سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: لطائف الطوائف

 

صفحو : 9

باب نائون

 

شاعرن جي خوشطبعي ۽ بدگوئي

 

فصل ٽيون

 

بادشاهن جي نسبت ۾ شاعرن جي خوشطبعي

260- ثعلبي شاعر، منصور خليفي جي شاعرن مان هو، هڪڙي ڏينهن، خليفي جي شاعرن مان هو، هڪڙي ڏينهن، خليفي جي تعريف ۾ قصيدو ٺاهي، وٽس کڻي آيو، انهيءَ اميد سان ته اهو خليفي کي پسند ايندو ۽ وڏو انعام ڏياريندو.

خليفي قصيدو ٻڌي، چيس ته ”اي ثعلبي، توکي ڪهڙي ڳالهه پسند آهي، ٽي سئو دينار سون جا تو کي انعام ڏيان يا ٽي ڳالهيون حڪمت جون تو کي ٻڌايان؟ جن مان هر هڪ لک دينار جي ملهه جيتري آهي.“ هن چيو ته ”حڪمت کي بقا آهي ۽ زر دنيا جي فاني آهي، مون کي حڪمت پسند آهي.“ خليفي چيو ته ”پهرين حڪمت اها آهي ته: جڏهن تنهنجا ڪپڙا پراڻا ۽ ميرا هجن، تڏهن ان سان گڏ، نوان جوراب يا موزا نه ڍڪجئين، جو خراب لڳنداس.“ ثعبليءَ چيو ته ”افسوس، منهنجا سئو دينار ويا!“ خليفي مرڪي چيو ته ”ٻي حڪمت هيءَ ته؛ جڏهن تيل ڏاڙهيءَ کي مکين، تڏهن ڏاڙهيءَ جي هيٺيان گهڻو تيل نه لاءِ، متان پهراڻ جو گريبان سڻڀو ۽ خراب ٿي پوي.“ ثعلبيءَ چيو ته ”هاءِ افسوس، منهنجا ٻيا سو دينار به ويا،!“ خليفي وري به کلي چيو نه ” ٽي حڪمت هيءَ آهي، ته......“ اتي ثعلبيءَ دانهن ڪري چيو ته. ”سائين اوهان کي خدا جو قسم آهي، اها پنهنجا ٽي حڪمت، پاڻ وٽ رکو، مون کي باقي رهيل سئو دينار ڏيو، جو اهي اهڙين حڪمتن کان هزار ڀيرا فائدي وارا آهن.“ خليفي کلي ڏنو ۽ حڪم ڏنو ته ”هن کي پنج سئو دينار ڏيو!“

261- حڪيم خاقاني شاعر، شيروان بادشاهه يا خاقان منوچهر ڏي هي هڪڙو بيت لکي ڏياري موڪليو؛

ڏي وشق تا منکي بغل ۾ وٺي،

يا وشاق، آءٌ بغل ۾ جنهن کي وٺان.

وشق جي معنيٰ آهي، پوستين ۽ وشاق جي معنيٰ ڪو خوبصورت غلام انهيءَ بيت تي بادشاهه ڪاوڙيو ته انهيءَ بيت ۾ هن منهنجي ڪم همتي ڏيکاري آهي، جو چيو اٿس ته هي ڏي يا هو ڏي، ڇو نه ٻئي گهريائين جو آءٌ ٻئي ڏيئي ٿو سگهان!“ جڏهن خاقانيءَ کي اها خبر پيئي، تڏهن هڪڙي مک وٺي، انهيءَ جو هڪڙو کنڀ پٽي، اها بادشاهه ڏي ڏياري موڪليائين.۽ چيائين ته ”حضور، مون با وشاق، لکيو هو، نه وشاق. مطلب وشاق سان گڏ، يعني ٻئي، پرهن مک بي، واري نقطي جي ڀرسان ويهي، ٻيو نقطو رکي، يي ڪري وڌائين، بادشاهه ڏاڍو کليو ۽ هن کي ٻئي ڏياري موڪليائين. و شق به ۽ وشاق به.

262- جڏهن امير تيمور صاحبقران، فارس فتح ڪيو ۽ شاهه منشور کي مارايائين، تڏهن خواجه حافظ شيرازيءِ کي پاڻ وٽ سڏي ورتائين، سيد زين العابدين، حنايري، جو امير جو مقرب هو ۽ خواجه جو مريد هو، تنهن کي چيائين ته وڃي وٺي اچينس، هو وٺي آيس، امير چيس ته ”اي حافظ، مون روءِ زمين کي ترار سان خراب ڪري، پنهنجو ملڪ سمرقند ۽ بخارا وسائي آباد ڪيو ۽ تو هڪڙي ڪاري تر تي بخشش ڪري، اهي ڏئي ڇڏيا، جو چيو اٿئي ته:

”اگر ان ترڪ شيرازي بدست آور

بخال، هندوش بخشم سمرقند و بخارا.“

خواجه حافظ عرض ڪيو ته ”سائين، جڏهن مون اهڙيون بخششون ۽ سخاوتون ڪيون، تڏهن ته فقر، فاقي ۽ گوشه نشينيءَ جي حالت ۾ آيو آهيان!“ امير تيمور ڏاڍو کليو ۽ سندس لاءِ مواجب مناسب مقرر ڪري ڏنائين.

 

فصل ٻيو

 

تونگرن ۽ بخيلن جي نسبت ۾ شاعرن جي خوشطبعي

263- هڪڙو شاعر، ڪنهن سکر ماڻهوءَ وٽ قصيدو ٺاهي آيو، جو بخيل مشهور هو، قصيدو پڙهي، ٻڌائي، پوءِ کيس ڏيڻ ٿي گهريائين، پر هن نه ورتس، چيائينس ته ”تمام چڱو شعر چيو اٿئي، خدا تو کي انهيءَ جو انعام ڏيندو،“ شاعر ورندي ڏنس ته ”خدا برابر مون کي ڏيندو، مگر اوهان جي معرفت، “ اهو جواب، هن کي گهڻو پسند آيو، هن کي چڱو انعام ڏنائين.

264- هڪڙي شاعر، ڪنهن دولتمند بخيل وٽ سندس تعريف جو قصيدو ٺاهي نئو ۽ پڙهي ٻڌايائينس، هن ڪو به انعام ڪونه ڏنس يا موڪليس هفتو کن رکي، هڪڙو شعر يادگيريءَ جي لاءِ ٺاهي، وڃي، وٽس پڙهيائين، تڏهن به هن خيال ڪو نه ڪيس، هفتي کان پوءِ سندس هجو، لکي کڻي ويو، پر هو ڪو نه مليس، تڏهن سندس در تي پلٿي ماري ويهي رهيو، نيٺ اهو دولتمند ٻاهر وٽس آيو ۽ چيائونس ته ”اي بيحيا، تو تعريف جو قصيدو چيو، مون تو کي ڪي ڪين ڏنو، يادگيريءَ لاءِ قطعو آندئي، ته به ڪي ڪين ڏنومائين، هجو ٺاهي آئين ته به تو کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏنم، هاڻي ڪهڙي اميد تي ويٺو آهين؟“ هن چيو ته ”انهي اميد تي ته مرين ته تنهنجو مرثيو به چوان ۽ ماڻهن کي پڙهي ٻڌايان!“ هن کي کل اچي ويئي ۽چڱو انعام ڏنائينس.

265- هڪڙو دولتمند ماڻهو بيمار ٿيو ۽ بستر نشين ٿي پئجي رهيو، بيماريءَ گهڻا ڏينهن ڪڍيا، هڪڙو شاعر، جو سندس آشنا هو، سو کيس پڇڻ ويو، جڏهن چڱو ڀلو ٿيو ۽ هن سان گڏيو، تڏهن شڪايت طرح چيائينس ته ”آءٌ ههڙو سخت بيمارهوس، تون پڇڻ به ڪين آئين؟“ هن چيو ته ”معاف ڪجئين، آءٌ مرثبي لکڻ ۾ مشغول هوس.“

 

فصل ٽيون

شاعرن جي پاڻ ۾ خوشطبعي

 

266- شاعر سلمان ساؤجيءَ، عبيد زاڪانيءَ جي نسبت ۾ هي هجو جو شعر چيو، جو هو هميشه هجو، چوندڙ، ۽ بيمحابو ماڻهو هو،

”چوي ٿو هجو هميشه عبيد زاڪاني،

جهنمي آهي کان بي زري ۽ بيديني،

رهي ٿو اصل کان قرزوين ۾ دهقاني،

ڪلام ان جو انهيءَ کان رهي ٿو قزويني.“

خراسان جي اصلاح موجب، قزويني، لفظ مان نفرت ۽ ڪرهت جي معنيٰ نڪرندي آهي، جڏهن اهو شعر عبيد ٻڌو، تڏهن قزوين مان بغداد ڏي ويو، انهيءَ لاءِ ته سلمان سان ملي، ۽ روبرو جٺ ڪريس، هو. دجلي جي ڪناري تي گهڻن سنگتين سان وڏي تجمل واري مجلس ڪيو ويٺوهو، هن به لنگهي وڃي، سلام ڪيس، سلمان پڇيس ته ”ڪير آهين ۽ ڪٿان ٿو اچين؟“ هن چيو ته”آءٌ مسڪن ماڻهو آهيان، شعر چوندو آهيان ۽ قزوين ۾ رهندو آهيان.“ پڇيائينس ته ”سلمان جو ڪو شعر ٻڌو اٿئي ۽ ڪو ياد اٿئي.“ هن چيو ته ”انهي جا ٻه بيت ياد اٿم، پر مون کي پڪ آهي ته آهي ته سندس ڪين آهن. سندس زال جا چيل آهن. اهي بيت هيءُ آهن.“

آءٌ شرابي آهيان ۽ باده پرست،

رهان ميخاني ۾ آءٌ عاشق مست،

ٿا دلي جان، کڻنم دوش بدوش،

ٿا پيالي جان نين دست بدست.

سلمان هيترن ماڻهن جي وچ ۾ ڏاڍو شرمندو ٿيو، آخر شڪ پيس ۽ پڇا سان معلوم ٿيس ته عبيد زاڪاني اهو آهي، هن کي عتاب ڏنائين، هن چيس ته ”آءٌ پنهنجي وطن کان فقط تو کي بادشاهه جي اڳيان شرمندي ڪرڻ لاءِ هليو هوس، پر تون مون کي رستي ۾ ملي وئين، ٿوري گهڻي تنهنجي گوشمالي ڪيم.“ سلمان عذر خواهي ساڻس گڏيو ۽ اڳتي ٻئي دوست ٿي پيا.

