باب ڇهون
اعرابين، عالمن ۽ فاضلن جي خوشطبعي جون ڳالهيون
فصل پهريون
اعرابين يا ٻهراڙيءَ وارن عربن جي خوشطبعي
هڪڙو بدوي عرب، مسجد ۾ نماز پڙهڻ آيو، جناب موليٰ عليءَ جن
مسجد ۾ حاضر هئا، عرب تمام تڪڙي نماز پڙهي، جنهن
جي ڪري، نه نماز جا ارڪان برابر ادا ٿيا نه قرائت،
جڏهن نماز پڙهي پوري ڪري ٻاهر وڃڻ تي ٿيو ته جناب
امير المومنين جن فرمايس ته ”اي عرب، نماز صحيح نه
پڙهي اٿئي، وري ٻيو ڀيرو پڙهه.“ عرب وري ٻيو ڀيرو
پوري طرح، آهستو ۽ صحيح پڙهي ۽ زياده نياز نماڻي
سان پڙهيائين تڏهن امير المومنين جن فرمايس ته
”تنهنجي پوئين نماز پهرين نماز کان بهتر هئي، “
عرب ورندي ڏني ته ”پهرين نماز مون خدا جي خوف خان
پڙهي هئي ۽ پوئين تنهنجي خوف کان حضرت موليٰ جن
مرڪي ڏنو.
هڪڙو بدشڪل عرب ۽ امام حسن جي دسترخاني تي حاضر هو، ماني
کائيندي، ڏاڍو حرص ۽ هٻڇ ڏيکاريائين،ا امام صاحب
جن کي هن جو کائڻ جو ڊول ڏسي، ڏاڍو مزو لڳو،
پڇيائونس ته ”ڪهڙو اولاد اٿئي؟“ هن چيو ته ”اٺ
ڌيئون، پڇيائونس ته ”خوبصورت آهن؟“ هن چيو ته
”خوبصورتي ۾ آءٌ انهن کان سهڻو آهيان، پر کائڻ ۾
هو مون کان زياده کائڻ واريون آهن،“ حضرت امام
صاحب مرڪي، هن کي ٻه هزار دينار ڏنا ۽ چيائونس ته
”اهو انعام تنهنجو، تنهنجي زال ۽ اٺن ڌيئرن جو
آهي، عرب خوش ٿي هليو ويو.“
خليفي عمر بن عبدالعزيز هڪڙي شامي عرب کان پڇيو ته ”منهنجا
عملدار، تنهنجي ملڪ ۾ پنهنجو ڪم ڪيئن ٿا ڪن؟“ هن
چيو ته ”جڏهن چشمي جو پاڻي صاف ۽ مٺو آهي، تڏهن
واهين جو پاڻي به صاف ۽ مٺو ٿو رهي.“ يعني جڏهن
تون جو بادشاهه آهين، سو عدل ۽ انصاف وارو آهين.
تڏهن تنهنجا عملدار به اهڙا هوندا.
خليفي منصور، هڪڙي عرب کي چيو ته ”خدا جو شڪرانو ۽ تعريف ڇو نه
بجاءَ ٿو آڻين، جو جڏهن کان آءٌ ملڪ جو بادشاهه
ٿيو آهيان، تڏهن کان وٺي ملڪ مان طائون (پليگ)
نڪري ويو آهي.“ هن چيو ته ”آءٌ ڪيئن خدا جو شڪرانو
ڪريان؟ جو ملڪ مان طاعون ويو، پر انهيءَ کان وڏي
آفت ملڪ تي پئي آهي.!“خليفو اهو جواب ٻڌي ڏاڍو
شرمند ٿيو. پر انهيءَ عرب تي ڏاڍو ڪاوڙيو ، اهو
وير دل ۾ رکي، نيٺ هڪڙي نه ٻئي بهاني تي هن کي
مارائي ڇڏيائين.
هڪڙي عرب، حجاز جي رستي تي حجاج بن يوسف کي ويندو ڏسي ، ڪا بخشش
گهريائين، حجاج هڪالي ڪڍيس، وري ڪنهن ٻئي هنڌ
ويندو ڏٺائينس، تڏهن وري سوال ڪيائينس، هن چيو ته
”اي بيحيا، فلاڻي هنڌ مون کان گهريئي ته لوڌي ڪڍيو
مانءَ هاڻي وري هتي ڇو ٿو سوال ڪرين؟“ هن چيو ته
”ڪي هنڌ سڀاڳا ٿينداس آهن، ڪي نڀاڳا! هو پهريون
هنڌ منهنجي لاءِ نڀاڳو هو، من هيءُ سڀاڳو هجي!“
حجاج کلي ڏنو ۽ هن کي بخشش ڏنائين.
