سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: جُڳ جُڳ جالَ جيئنِ

باب: --

صفحو : 5

اقبال آخوند

 

محترمه وزيراعظم،

جناب وزيراعليٰ، معزز مهمانو.

مون لاءِ اها واقعي وڏي عزت جي ڳالهه آهي ته مون کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگي ۽ ڪارڪردگيءَ جي ياد ۾ ٿيندڙ هن تقريب ۾ ڳالهائڻ جي دعوت ڏني وئي آهي، جنهن سان مون کي ڪيترا سال پرڏيهي وزارت ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي.

حقيقت ۾ اسان جي پهرين واقفيت 1930ع واري ڏهاڪي ۾، لاڙڪاڻي ۾ ٿي هئي، جڏهن اسين ٻئي اڃا ٻار هئاسين. وري ساڻس منهنجي ملاقات پنجويهه سال پوءِ ڪراچيءَ ۾ ٿي، جڏهن هو برڪلي ۽ آڪسفورڊ مان واپس موٽڻ تي وڪالت جو ڪاروبار قائم ڪري رهيو هو. هو هڪ ذهين نوجوان هو، جنهن جي شاندار مستقبل جي اڳڪٿي ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه نه هئي. البت ڪنهن به اهو نه سوچيو هو، ايتري قدر جو هن پاڻ به ان وقت اهو گمان نه ڪيوهوندو ته سندس آڏو جيڪا منزل آهي، سا کيس پاڪستان ۾ سياسي اقتدار جي اوچائيءَ تائين وٺي ويندي ۽ عالمي شهرت ۽ وڏي نالي تائين رسائيندي. ڪنهن بدترين خوابن ۾ به اهو نه ڏٺو هوندو ته انهن بلندين تان هو دغا ۽ بيوفائي سبب تمام اونهيءَ کڏ ۾ وڃي ڪرندو ۽ کيس هر قسم جي توهين، ناانصافي ۽ ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويندو ۽ آخرڪار پنهنجي اوج واري دور ۾ کانئس سندس حياتي کسي ورتي ويندي.

اهڙي ماڻهو جي زندگي تاريخ ۽ استعاري جي حيثيت رکي ٿي. شهيد ڀُٽي جي زندگي، تيزيءَ سان بلندي تي پهچڻ ۽ يڪدم هيٺ اچڻ جي ڪري، شهاب ثاقب جهڙي آهي. پر شهاب ثاقب آسمان کي هڪ پل لاءِ روشن ڪندو آهي ۽ پوءِ اهڙي نموني غائب ٿي ويندو آهي جو ان جو ڪوبه نشان باقي نه رهندو آهي، جڏهن ته ڀٽي جو ڪم ڪار ۽ سندس موجودگي اسين اڃا به محسوس ڪريون ٿا. پنهنجيءَ وفات کان پوءِ به هو ملڪجي سياست ۾ هڪ وڏي قوت ۽ اُتساهه جو ذريعو بڻيل آهي ۽ شديد چاهت ۽ سخت دشمني واري جذبي هيٺ مباحثي جو ذريعو آهي.

ڪيترا ماڻهو ڀٽي کي سيماب صفت سمجهن ٿا. منهنجي خيال ۾ اهو غلط اندازو آهي. هو موجي ماڻهو هئڻ جي بدران گهڻا رُخ رکندڙ شخصيت هو. کيس ڪيترين ئي شين ۾ دلچسپي هئي.

مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيرو هو نيويارڪ ۾ جارج بُش سان عمارت سازي ۽ شهري رٿابندي بابت ڳالهائي رهيو هو ۽ اسين ڄاڻون ٿا ته سندس انهيءَ دلچسپيءَ بعد ۾ عملي شڪل اختيار ڪئي، جنهن موجب ڪراچي شهر جي سونهن ۽ سهوليتن ۾ ڪيترو سڌارو آيو. هن پنهنجي اسڪول ۽ يونيورسٽي واري تعليم گهڻي ڀاڱي ڏيساور ۾ حاصل ڪئي ۽ ڪيترا سال ٻاهرين ملڪن ۾ رهيو، پر تنهن هوندي به کيس ملڪ جي مسئلن توڙي عام ماڻهوءَ جي تڪليفن ۽ مسئلن جي چڱي ۽ واضح ڄاڻ حاصل هئي. هو دولت ۽ آسائش واري ماحول ۾ پيدا ٿيو، ۽ ان ڪري جڏهن هن سوشلزم جي ڳالهه ڪئي ته سندس مخالفن کي اها ڳالهه حقيقت جي ابتڙ نظر آئي ۽ انهن مٿس منافقت جو الزام لڳايو، پر سندس سوشلسٽ نظريو ڪنهن قاعدي يا ڪتابي اصولن جي پيداوار نه هو.سندس اهي نظريا عام ماڻهن لاءِ همدردي ۽ سندن عام مسئلن جي پوري ڄاڻ رکڻ تي ٻڌل هئا.

