سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: جُڳ جُڳ جالَ جيئنِ

باب: --

صفحو : 6

 مير خدا بخش مري

 

پاڪستان جي وزيراعظم، محترمه بينظير ڀٽو،

سنڌ جو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه، خواتين ۽ حضرات!

آءٌ پنهنجي تقرير شروع ڪرڻ کان اڳ هڪ اهڙي اڳواڻ جو ذڪر ڪندس، جيڪو عوام جو اڳواڻ هو، جنهن جا خيال ۽ اصول پنهنجا هئا. هو هڪ انتهائي بهادر شخص هو، هن پنهنجن متن لاءِ پختو عزم رکيو ٿي. هو هڪ قراراد، هڪ ادارو، هڪ مفڪر ۽ عالمي شخصيت هو. هن جي نظر وڏيءَ اسلامي دنيا کان وسيع ٿي، ٽينءَ دنيا وارن ملڪن طرف هئي، جيڪي وڏي پئماني تي بين الاقوامي سياست ۾ اولهه جي اڳوڻن حاڪمن جي خلاف ويڙهه ۾ رُڌل آهن.

اهو شخص هو پاڪستان جو وزيراعظم، مرحوم جناب ذوالفقار علي ڀٽو جنهن جي ڄم واري سالگرهه اڄ لاڙڪاڻي ۾ ملهائي پيئي وڃي. هن گڏجاڻي ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ پيپلز پارٽي مون کي دعوت ڏيئي عزت بخشي آهي ۽ ان لاءِ آءٌ ٿورائتو آهيان.

اها لاڙڪاڻي ۾ 1963ع واري ڳالهه آهي، جڏهن مون ڪوئيٽا مان اچي پهريون ڀيرو ڀٽو صاحب سان ملاقات ڪئي. اسان جمهوريت جي پوري طرح سان بحالي، قانون جي حڪمراني جي غير موجودگي، سياستدانن ۽ ڪامورن ۾ وڏي پئماني تي رشوت ستاني، ورهاڱي کان پوءِ، نون حاڪمن طرفان عام ماڻهن کان ڦريل عزت نفس کين واپس ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

مون کيس برٽش راڄ طرفان ڊيپ فريزر (deep freezer) ۾ محفوظ ڪيل بلوچستان جي قبائلي نظام مان ماڻهن کي نجات ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو، ڇاڪاڻ ته حڪومت طرفان نامزد ڪيل سردارن جو عوام تي ظلم جاري آهي. هن مون کي چڱي طرح ٻُڌو ۽ مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيائين.

ان کان پوءِ، مون کي ساڻس ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي ملاقات جو موقعو مليو. هن تاشقند معاهدي ۽ ٻين قومي ۽ بين الاقوامي پاليسين تي اختلاف ڪري ايوب خان کان الڳ ٿيڻ بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. خاص طور جڏهن هن ”اسلام اسان جو مذهب، جمهوريت اسان جي سياست، سوشلزم اسان جي معيشت، طاقت جو سرچشمو عوام آهن“ ۽ ”روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان“ وارن عام فهم نعرن جي بنياد تي، ڊسمبر 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شروع ڪئي ته هو دانشورن، شاگردن، پروفيسرن سان گڏوگڏ عام ماڻهن جي ڌيان جو، مرڪز بنجي ويو. منهنجن سڀني نوجوان دوستن سندس پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان وقت آءٌ بلوچستان ڪائونسل مسلم ليگ جو سيڪريٽري جنرل هوس. جڏهن ڀٽو صاحب ڪوئيٽا آيو، مون کي ياد آهي ته مون پيپلز پارٽي طرفان ميونسپل گارڊن ۾ انتظام ڪيل جلسي دوران ڪيل سندس تقرير ٻڌي. هن مون کي سندس پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ لاءِ چيو. مون کيس ٻڌايو ته سائين، پارٽي تبديل ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. بهرحال، منهنجا دوست اڳي ئي اوهان جي پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن.

