سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: جُڳ جُڳ جالَ جيئنِ

باب: --

صفحو : 7

 

مولانا ڪوثر نيازي

 

                بسم الله الرحمان الرحيم

صدر مجلس، دانشوران گرامي،

عزيز رفيقو، خواتين ۽ حضرات!

لاڙڪاڻي سان منهنجو واسطو تمام پراڻو آهي. منهنجو ڄاتل سڃاتل آهي. 1970ع ۾ جڏهن شهيد هتان چونڊ وڙهي رهيو هو ۽ علائقي جو هڪ مشهور پير سندن مقابلي ۾ بيٺل هو ته پاڻ مون کي حڪم ڏنائين ته هتي اچي ست ڏينهن سندن چونڊن واري مهم هلايان، ان دوران آءٌ علائقي جي هڪ هڪ ڳوٺ ۾ ويس ۽ سندن چونڊن واري مهم هلايم. ان کان پوءِ به آءٌ ڪيترا ڀيرا ساڻن گڏ هت آيو آهيان.

جڏهن ساڻن گڏ ايندو هوس ۽ سندن محفل ٿيندي هئي ته ان محفل ۾ گل ٽڙندا هئا، مکڙيون مرڪنديون هيون، بلبلن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جيستائين سندن ديدار نصيب ۾ هو، جيڏانهن به نظر وئي ٿي، گل ۽ گلزار ڏسڻ ۾ آيو ٿي. اوهين يقين ڪريو ته هاڻي به ڪالهه رات جڏهن آءٌ هن شهر ۾ داخل ٿيس ته مون کي ائين لڳو، ڄڻ شهيد جي ساهه، سندن جسم ۽ لباس جي خوشبو سڄي فضا ۾ پکڙيل آهي. فضا ۾ هن جي ياد اهڙي طرح پکڙيل آهي جو جيڏانهن به نظر وئي، سندس آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

