سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: لطائف الطوائف

 

صفحو : 8

باب اٺون

 

حڪيمن ۽ طبيبن ۽ نجومين جي خوشطبعي

 

فصل پهريون

 

قديم حڪيمن جي خشوطبعي

 

217- ڪتاب ”نوادر تعلبي“ ۾ آهي، ته؛ ٽن قسمن جا ماڻهو آهن، جن کي بد طبيعتيءَ جي ڪري، معاف ڪرڻ گهرجي، يعني انهن کي عذر آهي: هڪڙو روزيدار، ٻيو مريض ۽ ٽيون مسافر ۽ ٽن قسمن جا ماڻهو آهن، جن کي هلڪائي ۽ نيچائي ڏيکارڻ نه گهرجي: هڪڙو بادشاهه، ٻيو عالم ۽ ٽيون مصاحب. ڇا لاءِ جو بادشاهه جي هلڪائيءَ ڪري دنجيا خراب ٿيندي، عالم جي هلڪائي ڪري دين خراب ٿيندو ۽ مصاحب جي هلڪائيءَ ڪري دوستي ۽ مروت خراب ٿيندي. ٽي شيون آهن، جن جي نسبت ۾ بزرگن جي خدمت يا نيچ ڪم ڪرڻ ۾ حرڪت ڪانهي: هڪڙو پيءُ ٻيو مهمان ۽ ٽيون، گهوڙو ٽي شيون آهن، جن جي ڇڏي ڏيڻ کان ۽ ٽيون گهوڙو ٽي شيون آهن، جن جي ڇڏي ڏيڻ کان سواءِ آرام نه ايندو: هڪڙو ڪنين کاڌل ڏند يا ڏاٺ، ٻيو چور ۽ ٽين بد طبيعت زال.

218- لقمان حڪيم، ڪاري رنگ جو هو، ڪنهن هن کي ٻانهو ڪري خريد ڪيو ۽ ڳچ وقت تائين هن سندس خدمت چاڪري ڪئي ۽ انهيءَ مان هن کي سندس ڏاهپ، سياڻپ، صبر ۽ تحمل جون صفتون معلوم ٿوين، هڪڙي ڏينهن سندس ڌڻيءَ امتحان وٺڻ جي ارادي سان هن کي حڪم ڏنو ته ”هڪڙو گهيٽو وڃي ڪه ۽ پوءِ انهيءَ جا سڀني کان چڱا عضوا منهنجي لاءِ کڻي آءٌ!“ لقمان گهيٽو وڃي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جي دل ۽ زبان ڪڍي کڻي آيو، ٻئي ڏينهن سندس ڌڻي وري حڪم ڏنس ته ”گهيٽو ڪهي، انهيءَ جا سمورا خراب عضوا جيڪي هجن، سي کڻي آءٌ!“ لقمان گهيٽو ڪهي، وري به انهيءَ جي دل ۽ زبان کڻي آيو، هن جي ڌڻيءَ چيو ته ”ڇو، هي ساڳيا عضوا کڻي آيو آهين؟“ هن چيو ته ”هائو، جڏهن دل ۽ زبان پاڪ آهن ، تڏهن انهن جهڙو ٻيو ڪو به عضوو چڱو ڪونهي ۽ جي اهي ناپاڪ آهن، يعني حق کان سواءِ غير سان واسطو اٿن، تڏهن سڀ کان خراب آهن.“

219- حڪيم ارسطا طاليس واٽ وٺيو ٿي ويو، هڪڙو خوبصورت جوان مليس، کانئس ڪو سوال پڇيائين، انهيءَ جو جواب هن ڄٽڪو ۽ بيعقليءَ جهڙو ڏنو ۽ بد طبيعتيءَ سان ڏنو، حڪيم چيس ته ”گهر ڏاڍو چڱو ۽ سهڻو آهي، مگر انهيءَ ۾ رهڻ وارو خراب آهي، اهو چڱو هجي ها ته بهتر هو.“

220- حڪيم جالينوس رستو ڏيو پئي ويو، هڪڙو خوبصورت ڇوڪر سندس اڳيان آيو، حڪيم هن کان ڪا ڳالهه پڇي، هن جواب کهرو ڏنس ۽ منهن بڇڙو ڪيائين، حڪيم چيو ته ”ٿانءُ سون جو آهي، مگر انهيءَ ۾ سرڪو رکيل آهي، جي انهيءَ ۾ حلوو هجي ها ته بهتر هو.“

221- بقراط حڪيم هڪڙي ڀري وعظ ۽ نصيحت جي تقرير پئي ڪئي، هڪڙو جاهل انهيءَ سان بيهودو بحث ڪرڻ ۽ اعتراض اٿارڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”اها تنهنجي ڳالهه ماڻهو قبول نٿا ڪن ۽ صحيح نٿا ڄاڻن.“ حڪيم چيو ته ”ڳالهه خود سچي ۽ صحيح هجي، پوءِ ماڻهن اها نه قبولي ته حرڪت ڪانهي، ماڻهن کي زور ڪري قبول ڪرائڻ منهنجو ڪم ناهي، جاهل ۽احق حق ڏسي به نه قبوليندا آهن.“

222- موئبد مشهور حڪيم ۽ مدائن جو وڏو قاضي هو ۽ بادشاهه قباد ۽ نوشيروان جي زمانن ۾ رهندو هو، هڪڙي ڀيري، بهار جي موسم ۾ جڏهن ماڻهن پنهنجا ڍڳا گاهه چرڻ لاءِ جهنگ ۾ ڇوڙي ڇڏيا هئا، تڏهن صبح جي وقت قباد سان گڏيو پئي ويو ۽ قباد کانئس حڪمت ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون پڇندو ٿي ويو، موئبد جو گهوڙو، جنهن رات جو گاهه داڻو گهڻو کاڌو هو، تنهن تيڪون هڻي، پنهنجون پونيون ٽنگون ڀري ڇڏيون هيون، جنهن ڪري هو ڏاڍو شرمندو ٿيو، هن جي شرمندگيءَ ٽارن لاءِ قباد هڪڙي ڳالهه وچ ۾ آڻي وڌي ۽ چيائين ته ”صحبت جي ادبن ۽ قرضن بابت ڪي چئو.“ هن چيو ته: ”بادشاهن سان صحبت جي ادبن مان هڪڙو هي آهي ته: جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻئي ڏينهن صبح جو بادشاهه سان گڏ سوار ٿي وڃڻو هجي ته رات جو گهوڙي کي ايترو گاهه داڻو نه کارائي، جو کيس شرمندو ڪري.“ قباد، موئبد جي انهيءَ ڳالهه ڪري ڏاڍي تعريف ڪئي.