بغداد جي هڪڙي خليفي هڪڙي هنڌ ماني ٿي کاڌي، جتي هڪڙي ٻهراڙي جي
عرب به ماني ٿي کاڌي، اهو اڳي ڪڏهن شهر ۾ نه آيو
هو، ٻئي هڪڙي رڪابيءَ مان کائڻ ويٺا هئا، اتفاق
سان خليفي جي نظر هن جي گهرن ۾ پئي، جنهن ۾ هڪڙو
وار پيل هو، عرب کي چيائين ته ”تنهنجي گرنهن ۾ وار
پيو آهي، سو ڪڍي ڇڏ!“ عرب، هڪدم اهو گرنهن
دسترخاني تي رکي اٿي کڙو ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”جيڪو
شخص مهمان جي گرنهن ۾ اهڙيون اکيون وجهيو ويٺو
آهي، جو انهيءَ ۾ پيل وار به پيو ڏسي، تنهن جي
ماني مون کي کائڻي نه آهي!“
هڪڙي ڀيري، حجاج شڪار ڪندي، پنهنجن سپاهين کان پري پئجي ويو،
ڏاڍي اڃ لڳيس. هڪڙي بٺيءَ تي چڙهي ويو، اتي هڪڙو
عرب ويٺل ڏٺائين، جو ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هو ۽ سندس
اٺ آسپاس پي چريا، حجاج کي ڏسي اهي ٽهي اٿي ڀڳا،
اعرابيءَ منهن مٿي ڪري، حجاج کي ڏسي ڪاوڙيو، چوڻ
لڳو، ته ”لعنت هجي، خدا جي، جو اهڙا زريءَ جا
چمڪندڙ ڪپڙا ڍڪي آيو آهين، جو منهنجا اٺ ئي ٽاهي
ڇڏيا اٿئي! ”حجاج ٻيو ڪي به ڪين چيو، فقط ايترو
چيائين ته ”السلام عليڪ و رحمة الله و برڪاة “.
وبرڪاته“ يعني چيائينس ته تو تي سلام، خدا جي رحمت
۽ برڪت شل نه هجي، حجاج پاني گهريس، هن چيس ته ”اٺ
تان لهي هيٺ ٿيءَ ۽ نماڻو ۽ ذليل ٿي پاڻي گهر ته
پيئڻ لاءِ ڏيائين، خدا جو قسم، آءٌ ڪنهن جو نوڪر
ڪين آهيان.“ حجاج لهي هيٺ ٿيو ۽ پاڻي وٺي، پي، وري
چڙهيو، پوءِ پڇيائينس ته ”اي اعرابي، ماڻهن مان سڀ
کان ڀلو ڪير آهي؟“ هن چيو ته حضرت محمد رسول الله
ﷺ آهي، تنهنجو نڪ شل وريل هجي!“ وري پڇيائينس ته
”علي ابن ابيطالب جي نسبت ۾ تون ڇا ٿو چوين؟“ هن
چيو ته ”اهو رسول الله جو سئوٽ ۽ وصي آهي، انهيءَ
جي تعريف منهنجي ڪرڻ کان ٻهار آهي، تنهنجون اکيون
شل انڌيون هجن!“ وري پڇيائينس ته ”خيلفي عبدالملڪ
بن مروان جي نسبت ۾ ڇا ٿو چوين؟“ هن چيو ته ڪ”خراب
ماڻهو آهي، هن جا گناهه ۽ ظلم اڀرندي کان وٺي
الهندي تائين ملڪ ۾ پکڙجي ويا آهن، جو حجاج جهڙي
ظالم ۽ فاسق ۽ فاجر کي کڻي مسلمانن جي مٿان حاڪم
ڪيو اٿس.“ حجاج ڪي به ڪين ڪڇيو، اوچتو پاسي کان
هڪڙو پکي آواز ڪري اڏاڻو، اعرابيءَ حجاج ڏي منهن
ڪري چيو ته ”تون ڪير آهين؟“ حجاج چيو ته ”اهو سوال
هينئر ڇو ٿو ڪرين؟“ حجاج چيو ته ”هن پکيءَ مون کي
ٻڌايو ته جنهن لشڪر جو سردر تون آهين، سو اجهو ٿو
اچي.“ ائين ڪندي، حجاج جا سپاهي به اچي اتي نڪتا ۽
سلام عليڪم ڪيائونس، اعرابيءَ جڏهن اهو تجمل ۽
دٻدٻو ڏٺو، تڏهن ڊنو، حجاج جي حڪم موجب سپاهين هن
کي به ساڻ کنيو ۽ سندس اٺن کي به جهليائون، جڏهن
ٻئي ڏينهن مڪنزل تي مانيءَ جو دستر خوان وڇايائون،
تڏهن حجاج اعرابيءَ کي به سڏايو، هن اچڻ سان چيو،
”السلام عليڪم ورحمة الله و برڪاة“ حجاج چيس ته
”جيئن ڪالهه تو منهنجي سوال جو جواب ڏنو هو، تيئن
آءٌ نٿون چوان، آءٌ چوان ٿه ”وعليڪم السلام و رحمة
الله و برڪاة.“ هاڻي ويهي مون سان گڏ ماني کآءٌ!“
اعرابيءَ ويهي رهيو ۽ هٿ ڊگهو ڪري چوڻ لڳو ته ”بسم
الله انشاء الله جيڪو طعام اڳيان اچي سوشل سڀاڳو
هجي!“ حجاج کليو ۽ پنهنجن ماڻهن کي چيائين ته
”اوهان کي ڪا بخر آهي ته ڪالهه هن مون سان ڪهڙي جٺ
ڪئي هئ؟“ اعرابيءَ چيو ته ”اي امير، ڪلهو ڪو ڳجهه
جيڪو تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ٿي گذريو، سو ظاهر نه
ڪر، شل خدا تنهنجو ڀلو ڪري!“ تڏهن حجاج چيس ته ”اي
اعرابي، ٻن ڪمن مان هڪڙو اختيار ڪر، يا مون وٽ رهه
ته تو کي آءٌ پنهنجن خص صحبت وارن مان ڪريان يا جي
چيون ته ته تو کي خليفي عبدالملڪ وٽ ڏياري موڪليان
۽ جيڪي انهيءَ جي نسبت ۾ تو ڪالهه چيو هو، تنهن جي
هن کي خبر ڏيان؟“ اعرابيءَ چيو ته ”اهي ٻه ڪم تو
چيا، باقي ٽيون به آهي.“ حجاج پيو ته ”اهو ڪهڙو
آهي؟“ هن چيو ته ”هيءَ ته مون کي ڇڏ ته آءٌ صحيح
سلامت پنهنجي ڳوٺ وڃان ۽ تو کي وري نه ڏسان ۽ نه
تون مون کي ڏسين؟“ هجاج کلي ڏنو ۽ هن کي هزار درهم
انعام ڏئي، اٺن سميت موڪل ڏنائينس ته پنهنجي قبيلي
ڏي وڃي.