267- هڪڙي ڏينهن هنڌ ڏٺائين ته ماڻهو چوڌاري ميڙ ڪيو بيٺا آهن. ويجهو وڃي ڏسي ته هڪڙو شخص آهي، جو قصيدا پيو پڙهي، جي چيائين ته مون ٺاهيا آهن ۽ ماڻهو اهي ٻڌي واهه واهه پيا ڪنس! انوريءَ ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ معلوم ٿيس ته اهي قصيدا سندس آهن، جي هو پنهنجا ڪيو پيو پڙهي، ٻڌائي! انهيءَ کان پڇيائين ته ”يار، اهي شعر ڪنهن جا آهن؟“ هن چيو ته ”انوريءَ جا.“ پڇيائينس ته ”تون انوريءَ کي سڃاڻين ٿو؟“ هن چيو ته ”انوري آءٌ پاڻ پاهيان ٻيو ڪنهن کي سڃاڻندس؟“ انوريءَ کلي چيو ته ”شعر جا چور مون گهڻا ٻڌا آهن، پر شاعرن جا چور مون هيستائين ڪين ڏٺا آهن!“

268- ڪمال خجندي، مشهور شاعر، پنهنجي شعر ۾ سگ يا ڪتي، جو لفظ گهڻا ڀيرا ڪم آندو آهي ۽ حسن دهلوي شاعر، دلبند يا جگر، گهڻا ڀيرا ڪم آندو آهي، هڪڙي شاعر، ڪنهن ماڻهوءَ وٽ انهن ٻنهي شاعرن جا ديونا، هڪڙي جلد ۾ گڏ ٻڌل ڏٺا! انهيءَ کي چيائين ته ”يار تو هيءُ چڱو ڪم نه ڪيو آهي، جو هيءَ ٻئي ديوان گڏ ڪيا اٿئي! ڪمال، جا ڪتا حسن، جا جگر کائي ڇڏيندا.“

269- جڏهن امير تيمور جو پٽ، مرزا ميران شاهه، تبريز ۾ ويو، تڏهن مولانا محمد شبرين معربيءَ جي وڃي ملاقات ڪيائين. جو مشهور شاعر ۽ عارف شخص هو ۽وڃي سندس مريد ٿيو، پوءِ به هر هفتي، هڪڙو ڀيرو، وٽس ويندو رهيو هو، جڏهن ڪن ڏينهن کان پوءِ خواجه ڪمال سان واقف ٿيو ۽ انهيءَ جي صحبت ۾ رهيو، تڏهن مولانا جي مريدي ڇڏي، اچي خواجه جو مريد ٿيو ۽ هن وٽ هفتي ۾ ٻه ڀيرا وڃـڻ لڳو، انهيءَ ڪري مولانا رنج ٿيڻ لڳو، خواجه جو دستور هوندو هو ته ڏهاڙي صبح جو دستر خانو وڇائيندو هو ۽ تبريز جا سڀ وڏا وڏا ماڻهو، عالم ۽ فاضل وٽس ايندا هئا ۽ ماني کائڻ ۾ ساڻس شامل ٿيندا هئا، انهيءَ ڪري خواجه کي ڏهاڙي گهڻو خرچ ڪرڻو پوندو هو، هڪڙي ڏينهن، مرزا ميران شاهه، هڪڙو سونو جڙائو قيمتي ڪمربند، خواجه ڏي نذرانو ڪري موڪليو ۽ چوائي موڪليائينس. ته هي دستر خاني جي خرچ ۾ ڪم آڻجو! خواجه حڪم ڏنو ته ”اهو وڃي وڪڻي اچو!“ گهڻائي پئسا مليا، پر اهي سڀ هڪڙي ڏينهن جي کاڌي تي خرچ ٿي ويا، جو انهيءَ ڀيري،تبريز جي عام خاص ماڻهن کي دعوت ڏني هئائين. اهڙو پٺتي پيل ڪو نه رهيو، جو حاضر نه ٿيو، سواءِ مولانا محمد شبرين جي ۽ سندس ماڻهن جي، جي سڏ تي نه آيا، انهيءَ مجلس ۾ مرزا ميران شاهه، ڪنهن کان پڇيو ته ”مولانا محمد شبرين ڪهڙي سببکان نه آيو؟“ انهيءَ چيوته ”شايد رنج اٿس.“ تڏهن خواجه ڪمال کان پڇيائين ته ”مولانا کي ڪهرو درد آهي؟“ هن چيو ته ”ڪمر، جو درد اٿس!“ يعني ڪمربند جو.

 

 

فصل چوٿون

 

عارف عبدالله جاميءَ جي خوشطبعي، ماڻهن ۽ شاعرن سان

270- هڪڙي ڏينهن، عارف جام، حجاز ڏي سفر ڪندي، بغداد ۾ آيو، پير جمال عراقيءِ کي ڏسڻ ويو، پير جمال عراقيءَ کي ڏسڻ ويو، جو سندس مريدن مان هو، اهو وڏو شيخ هو ۽ عام خاص ماڻهو، انهيءَ جا معتقد هوندا هئا، پاڻ توڙي سندس مريد، اڪثر اٺ جي پشم يا ملس جا ڪپڙا ڍڪيندا هئا، پير جمال جي اک شيخ تي پئي، تڏهن چوڻ لڳو ته ”مون الاهي جمال ڏٺو!“ شيخ چيو ته ”اسان به جمال الاهي ڏٺا!“ عربيءَ ۾ جمال، لفظ جي معنيٰ آهي، اٺ يعني خدا جا اٺ.

271- مرزا سلطان، ابو سعيد جي زماني ۾ مولانا شيخ حسين جي سلطان سان گهڻي محبت هوندي هئي، ايتري قدر جو مرزا چوندو هو ته ”مولانا مون سان ملڪ ۾ شريڪ آهي. “ هڪڙي ڏينهن مولانا ڪنهن گبر کي مسلمان ڪيو ۽ پنهنجي دستار لاهي، کڻي هن هن جي مٿي تي رکيائين ۽ مرزا جي خزانيمان به هن جي لاءِ ڪي ڪپڙا ورتائين ۽گهوڙي تي چاڙهي، دهلن، نغارن ۽ شرنائن سان بازار ۾ سرگس ڪرايائينس، ماڻهن اچي عارف جام کي ٻڌايو ته ”اڄ مولانا ههڪڙي گبر کي مسلمان ڪري، پنهنجي پڳ انهيءَ جي مٿي ري رکي آهي،“ هن چيو ته ”سٺ ورهيه ٿيندا، جو مولانا پنهنجي پڳ گبر جي مٿي تي رکندو اچي!“ مولانا جي عمر سٺ ورهيه هئي، انهيءَ جون ٻه معنئاون نڪرن ٿيون. هڪڙيءَ هيءَ ته ايترا ورهيه گبرن کي مسلمان ڪندو اچي يا پاڻ گبر آهي ۽ پڳ پنهنجي مٿي تي رکندو اچي!

272- مرزا بابر جي زماني ۾ هڪڙو سمر قند جو عالم مولانا مزيد نالي، هرات ۾ آيو هو، هڪڙي ڏينهن، اهو مرزا جي مجلس ۾ آيو، مرزا انهيءَ عالم سان ڳالهائڻ لڳو ۽ پڇيائينس ته ”زيد تي لعنت جي نسبت ۾ اوهين ڇا ٿا چئو؟“ مولانا چيو ته ”انهي کي ڪي چوڻ روا ناهي، جو اهل قبيلي جي مان آهي.“ مرزا، عارف جام کي چيو ٿا چئو؟“ هن چيو ته سئو لعنتون يزيد تي ۽ ٻيون سئو مزيد تي.“

273- هڪڙي ڏينهن، شيخ صدرالدين جو زين الدين خوافيءَ جي خليفن مان هو، سو مرزا وٽ آيو هو، ڳالهين ڪندي ظاهر ڪيائين ته ”هن سال رمضان جي وچ ڌاري امڪان آهي ته وبا ملڪ ۾ پوي!“ مجلس مان هڪڙي چيو ته”امڪان آهي، ته نه به پوي!“ شيخ چيو ته ”امڪان عقلي ڪونهي.“ عارف جام چيو ته ”امڪان بيعقلي آهي.“

274- هڪڙي ڏينهن، حافظ غياث الدين محدث بيمار ٿيو ۽ عارف جام سندس پڇڻ لاءِ آيو، حافظ تصوف جو ذڪر آندو، مگر انهيءَ علم جو گهڻو ماهر ڪين هو، تنهن ڪري برابر اصطلاح ڪم ۾ نه آندائين ۽ ڪي ڳالهيون اصطلاح جي برخلف ڪيائين، مولانا ماٺ ڪيو ويٺو هو، جڏهن حافظ وٽان اٿي ويو، جڏهن حافظ، ٻين پوءِ آيلن، عالمن ۽ فاضلن اڳيان ڳالهه ڪئي ته ”اڄ مولانا عبدالله جامي هتي آيو هو، مون تصوف بابت گهڻو ذڪر به ڪين!“ جڏهن اها ڳالهه مولانا ٻڌي تڏهن چوڻ لڳو ته ”اهي ڳالهيون جي هن ڪيون، سي اهڙيون هيون، جو رڳو ٻڌجن.

275- هرات جي شيخ السلام مولانا سيف الدين ٻڌو ته عارف جام سلطان حسين مزار جي ڪن اميرن وٽ ويو ۽ وڃي ماني کاڌائين، تڏهن چوڻ لڳو ته ”جڏهن کان وٺي، مولانا اميرن جو طعام کائڻ لڳو آهي، تڏهن کان اسان طعام کان هٿ ڌوئي ڇڏيو آهي.“ جڏهن اها خبر عارف جام کي پهتي، تڏهن چوڻ لڳو ته ”جڏهن کان وٺي مولانا سيف الدين احمد، شيخ السلام ٿيو آهي، تڏهن کان وٺي، اسان اسلام کان هٿ ڌوئي ڇڏيو آهي.

276- سمرقند جي بزرگن مان هڪڙي ٻڍي جي ڏاڙهي ڊگهي هئي، ٻه پٽ پاڻ سان وٺي عارف جام وٽ آيو، هن جي پٽن پنهنجي ڳوٺ جي انگورن جي تعريف ڪئي ۽ چوڻ لڳا ته ”اسان جي ملڪ ۾ ڪارا انگور ٿيندا آهن، جن کي ريش بابا، يعني بابي جي ڏاڙهي چوندا آهن، اوهان جي خر اسان ۾ انهيءَ جهڙو انگور ڪو نه ٿو ٿئي،“ عارف جام چيو ته ”اسان وٽ به ڪارو انگور ٿيندو آهي، جنهن کي خليه غلامان، يعني ٻانهن جا آنورا چوندا آهن، اهي اوهان جي ريش بابا يعني اوهان جي پيءُ جي ڏاڙهيءَ کان چڱا آهن.“

277- قاضي غوري، ڪاري رنگ جو ۽ بدشڪل هوندو ۽ ٿلهن ۽ گهڻن وارن وارو هوندو هو ، ڳچ وقت هرات ۾ رهيل هو، هڪڙي ڏينهن، عارف جام وٽ آيو، انهيءَ چيس ته تون هتي گهڻو رهيو آهين، ڇو نه پنهنجي ملڪ ڏي موٽي ٿو وڃين؟“ هن چيو ته ”اسان جي ملڪ ۾ سوئر گهڻا ٿي پيا آهن،“ عارف جام چيو ته ”تنهنجي اچڻ کان پوءِ اهي گهٽجي ويا هوندا.“يعني به سوئر جهڙو آهين.

278- مولانا فخر الدين هراست جو هڪڙو عالم هو، تمام ڳرو ۽ موڳو هوندو هو، جنهن ڪري هن کي مولانا غياث الدين، خريا گڏهه سڏيندو هو، پر ٻوڙو نه هوندو هو.

