڏيو.

پر طالب الموليٰ پنهنجي قدح ۾ ڪهڙو ديدار ڪيو ۽ ڇا رنگ ڏٺو، سو هن طرح آهي:

قدح گران ۾ پاڻ نظر مون کي آئيو

منهنجو شراب سرخ حقيقت شعار هو

حافظ فرمائي ٿو ته:

مابدين در نه پي حشمت و جاه آمده آيم

از بد حادثه اين جا به پناه آمده ايم

يعني اسين هن در تي حشمت ۽ دٻدٻي حاصل ڪرڻ لاءِ نه بلڪ خراب حادثي کان پناه وٺڻ آيا آهيون. طالب الموليٰ جو هي خيال آهي ته:

پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي ساقي ڪا ڏي مون کي پناه

اقتدارن جي اجهي تان هٿ کڻي موٽيو آهيان

حافظ ڏانٽي جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي

مرزع سبز فلک ديدم و داس مہ نو

يادم از کشتئه خوش آمد و هنگام درو

يعني مون آسمان جي سائي پوک ۽ پهرين تاريخ جي چنڊ جو ڏانٽو ڏٺو ته مون کي پنهنجي ٻني ۽ ان جي لاباري وارو وقت ياد اچي ويو.

طالب الموليٰ ڏانٽي بابت هيئن چوي ٿو:

سنگ جي عزت ۽ عظمت ئي تڏهن ايندي نظر

جنهن گهڙي ڏانٽو پوي ۽ ٿي وڃي ڪانن جي ڀينگ

سعدي شيرازي پنهنجي ڪتاب ”گلستان“ ۾ هڪ شعر لکيو آهي جنهن جي هڪ مصرع هيءَ آهي ته:

هر عيب سلطان به پسندد هنر است

يعني وقت جو بادشاه جيڪڏهن ڪنهنجي عيب کي پسند ڪري ٿو اهو ثواب آهي.

طالب الموليٰ اُنهي ساڳي مصرع ۾ هن طرح ڦيرڦار ڪيو آهي ته:

هر هنر که سلطان نه پسندد عيب است.

يعني بادشاهه جنهن ثواب کي پسند نٿو ڪري، اهو عيب ٿيو پوي. ۽ سنڌي غزل جي هڪ شعر کي ساڳي مفهوم ۾ طالب الموليٰ هن طرح ادا ڪيو آهي ته:

هر مقتدر قصور ڪندي بي قصور آهه

هر ڪو ڏسي گناهه سوين بي گناهه ۾.

حافظ چوي ٿو ته:

بس تجربه کرديم درين دار مکافات

با درد کشان هر که در افتاد برافتاد

يعني اسان هن بدلي وٺڻ واري دنيا ۾ هي تجربو ڪيو آهي ته جن به سرڪي پياڪن کي تنگ ڪيو انهن جي پڇاڙي خراب ٿي.

اُنهي ئي زمين ۾ طالب الموليٰ هن طرح چيو آهي ته:

ياد رکجو جن به مستن سان ڪئي ڪا هٿ چراند

ياد رکجو ٿي وڃي ٿي اهڙي فرزانن جي ڀينگ

حڪيم خيام جي هڪ رباعي آهي ته:

هر چند که رنگ وبو زيباست مرا

چون لاله رخ و سرو بالاست مرا

معلوم نشد که طرب خانئه خاک

نقاشِ ازل از بهرچه آراست مرا

يعني ڪيتريقدر ته مون کي شان و شوڪت عطا ڪيو ويو آهي لاله جهڙي رخ ۽ سرو جهڙو قد به آهي. هيءُ معلوم ٿي نه سگهيو ته خوشين جي خاڪي گهر يعني دنيا فاني ۾ ازل واري نقاش (خالق) ڇو مون کي سينگاريو آهي. ۽ طالب الموليٰ اها سموري حقيقت پنهنجي هڪ ئي شعر ۾ هن طرح ادا ڪئي آهي ته.

