سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: جُڳ جُڳ جالَ جيئنِ

باب: --

صفحو : 2

منو ڀائي

 

وزيراعظم بينظير ڀٽو، ۽ منهنجا ساٿيو، ڀينرو ۽ ڀائرو!

 

جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته شهادت کان وڏي ڪا شاهدي ڪانهي ته پوءِ اهو درست آهي ته پاڪستان جي عوام ۾ قومي سوچ پيدا ڪرڻ، قومي ايڪي کي برقرار رکڻ ۽ ملڪي وقار وڌائڻ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو سڀ کان وڏو ڪردار اهوئي آهي ته هن انهن ٽنهي مقصدن لاءِ، جيڪي هڪ ئي مقصد جا ٽي نالا آهن، پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي ۽ شهادت جو پيالو پي، هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويو.

هڪ اخبار نويس جي حيثيت ۾، مون کي اٽڪل ڏهن سالن تائين شهيد ڀٽي کي قابلِ احترام فاصلي تان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي ۽ پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان اخبار ”مساوات“ جي چيف رپورٽر ۽ ڪالم نگار طور شهيد ڀٽي کي ويجهو ڏسڻ ۽ سندن ڪجهه محفلن ۾ شريڪ ٿين جي سعادت به نصيب ٿي آهي. پاڻ پيپلز پارٽي جي قائم ٿيڻ واري ڏينهن واريءَ هڪ تقريب جي موقعي تي مون کان هڪ اسٽيج ڊرامو به لکرايو هئائون، جيڪو منهنجو پهريون ۽ هن وقت تائين آخري اسٽيج ناٽڪ آهي.

مون سندن هدايتن ۽ ڏسيل نقطن موجب سندن ڪيترا بيان به تيار ڪيا ۽ ڪي تقريرون به لکيون آهن.

البت اها ٻي ڳالهه آهي ته آءٌ ”مشڪلات“ لکندو هوس ته پاڻ ان کي ”مشڪلاتين“ بڻائي ڇڏيندا هئا. آءٌ ”تڪاليف“ لکندو هوس ته پاڻ ان کي ”تڪليفاتين“ چئي ڇڏيندا هئا.

منهنجي خيال ۾، شهيد ڀٽي جو سڀ کان وڏو ‘contribution’ ۽ سڀ کان وڏو ڏوهه اهو نه هو ته پاڻ هن ملڪ ۾ جمهوريت آندائين، قومي سوچ پيدا ڪيائين، سياسي ڪلچر رائج ڪيائين ۽ ملڪي وقار ۾ واڌارو آندائين: سندس اصل ڏوهه ۽ اصل ڪارڪردگي اها هئي ته هن اقتدار ۾ عوام جي شرڪت جي تمنا ڪئي ۽ اقتدار ۾ عوام کي شريڪ ڪيو.

ان جي ڪري پاڪستان جو حڪمران طبقو مونجهاري ۾ پئجي ويو.

حڪمران طبقو اقتدار ۾ عوام جي شموليت کي ته برداشت ڪري سگهيو ٿي، پر اقتدار ۾ عوام جي شرڪت کي نٿي برداشت ڪري سگهيو، جيڪي پاڪستان جا گهر- ڌڻي آهن. اُهي عوام کي پنهنجو مسواڙي ٿيڻ جي ته اجازت ڏئي سگهن ٿا، پر ڀائيوار بنجڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهن.

مون کي ياد آهي ته ڀٽي صاحب مون کي سندن هڪ بيان ۾ اهو فقرو شامل ڪرڻ لاءِ چيو هو ته ”پاڪستان جو عوام ووٽ جي پرچيءَ کي بڙڇي بڻائي، پنهنجن دشمنن جي سيني ۾ لاهي، صدين واري ظلم ۽ تشدد جو بدلو وٺي.“

1970ع جي چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام ووٽ واريءَ پرچيءَ کي بڙڇي بڻايو ۽ پنهنجن دشمنن جي سيني ۾ لاهي ڇڏيو ۽ هِن ملڪ جي بيوس ۽ لاچار ماڻهن کي پهريون ڀيرو پنهنجيءَ طاقت جو احساس ٿيو. حڪمران طبقي کي ان ڳالهه جو شديد ڏک ٿيو ته ذوالفقار علي ڀٽي هڪ اهڙي جن کي بوتل مان ٻاهر ڪڍيو آهي، جنهن کي ٻيهر بوتل ۾ بند نٿو ڪري سگهجي.

اهوئي شهيد ڀٽي جو سڀ کان عظيم ڪارنامو هو، جيڪو سڀ کان وڏو ڏوهه قرار ڏنو ويو.

۽ اهو ئي سڀ کان وڏو ‘contribution’ ۽ ڏوهه آهي، جنهن اڄ به شهيد ڀٽي کي زنده رکيو آهي، ۽ اهوئي اُهو ڏوهه آهي ۽ اهوئي contribution آهي، جيڪو کيس سڀاڻي به زندهه رکندو.

اهائي سڀ کان عظيم ڪارڪردگي هئي ۽ اهوئي سڀ کان وڏو ڏوهه هو، جنهن وسيلي شهيد ڀٽي عوامي جمهوريت جي تصور، قومي يڪجهتي ۽ اجتماعي قومي سوچ کي اڳتي وڌايو ۽ ملڪي وقار ۾ واڌارو آندو.