هڪڙي ڏينهن، بغداد جي هڪ خليفي، هڪڙو ڪتبا ٿيل گهيٽو پنهنجي
اڳيان کائڻ لاءِ رکيو ته اوچتو هڪڙو اعرابي بدوي
اچي نڪتو، خليفي انهيءَ کي پاڻ سان گڏ کائڻ لاءِ
ويهاريو، هو وڏا وڏا گرنهن کڻندو ۽ تڪڙو تڪڙو کائڻ
لڳو، خليفي پچيس ته ”تون هن گهيٽي جو گوشت اهڙي
جوش ۽ ڪاوڙ سان ٿو کائين، جو ڄڻ ته هن جي پيءُ تو
کي سڱن سان ٽڪر هنيا؟“ اعرابيءَ چيو ته ”ائين
ناهي، اوهين ان جو گوشت اهڙي شوق ۽ محبت سان ٿا
کائو، جو ڄڻ ته اوهان هن جي ماءُ جو کير ڌاتو
آهي.“ خليفي کي هن جو جواب گهڻو پسند آيو ۽ هزار
درهم انعام ڏنائينس.
هڪڙي اعرابيءَ جي ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ڪم جي لاءِ خليفي کي عرض
ڪيائين، پر خليفو انهيءَ مهل بيمار هو، تنهن ڪري
هن سان سختيءَ مان ڳالهائين،. اعرابيءَ ڏانهنس
نهاري چوڻ لڳو ته ”اي وقت جا خليفا، خدا تو کي
اهڙيءَ شيءَ عططا ڪئي آهي، جا حضرت محمد رسول الله
ﷺ کي به عطا نه ڪئي هئائين!“ خليفي هڪل ڪري چيس ته
”اي بيوقوف، هيءَ ڪهڙيءَ ڳالهه ٿو ڪرين؟“ هن چيو
ته ”آءٌ سچ ٿو چوان، خدا تعاليٰ حضرت محمد مصطفيٰ
کي عظيم خلق عطا فرمايو هو ۽ تو کي بد خلق ڏنو
اٿس، هاڻ چئو ته آءٌ سچ ٿو چوان يا ڪوڙ ٿو چوان؟
جيڪي تو کي ڏنو اٿس، سو پنهنجي حبيب کي نه ڏنو
اٿس.“ خليفي تي انهيءَ جي ڳالهه گهڻو اثر ڪيو ۽ هن
جو هڪدم ڪم ڪيائين.
