نثار عثماني
محترمه بينظير ڀٽو،
مانوارا خواتين و حضرات!
آءٌ لکيل تقرير بدران پنهنجيءَ ياداشت ۽ مشاهدي جي
آڌار تي ڪجهه چوڻ گهران ٿو.
مون کي جناب ڀٽي کي نه رڳو ويجهو ڏسڻ پر اڪثر ملڻ
جو اعزاز حاصل آهي جو ويهن سالن دوران آءٌ پنهنجي
پيشيوراڻي ڪم ۾ هوس ۽ هو سياست ۾ هو.
پاڪستان جي سالميت ۽ مستقبل لاءِ ان وقت تمام
سنگين چئلينج پيدا ٿي ويو، جڏهن ملڪ ڊسمبر 1971ع ۾
ٽُٽي ويو. ملڪ متحد نه رهيو، ماڻهو اخلاقي طور تي
سپتيءَ جو شڪار ٿي ويا هئا، فوج هٿيار ڦٽا ڪري
ڇڏيا هئا ۽ ستر هزار کان مٿي فوجي جنگي قيدي بڻجي
ويا هئا، معيشت جي حالت ابتر هئي، اهي حالتون
هيون، جن ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي حڪومت جي سربراه
طور ذميواري سنڀالي. هن انهيءَ چئلينج کي قبول
ڪيو. کيس اها ڄاڻ هئي ته کيس اندروني توڙي بيروني
سطح تي هڪ ئي وقت مختلف محاذن تي وڙهڻو پوندو. هُو
پنهنجي سياسي تدبر ۽ ڏاهپ، پنهنجي سياسي تجربي ۽
پنهنجي اعتماد ۽ جرئت سبب ڪامياب ٿيو. اقتدار
سنڀالڻ کان سگهو پوءِ کيس ڀارت سان ڳالهيون ڪرڻ
واري ڏکئي ڪم کي منهن ڏيڻو پيو. هو شملي ويو ۽
تمام ڊگهيءَ جدوجهد ۽ ڪوشش کان پوءِ ڳالهين کي
ڪامياب بنائڻ ۽ شملا ٺاهه تي صحيحون ڪرائڻ ۾
ڪامياب ٿيو. منهنجي خيال ۾، اُنهن حالتن ۾ اِن کان
بهتر ٺاهه ممڪن نه هو. ان کان پوءِ جنگي قيدين جي
واپسيءَ وارو معاملو هو. هڪ سال پوءِ، ڀارت ۽
پاڪستان جي وچ ۾ اسلام آباد ۽ نئين دهلي ۾ ڳالهين
جا ٻيا دورَ ٿيا. مون کي ياد آهي ته مون اخباري
نمائندي جي حيثيت ۾ ان ڪانفرنس جي
‘coverage’
ڪئي ۽ ڏهن کان يارهن ڏينهن جي ڊگهين ڳالهين کان
پوءِ هو ٻيو ٺاهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن سان جنگي
قيدين جي واپسي يقيني ٿي وئي.
جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي بخوبي اها ڄاڻ هئي ته
پاڪستان ۾ آئين جوڙڻ هميشه وڏو مسئلو رهيو آهي ۽
ڪنهن هڪ يا ٻئي سبب ڪري ڪو متفق آئين بحال نه ٿي
سگهيو يا رد ڪيو ويو. ان ڳالهه کي آڏو رکندي، هُن
اڻٿڪ محنت ڪئي ۽ مختلف پارٽين جي اڳواڻن سان
ڳالهيون ڪيون. جيتوڻيڪ کيس قومي اسيمبلي ۾ آئين
منظور ڪرائڻ لاءِ گهربل اڪثريت حاصل هئي، پر هن
يڪراءِ آئين بحال ڪرائڻ لاءِ هر هڪ صوبي ۽ هر مڪتب
فڪر کي اعتماد ۾ ورتو ۽ آخرڪار اهڙو بنيادي
دستاويز تيار ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جيڪو 1973ع
جي آئين جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ جنهن کي پوءِ
بدقسمتي سان مارشل لا جي فقرن، مارشل لا
ريگوليشنس، آرڊيننسن،
RCO, PCO
۽ ٻين اپائن وسيلي تبديل ڪيو ويو ۽ حقيقي معنيٰ ۾
ان جي شڪل ايتري تبديل ٿي ويئي جو بعد ۾ اهو 1985ع
جي آئين جي نالي سان ڄاتو ويو. اهو آئين ئي نه
رهيو، جيڪو 1973ع ۾ جوڙيو ويو ۽ لاڳو ڪيو ويو هو.