هو جڏهن حڪومت ۾ شامل ٿيو ته هن حڪومت جي ڪم ڪار ۽ ملڪ جي انتظامي مشنريءَ جي قوت ۽ ڪمزورين بابت تفصيلي ڄاڻ تمام جلد حاصل ڪري ورتي. عوام جي زندگين ۾ ڪامورا شاهي جي تمام وڏي ڪردار کي محسوس ڪندي، هن سول سروسز واريءَ جوڙجڪ ۾ تمام اهم سڌارا آندا. هن هٿياربند فوجن جي عمومي جوڙڪ ۾ تبديلي آندي ته جيئن وڙهندڙ فوجن ۾ وسيع هم آهنگي ۽ سندن ڪم ڪار ۾ بهتر رابطو پيدا ٿي سگهي. هن فوجي سامان ملڪ اندر تيار ڪرڻ لاءِ اهم اپاءَ ورتا. هن وقت ملڪ ۾ دفاع بابت جيڪا به وڏي صنعت موجود آهي، تنهن جو بنياد يا ابتدائي ڪم ڀٽو حڪومت طرفان رکيو ويو ۽ شروع ڪيو ويو. يحيٰ خان جي فوجي حڪومت جي ناڪامي کان پوءِ جڏهن کيس اقتدار لاءِ گهرايو ويو ته هن قومي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪيترا سُڌارا آندا ۽ انهن مان گهڻي ڀاڱي وقت جي آزمائش تي پورا ثابت ٿيا آهن. سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو اِهو هو ته هن هڪ سال جي مُدي اندر قومي اسيمبليءَ ۾ آئين پيش ڪيو ۽ اتفاق راءِ سان ان لاءِ حمايت حاصل ڪئي. اهو اهڙو ڪم هو، جنهن جي لاءِ اڳ ۾ ٻن آئين ساز اسيمبلين پنجويهن سالن تائين ڪوششون ڪيون، پر ڪامياب نه ٿي سگهيون.

1973ع واري آئين کي اهو مثالي اعزاز حاصل آهي ته يارهن سال مُعطل رهڻ کان پوءِ ۽ ضياءَ الحق جي مارشل لا جي ڪري، هر قسم جي جارحيت ۽ حقارت جو شڪار ٿيڻ ۽ آخرڪار اٺين ترميم جي ذريعي ان جي شڪل مڪمل طور تي بگاڙڻ جي باوجود ان کي اڃا به قوم جي حمايت حاصل آهي ۽ اڄ جي واحد گهر اها آهي ته آئين ۾ ڪيل اُنهن ترميمن کي ختم ڪيو وڃي، جن آئين جي شڪل ۽ روح کي بگاڙي ڇڏيو آهي. منظور ٿيڻ کان ويهه سال پوءِ به ڀٽي جو آئين اڄ به قومي اتفاق راءِ جو بنياد آهي ۽ اهو ذريعو بڻيل آهي، جيڪو اسان جي وفاق کي يڪجا رکي ٿو.