هڪڙي جمعي جي ڏينهن اڳئينءَ جي نماز کان پوءِ آيو، عارف جام پڇيس ته ”ڪٿان ٿو اچين؟“ هن چيو ته ”مولانا حسين واعظ جي وعظ جي مجلس مان،“  پڇيائينس ته ”انهي مجلس ۾ ڇا ٻڌءِ؟“ هن چيو ته ”منبر کان آءٌ پري هوس، جو ماڻهو تمام گهڻا هئا، آواز منهنجي ڪن تائين نه پهتو. عارف جام چيس ته ”وعظ جو آواز تنهنجي ڪن تائين نه پهتو پر تنهنجو ڪن وعظ جي آواز تائين پهتو ٿي؟“

279- امير علي شير، ڪيترن هنڌن تي پنهنجي لاءِ قبر ٺهرائي ڇڏي هئي، هڪڙي روضي رضويه جي پاسي ۾، ٻي خواجه عبدالله انصاري جي مزار وٽ، ٽي مولانا سعد الدين ڪاشغريءَ جي مقبري جي ويجهو ۽ چوٿين پنهنجي جامع مسجد جي پاسي ۾، اها خبر عارف جام کي ٻڌايائون، هن چيو ته ”ايترين قبرن مان ڪهڙيءَ ۾ علي شير سمهندو!“

280- هڪڙو بخيل، چرچائي هوندو هو، هڪڙي ڏينهن اهو عارف جام وٽ ويٺو هو، چوڻ لڳو ته ”ٽي آنا اٿم، دل پئي چويم ته انهن مان اهڙي ڪا شيءِ وٺان، جنهن مان آءٌ به پيٽ ڀري کان، ۽ باقي جيڪي بچي سو به ٽين آني وڪڻي، اهي ساڳيا پئسا هٿ ڪريان؟“ عارف جام چيس ته ”ٻڪرين جي ڪوسس واري جاءِ تي وڃ، ٽي آنا ڏيئي، هڪڙي اوجهري وٺ، انهيءَ جو اوجهه ڪڍي کائي، تون پاڻ پيٽ ڀر ۽ اوجهري وري وڪڻي، ٽي آنا ڪر!“

281- جڏهن عارف جام، حجاز جو سفر ڪري سمنان ۾ آيو، تڏهن قافلي جي محصولدارن اچي ورايس، ڏاڍو تنگ ٿيو، چيائونس ته ”تون محصول جهڙو مال لڪائي آيو آهين، اسين، اوهان جا سڀ وصلا ڳولينداسين. بلڪ اوهان جون سٿڻون به کولائي ڏسنداسين.“ عارف جام چيو ته ”ڀلي ڏسو! جيڪي اسان جي سٿڻ ۾ هجي، سو بيشڪ اوهان جو آهي رکي ڇڏجو.“

282-مرزا الغبيگ جي زماني ۾ مرزا ڳچ وقت سرقند ۾ هو، انهيءَ وقت شڪل جو چڱو هو، شعر چوندو هو ۽ چرچائي هو،سندس تخلص خاڪي هوندو هو، هڪڙي ڏينهن عارف جام ڪن ٻين خر اسان جي خوشطبع جوانن سان گڏيو ، وٽانئس اچي لنگهيو مرزا انهن کي ڏسي چوڻ لڳو ته”هي خر اساني گڏهه ڪيڏي ٿا وڃن؟“ عارف جام چيو ته ”ڪانرم خاڪ ٿا ڳولين، ته انهيءَ تي ليٽن.“

283- سمرقند جي شاعرن مان هڪڙو عارف جام وٽ ويٺو هو، مجلس وارن مان ڪنهن انهيءَ کان پڇيو ته ”اوهان جي شهر ۾ شاعر گهڻا آهن يا نه؟“ هن چيو ته ”اسان جي شهر ۾ شاعر، ڪتن کان به گهڻا آهن.“ عارف جام چيو ته ”اسان جي شهر ۾ ڪتن کان گهٽ آهن.“

284- هڪڙو جاهل شاعر، عارف جام وٽ ويو، ٻٽاڪ هڻي چيائينس ته ”رات مون خواب ۾ خواجه خضر کي ڏٺو هو، پاڻ پنهنجي وات مبارڪ جي ڦيڻي، منهنجي وات ۾ وڌائون،“ عارف جام چيس ته ”ائين ناهي. خواجه خضر تنهنجي منهن ۽ ڏاڙهي ۾ ٿڪ هئڻ ٿي گهري تو وات پٽيو هوندو، تنهن ۾ اها ٿڪ وڃي پئي هوندي؟“

285- هڪڙي شاعر، عارف جام وٽ ٻٽاڪ هڻندي چيو ته “ديوان ڪمال‏، ديوان حافظ ۽ ديوان علي عليه السلام جو مون جواب ڏنو آهي.“ عارف جام چيس ته انهن جو ته جواب ڏنو اٿئي، پر خدا کي ڪهڙو جواب ڏيندين؟“

286- هڪڙي شاعر، وٽس هڪڙو غزل پڙهيو ۽ چيائين ته ”منهنجي مرضي آهي ته هي غزل شهر جي دروازي جي دور ۾ لڙڪائي ڇڏيان ته سڀ ڏسن ۽ مشهورائي ٿئي؟“ عارف جام چيو ته ”انهيءَ مان ماڻهن کي ڪهڙي خبر پوندي ته اهو شعر تنهنجو آهي؟ چڱو ائين آهي ته تو کي به انهيءَ سان گڏ لڙڪائي ڇڏين!؟

287- هڪڙي ٻٽاڪي شاعر، سندس اڳيان چيو ته ”جڏهن آءٌ بيت الله ۾ ويس، تڏهن تبرڪ جي لاءِ پنهنجي شعر جو ديوان، حجرالا سود سان ملبم.“ پاڻ چيائينس ته ”زمزم جي پاڻيءَ ۾ مليس ها ته چڱو هو!“

288- هڪڙو مشائخزادو، شعر چوڻ جي دعوا ڪندو هو، هي غزل جو عارف جام جو سندس هو، تنهن جي تتبع تي هڪڙو غزل ٺاهي آيو،

بسڪ در، جان فگار چشم بيدارم توئي،

هرڪه پيدا مي شود از دور پندارم توئي،

جڏهن پنهنجو سڄو غزل پڙهي ويو، تڏهن عارف جام جي غزل جي انهيءَ پهرئين بيت تي هن اهو اعتراض اٿاريو ته ”اوهين چئو ٿا ته، جيڪو پري کان ٿيندو، تنهن کي آءٌ ڄاڻندس ته تون آهين؟، جي پري کان ڪو گڏهه يا ڍڳو کڻي پيدا ٿئي ته پوءُ؟“ عارف جام، جهٽ ۾ چيو ته”پوءِ ڄاڻندس ته تون آهين!“ ان جو سنڌي ترجمو هي آهي.

نت اکين ۽ دل ۾ منهنجي يار سدائين آهين تون،

جيڪو پيدا ٿئي پري کان تنهن کي ڄاڻان آهين تون،

289- مولانا ساغري، مشهور شاعر هوندو هو ۽ عارف جام سان تمام گهڻو رستو هوندو هوس، هڪڙي ڀري، عارف جام، مولانا ساغريءَ جي نشست ۾ هڪڙو شعر ٺاهيو، جنهن ۾ ڏيکاريائين ته هن جو شعر بي معنيٰ آهي، اهو شعر شهر ۾ مشهور ٿي ويو، ساغريءَ عارف جام کي اچي ڪتاب ڏنو ته اوهان منهنجي هجو ۾ شعر ٺاهيو آهي، جو سڀ ڪنهن جي وات ۾ آهي، عارف جام جواب ڏنس ته”مون اصل شعر ۾ لفظ‏، شاعري، ڪم آندو آهي، يعني هڪڙي شاعر، پر لکڻ وارن يا پڙهڻ وارن شايد چرچو ڪري، ڄاڻي ٻجهي نقطا بدلائي انهيءَ کي ساغري، کڻي ڪيو آهي، منهنجو ڪو به ڏوهه ڪونهي.“

290- مولانا ساغري جي ڏاڙهي، ڊگهي هوندي هئي، هڪڙي ڏينهن، نديءَ جي ڪناري تي ڪنهن واهيءَ جي منهن وٽ بيٺو هو ۽ عارف جام جو پٽ ، خواجه ضياءِ الدين يوسف، جو ستن ورهين جو هو، سو به ساڻس هو، ڪنهن ماڻهوءَپنهنجو گهوڙو نديءَ ۾ پئي وهنجاريو ۽ هن جي پڇ ۽ چڏن کي هٿ پي گهمايائين. ۽ مالش پي ڪيائين، مولانا ساغري،  خواجه کان پڇيو ته ”گهوڙي جو پڇ ۽ چڏا ڇا جهڙا آهن؟“ خواجه چيو ته”چڏا ساغريءَ جي منهن جهڙا آهن ۽ پڇ ساغريءَ جي ڏاڙهيءَ جهڙو.“

 

 

فصل پنجون

 

بادشاهن جي حضور ۾، شاعرن جي بديهه گوئي

391- هڪڙي رات، سلطان محمود غزنوي، شراب جي نشي ۾ مست هو، مستيءَ ۾ پنهنجي ٻانهي، اياز جا زلف وڍائي ڇڏيائين. هن جي اياز سان تمام گهڻي محبت هئي، ٻي ڏينهن صبح جو هن جو حال ڏسي، ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ تمام گهڻو ڏک ٿيڻ لڳس، ايتريقدر جو انهن زلفن جي ماتم ۾ ڪپڙا ڪارا ڪيائين ۽ خوشي ڪرڻ بند ڪري ڇڏيائين ۽ ٽي ڏينهن برابر ڪنهن سان ڪين ڳالهائين ۽ اميرن ۽ مقرين مان ڪنهن کي به پاڻ وٽ اچڻ نه ڏنائين، سڀئي تنگ آيا، ابوالقاسم حسن بن احمد عنصري، جو بادشاهه جو شاعر هو، تنهن کي منت ڪرڻ لڳا ته ”پنهنجي شعر جي هنر جي زور تي بادشاهه کي خوش ڪري ۽ اڳوڻي حالت تي آڻي.“ آخر هو سلطان جي اڳيان اچي لنگهيو، سلطان گهرائي، ورتس، هن کي چيائين ته ”اي عنصري، تو ٻڌو آهي يا نه ته مون مستيءَ ۾ ڪهڙو خراب ڪم ڪيو؟“ انهيءَ بابت ڪو شعر ٻڌاءَ دل خوش ٿئي، عنصريءَ هڪدم هي ربائي چئي.

”زلفن سندي ڇانگ ٿي اڄ يار سندي،

ارمان ۽ غم ڪهڙي سبب ان جو ڪجي،

لازم آهي تان ڪجي خوشي مي پئجي،

ڇانگڻ مان سدائين سرو جي سونهن وڌي.“

سلطان کي اها ربائي ڏاڍي پسند آئي، هڪڙي دٻلي موتين جي ڀريل آڻي، هن جو وات موتين سان ٽي ڀيرا ڀري انعام ڏنائينس ۽ اميرن ۽ مقرين به هڪ هڪ هزار درهم ڏنس جو انجام ڪيو هئائونس ته جي بادشاهه کي وري خوش ڪندو ته انعام ملندس.

292- معربي، مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. اصل ٺيشاپور جو هو، پهرين سپاهي هوندو هو، پوءِ اچي سلطان جلال الدين ملڪ شاهه سلجوقيءَ وٽ نوڪر بيٺو، ۽ ملڪ الشعراءِ ٿيو، اهو هن طرح جو هن جي اڳيان بديهه شعر چيائين. رمضان مهيني جي پوئين تاريخ عيد جي رات، ماڙيءَ تي بيٺو هو ۽ وزير، امير به حاضر هو، گهڻن مٿا هنيا، پر چنڊ ڪنهين ڪو نه ڏٺو، آخر سلطان جي نظر ان تي پئجي ويئي ۽ ٻين کي به ڏيکاريائين. معربي به اتي حاضر هو، انهيءَ کي چيائين ته ”نئي چنڊ جي نسبت ۾ ڪو شعر في البديهه چئو!“ معربيءَ ”اي چنڊ، ڪمان شاهي تو کي ٿو چوان،

يا ڪن ۾ آءٌ آسمان جي والو چوان،

يا سون سچي جو نعل گهوڙي جو چوان،

محبوب جو يا ڀرون آءٌ ڏنگو چوان،“

بادشاهه کي هيءَ رباعي نهايت پسند آئي، هن جو درجو سپاهگيري مان وڌائي، وڪيل، روم جي قيصر جو ڪيائين، چون ٿا، ته ؛روم مان موٽندي چاليهه اُٺ قيمتي ڪپڙن ۽ ٻين شين جا اصفهان ۾ آندائين.

