الحاج رحيم بخش ”قمر“
اول الله عليم
انهيءَ حي القيوم جا حمد، سبحانہ و تعاليٰ جي
ساراهه ۽ واحد رب جي واکاڻ جنهن انسان کي”تقويم“
جو تاج، پاڪائي جي پوشاڪ، خلافت جو خرڪو ۽ ”علمہ
البيان“ جو عظيم اعزاز عنايت ڪري کيس پنهنجي مڪتب
۾ سمورين شين جا نالا سيکاري،ان آڏو معصوم ملائڪن
کان تعظيم جو سجدو ڪرايو ۽ پنهنجي مڙئي مخلوقات
تي بلندي ۽ برتري عطا فرمائي.
۽ صلواتون ۽ سلام، سيد المرسيلن صلي الله عليہ
وسلم جن جي ذات با برڪات تي، جنهن کي رب العالمين،
جهانن ڏانهن ”رحمت اللعالمين“ ڪري اماڻيو آهي.
حمد ۽ صلوات کان پوءِ عرض هيءُ آهي ته ستاويهين
رمضان المبارڪ تي، منجهند مهل، جيئن پنهنجي ڳوٺ ۾
گهر ويٺو هوس ته منهنجي ماسات نالي محمد، جيڪو
منهنجو سالو به ٿئي، ”السلام عليڪم“ چوندي منهنجي
اڄ جي ٽپال مونکي ڏني، جنهن ۾ ”ديوان طالب
الموليٰ“ سموري ٽپال کان سونهن ۾ سرس ۽ سوايو
ڄاتم.
مهربان دوستن جي پريت نامن پڙهڻ کان پوءِ ”ديوان
طالب الموليٰ“ جي پڙهڻ ۾ لڳي ويس، جنهن جي پڙهڻ جي
شروعات مهاڳ کان ڪيم، حقيقت ۾ زير نظر ڪتاب لاجواب
۾ جو شامل ڪيل جهڙيءَ ريت، اشعار اعليٰ ۽ عمده
آهن، تهڙيءَ ريت سائين طالب الموليٰ جن جو لکيل
مهاڳ محبوب، محققانه ۽ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
بيان ڪيل مهاڳ جي جيتري واکاڻ ڪجي اوتري ٿوري آهي.
ڇاڪاڻ ته هڪ طرف ان جي سٽ سٽ سچا موتي، اکر، اکر
املهه ماڻڪ ۽ تاريخي، تحقيق، جاگرافي ۽ نئون نڪور
ڏيئو روشن ڪيل آهي، جنهن جي سونهن ۽ سوجهرو سنڌي
ساهت کي، سالن تائين سرس ۽ سونهارو ڪندو رهندو.
جنهن جي شعاع ۾ سنڌي علم و ادب جا عالم ۽ اديب،
شاعر ۽ تاريخدان سوجهرو حاصل ڪندا رهندا.
منهنجي خيال ۾ ”ديوان گل“ کان وٺي ”ديوان طالب
الموليٰ“ تائين جيڪي به ديوان، ڇاپجي چڪا آهن، اهي
سنڌي الف ب وار ٻاونجاهه اکرن موجب لکيا ويا آهن.
انهيءَ سلسلي ۾ ”ديوان طالب الموليٰ“ لڳ ڀڳ
اٺونجاهه يا اڻهٺ اکرن موجب لکيو ويو آهي، اها
ڳالهه سنڌي علم و ادب لاءِ نئين ۽ نيڪ فال آهي،
جنهن جي جدت ۽ شروعات جو سهرو صرف سائين طالب
الموليٰ جي سر تي سونهين ٿو. انهيءَ ڪري سائين
طالب الموليٰ جن، تحسين ۽ آفرين لائق آهن، جن،
سنڌين لاءِ هڪ نئين راهه روشن ڪئي آهي. نه رڳو
راهه روشن ڪئي اٿن پر ان سان گڏوگڏ سنڌي علم و ادب
جي عالمن ۽ اديبن کي انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ
سجاڳيءَ جو سڏ هن ريت ڪيو آهي:
”ان هوندي به انهن اکرن کي الف بي واري تختيءَ ۾
اڄ تائين شامل نه ڪيو ويو آهي، آئون تعليم کاتي
جي آفيسرن، علمي ادبي ادارن، اديبن ۽ شاعرن کي
اپيل ٿو ڪريان ته بنان دير جي اهي اکر جي هيٺ پيش
ڪيل آهن، الف بي واري تختي ۾ شامل ڪرايا وڃن،. اهي
اکر هي آهن:
ڙهه، لهه، مهه، تهه، ڻهه وغيره بيان ڪيل سائين ”طالب الموليٰ“ جن جي سهڻي
صلاح ساهه سيباڻي ۽ سيني جي سپ ۾ سانڍڻ جهڙي آهي.
انهيءَ تي عمل ڪرڻ سان، سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ سهڻو
۽ وڌيڪ شاهوڪار ڪري سگهجي ٿو.
جناب مخدوم صاحب جن جي ان سڏ تي لبيڪ چئي، پڪو پهه
ڪيو اٿم ته آئون ترت ئي الف بي وار اضافي اکرن
موجب هڪ ٻيو ”ديوان قمر“ لکي پورو ڪريان. انهيءَ
سلسلي ۾ هڪ منهنجو ديوان نالي ”قمر“ سنڌي الف بي
وار ٻاونجاهه اکرن موجب، ڪريم ڪار ساز جي ڪرم سان
ڪافي عرصو اڳ ۾ شايع ٿي چڪو آهي ۽ ٻيو ڀيرو ڇاپجڻ
لاءِ پريس ۾ پهچي چڪو آهي. ان هوندي به سائين
”طالب الموليٰ“ جن جي ڏسيل راهه تي وکون وڌائيندي.
هڪ ٻيو ديوان لکندس (انشاء الله) بيان ڪيل مهاڳ ۾
اڳوڻن شاعرن، جهڙوڪ، سيدنا عبدالطيف ڀٽائي عليہ
الرحمة، آخوند گل، سانگي، فاضل، قليچ، گدا ۽ انجم
هالائي جن جا مثال طور تي، سندن ڪلام جا ٽڪرا شامل
ڪيا ويا آهن ته انهن به ٻاونجاهه اکرن کان وڌيڪ
پنهنجي اشعار ۾ اکر ڪم آندا آهن. مذڪور مهاڳ ۾،
تاريخي دليلن سان ثابت ڪيل آهي ته ”اردو زبان جي
ابتدا ۽ نيپاج به سنڌ ۾ شروع ٿيو.“ انهيءَ ئي مهاڳ
۾ الف بي جي پوري تختي شامل ڪئي وئي آهي ۽ سنڌي
ٻاراڻي ڪتاب، جيڪو پاڪستان کان اڳ ۾ 1940ع ۾ شامل
ٿيل هو ان جو به عڪس ڏنو ويو آهي. جنهن جي قيمت
صرف هڪ آنو لکيل آهي. مٿيون ٻئي ڳالهيون جس
جوڳيون، نيون ۽ قابل تقليد آهن. انهن خوبين
کانسواءِ ”ديوان طالب الموليٰ“ جي مهاڳ ۾ ٻيون به
گهڻيون خوبيون ۽ خاصيتون موجود آهن.
بهرحال مان مٿي چئي چڪو آهيان ته ”ديوان طالب
الموليٰ“ 12 وڳي منجهند ڌاري پڙهڻ شروع ڪيم، ان جي
مطالعي ۾ اهڙو ته محو ٿي ويس جو ٻارهين وڳي کان 3
وڳي تائين پڙهڻ ۾ ئي رڌل رهيس. انهيءَ وچ ۾ ڳوٺ
واري مسجد عربي ۾ لائوڊ اسپيڪر تي ٻانگ به اچي وئي
هئي پر ڪتاب جي پڙهڻ ڪري، انهيءَ جو خيال نه رهيو
هو، اوچتو جان کڻي واچ ڏي ڏسان ته مار! ٽي ٿئڻ
وارا آهن. ڪتاب ٺپي تڙ تڪڙ ۾ وضو ساري، مسجد شريف
طرف تڪڙيون وکون وڌائڻ لڳو هوس. انهيءَ خيال کان
ته متان جماعت اڃان منهنجي انتظار ۾ ويٺي هجي.
ڇاڪاڻ ته نماز مونکي پاڙهڻي هئي. ٿيو به ائين جو
ڪي جماعتي مسجد جي ڀت کان منهنجي اچڻ جي راهه
نهاري رهيا هئا. انهيءَ لکڻ جو مقصد هيءُ آهي ته
”ديوان طالب الموليٰ“ جي پڙهڻ ۾ ايترو محو ٿي ويو
هوس. واقعي ”ديوان طالب الموليٰ“ جو مهاڳ ان ۾
شامل ڪيل سمورو ڪلام نهايت شاندار ۽ اعليٰ آهي.