هڪڙي ڏينهن، اصمعي، جو عالمن ۽ فاضلن مان هڪڙو هو، سو هارون
الرشيد جي خونچي تي ويٺو هو ۽ فالودو ۽ ماکي به
حاضر هئا، اصمعي چيو ته ”ڪيترائي عرب آهن، جن
فالودو ۽ ماکي ڏٺي ته ناهي، پر انهن شين جو نالو
ٻڌو اٿن،“ خليفي چيو ته ”انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ۽
شاهدي گهرجي جو اهڙي ڳالهه ناممڪن آهي، جي اهڙو
دليل نه هوندو ته تنهنجي ڳالهه ڪوڙي چئبي ۽ اهڙي
ڪوڙي ڳالهه ڪرڻ، تو جهڙي عالم کي نٿي جڳائي،“
اصمعيءَ اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پنهنجي ڳالهه جي
ثابتي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين، اتفاق سان انهيءَ
ڏينهن، خليفي سان گڏجي شڪار تي ويو، هڪڙو اعرابيءَ
ٻهراڙيءَ کان پئي آيو، خليفي اصمعيءَ کي چيو ته
انهيءَ عرب کي مون ڏي وٺي آءٌ اصمعي انهيءَ وٽ ويو
۽ چيائينس ته ”امير المومنين تو کي ٿو سڏي هل!“ هن
چيو ته ”مومنين کي ڪو امير به ٿيندو آهي ڇا؟“
اصمعيءَ چيو ته ”هائو“ هن چيو ته ”منهنجو انهيءَ
تي ايمان ڪونهيءَ اصمعيءَ چيو ته ”چپ ڪر، اي زاني
زال جا پٽ!“ اعرابي ڪاوڙجي پيو ۽ اصمعي جي غريبان
کان کڻي ورتائين ۽ هيڏي هوڏي گهلڻ لڳس، خليفي کي
هن جو حال ڏسي کل آئي، انهيءَ کانپوءِ، اعرابي هن
کي ڇڏي، خليفي وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ته ”اي امير
المومنين هن شخص جي خاطر نه پر منهنجي خاطر هن کان
منهنجو حساب وٺ، جو مون کي گاريون ڏينون اٿس،“
خليفي هن چيو ته ”ٻه درهم هن کي ڏي!“ اعرابيءَ چيو
ته ”سبحان الله گارين ڏيڻ جي سزا اها آهي، جا تون
ٿو ڏين؟“ خليفي چيو ته ”بس اسان جو حڪم اهو آهي.“
اعرابيءَ اصمعيءَ ڏي منهن ڪري چيو ته ”اي بن راني
زلان جا پٽ، هليو وڃ ۽ امير جي حڪم موجب، هي چار
درهم وٺ!“ خليفي کي ايتري کل آئي، جو ذري گهٽ
گهوڙي تان ٿي ڪريو، پوءِ اعرابيءَ کي پاڻ سان گڏ
پنهنجي محلات ڏي وٺي ويو، جو اڳي اهڙو ماڻهو ڪو نه
ڏٺو، هئائين، بادشاهه کي تخت تي ويٺل ڏسي، وٽس وڃي
چيائين ته ”السلام عليڪم يا الله“ خليفي چيو ته
”بيعقل تو به ڪر ائين نه چو!“ تڏهن هن چيو ته
”السلام عليڪم يا نبي الله“ خليفي چيو ته ”اي
نادان، هي ڇا ٿو چوين؟“ جيڪي حاضر هئا، تن چيس ته
چو، ”السلام عليلڪم يا امير المومنين.“ تڏهن هن
ائين چيو ته ماني آنيو، جواب ڏئي ويهاريس ۽ حڪم
ڏنائين ته ماني آڻيو، دستر خوان وڇائجي ويو ۽
انهيءَ تي قسمين قسمين جا طعام رکجي ويا، اهي سڀ
کاڌائين، پڇاڙي ۾ فالودو آندائون، اصمعيءَ چيو ته
”مون کي شڪ آهي ته هن کي خبر نه پوندي ته هيءُ ڇا
آهي.
خليفي چيو ته ”جي ائين هوند ته تو کي سون جي بدڙي ڏيندس،“
اعرابي هٿ ڊگهو ڪري فالودو کائڻ لڳو، پر کاڌائين
اهڙيءَ طرح جو معلوم ٿي سگهيو ته هن اڳي ڪڏهن به
اهو نه کاڌو آهي، خليفي پڇيس ته ”اهو ڇا آهي، جو
کائين ٿو؟“ هن چيو ته ”قسم خدا جو، مون کي خبر
ناهي، قرآن ۾ آهي ته ؛ بهشت ۾ کارڪن ۽ ڏاڙهن جا وڻ
آهن، اسان وٽ کارڪن جي هڪڙي کجي آهي، هي ڀانئيان
ٿو ته ڏاڙهون آهي.“ اصمعي عرض ڪيو ته ”مون بدڙيون
کٽيون نه رڳو فالودو نه سڃاتائين، پر ڏاڙهون به
نٿو سڃاڻي!“ خليفو کليو ۽ اصمعيءَ کي ٻه بدڙيون
ڏنائين ۽ اعرابيءَ کي هزار دينار انعام ڏئي سندس
قبيلي ڏي روانو ڪيائين.