 

 

فصل ٻيو

 

اڳين حڪيمن جي خوشطبعي

223- ڪتاب ”نوادر ثعلبيءَ ۾ آهي ته: چار شيون آهن، جي ٻين چئن شين جون محتاج آهن، محبت، ادب جي، خوشي، امن جي، مائٽي، دوستيءَ جي ۽ عقل، تجربي جو، چار شيون آهن. جن جو ٿورو هئڻ، ٿورو نه آهي، مرض، دشمن، باهه ۽ قرض، چار شيون آهن، جي سڀني خراب شين کان خراب آهن، حاڪمن ۾ ڪاوڙ، عالمن ۾ ڪوڙ، دولتمندن ۾ بخيلي ۽ زالن ۾ گارگند.

224- هڪڙي حاڪم کان پڇيائون ته ”اها ڪهڙي سچي ڳالهه آهي، جنهن جو نه چوڻ بهتر آهي؟“ هن چيو ته ”پنهنجن چڱن لڇڻ جي عريف.“

225- هڪڙي حڪيم جو چوڻ آهي ته: ٽن وقتن کانسواءِ ٻين وقتن تي ننڍن کي وڏن کان اڳي هلڻ مناسب نه آهي، هڪڙو رات جو ٻاهر گهمڻ لاءِ وڃجي ته ننڍن کي اڳي هلڻ گهرجي، ته جيئن وڏن جي بهتر حفاظت ڪجي، ٻيو پاڻي رستي تي اچي ته پهرين ننڍن کي لنگهڻ گهرجي، ته جيئن وڏن کي نقصان نه پهچي، ٽيون جڏهن لڙائي ڪرڻ لاءِ وڃڻو ٿئي، تڏهن ننڍن کي پهرين اڳي ٿيڻ گهرجي.

226- هڪڙو حڪيم هو، جو وڏي نسب وارو هو، هڪڙي وڏي نسب واري بيعقل جوان، هن کي ٽوڪي چيو ته، ”تنهنجو اصل نسل تنهنجي لاءِ شرم جو باعث آهي.“ حڪيم جواب ڏنو ته ”جهڙي طرح تون پنهنجي نادانيءَ جي ڪري پنهنجي حسب نسب لاءِ شرم جو باعث آهين!“

227- هڪڙي جاهل بوالفضول، ڪنهن حڪيم کي چيو ته ”ڇو تنهنجي وات مان ههڙي بدبوءِ ٿي اچي،“ حڪيم ورندي ڏنيس ته ”تو جهڙن بيعقلن جو گهڻو خيال دل ۾ رکيم اٿم ۽ سيني ۾ پچايو اٿم، تنهنڪري ساهه کڻڻ ۾ خراب بانس نڪري ٿي.“

228- هڪڙي دولتمند ماڻهوءَ، ڪنهن حڪيم کي چيو ته ”سون جا سو دينار مون وٽ آهن، منهنجي مرضي آهي ته تو کي ڏيان، تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟“ هن چيو ته ”جي ڏيندين ته تنهنجي لاءِ چڱوآهي۽ جي نه ڏيندين ته منهنجي لاءِ چڱو.“

 

فصل ٽيون

 

نڪاح، طعام، شراب ۽ راڳ بابت، اڳين حڪيمن جي خوشطبعي

 

229- هڪڙي حڪيم کان پڇيائون ته ”نڪاح جي نسبت ۾ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟“ هن چيو ته ”فيھ فرح شهر وهم دهر و ڪسر ظهر“يعني نڪاح ڪرڻ ۾ خوشي هڪڙي مهيني جي آهي ۽ ڏک هميشه جو ۽ ڀڄڻ پٺ جو.

230- هڪڙي حڪيم پرڻجڻ کانپوءِ چيو ته ”جيسين اسين ڇڙها هئاسين، تيسين پرڻيل گنگا هئا ۽ اسان کي نصيحت يا منع ڪيائون، هاڻي جڏهن اسين پان پرڻيا آهيون، تڏهن جيڪي ڇڙها آهن، سي ٻوڙا ٿي پيا آهن ۽ اسان جي نصيحت نٿا ٻڌن.“

231- هڪڙي حڪيم چيو ته ”پرڻو هڪڙو اونهو کوهه آهي، جنهن ۾ جيڪو ڪرندو، سو وري ڪڏهن به نه نڪرندو.“ انهيءَ کان پڇيائون ته ”ڪنهن طرح انهيءَ کان ڇٽي به سگهندو؟“ هن چيو ته ”جانڊهه جو پهڻ، هن جي مٿان رکبو ته ڪو ڇٽي سگهندو ۽ جيڪو ٻار ڄمندس، اهو هڪڙو جانڊهه جو پهڻ آهي، جو هن جي مٿان رکڻ ۾ ٿو اچي.“

232- هڪڙي حڪيم طعام جي نسبت ۾ چيو آهي ته ”جڏهن ڪنهن کي مهماني تازي هئڻ گهرجي ۽ پاڻي ٿڌو ۽ لوڻ اڇو ۽ ڀاڄيءَ جا پن ساوا ۽ سرڪو ڳاڙهو، انهيءَ کي ڪامل يا پوري مهماني چئبي.“

233- هڪڙي يهوديءَ، هڪڙي مسلمان حڪيم کان پڇيو ته ”اوهان جي قرآن ۾ لکيل اهي ته ”لارطب ولايابس، الافي ڪتبا مبين“ يعني آلي يا سڪي شيءِ، اهڙي ڪابه ڪانهي، جا قرآن ۾ ناهي، مطلب ته سڀ ڪجهه انهيءَ ۾ لکيل ۽ ذڪر ڪيل آهي، هاڻ ٻڌاءِ ته علم طب جو ڪلام الله ۾ ڪٿي ذڪر آهي؟“ هن چيو ته: چيل آهي ته ”ڪلواوشربوا ولاتسرفوا“ يعني کائو ۽ پيئو، پر اسراف نه ڪريو، يعني حد کان وڌيڪ نه کائو، گهڻو کائڻ سڀني مرضن جو منڍ آهي.