هن عظيم ۽ محب شهر ۾ هاڻي مون کان اها خواهش ڪئي پئي وڃي ته آءٌ عرض ڪريان ته قومي اتحاد ۽ وفاقيت لاءِ شهيد ڀٽي جو ڪهڙو حصو آهي. آءٌ پڇڻ گهران ٿو ته ڇا قومي اتحاد ۽ وفاقيت ۾ ٻئي ڪنهن جو به ڪو حصو هو، جو شهيد ڀٽي جي حصي تي ڳالهه ڪئي وڃي؟ هُو ته ان جو باني هو، ان کان اڳ وفاقيت جو تصور ئي ڪونه هو. 1935ع وارو ائڪٽ آزاديءَ کان 23 سال پوءِ به رائج هو ۽ هلندو رهيو. 1956ع ۾ پهريون آئين ٺهيو. ان ۾ وفاقي نظام جو نالو نشان ڪونه هو، پهريون ڀيرو ان ۾ اوڀر پاڪستان جي عليحدگي جو ٻج ڇٽيو ويو. ماڻهو پڇن ٿا ته اوڀر پاڪستان کي ڪنهن ڌار ڪيو. آءٌ چوان ٿو ته 1956ع جي آئين جي فقرن اوڀر پاڪستان کي اسان کان ڌار ڪيو. هنن ”پئرٽيءَ“ جو بنياد رکيو، انهن ”هڪ ماڻهو هڪ ووٽ“ واري اصول کي نظرانداز ڪري، اوڀر ۽ اولهه پاڪستان لاءِ پنجاهه- پنجاهه سيڪڙو جايون مقرر ڪيون. ان کان پوءِ ون يونٽ ٺهيو ۽ اهڙي ريت اوڀر پاڪستان ۾ رهندڙن کي اهو تاثر ڏنو ويو ته اولهه پاڪستان سندن استحصال ڪرڻ گهري ٿو، کين بيٺڪيت بنائڻ گهري ٿو. سندن وسيلن تي قبضو ڪرڻ گهري ٿو- ۽ ان ڪري اُهو آهستي آهستي اسان کان پري ٿيندو ويو. وري 1962ع ۾ ايوب خان پنهنجي آئين وسيلي آمريت کي وڌيڪ ڳوڙهو بڻائي ڇڏيو. 1962ع جي آئين ۾ به وفاقيت جو نالو نشان به ڪٿي هو؟ يحييٰ خان پنهنجو آئيني خاڪو ڏنو ته آمريت جو پاڇو وڌيڪ ڳوڙهو ٿي ويو. اهو اڳي کان اڳرو هو ۽ اهڙي طرح اوڀر پاڪستان جي عوام کي اهو يقين ٿي ويو ته پاڪستان ۾ ساڻن انصاف نه ٿيندو، کين ڌار ٿيڻ گهرجي ۽ آءٌ اهل نظر کي چوڻ گهران ٿو ته اوڀر پاڪستان جي محب وطن تي طنز ڪرڻ کان پهرين اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته وطن جي حب لاءِ اِن سرزمين سان عدل ۽ انصاف جو شرط رکيل آهي. ڪنهن سر زمين تي جڏهن عدل ۽ انصاف نٿو ملي ته اُن وطن جي، انهيءَ سرزمين جي محبت به دلين مان نڪري وڃي ٿي. ان ڪري ظلم ۽ ستم جي ماحول، پرماريت ۽ استحصال واري ماحول ۾ اوڀر پاڪستان طرفان ڌار وطن جي گهر ڪرڻ ڪا وڏي زيادتي جي ڳالهه آهي؟ اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو، جنهن 1973ع ۾ پهريون ڀيرو آئين ذريعي قومي ايڪي ۽ وفاقيت جو بنياد رکيو. مون کي اِهو فخر حاصل آهي ته ان وقت جي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر ۽ سرڪاري ڌر جي چوڏهن ميمبرن واريءَ آئين ساز ڪميٽي ۾ آءٌ به ميمبر هوس. ان ڪميٽي جا جيڪي اجلاس ٿيا تن ۾ هڪ هڪ فقري تي بحث ٿيو. اختلافي معاملن تي اسين شهيد وٽ ويندا هئاسين ۽ کانئن رهنمائي حاصل ڪندا هئاسين. اهي سڀ ڳالهيون اڃا به منهنجي ذهن ۾ تازيون آهن. ان سموري بحث ۽ سڀني ڳالهين کي آڏو رکندي، آءٌ چوان ٿو ته هِن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪنهن قومي ايڪي، وفاقي نظام، پارلياماني نظام جو بنياد رکيو ته اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو.

هِن ملڪ جي رهندڙن تي شهيد جوسڀ کان وڏو احسان اهو آهي ته هن ملڪ ۾ صدارتي نظام بدران پارلياماني نظام رائج ڪيو.

اوهين ڄاڻو ٿا ته هن جڏهن اقتدار سنڀاليو ته هو صدر جي حيثيت ۾ اقتدار ۾ آيو. پاڻ چاهي ها ته ملڪ ٽُٽڻ کان پوءِ استحڪام جي نالي ۾، پنهنجي اڪثريت جي آڌار تي، صدارتي نظام رائج ڪري سگهيو ٿي ۽ پاڻ صدر ٿي سگهيو ٿي، پر مون کي سندن سوچ بابت ڄاڻ آهي. هو چوندو هو ته هِن ملڪ جي آبادي جو انداز اهڙو اهي جو هڪ صوبي جي آبادي سٺ سيڪڙو آهي ۽ باقي ٽيئي صوبا ملي چاليهه سيڪڙو آبادي رکن ٿا. جيڪڏهن صدارتي نظام رائج ڪيو ويو ته پوءِ هڪ صوبو هميشه پنهنجو صدر چونڊيندو ۽ اهڙي طرح باقي ٽيئي صوبا محرومي واري احساس جو شڪار ٿي ويندا. سندس اهائي سوچ هئي، جنهن جي ڪري هن مخالف ڌر جي سمورين پارٽين ۽ سمورين ديني ۽ ٻين سياسي پارٽين جي تعاون سان، 1973ع جو اهڙو آئين جوڙيو، جنهن تي سڀ متفق هئا ۽ جنهن تي اتفاق راءِ هو. سڄي قومي اسيمبلي، جنهن ۾ تمام ناميارا ۽ وڏا سياستدان موجود هئا، تنهن ۾ ڪوبه اهڙوآواز نه اٿاريو ويو، جيڪو ان آئين سان اختلاف رکندو هجي.