جنهن جي پڙهڻ سان روح کي راحت، اکين کي قرار، بدن
کي بهاري ۽ ساهه کي سوجهرو حاصل ٿئي ٿو.
ديوان ۾ شامل ڪيل سمورا غزل وڻندڙ ۽ ساهه سيباڻا
آهن. جن جا قافيه ۽ رديف خصوصيت جا حامل آهن. انهن
مان ڪي رديف هن ريت آهن ۽ ٻڌو:
”آهي ته خير“ ”تون کٽين يا مان کٽان“ ”تو کٽيو ته
به مون کٽيو“ ”آئين به ڪونهه“ ”مٽجي ويا“ ”ڪيئن
گذري“ ”هڪڙو نه ٻيو“ ”سان رانديون ڪجن“ ”ڪڏهن ڪڏهن
متان سمجهين“ ”ڪالهوڻي ڪالهه“ ”ٻيو به هڪ“ ”ڪي هن
طرف ڪي هن طرف“ وغيره وغيره ”ديوان طالب الموليٰ“
۾ جهڙي ريت رديف سهڻا ۽ اعليٰ ڪم آندا ويا آهن
اهڙي ريت هر هڪ غزل جا قافيا به اڪثر نوان ۽ نرالا
ڪم آندا ويا آهن. هونئن به سائين ”طالب الموليٰ“
جن جي سموري شاعري پڪي ۽ پختي آهي. جنهن جو حرف
حرف هيرن جواهرن کان اتم آهي.
”ديوان طالب الموليٰ“ کان اڳ ۾ سندن تصنيفات،
بابرڪات بهترين ۽ ڀلوڙ آهن جن مان ”اسلامي تصوف“
”ياد رفتگان“ ”بهار طالب“ ”رباعيات طالب“ ”مثنوي
عقل و عشق“ “ڪچڪول“ ”ڪافي“ ”امام غزاليءَ جا خط“
”شيطان“ ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ۽ ”آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه“
وغيره.
بيان ڪيل تصنيفات مان پڌرو ٿيو ته، قبله طالب
الموليٰ جن جا سنڌي علم و ادب تي بي انت احسان ۽
ٿورا آهن. سبحانہ و تعاليٰ کين سلامت رکي ته جيئن
آئينده به ائين سنڌي ساهت کي سرس سينگاريندا رهن.
آمين.
بهر حال ”ديوان طالب الموليٰ“ سنڌي علم و ادب ۾
عظيم اضافو آندو آهي. اسان جي سنڌ ۾ رب الاڪرام جي
احسان سان، شاعر ته تمام گهڻا آهن پر افسوس آهي جو
صاحب ديوان تمام ٿورا شاعر آهن. ان ڪري، وطن عزيز
۾ ديوانن جي گهڻي کان گهڻي کوٽ آهي، جنهن کي پورو
ڪيو وڃي. سنڌ ۾ جيڪي ديوان شايع ٿي چڪا آهن، تن ما
ڪن جا نالا هن ريت آهن، ملاحظه فرمائيندا:
”ديوان گل“ ”ديوان قليچ“ ”ديوان واصف“ ”ديوان
سانگي“ ”ديوان فاضل“ ”ديوان انجم“ ”ديوان احسن“
”ديوان قمر“ ”ديوان سام“ ديوان فدا“ ”ديوان حافظ“
”ديوان قادري“ وغيره وغيره.
انهيءَ سلسلي ۾ نوجوانن کي گهرجي ته هو ديوان لکڻ
طرف خاص خيال ڏين انهيءَ صنف سان به سنڌي علم و
ادب کي مالا مال ڪن.
پڇاڙيءَ ۾ ”ديوان طالب الموليٰ“ ۾ شامل ڪيل ڪن
غزلن جا مثال طور تي ڪي ٽڪرا، پيش ڪري، پنهن جي هن
مختصر مقالي کي پورو ڪريان ٿو. ڪتاب جي آغاز وارا
ڳچ شعر هن ريت آهن ، ٻڌو ڪهڙا نه نرالا ۽ اهم
اشعار آهن:
جي آيا تنهنجي محفل ۾، اهي قربان ٿي نڪتا،
وڏا دانا ۽ بينا پڻ اتان حيران ٿي نڪتا،
جهان کي جن جي اڄ نقش قدم تي فخر حاصل آ،
اهي الله جي لئي بي سرو سامان ٿي نڪتا،
مليون جي مائٽن جون ۽ ٿيون استادن کان حاصل،
مون سمجهيو ٿي جفائون پر، اهي احسان ٿي نڪتا.
مٿيان پيش ڪيل، ٽي بند ”ديوان طالب الموليٰ“ جي
ابتدائي ڪلام مان هئا، جن ۾ ربط، روانيت، رس،
ميٺاج ۽ پختگي چمڪي رهي آهي. هڪ ٻئي غزل ۾ سڄڻ جي
سونهن جي ساراهه ڪندي فرمايو آهي:
اي پرين توکان وٺن ٿا روشني شمس و قمر
مون بنايو آ زمين تي آسمان آرزو.
هڪ هنڌ فرمايو اٿن:
لهي ٿو جيڪو اڀرڻ بعد سو شمس و قمر ڪهڙو،
دوام آهي نه جنهن کي سو ڀلا شام و سحر ڪهڙو.
محبت بابت ڪهڙي نه سٺي شاعري ڪئي اٿن:
پياريؤ سڄڻ يار جام محبت،
وڌو دلربا دل کي دام محبت،
جهان محبت ۾ دلدار منهنجو،
سدا آهه مام تمام محبت
سياڻن کي مجنون بنائي ڇڏي ٿو،
عجب آهي اهڙو مقام محبت.
پاڻ سچ فرمايو اٿن واقعي محبت جو مٿانهون مقام
آهي، پوري دنيا جي عمارت جو دارومدار محبت تي
تعمير ڪيل آهي، ۽ محبت کانسواءِ سنسار سڃو هجي ها!
جنهن ۾ ڪوبه لطف نه هجي ها!!.
ديوان طالب الموليٰ مان هڪ ٻئي غزل جا چند بند هن
نموني آهن:
عشق ۾ منهنجا مٺا، جي تو کٽيو ته به مون کٽيو،
ناز وارا دلربا، جي تو کٽيو ته به مون کٽيو.
تنهنجو بي پروا رهڻ، منهنجو نيازن سان نمڻ،
اهڙي حالت ۾ ڀلا جي تو کٽيو ته به مون کٽيو.
”طالب الموليٰ“ مڃي تنهنجي اڳيان پنهنجي شڪست،
سچ چيم اي مهلقا جي تو کٽيو ته به مون کٽيو.
بيان ڪيل غزل ۾ نوان نوان خيال نوان نوان جملا ۽
نئون رديف ڪم آيل آهي، جنهن لاءِ ان جو شاعر
مبارڪباد مستحق آهي. اهو غزل سنڌ جي گهڻن ئي
فنڪارن ڳايو آهي پر محترم مصري فقير انهيءَ کي خوب
نڀايو ۽ سهڻي انداز ۾ ڳايو آهي. هونئن به سائين
طالب الموليٰ جن جو ڪلام مصري فقير نهايت نرالي
انداز ۾ ڳايو آهي جنهن جي ٻڌڻ سان قلب تي هڪ عجيب
ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي.
ديوان طالب الموليٰ ۾ شامل ڪيل سمورو ڪلام سون ۽
سهڻو آهي، جيڪو عشقيه، سالڪانه، صوفيانه، عالمانه
۽ نعتيه تي مشتمل آهي، جنهن مان نعتيه ڪلام جي
جهلڪ هن ريت جرڪي رهي آهي.
ظلمت دنيا مٽائڻ لاءِ ٿيو روشن چراغ،
ويو ملي ساري جهان کي پڻ حقيقت جو سراغ،
ڪانه هئي باغ جهان ۾ ڪا بهاري اڳ مگر،
آمد مرسل کان ٿي سارو جهان ويو باغ باغ.
ڪانه ٿي پروا رهي، ڪنهن جي انهي بدمست کي،
هڪ دفعو پيتو جنهن عشق محمد جو اياغ.
سيدا آ سنڌ ۾، هڪ طالب الموليٰ فقير،
مهربان مرهم ڏيو جو ان کي آفرقت جو داغ.
ديوان طالب الموليٰ جي ص 417 نمبر ۾ قرآن مجيد جي
فضيلت، عظمت، جلال لازواليت ۽ ڪماليت بابت هيئن
ساراهه ڪيل آهي.
ڪلام الله ئي دنيا ۾ هڪ نور الهدى آهي،
صراط المستقيم ۽ رهبر هر دو سرا آهي.
بچائي بدعتن کان هي ڇڏائي ذلتن کان هي،
اهوئي راه مصطفوي جي لئي نورو ضيا آهي.
نه هن ۾ ڦير ڪو آهي، نه هن ۾ ڦير ڪو ٿيندو،
ڪلام الله جو هردم محافظ خود خدا آهي.