ها، شهيد ڀٽو گهڻا رُخ رکندڙ شخص هو ۽ قومي زندگيءَ جي مختلف رُخن ۾ اهو ڪم ڪيائين. پر آءٌ سمجهان ٿو ته سندس تمام اهم ڪارڪردگي ۽ عملي ڪم گهڻي ڀاڱي پرڏيهي پاليسيءَ جي ميدان ۾ آهي. سندس ذاتي لاڙو پرڏيهي معاملن ڏانهن هو ۽ سندس خاص ڏات ۽ صلاحيت به ان شعبي ۾ آهي. 1966 ۾ ايوب خان جي حڪومت کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ هو جڏهن الوداع چوڻ لاءِ پرڏيهي کاتي جي آفيس آيو ته هن اسان سان ڀرپور جذبن ۽ احساسن سان ان رومانس بابت ڳالهيون ڪيون، جنهن کيس پرڏيهي معاملن واري شعبي ڏانهن راغب ڪيو ۽ ان ڳالهه تي افسوس ڏيکاريائين ته هو اهڙي وقت ۾ ڌار ٿي رهيو آهي، جڏهن ملڪ کي تمام ڏکيا چئلينج آڏو آهن.

هن صنعت ۽ قدرتي وسيلن واري وزير طور پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيو، جنهن لاءِ ڪو اهو سوچي به نٿو سگهي ته ان وسيلي پرڏيهي پالسيءَ جي تياري يا ان تي اثرانداز ٿيڻ جو ڪم ڪري سگهجي ٿو، تنهن هوندي به، وزارت ۾ سندس ابتدائي اُپائن ۾ روس سان ملڪ اندر تيل ۽ گئس جي ڳولا ۾ امداد ڏيڻ واري ٺاهه بابت ڳالهيون شامل آهن. اهو ڪم اهڙي وقت ڪيو ويو، جڏهن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي نه رڳو مغربي دنيا جي حوالي سان سڃاتي ويندي هئي، بلڪ روس سان ڪنهن به قسم جو رابطو شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو هو ۽ ناپسنديده ۽ هاڃيڪار ليکيو ويندو هو. ان ڪري ڀٽي کي ڳالهين کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ۽ سوويت يونين سان تيل بابت ٺاهه صحيح ڪرڻ لاءِ پنهنجي وزارت جي عملدارن ۽ ايسٽبلشمنٽ سان وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي ۽ ان وقت جي سياسي ماحول کي آڏو رکندي باقاعدي مقابلو ڪرڻو پيو. اهو تمام ڪارائتو ٺاهه هو ۽ ان سان پاڪستان کي تيل جي ڳولا ۾ پنهنجي ذاتي مهارت پيدا ڪرڻ جو موقعو مليو. پر حقيقت ۾ اهو ان کان وڌيڪ به ڪجهه هو جو اهو پرڏيهي پاليسي جي شعبي ۾ هڪ معنيَ خيز قدم هو. تيل جي ڳولا ۾ سوويت يونين سان رجوع ڪندي ڀٽي کي اها ڄاڻ هئي ته ان سان هو نه رڳو پاڪستان لاءِ اها ٽيڪنالاجي حاصل ڪري وٺندو، جيڪا ٻئي ڪنهن هنڌان سولائي سان نٿي ملي سگهي، بلڪ اهڙي طرح هو اُن ڦيٿي جو رخ به ٿورو مٽائي رهيو هو، جيڪو اڳتي هلي اسان جي پرڏيهي پاليسي جو رخ تبديل ڪرڻ جي شروعات ٿي سگهي ٿو.

کيس ڄاڻ هئي ته تيز رفتار بين الاقوامي مواصلات ۽ سرگرمي جي هر شعبي ۾ ملڪ کان ٻاهر مواصلاتي رابطن واري اڄوڪي دنيا ۾ ڪنهن ملڪ جي سرڪاري پرڏيهي پاليسي ملڪ جي پرڏيهي لاڳاپن جي سلسلي ۾ رڳو هڪ وارياسي ڪناري جي حيثيت رکي ٿي.

پرڏيهي لاڳاپن جي بُڻت اهڙي قسم جي ڪيترن وارياسن ڪنارن تي ٻڌل آهي ۽ ان جو رنگ ۽ جوڙجڪ مختلف ذريعن کان حاصل ٿيندڙ اثر رسوخ، بين الاقوامي واپار، ثقافتي مٽاسٽا، گهڻ ملڪي ڪارپوريشنن جي سرگرمين ۽ ٽريڊ يونينن جي وچ ۾ رابطن، غير سرڪاري تنظيمن جي ڪم ڪار، اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اثر ۽ اهڙين ٻين ڳالهين تي دارومدار رکي ٿي. اهڙيءَ ريت صنعت واريءَ وزارت ۾ ننڍي شروعات سان پاڪستان جي نئين پرڏيهي پاليسيءَ جي جوڙجڪ شروع ٿي.