234- هڪڙي حڪيم کان پڇيائون ته ”ڪهڙو طعام زياده چڱو ۽ لذيذ آهي؟“ هن چيو ته ”بک“ يعني جڏهن بک گهڻي لڳندي، تڏهن جهيڪو طعام کائبو، سو وڻندو ۽ لذت ڏيندو، ٻيو پڇيائونس ته ”ماني کائڻ جو ڪهڙو وقت چڱو آهي؟“ هن چيو ته ”دولتمند کي ڏينهن جو ۽ غريب ۽ فقير کي جڏهن هٿ اچي.“

235- ”نوادر ثعلبيءَ“ ۾ آهي، ته: هڪڙو حڪيم شراب نه پيئندو هو، انهيءَ کان پڇيائون ته ”ڪهڙي سبب کان شراب نٿو پين؟“ هن چيو ته ”جا شيءِ منهنجو عقل ٿي پوي، تنهن کي ڪين پيئندس .“ ٻئي هڪڙي عرب حڪيم انهيءِ جو سبب هيءُ ڏنو ته ”صبح جو پنهنجي قوم جو سردار هجان ۽ شام جو بيعقل هجان.“

236- هڪڙي بادشاهه، ڪنهن حڪيم کي زور سان شراب پياريو، نشي ۾ هو اجايون سجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، جڏهن هو هوش ۾ آيو. تڏهن نشي ۾ جيڪي نامناسب ڳالهيون ڪيون هئائين، تنهن جي لاءِ هن کي سيکت ڏيڻ جو حڪم ڪيائين، هن چيو ته ”جيڪي مون چيو، سو مون ڪين، چيو، پر انهيءَ چيو، جنهن مون کي زور ڪري شراب پياريو.

 

 

فصل چوٿون

 

طبيبن جا عجيب علاج

237- هڪڙي شخص جي پيشاب جي جاءِ سڄي پئي ۽ ٽوڙي جي جاءِ بند ٿي ويئي، جيڪي کائيندو هو، اهو وري وات مان قي ڪري ڪڍي ڇڏيندو هو، انهيءَ ڪري هو ڏاڍو تنگ اچي ٿيو، گهڻائي طبيب هن جو علاج ڪري ڪڪ ٿي پيا، نيٺ هو وقت جي مشهوي طبيب، محمد بن زڪريا رازي وٽ ويو، هن چيو ته ”ٽي درم پاري جا کائي.“ کائڻ سان هن جو پيشاب جاري ٿيڻ لڳو، ٽوري تي ويو ته اتي جي آماس به گهٽجي ويس ۽ قي به بيهي ويس، هن کان انهيءِ جو سبب پڇيائون، هن چيو ته ”بيمار جي آنڊن ۾ وڪڙ پيو هو، پاري کائڻ ڪري اهو وٽ ۽ وڪڙ لهي ويو ۽ سڀ رستا جاري ٿي پيا، جيئن اصل طبعي طرح هئا.“

238- قبطي مصري، مشهور طبيب هوندو هو ۽ سندس عجيب غريب علاج مشهور آهن، مصر جي بزرگن مان هڪڙو ماڻهو، سڪته جي مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ نبض بيهي ويس، طبيب علاج ڪري ٿڪجي پيا، آخر اهڙي حالت ٿيس، جو ظاهري مئل ڏسڻ ۾ ٿي آيو، زال، ٻار ٻچا ۽ عزيز خويش ڪفن دفن جي تياري ڪرڻ لڳا، قبطيءَ کي اها خبر پئي، اٿي انهيءَ بيمار جي سيرانديءَ آيو، نبض جاچي ڏٺائينس، معلوم ڪيائين ته اڃا بلڪل بند نه ٿي آهي، پر خود هن جي عزيزن چيس ته ”هو مري ويو آهي.“ هو ته اڳيئي نااميد ٿيا ويٺا هئا، انهن اجازت ڏنيس، قبطي، آستينون چاڙهي، هڪڙو چهبڪ کڻي آيو، ٻيا طبيب به هن جي عالج ڪرن جي ڳالهه ٻڌي اچي گڏ ٿيا، جو هنن جي نظر ۾ به هو مئل ڏسڻ ٿي آيو، قبطي چيو ته ”هن کي اگهاڙو ڪريو!“ پوءِ اچي هن جي پٺ ۽ سيني تي چهبڪن جو سٽڪو ڪيائين، سڄو بت ڦٽجي پيس، پوءِ سندس نبض وٺي، ڏسي وري ٻيا پندرنهن چهبڪ به هنيائينس، پوري نبض ڏٺائينس ته البت چرڻ لڳيس، طبيبن به ڏٺو ته نبض چري ٿي، نيٺ هو هوش ۾ آيو ۽ چرن لڳو ۽ چيائين ته ”مون کي بک لڳي آهي.“ آش ۽ شربت پياريائونس، پٺن ۽ سيني جي سور جي دانهن ڪرڻ لڳو، انهيءَ جو علاج ڪيائون، ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو!سڀئي حيران ٿيا، ۽ هن جي تعريف ڪرڻ لڳا، سبب پڇائونس هن چيو ته ”هن جي بدن جي حرارت گم ٿي ويئي هئي، چهبڪن جي ڌڪن لڳڻ ڪري اها وري ڏيدا ٿي.“

239- مصر جي سردارن مان هڪڙي کي استسقا يا جلندر جو مرض ٿيو، طبيبن گهڻائي علاج ڪيا، پر فائدو حاصل نه ٿيو، جيڪي دل پئي چيس، سو پي کاڌائين، هڪڙو ڀڳل مڪڙ وڪڻندڙ، هوڪو ڏيندو، اچي اتان لنگهيو، دل چيس ته مڪڙ وٺي کائي، کاڌائين ته اچي دست ٿيس، ٽي سئو دست آيس، مرض هڪدم ڇڏي ويس.