مبارڪ تن کي، جن آهي ڪلام پاڪ حاصل ڪيو،
انهن تي ”طالب الموليٰ“ جي هردم مرحبا آهي.
بهرحال ”ديوان طالب الموليٰ“ مان تمام ٿورا شعر
پيش ڪيا ويا آههن، جن لاءِ حسرت به آهي ته ندامت
به آهي. سائين طالب الموليٰ جن سنڌ جا عوامي ۽
قادر الڪلام شاعر آهن. جن جا غزل، ڪافيون، بيت ۽
وايون وغيره، ساڻيهه جي جهنگ ۽ جر، بحر ۽ بر، ڳوٺن
۽ شهر سفر ۽ حضر وغيره ۾ ڳائجي ۽ جهونگارجي رهيو
آهي. ڳوٺاڻن ۽ ڌراڙڻ،م ننڍن ۽ وڏن جي زبان تي جاري
آهي. ۽ جاري رهندو. ”ديوان طالب الموليٰ“ سائين جن
پاڻ ڏانهن منسوب ڪيو آهي. اها هڪ نئين ۽ سٺي ڳالهه
آهي. انهيءَ کان سواءِ اها به هڪ قابل داد ۽ قابل
تقليد ڳالهه آهي جو ديوان ”طالب الموليٰ“ جو
افتتاح، استاد الشعراءَ جناب احمد خان ”آصف“ جن
ڪري رهيا آهن. هڪ مسڪين شاعر کان ان جو افتتاح
ڪرائڻ هڪ طرف سندن ڪشاد دلي ثابت ٿئي ٿي ته ٻئي
طرف شاعرن لاءِ سائين طالب الموليٰ جن کي ڪيڏي نه
عزت آهي.
پڙهڻ کان پوءِ
حافظ محمد احسن چنا
سيد ذوالفقار راشدي
سيد روشن ضمير
غلام رباني آگرو
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
ڪريم بخش خالد
پروفيسر نعيم نقوي
حفيظ قريشي
ابڙو عبدالطيف ساقي
سوز هالائي
نفيس احمد شيخ
شوڪت ابڙو
حافظ محمد احسن
موتين مالها
مخدوم قوم، و محبوب الشعرا عاليجناب حضرت طالب
الموليٰ صاحب مدظل العالي بعد تسليمات و نياز آيات
معروض ته سائين جن طرفان هڪ بي بها تحفو بنام
”ديوان طالب الموليٰ“ از خود عنايت ٿيو جنهن لاءِ
نهايت عنايت. وڏو عرصه ۽ انتظار بعد اهڙو تحفو عطا
ٿيو آهي جنهن جي هن وقت اشد ضرورت هئي، گويا اوهان
صاحبن موزون شاعريءَ کي نئين زندگي بخشي آهي.
اگرچه اهل سخن، پارکو ۽ قدردان هن وقت ڪمياب آهن
مگر ناياب نه آهن، مگر ”ديوان طالب الموليٰ“ سڀني
کان زياده وقت جي لحاظ موجب اعليٰ آهي. اهل سخن
لاءِ قابل داد، لائق تعريف نهايت ضروري هو ۽ آهي.
”ديوان طالب الموليٰ“ بابت ڪجهه لکجي ته ڇا لکجي؟
ڇو ته پياري دوست انور هالائي صاحب ”طالب الموليٰ
جي شاعرانه حيثيت“ جي عنوان هيٺ جيڪي لکيو آهي ان
ڪجهه گنجائش ئي نه ڇڏي آهي جو ٻيو ڪو شخص لکي.
ديوان طالب الموليٰ ۾ شعرن کي ڏسجي ٿو ته ڄڻڪ بي
بها موتي پوتل آهن. هر هڪ شعر پڙهجي ٿو ته ڄڻڪ سچن
موتين جون لڙهيون پوتل آهن. هيءَ شاعري نه، آهي،
تصنيف نه آهي بلڪ الهامي آواز آهي، واردات قلب
آهي، ڀلا هن کي تصنيف ڪوٺجي؟
جنهن ڏينهن يار وصل جو وعدو ڏنو اٿم،
ان ڏينهن وس پڄي ته ڪريان خريد عيد.
هو پرين بار بار آيو منهنجو نه ٿيو،
مان ته پهرين ئي ڀيري سندس ٿي ويس،
آهه فطرت اها حسن ۽ عشق جي،
جا محبت ڪري آزمائي ڇڏيم،
قمر کي روشني سج کان ۽ سج کي روشني توکان،
سڄڻ دنيا جي مڙني ماه پارن ۾ به تون آهين.
هو هلي ته ان سان هلي جهان، هو مڙي ته ان ڏي مڙي
زمان،
هو ملي ته برپا ٿيو وڃن ٿيون، قيامتن تي قيامتون.
جي دست بوسي عطا ٿي ته پوزه قمست،
اسين ته پير چمڻ لاءِ به بيقرار آهيون.
هو منهنجا لڙڪ ٿي ويا خشڪ سڀ اڄ شدت غم کان
حضور يار ۾ آخر مان چشم نم ڪٿان آڻيان.
ڏنيون جوش محبت مان، جتي تنهنجي کي مون چميون
سڄڻ اهڙي به گستاخي کان پڇتائڻ لڳو آهيان.
ڪري آهون ۽ دانهون ڏس ته ڪيئن ٿو يار پرچايان
فقط پهچڻ ته ڏي قاصد رڳو دلبر جي در تائين.
طالب ٿيو ميڪده جي طرف رهگذار اڄ،
ڏاڍو چڱو ٿيو سوئي دارالسلام ويو.
جيسين ڪ پنهنجو پاڻ فنا ٿي نٿو سگهي
تيسين ڪڏهن به وحدت ڪامل نٿي رهي.
همسايو بک مري ٿو، منعم خبر اٿئي ڪا،
اول ڏي ڪجهه انهي کي حرص و هوا جي صدقي.
مطلب ته ڪيترا شعر مثال طور ڏيئي سگهجن ٿا، هت
ديوان سڄو بي نظير گنج آهي.
اڳين ڇپيل ديوانن ۾ ٽيهه اکرن تي قافيه يا
ٻاونجاهه اکرن تي قافيه هئا، پر ديوان طالب
الموليٰ ۾ ٻاونجاهن کان وڌيڪ قافيه آهن ۽ نوان
قافيه ايجاد ڪيا ويا آهن جيڪي اضافا آهن، مناسب ۽
مقبول آهن.
طالب الموليٰ جي شاعري ڪا هاڻوڪي ته نه آهي، پر
ورهن کان وٺي، رسالن، ڪتابن ۽ ريڊيو پاڪستان تان
عوام و خواص جي دلپسند ۽ مقبول شاعري آهي. برصغير
۾ شوق و ذوق سان ننڍي، وڏي، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل جي
زبان زد آهي ۽ اهل سخن جو مشغلو آهي.
ديوان طالب الموليٰ ۾ جيڪا ٻولي ڪم آندل آهي، اها
اهڙي سٺي، سهڻي، مٺي ۽ قابليت واري عالمانه آهي جو
وس پڄي ته ڍڪ ڀري پي وڃجي. شعرن ۾ غضب جي رواني
آهي جو ايئن پيو معلوم ٿئي ته دل مان زبان تي
ازخود بنان تڪليف شعر ايندا ويا آهن، پر ٺاهيا نه
ويا آهن. ڇا بلاغت ۽ فصاحت آهي، ڇا سلاست ۽ خلاوت
آهي. اهي سڀ عشق حقيقي جا ڪارناما آهن.
شعر پڙهندو وڃجي ته بس ڪرڻ تي دل نه ٿي چاهي،
ترڪيبون، تشبيهون، تمثيلون، استعاره، نصيحت آموز
نڪتا بيشمار آهن.
حضرت طالب الموليٰ نه رڳو شاعر آهي. پر پير،
مخدوم، مرشد، عالم، فاضل، استاد الشعرا، فياض، سخي
۽ لغت جو ماهر به آهي. پنهنجي شاعري کي چئن دورن ۾
ورهايو اٿن مگر چئني دورن ۾ شاعري جون ارتقائي
منزلون حاصل ڪيل اٿن.
ڪيترن ڪتابن جا مصنف به آهن خدا تعاليٰ کين
تندرستي ۽ وڏي ڄمار ڏئي ۽ سندس فيض جاري رهي آمين.
انيس ٽيڪنو هالا
نيشنل هاءِ وي هالا
اسان وٽان ٽريڪٽر ٿريشر ٽيوب ويل سوزڪي ۽ موٽر
سائيڪل جا فالتو پرزا بال بيرنگ وغيره رعايتي ۽
معياري حيثيت ۾ ملي سگهن ٿا.