293- اتنر بن محمود خوارزم شاهه بادشاهه جي وقت ۾ رشيد وطواط نالي، مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، انهيءَ جو نالو، محمد بند عبدالملڪ ۽ رشيد، تخلص هو، اصل بلخ جو هو، پر پليو اتنر بادشاهه وٽ هو، قد جو ننڍڙو، ڏٻرو ۽ هلڪو هو، مگر ڏاڍو ٻولير ۽ تيز زبان هو، تنهن ڪري انهيءَ کي وطواط، چوندا هئا وطواط، هڪڙو ننڍڙو پکي ٽيٽي جهڙو آهي، جو گهڻيون ٻوليون ڪندو آهي، اتنر، اصل جلال الدين محمد شاهه جي غلامزدان مان هو، سلطان محمود جي مرڻ کان پوءِ پٽس، خوارزم جي حڪومت اتنر کي ڏئي ڇڏي، اتان هو، سال ۾ هڪڙو ڀيرو روم ۾ وڃي، سلطان کي سلام ڪندو هو ۽ اڪثر تاتارين سان جنگيون پيوڪندو هو ۽ انهن تي فتحون حاصل ڪندو هو، انهيءَ طرح ڏاڍو زور وٺي ويو، جڏهن سلطان جلال الدين مري ويو ۽ سندس پٽ، سلطان سنجر، بادشاهه ٿيو، تڏهن اتنر، منهن مٽائي، خود بادشاهه ٿيڻ لڳو، تنهن ڪري سلطان لشڪر وٺي خوارزم تي ڪاهي ويو، رشيد وطواط، انهيءَ وقت هڪڙو قصيدو اتنر جي تعريف ۾ چيو، جنهن جو پهريون بيت هيءُ آهي.

غازي اتنر به تخت تي ويٺو،

حڪم سلجوقيءَ جو ٿيو پورو.

جڏهن سلطان سنجر سلجوقيءَ اهو قصيدو ٻڌو، تڏهن رشيد ڏاڍي ڪاوڙ آيس ۽ اهو وير دل ۾ رکيو آيو، سلطان سان پنهنجو شاعر، انوري، هو، سلطان جي حملي کان اتنر وڃي هڪڙي مضبوط قلعي ۾ پناهه ورتي، جنهن جو نالو، هزاراسب، هو، سلطان سنجر انهيءَ ڪوٽ کي اچي گهيرو ڪيو، سندس حڪم پٺيان انوري شاعر، هي شعر ٺاهي ڏنو، جو ڪاغذ تي لکي، هڪڙي تير سان ٻڌي، ڪمان سان اندر قلعي ۾ اڇلائي وڌائون،

ڏس شاهه جهان جو کٽي فتح ٿو ڪيئن،

جئين ملڪ غلام ان جو اقبال به تيئن،

اڄ هڪڙي ئي حملي سان هزار سب، وٺي،

خوارزم سڀاڻي، سو هزارا سب پريئن.

اهو ڪاغذ اتنر کي مليو، انهيءَ پنهنجي شاعر، رشيد وطواط کي جواب لکڻ لاءِ چيو، هن في البديهه هيءَ رباعي چئي، جا هن به تير سان گڏ اڇلائي

اي شاهه، ٿيو ملڪ سڄو تنهنجي بلي،

رستم جيها پهلوان سئو تو سان هجن،

جئو هڪڙو هزاراسب، مان نئي نه سگهي.

جڏهن سلطان سنجر، هي رباعي رشيد جي ڏٺي، تڏهن اڳوڻو وير پاڻ زياده ٿيس، انجام ڪيائين ته ”جڏهن ڪڏهن رشيد هٿ آيم ته ست ٽڪرا ڪرائيندوسانس،“ آخر جنگ زور سان لڳي، اتنر قلعي ۾ ڏاڍو تنگ ٿيو، رات جو لڪچوريءَ قلعي مان ڀڄي نڪتو، رشيد رهجي ويو، ٻئي ڏينهن، سلطان قلعي ۾ گهڙيو ۽ ڦرلٽ ڪيائين، رشيد قيد تي آيو، سلطان حڪم ڏنو ته ”هن کي بازار ۾ نئي، ترار سان ست ٽڪرا ڪري ماريوس!“ رشيد هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”حضور آءٌ هڪڙو ننڍڙو پکي آهيان، منهنجا ست ٽڪر ٿي ڪين سگهندا، مون کي مهرباني ڪري فقط ٻن ٽڪرن ڪرڻ جوو حڪم ڏيو،“ سلطان کي اهو جواب وڻيو، جو هن کي معافي ڏئي ڇڏيائين. هو وري وڃي اتنر سان گڏيو ۽ وڏي عمر وارو ٿيو، اتنر جي پٽ جي بادشاهي به ڏٺائين، سلطان شاهه عادل رشيد جي ڏسڻ جي خواهش ڪئي، تمام پير مرد هو، وٺي وٽس آيا، سلطان چيس ته ”رشيد ڪو نئون شعر جوڙي ٻڌاءِ، جنهن مان نصيحت حاصل ٿئم!“ رشيد هي رباعي چئي.

”ڏاڏي تنهنجي زماني ظلم ڪڍيو،

پيءَ تنهنجي هو ملڪ عدل سان آڏيو،

هاڻ وارو حڪومت جو آهي، تو کي مليو،

ڏسجي ته ڪرين جهان سان ڪهڙو ڀلو!“

سلطان چاليهه هزار درهم انعام ڏنس.

294- جڏهن سلطان سنجر، ماورائزلنهر تي ڪاهه ڪئي، تڏهن سندس مددي خان سڀ پاسو ڪري ويا ۽ سلطان کي شڪست آئي، ڏاڍو غمگين ٿي جيحون نديءَ جي ڪانري تي ويهي رهيو، فريد ڪاتب، جو وٽس شاعر هو، تنهن کي چيائين ته ”ڏس ته زماني جي ڪهڙي نه بد نظر اسان کي لڳي ويئي آهي! ڪو شعر نه ٻڌاءِ ته دل کي آرام اچي ۽ انهيءَ غم جو بار هلڪو ٿئي!“ فريد ڪاتب هيءَ رباعي انهيءَ مهل چئي؛

”اي شاهه ڪيو جڳ کي تو آباد سدا،

چاليهه ورهيه تو دشمن کي ڪيو فنا،

جي هاڻ نظر تو کي لڳي ويئي ٿيو ڇا.

هڪ حال ۾ جو رهي ٿوس آهي خدا.“

295- هڪڙي رات مرو ۾ تمام گهڻي برف پئي، مهستي نالي هڪڙي زال، اتي مشهور شاعر هوندي هئي ۽ خوشطبع به هئي، سلطان سنجر ،اها رات وٽس هو، ننڊ مان جاڳي، بادشاهه مهستيءَ کان پڇيو ته ”هوا جو ڪهڙو حال آهي؟“ هڪدم جواب ۾ هيءَ رباعي ٺاهي ٻڌايائينس؛

 

”اي شاهه، فلڪ گهوڙي تي ڪئي تنهنجي زين،

شاهن مان فقط تو کي ان ڪئي تحسين،

گهوڙي کي لڳل نعل هئا تنهنجي زرين

پلٽي مٿان برف ڪيائين چانديءَ جي زمين.“

بادشاهه کي اهو هن جو جواب گهڻو پسند آيو، چار دٻليون جواهرن جون عطائي ڪيائينس.

296- ارزقي، سلطان طغان شاهه سلجوقيءَ جي زماني ۾ مشهرو حڪيم ۽ شاعرهو، هڪڙي ڀيري، بادشاهه جو پڻ جي راند پي ڪئي، ڍارن کان ٽي ڇڪا ٿي گهريائين، پر داڻيون ٻي آيون، ڏاڍو ڪلاوڙيو ارزقي حاضر هو، تنهن کي چيائين ته ”هن نسبت ۾ ڪو شعر چئو!“ارزاقي في البديهه هي؟ءَ رباعي چئي؛

”اي شاهه، تو ڍارن کان گهريا ٿي ڇڪا،

پر ڊپ کان اهي بدلجي ٽي پون ٿا پيا،

ٿيا ڇڪا ٽئي حڪم تي تنهنجي حاضر،

هيبت کان اهي زمين تي ٿيا اونڌا.“

سلطان انهيءَ رباعي لاءِ هن کان تمام چڱو انعام ڏنو

297- سمنان جي قاضزادن مان رڪن صابن، هڪڙو ڳ چڱو شاعر هو، طغان ۽ تيمور خان جي زمانن ۾ هوندو هو ۽ انهن وٽ امامت جو درجو هوس، هڪڙي ڏينهن، انهيءَ کان ڪو قصور ٿي پيو، جنهنڪري خان کني قيد ڪيس، گهڻا ڏينهن قيد ۾ پيو هو، آخر هڪڙي ڏينهن، وجهه ڏسي، پيرن ۾ پيلن زنيرن سان گهلجي گهلجي رستي تي اچي ويٺو، جتان خان لنگهڻو هو، جڏهن خان اتي آيو، تڏهن هن کي ههڙي حال ۾ ڏسي، مٿس ڏاڍو قياس آيس، پڇيائينس ته ”ڪهڙو حال اٿئي؟ ڪو شعر پنهنجي حال مناسب ٻڌاءِ!“ هن هيءَ رباعي چئي؛

”مون شاهه جي درگاهه ۾ هو مان لڌو.

ڀانيم ته ڪندس رڪاب پنهنجو سونو،

جڏهن لوهه ٻڌي هي ڳالهه واتان منهنجي.

وٽجي سٽجي سو منهنجي پيرن ۾ پيو.“

خلعت انعام ڏيئي، پنهنجي ساڳئي اڳوڻي درجي تي رکيائنس.

298- ظهير فاريابي، مشهور حڪيم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، شعر ۾ رشيد سمرقندي ءِ جو شاگرد هو، شعر ۾ وڏن استادن مان شمار ڪيل آهي، گهڻا ڪتاب نظم ۾ لکيا اٿس ۽ وڏا وڏا عمدا قصيدا چيا اٿس. سلطان فزل ارسلان جي زماني ۾ هو، انهيءَ جي تعريف ۾ اهو مشهور قصيود چيو اٿس، جنهن ۾ هي مشهور بيت آيل آهي؛

نوو آسمان مٿي عقل اول چڙهي جڏهن.

چمي رڪان قزل ارلسلان جو تڏهن.

انهيءَ شاعر ظهير فاريابيءَ جي ڏاڙهي ڳاڙهي هوندي هئي. هڪڙي ڀيري، بادشاهه چيس ته ”منهنجي ڳاڙهي ڏاڙهيءَ جي نسبت ۾ بديهه ڪي ٻڌاءِ!“ ظهير يڪدم هي شعر پڙهڻ لڳو.

 

 

”هڪڙي وعظ ٿي وعظ پر ڪيو،

 ته جڏهن جهان پيدا پيو،

اڇيون ڏاڙهيون سڀئي ڌڻي بخشي،

ڪارين ڏاڙهين سندي صدقي،

 ڳاڙهي ڏاڙهيءَ سان هڪڙو حاضر هو،

تنهن هي واعظ جو جڏهن وعظ ٻڌو،

ڏاڙهي هٿ ۾ جهلي چيائين هاءِ!

ڪا نه ٿي منهنجي هن ٻنهي جاءِ!

سرخ ريش آهيان آ ءُاهو مظلوم،

هت به انعام کان رهان محروم.“

بادشاهه قزل ارسلان کي هي بيت گهڻو پسند آيا، هن کي چڱو انعام ڏنائين.