اها ڳالهه مشهور ٿي ويئي، قبطي مشهور طبيب کي اها خبر پهتي، هن خيال ڪري، بيمار جي بهتريءَ جو هيءَ سبب سمجهايائين، چيائين ته ”جاچ ڪندي مون انهيءِ مڪڙن وڪڻندڙ کان پڇيو ته اهي مڪڙ تو ڪٿان هٿ ڪيا هئا؟ هن انهيءَ هنڌ جو ڏس ڏنو، آءٌ ان هنڌ تي ويس، مازربون، (سنامڪي) بيٺل ڏٺم، ڄاتم ته مڪڙن اهي مازربون کاڌا آهن.“

 

 

 

 

فصل پنجون

 

طبيبن جا چرچي جهڙا علاج

240- هڪڙو شخص، ڪنهن طبيب وٽ ويو ۽ چيائين ته ”منهنجي پيٽ ۾ ڏاڍو سور آهي ۽ بي طاقت ٿيو آهيان، ڪو علاج ڪر!“ طبيب پڇيس ته ”ڇا کاڌو اٿئي؟“ هن چيو ته ”سڙيل ماني گهڻي کاڌي اٿم.“طبيب پنهنجي نوڪر کي چيو ته ”اکين جي دوا واري دٻلي کڻي آءٌ ته هن جي اک ۾ وجهان،“ مريض چيو ته ”سائين، سور منهنجي پيٽ ۾ آهي ۽ اوهين دوا اکين جي ٿا ڪريو!“ طبيب چيو ته ”جي تنهنجون اکيون روشن هجن ها ته سڙيل ماني نه کائين ها؟“

241- هڪڙو ماڻهو، طبيب وٽ ويو ۽ قولنج يا پيٽ جي سور جي گلا ڪيائين ۽ دوا گهريائين، طبيب پڇيس ته ”اڄ ڇا کاڌو هوئي؟“ هن چيو ته ”مڇيءَ جو لوڻيل ماس، سڪل گوشت، سريءَ جو ٻوڙ، کارو پنير، ڪڪڙ جا آنا، ڏاڙهو ۽ صوف،“ طبيب چيس ته ”اڄ رات مري وئين ته سور کان ڇٽي پوندين، انهي کانسواءِ تنهنجو ٻيو علاج ڪونهي.“

242- هڪڙو شخص، ڪنهن طبيب وٽ ويو ۽ چيائينس هت ”منهنجو معدو ضعيف ٿي پيو آهي ۽ اشتهار بلڪل ڪا نه اٿم، منهنجي نبض ڏس ۽ قوت حاصل ٿئي ۽ اشتهار وڌي، “ طبيب نبض ڏسي چيس ته ”اڄ ڇا کاڌو هوئي؟“ هن چيو ته ”ڪيترن ڏينهن کان معدي جي خراب هئڻ ڪري، ڪي ڪين کاڌو اٿم.“ طبيب چيس ته ڪو اتفاق تو سان ٿيو هجي ته ٻڌاءِ!“ بيمار چيو ته ”صبح جو جڏهن گهر کان ٻاهر ٿي نڪتس، تڏهن چاليهه سير گدرن جا کاڌا هئم، تنهن کانپوءِ ٽي سير ميدي جي مانين جا، پنج سير گوشت جي ٻوڙ جا، پندرهن ڏاڙهون ۽ پوءِ منهنجي دل چيو ته مٺائي کان، سو اٺ سير مٺائي جا به کاڌم،“ طبيب ڪاغذ ۽ قلم کڻي هي نسخو لکيو ته ”ڏهه سير شير خشت، ڏهه سير، گدامڙي، چاليهه سير آلو بخارا ۽ پنجاهه سير گلاب!“ پوءِ چيائينس ته ”جي هيتري کاڌي کانپوءِ به، جي معدو ضعيف آهي ۽ اشتهار گهٽ آهي ته هن کان گهٽ انداز دوا جو نه گهرجي!“

243- هڪڙو شخص، ڪنهن طبيب وٽ ويو ۽ چيائينس ته ”ٽن ڏينهن کان بيمار آهيان ۽ ڪي به ڪين کاڌو اٿم.“ طبيب چيو ته ”جيڪي به ٿورو گهڻو کاڌو هجئي، سو ٻڌاءِ .“ هن چيو ته ”ايترو کاڌوئي نه اٿم، جنهن جو ذڪر ڪريان.“ طبيب وري به زور ڪيس ته جيڪي به کاڌو هجئي يا پيٽ ۾ ويو هجئي، سو ٻڌاءِ ته پوءِ علاج ڪرڻ سولو ٿئي؟“ هن چيو ته ”اڳي ته ڪي به ڪين کاڌو هوم، هاڻي جڏهن تو ڏي ٿي آيس ته رستي ۾ نانواڻيءَ جي دڪان تان لنگيس، هن سريون (منڍيون) بچايون هيون، انهن جي بوءِ مون کي وڻي،. مون ڇهه سريون وٺي کاڌيون، تون ٽي سريون شمار ڪر ۽ چار سير مانيون وٺي کاڌم، تون اهي ٻه سير شمار ڪر، پوءِ مٺائي واري دوڪان تان لنگهندي، دل مٺائي کائڻ لاءِ تانگهه ڪئي، اٺ سير حلوي جا وٺي کاڌم، اهي تون چار سير شمار ڪر، پوءِ گدرن واري وٽان سير گدرا وٺي کاڌم، اهي تون پنج سير شمار ڪر!“ طبيب اهي هن جون ڳالهيون ٻڌي حيران ٿي ويو، چوڻ لڳس ته ”تون به حساب ياد رکج، ڇهه ورهيه وڌيڪ رهين، تنهن جا ٽي ورهه شمار ڪر، پوءِ تنهنجون ٻئي اکيون انڌيون ٿين، تون هڪڙي اک شمار ڪر، ۽ پوءِ تنهنجون ٻئي ٽنگون سڪي پون، تون هڪڙي ٽنگ شمار ڪر، پوءِ پيٽ ۾ سور پئي ۽ مرين، تو کي قبر ۾ رکن ۽ سئو خرار مٽي جا تنهن جي مٿان وجهن، تنهن جا تون پنجاهه خرار شمار ڪر!“