وفاقيت لاءِ سندن اهم ڪارنامو سينيٽ قائم ڪرڻ آهي. هن مٿيون ايوان ان ڪري قائم ڪيو ته جيئن آبادي جي شرح جي بنياد تي اميدوارن جي چونڊ سبب هيٺئين ايوان ۾ جيڪو عدم توازن آهي سو سينيٽ وسيلي ختم ٿي وڃي. هر صوبي جي هڪجيتري نمائندگي هجي ۽ ان وقت تائين ڪوبه معاملو منظور نه ٿي سگهي، جيستائين سينيٽ ان جي تائيد ۽ منظوري نه ڏئي. وفاقيت لاءِ شهيد جو اهو تمام وڏو ڪارنامو هو، سندن ٽيون ڪارنامو اِهو هو ته انهيءَ آئين ۾ هن صوبن جي حقن کي تحفظ ڏنو ۽ اهڙيون اقتصادي گنجائشون رکيون، جن هيٺ اڄ به سرحد ۽ بلوچستان کي بجلي ۽ سوئي گئس جي رائلٽي ملي ٿي، جنهن جي ڪري اهي سرپلس ۾ آهن. اهو سندن ڪارنامو هو جو هن آئين ۾ صوبن جي حقن جي ضمانت ڏني ۽ مون کي اهو ڏينهن ياد آهي، جڏهن آئين مڪمل ٿي ويو ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو ته آئين جي مسودي تي صحيح ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ ميمبر اٿندو رهيو.ا نهن صحيح ڪندڙن ۾ مفتي محمود به هو، خان عبدالولي خان به، مير غوث بخش بزنجو به هو ۽ سردار عطاءُ الله مينگل به، ممتاز دولتانا به هو ۽ سردار شوڪت حيات به، مولانا شاهه احمد نوراني به هو ۽ پروفيسر غفور احمد به هو. سڀ واري واري سان ايندا ويا ۽ شهيد طرفان مرتب ڪرايل قانون جيان مسودي تي صحيح ڪندا ويا. ان اجلاس کان پوءِ شام جو اسين سڀ شهيد جي قيادت هيٺ هڪ جلوس جي شڪل ۾ اسلام آباد کان راولپنڊي ۾ پرائيم منسٽر هائوس ڏانهن روانا ٿياسين. ائين پئي لڳو، ڄڻ سڄو راولپنڊي شهر رستن تي نڪري آيو آهي. شهيد تي گلن جي ورکا ٿي رهي هئي ۽ ماڻهو اِهو جشن ملهائي رهيا هئا ته اڄ پهريون ڀيرو پاڪستان کي متفق وفاقي، پارلياماني، قومي آئين نصيب ٿيو آهي. ان آئين جا ڪي ٻيا رُخ به هئا. اوهين انهن کي ثقافتي ۽ مذهبي نقطهء نظر سان ڏسندا هوندا، پر مون کي آئين ساز ڪميٽي جو ميمبر هئڻ جي ڪري شهيد جي جيڪا رهنمائي حاصل هئي ۽ ان ڏس ۾ لاتعداد ڀيرا جيڪو بحث ٿيو، ان کي آڏو رکندي، آءٌ سندن باري ۾ ڪو ٻيو خيال ۽ سوچ رکان ٿو. مون کي ڄاڻ آهي ته عرفِ عام ۾شهيد ڪو مذهبي ماڻهو نه هو. آءٌ پنهنجي ذاتي ڄاڻ ۽ اسلام جي موضوع تي لاتعداد ڀيرا ساڻن ٿيل بحث کي آڏو رکندي، دعوا سان چوان ٿو ته هو ترقي پسند، روشن خيال ۽ انقلابي مسلمان هو. پيغمبر اسلام جي روضي تي حاضريءَ وقت روئندي سندن اکيون سُڄي وينديون هيون. صوفياء ڪرام ۽ اولياء عظام سان کين ڳوڙهي عقيدت هئي. اسين جڏهن ايران جي دوري تي وياسين ۽ مشهد مقدس پهتاسين، جتي هن سونا دروازا ڏٺا، ته مون کي چيائين ته آءٌ چاهيان ٿو ته هتان اهڙي قسم جا ٻه دروازا ٺهرايان ۽ پاڪستان وڃي حضرت داتا گنج بخش ۽ حضرت شهباز قلندر جي مزار تي لڳرايان. انهيءَ دوري ۾ هن واسطيدار ايراني ڪاريگرن کي گهرايو. کين آرڊر ڏنو ۽ جڏهن اهي دروازا ٺهي پهتا ته بنا ڪنهن پبلسٽي ۽ شهرت حاصل ڪرڻ جي، اهي دروازا حضرت شهباز قلندر ۽ حضرت داتا گنج بخش رحمت الله عليه جي مزار تي لڳايا ويا. کين ڄاڻ هئي ته سوشل اڪنامڪ جسٽس سان گڏوگڏ پاڪستاني قوم ۽ اُن جي اتحاد جو بيناد ٺوس اسلامي عقيدو به آهي. هو اقبال جو هن مطلب وارو شعر پڙهندا هئا.