هڪ ڀيرو آزمايو
انيس ٽيڪنو
فون نمبر 172 نيشنل هاءِ وي هالا
ذوالفقار راشدي
”ديوان طالب الموليٰ“ ۽ ادب ۾ ٿرڊ ورلڊ جو وجود
جڏهن سنڌ ۾ عروضي شاعريءَ کي فارسيءَ جي نقالي
سڏيندي، ان جي مخالفت شروع ٿي، ته ڪيترن
قادرالڪلام شاعرن به هوريان ڏاڍيان صاحب ديوان
بڻجڻ جو شوق ڇڏي ڏنو ۽ مان سمجهان ٿو ته ”ديوان
واصف“ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ديوان ترتيب ڏيڻ ۽ ڇپجڻ
جو واهپو ئي ڪين رهيو. هاڻي ورهن کان پوءِ حضرت
”طالب الموليٰ“ جي ”ديوان طالب الموليٰ“ سامهون
اچي ان روايت کي وري جيئاريو آهي.
ادبي ۽ ڪلچرل روايتون ڪيترو مکيپڻو رکن ٿيون، سا
ڳالهه ڪنهن پارکو ۽ ڄاڻوءَ کان ڳجهي ڪانهي. ديوان
جي ترتيب، تدوين ۽ اشاعت پٺيان مشرق جي ادبي ۽
ثقافتي روايت جي هڪ هزار ورهين کان به جهوني تاريخ
موجود آهي. غزل کي هڪ مکيه ۽ مانائتي صنف جو درجو
سعدي شيرازي ڏنو، ته ديوان جي الف بي وار ترتيب جي
روايت به سندس ديوانن کي ترتيب ڏيڻ واي شيخ علي
ابن احمد ابن ابي بڪر وڌي. ان کان پوءِ شبليءَ جي
لفظن ۾ غزل کي عروج بنائي ڇڏڻ وارو ”حافظ“ شيرازي
هو. ”ديوان حافظ“ نه رڳو غزل جي صنف کي اوج تي
رسايو، پر ”ديوان“ جي الف ب وار ترتيب به مقبول
بڻجي وئي. جن دوستن جديد سنڌيءَ شاعريءَ جي حوالي
سان ايراني اثر واري شاعريءَ جي مخالفت ڪئي، انهن
نه رڳو قباحتون ته ٻڌايون آهن، پر خوبين جي خبر
ٻڌائي ڪونه سگهيا آهن. اڃا به تڏهن سندن ڳالهه
وڌيڪ اڻپوري لڳي ٿي ۽ عجب ۾ وجهي ٿي، ته هو سنڌيءَ
شاعريءَ ۾ ايراني اثر جي ته ڀرپور ۽ زوردار مخالفت
ڪن ٿا، جڏهن ته ايراني نه رڳو اسان جو پاڙيسري ملڪ
آهي، پر هن جا لساني ۽ تهذيبي ڳانڍاپا هن ڌرتيءَ
سان اسلام جي آمد کان به هزارين ورهه اڳوڻا آهن.
ٻئي پاسي وري ڏور اوڀر مان جپاني صنف هائيڪو/ هيڪو
(HAIKU) تي هيڪو جي تاريخ
۽ فني لوازمات سمجهائڻ تي نه رڳو مضمون لکن ٿا،
بلڪ هيڪو جي قالب (PARRERN)
۾ شاعري به ڪري ڏيکارين ٿا. يورپ مان آزاد نظم،
سانيٽ ۽ ترائيل جهڙيون صنفون جديد سنڌي شاعريءَ ۾
شامل ڪري ڏيکارين ٿا ۽ انهن صنفن ۾ ڪيتريون ئي
ڪامياب شيون به لکيون اٿائون. جڏهن ته يورپ ۽ جپان
سان اسان جو ڪو به سڱ سياپو ۽ ڳنڍ ڳانڍاپو ڪونهي.
انهيءَ ذهني عملي تضاد جي پٺيان ڪهڙو منطق ۽
معقوليت آهي اها خبر خاوند کي!
مان سنڌيءَ شاعريءَ ۾ ڪنهن به نئين واڌاري کي دل و
جان سان خوش آمديد چوندو آهيان، پر پاڻ کان اڳ
وارين پيڙهين جي فني پورهيئي کي لئي مٽي ڪرڻ کي به
ثواب جو ڪم ڪونه ٿو سمجهان.
سو ڳالهه هئي عروضي شاعري ۽ ديوانن جي ترتيب ۽
اشاعت جي ته سنڌيءَ جو سڀ کان پهريون صاحب ديوان
شاعر خليفو گل محمد ”گل“ هالائي ليکيو وڃي ٿو جنهن
جو ”ديوان گل“ پهريون سنڌي ”ديوان“ آهي. ”ديوان
گل“ جو صاحب، هالا جي زرخيز زمين جو گل هو. هاڻي
هن دور ۾ هالا جي ئي محترم مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ چار سؤ اسي صفحن جو ضخيم ”ديوان طالب
الموليٰ“ ڏئي هالا جي پراڻي ادبي روايت ۽ عظمت کي
نئين سر جيئاريو آهي.
”ديوان گل“ جي ڌڻي، گل محمد هالائيءَ پنهنجو ديوان
ڇپائي سنڌيءَ عروضي شاعريءَ کي هڪ نئون دڳ ڏسيو
هو. اڄ کان اٽڪل سوا سؤ ورهن کان به اڳي هن صاحب
نج سنڌي غزل جي ضرورت ۽ ٺيٺ سنڌيءَ ٻوليءَ کي
فارسي عروضي جي قالب ۾ آڻڻ جي مکپڻي کي محسوس ڪندي
هڪ اهڙي ڪم جي ابتدا ڪئي هئي جنهن کي ڪو به فرد
واحد منزل ۽ منتهيٰ تائين رسائڻ کان عاجز ئي چئبو.
هن جي چٽيل چٽ ۾ اهڙا ڪيترائي اؤڳڻ رهجي ويا، جيڪي
هر پهرئين نقش ۾ اوس رهجي ئي ويندا آهن. نقش اول
کي هڪ بهتر نقش ثانيءَ جي صورت ڏيڻ ۽ هڪ ادبي
روايت جي پيڙ پختي ڪرڻ، هڪ شخص جي اڪيلي جاکوڙ کان
گهڻو مٿانهون ۽ ڪنهن وڏي ادبي تحريڪ يا نتظيم جي
ڪرڻ جو ڪم هو، افسوس جو هن تجربي کي ”گل“ کان پوءِ
گهڻي هٿي ڪانه ملي سگهي!
نئين ۽ اؤکي واٽ ڀائيندي ”گل“ جي گهڻن همعصرن ۽
کائنس پوءِ ايندڙ عروضي شاعرن، ڌيان سان ان واٽ تي
اڳتي وڌڻ جو جوکو ڪونه کنيو، نه ته جيڪر اڄ تائين
سنڌي غزل جو رنگ روپ ئي اؤر هجي ها ۽ عروضي
شاعريءَ تي جلهون ڪندڙ منجهائنس ايتريون وڏون ڪڍي
ڪونه سگهن ها! ضرورت هئي ۽ آهي سنڌي غزل کي
Refine ڪرڻ جي.
بهرحال مخدوم صاحب جن نه رڳو انهيءَ (ديوان جي
ترتيب واري) روايت کي جيئاريو آهي، پر ان جي مهاڳ
۾ هڪ نهايت اهم لساني مسئلي ڏانهن پڻ ڌيان ڇڪايو
اٿن. اهو آهي سنڌي الف ب ۾ ڪن اکرن آوازن جي اضافي
۽ استعمال جو مسئلو.
توڙي جو دنيا جي هر ٻوليءَ جا سڀ کان اڳ سڀ کان
اهم مسئلن کي سونجهيندڙ ۽ وڌائيندڙ شاعر ئي هوندا
آهن ۽ اڄوڪي هر عالمي زبان جو ابتدائي ادب، شعر جي
ئي صورت ۾ هو مگر هاڻي هن دؤر ۾ جڏهن ته علم جا
شعبا ورهائجي ويا آهن ته اهو ڪم لساني ماهرن ۽
تعليمي ڄاڻن جو آهي، ته مخدوم صاحب جن جي هن
عالمانه تجويز تي گنڀيرتا سان ويچار ڪن ۽ انهن
حرفت کي قبول ڪرڻ ۾ عار نه ڪن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ
جي آواز کي سڌ ٻڌ ۽ فطري نموني ادا ڪرڻ جي سچ پچ
سگهه رکندڙ هجن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي عالم
موجوده سنڌي الف ب جي 52 اکرن کي به ڪن جديد
ضرورتن ۽ مجبورين هيٺ اڃا به گهٽائڻ جي سوچ رکن
ٿا. بهر حال ”ديوان طالب الموليٰ“ جو عالماڻو مهاڳ
ڀرپور ۽ سنجيده توجهه جو طالبو آهي، جڏهن ته مخدوم
صاحب وٽ نه رڳو علمي دليل آهن، پر پاڻ انهن حرفن/
آوازن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ عملا ڪتب آڻي ڏيکاريو
اٿائون. سنڌ جي زبان دانن ۽ تعليمي ماهرن کي ٿڌي
سيني ۽ کليل سمجهه سان ويچارڻ گهرجي.