299- سلطان ابوسعيد، خدا بندي کانپوءِ امير شيخ حسن، بغداد ۽ آزربائيجان ۾ بادشاهه ٿيو، انهيءَ جي ڀيڻ دلشاد خاتون، تمام فاضل، قابل ۽ شاعر زال هئي ۽ نهايت خوبصورت به هئي، سلمان ساوجي، انهيءَ وقت جي مشهور شاعر، هنن ٻنهي جي تعريف ۾ گهڻا قصيدا چيا آهن ۽ هنن به مٿس گهڻيون مهربانيون ٿي ڪيون، پهرين ڀيري، انهيءَ جڏهن هنن جي بغداد ۾ اچڻ جو ٻڌو، تڏهن شهر ساوهه کان هلي، بغداد ۾ آيو، گهڻي پنڌ ڪري رستي جي دڌڙ ۾ ڀرجي، امير شيخ حسن کي اچي گڏيو، جو انهيءَ وقت شڪار تي نڪتو هو ۽ هٿ ۾ ڪمان هيس ۽ تير ٿي هنيائين. سندس رڪاب سان گڏ هڪڙو سندس غلام ڇوڪر، سعادت نالي، جوخوبصورت هو، سو پيادو هليو ٿي هليو، انهيءَ سان امير جي گهڻي خاطر هوندي هئي، انهيءَ ڊوڙي، تير کڻي ٻي آڻي ڏنو، سلمان شاعر اڳيان اچي سلام کڻي ٻي آڻي ڏنو، سلمان شاعر اڳيان اچي سلام ڪيو، جن سڃاتس، تن کينڪاريس ۽ امير وٽ سندس تعريف ڪيائون، امير اڳيئي سندس تعريف ٻڌي هئي، هن ڏي منهن ڪري چيائين ته ”اي سلمان، مون تنهنجي هوشياري بابت گهڻو ٻڌو آهي، هاڻي جن پيرن تي بيٺو آهين، انهن ئي تي منهنجي تير اڇلائڻ ۽ سعادت غلام جي کڻي آڻڻ بابت في البديهه ڪي چئو!“ سلمان هڪدم ڪمر مان قلمدان ڪڍي، اتي بيٺي ڪاغذ جي ٽڪر تي هي بيت لکي امير کي ڏنا، جي هو پڙهي ڏاڍو خوش ٿيو، انعام ڏنائينس ۽ پاڻ وڏي درجي تي رکيائينس.

کڻي سينگ ميدان تي آيو شاهه،

گهڙيو قوس جي برج ۾ ڄڻ ته ماهه،

ٻه زاغي ڪمان ۽ ٽه پرو عقاب،

لهي هڪڙي گوشي کان آيا شتاب.

ڪلهي تي رکيون آڻي سير شاهه جي،

ٻڌو زهه جو آواز هر ڪنهن اتي،

ٿئيس تير منجهه بند تدبير جي،

سعادت اٿس نت پٺيان تيرجي.

سندس راڄ ۾ ڪا نه ٻڌجي فغان.

ڪري نت ٿي فرياد فقط ڪمان.

ڪري ڪو نه ڪنهن تي زبردستي زور.

ڪمان ئي تي هر ڪنهن جو ٿيو شور زور.

200- هڪڙي رات، سلمان سائوجي شاعر، سلطان اويس جي خدمت ۾ حاضر هو، امير شيخ حسن، لسطان جو پٽ به حاضر هو، ڏهن ڳچ رات گذري، جڏهن سلمان مجلس مان موڪلائي اٿيو، رات اونداهي هئي، بادشاهه، فراش کي حڪم ڏنو ته ”هڪڙي شمع مجلس مان کڻي، هن سان گڏجي وڃي، هن کي اماڻي اچي!“ فراش هڪڙي شمع کنئي، جا سوني ٿالهيءَ تي رکيل هئي، اها سلمان جي جاءِ تي ڇڏي جئين!“ جو انهيءَ وقت سندس جاءِ ۾ ڏيئو نٿي ٻريو.

صبح جو سلمان کان شمع جي ٿالهي وٺڻ آيو. هن اها نه ڏنيس  ۽ انهيءَ جي بدراسن في البديهه قطعو چيائين؛

”آءٌ ۽ شمع ٻئي آهيون، سدا سوخته دل، رات جو هوءَ جلي ۽ ڏينهن جو نت آءٌ ٿو جلان.

شمع ويچاري وئي رات سڄي سڙي،

جي وئي ٿالهي ته اڄ آءٌ به سڙان ان جي پٺيان!“

جڏهن بادشاهه اهو قطعو ٻڌو، تڏهن اها سوني ٿالهي بخشي ڇڏيائينس.

201- شيراز ۾ شاهه شجاع جو پٽ منوچهر ، هڪڙو ڏاڍو خوبصورت ۽ عقلمند جوان شهزادو هو، هڪڙي قيمتي گهوڙي تي سوار ٿيو پي آيو، گهوڙي جي قيمت ٽيهه هزار دينار سون جا هئي، شاهه شجاع جي راڻي جهان ملڪ ۽ منوچهر جي مآءٌ جا ڏاڍي عامل، فاضل ۽ شاعر هئي، اها به گهوڙي تي سوار هئي، ميدان تي گوءِ ۽ چوگان سان راندي پئي ڪيائين. اوچتو شهزادي جي گهوڙي کي ٿاٻو آيو ۽ شهزادو ڪري پيو ۽ خراب ضرب رسيس ۽ رت نڪري پيس، بادشاهه جي اکين اڳيان اونداهه اچي ويئي، گهوڙي تي ڏاڍو ڪاوڙيو، حڪم ڪيائين گهوڙي کي ڪهي ڇڏيو، امير امرا جي حاضر هئا، سي ڏاڍا ملول ٿيا، جو اهو گهوڙو تمام عمدو ۽ قيمتي هو، بادشاهه کي ته چئي نه سگهيا، پر راڻيءَ وٽ وڃي عرض ڪيائون ته ڪنهن طرح بادشاهه کي انهيءَ ڳالهه تان لاهه، راڻيءَ هڪدم هيءَ رباعي چئي بادشاهه کي ٻڌائي، جا ٻڌي بادشاهه ٿڌو ٿيو ۽ گهوڙي مارائڻ جو خيال ڇڏي ڏنائين.

بدخو ٿيو فلڪ اصل کان، ڪو خيال نه ڏينس.

و جوڳ تي ڪري ظلم، تون ڦٽڪار ڪرينس.

جي گوءِ ڪري خطا ته چوگان هڻينس،

گهوڙو ڪري خطا ته بخشي تون ڇڏينس.

204- مرزا بائسنقربن عمر شيخ بن تيمور خان جي وقت ۾، مولانا خواجه بريد بخاري، خوشطبع ۽ شاعر هوندو هو. ”عصمت“ سندس تخلص هوندو هو ۽ اڪثر مرزا جو هم صحبت هوندو هو ۽ پاڻ ۾ شعر گوئي ڪندا هئا. هي مشهور بيت هن جو آهي.

منجهه بخارا، خواجه عصمت، هر طرح مشهور آهه،

منجهه خر اسان بيبي عصمت، خواجه عصمت،

آهي ڪو نه!

هڪڙي ڏينهن هن جو شعر ٻڌي، مرزا پنهنجي خزانچيءَ کي ترڪيءَ ٻولي ۾ چيو ته ”بش يوز التون“ يعني هن کي پنج سئو جا ڏنس، اهي وٺي، خواجه عصمت شائر، بادشاهه وٽ اچي موڪلاڻيءَ جو سلام ڪيو ۽ هي قطعو پڙهيائين؛

”شاهه، دشمن گذار دوست نواز،

نت جهانگير ۽ جهاندار آهه.

ڏنئين ”بش يوز آلتون“ انعام،

لطف ٻانهي تي ان جو بسيار آهه.

متان ”بش يوز التون“ جي مراد

پارسيءَ ۾ ٻه سئو دينار آهي؟“

مرزا حقيقت معلوم ڪري کلي ڏنو، ٽي سئو دينار ٻيا پنهنجي روبرو ڏياريائينس ۽ هزار دينار ٻيا به انعام ڏنائينس.

203- خواجه منصور قربقائي طوسي، مشهور خوشطبع شاعر هو ۽ مرزا علاءِ الدوله ولد مرزا شاهرخ وٽ ملازم هو، هن جي آقا عبدالوهاب ظوسيءَ سان ناسازي هئي، جو ديانت وارو ماڻهو نه هو ۽ شهر جو قاضي هو، مرزا کي هنن جي ناسازيءَ جي خبر هئي، هڪڙي ڀيري مرزا جي مجلس ۾ حاضر هو، مرزا چرچو ڪري رهيس ته ”اي قاضي، يتيمن جي مال جي ڇو طمع رکندو آهين؟“ هن چيو ته ”اي مرزا، آءٌ ته پاڻ يتيمن جي لاءِ اوگهڙ جي ڍڪڻ وارو ڪپڙو آهيان.“ مرزا ، خواجه منصور شاعر کي چيو ته ”هن نسبت ۾ ڪو شعر چئو!“ هن هيءِ قطعو چيو؛

”ڪپڙو قاضي نه ٿين يتيمن جو.

جوُن ۽ مُنگهڻ جان، رت انهن جو پين.

شرع جو سچ سدائين پاڻ کي ٿو،

آهين سچ پر سدائين يتيم ڪهين.“

مرزا کي اهو شعر ڏاڍو وڻيو، هزارت دينار خراساني انعام ڏنائينس.

204- اميرشاهي سبزي واري، جنهن جو نالو ملڪ بن جمال آهي، سو مرزا بائسنقر وٽ رهندو هو، جو مرزا شاهرخ جو پٽ هو، هڪڙي ڏينهن مرزا جي مجلس ۾ هڪڙو جوان اميرزادو، جو ناقابل هو، سو کانئس مٿي اچي ويٺو، مرزا کي انهيءَ ڪري البت خفو لڳو، امير شاهيءَ ڏي منهن ڪري چيائين ته ”جيڪي ٿيو آهي، تنهن جي نسبت ۾ في البديهه ڪي چوندين؟“ هن هي قطعو چيو؛

”مون جهڙوڪ، سون ۾ به ڳولئي ڪو مس لڀي،

ڇا ٿيو جي مون کان هر ڪس ناڪس مٿي ويهي.

مجلس سمنڊ آهي، هيءَ تنهنجي اي بادشاهه

موتي انهيءَ ۾ هيٺ رهي، ڪک مٿي تري.“

 

فصل ڇهون

 

وزيرن ۽ شاعرن جي وچ ۾ بديهه گوئي

 205- سلطان جلال الدين ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي وزير، قاضي نظام الملڪ جهڙو ٻيو ڪو به وزير نه ٿيو، پر نيٺ حاسدن انهيءَ کان به سلطان کي ڦيرائي ڇڏيو، سلطان جي راڻي، ترڪان خاتون کي تاج الملڪ، فارسي تعليم ڏيندو هو، تنهن کي سلطان، راڻيءَ جي مرضيءَ موجب، نظام الملڪ جي جاءِ تي کڻي وزير ڪيو، هڪ ورهيه ۽ چار مهينا هن وزيري چڱي طرح هلائي ۽ انهيءَ وچ ۾ نطام الملڪ وڪيل ٿي بغداد جي پاسي ويو، نهاوند ۾ اتفاق سان چورن هن کي ڪاتي هنئي، مرڻ وقت هن هيءَ قطعو چيو؛

تنهنجي وڏي اقبال سان اي شاهه جوان بخت،

مون ٽيهه ورهيه تنهنجي وزيريءَ ۾ گذاريا،

نيڪيءَ سان ۽ ايمان سان نت تنهنجي اڳيان مون،

ٿي حقءَ نمڪ جا بدل و جان ادا ڪيا،

 هڪ ضرب ڪاتيءَ جي سفر ۾ ٿو مران هاڻ،

۽ ورهيه ڇهانوي ٿيا عمر جا پورا.

خدمت اها جهوني ڇڏيان پٽ لاءِ ٿو هاڻي.

پارت ٿو آءٌ تو کي ۽ خدا کي ڪريان يڪجا.

206-خواجه شمس الدين دوياني، جنهن جهڙو وزير، نظام الملڪ کانپوءِ ٻيو ڪو نه ٿيو، سو نهايت سخي ۽ عالي همت وارو هو، هڪڙي ڏينهن وزيريءَ جي مسند تي ويٺو هو ته هڪڙي شاعر، ڪاغذ آڻي هٿ ۾ ڏنس، جنهن ۾ هي رباعي لکيل هئي.

جڳ دائرو، مرڪز ٿيو هٿ تنهنجو فقط،

چوڌاري ٿا نقطي جي ڪڍن ماڻهو خط،

ٿي تنهنجي سخا ننڍي وڏي ماڻهو تي،

شل ڪنهن کي نه دولت ڏئي خاوند غلط.

 

خواجه وزيرقلم کڻي، انهيءَ رباعيءَ واري عريضيءَ جي پٺي انهيءَ رباعي في البديهه حڪم وانگي لکي، مهر هئي، هن کي ڏني.