”پنهنجي ملت لاءِ مغربي قومن جي ڀيٽ سان گمان نه ڪر.“

هڪ ڀيرو هڪ جلسي ۾ پڻ اهو شعر پڙهيائون:

”پنهنجي ملت لاءِ مغربي قومن جي ڀيٽ سان گمان نه ڪر،

رسول هاشمي جي قوم پنهنجي جوڙجڪ ۾ خاص آهي.“

هو اها ڄاڻ رکندو هو ته اسان جو قومي ايڪو هڪ خدا، هڪ ڪتاب ۽ هڪ رسول واري بنيادي عقيدي تي ٻڌل آهي. ان ڪري پاڻ انهن ٽنهي عقيدن کي پنهنجي آئين ۾ تحفظ ڏنائين. مذهب جا ٺيڪيدار ۽ اجاره دار ڪجهه به چون ۽ پاڻ کي جنت جو مالڪ سمجهن پر هن ملڪ ۽ اسٽيٽ کي توحيد جو ڪلمو ته ذوالفقار علي ڀٽي پڙهايو. ان ڪري جو اسين کان اڳ پاڪستان جي آئين ۾ اهو لکيل نه هو ته اسلام پاڪستان جو سرڪاري مذهب هوندو.

جيئن ڪو فرد ڪلمو پڙهي مسلمان ٿئي ٿو، تيئن هڪ ملڪ ۽ اسٽيٽ به اهو ڊڪليئر ڪري ته اسلام ان جو سرڪاري مذهب آهي، قبول اسلام جو اعلان ڪري ٿي ۽ ڪلمو پڙهي ٿي. قرآن پاڪ موجود هو، پر ڪنهن کي به اهو خيال نه هو ته قرآن پاڪ غلطين سان ڇاپيو پيو وڃي. اوهين ڄاڻو ٿا ته قرآن پاڪ جي غلطين جو معاملو ڪيترو نازڪ آهي ۽ اهو ڪيترو حساس معاملو آهي. سورت فاتحه ۾ اوهان ”انعمتَ“ چيو ته ان جو مطلب آهي ته اي الله تو جن تي انعام ڪيو ۽ جيڪڏهن انعمت چئي ڇڏيو ته ان جو مطلب آهي ”مون جن تي انعام ڪيو.“ فقها جو چوڻ آهي ته زير زبر واري انهيءَ فرق سان ايمان زير زبر ٿي وڃي ٿو ۽ ڪفر لازم اچي ٿو. شهيد پهريون ڀيرو قرآن پاڪ کي غلطين کان پاڪ ڪري ڇاپڻ لاءِ آئين ۾ گنجائش رکي ۽ ان موجب قانون سازي ڪئي. اُن دَور ۾ اسان کي انڊونيشيا مان هڪ خط مليو ته مشهور ادارو تاج ڪمپني جيڪي قرآن پاڪ انڊونيشيا موڪلي رهيو آهي، تن ۾ ڪيئي صفحا غائب هوندا آهن، ڪيئي آيتون غائب هونديون آهن. شهيد ڀٽي مون کي گهرايو ۽ چيو ته اهڙو بل تيار ڪيو وڃي، جنهن موجب هر صفحي تي هڪ عالم ۽ هڪ حافظ جو اهڙو سرٽيفڪيٽ لڳل هجي ته مون ان نسخي کي پڙهيو آهي ۽ هڪ هڪ زير زبر ڏٺي آهي، هاڻي هِن قرآن پاڪ۾ ڪابه غلطي ڪانهي.