اها پاليسي دنيا جي انهن ٽن وڏين طاقتن چين- آمريڪا ۽ سويت يونين- سان اسانجن متوازن لاڳاپن تي ٻڌل آهي، جيڪي پاڪستان لاءِ تمام اهم آهن. ان وقت کان وٺي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي انهي منظم نموني تي هلي رهي آهي. اسان پنهنجو گهڻو جُهڪاءُ ان اميد سان مغربي دنيا ڏانهن رکيو ته اُن جي مدد ۽ حمايت سان پاڪستان ڀارت سان پنهنجي جنگي عدم توازن جو تدارڪ ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. پر سلامتي لاءِ اها ڳولا رڳو هٿيارن جي ڳولا ۽ حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي وئي آهي. ملڪ جي آزادي جي حفاظت جي خاطري ڪرڻ لاءِ پاڪستان اهڙن اتحاد ۽ ٺاهن ۾ شامل ٿيو، جن جي ڪري ان ڏس ۾ ان جي چونڊ ڪرڻ واري صلاحيت محدود ٿي وئي.

پرڏيهي وزير ٿيڻ وقت اها ماڻهن ۽ وقت جي گڏجاڻي هئي.

چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ 1962ع واري سرحدي ويڙهه ڏکڻ ايشيا ۾ جنگي اهميت واري صورتحال کي تبديل ڪري رهي هئي. غير جانبدار ڀارت آمريڪا کان فوجي امداد حاصل ڪري رهيو هو ۽ ان جي مغربي اتحادين طرفان اولهه پاڪستان جي حمايت وارا جذبا چين سان لاڳاپن جي صورتحال مٽائي رهيا هئا.

شهيد ڀٽي محسوس ڪيو ته هاڻي ملڪ جي سلامتي واري پاليسيءَ جو محور چين سان لاڳاپا وڌائڻ تي دارومدار رکي ٿو. البت هن اهو به محسوس ڪيو ته آمريڪا سان پنهنجن پراڻن لاڳاپن جي اهميت کي آڏو رکندي، ”اسان کي نوان دوست ٺاهڻ ۽ موجوده دوستن کي ڇڏڻ واري ڪم ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي.“ ان وقت لکيل هڪ مُدلل مقالي ۾ هن چيو ته ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ جذبات يا وطنيت جي ڪا اهميت ڪانهي. آءٌ سندس لفظ هڪ ڀيرووري حوالي طور پيش ڪريان ٿو: ”ڪنهن ننڍي ملڪ لاءِ اهو اجايو ٿيندو ته اُهو وڏين طاقتن کي منٿ يا التجا وسيلي سندن عالمي پاليسيون دٻاءَ يا انصاف لاءِ رڙين جي بنياد تي تبديل ڪرڻ لاءِ چوي. ان ڏس ۾ ماضي ۾ ڪيل خدمتون ياد ڏيارڻ جي به ڪا اهميت ڪانهي. حقيقت پسندي واري ۽ متوازن سوچ اختيار ڪرڻ ۽ سائنسي بنيادن تي پاليسي تيار ڪرڻ بهتر ٿيندو.“

شهيد ڀٽي ۾ ڊپلوميسي جي فن۽ تدبر واريون ٻئي خوبيون هيون. کيس خبر هئي ته ڪهڙي وقت ڪنهن معاملي کي اٿارڻو آهي ۽ ڪهڙي وقت پاسن واري لشڪر جي چرپر سان گهربل مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو. هو انهيءَ آرٽ جي طريقن کان واقف هو. وڏي صلاحيت رکندڙ ۽ ذهني طور تي قائل ڪرڻ وارو ڳالهيون ڪندڙ هو. مون کي گڏيل قومن ۾ ٿيل ڪجهه ڳالهين ۾ سندس مدد ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ ان دوران آءٌ سندس انتهائي ڪامل مهارت ڏسي سگهيس، جنهن سان هن اهي ڳالهيون ڪيون.