ٻي مک ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ شيءِ آهي مخدوم صاحب جي
تقرير، جيڪا هن صاحب ”ديوان طالب الموليٰ“ جي
مهورتي تقريب ۾ ڪئي آهي. انهيءَ تقرير جو مڪمل متن
منهنجي سامهون ڪونهي. تنهن هوندي به اخباري رپورٽ
ٻڌائين ٿيون، ته مخدوم صاحب جن هندي گاڏڙ سنڌي
شاعري يا هندي ڇندوديا جي بنيادن تي سرجيل هندي
شاعري ۽ فارسي عروض تي ٻڌل يا فارسي آميز سنڌي
شاعريءَ کي گڏوگڏ زنده رکڻ جا حامي ۽ ”جيئو ۽ جيئڻ
ڏيو“
(CO EXISTANCE) جا
طرفدار آهن. منهنجي ناقص عقل مطابق مخدوم صاحب جن
اهڙي ريت سنڌي ادب ۾ THIRD WORLD“
۽ غير جانبداري ۽ ٽيا ڪڙئپ (NON
COMMITMENT/NONALLIANCE)
واري منصفانه ۽ غير متعصب سوچ کي هٿي ڏني آهي. اها
ئي سوچ سنڌي ثقافت ۽ سماج جو صدين کان ڏاج رهي
آهي. هڪ با اثر ڄاڻو ۽ شاعر جي انهيءَ سپتي ۽ کري
ساڃهه ۽ ڪٽپڻيءَ کان آجي سوچ جا پڪ ئي پڪ مفيد
نتيجا نڪرندا. ٻوليءَ جي جهولي متنوع ۽ رنگا رنگ
ويچارن ۽ لفظن جي املهه ماڻڪن سان ڀرجي ويندي.
منهنجي خيال پٽاندر مخدوم صاحب جي سوچ جو تت هن
ريت آهي.
(الف) سنڌي شاعري کڻي فارسي عروضي تي ٻڌل،
موسيقيءَ جي ماترائن تي ڳتيل يا هندي ڇندوديا موجب
سرجيل هجي. هر حالت ۾ هن ٻوليءَ ۽ هن ڌرتيءَ جي
ڏات آهي. ان مان ڪنهن به هڪ قسم سان نفرت يا ڪدورت
رکڻي ڪانهي. بهر صورت سنڌي شعرو سخن کي زنده
سلامت، متنوع ۽ مالا مال رکڻو آهي. هر لهجي هر
انداز کي زبان جي گنج ۾ سانڍي رکڻو ۽ ان کي جيئرو
بچڻو آهي.
هر انهيءَ شاعري/ شاعر کي جياپي جو حق حاصل آهي،
جنهن جا ٿورا ڪي گهڻا ڪجهه نه ڪجهه شائق ڌرتيءَ تي
جيئرا آهن. ايليٽ جهڙي هن صديءَ جي وڏي ادبي پارکو
۽ انگريزي جي جڳ، پر سڌ شاعر چواڻي:
It matters little whether A poet had a large
audience in his own time. What matters is that
there should always be at least a small audience
for him in every generation. (The social
function of poetry "on poetry and poets". By T.
s Eliot
(ب) زبان ۾ بيان ۾ هندي توڙي فارسي لفظن جو جڳائيندڙ استعمال گناه ڪونهي.
(ج) سنڌي شاعريءَ کي پنهنجي سنڌيت برقرار رکندي،
بني نوح انسان جي عالمگير جذبن سان رکجي، ميٺ
محبت، امن ۽ حسن جي ڳولا جو سفر جاري رکڻو آهي، ۽
هن وٿ کي لاهي پاهي ٽوليبازين، گروهي نعريبازين ۽
سياسي ۽ مذهبي پسند، ناپسند سان هرون ڀرون ملوث
ڪرڻو ناهي. ڪنهن ذهني ڪٽرپڻي جو شڪار ٿيڻو ڪونهي.
(د) انسانيت سان بي لوث محبت ۽ سونهن ۽ سچ جي انت
پائڻ جي سڌ ئي شاعراڻن اڌمن جو اصل ايمان آهي:
محبت رنگ، نسل ۽ مذهبن کان آهي بالاتر،
ڏٺم اڄ طالب الموليٰ کي ڪنهن ڪافر ادا سان گڏ.
(طالب الموليٰ)
هونءَ به شعر نالو آهي شعور جي انتها ۽ جمالياتي
ذوق جي اوج جو. مخدوم صاحب جي ڪلام ۾ انهن گهڻن جو
سڳنڌ ۽ جوهر جو جرڪو ججهي مقدار ۾ موجود آهي، جيڪو
گذريل ٽيهارو ورهن کان وٺي سنڌي شاعريءَ جا پڙهندڙ
۽ ٻڌندڙ توڙي ڳائڻا ڏسندا، ٻڌندا ۽ محسوس ڪندا
رهيا آهن. ڇا ڪاڻ ته ٻوليءَ کي محفوظ ۽ مالا مال
ڪرڻ سان گڏ شعر و سخن جو هڪ اهم ڪم جمالياتي
سرهائي بخشڻ به آهي.
The first, I think that we can be sure about is that
poetry has to give pleasure. If you ask what
kind of pleasure then I can only answer, the
kind of pleasure that poetry give. Simply
because any other answer will take us far afield
into Aesthetics and general question of the
nature of Art.
(The social function of poetry "on poetry and poets")
(By T. S. Eliot)
تڏهن شاعري پنهنجي اندر هيڪاندي اهميت رکي ٿي،
جڏهن ان جي سرجڻهار ڪوريءَ ۾ سرجي ساڃهه ۽ زماني
جي بدلجندڙ قدرن جو ججهو شعور به موجود هجي:
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت ”طالب الموليٰ“
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
يا
لباس پيري، مخدومي ٿيا نا جنس منهنجي لئه،
گذاري ڪين ڪي سگهيس عبا سان گڏ، قبا سان گڏ.
يا
مون فقط گوڏو ڀڳو پير مغان جي لئي اڳيان،
مون کي قاروني نه ٿي ۽ ڪونه آهيان زرپرست.
ڇو ڀلا نفرت ڪريان، هر چيز نوري ٿو ڏسان،
مان موحد آهيان الله جو مظهر پرست.
(طالب الموليٰ)
سيد روشن ضمير
حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، هڪ مدت کان
سنڌي ۽ اردو ۾ شاعري ڪندو پيو اچي. پاڪستان جي
وجود ۾ اچڻ کان اڳ شايع ٿيندڙ ڪتاب بنام تذڪره
شعرائي هالا، جيڪو سليم هالائي جو تاليف ٿيل آهي،
۾ مخدوم موصوف جو ذڪر هڪ قادرالڪلام سنڌي اردو
شاعر جي حيثيت سان ملي ٿو. مذڪوره تذڪره ۾ سندس
اردو ڪلام به نموني طور درج ٿيل آهي، ان مان پتو
پوي ٿو ته هو غزل جي جهوني فارسي ۽ اردو روايات
سان آشنا، غزل جي مزاج ۽ عروض و بلاغت تي ماهرانه
صلاحيت رکڻ واري شاعر جي حيثيت ۾ قيام پاڪستان کان
به گهڻو اڳ ادبي دنيا، ۾ متعارف ٿيل هو ۽ هاڻي
سندن سنڌي غزلن جو خوبصورت مجموعه “ديوان طالب
الموليٰ“ (جنهن ۾ گذريل 50 سالن جو ڪلام هڪ ترتيبي
جدت ۽ انوکي انداز سان شامل آهي.) منهنجي اڳيان
زير مطالع آهي. ديوان طالب الموليٰ کي پرکيندي اها
حقيقت واضح ٿي چڪي آهي ته غزل ۾ هن حد تائين
سخنوري جو ڪمال ائين ئي حاصل نٿو ٿئي بلڪ بقول
حفيظ،
نصف صدي ڪا قصه هي دوچار برس کي بات نهين.
مخدوم طالب الموليٰ هڪ قديم ۽ هڪ عظيم صوفي گهراڻي
سان تعلق رکي ٿو ۽ سندس ڪلام ۾ اهڙي جهلڪ به ملي
ٿي. سندس شعرن بلند حوصلي جي تعليم آهي. هن دنيا
کي محض هڪ گذر گاه سڏيو آهي ۽ بوالهومي جي بلڪل
خلاف آهي، جئين چئي ٿو ته :
مولائي ڪائنات جو طالب جو آهين تون،
ٿي دل شڪسته ڪي نه ڪي آه و فغان ڪر.
... ... ...
هي دنيا فقط هڪ گذر گاه آهي،
شب و روز آهي، سفر درسفر.
... ... ...
کپي جان جي بازي اي بوالهوس،
هتي ڪم نه ايندءِ اگر ۽ مگر.
سنڌ جي مشهور صوفي شاعر ۽ بين الاقوامي شهرت جي
مالڪ شاه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام دلنواز جي
بازگشت به مخدوم صاحب جي شعرن ۾ ملي ٿي جئين چيو
اٿس ته:
سدا سنڌ کي سائين آباد ڪر،
رکج ان جا ساوا کپون ۽ کپر.