گُل وجود جي بخشيئي خدايا دنيا ۾

ته باغ عمر ڪيئي بي بهار ڪهڙي سبب

اچي هرڪو ٿو پر ڇا هر ڪوئي لهي ٿو

کيڏي هرڪو ٿو پر ڇا اهو وندرائيندڙ آهي

سمهي ته هرڪوئي ٿو پر ڇا اهو سمهڻ سانت وارو آهي.

ساهه ته هرڪوئي ٿو کڻي پر ڇا اهو دم تازو آهي

سنگهي ته هر ڪوئي ٿو پر ڇا اهو معطر آهي

مرڪي ته هر ڪوئي ٿو پر ڇا اهو موهيندڙ آهي

روئي ته هر ڪوئي ٿو پر ڇا اهو ڏکوئيندڙ آهي

پيار ته هر ڪوئي ٿو ڪري، پر ڇا اهو سچ آهي.

هي ۽ ٻيون به زندگيءَ جون ڪيتريون ئي حقيقتون آهن جن تي اسان جي شاعر غور و فڪر ڪرڻ بعد پنهنجا تاثرات پڌرا ڪيا آهن.

ديوان طالب الموليٰ تي ڪجهه لکڻ جي سلسلي ۾ آئون سمجهان ٿو ته منهنجو علم ۽ اڀياس محدود آهي. آئون نه ته ڪو مستند شاعر آهيان ۽ نه وري شاعريءَ تي عبور اٿم. شاعريءَ لاءِ منهنجي اٿاهه جستجو ۽ لڳاءُ مون کي هن شاهڪار جي اڀياس ڪرڻ تي مجبور ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ مون پنهنجا احساس ۽ تاثرات ڪاغذ تي منتقل ڪيا آهن، جيڪي هن مقاله جي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهن. آئون پنهنجو پاڻ کي هن ڪتاب تي لکڻ جو اهل ڪونه ٿو سمجهان، اهو ڪم سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن، نقادن ۽ دانشورن تي ڇڏيان ٿو ته اهي هن تي بحث ڪن.

جيستائين ديوان جي غزلن جو تعلق آهي ته اهي نسل انساني سان لاڳاپيل ۽ انسان جي اندر جي انيڪ سوالن جا جواب آهن، هن ڪتاب ۾ آيل غزل ويهين صديءَ جي چوٿين کان اٺين ڏهاڪي تائين مشتمل پنجاه سالن جي زندگي جي نشيب و فراز جي اپٽار آهن. طالب الموليٰ جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي پڙهندي سندس قوت بيان جو قائل ٿي وڃيٿو جو پاڻ نه فقط عشقيه موضوع قلم بند ڪيا اٿس بلڪ تصوف، انسانيت، انفراديت، فلسفي ۽ انساني معاشري جي ڪيترن انيڪ موضوعن تي تمام واضح ۽ تفصيل سان لکيو اٿس. پاڻ پنهنجي ديوان ۾ پڙهندڙن تي ٻوليءَ جي صحيح استعمال پهاڪن، اصطلاحن، تشبيهن، استعارن، اشارن ۽ ڪناين سان گڏگڏ ڳوڙهن خيالن،  تصور، رويي، رد عمل ۽ لفظن جي بي مثال استعمال سان بي پناهه نموني اثر انداز ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙن کي موهيو ڇڏي.

ديوان ۾ فلسفيانه لفظن جو وڏي پيماني تي اظهار خيال ٿيل آهي. جنهن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

دشمني چاهين ته اڄ ڪلهه جا وڃي ڪري يار ڳول

دوستي رکجان ڀلي پر يار از راهِ مذاق

عقلمند آهي اهو جو بي وقوفن سان ٺهي

بيوقوف ئي ٿا بنائن پنهنجو فرزانن سان سنگ

هڪڙي شيءِ جي پرک لاءِ ٻي مختلف شيءِ ٿي کپي

عاقلن جي ثابتي دنيا ۾ ٿو جاهل ٿئي.