169- هڪڙو عرب، ٻهراڙيءَ مان آيو ۽ ڏاڍي بک هيس، اڳيان ٻيو هڪڙو
عرب ڪٿي ويٺل ڏٺائين، جنهن پنهنجي ڳوٿريءَ مان
ماني ۽ گوشت ڪڍيو، ويٺي کاڌائين، هو بکايل عرب
انهيءَ وٽ وڃي ويٺو، انهيءَ کان هن ماني کائيندڙ
عرب پڇيو ته ”ادا، تون ڪهڙي قبيلي کان ٿو اچين،؟“
هن چيو ته ”تو واري قبيلي کان.“ پڇيائيس ته
”منهنجي گهر وٽان ڪي لنگهين؟“ هن چيو ته ”هائو، سڀ
خير هو، ملڪ آباد هو، سڀ خوش هئا.“ وري پڇيائينس
ته ”منهنجو ڪتو ڏٺئه جنهن جو نالو بقاع آهي؟“ هن
چيو ته ”هائو، ڏٺو هوم. رڍن جي ڌڻ جي سنڀال ٿي
ڪيائين،“ وري پڇيائينس ته ”منهنجو پٽ خالد ڪي گڏيو
هوءَ؟“ هن چيو ته ”هائو، مڪتب ۾ آخوند وٽ ويٺو هو؟
وري پڇيائينس ته “منهنجي زال ملي هئي؟“ هن چيو ته
”هائو، انهيءَ جهڙي خوبصورت ۽ پرهيزگار ساري قبيلي
۾ ڪانهي!“ وري پڇيائينس ته ”منهنجو اٺ، ابڪش، ڏٺو
هئي؟“ هن چيو ته ”هائو اهو ٿلهو متارو بيٺو هو.“
وري پنهنجي گهر ۽ ماڙيءَ جو پڇيائينس. انهيءَ جي
لاءِ به چيائينس ته ڏاڍي عاليشان چڱي جاءِ آهي ۽
اهڙي اڳي مون ڪڏهن ڪا نه ڏٺي هئي. جڏهن عرب کي
خاطري ٿي ته منهنجي ڳوٺ مان ماڻهو آيو آهي ۽ هر
طرح خير آهي. تڏهن انتظار کان سواءِ ويهي ماني
کائڻ لڳو ۽ هن کي صلاح ڪا نه ڪيائين، جڏهن انهيءَ
بکايل عرب ڏٺو ته هيتري قصي ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ مان
مون کي فائدو ڪو نه ٿيو ۽ ته منهنجي بک لٿي، تڏهن
ڏاڍو ڏکارو ٿيو، هڪڙو ڪتو،اتي اچي نڪتو انهيءَ ٻئي
عرب هن کي هڏو اڇلائي ڏنو ۽ پاڻ ڳوٿري کڻي، پٺن تي
رکي اڳتي هلڻ جي ڪيائين ٿي، تڏهن بدوي عرب چوڻ لڳو
ته ”هاءِ هاءِ! جي تنهنجو بقام جيئرو هجي ها ته
بلڪل هن ڪتي جهڙو مضبوط هجي ها.“ عرب پڇيس ته ”ڇو،
بقاع مري ويو آهي ڇا؟“ هن چيو ته ”هائو، تنهنجي اٺ
جا جيرا گهڻا کاڌئين، تنهن ڪري مري ويو،“ عرب پڇيس
ته ”اٺ کي ڇا ٿيوهو؟“ هن چيو ته ”ناهي کي ڪٺو
هئائون، جو تنهنجي پٽ خالد جي مآءٌ مري ويئي هئي،
تنهن جي ماني ڪئي هئائون،“ هن پڇيو ته ”خالد جي
ماءُ ڪيئن مئي؟“ هن چيو ته تنهنجو گهر اوچتو ڪري
پيو، انهيءَ هيٺان خالد اچي مري ويو ۽ ساڻس انهيءَ
غم کان بيمار ٿي مري وئي.“ جڏهن عرب ڏٺو ته منهنجو
سارو گهر ويران ٿي ويو، تڏهن کاڌي جي ڳوٿري به اتي
ڇڏي، گهوڙا گهوڙا ڪندو ڳوٺ ڏي ڀڳو ۽ هو بکايل عرب،
اها ڳوٿري کڻي ماني ڪڍي فرحت سان ويهي کائڻ لڳو ۽
خدا تعاليٰ کان دعا گهري ۽ انهيءَ جو شڪرانو بجا
آڻي هليو ويو.
170- هڪڙي نصراني عرب کي يمن جو حاڪم مقرر ڪيائون، انهيءَ يهودي
قسلن کي پان وٽ سڏي چيو ته ”حضرت عيسيٰ روح الله
جي نسبت ۾ اوهين ڇا ٿا چئو، هو آسمان ڏي هليو ويو
يا نه؟“ هنن چيو ته ”اهڙو ويساهه اسان کي ڪيئن
هوندو، جڏهن اسان پنهنجن هٿن ساسن هن کي صليب تي
چاڙهيو ۽ ماريو.“ تڏهن نصراني حاڪم حڪم ڪڍيو ۽
”هنن سڀني کي زنجير وجهي وڃي قيد ڪريو، جو آءٌ
حضرت عيسيٰ جي طرف وارن منجهان آهيان، هيءَ پنهنجي
وات سان قبول ڪن ٿا ته اسان هن کي ماريو هو، تنهن
ڪري انهيءَ جو خون بدلو هنن کان وٺندس!“ انهيءَ
طرح انهن کان وڏي رقم وٺي، پوءِ هنن کي معافي
ڏنائين.
171- هڪڙي عرب کان پڇيائون ته ”جڏهن تنهنجو ڀاءُ مري ويو هو،
تڏهن پنهنجي زال جي لاءِ ڪهڙي ميراث ڇڏيائين؟“ هن
چيو ته ”ٻي ته نه، فقط چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن عدت
جا.“
172- هڪڙي عرب، موسيٰ نالي ڪنهن حوض تي وضو ڪندي ناحي جي ڳوٿري
لڌي، وضو ڪري وڃي نماز ۾ جماعت سان گڏ، شامل ٿي
بيهي رهيو، پر جيڪا ڳوٿري لڌي هئائين، سا هٿ ئي ۾
هيس، جڏهن ملي قرآن جي سورت پڙهندي، هيءَ آيت پڙهي
ته ”ماتلڪ يمينڪ يا موسيٰ“ يعني اي موسيٰ اها
تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ تڏهن عرب دانهن ڪري چيو
ته ”اي ملا تون ڪو اولياءَ يا جادوگر ٿو ڏسجين!