244- هڪڙو حاذق طبيب، ڪنهن بادشاهه وٽ آندائون، جنهن کي اکين مان پاڻي وڃڻ جو مرض هو، طبيب بادشاهه کي چيو ته ”پيرن کي ميندي لائين ته بهتر آهي.“ هڪڙو خواجه سرا حاضر هو، جو ناظر هو، انهيءَ چيو ته ”اي طبيب، بادشاهه کي اکين جي بيماري آهي، تون پيرن تي ميندي لائڻ لاءِ ٿو چوين! پيرن جو اکين سان ڪهڙو واسطو؟“ طبيب چيو ته ”اهڙو ساڳيو واسطو آهي، جهڙو آنورن جو کاڏيءَ يا انهيءَ جي وارن سان، يعني ڏاڙهيءَ سان آهي، جنهنڪري آنورن ڪڍڻ ڪري، ڏاڙهي نٿي اچي!“ بادشاهه کي اهو جواب گهڻو پسند آيو ۽ انعام ڏنائينس.

245- هڪڙو شخص، ڪنهن طبيب وٽ ويو، چيائينس ته: ”مون کي ڪو درد آهي، تنهن جو علاج ڪر!“ هن پڇيس ته ”هڪڙو درد اٿئي؟“ بيمار چيو ته ”ڪيترن ڏينهن کان ڏاڙهيءَ جا وار سور پيا ڪن!“ طبيب کي عجب لڳو، پڇيائينس ته اڄ ڇا کاڌو هوئي؟“ هن چيو ته ”ماني ۽ برف!“ طبيب کي زياده عجب لڳو، چيائينس ته ”نه تنهن جو سور ٻين انسانن جهڙو آهي ۽ نه تنهنجو کاڌو، ٻين انسانن جي کاڌي جهڙو آهي!“

246- هڪڙو بڪبڪيو شاعر، ڪنهن طبيب وٽ ويو، چيائينس ته ”منهنجي هانو تي بار آهي ۽ دل پئي سڙي، تنهن ڪري سارو بدن سست ۽ بي آرامي آهي ۽ منهنجي دل منجهيل ٿي رهي، خوش نٿي رهي،“ طبيبن چرچائي هو،. تنهن پڇيس ته ”ڪو تازو شعر جوڙيو اٿئي، جو اڃا ڪنهن کي نه ٻڌايو اٿئي؟“ هن چيو ته ”هائو“ طبيب چيو ته ”اهو مون کي پڙهي ٻڌاءِ!“ هن پڙهي ٻڌايس وري به ٻه ڀيرا ٻيا پڙهايائينس، پوءِ چيائينس ته ”شاباس“ چڱو شعر چيو اٿئي، هاڻ وڃ تون چڱو ڀلو آهين، اهو اڻ ٻڌايل شعر هو، جنهن تنهنجي هانو تي بار ڪيو هو ۽ تنهن دل تي ساڙو ڪيو هئائين.“

247- هڪڙي طبيب کي ڏٺائون ته جڏهن قبرستان ڏي ويندو هو، تڏهن چادر مٿان وجهي ڇڏيندو هو، چيائونس ته ”ائين ڇو ڪندو آهين؟“ هن چيو ته ”هن قبرستان جي مئن کان مون کي شرم ٿو اچي جو سڀ منهنجي هٿان مئا آهن.يعني منهنجي دوا وٺڻ ڪري مئا آهن.“

 

فصل ڇهون

 

نجومين جا عجيب خوشطبعيءَ جهڙا حڪم

 

248- هڪڙي طبيب کي ڦاسيءَ تي چاڙهيائون. انهيءَ مهل ڪنهن هن کان پڇيو ته ”هيءَ حالت تو نجوم جي زور سان پنهنجي طالع ۾ ڪين ڏٺي هئي ڇا.؟“ هن چيو ته ”مون ڏٺو هو ته آءٌ مٿي چڙهندس، مون ڄاتو ته دنيا جو وڏو درجو حاصل ٿيندو، پر هن طرح مٿي چڙهڻ جو مون کي خيال ئي ڪو نه هو!“

249-هڪڙو چانديءِ جو ٿانءُ ڪنهن بادشاهه جي جاءِ مان گم ٿي ويو، هڪڙو نجومي وٺي آيا، انهيءَ چيو ته ” اهو ٿانءُ انهيءَ چور کنيو آهي، جنهن جو نالو به انهيءَ ٿانءَ وارو آهي،“ سڀئي کلڻ لڳا، نيٺ خيال ڪري چيائين ته ”چانديءَ کي عربيءَ ۾ فضه چوندا آهن، فضه نالي ڪا زلا، حر مسرام ۾ آهي؟“ چيائون ته ”هائو آهي،“ نيٺ انهيءَ کي سچي ڪرايائون، ۽ اهو ٿانءُ هن وٽان لڌو، بادشاهه اهو ٿانءُ انهيءَ نجومي کي انعام ڏئي ڇڏيو ۽ زال کي مناسب سزا ڏنائين،