ٽيون بنياد هڪ رسول جو آهي. هڪ رسول ان ڪري جو هڪ خدا تي ايمان ته يهودي به رکن ٿا، سک به رکن ٿا، هو اسان وانگر بلڪه اسان کان وڌيڪ موحد آهن. هاڻي عيسائين ۽ هندن ۾ به اهڙا فرقا نڪري پيا آهن، جيڪي خدا جي وحدانيت جو اعلان ڪن ٿا ۽ خدا کي هڪ مڃين ٿا. پر اسلامي معاشري جي رڪنيت لاءِ رڳو خدا تي ايمان آڻڻ ڪافي نه آهي، جيستائين رسول تي ايمان آڻڻ جو اعلان نه ڪيو وڃي ۽ رسول تي ايمان به ان معنيٰ ۾ ته آخري رسول آهي. جيستائين رسول پاڪ کي آخري نبي نه مڃيو ويندو، تيستائين ايمان مڪمل نه ٿيندو.

باصد يقين و باصد اعتبار ديده وري،

تجهي په ختم هي روح الامين کي نامه بري.

اهو رسول پاڪ جو درجو آهي، ۽ اهو شهيد ئي هو، جنهن قومي ايڪي جي انهيءَ نڪتي کي آئين ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ ختم نبوت کي آئين جو جُز بڻائي ڇڏي. پر حاضرين، اسان شهيد جي انهن احسانن جو چڱو بدلو ڏنو. هتي جج ۽ ناميارا قانوندان ويٺل آهن. آءٌ اسلام جي هڪ ادنيٰ طالب علم جي حيثيت ۾ چئلينج ڏيان ٿو ۽ سڄي دنيا کي چئلينج ڪريان ٿو ته اسلام ۾ واعدي معاف شاهد جو ڪو تصور موجود ڪونهي، اهو ڪافراڻو تصور آهي. اهو غير اسلامي آهي ۽ ان جي بنياد تي جيڪو فيصلو ٿئي ٿو، اهو هميشه ڪافراڻو ۽ ظالماڻو ٿئي ٿو ۽ اسلام جي مطابق نٿو هجي. هاڻي ته فيڊرل شريعت ڪورٽ به اهو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته واعدي معاف شاهد جو تصور اسلام ۾ موجود ڪونهي. اسلام جي عدل واري نظام ۾ گهڻن ججن جي جيوري جو به ڪو تصور ڪونهي. هڪ جج يا هڪ قاضي فيصلو ڪندو آهي،. جيوري ۾ گهڻا جج رڪن نه هوندا آهن ۽ انهن ۾ ڊويزن ۽ ورڇ سبب فيصلو لاڳو ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ججن کي رٽائر ڪبو رهجي ۽ اهڙي طرح اُنهن کي اقليت بڻائي ڇڏيو وڃي، جيڪي ڪنهن جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ وارا هجن. اهو انصاف نه هو. اها عوام ۽ عوام جي قائد خلاف هڪ سازش هئي. قومي ايڪي ۽ وفاقيت جي باني ذوالفقار علي ڀٽي آمريت ۽ استحصال خلاف جيڪا جدوجهد ڪئي هئي، تنهن جي ڪري آمريت جي گماشتن کيس اسان کان، عوام کان، کسي ورتو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سقراط زهر جو پيالو پي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ چيو ته:

”ڪفن ٻڌي تياري ڪريو ته منهنجي دشمنن کي اهو گمان نه رهي ته موت سبب اسان عشق جي غرور و بانڪپن وساري ڇڏيو آهي.“

”اسين جيڪڏهن بيهي رهياسين ته ڳري پهاڙ جيان هئاسين، ۽ هلڻ تي آياسين ته جان قربان ڪري ڇڏيسين: يار جي راهه کي اسان قدم قدم تي يادگار بڻائي ڇڏيو.“

حاضرين گرامي، شهيد ڪڏهن به مرندا نه آهن. شهيد زنده رهندا آهن. ذوالفقار علي ڀٽو به زنده آهي، شاعر چيو آهي ته:

ڪنهن ٻئي افق تي روشن هوندو،

سج ڪڏهن غروب نه ٿيندو آهي.

سج لهندو ڪونهي، لهي وري طلوع ٿيندو آهي_ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ غروب ٿيڻ کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي شڪل ۾ وري طلوع ٿيو آهي. شهيد اڄ بينظير جي بيمثال جدوجهد ۾ جيئرو آهي. ان جي قربانين ۾ زندهه آهي. سندس ڪاميابين ۾ زنده آهي. مون کي ياد آهي ته بينظير اڃا ٻار هئي ته شهيد اسان کي چوندو هو ته مون کي پنهنجي هِن ڌيءَ تي فخر آهي. هيءَ وڏي ٿي منهنجو مشن مڪمل ڪندي. هو چوندو هو ته جهڙي ريت پنڊت جواهر لعل نهروءَ اندرا گانڌي کي اڳواڻيءَ جي تربيت ڏني، آءٌ به بينظير کي تربيت ڏيندس. اها ٻي ڳالهه آهي ته اندرا گانڌي ڪڏهن به آمريت ۽ ڊڪٽيٽرشپ جو مقابلو نه ڪيو. کيس فوج جي پاڇي هيٺ جمهوريت جي جدوجهد ڪرڻ جو به اتفاق نه ٿيو. اها بينظير هئي، جنهن پنهنجي جوانيءَ جا پنج قيمتي سال قيد و بند جي تڪليفن ۾ گذاريا.

مون کي ياد آهي ته آخري زماني ۾ شهيد منهنجي سامهون پرڏيهي کاتي جي عملدارن کي حڪم ڏنو ته پرڏيهي معاملن بابت سمورا فائيل سندس آڏو پيش ڪرڻ کان اڳ بينظير کي موڪليا وڃن. اهڙي طرح، پرڏيهي معاملن جهڙي حساس ڪم ۾ به هُو بينظير جي قيادت ۽ صلاحيت تي ايڏو اعتماد ڪندو هو.

خواتين و حضرات! اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي يوم ولادت تي آءٌ چوان ٿو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مئو ڪونهي. هو اڄ به اسان ۾ موجود آهي. هو محترمه بينطير ڀٽو جي روپ ۾ موجود آهي:

”آءٌ مرڻ کان پوءِ به وفا جي بزم ۾ جيئرو آهيان: منهنجي محفل جي ڳولا ڪر، منهنجي مزار جو ڏس نه پُڇ.“

  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org