هڪ راسخ العقيده ۽ عشق نبي ۾ سرشار مسلمان جي
حيثيت سان هو اها تمنا به ظاهر ڪري ٿو ته:
هڪ وار شال يثرب و بطحا ڏي مان وڃان،
اميد آهي مون کي وڏي ڪار.
غزل جي روايات موجب طالب الموليٰ جي غزلن ۾ عشق و
محبت، هجر، بي قراري، آهو زاري جا قصا وڏي ڪثرت
سان آيل آهن، مگر هڪ شان مساوات سان جيڪا هن جي
پنهنجي ذاتي خوبي آهي ۽ اها سنڌي اردو ته ڇا پر
فارسي غزل ۾ به نه ملندي، محبوب سان هن جو معاملو
عجزو خاڪساري جو نه پر برابري جو آهي. محبوب اگر
شاه حسن، آهي ته شاعر جهان عشق جو هڪ شهر يار آهي.
هي شان مساوات سندس غزل کي هڪ نئون ۽ جدا رنگ بخشي
ٿو. جيئن چئي ٿو ته:
... ... ...
هو باقرار سهي بيقرار مان به آهيان،
هو خنده زن آهي ۽ اشڪبار مان به آهيان.
... ... ...
جو مون تان جان فدا ٿو ڪري محبت ۾،
قدم قدم تان انهيءَ جي نثار مان به آهيان.
... ... ...
هو منهنجي دام محبت ۾ مبتلا آهي،
ته ان جي تير نظر جو شڪار مان به آهيان.
... ... ...
هو منهنجي هجر ۾ هردم ڀري ٿو سرد آهون،
هي به سچ آهي جو غم گسار مان به آهيان.
هو شاه حسن سهي ان جو اعتراف آهي،
جهان عشق سندم شهر يار مان به آهيان.
هن جي سنڌي غزلن جي ٻولي اهڙي ته شيرين ۽ سليس آهي
جو شاعرانه نزاڪت و نفاست سان گڏوگڏ فصاحت و بلاغت
سان به مالا مال آهي ۽ اها سنڌي ٻوليءَ وارن کان
علاوه اردو ڄاڻندڙن لاءِ به نهايت ڪشش رکي ٿي.
سندس غزل اردو سان ايترو ته قريب آهن جو مون جهڙو
ادب جو هڪ معمولي طالب علم به انهن کي منظوم اردو
۾ آڻي سگهي ٿو. انهن ئي مٿي ڄاڻايل شعرن کي اردو
ٻوليءَ ۾ هن طرح پڙهي سگهجي ٿو.
وه باقرار سهي، بي قرار مين بهي هون،
وه خنده زن هي مگر اشکبار مين بهي هون.
... ... ...
جو ميري دام محبت مين مبتلا هي وه،
تو اُس کي تيرِ نظر کا شکار ميڻ بهي هون.
... ... ...
جو مجهه پر جان فدا وه کري محبت مين،
قدم قدم په پهر اُس پر نثار مين بهي هون.
... ... ...
وه ميري هجر مين هردم بهري جو سرد آهين،
تو يه بهي سچ هي که پهر غم گسار مين بهي هون.
... ... ...
وه شاهِ حسن هي اِس کا هي اعتراف مجهي،
جهان عشق کا اِک شهريار مين بهي هون.
حضرت طالب الموليٰ سائين جو ڪلام روح عصر کان به
خالي نه آهي. ڪيترن ئي هنڌن تي لفظن جي انتخاب ۾،
قيد و حيات جي بيان ۾، ۽ طريق، فڪر ۾ روح عصر جا
عڪس ملن ٿا. هو غزل جي عام طريقي جي برعڪس اعتماد
سان ”ڪورٽ“ لفظ کي غزل ۾ ڪم آڻي ٿو. مطلب ته هو
شعري زبان جي معاملي ۾ اجتهاد کان به ڪم وٺي ٿو ته
عصري تقاضائن کان به آگاه آهي.
ڪٿي مجرم محبت جا ڪٿي ڪورٽ ڪٿي شاهد،
ڪٿي قاضي ڪٿي مفتي ڪٿي شاه شهان آهيون.
طالب الموليٰ سائين پنهنجي شعرن جي زندگي جي
تجربات و مشاهدات کي به وڏي ڪثرت سان پيش ڪري ٿو ۽
اخلاقي نصيحتون به شعر ۾ نظم ڪري ٿو. جيئن ڪيڏو نه
خوب چيو اٿس ته:
دنيا ئي دوستي کي وڌائڻ عذاب آ،
ڪنهن جو به ميزبان نه ٿي ۽ ميهمان نه ڪر.
ڪنهن وقت ڪوبه ڪنهن جو مخالف ٿو ٿي سگهي،
ڪنهن کي به دل جو راز ڏئي رازدان نه ڪر.
مٿين سمورن تجربات و مشاهدات ۽ ڪليات جي تہ ۾ ان
جو بنيادي جذبو ۽ بنيادي فڪر حق جي طلب آهي جنهن
جو اظهار پنهنجي ڪيترن ئي شعرن ۾ انتهائي زوردار ۽
واضح لهجي ۾ ڪيو اٿس. هن سلسلي ۾ هڪ شعر ملاحظه
فرمايو:
مولائي آهي طالب الموليٰ جي لاءِ بس،
حق جي طلب ۾ آهيان باطل سان ڇا غرض.
مخدوم موصوف جي شاعري سندس شخصيت سان متعارف آهي ۽
سندن شخصيت سندس نام ناسي اسم گرامي جي آئينه دار
آهي. منهنجي نظر ۾ اهوئي حضرت طالب الموليٰ جو
ڪمال آهي.
غلام رباني
شام ۽ صبح
”ديوان طالب الموليٰ“ ۽ ”صبح شام ڪوه مري“ جي
ڪاپين لاءِ مهرباني. انهن ٻنهي ڪتابن جي اشاعت جو
(مرحوم) ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني سان اڪثر ذڪر
ٿيندو هو. شڪر آهي جو ٻيئي ڪتاب شايع ٿي ويا.
اوهان راءِ پڇي آهي. ادب ۾ تنقيد مستقل فن آهي ۽
مان ان فن جو ماهر ڪونه آهيان پر اوهان جي ارشاد
جي تعميل خاطر پنهنجي ذاتيءَ تاثر کي بيان ڪريان
ٿو. 1. شام ۽ صبح ڪوه مري کي هڪ طويل نظم ڪوٺجي ته
شايد مناسب ٿئي، مون حيدرآباد کان ڪراچيءَ ويندي
ان کي اطمينان ۽ توجهه سان پڙهيو ۽ جڏهن ان کي
پڙهي پورو ڪيم ته اوهان کي ڏاڍي محبت سان ياد ڪيم.
توهان سان محبت ته هونئن به ۽ هميشہ رهي آهي، ۽
اوهان جي اندر ۾ جيڪو شاعر آهي اهو انهيءَ نظم
پڙهڻ بعد ڏاڍو وڻيو ۽ سڪ سان ياد آيو. شال ان شاعر
کي الله پاڪ هميشہ شاد ۽ آباد رکي. سنڌ، جيجل ماءُ
جا مٿس سوين سلام هجن.
مان ايئن سمجهان ٿو ته اوهان جي نظم کي سنڌ جي
قومي ادب جو حصو تصور ڪيو ويندو ته ادبي تقادن کي
اوهان جي شعور کي پرکڻ ۾ اهو نظم گهڻو ڪم ايندو.
1. ديوان طالب الموليٰ جو فن دل جي اڌمن ۽ حسن ذوق
جو آئينه دار آهي ۽ جامع ڪتاب آهي. ان کي پڙهڻ ۽
پڙهي راءِ قائم ڪرڻ بعد ئي ڪجهه عرض ڪري سگهجي ٿو.
تڙ تڪڙ ۾، جيڪي ڪجهه چئبو، اهو سطحي رايو هوندو.
اوهان جو ڪلام هڪ خاص رنگ رکي ٿو ان جي سڀ کان وڏي
خصوصيت اها آهي ته اهو عوام جي دلين تائين پهچڻ جي
قوت رکي ٿو ۽ آسانيءَ سان سندن زبان تي محفوظ رهي
ٿو، اها ڏات هن دور جي گهڻن ئي شاعرن کي نصيب
ڪانهي. جو ڪتابن ۽ رسالن جا وڏا شاعر ڀلي هجن، ۽
عوام جا شاعر ڪونهن.