250- ابو معشر بخلي، مشهور نجومي ٿي گذريو آهي، انهيءَ جي وقت ۾ بلخ جي بادشاهه جي هڪڙي قيمتي منڊي چورائجي ويئي، بادشاهه ڏاڍو ملول ٿيو ۽ انهيءَ کي بڇڙو سڳڻ شمار ڪرڻ لڳو، ابومعشر کي سڏايائين ۽ چيائينس ته ”جي هيءَ منڊي نه لڌي، ته شڪ ۾ آءٌ حر مسرا جا گهڻا مارائي ڇڏيندس. جاچ ڪري انهيءَ جي پيدا ڪرڻ جو بندوبست ڪر!“ ابومعشر، حساب ڪري جاچي چيو ته ”اها منڊي خدا تعاليٰ کڻائي ورتي آهي!“ بادشاهه توڙي ٻيا امير امرا سڀ حيران ٿيا ۽ ڪي نادان ته کليا به نيٺ ڳولي ڳولي اها منڊي قرآن يا ڪلام الله ۾ پيل وڃي لڌائون، شايد بادشاهه، قرآن پڙهندي، انهيءَ ۾ وجهي ڇڏي هئي ۽ پوءِ وسري وئي هيس. ابومعشر کي خلعت ۽ ڏهه هزار رپيا انعام ڏنائين.

251- خسرو پرويز، ايران جي بادشاهه جي ڏينهن ۾ هڪڙو ڏاڍو قابل نجومي، بادشاهه وٽ آيو، چيائينس ته ”منهنجي طالع ۾ هڪڙو گرهه پيو آهي، انهيءَ کان آءٌ ڊڄان ٿو ۽ منهنجي دلي ۾ گستاخي ڪرڻ جو خيال آيو آهي.“بادشاهه چيس ته ”جيڪي به دل ۾ هجئي، سو ڀلي چئو، انهيءَ کي گستاخي نه سمجهه، تو کي سو ڀلي چئو، انهيءَ کي گستاخي نه سمجهه، تو کي معافي آهي،“ هن چيو هت ”ڏهه ڏينهن مون کي پنهنجي محلات ۾ رهڻ ڏيو ته اتي سمهان، جو حضور جو اقبال وڏو، حضور جي محلات، پناهه ۽ نيڪبختيءَ جي جاءِ آهي، انهيءَ وچ ۾ اهو گرهه لنگهي ويندو ۽ آءٌ بچي ويندس.“ بادشاهه اجازت ڏنيس، هو ڏهه ڏينهن محلات ۾ رهيو، رات جو هو فراش وٽ سمهندو هو، نو ڏينهن ته خبر سان لنگهي ويا، ڏهين ڏينهن اتفاق اهو ٿيو، جو پرويز جا ڪي دشنمن، سندس سمهڻ جي جاءِ جاچي اچي اتي کاٽ هنيائون ٽنگ ڪري اتان اچي، منهن ڪڍيائون، جتي اهو نجومي ستو پيو هو، هنن ڄاتو ته بادشاهه اهو آهي، سو سسي لاهي هليا ويا، انهيءَ وقت پرويز پنهنجي زنانخاني ۾ هو ۽ اها خبر نه پيس، صبح جو جڏهن پنهنجي جاءِ ۾ آيو ۽ اهو حال ڏٺائين، تڏهن نجوميءَ جي قابليت ۽ هوشياريءَ تي حيران ٿي ويو ۽ انهي جي مرڻ ڪري ڏاڍو افسوس ٿيس، چيائين ته ”هو ڄڻ مون تان صدقي ٿيو،“ تنهن ڪري هن کي بادشاهن واري خاص مقبري ۾ دفن ڪرايائين.

252- محمود غزنوي، هڪڙي ڏينهن پنهنجي چودري ۾ ويٺو هو، حڪيم انوريءَ کي گهرايائين، جو نجوم جي علم مان خوب واقف هو، چيائينس ته ”حساب ڪري، مون کي ٻڌاءِ ته آءٌ هان جڏهن اٿندس، تڏهن هنن چئن درن مان ڪهڙي مان ٻاهر نڪرندس؟ ۽ جي ائين برابر نه ٿيندو ته تو کي قتل ڪرائيندس؟ حڪيم حيران ٿي ويو ۽ جان جو خوف ٿيس، لاچار اصطر لاب کڻي، طالع ڏسي، گهڻو خيال ڪري، جواب ڪاغذ تي لکي، ويڙهي، بادشاهه جي تڪبي هيٺان رکي ڇڏيائين، تڏهن بادشاهه حڪم ڏنو ته ”ٻن درن جي وچ واري ڪنڊ وٽان ڀت ڀڃي در ڪن!“ هڪدم ڀت ڀڳائون ۽ بادشاهه انهيءَ مان نڪري ٻاهر ٿيو، پوءِ وهاڻي جي هيٺان حڪيم جو ڪاغذ ڪڍي، پڙهيائين ته انهيءَ ۾ به ائين لکيل هو! حيرت ۾ پئجي ويو، لک درهم بروقت انعام ڏنائينس.گهوڙو ۽ خلعت تنهن کان سواءِ.

 

فصل ستون

 

خوابن جا عجيب تعبير ڪندڙ

 253- هڪڙي بادشاهه خواب ۾ ڏٺو ته سندس سڀ ڏند ڀـڄي پيا آهن، ڏاڍو فڪر مند ٿيو، هڪڙي تعبير ڪندڙ کي گهرائي، انهيءِ کان تعبير ڪرايائين، هن چيو ته ”بادشاهه جا سڀ ٻار ٻچا ۽ عزيز خويش سندس جيئر مري ويندا.“ انهيءَ تعبير ڪري، بادشاهه کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، هڪم ڪيائين ته ”هن جا سڀ ڏند ڀڃي ڇڏين ۽  زبان وڍي ڇڏينس!“ انهيءَ کان پوءِ وري ٻئي هڪڙي نجومي کي گهرائي، انهيءَ خواب جو تعبير پڇيائين، اهو ڏاڍو سياڻو ۽ خوشطبع هو، اڳئين تعبير ڪندڙ جو حال معلوم ٿيس، ليڪن جڏهن خواب جو تعبير اهو ئي ساڳيو هو، تڏهن لفظ بدلائي، بادشاهه کي چوڻ لڳو ته ”حضور کي مبارڪ هجي، خواب تمام چـڱو ۽ سڀاڳو آهي، حضور جي عمر، حضور جي سڀني عزيزن ۽ قريبن کان وڏي ٿيندي.“ بادشاهه کي هن جو تعبير پسند آيو ۽ هن کي خلعت به ڏنائين ۽ هزار درهم به انعام ڏنائين ۽ چيائين ته ”جيتوڻيڪ تعبير خواب جو ساڳيو ئي آهي، ليڪن پهريون تعبير ڪندڙ بيعقل هو ۽ خراب تقرير ڪرڻ سان پاڻ کي نقصان پهچايائين ۽ پوئين چڱي تقرير سان انعام کٽيو.“