پوءِ وٺ پڄ ۾ نماز پوري ڪري، آخوند جي اڳيان، اها
ڳوٿري ڇڏي، اٿي ڀڳو ته متان چور ڪري جهلين.
فصل ٻيو
عالمن ۽ فاضلن جي خوشطبعي
173- هڪڙي عرب جي ڳالهه ٿا ڪن ته امام حسين عليه السلام جي مجلس
۾ آيو ۽ ٿورو وقت نوڪر ٿي رهيو، جڏهن ڇڏي ويو،
تڏهن ماڻهن کانئس پڇيو ته ”امام جي مجلس ڪيئن
ڏٺيئه؟“ هن چيو ته ”رائيٽ الداخل راجيا والخارج
راضيا“ يعني ايندڙ کي اميدوار ڏٺم ۽ ويندڙ کي راضي
ڏٺم!
174- معبدي، عرب جي مشهور فصيح ۽ بليغ ماڻهن مان آهي، اهو بدن ۾
تمام ضعيف ۽ حقير هوندو هو، هارون الرشيد جي اڳيان
هن گهڻي تعريف ڪيائون، انهيءَ جي ڏسڻ جو شو ق
ڏيکاريائين، جڏهن معبدي هارون جي دربار ۾ گهڙيو ۽
هارون جي نظر مٿس پيئي، تڏهن اهو هن کي تمام حقير
ڏسڻ ۾ آيو، چوڻ لڳو ته ”معبديءَ جو نالو ٻڌڻ خود
سندس ڏسڻ کان بهتر آهي.“ هن ورندي ڏني ته ”ماڻهو
پنهنجي سڀ کان ننڍي عضوي جي ڪري سياپي ٿو ۽ ماڻهو
سڏجي ٿو.“ يعني دل جي ڪري ۽ زبان جي ڪري. هارون هن
جو جواب ٻڌي، حيران ٿيو ۽ هن کي گهڻي تعظيم
ڏنائين.
175- هڪڙي ڏينهن ابوالعينا، عبدالرحمان بن خاقان جي مجلس ۾ ويو،
جو وقت جي اڪابرن ۽ دولتمندن مان هو، اتفاقاً
انهيءَ ڏينهن سردي هئي، عبدالرحمان پڇيس ته
”ههڙيءَ سرديءَ ۾ ڪيئن ٿو گذارين؟“ هن چيو ته
”اوهان جون نعمتون ايتريون آهن، جو مون کي سرديءَ
جي ڪابه خبر ڪانهي.“ عبدالرحمان کي هن جو اهو جواب
ڏاڍو وڻيو ۽ شاهاڻيون خلعتون ڏئي روانو ڪيائينس.
176- ساڳيو اهو ابوالعينا، هڪڙي ڀيري غريباڻيءَ پوشاڪ ۾ ۽
فقيراڻي حال ۾ اصفهان ڏي ويو، گهٽين جي ڇوڪرن پاڻ
۾ راند ويٺي ڪئي ۽ هڪ ٻين کي پهڻ پئي هنيائون،
هڪڙي جو پهڻ، هن جي مٿي ۾ وڃي لڳو، ۽ مٿو ڦاٽي پيس
۽ ڪپڙا رت سان ڀرجي پيس، ڏاڍو ملول ٿيو، هڪڙو دوست
انهيءَ شهر ۾ سمجهندو هوس، تنهن جي ڳولي لهڻ لاءِ
سارو ڏينهن رليو، نيٺ سمهاڻيءَ جي نماز کانپوءِ
انهيءَ کي لڌائين، ڏاڍيءَ بک ۾ وٽس لنگهي ويو،
اتفاق سان انهيءَ رات، انهيءَ سندس دوست جي گهر ۾
ڪي به ڪين هو، جو کائي ۽ بازار به بند ٿي وئي هئي،
ساري راست بک ۾ گذاريائين، صبح جو وزير وٽ آيو،
جنهن جو نالو مهذب هو، انهيءِ پڇيس ته ”ڪهڙي ڏينهن
شهر ۾ آيو آهين؟“ هن قرآن مان چيو ته ”في يوم نجس
مسترمر“ ، يعني نحس ڏينهن تي، هن پڇيس ته ”ڪهڙي
گهڙي ۾؟“ هن چيو ته ”في ساعقه العره“؟ يعني ڏک جي
گهڙيءَ ۾ پڇيائينس ته ”ڪٿي لٿل آهين؟“ هن ورندي
ڏني ته ”بيواد غير ذي زرع“ يعني انهيءَ واديءَ ۾،
جنهن ۾ ڪا به پوک ڪانهي! مهذب کلي ڏنو ته هن کي
گهڻو انعام ڏنائين.