ٽي سئو رڍون سڀ چڱيون اڇيون جهڙيون بسط (بدڪ)

ڪارو نه هجي جني جي کل تي ڪو فقط،

ڌڻ مان ڪڍي بادشاهه جي ائين هڪدم،

ان کي ڏيو، آڻي ٿو جو هي منهنجو خط!

207- خواجه شمس الدين کي تبريز جي قرا باغ ۾ 4 شعبان سنه 788 هه ۾، ارغون خان جي حڪم سان قتل ڪيائون، مجد همگر جو عراق فارس ۾ مشهور شاعر هو ۽ شيخ سعديءَ جو همعصر هو ۽ سعد بن رنگيءَ جو مصاحب هو، تنهن خواجه شمس الدين جي غم ۾ هي رباعي في البديهه چئي، جا ٻڌي، شيخ سعدي گهڻو رنو ۽ مجد همگر کي انهيءَ رباعيءَ لاءِ نهايت گهڻي تحسين ڏنائين.

منجهه ماتم شمس جي شفق رت رنو،

چنڊ چهرو ڦٽايو، زلف پڻ زهري وڍيو،

ڪپڙا ڪيا ڪارا رات ماتم ۾، ۽ صبح،

پڻ ساهه ٿڌو کڻي گريبان ڦاريو.

سڀ شاعر قبول ڪن ٿا، ماتم ۾ ههڙي عمدي رباعي في البديهه ٻئي ڪنهن ڪا نه چئي، سواءِ اميرشاهي سبزواريءَ جي، جنهن جي رباعيءَ هيءَ آهي.

ماتم ۾ ڪيو زماني تنهنجي شيون،

لاله رنو رت اکين منجهان منجهه دامن،

گل پنهنجون گريبان منجهان ڏک ڦاڙيو،

ڪارو وڌو قمريءَ به پٽو منجهه گردن.

208- خواجه نور الدين، سلطان جلال الدين محمد شاهه جو قابل ۽ فاضل وزير هو، مگر شراب نوشيءَ جي عادت هوندي هيس، شاهفور نيشا پوري، جو ظهير فاريابيءَ جو شاگرد هو ۽ چڱو شاعر هو، سو وٽس هوندو هو، هڪڙي ڀيري، شاهفور سندس ڏسڻ لاءِ پنج ڇهه دفعا آيو، پر ڏسي نه سگهيس، جڏهن خواجه کي خبر پئي تڏهن گهرايائينس ۽ چيائينس ته” پهرين في البديهه ڪي چئو ۽ پوءِ ٻيون ڳالهيون ڪر!“ شاهفور في الفور هيءَ رباعي چئي؛

ٿي تو کي سخا ۽ مئي پرستي ٻئي گڏ،

جئن جڳ ۾ بلندي ٿي ۽ پستي پئي گڏ،

محبوب جي اکين جيهو تنهنجو حال،

جن ۾ ٿيو سدا نور ۽ مستي ٻئي گڏ.

خواجه نورالدين کي اها رباعي تمام پسند آئي ۽ مٿس گهڻي نوازش ڪيائين.

209- جمال الدين عضد، مشهور شاعرن مان آهي، بزد جي ساداتن مان به آهي ۽ محمد بن مظفر بادشاهه جي وقت ۾ هو، عضد جو پٽ جڏهن ننڍو هو ۽ مڪتب ۾ ويٺي پڙهيو، تڏهن هڪڙي ڏينهن، بادشاهه لنگهي مڪتب ۾ آيو ۽ هڪڙي خوبصورت ڇوڪر کي ڪسي لکندي ڏٺائين، استاد کان پڇيائين ته ”هي ڇوڪرو ڪير اهي؟“ هن چيو ته ”جمال عضد هرويءَ جو پٽ آهي ۽ سندس نالو جمال الدين محمد ۽ هن عمر ۾ چڱو علم حاصل ڪيو اٿس ۽ اکر به تمام چڱا ٿو لکي ۽ شعر به چڱو ٿو چوي.“ بادشاهه هن کي چيو ته ”ڪو شعر ته لک ته اهو به ڏسان ۽ اکر به ڏسان!“ هن هي قطعو لکيو؛

چار آهن ڪي شيون، پهڻ ۾ جي جمع ٿين،

لعل ياقوت ٿئي پهڻ سو، مرسخت  هجي،

طبع هو ئي پاڪ چڱي ۽ چڱو هو ئي اصل ۽ نسل،

ذهن لائق هجي، تعليم چڱي ان کي ملي،

هي سڀئي وصفعون ڪيون مون ۾ خدا آڻي گڏ،

تربيت ۾ مدد تنهنجي فقط ٿي گهرجي.

بادشاهه کي اهو شعر توڙي اکر تمام پسند آيا ۽ بر وقت انعام ڏنائينس، آل مطفر جي خاندان وارن بادشاهن وت اهو سيد ”ملڪ الشعرا“ ٿي رهيو ۽ انهن جي تعريف ۾ گهڻا قصيدا چيا اٿس.

210- سيد شرف الدين رضائي، سبز واري ساداتن مان هو ۽ عمدو شاعر هو، پڻس، سبز واري بادشاهن جو وزير هو ۽ مرزا شاهرخ جي زماني ۾ سبزواريءَ جي وڏيرپ سندس ذمي هئي، مرزا شاهرخ جو مشهور وزير، منير احمدو خوافي، جو چاليهه ورهه برابر وزير هو، تنهن وٽ رهندو هو ۽ اهو مٿس گهڻو مهربان هوندو هو، حاسدن جي چغلين تي اهو، هن تي ڪاوڙيو ۽ قيد ڪرائي ڳرا زنجير وجهارائينس ۽ سبز وارن مان ڪڍائي، هرات ۾ هڪڙو پير مرد ستر ورهين جو رهندو هو، جنهن کي مرو يس صدر، چوندا هئا، انهيءَ جي عادت هوندي هئي ته سخت سرديءَ ۾، آرڙهه واري نوروزي سفيد نمد جي ٽوپي ڍڪيندو هو، جا هرات ۾ ضرب المثل ٿي ويئي، هڪڙي ڏينهن، خواجه مير احمد خوافيءَ حڪم ڏنو ته ”انهي سيد قيديءَ کي دربار ۾ وٺي اچو!“ هن کي وٺي آيا، اتفاق سان مرويس صدر به اتي حاضر هو ۽ اها نوروزي ٽوپي به پيئي هيس، وزير خواجه، سيد ڏي منهن ڪري چيو ته ، ”تون شعر چوندو آهين، هاڻ پنهنجي حال وٽان ڪو شعر في البديهه ٺاهي ٻڌاءِ!“ سيد هڪدم هيءَ رباعي چئي؛

”اي شاهه، زحل کان مٿي ٿيو تنهنجو قدر،

پڻ حلقه بگوش جيئن هلال آهي بر،

سخت اهڙي ٿي سردي جو هي منهنجا زنجير.

ڄڻ ٽوپي ٿي نوروزي ڍڪي جا ٿو صدر، خواجه وزير کي اها رباعي ڏاڍي پسند آئي، هڪدم ان جا زنجير لهرائي آزاد ڪيائينس، خلعت به ڍڪائينس، انعام به ڏنائينس ۽ ڏاڍي عزت آبروءَ سان وري سبزواري ڏي موڪلي ڏنائينس.

 

فصل ستون

 

شاعرن جي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان بدهيه گوئي

 

211- فردوسي طوسي، مشهور شاعر هو، شاهنامو، اها شاهدي ٿو ڏي، طوس جي هڪڙي وڏيري جو پٽ هو، سندس نالو، حسن بن اسحاق هو، شروعات ۾ ٻني پوکڻ جو ڪم ڪندو هو، انهن ڏينهن ۾ طوس جو حاڪم، عميد هوندو هو، جنهن چار باغ گڏي ٺهرايا هئا، جن جو نالو فردوس، رکيو هئائين، فردوسيءَ جي پيءَ اسحاق بن شرف شاهه اهي رکيا هئا، انهيءَ ڪري پٽس، ”فردوسي“ تخلص ورتو، طوس جي حالم جي ظلم کان هو لڏي غزنيءَ ويا ۽ عنصري شاعر جي وسيلي فردوسيءَ پاڻ کي سلطان محمود جي مجلس تائين پهچايو حاڪم تي فرياد ڏنائين، داد خواهي گهريائين ۽ گهڻو شعر پيش ڪيائين، جنهن لاءِ سلطان مٿس مهرباني ڪئي ۽ شآهنامي لکڻ جو حڪم ڏنائينس، پهرين ڏينهن ڪئي ۽ شاهنامي لکڻ جو حڪم ڏنائينس، پهرين ڏينهن جڏهن غزنيءَ ۾ آيو ۽ سلطان تائين وڃڻ لاءِ مٿا پي هنيائين، تڏهن هڪڙي هنڌ آيو، جتي”ملڪ الشعرا“ عنصري، ٻين ڪن ٻن شاعرن فرخي ۽ عسجديءَ سان گڏ صحبت ويٺي ڪئي، فردوسيءَ لنگهي وڃي، هنن کي سلام ڪيو، هنن سلام ورايس، عنصريءَ پڇيس ته ”ڪير آهين؟“ هن چيو ته ”غريب ڳوٺاڻو آهيان، طوس کان آيو آهيان ۽ ٿورو گهڻو شعر چئي ڄاڻندو آهيان.“ عبنصريءَ سڏي ويهاريس ۽ چيائينس ته ”اچ ته پاڻ ۾ شعر آزمائي ڪريون.“عسجدي چيو ته ”اسين هينئر چار ڄڻا ٿياسين، هڪڙي هڪڙي مصرع چونداسين ته رباعي ٿي پوندي.“

عنصري پهرين مصرع هي چئي؛

”منهن تنهنجي جان، چنڊ ڪين هوندو روشن،“عسجدي ٽي مصرع چئي:

””پڻبڻيون ٿيون لنگهن تنهنجون ايئن منجهه جوشن،“ فردوسيءَ چيو ته:

”نيزو لنگهي جيئن ڳيو جو منجهه جنگ پشن،“ اها مصرع ٻڌي، هو سڀ حيران ٿي ويا، چيائونس ته ”ڀائنجي ٿو ته شعر سان گڏ تو کي ايران جي تاريخ جي به خوب واقفيت آهي!“ اها رباعي سلطان جي ڪن تئاين پهچايائون، جنهن فردوسيءَ کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ پاڻ وٽ رکيائينس ۽ نيٺ شاهنامي لکڻ جو حڪم ڏنائينس.

شمس طبي، بخارا جو مشهور خوشطبع شاعر، عالم ۽ فاصل ماڻهو هو، خراسان جو شيخ السلام يا صدر الشريعت، هن جي تعريف، ٻڌي، بخارا ويو ۽ هن جي مدرسيءَ ۾ گهڙي ويو ۽ سلام ڪيائينس، هن شاگردن کي ويٺي پڙهايو، سو ويهي ٻڌائين، گذريءَ رات جو تازو قصيدو ٺاهيو هئائين، سو انهن کي پڙهي ٿي ٻڌايائين ۽ انهيءَ بابت انهن بحث پي هلايو، انهي قصيدي جا ٻه ٽي بيت هيءَ آهن.

ڪري سگهه اٿي ٿا پيون، مئي، اي منهنجا گلرو، چوڌاري گلن جي ٿي اچي باغ مان خوشبو، اٿ جلد جو پيرن ڀر اڻيو پاليو اڳئي آهه، ويهه تون جو صراحي به آهي، روزانو، ڪڪڙن جي اچي ٻانگ، وٺون پي ڪو چڪو سرس، صبح ايندو ويندو اچي هاڻ رات جا گيسو. انهيءَ وچ ۾ شيخ هن ڏي نهاري چيو ته ”تون ڌيان سان هي شعر ٻڌين ٿو، شاعيد شعر جو شوق اٿئي؟، هن چيو ته ”البت، فقط نثر ۽ نظم جو فرق ۽ موزون ۽ ناموزون ڪلام جو تفاوت معلوم ڪري سگهندو آهيان،“ شاگردن زور ڪيس ته ”ڀلا انهيءَ وزن تي ڪنهن بيت چوڻ جي ته ڪوشش ڪر!“ هن قلم، مس ۽ ڪاغذ وٺي، ٻن ڪلاڪن اندر پنجاهه بيت انهيءَ طرز ۽ قافيي تي هڪدم لکي ويو، جن مان پهريان ٻه ٽي بيت هيءَ آهن.