ڀٽائي ان ڪري زنده ڪونهي جو سندس ڪلام رسالي ۾
محفوظ آهي، پر ان ڪري جو عوام جي دل ۽ زبان تي
آهي. مون ڪتاب جو مقدمو پڙهيو آهي ۽ ان ۾ اوهان
جيڪو اظهار خيال ڪيو آهي، اهو نهايت توجهه طلب
آهي. علمي مسئلا ۽ عالمانه انداز ۾ بيان ٿيل
مسئلا، زير زبر جي حد تائين جواب طلب ٿين ٿا، ان
ڪري سردست فقط ايترو عرض ڪري سگهان ٿو ته مان انهن
سوالن تي سنجيدگيءَ سان ويچار ڪرڻ بعد عرض ڪندس.
هتي فقط ايترو عرض ڪندس ته جيڪڏهن ديوان کي ڪتابت
ڪرائڻ بدران اوهان جي هٿ اکرين شايع ڪجي ها، جيئن
”شام ۽ صبح“ ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي ته سون تي سهاڳو
ٿئي ها.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
نوان قافيه،
ادغام، ۽ صوتيا
محترم و مڪرم عالي جناب طالب الموليٰ
صاحب، السلام عليڪم؛
ڪافي مدت کان پوءِ گذريل جنوري ۾ اوهان سان محبت
ڀري ملاقات ٿي ۽ سرهي سنگت واري زمين سائي ٿي.
اوهان قرب ڪري ديوان طالب الموليٰ جو تحفو ڏنو
جنهن جو مطالعو ان ملاقات جي يادگيري کي تازو ڪري
ٿو اوهان جي طرفان تحريري تاڪيد هو ته هن ديوان جي
مهاڳ بابت (جيڪو اوهان لکيو آهي)، پنهنجي راءِ
موڪليان. ڪافي دير ٿي وئي آهي جو پنهنجي مشغولي ۽
ڪاهلي سببان اوهان جي ڪيل تاڪيد جي هن کان اڳ
پوئواري ڪري نه سگهيو آهيان. معاف فرمائيندا.
اوهان پنهنجي مهاڳ ۾ ديوان ۾ آندل ڪن قافين جي
سٽاءُ جي سلسلي ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ”ادغامي صوتين“
يا مرڪب اچارن بابت هڪ اهم ۽ اصولي بحث ڪيو آهي،
بيشڪ ڙهه، لهه، مهه، نهه، ڻهه سنڌي جا خاص صوتيا
آهن. آئون اوهان جي راءِ سان شامل آهيان ته انهن
کي سنڌي الف بي واري تختي ۾ شامل ڪيو وڃي. سنڌي
پڙهائيندڙ سڄاڻ استاد الف بي جي تختي هيٺان ضميمي
طور انهي قسم جا صوتيا جيڪڏهن لکي ڇڏين ته انهن
ڏانهن ٻارڙن جو توجهه ڇڪائين ته ڏاڍو چڱو.
1. سنڌي ٻولي جي تاريخ ۽ سٽاءُ جي سلسلي ۾ مون به
وقت بوقت سنڌي جي اهڙن ادغام صوتين ۽ مرڪب اچارن
تي ويچار پئي ڪيو آهي. ادغامي صوتين سان منهنجي
مراد اهي جوڙا آواز آهن جيڪي ٻولي جي مزاج مطابق
ملي هڪ ٿي ويا آهن. حقيقت ۾ سنڌي ٻولي جي صوتين جو
نظام لساني اعتبار سان ايترو ته اهم آهي جو دنيا
جي ڪن ٿورين ٻولين ۾ ان جو مثال ملي ٿو. تفصيل کي
ڇڏيندي مختصر طور پنهنجي سوچ ويچار جا ڪي نتيجا
اوهان جي آڏو عرض رکان ٿو:
غور سان سوچيو ته عام رائج نج سنڌي ٻوليءَ ۾
ادغامي صوتين، جون جيڪي صورتون ذهن نشين ٿين ٿيون
تن مان هيٺيون وڌيڪ نمايان آهن:
ر جو ادغام: هيءُ سنسڪرت مان آيل لفظن ۾ موجود هو
۽ سنڌي ۾ به قائم رهيو. ”ر“ جو اهو ادغام ”ٽ“ ۽
”ڊ“ وارن صوتين ۾ ”ٽر“ ۽ ”ڊر“ جي صورتن وارو آهي
جيڪو مائٽر، مٽر، چنڊر، کنڊر وغيره لفظن ۾ موجود
آهي. اهي لفظ اڄ تائين سڄي سنڌ ۾ ايئن ئي لکڻ کپن.
لاڙ جي ڪن شهرن جهڙوڪ حيدرآباد ۽ نصرپور ۾ رهندڙ
خاص طرح هندو قبيلن وارا مائٽ ”چنڊ“ ”کنڊ“ ڪري
ڳالهائيندا هئا ۽ جيئن ته انگريزن جي دور ۾ شروع ۾
سرڪاري سنڌي لکپڙهه جي واڳ سندن پڙهيلن جي هٿ ۾
رهي انهي ڪري ”ٽر“ ۽ ”ڊر“ وارن صحيح اچارن بدران
لکيت ۾ ”ٽ“ ۽ ”ڊ“ وارا شهري ٻولي جا محدود اچار
رائج ٿيا. حقيقت ۾ ”ٽ“ ۽ ”ٽر“ يا ”ڊ“ ۽ ”ڊر“ جدا
جدا صوتيا آهن، ۽ ٻولي ۾ هرهڪ جي پنهنجي پنهنجي
جاءِ آهي. مثلاً: پٽ، ميدان ۽ پٽر، لهه پٽر، منڊ،
پير ۽ ٽنگ جو ۽ منڊر، ٽروڻي ڦيڻي ۽ طلسم جو.
2. ي جو ادغام: تاريخي طور غالباً اهو به سنسڪرت
جي زير اثر آيل آهي، ۽ ڪنهن حد تائين سنڌي ٻولي جي
پنهنجي مزاج جو هڪ عنصر آهي، سنڌي جي اڪثر صوتين ۾
”ي“ جو ميل ٿئي ٿو جيڪو خاص ڪري فعل جي صيغن ۽ اسم
جي جمع وارين صورتن ۾ وڌيڪ نمايان آهي، ٻيو ته
اترين، کان ”لاڙي“ ٻولي ۾ اهو ميل وڌيڪ گهڻو آهي.
اترين ٻولي، ۾ ويو، ويا، هيو؛ هيا، پيو، پيا،
اچارن واريون چٽيون صورتون موجود آهن. پر لاڙي
ٻوليءَ ۾ ويو، وئا، هئو، هئا، بلڪ ”هو“ ”ها“
واريون صورتون رائج آهن. پر لاڙي ٻولي ۾ ”ويو“
”ڏيو“ ”پيو“ وغيره لفظن ۾ ”و“ ۽ ”ي“ ملي هڪ صوتيو
ٿي ويا آهن. تاريخي ارتقاء جي لحاظ سان لاڙي ٻولي
جو مزاج نه فقط ”ي“ جي ادغام ڏانهن مائل رهيو آهي.
بلڪ ”ي“ کي ماڳهين معدوم ڪرڻ ڏانهن وڌيو آهي.
”هيو“ ۽ ”هئو“ مان هو، هيا، ۽ هئا، مان ها، معدومي
صورتون آهن. ”ها“ واري صورت شعر ۾ به معياري طور
تسليم ٿيل آهي.
حسن جنگ جا هزار زخم ها ته ها ته ها
سيني تي عاشقن جي لڳا ٺا ته ٺا ته ٺا
لاڙي ٻولي ۾ ”ي“ کي مدغم ۽ معدوم ڪرڻ، يا ”ي“ کي
همزء ”ء“ سان مٽائي هلڪو ڪرڻ ان جي هڪ خاص خصوصيت
آهي. جدا جدا صوتين سان ”ي“ جي ميل جا ڪيئي مثال
ڏيئي سگهجن ٿا.
(الف) ”امر“ جمع واريون صورتون يا مضارع ۽ ماضي
واريون صورتون.
ٻ+ي=
چٻيو (چٻڻ، مان +امر ماضي)
پ+ي..
ڪپيو
ت+ي... ڪتيو
ٽ+ي...سٽيو
س+ي...ڏسيو
ر+ي...ڪريو
ڪ+ي...ڦڪيو
(ب) ماضي يا مستقبل جي صيغن واريون صورتون.
گهه+ي....لنگهيو، لنگهيا
ب+ي...ڏبيون، ڪبيون
(ج) اسمن، صفتن يا ضميرن جون جمع واريون صورتون.