هو هميشه پختو مؤقف رکندڙ هو، پر ڪڏهن به اهو تاثر نه ڏنائين ته هو لچڪ رکندڙ ڪونهي. هو دليل ڏيندو هو، بحث نه ڪندو هو ۽ جتي به هن محسوس ڪيو ته ڪا سهوليت يا رعايت ڏئي سگهجي ٿي يا ڏيڻ گهرجي ته هو فوري طور تي، باوقار نموني ۽ بنا ڪنهن سودي بازيءَ جي، ڏيئي ڇڏيندو هو.

هو وسيع پس منظر تي به نظر رکندو هو. علائقي، اسلامي دنيا ۽ اقتدار ۽ قوت جي بين الاقوامي سياست جي ڏکيءَ دنيا ۾ پاڪستان جي حيثيت کي آڏو رکندو هو. هن اِهي نظريا وهم يا اجائي خواهش جي بنياد تي نه قائم ڪيا. پاڪستان اهڙو ملڪ ڪونهي جيڪو عالمي اسٽيج تي هڪ آزاد قوت طور ڪم ڪري سگهي. اسان وٽ اهي ذريعا، وسيلا يا اهڙي ڪا ٻي صورتحال ڪانهي، جنهن سان اسين عالمي منظر کي تبديل ڪري سگهون. ٻين ملڪن ۽ وڏين طاقتن جي پاليسين تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ اسان جي صلاحيت محدود آهي. حقيقت ۾ اهڙي حيثيت ۽ صلاحيت دنيا جي رڳو ڪن ٿورڙن ملڪن کي حاصل آهي. ايتريقدر جو برطانيا، فرانس ۽ جاپان جهڙن وڏن ۽ امير ملڪن کي به ڪنهن وقت هوا جي رُخ مطابق هلڻو پوي ٿو. خاص ڳالهه اها آهي ته منزل اکين جي سامهون رهي ۽ قومي مقصد بابت واضح سوچ هئڻ گهرجي، افغانستان جي اڄوڪي صورتحال، طريقه ڪار، سياسي حڪمتِ عملي کان ڌار هجڻ ۽ پاليسي، امنگن ۽ خوابن تي ٻڌل هجڻ جو ڏکوئيندڙ مثال آهي.

تاريخ ۾ ’اگر‘ ’مگر‘ ۽ ’ٿي سگهي ٿو‘ وارا محاورا تمام خوش ڪُن آهن؛ پر آءٌ ان کان پاسو ڪندس. آءٌنيويارڪ ۾ فرانس جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي عملدارن جي هڪ گروپ سان پنهنجيءَ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيڻ گهران ٿو. روس تازو افغانستان تي قبضو ڪيو هو. اِنهن مُدبر ۽ پوري ڄاڻ رکندڙ سفارتڪارن جي راءِ هئي ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اختيار رکندڙ هجي ها ته پوءِ روس شايد افعانستان ۾ اها مهم جوئي ڪرڻ جي همٿ نه ڪري ها. مون کانئن پڇيو ته هو ائين ڇو ٿا سمجهن، انهن وراڻيو ته ان ڪري جو ڀٽي کي عوام جي حمايت حاصل هئي ۽ روسي غير مقبول فوجي حڪومت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ مقبول عوامي ردعمل کان وڌيڪ محتاط رهن ها. اهي ان مسئلي کي ڪنهن ٻئي نموني نبيرڻ لاءِ پاڪستان سان مفاهمت جي ڪا ڪوشش ضرور ڪن ها. ان نقطهء نظر سان هر ڪنهن جو اتفاق ڪرڻ ضروري ڪونهي، پر مون کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه جو پورو يقين آهي ته ڀٽو، جنهن پاڪستان ۽ افغانستان جي اختلافن جي سلسلي ۾ سردار دائود سان لڳ ڀڳ قطعي ٺاهه ڪري ورتو هو، سو ان سڄي صورتحال کي ڪنهن مختلف انداز سان منهن ڏئي ها.