فصل ٽيون
فاضلن ۽ عالمن جا ڪي مشهور ضرب المثل
177- پهرين پنج حديثون آهن، حضرت جن جون:
(1) المومن مرائت المومن، يعني هڪڙو مومن ٻئي مومن
جي آرسي آهي، جنهن ۾ دل جي صاف هئڻ ڪري هڪ ٻين جا
عيب ۽ هنر ڏسي سگهجن ٿا، (2) لايدغ المومن مين
حجره مرتين يعني مومن هڪڙي ٽنگ مان ڪڏهن به ٻه
ڀيرا به ٽنگبو، يعني جتان هڪڙي هنڌان ايذاءَ
پهچندس، اتي وري سنڀال ڪري نه ويندو، (3) انزالو
الناس من منازلهم، يعني ماڻهن کي سندسن منزلن تان
هيٺ آڻيو، يعني هر ڪڪنهن کي سندس رتبي ۽ درجي
موجب زياده يا گهٽ عزت ڏيو، جيئن چيل آهي، ڪلام
الملوڪ ملوڪ الڪلام، يعني بادشاهن جو ڪلا م، ڪلامن
۾ بادشاهه آهي، يعني سڀ ڪنهن جو ڪلام سندس درجي ۽
مرتبي آهر چڱو يا بڇڙو آهي. (4) اليد العليا خير
من يد السفليٰ يعني مٿانهون هٿ هيٺانهين هٿ کان
بهتر آهي، يعني ڏيندڙ يا سخيءَ جو هٿ، وٺندڙ يا
فقير جي هٿ کان بهتر آهي، (5) اطلبواالخير عند حسن
الوجوه يعني نيڪيءَ کي چڱي منهن وارن وٽ ڳوليو،
يعني منهن جي چڱائي معتدل مزاج جي نشاني آهي ۽
معتدل مزاج چڱي عادت ۽ اخلاق جي نشاني آهي ۽ ڪو به
طالب چڱي منهن واري ماڻهوءَ کان نا اميد ٿي نه
موٽندو.
178- پنج ڪلام جناب موليٰ علي عليہ السلام جا (1) اذاتم العقل
نقص الڪلام، يعني جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو عقل ڪماليت
کي پهچندو، تڏهن گهٽ ڳالهائيندو ۽ ڏاڍي ويچار کان
پوءِ سنڀالي ڳالهائيندو، (2) بشاشته الوجه صالته
المود ته يعني خوش ۽ کليل منهن دوستيءَ جو دام
آهي(3) الفرصة تمر ڪمر السحاب يعني فرصت جو وقت
ڪڪر وانگي لنگهيو وڃي، تنهنڪري وقت کي غنيمت ڄاڻڻ
گهرجي ۽ ٻئي هنڌ به فرمايو اٿس ته فاغنموا فرص
الخير، يعني چڱين فرصتن کي غنيمت شمار ڪريو، (4)
لسان العاقل واءِ قلمھ و قلب الاحمق واءِ سانہ
يعني ڏاهي ماڻهوءِ جي زبان سندس دل جي پٺيان آهي ۽
بيعقل جي دل، سندس زبان جي پٺيان آهي، يعني ڏاهو،
دل ۾ ويچار ڪري پوءِ ڳالهائيندو ۽ بيعقل پهرين
ڳالهائي پوءِ ويچار ڪندو، (5) نور علي اليقيف خير
من صلواقه في شڪ يعني يقين دل ۾ هجي ته پوءِ ننڊ ۾
انهيءَ نماز کان بهتر آهي جا شڪ جي حالت ۾ ادا
ڪجي.
179- ٻاويهه قول يا مثل ٻين عربن جا:
(1) الارجاف مقدمه الڪولن، يعني افواهون سچي پچي
انهن ڳالهين جي ٿيڻ جون اڳواڻ آهن، يعني پهرين
جهان ۾ هل ٿو اٿي، پوءِ غيب مان واقعا ظاهر ٿين
ٿا، (2) الحر حروان مرالضر، يعني آزاد ماڻهو نيٺ
آزاد آهي! تنگدستي اچي ورائي، العبد عبد وان مشي
علي الدر ۽ ٻانهون نيٺ ٻانهو آهي، جيتوڻيڪ موتين
جي مٿان هلندڙ هجي، يعني ڪمينو نيٺ ڪمينو هوندو،
پوءِ ڪهرو به دولتمند هوندو. (3) الصيبي ضبي و الن
لقي النبي يعني ڇوڪر نيٺ ڇوڪر آهي، اگرچ ڪنهن
نبيءَجي ملاقات ڪئي هجيس، مطلب ته بيعقلن کي بزرگن
جي صبحت مان ڪو به فائدو ٿي ڪين سگهندو، (4) العزل
طلاق الرجل، يعني مڙس جي لاءِ طلاق اهي، نوڪريءَ
کان موقف ٿيڻ، مطلب ته ڪم کان سواءِ مڙس ماڻهو به
ڄڻ بيوهه زال آهي، (5) القرض مقواض المحبته يعني
قرض محبت جي ڪئنچي آهي، يعني قرض جي ڪري، دوستي
ڇڄي ٿي پوي، ۽ قرض دوست کي دوست کان ڌار ڪري، (6)