منهن تنهنجي جي خوشبو ٿي صبا نئي کڻي هرسو

سنبل به آهن شرم کان ويڙهي ڇڏيا گيسو،

جادوءِ کان اکين تنهنجي جي حيران پئي آيا.

نرگس هتي گلشن ۾ هتي دشت ۾ آهو.

گل تي ڪري فرياد چون بلبليون هئي هئي،

۽ سرو تي قمريون به پيون ڪن سدا ڪو ڪو،

هي شعر ٻڌي شيخ حيران ٿي ويو ۽ هن کي سڏي.

سندس گهڻي خاطرداري ڪيائين ۽ پاڻ وٽ رهايائينس، هن پوءِ شيخ جي صبحت مان گهڻو فائدو حاصل ڪيو.

هڪڙي ڏينهن، تمام گهڻي برف ٿي پئي ۽ وآءٌ ٿڌو ٿي لڳو، رشيد شاعر جي ادبي صابر سان محبت هوندي هئي ۽ انهي سان صحبت ڪندو هو، اهوس سلطان سنجر وٽ پليو هو ۽ اصل بخارا جاو هو، مگر خرا اسان جي پلجي وڏو ٿيو هو، انوري شاعر ۽ خاقاني شاعر هن کي مڃيندا هئا، ليڪن رشيد، اديب صابر جي گهر ويو ۽ در وڃي کڙڪايائين ته ٻانهيءَ اندران اچي پڇيو ته ”ڪير آهي؟“ هن چيو ته ”رشيد آهي، اديب کي ڏسڻ ٿو گهري؟“ هن چيو ته ”رئيس گهر ۾ ڪونهي“ رشيد في البديهه هي بيت چيو:

 

ٻاهر وڃي ههڙي ڏينهن ۾ جو،

ان جهڙو نه ڀڙوو آهي ٻيو ڪو.

اديب مٿان ماڙيءَ جي دريءَ وٽ بيٺو هو، تنهن هن جو اهو بيت ٻڌي ورتو، منهن ٻاهر ڪڍي جواب ۾ بديهه هي بيت پڙهيائين:

آءٌ پنهنجي ته گهر ۾ ويٺو آهيان،

ظاهر آهي ته ڪير هوندو ڀڙوو؟

قاضي امامي هروي، مشهور عالم ٿي گذريو آهي ۽ شيخ سعديءَ جي همعصرن مان آهي، مجد همگر، هن جو شعر سعديءَ جي شعر کان بهتر ڄاڻندو هو،جيئن ته هن هن رباعي ۾ چيو آهي:

منجهه شعر اسين اگرچ طوطا آهيون،

سعديءَ جي مئي، سخن اڳيان آهيون مکيون.

هرڪو چوي شاعريءَ سندي فن ۾ ڪين،

آءٌ ۽ سعدي ڪڏهن اماميءَ سان پڄون.

هڪڙي ڏينهن، فخر الملڪ، جو عالم ۽ فاضل شخص هو، تنهن هڪڙو قطعو لکي، ڪنهن قاصد هٿ اماميءَ ڏي ڏياري موڪليو ۽ تاڪيد ڪيائينس ته ”جيسين انهيءَ مسئلي جي فتوانه لکين، تيسين ويهين متان.“ اهو قطعو هيءَ آهي.

جو فاضل آهي، زماني ۾ پيشوا منجهه دين

پناهه شرع جي، هن لاءِ ڇا ٿو فرمائي؟

کڻي ويو هڪڙو ٻلو قمري ۽ ڪبوتر کي،

گهرنا ڪنهن جي، وڃي رات جو پٽي کائي.

ته جيڪو مالڪ ٿيو ۽ قمري ۽ ڪبوتر جو.

سو ماري يا نه، ٻلي کي قصاص وٺرائي؟

جڏهن قاصد اهو قطعو، اماميءَ کي ڏنو، تڏهن هن هڪدم قلم کڻي بديهه هي جواب جو قطعو ، انهيءَ جي پٺ تي لکي موڪليو؛

قصاص ڪو به ٻلي تي نه شرع فرمائي،

ٻلو ڏسي ٿو پکي جت، انهيءَ کي ات کائي.

رکي جو قمري ڪبوتر، انهيءَ کي گهرجي نيت،

ته پڃرو ڏاڍو رکي، مٿڀرو سو لرڪائي.

سلمان ساوجي ۽ سراج قمري قزويني ٻئي شاعر هئا، هڪڙي ڀيري، ڪن حاڪمن، فاضلن ۽ عالمن جي مجلس ۾ پاڻ ۾ مناظرو ۽ مشاعرو ڪيائون، مير مجلس حڪم ڏنو ته ” هي مصرع جا مشهور آهي، تنهن تي ڪار باعي چئو! اي واءِ صباجا تنهنجا هي سڀ پاليل.،“

پهرين مسلمان في البديهه هيءَ رباعي چئي؛

”اي واءِ صباجا، تنهنجا هي سڀ پاليل،

وڻ ٻوٽا ۽ ڪک ۽ پن ۽ ساوڪ ڇانيل،

مکريون ٻوٽيل ۽ گلن کليل رنگ برنگ،

خوشبو چوڌاري ڄڻ کٿوري هاريل.“

انهيءَ کان پوءِ سراج قمريءَ في البديهه هي رباعي چئي؛

”موسم ٿي بهار جي ٿيا ويرانا وسيل،

وڻ سبز ٿيا سڀئي اڳي هئا جي سڪل،

گل سست ۽ لالا سست ۽ نرگس سست،

”اي وآءٌ صباجا، تنهنجا هي سڀ پاليل.“

ناصر بخاري، هڪڙو درويش شاعر هو ۽ هميشه سير ۽ سياحت ڪندو وتندو هو، هڪڙي ڀيري، حج جي سفر تي ٿي ويو، بغداد ۾ دجلي جي ڪنارن تي سلمان ساوجيءَ کي ٻين ڪن شاعرن ۽ فاضلن سان ويٺل ڏٺائين، اڳيان وڃي سلام ڪيائين، بهار جي موسم هئي، ۽ دجلي جو پاڻي اهڙو زور هو، جو ڪنارن تان اٿلي پيو ۽ ٻوڏ ڪري وڌائين، سلمان پچيو ته ”ڪير آهين؟“ هن چيو ته ”آءٌ فقير آهيان، شعر به چوندو آهيان،“ پڇيائينس ته ”ڪي بديهه چئي سگهندو آهين؟“ هن چيو ته ”شايد چئي سگهان،“ سلمان هيءَ مصرع اتي چئي: ”هن ورهيه رفتار دجلي جي عجب مستاني آهه!“ ناصر سواءِ خيال ڪرڻ جي هڪدم چيو ته؛

”چپ تي گف ۽ پير ۾ زنجير ڄڻ ديواني آهه!“ سلمان ۽ ٻيا سڀ جيڪي حاضر هئا، سي حيران ٿيا، سلمان پڇيس ته ”ڪٿان ٿو اچين؟“ هن چيو ته ”هائو،“ تڏهن سلمان اٿي ڀاڪر پائي، گڏيس ، وپوءِ جيسين ناصر بغداد ۾ هو، تيسين سلمان وٽس هوندو هو.

217-خواجه علي به شهاب برشنري، چڱو شاعر هوندو هو، انهيءَ ۽ آزريءَ جي وچ ۾ مناظرو ۽ مشاعرو هلندو هو، هڪڙي ڏينهن گهڻن فاضلن ۽ شاعرن اڳيان شيخ حمزي آذريءَ هن ڏي مخاطب ٿي في البديهه هيءَ رباعي چئي:

 

”ارباب هنر جو منڍ تون خواجه علي،

۽ لطف طبيعت جو مليو تو آزلي،

جي مون استاد هو اصل حمزو شاگرد علي؟“

هي ٻڌي، خواجه علي، هڪدم جواب ۾ هيءَ رباعي چئي:

”اي حمزا نبيءَ سان گڏ ڪو معرا علي،

۽ پير رکيس ڪلهي تي تنهن حق جي وکي،

استاد عليءَ جو جنگ ۾ حمزو آهه،

سئو حمزا سندس ٻانها، رکن علم ڀلي.“

مولانا حسن شاهه، بديهه شعر چوڻ ۾ ڏاڍو هوشيار هو، هڪڙي ڏينهن، هرات جي واڙين مان لنگهيو شهري ڏي ٿي آيو، دروازي تي پل وٽ هن کي مرزا منوچهر گڏيو، جو خوبصورت ۽ خوشطبع جوان هو ۽ امير تيمور جي اولاد مان هو، مرزا، مولانا حسن شاهه کي ڏسي، هڪدم اکيون کڻي پوريون ۽ انهن تي هٿ ڏنائين ۽ چيائين ته ”جيسين ڪو شعر في البديهه نه چوندين،تيسين اکيون نه کوليندس.“ مولانا هڪدم هي بيت چيو؛

”اکيون، شاهه ان لاءِ گدا کان ڍڪيون،

جو خلعت ڍڪڻ ۾ اکيون هن رکيون.“

مرزا کلي اکيون پٽيون ۽ قيمتي ڪپرن جي خلعت ڍڪايائينس.

 

فصل نائون

 

مرڻ وقت شاعرن جي بديهه گوئي

 

جڏهن اوڪتا قاآن، اصفعان ۾ قتلعام ڪيو ۽ خواجه ڪمال الدين، اسماعيل، مشهور شاعر انهيءَ ۾ شهيد ٿيو، جنهن کي ”خلاق المعاني“ جو لقب مليل هو، جڏهن هڪڙيءَ سپاهيءَ خنجر هنيس ۽ ڪاري زخم، ٿيس، تڏهن پنهنجي رت سان آڱر ڀري، ڀت تي هيءَ رباعي لکيائين.

دل خون ٿي منهنجي جانگذاري هيءَ آهه،

تو لاءِ مران، تنهنجي چاره سازي هيءَ آهه،

ان هوندي ڪريان صبر، ڪڇان ڪين ٿو آءٌ،

شايد تنهنجي نت بنده نوازي هيءَ آهه!

ڪن جو چوڻ هيءَ آهي ته اها رباعي، شيخ فريد الدين عطار، نيشاپوريءَ قتلعام وقت پنهنجي شهيد ٿيڻ مهل چئي هئي.

پهلوان محمود، مشهور عالمن ۽ شاعرن مان هو، جڏهن سندس وفات جو وقت آيو، تڏهن سندس دوست اچي وٽس گڏ ٿيا، پڇيائونس ته ”هينئر تنهنجي دل ڇا ٿي گهري، ته اها موجود ڪري ڏيون؟“ هن انهيءَ وقت في البديهه هي قطعو چيو:

 

”پڇو ٿا مرڻ وقت گهجيم ڇا؟

سوا وصل دلبر جي گهرجيم ڪين.

خدا کان جدائي نه گهرجي منکي.

ٻيو جيڪي هوندو سو مر هوئي يقين.