254- جڏهن سڪندر ۽ دارا جي وچ ۾ جنگ پي هلي، تڏهن پهرين داراجو طرف زور هو جو لشڪرگهڻو هوس، سڪندر کي انهيءَ جي گهڻي ڳڻتي ٿي، هڪڙي رات خواب ڏٺائين ته دارا سان ملهه ٿو وڙهان ۽ هن مون کي اوچتو هيٺ پٺن ڀر زمين تي دسي وڌو آهي.“ جڏهن جاڳيو، تڏهن خوف ٿيڻ لڳس، هڪڙي حڪيم تعبير ڄاڻندڙ سان اهو احوال ڪيائين، انهيءَ خوشي ظاهر ڪئي ۽ چيائين ته ”دارا کان پوءِ زمين ڏي ڪئي ۽ روءِ زمين تنهنجي حوالي ڪيائين.“ سڪندر کي اهو تعبير پسند آيو ۽ پڪو ويساهه ٿيس ۽ ڏاڍي همت آيس، هن کي انعام ڏنائين، آّر نه رڳو دارا کي شڪست ڏنائين پر روءَ زمين  بادشاهه به ٿيو.

255- هڪڙي رات، نوشيروان بادشاهه خواب ۾ ڏٺو ته هڪڙي سوئر سان گڏ هڪڙي پيالي ۾ پاڻي پئيو پئي، جڏهن جاڳيو، تڏهن اهو خواب پنهنجي وزير کي ٻڌايائين ۽ تعبير پڇيائينس، هن کي سماءُ ڪو نه پيو، بادشاهه کي ڪاوڙ آئي، چيائينس ته ”وزير جو ڪم هئڻ گهرجي ته سڀ ڪنهن مشڪلات جي وقت بادشاهه کي ڪم اچي، هاڻي تو کي ٽي ڏينهن مهلت آهي، هن خواب جو سچو تعبير معلوم ڪر، نه ته تو کي قتل ڪرائيندس.“ وزير ڏاڍو پريشان ٿيو، گهڻيءَ ڪوشش پڇا ڪيائين، پر تعبير معلوم ٿي نه سگهيس، لاچار موت جي لاءِ تيار ٿي ويٺو، اها ڳالهه شهر ۾ پکڙي ويئي. شهر کان پنجن ڇهن ميلن اندر هڪڙو جبل هو، انهيءَ جي غار ۾ هڪڙو حڪيم، گوشه نشين ٿي، دنيا کي ترڪ ڪري ويٺو هو، انهيءَ وٽ ويو، جڏهن جبل جي چوٽيءَ تي پهتو، تڏهن ڪن ڇوڪرن کي راند ڪندي ڏٺائين، هڪڙي ڇوڪر سڏ ڪري چيس ته ”اي وزير، تعبير ڪرڻ واري لاءِ ڇو ٿو ڊوڙين؟ انهيءَ خواب جو تعبير مون وٽ آهي“ جڏهن اهو آواز وزير جي ڪن تي پيو، تڏهن گهوڙو انهيءَ ڏي ڊوڙايائين ۽ انهيءَ کي سڏي پڇڻ لڳو ته ”ڇوڪرا، تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن چيو ته ” بوزر جمهر.“ وزير چيس ته ”هيترا حڪيم ۽ عالم انهيءَ خواب جي تعبير ڪرڻ ۾ حيران آهن، تون ڪيئن ان جو تعبير ڪري سگهندين؟ جو اڃا ٻار آهين!“ هن چيو ته ”خدا تعاليٰ سڀ علم موم کي ڏنو آهي.“ وزير چيس ته تڏهن ٻڌاءِ ته انهيءَ خواب جو ڪهڙو تعبير آهي؟“ ڇوڪر چيو ته ”مون کي بادشاهه وٽ وٺي هل ته انهيءَ کي تعبير رونرو ٻڌايان.“ وزير چيس ته”جي برابر تعبير نه ڪيئي ته پوءِ؟“ هن چيو ته ”پوءِ آءٌ تنهنجي بدران پاڻ کي بادشاهه جي حوالي ڪدنس ته ڀلي مون کي قتل ڪرائي،“ نيٺ وزير هن کي وٺي بادشاهه وٽ ويو، بادشاهه وزير تي پاڻ ڏاڍو ڪاوڙيو، ته ”حڪيم ۽ عالم منهنجي خواب جي تعبير کان عاجز آيا ۽ هي ٽن ڏينهن کان پوءِ، هڪڙي ڇوڪر کي انهيءَ مشڪلات حل ڪرڻ لاءِ وٺي آيو آهي.!“ بوزر جمهر عرض ڪيو ته ”حضور، تون مون کي ڇوڪر نه ڄاڻ، ڏس ته اها مشڪلات برابر حل ڪريان ٿونه مگر جيڪي چوڻو اٿم، سو خلاصو چوندس نه ٻين جي اڳيان،“ جڏهن هو ٻيئي خلاصا ٿيا، تڏهن ڇوڪري چيس ته ”تنهنجي حر مسرا ۾ هڪڙي تنهنجي بيگم آهي، تنهن سان ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جو واسطو آهي، اهو ڄڻ ته تو سان گڏ هن ۾ ڀائيوار ٿيو آهي.“ بادشاهه کي ڏاڍي غيرت آئي، شڪل ئي ڦري ويس، هن کي چيائين ته ”ڇوڪرا، منهنجي حرمسرا ۾ گهڻيون ئي زالون آهن، مون کي ڪيئن خبر پوي ته اها ڪهڙي آهي ۽ اها ڳالهه ثابت ڪيئن ٿئي؟“ ڇوڪر چيس ته ”حرمسرا ۾ وڃي، حڪم ڏي ته سڀڪا زال اگهاڙي ٿي، تنهنجي اڳيان لنگهندي وڃي، پوءِ پاڻيهي حقيقت تو کي روشن ٿيندي.“ بادشاهه ائين ڪيو، سڀڪا زال بادشاهه جي اڳيان اگهاڙي لنگهندي وئي، انهن مان هڪڙي نهايت حسن هئي ۽ بادشاهه انهيءَ ڏي گهڻو خيال ڪيو ۽ ڌيان سان نهارڻ لڳس، جڏهن ويجهي آئي، تڏهن ڊپ ۽ دهشت کان اچي ڏڪڻي لڳس، ايتري قدر جو بيهي نه سگهي ۽ ڪري پئي، بادشاهه هڪدم سمجهيو نه هيءَ قصوروار آهي، سچي ڪرڻ لاءِ زور ڪيائينس، آخر هن سچي ڪئي ۽ چيائين ته ”فلاڻي خوبصورت غلام سان ڦاٿل آهي ۽ اهو رات جو لڪچوريءَ وٽس ايندو آهي.“ بادشاهه ٻني زال ۽ مڙس کي سزا ڏني ۽ بوزرجمهر کي پاڻ وٽ رکي تعليم ۽ تربيت ڏياريائينس ۽ آخر اهو سندس مشهور وزير ٿيو.