د+ي...اديون
ر+ي...ٻڪريون
ڙ+ي...گهڙيون
ڻ+ي...سهڻيون
ل+ي...ڀليون
وڌيڪ مثال ڏيئي، سگهجن ٿا. بهرحال اڪثر صوتين سان
”ي“ جو ميل آهي ۽ اهي صوتيا هڪ ئي ادغامي آواز
برابر آهن ضروري آهي ته هجي واري پڙهائي وقت انهي
اصول جي وضاحت ڪجي، پر افسوس آهي جو ايئن ڪونه ٿو
ٿئي. مثلن ”اديون“ کي ”الف زبر آ، دال، د، بي واءٌ
پيش يون“ ڪري پڙهائڻ سان ”اديون“ وارو ڀڳل اچار
بيهارجي ٿو حالانڪ عام ڳالهائڻ واري ٻولي ۾ اديون،
جو اچار ميل وارو آهي جيڪو عروضي لحاظ سان ”فعو“
جي برابر آهي ۽ نه ”فعلن“ جي برابر. هن پوئين دور
جي عروضي شاعري ۾ ڪن پڙهيل شاعري سنڌي جي اهڙن
لفظن کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي. عليڳڙه ۾ هڪ
مشاعري ۾ پڙهيل دلچسپ مصرع ياد اچي ٿي ته:
قط کها، پهر بد کها، پهر دين کها
”قطب دين“ کي اس طرح ظالم ني ڻکڙي کرديي.
عروضي شاعري واري اوائلي دور جي استاد شاعرن وٽ
ويندي ”سانگي“ تائين هجي واري اها غير فطري ڀڃ
البت گهٽ آهي. عوامي شاعرن وٽ اها آهي ئي ڪانه
مثلاً محمد خان ٽالپور جي ڪافي ته:
”هن عشق جي آزار جي ان کي ڪهڙي خبر اديون“
3. ”ن“ جو ادغام: ”ن“ جي غنائي واري ميل لاءِ ڪنهن
سمجهائڻي جي ضرورت ڪانهي. ”ن“ جو مڪمل طور ادغام
”ڱ“ ، ”ڃ“ ۽ ”ڻ“ جي صوتين ۾ آهي: يعني ”ن“ جي
ادغام سان ”نگ“ ، ”نج“ ، ”نن“ وارا جاڙا اچار ملي
هڪ ٿي ويا. حيراني آهي ته ڪن صورتن ۾ اهي ”صوتي
ادغام“ ڄڻ زندگي جي سماجي يا مادي ”ميل“ جو آئينو
بنجن ٿا. مثلاً: ”سنگ“ معنيٰ ٻن يا وڌيڪ ڄڻن جي
پاڻ ۾ محبت واري ويجهائپ. پر جيئن ئي جوڙي جو وڌيڪ
جو وڌيڪ ويجهائپ وارو ازدواجي رشتو ٿيو ته ”سنگ“
ٿيو. ”رنگ“ اهو جو اڃان لڳل نه هجي. پر جيڪو ”رنگ“
ڪنهن شيءِ تي لڳي هڪ ٿي ويو ته ”رنگ“ ۾ پڻ ”ن“ جو
”گ“ ۾ ادغام ٿيو ۽ ساڳيو لفظ ڦري ”رڱ“ ٿيو. ”سنجڻ“
معنيٰ شين کي پنهنجي جاءِ تي ٺاهي سولو ڪري
بيهارڻ. ”سنج“ ۽ ”سنجڻ“ جي اهائي معنيٰ آهي. هٿيار
کي ”هٿ“ ۾ سولو ڪرڻ ته نشان کي هڻجي ته اها به
”سنجڻ“ آهي. پر جڏهن هٿيار نظر ۽ نشان ملي هڪ ٿي
ويا ته اهو ٿيو ”سڃڻ“ ۽ سڃ.
4. ”هه“ جو ادغام: اوهان پنهنجي ديوان جي مهاڳ ۾
جيڪي چيو آهي سو اصولي طور ”هه“ جي ادغام سان تعلق
رکي ٿو. ”ء“ جو ٻين صوتين سان تعلق رکي ٿو. ”ء“ جو
ٻين صوتين سان ميل اڪثر ٻولين ۾ موجود آهي. پر
سنڌي ۾ ان جون سڀ ارتقائي صورتون موجود آهن،
(الف) سنڌي جي ”ٿ“، ”ٺ“ ، ”ڇ“ ، ”ک“ ۽ ”ڦ“ وارن
صوتين ۾ ”هه“ جي ادغام جي انتهائي تڪميلي صورت
موجود آهي، ايتري قدر جو ”هه“ انهن ۾ ڪلي طور کاڄي
هضم ٿي وئي آهي. ان جي سڃاڻپ اها آهي جو انهن
صوتين پويان ٻي ”هه“ اچي سگهي ٿي. مثلاً:
ٿ: ٿهر ڪرڻ (ذرا ترسڻ، صبر ڪرڻ).
ٺ: ٺهڻ، ٺهڪڻ.
ڇ: ڇهه، ڇهڻ.
ک: کهه، کهرو.
ڦ: ڦهڪائڻ.
(ب) سنڌي جي ڀ، ڌ، ڍ، جهه ۽ گهه صوتين ۾ ادغام جي
حالت ميل واري آهي. ”هه“ انهن صوتين جي اندر ڀيٽ ۾
آهي جو جيتوڻيڪ ڏسجي ڪانه ٿي، پر تنهن هوندي به
هضم نه ٿي چڪي آهي. جيئن ته مخفي صورت ۾ ان جو
وجود باقي آهي، انهيءَ ڪري انهن صوتين پويان ٻي
”هه“ نه ايندي، يعني ته سنڌي ٻولي ۾ اهڙو ڪو ورلي
لفظ هوندو جنهن ۾ ڀ، ڌ، ڍ، جهه، يا گهه جي پويان
”هه“ جو اچار به هجي، انهن صوتين ۾ ”هه“ جي وجود
جي لحاظ سان انهن جون لکت ۾ ”کهه“، ”جهه“ واريون
صورتون مناسب آهن. بهتر ائين هو ته ڀ، ڌ، ۽ ڍ ک،
بهه، لهه، مهه، نهه، ۽ ڻهه سي به ميل واري ادغامي
صورت وارا آهن ۽ انهن جي پويان به ٻي ”هه“ اچي نه
سگهندي. ڪوهستاني هيٺين لاڙي ۽ ڪڇي ٻولين ۾ اهڙا
صوتيا البت گهٽ آهن. انهن جي برعڪس ”اترين“ توڙي
”لاڙي“ معياري ٻولين ۾ اهي وڌيڪ آهن. اوهان پنهنجي
مهاڳ ”وهه“ ۽ ”رهه“ ڏانهن بجا طور ڌيان ڇڪايو آهي.
مٿيان ويچار عروضي شاعري جي سلسلي ۾ به توجهه مطلب
آهن. عام رائج معياري سنڌي ۾(جنهن ۾ ”اترين“
معياري توڙي لاڙي معياري ٻئي شامل آهن)، هيٺين قسم
جا لفظ وزن خاطر جيڪڏهن عام رائج انداز موجب تورجن
ته انهيءَ ۾ ڪو عيب ڪونهي.
ويو، ڏيو، پيو، ٿيو وغيره (لاڙي اچار موجب)
= فا
اديون، ڪبيون، ڏبيون
= فعو
ڪريو، ڪتيو، ڏسيو، پسيو
= فعو
ٿينديون، وينديون، هونديون
= فعلن
ٻڪريون، ٺڪريون
= فعلن
ڪالهه وغيره
= فاع
اوهان پنهنجي ديوان ۾ جهه؛ ڙهه، لهه، مهه، نهه، يا
ڻهه صوتين وار قافيا آندا آهن. اهو قدم اڄ نج سنڌي
ٻوليءَ موافق ۽ قابل تحسين آهي. اڳين استادن شاعرن
به اهڙن صوتين وارا قافيا آندا آهن جن ڏانهن اوهان
ڌيان ڇڪايو آهي. اهڙيءَ طرح في الحال آءٌ پنهنجي
طرفان اها طبع آزمائي ڪريان ٿو:
”ٽر“ جو مثال:
نئون نينهن تنهنجو لڳو آهي نٽر
سو مون لاءِ ڳهڻو ٻين لاءِ ڳٽر
جڙي جيءَ اندر آ محبت جو مينهه
لڳل ناه لوهو پراڻو ڪو پٽر
آهي ڏاڻ مون لاءِ تنهنجو ڏمر
ڇپر ڇانو آهين تون مون لاءِ ڇپر
مجان ميڙ تو ڏي مڃين شل منٿ
ڪرين من ڪو سائين مون سان سلٽر.
”ڊر“ جو مثال:
مڙن ۾ سندم محب آهي مهنڊر
ڪي تارا ستارا، هو چوڏهين جو چنڊر
اگر نينهن تنهنجو تکو ٽيش نيش
مگر آه مون وٽ به محبوب منڊر
ڏسڻ کان وڃي ٿئين جي دلبر تون دور
جگر کي ڏري پيو جدائي جو جنڊر
ڪريمن جو ڪم آ ڪرم جي نگاه
گلا خور ميڙن گلائن جو گنڊر
ٻيا ڀل ٻيائن ۾ ٻيڻا ۽ ٻيلهه
اسين مر هجون پاڻ ۾ کير کنڊر
محبت جو درياءُ موجون مدام
آ ترڻو نه کڻڻو ڪو سيڻاه سنڊر
تون مولا جو طالب هي بندو بلوچ
سمايل آ معنيٰ ۾ سارو سنڊر. |