هن هڪ ٻئي سنجيده معاملي، صوبائي خودمختياري، جي
تدارڪ لاءِ به اپاءَ ورتا ۽ جيڪڏهن هو زندهه رهي
ها ته صورتحال گهڻي بهتر هجي ها، جيڪا مارشل لا جي
لاڳيتن ۽ ڊگهي مدي وارن دورن ۽ انتظامن جي مرڪزيت
سبب وفاق جي يونٽن جي اڄوڪي حالت جي ڀيٽ ۾ انهن
لاءِ وڌيڪ قبول ڪرڻ جوڳي هجي ها. پاڪستان ۾ صوبائي
خودمختياري گهڻو ڪري خواب رهي آهي، ان ڪري هن ان
جي لاءِ ڪوشش ڪئي، کيس ڄاڻ هئي ته ملڪ کي رڳو ان
حالت ۾ متحد رکي سگهجي ٿو، جڏهن ماڻهن جي سطح تي
اتحاد هجي. ان ڪري جو سياسي اڳواڻن جي سطح تي
اتفاق يا ٺاهه هميشه عارضي ٿئي ٿو ۽ جٽادار ڪونهي.
سياسي اڳواڻ مختلف معاملن تي پنهنجو موقف تبديل
ڪري سگهن ٿا ۽ اهڙي ٺاهه تان ڦري سگهن ٿا. البت
جيڪڏهن بنيادي سطح تي، عوام جي سطح تي، اتحاد هجي،
جيڪڏهن اهڙي ڪا پارٽي هجي جيڪا چئني صوبن ۾ بنياد
رکندڙ هجي ۽ عوام ۾ اِهو يقين پيدا ٿئي ته اهڙي
پارٽي موجود آهي، اهڙي حڪومت موجود آهي، جيڪا سندن
گهرن ۽ امنگن تي ڌيان ڏيندي ۽ انهن کي پورو ڪندي،
ته پوءِ حقيقي معنيٰ ۾ اتحاد پيدا ئي ٿو. پارٽي ۽
حڪومت ۽ جناب ڀٽو به ان حقيقت کان چڱي طرح آگاهه
هئا ته اقتصادي جمهوريت کانسواءِ سياسي جمهوريت بي
مقصد آهي. اقتصادي جمهوريت کان سواءِ سياسي
جمهوريت فريب آهي. جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنجن
سالن ۾ هڪ ڀيرو ووٽ ڏيڻ جو حق ڏيو ۽ سندن خيال نه
رکو ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪو پُختو ڪم نه ڪريو، يا
جيڪڏهن کين ماني، اجهو ۽ لٽو فراهم ڪرڻ لاءِ ڪجهه
نه ڪريو ته پوءِ جمهوريت رڳو ڪُوڙ آهي.ا ن ڪري هن
ڪيترا سڌارا آندا. آءٌ تمام انڪساري سان اهو چوان
ته هُن زرعي سڌارا آندا، هن پورهيتن لاءِ سڌارا
آندا، هن ٻيا ڪيترا سڌارا آندا. هن آبادگارن ڏتڙيل
۽ ڏاڍ جي شڪار ماڻهن کي اهوفخر ڏنو، جيڪو اهي
وڃائي چُڪا هئا، هن کين همٿ ڏياري، هن کين يقين ۽
اعتماد ڏنو، جنهن سان اُهي اُٿي کڙا ٿيا ۽ ڪارخانن
جي مالڪن ۽ جاگيردارن خلاف ڳالهائڻ جي قابل ٿيا.
محترمه بينظير، پنهنجي ملڪ جي سياسي معاملن جو
عاجزانه مطالعو ڪندڙ طور، مون کي اهو چوڻ ڏيو ته
آءٌ سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ٻنهي حصن جي ٻن عظيم
اڳواڻن، شيخ مجيب الرحمان ۽ جناب ذوالفقار علي
ڀٽي، جي قومي معاملن بابت مفاهمت ۾ ڪاميابي ٿي وڃي
ها ته پاڪستان جو مستقبل مختلف ٿي سگهي ها ۽ مختلف
هجي ها. بدقسمتيءَ سان ائين نه ٿي سگهيو. اهڙي
طرح، آءٌ اهو به سمجهان ٿو ته ڪوئٽا ۾ حڪومت خلاف
مرڪز پاران ڪارروائي کان پاسو ڪرڻ ممڪن هو ۽ ان
کان بچڻ گهرجي ها. آءٌ اوهان کي اهو ٻڌائڻ گهران
ٿو ته پنهنجي سڄي دور ۾ هن پاڻ کي قومي ايڪي لاءِ
وقف ڪيو. هو پنجاب ۾ به اوترو ئي مقبول هو جو اهو
چيو وڃي ٿو ته پنجاب جي ڪري هو وزيراعظم هائوس ويو
۽ کيس پنهنجي قوم جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو، انهن
ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو، جن سان کيس محبت
هئي، انهن ماڻهن جي خدمت جو موقعو مليو، جن سان
کيس چاهه هو ۽ ان سان هن اڪثر رابطو رکيو.