اها ڳالهه منهنجي نظر مان گذري آهي ته انفراديت جو اظهار به ڪن شعرن ۾ ڪيو ويو آهي جيئن

وڃان ٿو جاده منزل وٺيو همت ۽ قوت سان

مان پنهنجي آزوئن جو امير ڪاروان آهيان

پنهنجي هستي سان ئي آه هن جي بقا طالب الموليٰ ان ۾ نه ٿبو بنا

پائي آغوش هن ساڻ باهم ٿجي پاڻ ان ۾ ڪڏهن ڪين مدغم ڪجي.

ديوان ۾ ڪيترائي غزل اهڙا به آهن جن کي جيستائين مڪمل نه پڙهبو تيستائين انهن مان مڪمل حظ حاصل ٿي نه سگهندو ڇاڪاڻ ته اهي غزل ٻوليءَ جو شاهڪار آهن.

رشڪر. بخت سيه رشڪر. تاريڪ شب هن جا زلف دوتا خوشنما خوشنما

الله الله جبين ضوفشان ضوفشان جلوه گر جلوه گريا خدا يا خدا

هن شاهڪار غزل جو هر شعر پنهنجي ليکي شاعري جي مڪمل دنيا آهي. هن قسم جا ٻيا به ڪيترائي غزل آهن جيئن ته:

مصمر آهي گل يار جي غنچه دهني ۾

اسرار هويدا ٿا ٿين خنده زني ۾

منهنجي شاعر پنهنجي شاعري ۾ محبوب جي خدوخال تي تمام گهڻو لکيو آهي جنهن پاڻ نه فقط ان کي سج ۽ چنڊ سان تشبيهه ڏني اٿس پر پنهنجي شاعري ۾ وڌيڪ اثر پيدا ڪرڻ لاءِ ان ۾ شاعرانه رنگ ڀريو اٿس جيئن:

واهوا شبابي سرخي وئي پنهنجو ڪم ڪري

تنهنجي ڪري سفيد، لڳي ٿو نقاب سرخ

سندس اظهار بيان جي عظمت ۽ تراڪت نهايت دلڪش آهي. مثال طور:

مون کي ڏسڻ سان دلربا زلفن ۾ منهن ڍڪيو

سمجهم ته صبح ساڻ ئي اڄ سج لهي ويو

شاعري جو ذوق رکندڙ جڏهين هي شعر پڙهندا ته شاعر جي دلي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي ڪين سگهندا.

محبوب پنهنجي رخ مٿان لاٿو کڻي نقاب

تارا به خنده زن ٿيا ماهيه تمام تي

هاڻي آئون ديوان مان پنهنجي پسند جا چونڊ شعر پيش ڪندس:

 

اڳ هئين در تان ڌڪيندو، اڄ خوشامند ٿو ڪرين

هاڻ شايد تنگ ٿي پئين پنهنجي ديواني منجهان

 

تون صنم ٻي هرڪهين شي کان پيارو ٿو لڳين

پر فقط اي بيوفا، منهنجي وفا تو کان وڌيڪ

 

يقيناً پوري عالم کي نظر شق القمر ايندو

ڪو بيهاري ڏسي محبوب کي بدرالدجيٰ سان گڏ

 

چنڊ ۽ چانڊوڪين سان دلبري ئي ختم ٿي

پر اڃا تائين به ڏينهن جا تارا ڳڻيندا ٿا وتون

 

اڄ ايترو ته دختررز سرد مهر هئين

جو جام جي جبين تي پسينو اچي ويو

 

محتسب  کي ڏسي ميڪش جو لڳا جلد پيئڻ

رڙ ڪري هن چيو مون لءِ به بچايو ته سهي

 

هڪ معترف گناهه جو ٻي کي غرور زهد

ڏسجي ته هو ٿو ڪنهن تي سزا ۽ جزا ڪري

 

(انگريزي تان ترجمو)

*

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org