ڀٽي هڪ ڀيرو چيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان کي سمورن ملڪن مان ڪنهن هڪ اهم ملڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ته هو افغانستان کي سڀ کان وڏي اوليت ڏيندو. يقينن هوافغان مقصد لاءِ بي دريغ حمايت ڪري ها، پر ائين ڪندي هو قوم کي اعتماد ۾ وٺي، گڏ وٺي هلي ها. هو بحران کي ذاتي مشهوري لاءِ استعمال ڪرڻ جي بدران قومي مفاد کي يقينن آڏو رکي ها. اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هو افعانستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت واري پاليسي اختيار ڪري ها- اهڙي پاليسي، جنهن هيٺ افغان ڀائرن سان سرحدي مسئلو اڻنبريل رهجي ويو آهي ۽ آزادي واري جدوجهد نه ختم ٿيندڙ گهرو جنگ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي.

ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج ان وقت پيدا ٿيو، جڏهن اوڀر پاڪستان بابت فوجي حڪومت جي پاليسيءَ جي ناڪاميءَ کان پوءِ کيس يحييٰ خان ان اقتدار وٺڻ لاءِ اسلام آباد سڏايو ويو. هو ان وقت سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جو ڪيس وڙهڻ لاءِ نيويارڪ ۾ موجود هو. واپس اچڻ کان اڳ هن آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيندڙ ملڪن ۽ انهن جي نمائندن جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ منجهند جي ماني واري دعوت ڪئي. اوڀر پاڪستان ۾ يحييٰ حڪومت جي ڪاررواين سبب پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلو رهجي وڃڻ جي باوجود چڱي وڏي تعداد ان دعوت ۾ شرڪت ڪئي. جيئن تصور ڪري سگهجي ٿو، منجهند جي ماني واري اها دعوت اُداسيءَ واري تقريب هئي ۽ وفد ۾ شامل اوڀر پاڪستان وارا ڪي ميمبر شهيد ڀٽو جي تقرير جي آخري حصي ۾ روئي پيا. ان موقعي تي سندس ٻه ٻار، محترمه بينظير ۽ مير مرتضيٰ، به موجود هئا، جيڪي هارورڊ کان آيا هئا ۽ سلامتي ڪائونسل جي ڪارروائي ڏٺائون. هن چيو ته مون کين خاص طور تي اچڻ لاءِ چيو هو، ڇاڪاڻ جو منهنجي خواهش هئي ته هو قومي زندگيءَ ۾ آزمائش جي هن گهڙيءَ کي پاڻ ڏسن ۽ ياد رکن ۽ ان مان حاصل ٿيل سبق پرائين. ان ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها هئي ته تمام خراب حالتن ۾ به قوم کي پنهنجو ڪنڌ اوچو رکڻ گهرجي ۽ تمام اونداهين گهڙين ۾ به مستقبل ۾ اميد کي ترڪ نه ڪرڻ گهرجي.

صدر ٿيڻ تي سندس آڏو سڀ کان پهريون مقصد اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ هو، جيڪو وڃائي ويٺا هئاسين، يعني نقصانن جو تدارڪ ڪرڻ، قومي ايڪو بحال ڪرڻ ۽ دنيا ۾ پاڪستان جي اڪيلائپ کي ختم ڪرڻ.

هو ڀارت ويو ته وٽس ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه هو، سواءِ ان ڳالهه جي ته کيس خبر هئي ته پاڪستان جو عوام ساڻس گڏ آهي ۽ ٻيو پنهنجي مشن تي سندس پختو اعتقاد هو. جنرل نيازي ڍاڪا ۾ پيش پيو هو. نوي هزار فوجي ۽ سندن آفيسر جنگي قيدي هئا. اولهه پاڪستان جو ڪجهه علائقو ڀارت جي قبضي ۾ هو. دنيا ۾ پاڪستان جو نالو اوڀر پاڪستان جي واقعن ۽ جنگ هارائڻ سبب ساک وڃائي ويٺو هو. سمورا پتا پاڪستان خلاف لڳل هئا. هر ڪنهن جوخيال هو ته هاڻي پاڪستان ڀارت جي رحم ڪرم تي آهي ۽ ڀارت ان جي وڏي قيمت حاصل ڪندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان کي ان ڳالهه تي مجبور ڪندو ته ڪشمير تي ڀارت جي قبضي کي تسليم ڪري.