مولانا لطف الله نيشاپوري، مشهور شاعرن مان هو، مگر جڏهن طالع ضعيف اچي ٿيس، تڏهن سندس نسبت ۾ عجيب ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيل آهن. هڪڙي انهن مان هيءَ آهي ته هڪڙي ڏينهن، پنهنجن دوستن ۽ شاگردن سان گڏ ڪنهن پاڻي جي ڪناري تي ويٺو هو، پنهنجا ڪپڙا ڌوئي جڏهن واندو ٿيو، تڏهن اهي اس تي سڪڻ لاءِ کڻي وڌائين، سندس پڳ تمام چڱي وڏي هئي، پهروين ڀيرو اها ڌوتي هئائين، اوچتو مٽيءَ جو طوفان آيو، انهيءَ ڪري ٻيو ڪو به ڪپڙو ڪين چريو، رڳو مولانا جي پڳ هيڏي هوڏي ٿي ۽ اڏامي گم ٿي ويئي، گهڻو ئي ڳوليائينس پر هٿ نه آئي، انهي وقت مولانا هيءَ رباعي، زماني ۽ نصيب جي شڪايت ۾ چئي؛

”فرياد، زمانو ۽ فلڪ ٿيو بسي سر،

جو مون کي بنا سب ستائي هر هر،

بت تي نه پراڻو نه نئون مون کي ڇڏي،

شڪ ڪهڙو ڪري متنا انهيءَ کان به بهتر!“

نيٺ عمر جي پچاڙيءَ ۾ نيشاپور جي ويجهو اسفرائن جي ڳوٺ ۾ اچي گوشه نشين ٿيو، جتي سندس دوست وٽس پيا ويندا هئا، اتي هڪڙي ڀيري در به بند ڪري ڇڏيائين، ماڻهن گهڻو ئي در کڙڪايو، پر نه اپٽيائين، تڏهن سندس دوست ڀت ٽپي سندس باغ ۾ اچي ۽ گهر جو در بند ڏسي، سڏ ڪرڻ لڳا، ته به در نه کليو، تڏهن هڪڙو ڇت تي چڙهي ۽ ڏاڪڻ تان لهي گهر ۾ ويو، ڏسي ته مولانا مصلي تي سجدو ڪيو پيو آهي!هن دور اپٽيو، سندس دوست آيا، ڏسن ته سجدي ۾ دم ڏنو اٿس، هنن ڏاڍو رنو ۽ هڪڙي وڃي، ڳوٺ جي ماڻهن کي ٻڌايو، اُهي آيا، سندس جنازي تي نماز پڙهڻ لاءِ تيار ٿيا،م وهنجارڻ مهل سندس هٿ ۾ ڪاغذ جو ٽڪر ڏٺائون، جنهن تي هيءَ رباعي لکي پئي هئي.

رات آيو لنگهي يار منجهان صدق صفا،

هس جام هٿن ۾ جنهن ۾ مئي روح افزا،

چيائين مون کي پي، چيو مون سندس مئي ڪين،

چئين خاطر منهنجي ڇو نٿو پين تون ڀلا!

انهيءَ رباعي تي ماڻهن ڏاڍو رنو ۽ دانهون ڪيائون، آخر غسل ڏئي، نماز پڙهي انهيءَ باغ ۾ دفن ڪري ڇڏيائونس، اهو سنه 916هه هو.

 

فصل ڏهون

 

شاعرن جا عجيب غريب صنعتن وارا شعر

شعرن جون گهڻيون لفظي ۽ معنوي صنعتون آهن، جي شاعرن ڪن آنديون آهن، انهن مان ڪي ٿوريون هت ڏجن ٿيون، پهرين صنعت، تقسيم، جي آهي، جنهن ۾ شاعر پهرين ٻه، چار شيون گڏ چئي وڃي ۽ پوءِ هر هڪ جي نسبت ۾ ڌار ڪي چوي، هي صنعت ۾ عبدالواسع حبلي، مشهور قديم شاعر جو سڄو سارو قصيدو آهي، جو پنهنجي بادشاهه، سلطان سنجر جي تعريف ۾ چيو اٿس، انهيءَ جا پهريان بيت نموني لاءِ سنڌيءَ ۾ هتي ڏجن ٿا:

پکيڙيو عدل ملڪن ۾ اسان جي بادشاهه پياري،

تتر، ڇيلو، هرڻ ڪوئو ٿو دشمن کان نه ڊپ ڌاري،

سنگت ۾ باز جي پهروين، بگهڙ جو يار آهي ٻيو،

چري چيتي سان گڏ ٽيو، ٻليءَ سان چوٿون گڏ گهاري،

بهادر بادشاهه سنجر رکي نت خوش رعيت کي.

دماغ ۽ دل کي پشيماني ۽ منهن جنهن جو ٿو ڏيکاري.

صلح ۽ سانت سک پهريون، سياڻپ ۽ ڀلائي بيو،

چڱو طالع ۽ دولت ٽيون ۽ چوٿون خلق سو واري.

ٿيو هٿ ان جو منجهه بخشش، هٿيار ان جو به منجهه ڪوشش.

قلم ان جو مئا جياري، علم ان جو جگر ڏاري.

رسائي فيض ٿو پهريون، ڪنبائي دشمنن کي پيو،

هلائي ڪم جڳ ۾ ٽيو ۽ چوٿون فتح کي ساري.

223-ٻي صنعت تبين جي آهي جا پڻ تقسيم جي قسم جي آهي، جنهن ۾ پهرين شاعر ڪن شين جا نالا گڏ وٺي وڃي ٿو، پوءِ هر هڪ جو بيان ڌار ڏئي ٿو، انهيءَ جو مثال هيءَ آهي:

حال مال ۽ سال فال ۽ اصل نسل ۽ تخت بخت،

نت هجن اي شاهه تو سان هي اٺ ئي شل ساز ڪار،

حال عمدو، مال بيحد، سال سئوکو، فال نيڪ،

اصل قائم، نسل باقي، تخت، عالي، بخت يار.

224- ٽي صنعت، تيسير، آهي، جنهن ۾ شاعر ڪي جدا جدا صنعتون، هڪڙي واضع تي آڻي ٿو، جيئن هڪڙي شاعر گهوڙي جي تعريف ۾ هي بيت آهي، جنهن ۾ اٺ صنتون گڏ ڏنيون اٿس.

ملڪ جان سهڻو، فلڪ جان عالي، جبل جان، ڏاڍو، ۽ وڄ جان تڪڙو،

ڀڄائي واڳون ورائي گينڊو ڪيرائي هاٿي ۽ چيري چيتو.

225- چوٿين صنعت، اعراق، آهي، جنهن ۾ شاعر ڪري ٿو، جيئن حصاري، شاعر سلطان محمود غزنويءِ جي تعريف ۾ هڪڙو قصيدو چيو آهي، جنهن ۾ هيءَ ٻه بيت آهن.

ڀلائي آهي، خدا ڪئي جو ڪين ڪيئن پيدا،

ٻئي جهان هتي، راز ان ۾ حڪمت جو،

هجن ها جي ٻئي، ڏيئي ڇڏي ها بخش شاهه.

ڪڏهن خدا جو نه محتاج ٿئي ها ماڻهو ڪو.

226- پنجين صنعت، ابهام، آهي، جنهن ۾ شاعر هڪڙو لفظ آڻي، جنهن جون ٻه معنائون هجن، يا زياده خسرود هلويءَ هڪڙو بيت چيو آهي. جنهن ۾ پارسي لفظ بار، گهڻن معنائن سان آندو اٿس، انهيءَ نموني ۾ هيٺيون سنڌي بيت ڏجي ٿو، جنهن ۾ لفظ وار، جون گهڻوين معانائون آهن:

زلف جي اونداهه کان نڪري ڏينهن منهن ان جي جو وٺ، واسطا وٺ اي گنجا عاشق خدا جا اسم وار، هتي وار لفظ جي معنيٰ وارڻ مان، امر به وار آهي، يعني وجهه يا سڀاڳا سمجهه، وار جي معنيٰ مٿي جا وار به آهي، وار جي معنيٰ موافق يا ترتيب آهي ۽ وار جي معنيٰ هٿيار جو ڌڪ به آهي ۽ وار جي معنيٰ ڏينهن به آهي.

227- ڇهين صنعت، مغالط، آهي، جا تشبيهه جي قسمن مان آهي ۽ جنهن ۾ شاعر پهرين ڪن شين کي ڪن شين سان مشابهه ڪري ٿو ۽ پوءِ ڦري انهيءَ تشبيهه جي غلطي قبول ڪري ٿو ۽ انهيءَ جي برعڪس سبب ظاهر ڪري ٿو، شعر آهي:

 وات گل جهڙو تنهنجو اي يار،

۽ مکرين جان، آهن ٻئي تنهنجا ڳل،

آهي وات گل پر ٽڙيو ڪين اڃا،

آهن مکريون ڳل پر سي آهن ٽڙيل!

 228- ستين صنعت لزوم مالا يلزم، آهي، جنهن ۾ شاعر ڪي غير ضروري لفظ يا شيون ضروري سمجهي زور ڪري آڻي ٿو، انهيءَ جو چڱو مثال پارسيءَ ۾ عبدالقادر نائنيءَ جو آهي، جو شيخ سعديءَ جو همعصر هو ۽ سارو غزل چيو اٿس، جنهن ۾ چشم، لفظ زور ڪري هر مصرع ۾ آندو اٿس، هڪڙي نه ٻي معنيٰ سان سنڌيءَ ۾ ان جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

هن دفعي ٻي طرح سان اک لڳي.

نه لڳي اک جڏهن کان اک لڳي.

ٻيو مثال:

جاءِ جي گل سان نه جائي ڪنهن به گل جي جاءِ آهه؟

جاءِ ۾ جي جاءِ هوئي، سرهاڻ سڀ ڪنهن لاءِ آهه.

229- اٺين صنعت سياق لاعداد آهي، جنهن ۾ شاعر ڪي عدد زور پنهنجي شعر ۾ هڪڙي  نه ٻي بهاني آڻي ٿو:

چئني پاسن کان هيئن ستن تارن هو،

فلڪن نون ۽ اٺن بهشتن مان لکيو،

چار عنصر، پنج حواس ٽي روح گڏي.

هن رباعي ۾ هڪڙي کان وٺي نو عدد اچي ويا آهن،

 230- نائين صنعت، منفصل آهي، جنهن جي لفظن ۾ اهڙا اکر آهن، جن ۾ چپ چپ سان نٿو لڳي، جيئن هي بيت آهي:

تو کي آزار رسي جڳ کان ته ناهي ڪو عار،

ڪرتون ڪوشش ته رسي تو کان نه جڳ کي آزار،

ارني ۽ لسن تراني ٿيو ناز ۽ نياز،

عاشق سچي جي لاءِ ٿيا هي الاهي راز.

231- ڏهين صنعت، متصل، آهي، جنهن جي لفظن ۾ اهڙا اکر آهن، جن ۾ اڪثر چپ چپ سان لڳي ٿو، جيئن هيءَ رباعي آهي.

ممبئيءَ ۾ ٻڌم ٻه ڀاءَ ٻنڀو ۽ ڦٻيو،

ٻب ٻنهي جا هئا، چٻا مٿي منجهه ٻڦو،

ٻوڙاس ٻئي، ڦڙت ٻئي ، ٻه ٻيرا ٻلا،

ٻڀ پڻ بم وانگي،وات ٻنهي جو پٻو.

232- يارهين صنعت، موقوف آهي، جنهن ۾ مصرع جي پچاڙيءَ ۾ شاعر اهڙو ڪو لفظ آڻي، جو انهيءَ کان پوءِ لفظ ئي موقف هجي ۽ انهيءَ کان سواءِ جملو پورو نه ٿئي، جيئن هيٺين رباعي ۾ آهي.

منهن ۾ نه مشابهه آهي، ڪو تو سان سوا

سچ جي، جو اٿي صبح جو هر روز ٿو تا

خدمت ڪري تنهنجي، پيرين پئي تو کي، پر

تون گوشو ڪرين، رکين نه ان جي پروا.

233- ٻارهين صنعت مجرد آهي، جنهن ۾ شاعر اهي لفظ آڻي ٿو، جن جا حرف ڇڙها ۽ نقطن کان سواءِ هجن، مثال لاءِ هيءَ رباعي آهي، جا عمادالملڪ جي تعريف ۾ چيل آهي؛

عالم ۾ عماد عاليم ۽ عامل آهه،

۽ حلم ۾ هر طرح اهو حامل آهه،

حاڪم اهو اصل راحم ۽ عادل آهه،

هر علم ۾ گوهر ۽ سدا ڪامل آهه،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org