ان کان سواءِ هڪ ٻي ڳالهه ته ٻيون پارٽيون به
موجود هيون ۽ عوامي ليگ به موجود هئي، جنهن
علائقائي نعرن جي آڌار تي ڪم ڪيو، ڪجهه پارٽين
فرقيوارانه نعرا استعمال ڪيا ۽ انهن جي بنياد تي
ڪم ڪيو. جناب ڀٽو ٺوس اقتصادي پروگرام تي يقين
رکندو هو ۽ مون کي اهو چوڻ ڏيو ته 1970ع جي چونڊن
کان اڳ، اقتصادي پروگرام رکندڙ منشور ڪڏهن به پيش
نه ڪيو ويو، اهو پهريون ڀيرو هو جو جناب ڀٽي 1970ع
۾ ٺوس پروگرام ڏنو ۽ ان وقت کان پوءِ ٻين ڪيترين
پارٽين به اهڙا پروگرام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هن پرڏيهي پاليسيءَ واري ميدان ۾ ڪيترا جرائت وارا
اپاءَ ورتا. هن ”سيٽو“ ۽ ”سينٽو“ کان ڌار ٿيڻ جو
فيصلو ڪيو. هن سڄي اسلامي دنيا سان رابطو ڪيو ۽
ڪنڊڪڙڇ ۾ ويو ۽ اتي ملڪن جي سربراهن سان ذاتي تعلق
پيدا ڪيو. هن لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس
ڪرائي.
هن ٽين دنيا جي ڳالهه ڪئي، جيڪا اڳ نه ڄاتي ويندي
هئي. جيڪو اصطلاح کانئس اڳو نه ٻڌو ويو هو. هن غير
جانبدار تحريڪ جي ڳالهه ڪئي، هن پرڏيهي پاليسي
وارن معاملن جي ڳالهه ڪئي، انهن معاملن جي ڳالهه
ڪئي، جن جو ملڪ جي اتحاد ۽ وفاق تي سڌي طرح اثر
پوندڙ هو،. ان بعد اهي قوتون جيڪي سندس مخالف
هيون، جيڪي سندس پروگرام جون مخالف هيون. جيڪي
سندس پاليسين جون مخالف هيون، جن کي ڄاڻ هئي ته
اهي پاليسيون کيس عوام ۾ وڌيڪ مشهور ڪنديون ۽ اهي
قوتون، جيڪي مفاد پرستن سان واسطو رکندڙ هيون سي
گڏجي يڪجا ٿي ويون. انهن کيس ميدان مان هٽائڻ جي
ڪوشش ڪئي. ان کان پوءِ مارشل لا جو دور آيو، جنهن
۾ واعدو ڪيو ويو ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون
وينديون ۽ انهن کي ملتوي ڪيو ويو. 1979 ۾ وري
چونڊون ملتوي ڪيون ويون. ڇو؟ ان ڪري، جو آءٌ اوهان
کي ٻڌايان ته آءٌ ان دور جو سينئر صحافي هوس:
چونڊون ان ڪري ملتوي ڪيون ويون جو ان وقت جي حڪومت
کي اها پروڙ هئي ته اهي پارٽي کي شڪست نٿا ڏئي
سگهن.
ان کان پوءِ هٿ ٺوڪيو ڪيس هلايو ويو، جنهن جو
فيصلو سياسي عدالتي قتل کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هو.
هن هڪ رات ۾ ايڏو ڊگهو فاصلو طئي ڪيو، ايڏو وڏو
پنڌ ڪيو، جيڪو ٻيا پنهنجي سڄي حياتي ۾ نه ڪري
سگهيا. هن پيش پوڻ کان انڪار ڪيو، هن سوديبازي ۽
ٺاهه ڪرڻ کان انڪار ڪيو. آءٌ چوڻ گهران ٿو ته هن
ڦاهي قبول ڪئي، پر اصول نه ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ،
پنهنجي پارٽيءَ ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ عوام جي دلين ۽
تاريخ ۾ درجو پيدا ڪيو ۽ شهيد جو رتبو حاصل ڪيو.
قرآن پاڪ جي اکرن موجب، ”شهيد مرندا نه آهن، اهي
زنده آهن.“ اهي ماڻهو عظيم آهن، جيڪي پنهنجي عهدي
تان رٽائر ٿيڻ يا جسماني طور تي گذاري وڃڻ کان
پوءِ به زندهه رهن ٿا. جناب ڀٽو اهڙن ماڻهن مان هڪ
آهي، جيڪو زندهه آهي ۽ زندهه رهندو. |