ڀٽي شملي ۾ جيڪو ٺاهه ڪيو، تنهن ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي. ان جي ابتڙ ان ٺاهه هيٺ ورجايو ويو آهي ته پاڪستان ڪشمير واري مسئلي ۾ ڌر آهي؛ ۽، ان کان وڌيڪ، ان ۾ ڀارت کي پاڪستان سان ان مسئلي جي ڳالهين وسيلي پرامن نبيري جو پابند بڻايو ويو آهي. هو شملي مان اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري موٽيو، جيڪو هُن چاهيو ٿي ۽ هن اهو سڀ ڪجهه باوقار نموني ۽ اهم قومي مفادن تي ڪابه سودي بازي ڪرڻ کان سواءِ حاصل ڪيو.

شهيد ڀٽو ڪشمير واري مسئلي جو تمام پرجوش پرچار ڪندڙ ۽ مڃيل چيمپئن هو. کيس ان معاملي تي ڀارت سان ڳالهيون ڪرڻ وارين ڏکيائن ۽ مونجهاري جي پوري ڄاڻ هئي. پرڏيهي وزير وارو عهدو سنڀالڻ کان اڳ هن ڀارت سان 1963ع ۾ ڪشمير جي مسئلي تي آمريڪا ۽ برطانيا جي انتظام هيٺ ٿيندڙ ڳالهين ۾ بهرو ورتو.

انهن جو ڪو نتيجو نه نڪتو، پر ان سان کيس ڀارت جي ڳالهين ڪرڻ واري طريقي بابت ڄاڻ حاصل ٿي. گڏيل قومن ۽ ٻين هنڌن تي ڀارتي ترجمان سان لاڳيتو ٿيندڙ ڏي وٺ جي ڪري هو خاص طور تي ڀارت ۾ ڀارت- مخالف طور مشهور ٿي ويو. پر اها ڳالهه به درست ڪانهي.

هو ڪشميري عوام جي حقن تي سودي بازي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، پر ڀارت سان پاڪستان جي اختلافن کي انصاف ڀريي ۽ باوقار نموني نبيرڻ جي اهميت کان چڱي طرح واقف هو. کيس يقين هو ته جيستائين ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان گڏجي پُرامن نموني رهڻ نٿا سکن، تيستائين سندن مستقبل غير يقيني رهندو. هو ان نظرئي کي مڃڻ لاءِ تيار نه هو ته تاريخ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جو عوام هڪٻئي جا دشمن رهندا.

ڀٽي اهڙي پرڏيهي پاليسي جوڙي، جنهن ۾ پاڪستان جي مشڪلاتن کي آڏو رکيو ويو هو ۽ هُن پاڪستان کي اڪيلائپ ۽ بدناموسي واري ان ماحول مان ڪڍيو، جيڪو بنگلاديش جي واقعي سبب پيدا ٿي ويو هو. ڍاڪا تي قبضي کان ٻن سالن اندر مجيب الرحمان دنيا جي اسلامي ملڪن جي سربراهن جي موجودگيءَ ۾ لاهور ۾ ڀٽي سان ڀاڪر پائي ملي رهيو هو. ڀٽي جو مقصد زخمن جو علاج ڪرڻ ۽ بنگلاديش جي اسان کان ڌار ٿيل ڀائرن سان مفاهمت پيدا ڪرڻ هو.

هن مون کي جڏهن گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندو ڪري موڪليو ته مون کي چيائين ته انهن مقصدن کي آڏو رکان ته اسان جو مقصد انتقام وٺڻ نه پر هڪ سنجيده ملڪ طور پاڪستان جو تصور بحال ڪرڻ، ماضيءَ تي هاءِ گهوڙا ڪرن بدران نئين پاڪستان لاءِ شاندار درجو حصل ڪرڻ آهي. انهن صلاحن کي آڏو رکندي، اسين گڏيل قومن ۾ اهڙو ٺاهه ڪرڻ جي قابل ٿياسين، جنهن سان پاڪستان جي سمورن جنگي قيدين کي وطن واپس آڻڻ ۾ مدد ملي ۽ ان کان پوءِ پاڪستان جي تعاون سان بنگلاديش کي گڏيل قومن ۾ ميمبر طور شامل ڪيو ويو.