شهيد ڀٽي جي اهائي عظيم ڪارڪردگي ۽ اهوئي ڏوهه آهي، جنهن جي ڪري جنرل ضياءَالحق يارهن سالن جي سازشن، ڦٽڪن، لٺيون وسائڻ ۽ ڦاهيون ڏيڻ جي باوجود عوام جي ذهن ۽ دماغ مان ۽ تاريخ جي صفحن تان شهيد ڀٽي جو نالو ميساري نه سگهيو.

عدالت جو حڪم هو ته،

”ذوالفقار علي ڀٽي کي موت تائين ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي.“

ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي چاڙهڻ جنرل ضيا جي اختيار ۾ هو، پر سندن پڄاڻي جنرل ضيا جي هٿ ۾ نه هئي.

ذوالفقار علي ڀٽي کي يارهن سالن تائين ڦاهيءَ چاڙهيندا رهيا، پر سندس پڄاڻي نه ٿي سگهي ۽ اڃا تائين سندس خاتمو نه ٿي سگهيو آهي- ۽ نه ٿيندو.

ڀٽو صاحب هڪ ڀيرو ڪنهن باڊي گارڊ کان سواءِ راولپنڊيءَ جي راجا بازار هليو ويو، جنهن تي سندس هڪ وزير کيس چيو ته ”اوهين ائين نه ڪندا ڪريو، اوهان جي زندگي اسان کي گهڻي پياري آهي.“

ڀٽو صاحب مرڪيو ۽ چيائين ته:

”اوهين ڄاڻو ٿا ته ماڻهو ٻين ۾ زنده رهي ٿو. اهڙيءَ طرح، ٿي سگهي ٿو ته آءٌ گهڻو وقت زندهه نه رهان، پر آءٌ سمجهان ٿو ته آءٌ ڪنهن ٻئي جي ڀيٽ ۾، پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي عوام سان گهڻو گڏ رهيو آهيان.“

مون کي يقين آهي ته شهيد ڀٽي کي اها ڄاڻ هئي ته کيس گهڻو وقت زندهه رهڻ نه ڏنو ويندو. هو ان لاءِ تيار به هو۽ گهڻي جلديءَ ۾ به هو- ۽ جيڪي تڪڙ ۾ هوندا آهن، تن کي اها ڄاڻ ڪانهي ته رفتار ڪارن جي نه پر رفتار اُنهن رستن جي هوندي آهي، جن تي اهي گاڏيون هلن ٿيون.

ڀُٽي صاحب هڪ ڀيرو لاهور ۾ هڪ محفل ۾ پنهنجن ويجهن دوستن کي ٻڌايو ته جنرل منٽگمريءَ کان ڪنهن پڇيو ته اوهان ڪيتريون جنگيون کٽيون آهن؟

جنرل وراڻيو ته ”رڳوآخري جنگ!“

ڀٽي صاحب جي ان ڳالهه تي سڀني حيرت وچان ڏانهس نهاريو ته هن اها ڳالهه ڇو ٻڌائي ۽ ان جو مقصد ڪهڙو آهي. ڀٽي صاحب سندن حيرت دور ڪندي چيو ته خدا جي سڄي مخلوق ۾ رڳو انسان آهي، جنهن کي ڄاڻ آهي ته کيس مرڻو آهي، پر اها خبر نه اٿس ته ڪڏهن مرڻو آهي.“

انسان جي اها ڄاڻ ۽ لاعلمي ئي کيس اشرف المخلوقات بڻائي ٿي. انهيءَ علم ۽ لاعلميءَ جي بنياد تي ئي هو ڊگهي مدي واري رٿابندي ڪري ٿو، پنهنجي حياتي کان پوءِ تائين قائم رهندڙ ۽ ايندڙ نسلن کي ڪم ايندڙ پڪيون ڀتيون تعمير ڪري ٿو، ڇتين ۾ مضبوط لوهي سيخون وجهي ٿو ۽ هر لڙائي آخري جنگ سمجهي وڙهي ٿو.

شهيد ڀٽي به پنهنجي هر جنگ پنهنجي آخري جنگ سمجهي وڙهي ۽ کٽي.

ايتريقدر جو راولپنڊي جيل واري آخري جنگ به کٽي ورتي ۽ پنهنجيءَ شهادت کان پوءِ به اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ”صاحبو، پارٽي اڃا ختم نه ٿي آهي.“ اهو سندس انهيءَ آخري جنگ جو ڪرشمو آهي جو اڄ ملڪ ۾ رڳو ٻه سياسي پارٽيون رهجي ويون آهنِ هڪ پِرو پيپزل پارٽي ۽ ٻي اينٽي پيپلز پارٽي.

ناصر ڪاظميءَ چيو هو:

صدين تائين زمانو وساريندو نه ان کي،

ڪالهه حادثو جيڪو هت ٿيو آهي.

پر اهي حادثا جيڪي صدين تائين وساري نٿا سگهجن، سي شهيدن کي جنم ڏيندا آهن- ۽ شهيدن بابت بلي شاهه چيو آهي:

بلا شاهه، اسين مرڻا ناهيون،

قبر ۾ پيل ٻيو ڪو آهي!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org