پوءِ، ڊسمبر 1970ع جي آخر ڌاري، جڏهن اولهه پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي چونڊن کٽيون، تڏهن آءٌ سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو ڪراچي ۾ جج هوس. مون 70- ڪلفتن ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هو اڪثريتي پارٽي جي اڳواڻ طور سياست ۽ اوڀر پاڪستان ۾ سياسي گهوٽالي ۾ ڏاڍو مصروف هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته اهو ٻنپهرن جو وقت هو، جڏهن اسين سندس ڪشادي ڪمري ۾ داخل ٿياسين ته هن پاڻمرادو دروازا بند ڪندي ٻڌايو ته گهر چونڊيل پارلياماني اڳواڻن سان ڀريل آهي. مون چونڊن ۾ ڪاميابي تي کيس مبارڪباد ڏني. پهرين ڳالهه جيڪا هن مون کان پڇي اها هيءَ هئي ته مون 1968ع ۾سندس پارٽي ۾ شموليت ڇو نه ڪئي. سندس ذهانت ۽ ماڻهن ۽ معاملن جي باري ۾ ياداشت بي پناهه هئي، تنهنڪري اسان بلوچستان سان گڏوگڏ پاڪستان جي صورتحال تي ويچار ڪيو. هن واعدو ڪيو ته جڏهن هو اقتدار ۾ آيو ته وفاقي حڪومتن طرفان سماجي ۽ سياسي ڊيپ فريزر ۾ خبرداري سان رکيل بلوچستان جي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو. جڏهن هن 1971ع ۽ 1977ع جي وچ ۾ پهرين صدر ۽ پوءِ وزيراعظم طور اقتدار سنڀاليو ته هن پنهنجي واعدي جي پاسداري ڪئي.

بلوچستان جي ڊگهي تاريخ ۾، اهو ڀٽو صاحب جو ڪارنامو هو جنهن پهريون ڀيرو بلوچ گورنر ۽ وڏو وزير مقرر ڪيو. اهي هئا مير غوث بخش بزنجو ۽ سردار عطاءُ الله مينگل. اهڙي طرح ان ڪٿا کي پاش پاش ڪري ڇڏيو ته بلوچستان جا ماڻهو پنهنجن معاملن کي هلائڻ ۾ نااهل آهن. بلوچستان يونيورسٽي جو درجو وڌائي، بلوچستان جي ماڻهن کي سياسي ۽ اقتصادي طور ٻين صوبن جي برابر آڻڻ ڀٽي صاحب جي ذاتي ڪاوش ۽ پختي ڪوشش ڪري ممڪن ٿيو. اهو ڀٽي صاحب جو ٻيو ڪارنامو هو، جو هن 1976ع ۾ بلوچستان ۾ هڪ خودمختار هاءِ ڪورٽ قائم ڪئي. مون کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي پهرئين چيف جسٽس طور خدمت ڪرڻ جو موقعو ميلو. مون کي خبر آهي ته هاءِ ڪورٽ قائم ڪرڻ وقت قبائلي سردار، مفاد پرست عناصر، بلوچستان ۾ ٻاهران آيل ماڻهو، سندس پارٽي جا ڪجهه ماڻهو، صوبي جي وسيع علائقي تي پکڙيل آبادي ڪري مخالفت ڪرڻ ۾ شامل هئا، پر ڀٽو صاحب ادارن قائم ڪرڻ ۾ مشنري جذبو رکندڙ هڪ معمار هو، هن سڀني اعتراضن کي مسترد ڪري بلوچستان کي سندس تاريخ، هڪ هاءِ ڪورٽ ڏني. اڄ پهريون ڀيرو بلوچستان جا ماڻهو قانون جي حڪمراني جي موجودگي کي محسوس ڪن ٿا ۽ ماضي جي صدين پراڻن ڪارن قانونن جي برخلاف فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.

بلوچستان قومي گرڊ سسٽم مان بجلي حاصل ڪرڻ کان محروم هو. اهو پنهنجي سئي گئس جي پيداوار کان به محروم هو، جيڪا ملڪ جي ستر فيصد کان وڌيڪ ضرورت پوري ڪري ٿي. اهو وري به ڀٽو صاحب هو، جنهن بلوچستان جي ماڻهن کي بجلي ۽ گئس مهيا ڪري ڏنيون. هن بلوچستان ۾ رستن ۽ مواصلات تي خاص ڌيان ڏنو. گڏوگڏ، پهريون دفعو هن صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي جمهوريت جي اصولن ۽ خودمختاري جو سبق پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو. هن جي انهن ۽ ڪجهه ٻين رفاهي ڪمن بلوچستان جي ماڻهن ۾ روشني ۽ سجاڳي پيدا ڪئي، جنهن مفاد پرست ۽ قبائلي ملڪن ۽ سردارن کي پريشان ڪيو، تنهنڪري قوميت جي نالي ۾ هن سندس حڪومت جي ڪجهه ماڻهن جي مدد سان مخالفت شروع ڪئي. نتيجي طور، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ امن امان جي حالت خراب ٿي پيئي ۽ فوج کي گهرائي امن بحال ڪرڻو پيو،.