الليل حبلي لاندري ماتلد، يعني رات ڍڪي آهي، خبر
ناهي ته ڇا ڄڻي! مطلب ته رات جي اندر گهڻائي حادثا
وارد ٿي سگهن ٿا. (7) الهزيمته في وقته ظفر يعني
ڀڄڻ مناسب وقت تي فتح جي برابر آهي، جيئن سنڌيءَ ۾
پهاڪو آهي؛ ”جتي پڄڻ ناهي وس، اتي ڀڄڻ ڪم وريام
جو.“ (8)من غائب خان واڪل نصيب الاصحاب يعني جيڪو
ماني کائڻ وقت غير حاضر رهيو، تنهن جو نصيب سندس
دوست ٿا کائين(9) من لم يڪن ذئبا اڪلتھ الڪلاب،
يعني جيڪو بگهڙ نه ٿيندو، تنهن کي ڪتا کائي ويندا،
يعني جيڪو بدن ۾ ضعيف هوندو، تنهن تي نفس غالب
پوندو، (10) من يضرڪ حيوانھ فموتھ عرس لڪ يعني
جنهن جي حياتيءَ مان تو کي نقصان آهي، تنهن جو موت
تنهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي، (11) انمايخدع
الصبيان بالز بيب يعني تحقيق ٻارن کي ڊاک تي
ٺڳاريندا آهن، مطلب ته بيعقل ۽ نيچ ماڻهو يا جي
خسيس، شيءِ تي ٺڳجي پون ٿا، (12) من ڪثره الملاحين
غرقت السفينته يعني گهڻن مهاڻن جي ڪري، ٻيڙي ٻڏندي
آهي، مطلب ته مختلف رايو، چڱو ڪم به بگاڙي
ڇڏينديون آهن (13) ڪل الصيد في جوف القريٰ يعني سڀ
شڪار، گورخن جي پيت ۾ آهي، عرب ۾ دستور پهريون وڏو
جانور، گورخرن جي پيٽ ۾ آهي، عربن ۾ دستور پهرين
وڏو جانور گورخرن جهڙو شڪار ڪري پوءِ ٻيا ننڍا
ننڍا جانور يا پکي جيڪي شڪار ڪندا آهن، سي انهن ۾
وجهي ڀري، گهر آڻيندا آهن، اهو مثل انهن ماڻهن سان
لاڳو ٿيندو آهي، جي سچي پچي فضيلت ۽ ڪماليت وارا
هوندا آهن، (14) اولادنا آڪبادنا، يعني اسان جو
اولاد، اسان جا جگر آهن، يعني پيءُ کي پٽ جي
ايذاءَ جو اهڙو سيڪ ٿو اچي، جهڙو ڄڻ ته جگر کي
ايذاءُ ٿو رسي، (15) عصفور افي يدڪ خير من الڪرڪي
في الهواءِ يعني تنهنجي هٿ ۾ جهرڪي، انهيءَ ڪونج
کان بهتر آهي، جا مٿي هوا ۾ هجي، اهڙو هڪڙو ٻيو
مثل آهي ته ”غبار العمل خير من زعفرانب العطلته“
يعني مشغوليءَ جي مٽي به بيڪاريءَ جي زعفران کان
بهتر آهي،(16) غبار الغنم ڪهل عين الذئب، يعني رڍن
جي ڌڻ جي مٽي بگهڙ جي اکين جي لاءِ سرمو آهي، يعني
ڌڻ ڏسڻ ڪري بگهڙ جون اکيون روشن ٿيون ٿيون ۽ خوش
ٿو ٿئي ته شڪار ڄاڻ ته لڳو، (17) فلان بني قصرا
وهدم مصيرا، يعني فلاڻي ماڻهوءَ شهر ڊاهي، ماڙي
ٺاهي (18) فلان يسرق الرمان ويتصدق علي المرضيٰ،
يعني فلاڻو ڏاڙهون چورائي، بيمارن کي خيرات يا
صدقو ڪري ٿو ڏئي، (19) فلايطلب الغنيمته في
الهزيمته، يعني فلاڻو ڀڄڻ کي غنيمت ٿو ڄاڻي يا ڀڄڻ
کانپوءِ لٽ جي مال جي اميد ٿو رکي.
(20) فلان ڪالنعامه يڪون جملا اذا قيل طيري يطير واذا قيل لها
اجملي، يعني فلاڻو شتر مرض وانگي آهي، جڏهن چئجيس
ٿو ته اڏام تڏهن چوي ٿو ته آءٌ اٺ آهيان، جڏهن
چئجيس ٿو ته بار کڻ، تڏهن چوي ٿو ته آءٌ پکي آهيان
(21) فلان ڪالعصفور ان ارلسھ فات و ان قبضت عليه
مت، يعني فلاڻو جهرڪي وانگي آهي، جيڪڏهن ڇڏي ڏجين
ٿو ته فوت ٿيو وڃي، يعني اڏاميو گم ٿيو وڃي ۽ جي
هٿ ۾ قابو ٿو ڪجيس، ته مريو پوي، (22) لامان الهره
علي اللحم و الڪلب علي الشهم يعني گوشت تي ٻليءَ
کان امن وارو نه رهه، نڪيءَ چرٻي تي ڪتي کان يعني
منافقن ۽ ظالمن تي ويساهه نه ڪر ۽ انهن کان پري
رهه. |