 

 

فصل اٺون

 

ابن سيرين ۽ ٻين حڪيمن جا تعبير

256- ابن سيرين، وڏن تابعين مان هڪڙو هو، ۽ مشهور عالم، فاضل، فقيهه ۽ عادل ٿي گذريو آهي. سن 110 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين ۽ ستهتر ورهين عمر جو هو. تعبير جي ڪم ۾ حضرت يوسف کان پوءِ انهيءَ جهڙو ٻيو ڪو نه هو، انهي گهڻن عجيب خوانن جا تعبير ڪيا، هڪڙي ڀيري ڪو شخص وٽس آيو ۽ چيائين نه ”تون خواب ڏٺو آهي ته گهڻو رت منهنجي دماغ مان ويو آهي.“ حڪيم چيو ته ”اهو رت نه ويو آهي، پر گهڻو مال تنهنجي هٿان ويو آهي.“ انهيءَ ماڻهوءَ جي بيٺي ٻيو هڪڙو ماڻهو وٽس آيو ۽ ساڳي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس ۽چيائينس ته ”خواب ۾ ٿو ڏسان ته منهنجي دماغ مان مون کي گهڻو رتو آيو آهي.“ انهيءَ کي چيائين ته ”گهڻو مال تو کي هٿ ايندو.“ شاگردن چيس ته ”اي استاد، هنن ٻنهي ماڻهن خواب ته ”تعبير جي علم ۾ رت، مال ۽ موڙي ٿو ڏيکاري‏، اهي علحدا جواب، مون هنن جي علحدن بيانن مان ڪڍيا، پهرئين اچي چيو ته خواب ۾ ڏٺم ته منهنجو رت ويو آهي، تنهن کي چيم ته تنهنجو مال ويندو.هن ٻئي چيو ته مون کي رت آيو آهي، تنهن کي چيم ته هو کي مال ملندو.“

257- ڪنهن ماڻهوءَ ابن سيرين کي چيو ته ”مون خواب ۾ سوسن جو گل ڏٺو آهي.“ هن چيس ته ”هڪ سارو سال، تنهنجو نڀاڳ رهندو ۽ تون سختي ڏسندين.“ هن پڇيس ته ”اهو ڪيئن ٿو چئين؟“ هن چيو ته ”لفظ سوسن مان، سوءَ جي عربيءَ ۾ معنيٰ آهي، بڇڙو، سن، جي معنيٰ سال، يعني هڪڙو سال خراب گذرندو.“

258- ٻئي ڀيري ڪو شخص ابن سيرين وٽ آيو. چيائينس ته ”خواب ۾ ڏٺو اٿم ته مون بيضو يا آنو چورايو آهي ۽ هڪڙي ڪاٺيءَ هيٺ وڃي لڪايو آهي.“ جو تون ڀڙوت جو ڪن ڪندو آهين ۽ زالون وٺي مڙسن کي ڏيندو آهين.“ هن چيس ته ”انهيءِ خواب مان توهان اها معنيٰ ڪيئن ڪڍي؟“ هن چيو ته ”خدا تعاليٰ قرآن ۾ مڙسن کي ”خشت مسندته “سڏيو آهي. ۽ ڪاٺين سان مشابهه ڪيو آهي. خاص منافقن کي، ۽ زالن جي نسبت ۾ قرآن ۾ ”ڪا نهن بيض مڪنون“ چيو آهي يعني زالون، لڪل بيضن يا آنن وانگي آهن. تنهن ڪري آنن کي ڪاٺين هيٺان رکڻ جي معنيٰ آهي. زالون آڻي مڙسن هيٺان رکڻ.“ انهيءَ شخص پنهنجو ڏوهه قبول ڪيو ۽ ابن سيرين جي اڳينا انهيءَ بڇڙي ڪم کان توبهه ڪيائين.

259- هڪڙي فقير خواب ۾ ڏٺو ته پير، جبرئيل عليه السلام تي رکيو نماز ٿو پڙهي، جڏهن جاڳيو، تڏهن ڪن عارف بزرگ وٽ تعبير لاءِ ويو، هن چيس ته ”نماز پڙهندي تنهنجو پير قرآن جي ورق تي آيو آهي.“ هن گهي وڃي چڪاسي ڏٺو ته جتي مصلوي تي پير رکي نماز پڙهندو هو، اتي مصلي جي هيٺان، برابر قرآن جو ورق پيو آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org