بلوچستان حڪومت طرفان مناسب رهنمائي نه هئڻ ڪري، آرمي ائڪشن وڏي پئماني تي پکڙجي ويو ۽ ڪيترائي معصوم ماڻهو زخمي ٿي پيا، جنهن ڪري غير اطميناني ۽ جوابي ڪارروايون ٿيون. بعد ۾ گهڻو ڪري منهنجي مري قبيلي جا هزارين ماڻهو افغانستان ڏانهن هجرت ڪري ويا. بهرحال پندرهن سالن جي افغانستان ۾ مسافت کان پوءِ، پهرئين کان ٿوري وڌيڪ عقلمندي کان ڪم وٺندي، هاڻي اهي سڀيئي پاڻمرادو پاڪستان واپس وري آيا آهن. انهن ماڻهن کي بحالي ۽ آبادڪاري جي ضرورت آهي، پر اڳوڻي استعماريت ۽ ڪامورا شاهي جي ذريعي نه. جيئن ته اهو انساني مسئلو آهي، مون کي اُميد آهي ته موجود حڪومت ان طرف مناسب ڌيان ڏيندي.

منهنجي ڀٽي صاحب سان آخري ملاقات گورنر هائوس ۾ ٻنپهرن جي ماني تي، ڪوئيٽا ۾، اپريل 1977ع ۾ ٿي. هن ملڪ جي صورتحال بابت بلوچستان جي اڳوڻي گورنر خان آف قلات سميت هر ڪنهن شخص کان پڇيو. مون کي ياد آهي ته هن غلط مشوري ڏيڻ تي پنهنجي هڪ يا ٻن وزيرن کان باز پرس ڪئي. 1977ع ۾ جنرل ضياءَ مارشل لا نافذ ڪرڻ کان پوءِ جلد ئي چونڊيل حڪومت کي ٽوڙي ڇڏيو. هن 1973ع واري آئين کي معطل ڪري ڇڏيو، ۽ بعد ۾ ان کي ڪيترين ئي ترميمن سميت مارشل لا جي قانونن يا آرڊيننس جي ذريعي ترميم ڪندو رهيو. 1973ع واري آئين جي هن ايتري شڪل بگاڙي ۽ چيري چيري تباهي ڪئي جو ان کي سڃاڻن ئي مشڪل ٿي پيو آهي، جتي جتي ممڪن هو، مون هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجن فيصلن ذريعي قانون جي حڪمراني جي پائمالي، سخت قانونن ۽ جنرل ضياءَ طرفان آئين جي ترميمن ذريعي بيحرمتي جي مخالفت ڪئي. بدقسمتي سان، ٻين ڪورٽن جنرل ضياءَ جي غير قانوني ترميمن کي چئلينج نه ڪيو. نتيجتن، مارشل لا 1986ع تائين هڪ نه ٻيءَ صورت ۾ جاري رهيو- ايستائين جو هڪ هوائي حادثي ۾ جنرل ضياءُ مري ويو.

منهنجو پختو ايمان آهي ته اعليٰ عدالتون مارشل لا جي پهرئين مرحلي تي سخت موقف اختيار ڪن ها ته ملڪ کي اقتصادي، سياسي ۽ سماجي خرابين کان بچائي سگهجي ها. جيڪي اڄڪلهه ملڪ ۾ آهن. مٿين ڳالهين کان علاوه 1973ع وارو آئين محفوظ رهي ها ۽ ملڪ پاڪستان جي هڪ عظيم سپوت جناب ذوالفقار علي ڀٽي کان محروم نه ٿئي ها. هن تاريخ بنائي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن هڪ مثال ڇڏيو آهي، پر قوم گهڻي عرصي تائين محسوس ڪري ٿي ته حڪومت مجموعي طور تي ڪجهه به نه ڪيو آهي. مون پنهنجي ڪتاب ۾ انهن قومي ناڪامين جو ذڪر ڪيو آهي. مون مرحوم جناب ڀٽي جي خوبين تي هڪ مڪمل باب پڻ مخصوص ڪيو آهي.

خواتين ۽ حضرات، مون کي انهن ڳالهين جي بيان ڪرڻ ۾ وقت وٺڻ تي معاف ڪندا، ڇاڪاڻ ته جناب ڀٽي جي زندگي ۽ وقت جي باري ۾ پرڏيهي ۽ ملڪي ڪيترو ئي مواد اڳي ئي موجود آهي.

ٻيو سبب اهو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ آءٌ ساڻس ڪيترائي ڀيرا مليس. انهن ملاقاتن جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.

هن موقعي تي مون کان علاوه ڪيترائي دوست مرحوم وزيراعظم جي ڪارنامن ۽ ڪمن تي وڏي پئماني تي روشني وجهندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org