ٻن سالن اندر پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو اعليٰ درجو حاصل ڪري ورتو. ”نيويارڪ ٽائيمز“ پنهنجي هڪ ايديٽوريل ۾ ان کي تشبيهه ڏيندي لکيو آهي ته ”هڪ عجيب ملڪ، جيڪو پنهنجيءَ رک مان نئين سر اڀريو آهي.“ پر اڃا وڏي آزمائش اچڻي هئي. هن ڀيري اهو ائٽمي معاملو هو 1974ع ۾ ڀارت طرفان ائٽمي ڌماڪو ڪرڻ کان پوءِ لازمي طور تي اهو پاڪستان جو پروگرام ئي هو، جيڪو شڪ ۽ تشويش جو باعث بڻيو ۽ ڀٽو، جيڪو اُن جي پٺيان اصل قوت هو، تنهن کي دٻاءَ ۽ ڌمڪين جو نشانو بڻايو ويو. ٽي سال پوءِ ٿيندڙ ڏُکي صورتحال، جنهن ۾ ضياءَ الحق فوجي قوت سان اقتدار تي قبضو ڪيو، تنهن لاءِ اندروني ۽ پرڏيهي ڪيترائي سبب هئا. اهو خيال ڪرڻ نامناسب نه ٿيندو ته پاڪستان جي ائٽمي پروگرام تي تڪرار به انهن سببن مان هڪ هو.

ان کان پوءِ ڏهن سالن وارو آمريت جو دور رهيو. پاڪستان جي تاريخ جا اهي تمام ويران سال آهن، جن جا پاڇا اڃا به قومي زندگي جي مختلف رخن تي پئجي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ ان مدي کي نظرانداز ڪندي مستقبل ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ڀٽو ڪو مافوق الفطرت هستي نه هو. هو انسان هو ۽ سمورن انسانن وانگر کانئس به غلطي ٿي سگهي ٿي. هو به غلطيون ڪري سگهيو ٿي، ۽ ضروري ڪونهي ته هن جيڪو به قدم کنيو سو صحيح رُخ ۾ ۽ درست قدم هو. هن جيڪي ڪجهه ڪيو، سٺو يا خراب، تاريخ ان جو فيصلو ڪندي پنهنجي زندگيءَ ۾ هن تمام وڏي قيمت ادا ڪئي ۽ هو جڏهن دنيا کان رُخصت ٿيو ته سندس ڳاٽ اُوچو هو. ايتريقدر جو هن پنهنجي قيد واري ڪمري ۾ به هِن ملڪ جي مستقبل بابت سوچڻ بند نه ڪيو، جنهن سان کيس محبت هئي ۽ جنهن تي کيس فخر هو.

بين الاقوامي سياست هاڻي هڪ بلڪل مختلف مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، ايتريقدر جو ڀٽو پنهنجي سياسي تدبر جي باوجود ڪا اڳڪٿي نه ڪري سگهي ها. سرد جنگ ختم ٿي وئي آهي. سويت يونين جو خاتمو ٿي ويو آهي. اسرائيلي ۽ فلسطيني، آئرش ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽس، ڏکڻ آفريقا جا ڪارا ۽ گورا باشندا پنهنجن اختلافن جي نبيري ڏانهن وڌي رهيا آهن. ان عالمي لاڙي ۾ رڳو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپا ڪا مختلف ڳالهه نظر اچن ٿا. اهو ڪو غلط زماني وارو معاملو آهي، جيڪو نه رڳو ٻنهي ملڪن پر دنيا لاءِ چئلينج آهي.

اڄ جڏهن اسين سندس ڌيءُ، وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي صدارت هيٺ شهيد ڀٽي جي سالگرهه ملهائي رهيا آهيون. اسين سندس زندگي ۽ ڪارنامن مان اُتساهه حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ اڄوڪي دور جي موقعن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سبق پرائي سگهون ٿا. 1966ع ۾ پرڏيهي وزارت جي الوداعي تقريب ۾ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۾ آندل سندس معيار وارين تبديلين کي اجاگر ڪندي، کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ آءٌ سندس ساڳيا لفظ ورجايان ٿو:

”جذبانيت کان آجو، واضح موقف ۽ مشاهدو، خواهشن کان آجو نقطهء نظر ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو صحيح درجو.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org